سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :5

 

يورپ جي ٿڌي هوا کان برف ڪوسي

منهنجو هيڏانهن سئيڊن ڏانهن اچڻ جو فيصلو بلڪل آخري وقت تي ٿيو. آخري ڏينهن تائين ”ها _ نه“ پئي ٿي. اهڙي ٻڏتر واري حالت ۾ ڪنهن مائٽ مٽ يا دوست کي ٻڌائڻ به صحيح نٿي لڳو. ماڻهو اچي موڪلائي وڃن ۽ پوءِ نه ٽڪيٽ اچي ۽ نه وڃڻ جو پروگرام پهچي ته اها خواريءَ جي ڳالهه ٿي. ان کان بهتر آهي ته جيڪو پڇي ان کي آخر تائين اهوئي چئجي ته پڪ ناهي. ۽ هونءَ به چوندا آهن ته:

There is always a Slip

Between cup and Lip

آخري وقت تي به ڪو اهڙو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. جنهن ڪري انسان جي سوڀ هار ۾ بدلجي سگهي ٿي.

اسان جي يار غلام سرور کيڙي _ جيڪو اسلام آباد ۽ لاهور پاسي ڪافي رهي چڪو آهي، تنهن کي هفتي ٻن کان ضرور پئي چيم ته اسلام آباد مان واقفڪار کان معلوم ڪرائي ڏي ته منهنجي سئيڊن وڃڻ جي پڪ آهي يا نه، جيئن ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ اتي جي سخت سيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي لنڊا بازار مان اوور ڪوٽ وٺي وڃان.

سئيڊن دنيا جو اهو مهنگو ملڪ آهي جنهن جون دانهون انگلينڊ، اسپين، فرانس ۽ اٽلي جهڙا يورپي ملڪ به ڪن ٿا. چمڙي جي جئڪيٽ جيڪا صدر يا طارق روڊ تي هزار سوا ۾ ملي ٿي. اها انگلينڊ جرمني ۾ پنج ڇهه هزار کائي ٿي ۽ سئيڊن ۾ ڏهه هزار رپين کان گهٽ کان گهٽ نٿي ملي.

ڪراچي ڇڏڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ پاڙي ۾ رهندڙ ڪئپٽن بشير وسطڙي خوشخبري ٻڌائي:

“گرم ڪپڙا متان ورتااٿئي.“

”ڇو سئيڊن بدران سوڊان پيا موڪلين ڇا؟“ مون پڇيومانس. پاڻ نه فقط ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪري ٿو پر ڪجهه سال اڳ سئيڊن ۾ ساڳي ڪورس لاءِ ٻه سال رهي آيو آهي.

”رات پراڻيون پيتيون پئي ٺاهيم ته هڪ مان سڀ گرم ڪپڙا نڪري آيا. جيڪي آئون جڏهن سئيڊن ۾ هوس ته استعمال ڪندو هوس.“ هن ٻڌايو ۽ شام جو اوور ڪوٽ، هٿن جا دستانا، مفلر، ڪنهن جانو ر جي کل جو ٽوپ (جنهن کي ورائڻ سان ڪن به ڍڪجي وڃن) ۽ ٻه جوڙا، ٿلهي ان وارا جوراب آڻي اڳيان رکيا.

ڪوٽ پائي ڏٺم. ٻانهن ۾ ٿورو ننڍو ۽ عجيب چاشنيءَ جهڙي هيڊي رنگ جو هو پر مفت ۾ سٺو هو. دل ۾ آيو ته پڇانس ته چاشنيءَ جي ديڳ ۾ رڳو ڪوٽ ڪِري پيو هو يا ان سان گڏ تون به. بهرحال جيسين ڪو ٻيو سريلو ملي تيسين هي صحيح هو. باقي رڇ جي کل جهڙي ٽوپي ۽ هٿن جا ههڙا ٿلها جوراب کڻڻ کان ڪيٻائي واپس ڪيامانس ٿي ته چتاءُ ڏنائين:

”متان اهڙو ڪچو ڪم ڪيو اٿئي. اتر يورپ جي اهڙي سردي اٿئي جو رب ڏئي پناهه. منهنجو چوڻ مڃ ۽ کڻي وڃ.“

مون کي به ٿوري ٿوري دل سان ڳالهه لڳي. سياري ۾ سئيڊن پهريون ته آيو هوس پر ڊئنمارڪ ۽ ناروي جا ڏينهن ياد هيم. جيتوڻيڪ ان وقت اسان سڀني جي جواني هئي. پر گلگت ۽ ڪوئيٽا پاسي جا پٺاڻ ۽ بلوچ به اتر يورپ جي ٿڌين هوائن کان ڏڪندا هئا.

۽ هاڻ جڏهن ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ جي ايئرپورٽ) جو دروازو کولي هوور ڪرافٽ ۾ چڙهڻ لاءِ بس ڏي روانا ٿياسين ته ٿڌي هوا ڄڻ جسم کي چيري ڇڏيو.

مون سان گڏ آيل ڪئپٽن سليم قاسم رڙ ڪري چيو:

”ابا يورپ جي هاڻ دري کلي آهي. هيستائين جهاز اندر يا ايئرپورٽ اندر Heating System ۾ ويٺي ٿڌ جو احساس ئي نه پئي ٿيو.“

مون يڪدم بئگ کولي منجهانئس ڪئپٽن بشير جا ڏنل رڇ جي کل جا (يا ڪنهن ٻئي جانور _ بگهڙ، لومڙ يا پاڏي جي کل جا) دستانا هٿن تي چاڙهيا ۽ اهڙو لومڙ جو ٻچو _ يعني ٽوپي مٿي تي رکي. في الحال خير ٿي ويو.

۽ هاڻ صبح جو گهران نڪرندي ۽ منجهند جو ٻين ٽين بجي ڌاري يونيورسٽي کان موٽندي بشير جي انهن گرم شين کي ڏسي رب جا شڪر ڪندو آهيان ته چڱو جو هُن زوريءَ اهي شيون ڏنيون. جي آئون هتي جي سرديءَ جو پنهنجي گرم ملڪ ۾ خيال نه ڪري تڪڙ ۾ ائين اچان ها ته اڄ مالمو جي رستن تي قلفي ٿي پيو هلان ها ۽ هيءَ اتر يورپ جي ٿڌ، جسم کي اهڙو ڪپي ها جو سگهوئي بستر جي حوالي ٿي وڃان ها. مزي جي ڳالهه ته اسان مارچ ۾ سئيڊن آيا هئاسين ۽ مارچ وري به هتي جي موسم جي لحاظ کان ماڻهپي وارا مهينا سمجهيا وڃن ٿا. بهرحال پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري فيبروري وارن مهينن ۾ هنن ملڪن: سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ وغيره ۾ ڇا ٿڌ ٿيندي هوندي.

۽ ائين به نه آهي ته اها ٿڌ رڳو اسان ايشيا ۽ آفريڪا جا رهاڪو محسوس ڪريون ٿا.ساڳيو حال هتي جي ماڻهن جو به آهي جيڪي ڄاو ا نپنا هتي آهن. پاڻ کي ڍڪي هلڻ ۾ هو اسان کان به وڌيڪ خبردار آهن. اسان ته شروع شروع ۾ ڪڏهن گهٽ سيءُ هوندو هو ته اندريون سئيٽر يا اوني گنجي نه پائيندا هئاسين. پر هتي جا ماڻهو هر وقت سڄي حفاظت سان هلن ٿا. اسان جيتوڻيڪ دل ئي دل ۾ پنهنجي بهادري کي داد ڏيئي سوچيندا هئا سين ته اهڙو سيءُ ناهي پر پوءِ جهٽ خبر پيئي ته يورپ جي سرديءَ جو ڪو ڀروسو ڪونهي. اتي جو اتي سج نظر ايندو، موسم سٺي ٿي ويندي. وري اتي جو اتي ڏس ته آسمان ڪڪرن سان ڇانئجي ويندو. بوندا بوندي ۽ تکي هوا اهڙي شروع ٿي ويندي جو ماڻهن توڙي مرن جا ڏند پيا کڙڪندا. هي اهي سرد هوائون آهن جيڪي اسان وٽ آخري ڏاڪي _ يعني سائيبيريا يا اتر قطب جون سڏيون وڃن ٿيون. مديجي مٺي يا ڇلگريون ڇاڇڙي ۾ سيءَ جي لهر ايندي آهي ته چوندا آهيون ڪوئيٽا ۾ برف ڪِري آهي ۽ ڪوئيٽا وارا چوندا آهن ته رو س افغانستان ۾ پارو وٺو آهي ۽ روس جي شهرن (ماسڪو، باڪو، يروان وغيره) جا رهاڪو ڏڪندي چوندا آهن ته سائبيريا ۽ اتر قطب ۾ لڳندڙ ٿڌين هوائن جو اثر آهي.۽ هي سئيڊن جهڙا ملڪ اتر قطبي ۽ سائيبيريا واري ويڪرائي ڦاڪن جا ملڪ سڏجن ٿا جتي مارچ اپريل مهينن ۾ به برف باري ۽ ٿڌيون هوائون پيون لڳن ۽ اندران لانگ جان (ڪاٽن يا اُن جي ڊگهي گنجي ۽ پجامو)، قميص، پتلون، سئيٽر، ڪوٽ، جئڪيٽ ۽ مفلر ٽوپ پائڻ سان به گهڻي ٿڌ ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو وهنجي ايئرڪنڊيشنر اڳيان اگهاڙو بيٺو آهي.

هڪ ڏينهن، هتي رهندڙ هڪ پاڪستاني واقفڪار مسعود ضيغم جي گهران موٽڻ واقت، اوور ڪوٽ هٿ ۾ جهلي ٻاهر نڪتس جو در وٽ ئي سندس ڪار بيٺل هئي ۽ سندس گهر ۾ ته سخت هيٽر هلي رهيا هئا پرڪار پڻ گرم ٿيل هئي. پاڻ ڪار ۾ ويهڻ سان چيائين:

”برادر هڪ نصيحت ڪريان ٿو. دل ۾ نه ڪجو. گهر مان کڻي ٻن منٽن لاءِ نڪرو پر پنهنجي بدن کي گرم ڪپڙن سان چڱيءَ طرح ويڙهي نڪرو. گهر۾ اندر Heating System هجڻ ڪري ٻاهر جي سخت سيءَ جو احساس ئي نٿو ٿئي پر ٻاهر جي ٿڌي هوا خطرناڪ آهي ۽ نمونيا جهڙين بيمارين ۾ ماڻهو مبتلا ٿي سگهي ٿو.“

”بلڪل صحيح ٿو چئين،“ مون مسعود جو ٿورو مڃيندي چيو، ”جيئن اسان جي ملڪن ۾ ٿڌي ايئرڪنڊيشن ڪمري مان يڪدم ٻاهر اُس ۾ اچڻ سان ماڻهو  بيمار ٿين ٿا.“

۽ مسعود وانگر منهنجي پڻ پڙهندڙ کي اهائي نصيحت آهي خاص ڪري انهن کي جيڪي تعليم، نوڪري يا واپار وڙي جي خيال کان يورپ پاسي جو ارادو رکن ٿا ته گرم ڪپڙن بنان ڪڏهن به پنهنجو ملڪ نه ڇڏجو. خاص ڪري آڪٽوبر کان اپريل تائين اتر يورپ جا ملڪ ايڏا ٿڌا رهن ٿا جو ان ٿڌ جي مقابلي ۾ برف به گرم آهي ۽ انگريز، فرينچ، اطالوي ۽ اسپين جا رهاڪو پڻ دانهون ڪن ٿا. سياري ۾ مهينو اڌ ڪوئيٽا ۽ ڪوه مريءَ ۾ به سخت سيءَ ٿين ٿا پر اتي اهي ٿڌيون ڪپيندڙ هوائون نٿيون لڳن، جيڪي يورپ ۾ عام آهن. (برف جي گرم هجڻ جو اهو حساب آهي جو برف جو ٽيمپريچر زيرو ڊگري ٿئي ٿو يا اڃا به گهٽ ته ڪاٽو چار ڊگريون. ۽ هتي جي هوا سياري جي موسم ۾ ڪاٽو ڏهه يا پندرهن تائين ٿڌي رهي ٿي. سو ان ٿڌي هوا جي مقابلي ۾ برف هٿ ۾ جهلڻ سان گرم لڳي ٿي.)

ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ

هونءَ ائين به ناهي ته سستي ڪپڙن جي لنڊا بازار فقط ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ آهي، پر جتي ڪٿي آهي. هتي سئيڊن ۾ جتي هر شيءِ جي قيمت ايڏي خوفناڪ حد تائين هينئين ڦاڙ آهي جو دڪانن جي درين مان ڏسندي (ونڊو شاپنگ ڪندي) به ڀؤ  ٿو لڳي. هتي جي مڪاني ماڻهن توڙي ڌارئين رهندڙن يا ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل گهمڻ جي شوقينن کي هروقت ان قسم جا ڊپ سوار هوندا آهن ته ڪٿي سندن بوٽ نه ڇڄي، جو هتي ڇنل بوٽ کي ڳنڍائڻ لاءِ هڪ ته موچيءَ کان وقت وٺڻو پوي ٿو، جيئن ڪنهن وڏي سرجن ڊاڪٽر کان  Appointment وٺجي ۽ پوءِ بوٽ جي مرمت تي ايترو ئي خرچ اچيو وڃي جيتور پاڻ وٽ هرنيا، D & C ۽ اک جي موتيو پاڻي جهڙي ڪنهن آپريشن ڪرائڻ تي. اهڙي طرح يورپ جي هن ملڪ سئيڊن ۾ ڪپڙا گنديون ۽ ٻيو سامان وڏي اگهه ۾ ملي ٿو ۽ ان جي مرمت يا ڳنڍ ٽوپو ان کان به مهنگو آهي. پر ٻين ملڪن وانگر سئيڊن ۾ به ڪي ڪي اهڙا هنڌ آهن جن کي پاڪستان جو لنڊا بازار چئي سگهجي ٿو. جتي ٿورو گهڻو استعمال شده شيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن نيون نڪوريون ڦلن مٺ تي وڪامن ٿيون.

ڇنڇر ۽ آچر هتي موڪل جا ڏينهن آهن. انهن ٻن ڏينهن تي شهر ۾ ٻن ٽن هنڌن تي ڪيترائي ننڍا ننڍا اسٽال هڻي ماڻهو پنهنجي گهر جو سامان وڪڻن ٿا. جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ جمعي بازار لڳي ٿي. پر جمعي بازار ۾ ڀاڄيون ڪپڙو ۽ ٻيو نئون سامان وڪامي ٿو هتي گهر جو سامان جهڙوڪ: ٿانو ٿپن، هنڌن بسترن، چادرن ٽوالن کان چمچا ڇريون، ڪپڙا گنديون، رانديڪا شوپيس ۽ اليڪٽرڪ جي سامان ۾ به ٽيبل لئپ ۽ ٽوسٽر، استري کان ريڊيو، ٽيپ رڪاڊر، ٿرماس، گهڙيال هر شيءِ اوڻي پوڻي اگهه تي وڪامي ٿي.

سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ جنهن جي آدمشماري هالا يا ٽنڊو آدم جيتري ٿيندي، ان قسم جا چار پنج هنڌ آهن. ٻه کن ته Bast سپر مارڪيٽ جي ڀرسان آهن. هڪ Marknads Borsen نالي موليوانگي ۾ آهي ۽ هڪ اسان جي يونيورسٽي ڏي ويندڙ رستي تي سينٽرل اسٽيشن وٽ پڻ آهي. هر هنڌ اٽڪل پنجاهه سٺ اسٽال لڳن ٿا جن ۾ زالون مرد گهڻو ڪري سڄي گهر جو سامان نيڪال ڪندي نظر ايندا. پوءِ ڪي ته دڪاندار به آهن جيڪي هر هفتي نظر اچن ٿا. اهي شايد گهر گهر وڃي فالتو سامان وٺي هتي اچي فائدي تي وڪڻن ٿا. ان هوندي به اسان جهڙن لاءِ سستو پوي ٿي. ڪي ٻارين ٻچين هوندا. ڪي اهڙيون فئمليون آهن جن کي سئيڊن جي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي لڏڻو پوندو آهي. هو سڄو سامان وڪڻي پوءِ وڃن ۽ نئين شهر پهچي نئون سامان وٺن. ڪي ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ نوڪري، تعليم يا واپار لاءِ وڃڻا هوندا آهن. هن پاسي جي ماڻهن جو سئيڊن کان ناروي، يا ڊئنمارڪ کان فنلئنڊ جرمني لڏي وڃڻ ائين آهي جيئن اسان جي ماڻهن لاءِ ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ يا کپري کان سانگهڙ، شهدادپور. سڀ ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. کين اسان وانگر ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جهڙا ڏهه مسئلا مٿي تي سوار نه هوندا آهن.

شيون وڪڻندڙن ۾ ڪجهه بيحد پوڙهيون هونديون آهن جيڪي سڀ ۾ سستو سامان ڏين ۽ اگهه تي به گهڻي گهوپي نه ڪن. سنگاپور، ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ جي مارڪيٽن وانگر Bargaining پڻ جام هلي ٿي. استريءَ جا پوڙهي چوندي ويهه ڪرونا (يعني اسي رپيا). چئبس: مهنگي آهي گهٽ ڪر.

چوندي: ”ڀلا ڏهه.“

”اڃا گهٽ ٿي سگهن ٿا؟“

”تون ڀلا ٻڌاءِ.“ هوءِ پڇندي.

”پنج ڏيانءِ؟“ چئبس.

”چڱو ست ڏي.“ ۽ سودو ستن ۾ ٿي ويندو. اهڙي هڪ استري اڄ ڪئپٽن سليم قاسم ورتي آهي. ڪراچيءَ هئاسين ته ٻه سال اڳ هتي رهي ويل چيف انجنيئر بدرمنير ٻڌايو: ”مون ان قسم جي مارڪيٽ مان 15 ڪرونا (60 رپيا کن) جي استري ورتي. ٻه سال سئيڊن ۾ استعمال ڪئي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ به ڪري رهيو آهيان.“

منهنجي خيال ۾ ان جو رڪارڊ اڄ ڪئپٽن سليم ڀڳو. مون کي سيڪ (ٽاڪوڙ) Infra_ Red  لمپ جي ضرورت هئي. ڪراچيءَ ۾ ٽن چئين سؤ ۾ ورتو هوم. هتي کڻي اچڻ وسري ويو. جيتوڻيڪ اهو هن پاسي جي ملڪ نيدرلئنڊ جو ٺهيل آهي پر ڪراچيءَ ۾ سستو آهي پر هتي ايترو مهنگو جو روز سوچيندو هوس ته وٺان يا نه. اڄ اوچتو اها شيءِ هن مارڪيٽ ۾ نظر اچي ويئي. وڪڻڻ وارو ويهه ڪرونا چيو ۽ پوءِ نيٺ ڏهن (چاليهه رپيه کن) ۾ وڪيائين. اهڙيءَ طرح ڏهن جو ٽيبل لئمپ ورتم ۽ پنجن ڪرونائن (ويهين رپئي) ۾ باهه تي سئنڊوچ ٺاهڻ جو پڙ (Sandwhich Maker) ورتم. گهر پهچي اهي شيون چيڪ ڪيم بلڪل اي ون حالت ۾ هيون.

پوڙهين ماين جي اسٽالن کان علاوه ٻيا اسٽال اهڙن نوجوان جوڙن جا هوندا آهن جن جو جهٽ مڱڻو ڦٽ شاديءَ بدران جهٽ شادي ڦٽاڦٽ طلاق ٿيندي آهي ۽ طلاق بعد ٻئي ڄڻا _ گهوٽ ڪنوار، ڏاڍي آرام سان سڄي گهر جو سامان وڪڻي شام تائين ڪمايل پئسن جو اڌو اڌ ڪري، ڇوڪرو پنهنجي  نئين گس ڏي ۽ ڇوڪري پنهنجي نئين واٽ وٺي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن. اهڙن طلاق شده نوجوان جوڙن وٽ پڻ سامان نئون ۽ سستو هوندو آهي. هنن کي جلدي هوندي آهي ۽ اگهه تي به يڪراءِ نه هوندا آهن.مڙس هڪڙو ٻڌائيندو ته زال ٻيو. اهڙي جوڙي کان اڄ مون هڪ ڪرسٽل گلاسن جو سيٽ ورتو. اگهه پڇڻ تي هڪ ئي وقت مڙس جي وات مان ويهه ڪرونا نڪتو ته زال جي وات مان ٽيهه ڪرونا. مون ويهه ڪرونا ڪڍيا ته زال چيو: ”اهي گلاس ٽيهن جا آهن.“

سندس مڙس ڏي اشارو ڪري چيم: ”هن ته ويهه چيا.“ ان تي زال پنهنجي ان سابق مڙس کي گهٽ اگهه ٻڌائڻ تي ٿوري دٻ ڪڍي. پر مڙس سندس ڳالهه کي ليکي ۾ نه آڻي مونکان ويهه ڪرونا وٺي پنج پاڻ وٽ رکيا ۽ پنڌرهن کيس اڇلائي ڏنا ته ”کڻ پنهنجو ففٽي ففٽي حصو ٽيهن جي حساب سان.“

ڪئپٽن سليم جيڪو دير سان آيو هو تنهن ان جوڙيءَ لاءِ ٻڌايو ته بعد ۾ هو بنهه سستي اگهه ۾ شيون ڏئي منجهند کان اڳ ئي موٽي ويا.

انهن کان علاوه ڪجهه ٻين به وڪڻڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هڪ ٽيونيشيا جو ڪرد ڇوڪرو جيڪو هتي رهي ٿو ۽ هاڻ سئيڊن جي قوميت اٿس، سو مختلف شيون: رانديڪا، ٿانوَ، ڪپڙا، Sovenior ڪتاب وغيره وڪڻي رهيو هو. کانئس پڇيم: ”هي ڇو پيو وڪڻين؟“

”آئون شاگرد آهيان. اسان جي ڀرواري فليٽ جي مالڪ پنهنجو فليٽ وڪيو ۽ جنهن فليٽ ورتس تنهن کي چيائين ته فرنيچر ۽ سامان ان سان گڏ مفت ۾ آئيئي. جيڪا هتي هڪ عام ڳالهه آهي جو فليٽ وڪڻڻ وارو اڪثر فقط پنهنجو ضروري ڪم جو سامان کڻي نڪري ٿو. پر هن فليٽ وٺڻ واري چيو ته مونکي اهي ڪن سن مفت ۾ به نه کپن. مون کي خالي فليٽ کپي جيئن ان جي مرمت ڪري پوءِ ان ۾ پنهنجي پسند جو اوچو سامان رکان. هاڻ فليٽ جي پهرين مالڪ ڪچرو کڻڻ واري ٽرڪ کي فون ڪيو ته اچي هي پراڻو فرنيچر ۽ سامان کڻي وڃ ته ان ٻڌايس ته ان جو ڀاڙو پنج سؤ ڪرونا ٿيندو. ان تي مون چيومانس ته مونکي ڏي. ۽ پوءِ پنهنجي دوست جي ويگن ۾ کڻائي هن شهر مالمو ۾ وڪڻڻ آيو آهيان. هاڻ جيڪي به چار سؤ ڪرونا مليا اهي ڄڻ مفت جي ڪمائي ٿي.“

اهڙيءَ طرح هڪ ٻِي ڇوڪري سئيٽر، ڪوٽ، بوٽ، چئمپل، لپ اسٽڪون ۽ ميڪ اپ جو ٻيو سامان ۽ ڪاپيون، پينسلون وغيره وڪڻي رهي هئي.“

”هي ڪنهن جو سامان وڪڻي رهي آهين؟“ مون پڇيومانس.

”پنهنجو اٿم.“ هن وراڻيو.

ڇو ڀلا وڪڻي رهي آهين؟“ مون پڇيو.

”بس هي مون وٽ فالتو سامان آهي. “I Want to get rid it” هن وراڻيو.

”اسٽوڊنٽ آهين يا نوڪري ٿي ڪرين؟“

”اسٽوڊنٽ به آهيان ته نوڪري به ڪريان ٿي.“

”هن مان جيڪي پئسا ملندءِ ان کي ڇا ڪندينءِ؟“ مون پڇيومانس.

”آئون فرانس گهمڻ جو ارادو رکان ٿي. ان لاءِ پئسو گڏ ڪري رهي آهيان.“ هن ٻڌايو.

”فرانس بدران ملائيشيا، سنگاپور، پاڪستان، انڊيا جهڙا ملڪ ڇو نٿي گهمڻ وڃين. جتي تنهنجو گهٽ خرچ ايندو ۽ هڪ Change به محسوس ڪندينءِ. سئيڊن ۽ فرانس ۾ ته ڪو خاص فرق ئي ناهي.“

”آئون Skiing (برف تي راند) لاءِ وڃي رهي آهيان.“

”مهرباني. مون توکان ائين معلومات لاءِ اهي سوال پڇيا. ٿي سگهي ٿو ڪنهن اخبار ۾ تو بابت اهي ڳالهيون به لکي ڇڏيان.“

سو اهڙيون مارڪيٽون نه رڳو اسان جهڙن پرديسين لاءِ ڪم جون آهن پر ڪيترا هتي جا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا ماڻهو گهڻي پگهار هوندي به ضرورت جون شيون ههڙين مارڪيٽن مان حاصل ڪن ٿا.

هن قسم جون مارڪيٽون نه فقط ضرورت جي شين جي خريداريءَ لاءِ سٺيون آهن پر وندر ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ به سٺا اڏا آهن جتي ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن سان ملاقات ٿئي ٿي. اڄ ملائيشيا جي ڪئپٽن زينل اڪبر جي ٻارن سان ٿي. پاڻ ملائيشيا کان مون وانگر ٻن سالن جي ڪورس لاءِ گذريل سال آيو آهي. ملائيشيا ۾ اسان جي گهر کان هڪ گهر ڇڏي ٻيو هن جو هو. کيس اولاد نه هو، سو هڪ دوست جو پٽ نپايو هئائين. اسان جڏهن ملائيشيا ڇڏي ته ان وقت ذوالفقار چئن سالن کن جو هو. هاڻ هو ستن سالن جو آهي.

اهڙي طرح بنگالي، اردني، ايراني ۽ سعودي عرب جي ڪلاس ميٽ ۽ سڃاڻن سان به هن مارڪيٽ ۾ ملاقات ٿيو وڃي. سعودي عرب جي صالح پاڪستان نيول اڪيڊمي مان ئي ٽريننگ ورتي آهي ۽ N.E.D ڪاليج مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. ڪراچيءَ ۾ چار سال کن رهڻ ڪري اڙدو سٺي ڳالهائي ٿو. کيس اهڙن هنڌن تي اسان سان پنهنجي اڙدو تکي ڪرڻ جو موقعو مليو وڃي ۽ ساڳي طرح اسان کي ملئي ۽ بنگالي ڳالهائڻ جو سٺو وجهه مليو وڃي.

گهر جي سامان جي هنن سستين مارڪيٽن کان علاوه هتي ڀاڄي ۽ فروٽ جي پڻ ڇنڇر آچر تي کلئي ميدان تي مارڪيٽ لڳي ٿي جيڪا پاڪستان جي جمعي بازار يا آچر بازار وانگر ٿئي ٿو. ان ۾ پڻ شهر جي دڪانن کان سستي اگهه تي ميوا ۽ ڀاڄيون وڪامن. جيتوڻيڪ ڪا گهڻي سستائي نه هوندي آهي ته به غنيمت آهي ۽ ههڙن مهنگن پٽن تي هن قسم جون مارڪيٽون هتي جي غريب عوام (جيڪڏهن ڪو آهي ته) ۽ اسان جهڙن ايشيائي آفريڪي، سينٽرل آمريڪائي ۽ ڏکڻ آمريڪائي ملڪن جي ماڻهن جي لاءِ جياپي جو آسرو آهن.

هن پاسي ٿورن ڏينهن لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هڪ دفعو اهو چتاءُ وري لکڻ ضروري سمجهان ٿوته ڪڏهن به هنن مارڪيٽن مان گرم ڪپڙا وٺڻ جي آسري تي پنهنجي وطن کان بنا ڪوٽ يا اوور ڪوٽ جي نه نڪرن. ڇو جو هي مارڪيٽون اهڙي ڪنڊ پاسي تي ٿين ٿيون جو ڪيترن هتي جي ماڻهن کي به خبر ناهي ۽  ٻي ڳالهه ته ضروري ناهي ته گهربل شيءِ يڪدم ملي وڃي. شين جي مقدار جو طلاقن جي تعداد سان به واسطو رهي ٿو. يا ڪنهن پوڙهيءَ جو مڙس مري وڃي، جيڪا هن جا سڄي ڄمار جا گڏ ڪيل سِڪا، ٽڪليون ۽ ٻيا Souveniors اچي وڪڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org