سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :6

ڪهڙي بچاءُ لاءِ ڪتا آهن؟

گهڻا ڏينهن اڳ هتي جي ماڻهن سان خبرون ڪندي ڳالهه اها نڪتي ته پاڪستانين کي گهڻا ٻار ٿين ٿا. سئيڊن ۾ جنهن کي سڀ کان گهڻا ٻار آهن اهو پاڪستاني همراهه جوهر زمان خان آهي. جنهن جو اخبار ۾ فوٽو پڻ ڇپيو هو.

جوهر ته اسان جي واقفڪارن مان هو، سو ٻئي دفعي جيئن ئي جوهر سان ملاقات ٿي ته کانئس ٻارن جو پڇيومانس. اسان سمجهيو ته ڏهه نه ته ست اٺ ضرور هوندس. پاڻ کلندي چيائين: ”شادي کان پوءِ ڪيترا سال مونکي اولاد نه پئي ٿيو. حڪيم ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ ۾ منهنجو يقين نه آهي. آئون اهوئي چوندو آهيان ته اها ڳالهه قدرت جي هٿ ۾ آهي. جڏهن لکيو هوندو تڏهن ٿي ويندو ۽ ٿيو به ائين. پورن ستن سالن کانپوءِ مونکي هڪ ٻئي پويان چار ٻار ٿيا. جيڪي هتي جي حساب سان تمام گهڻا سمجهيا وڃن ٿا.“

”واقعي چار ٻار ته ڪجهه به نه آهن.“ اسان چيو ۽ پوءِ کانئس سئيڊن جي رهاڪن بابت پڇيو ته اهي گهڻا ٻار چاهين ٿا.

”هتي ڪجهه موسم جي ڪري ڪجهه رسم وهنوار ڪري هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻارن جو رواج آهي. ڪيترن کي ته اهي به نه آهن. بلڪ شاديءَ بعد جلدي طلاق تائين معاملو جهٽ پهچيو وڃي. زال مڙس جو اهو ٻنڌن، لاڳاپو ۽ اها ويجهڙائي ۽ پيار گهڻو عرصو نٿو رهي. پوءِ ڪجهه ان Attitude کان ته هڪ ٻئي جي پرواهه ڇو ڪجي. ڪجهه هتي جي سخت سرديءَ واري موسم جو به اثر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ هرڪو سڪو پارو ٿيو پيو آهي.اها گرمائش ۽ جوش ناهي، شايد، جيڪو گرم ملڪن جي ماڻهن ۾ لڳي ٿو....“

بهرحال اهو هڪ ذاتي خيال هو جيڪو هتي پنڌرهن سالن کان رهندڙ جوهر صاحب ٻڌايو.

هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ کان موٽي رهيا هئاسين. يونيورسٽيءَ کان هاسٽل تائين ٻه بسون بدلائڻيون پون ٿيون. وچ واري وڏي اسٽاپ گسٽاو اڊولف (Gustav Adolf Trog) وٽ هتي جي مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ آئون ۽ يونيورسٽيءَ جو هڪ ٻيو شاگرد مسٽر مبارڪ پڻ هو. هو يمن کان آيو آهي. سخت سيءُ ۽ ٿڌي هوا کان بچاءُ لاءَ اسان جو سڄو جسم سئيٽر ڪوٽ ۽ اوور ڪوٽ مفلر سان ڍڪيل هو. مٿو ۽ هٿ به گرم ٽوپي ۽ جورابن ۾ ڍڪيل هئا، ان هوندي به سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا هئاسين. ظاهر آهي هي ملڪ سئيڊن انهن اتر قطبي ملڪن مان آهي، جنهن جي مقابلي ۾ انگلينڊ، فرانس، اسپين به گرم ملڪ سمجهيا وڃن ٿا. وقت گذرڻ لاءِ رکي رکي ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري رهياهئاسين. ايتري ۾ هڪ سئيڊن همراهه وڏي ٿلهي ڪتي کي رسيءَ کان وٺي اچي اسان جي ڀرسان بس جو انتظار ڪرڻ لڳو. پري کان ئي ڪتي جو منهن خطرناڪ لڳو ٿي. اهڙو خوفناڪ منهن وارو ڪتو مون پهرين نه ڏٺو هوندو. جهڙو جهنگلي سوئر ٿي لڳو. سندس جسم به ائين سڄيل ۽ ڦوڪيل هو.آئون سندس منهن کان پري ٿي ٻي پاسي پڇ وٽ ٿي بيٺس. بس آئي پر آئون نه وڌيس جيئن ڀلي پهرين ڪتي وارو همراهه اڳيان هلي. مبارڪ چيو: ”ڇو هلين نٿو؟“

”يار ڀلي هي همراهه پهرين هلي.“ وراڻيومانس.

”ڪهڙو ته خطرناڪ منهن وارو ڪتو آهي.“ مبارڪ به ساڳي ڳالهه نوٽ ڪري ان جو ظهار ڪيو.

بس ۾ ويهندي چيومانس: ”يار مونکي ته لڳو ٿي ته ڄاڻ ته چڪ هنيائين.“

مبارڪ کلندي چيو: ”ڪڏهن به نه. ڏسين نٿو هرڪو همراهه هتي هڪ عدد ڪتو پاڻ سان وٺيو پيو هلي. پر ڪنهن کي ڪڏهن ڀوڪندي، چڪ هڻندي يا باهوڙ ڪندي ڏٺو اٿئي؟“

”هائو ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي. شايد هنن پنهنجن ڪتن کي ائين تربيت ڏني آهي.“ مون چيومانس.

”ٿي سگهي ٿو. پر سيءَ جي ڪري به ٿي سگهي ٿو. Infact cold climate quietens everything”

”ٿڌ هر شيءِ کي خاموش ڪريو ڇڏي.“ هن ساڳيو جملو وري دهرايو ۽ هن دفعي هر شيءِ (Everything)  تي زور ڏيئي چيو ۽ سندس Everything جو مطلب سمجهي مون کان ٽهڪ نڪري ويو.

”سچ ٿو چوين مبارڪ.“ مون چيومانس.

”هائو. بلڪل. ٻيو نه ته وري،“ هن پنهنجي خاص ادا ۾ چيو. پاڻ مون سان گڏ ساڳي انجنيئرنگ سبجيڪٽ ۾ ايم.ايس سي ڪري رهيو آهي سو ڪلاس روم ۾ به روز گڏ هوندا آهيون ۽ سندس چرچن مان محظوظ ٿيندا آهيون.

”خبر اٿئي الطاف، ڪجهه سال اڳ آئون صنعا شهر۾ هوس. يمن جو هي شهر منهنجي ڳوٺ عدن وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي پر اتاهين ٽڪريءَ تي آهي ۽ سياري ۾ چڱو خاصو سيءُ ٿئي ٿو. هڪ رات آئون دير سان آفيس کان گهرڏي اچي رهيو هوس ته پنهنجي گهٽيءَ ۾ هڪ نه ٻه يڪا سارا ڏهه پنڌرهن ڪتا نظرآيا. مون دل ۾ چيو: ”مُبارڪ اڄ مري ويندين.“ پر ڇا ٿي ڪري سگهيس. سيءَ ۽ ڪتن جي ڊپ کان سڄي گهٽي ڏڪندي لنگهيس. پر ڪمال ٿي ويو، ڪنهن هڪ ڪتي به اٿي جلهه نه ڪئي. ٺلهي ڀؤنڪار به نه ڪئي. اتي جي عدن جا ڪتا هجن ها ته ڇلي وڃن ها. البرذ يهديءَ ڪل شيءِ.“ هن آخري جملو عربيءَ ۾ چئي پوءِ انگريزي ۾ مونکي ترجمو ڪري ٻڌايو ته ٿڌ هر شيءِ کي خاموش ڪريو ڇڏي.

هونءَ ههڙن ملڪن ۾ ڪتي پالڻ جو شوق ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي. کيس وقت بوقت ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوي ٿو ته هن کي ڪابه بيماري ناهي. جيئن ننڍي ٻار کي پوليو، ڳڍڙي، وڏي کنگهه ۽ سلهه جهڙين بيمارين کان بچائڻ لاءِ مقرر مدي ۾ ڦڙا، سيون ۽ ٽڪا ڏيارڻا پون ٿا. تيئن ڪتن کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون سُيون هڻائڻيون پون ٿيون. کين صاف سٿرو رکڻ لاءِ اهڙن اهڙن خاص صابڻن ۽ شئمپوئن سان وهنجارڻو پوي ٿو. جيڪي پڪ اسان جي فلمي دنيا جون ڏهن مان پنج فلم ائڪٽريسون به استعمال نه ڪنديون هونديون. کين ڳچيءَ ۾ (يعني ڪتن کي ۽ نه فلمي ائڪٽريسن کي) خاص ويڪر ۽ نرمائيءَ وارو پٽو ٻڌو وڃي ٿو ۽ صحتمند رکڻ لاءِ خاص گوشت ۽ وٽامن ۽ پروٽين سان ڀرپور اهي اهي کاڌا کارايا وڃن ٿا جيڪي ڪيترن ملڪن جي ماڻهن کي خاص ڏينهن تي به نصيب نه ٿيندا هوندا.

ههڙن ملڪن ۾ ڪتن پالڻ وارو سڀ کان وڏو مسئلو کين هنگائڻ مٽائڻ جو هوندو آهي. جتي ڪٿي گهر يا رستن تي، جنهن تنهن وقت، ان ڳالهه جي نه ڪتن کي نه مالڪن کي اجازت هوندي آهي. ان لاءِ وقت ۽ جاءِ مقرر ڪئي ويندي آهي. منهنجي ڪمري جي کاٻي دريءَ مان مين روڊ نظر ايندو آهي ۽ ساڄيءَ مان اسڪول جي عمارت ۽ ان جو گرائونڊ. گرائونڊ جي ڪنڊ تي هڪ ويهه ميٽر ڊگهو ۽ چار پنج ميٽر کن ويڪرو پٽو گهاٽي گاهه ۽ وڻن ٽڻن جو آهي. وچ ۾ هڪ بئنچ به رکيل آهي. صبح جي وقت هڪ ٻئي پويان ڍير گرم ڪپڙن ۾ ڍڪيل پوڙهيون مائيون ۽ مرد پنهنجا ڪتا وٺي ايندا آهن ۽ ان جهنگ جي ٽڪري ۾ پنهنجن ڪتن کي ڦيرائيندا آهن جيسين ڪتو هنگي مُٽي فارغ ٿئي. انهن ماڻهن لاءِ ته ويل ٿيو.ڪنهن رات دير سان سمهندا هوندا ته به پنهنجي پاليل ڪتي لاءِ صبح ساڻ منهن اونداهيءَ ۾ اٿندا هوندا. ڪتا نه ٿيا آزار ٿيو. ڪنهن چيو ته ڪتو انسان جو دوست آهي. هوندو دوست انسان جو. پر سئيڊن جي همراهن لاءِ ته ڪتو وڏو رئيس ٿيو. هو سڄو ڏينهن سندس خذمت ڪن ٿا ۽ کانئن (يعني ڪتن کان) اهو نٿو پڄي ته اسان جهڙن ڌارين کي ڏسي کڻي ڪا ڀؤنڪار ڪن.

سئيڊن جي ماڻهن جا پئسا بئنڪ ۾ ڳهه ڳٺو پائين ڪونه. عصمت بچائڻ جهڙا جملا فلمن ۾ به نه ٻڌا هوندائون جو هتي جي سوسائٽي Sex _ Free سوسائٽي سڏجي ٿي. باقي ڪتا ڇا جي حفاظت لاءِ رکيا ويا آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي.

اسان جي ساٿي ڪئپٽن سليم قاسم کان اهڙو سوال ڪبو آهي ته ٺهه پهه ساڳي ورندي ڏيندو آهي:

”شوق از اي شوق.“

هر ڳالهه ۾ اسان پاڪستاني ليٽ

اسان کي پندرهن مارچ کان اڳ سئيڊن پهچڻو هو. 16 تاريخ يونيورسٽي کلي رهي هئي ۽ IMO (انٽرنيشنل مئريٽايئم آرگنائيزيشن) جي سيڪريٽري جنرل ڊبليو.اي . اونيل کي سيمسٽر شروع ٿيڻ جي پهرين پيرڊ ۾ دنيا جي ستانوي ملڪن کان آيل شاگردن کي خطاب ڪرڻو هو. پاڻ هن يونيورسٽي World Maritime University جو چانسلر پڻ آهي. ان بعد ريڪٽر ۽ وائيس رڪيٽر (Recter)، اڪيڊمڪ ڊين (Dean) ۽ پروفيسرن جون تقريرون ۽ تعارف هئا. پر پاڪستان مان هن سال (1992ع) جي ٽن چونڊيل اميدوارن مان ڪئپٽن سليم قاسم ۽ آئون يونيورسٽي کلڻ بعد ٻه ڏينهن دير سان _ يعني ارڙهين تاريخ شام جو پهتاسين ۽ ٽيون درويش چيف انجنيئر راحت عزيز روزانو اڄ نه سڀان جون Telexes موڪليندو رهيو، آخر 28 تاريخ هتي پهتو. دستور موجب ان ۾ اسان مان ڪنهن جو به ڏوهه نه هو. اسان پاڻ ته چاهيو ٿي ته هڪ ٻه ڏينهن اڳ پهچون. جيئن يونيورسٽي شروع ٿيڻ کان اڳ رهائش جو هنڌ، ڪا کٽل ڦٽل شيءِ، يونيورسٽي ڏي ويندڙ رستو، ۽ ٻيو ڪجهه اڳواٽ ڏسي پورائو ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ پهرين ڏينهن کان ئي اسان کي پڙهائيندڙ پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جا چهرا سڃاڻي سگهون. پر اهڙيون سکائون ڪنهن پاڪستانيءَ جون ورلي پوريون ٿينديون آهن. ڪجهه سال اڳ تائين بنگلاديشين جو به ساڳيو حال هو. ولايت ۾ ڪو سيمينار، ڪورس يا بين الاقوامي ليول جي ميٽنگ ۾ گهڻو تڻو اسان سان گڏ بندگلاديشي به دير سان پهچڻ ۾ ساٿ ڏيندا هئا. پوءِ ٻيا وهنجي سنهجي ٽپ ٽاپ ٿيو ميٽنگ پيا اٽينڊ ڪندا هئا ۽ ان وقت اسين بئگون هٿن ۾، نٽ ڳوراهي، واره يا ميرپور ماٿيلي جي مٽي ۽ ڌوڙ مٿي ۾، ٻارهن ٻارهن يا ڪڏهن ويهن ويهن ڪلاڪن جا ڊگها هوائي سفر طئي ڪري علاؤالدين جي جن وانگر اچي حاضر ٿيندا هئاسين. ميزبان ۽ ٻيا ڏسڻ وارا وات سان ڪجهه نه چوندا هئا پر سندن اکين مان ائين لڳندو هو جيئن ڪو ٻار سڄو ڏينهن مٽيءَ ۾ کيڏي. گهر ۾ گهڙڻ سان بک آهي بک آهي ڪري مانيءَ تي ويهي ۽ سندس ماءُ پيءُ دٻ پٽينس: ”ڇوا! هٿ منهن ته ڌوئي اچ. جڏهن مانيءَ جي وقت جي خبر اٿئي ته اڳواٽ ڇو نٿو اچين!“

بهرحال بنگلاديش وارا، ٻين ڪيترن شين سان گڏ اها ڳالهه به اسان کان اڳواٽ سکي ويا ۽ هاڻي هو سڀني کان اڳ نه ته ٻين سان گڏ وقت تي اچن ٿا.

اڃا ڪراچي هئاسين ته يونيورسٽيءَ جي داخلا ڏيندڙ آفسرياڻي سنٿيا مرائگيٽ )  Cynthi Mrigate) سئيڊن کان فون ڪندي رهي:

”مسٽر الطاف اچو پيا نه؟“

”بلڪل.“

”پوءِ ڀلا ڇاجي دير آهي؟“

”ٽڪيٽ اڃا نه ملي آهي.“ وراڻيو مانس.

O,My God خبر ناهي ڇو اسلام آباد کان UNDP وارن اڃا توهان کي نه موڪلي آهي. ڀلا تيار ويٺا آهيو يا نه؟“ سنٿيا وري پڇيو.

”بلڪل تيار ويٺو آهيون. سامهون بئگ رکي آهي.“ مون کيس ٻڌايو هو.

”ڀلا راحت عزيز ۽ ڪئپٽن سليم قاسم؟“

”اهي به تيار هئڻ کپن. اڄ صبح جون مونکي مليا هئا. هنن به اهوئي ٻڌايو ته کين ٽڪيٽ جو انتظار آهي.“

”منهنجو ڊائريڪٽ ساڻن Contact نه پيو ٿئي. تنهنجو به مس مس فون لڳو آهي. ڀلا هڪ ڪم ڪر. کانئن پڇي پڪ ڪر ته جيڪڏهن آئون ٻي ٽڪيٽ هتان موڪليان ته هو به تو وانگر اڄ رات KLM جي اڏام ۾ هليا ايندا؟ آئون ڪلاڪ کان پوءِ وري فون ٿي ڪريان. ۽ جي ها ٿيو ته ايئرپورٽ تي هليا اچجو. ٽڪيٽ اتي توهان کي ملي ويندي.“

”چڱو ڀلا“ چئي مون فون رکيو. رات جو غلط سلط فون نمبرن سمهڻ نه ڏنو سو فون جو پلگ ڪڍي ڇڏيو هوم. ظاهر آهي ڪنهن جو فون ڪيئن لڳندو. شڪر جو ان ئي گهڙيءَ پلگ وڌم ته سنٿيا جو سئيڊن کان فون اچي ويو.

واچ ۾ وقت ڏٺم منجهند جو ڏيڍ ٿيو هو. ڪلاڪ بعد وري سنٿيا فون ڪندي. ۽ رات جو يارهين وڳي اڏم هئي. مون جلدي جلدي راحت عزيز کي نارٿ ناظم ۽ ڪئپٽن سليم قاسم کي ڊفينس سوسائٽي فون ڪيو. ٻنهي رات جو هلڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. راحت عزيز هائوڪار ڪري چيو:

”پر ڪجهه وقت نه ملي سگهندو. اڄ رات بدران سڀان ڪري هلجي.“

”ڌوڙ اٿئي پئي،“ راحت عزيز مونکان چار پنج سال جونيئر آهي سو هن سان فري ٿيندي چيم. ”اڄ رات ۽ سڀان ۾ فرق ئي ڪهڙو. ائين چوڻ سان اجائي بدنامي ٿيندي. وڌيڪ جيئن چئين تنهنجي پاران اهو نياپو ڪريان.“

”توهان جو ڇا خيال آهي؟“ راحت عزيز پڇيو.

”حد ٿي ويئي. اهڙين ڳالهين لاءِ خيال وري ڪهڙا. هو ڇا سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته هڪ بي دعوتو ٻيو وري ڪرائتو. .Beggers can not be choosers’ هڪ ته خيرات جي پئسن تي ٿا هلي رهون ڪريون ۽ پڙهون ۽ ٻي وري اينگهه ۽ نخرو. ماڳهين اسان جي خيال کان WMU وارو اهو خيال نه پيش ڪن ته انهن پاڪستانين کي نه گهرايو.“

”اها ڳالهه به صحيح آهي. بس آئون سمجهه ته تيار آهيان.“

پوري اڍائي بجي سنٿيا فون ڪيو. ٻڌايومانس ته اسان تيار آهيون. پرهن اداس لهجي ۾ چيو:

”الطاف ويري ساري! مون گهڻو ئي چاهيو ٿي ته اڄ رات ئي اچي وڃو جيئن ڇنڇر۽ آچر جو ڏينهن آرام ڪري سومر ڏينهن چانسلر جو Inaugural Address ٻڌي سگهو، جو سڀني ملڪن جا پهچي ويا آهن سواءِ پاڪستان جي. پر مسئلو هي ٿي پيو آهي ته توهان جي هڪ طرف جي ٽڪيٽ جيڪا سورهن هزار رپيا آهي، هتان وٺي موڪلڻ تي اڍائيڻو مهنگي ملي ٿي. يعني هڪ هڪ ماڻهوءَ جا چاليهه چاليهه هزار رپيا ٿين ٿا. هاڻ هينئن ٿي ڪريان ته اڄ ته جمعو آهي. آفيسون بند آهن. سڀاڻي صبح جو جيئن ئي نائين بجي اسلام آباد واري UNDP جي آفيس کلندي ته کين  Instruction ڏيندس ته ڪراچيءَ ۾ آمريڪن ايڪسپريس وارن کي توهان لاءِ ٽڪيٽ موڪلڻ جو بندوبست ڪن. بس رات جو الارم لڳائي ٿي سمهان جيئن پوري نائين بجي فون ڪري سگهان.“

شام جو ڪئپٽن قاسم سان ڳالهه ڪيم: سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن انشاءَ الله پنهنجي پڪ آهي، جو صبح سان سنٿيا UNDP آفيس ۾ ٽڪيٽ لاءِ فون ڪندي.“

”وڄائي ڇڏيئه. انهن جي ڇنڇر ڏينهن آفيس بند هوندي.“ ڪئپٽن قاسم ٻڌايو، ”هو جمع ۽ ڇنڇر موڪل ڪندا آهن.“

”هاڻ ته جڏهن به داڻو پاڻي لکيل هوندو ته هلي سئيڊن کان نڪربو. في الحال بي فڪر ٿي هاڻ ننڊون ڪندا وتون.“

”۽ سنٿيا اڄ رات جي سا ننڊ ڦٽائي. پاڪستان ۽ سئيڊن جي وچ ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. هوءَ پاڪستان جي وقت مطابق نائين بجي صبح جو فون ڪرڻ لاءِ اُٿي، معنى هن وٽ ته رات جا چار ٿيا هوندا.“ ڪئپٽن قاسم چيو.

”حق تي هن پئي چيو ته الارم لڳائي ٿي سمهان.“

ٻئي ڏينهن _ يعني ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد فون ڪيو پر موڪل ڪري سندس Contact نه ٿي سگهيو.

”هاڻ سڀاڻي آچر ڏينهن فون ڪري ٻڌائينديس.“ هن مونکي اطلاع ڪيو.

آچرڏينهن ٻين بجي ڌاري سئيڊن کان سنٿيا جو فون آيو ته ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿم ۽ آمريڪن ايڪسپريس کان وڃي وٺو.

ڳالهه ٿي کٽائڻي. آچر ڏينهن به نه ملي سومر ڏينهن پڪ ٿي پر دير سان. ان بعد ويجهي اڏام پي آءِ اي جي اربع ڏينهن هئي. صبح جو ستين بجي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي وياسين ۽ رات جو ستين بجي ڌاري مالمو بندرگاهه ۾ هئاسين. يونيورسٽي جي همراهن سامان سوڌو اسان کي کڻي اچي هاسٽل لاٿو.

”هي توهان جي ڪمرن جا نمبر آهن. هي چاٻيون آهن. هي هاسٽل جي مين گيٽ کولڻ جو ڳجهو نمبر آهي ۽ موڪل وارن ڏينهن ۽ رات جو ڏهين کان پوءِ ڳجهي نمبر سان گڏ هي پلاسٽڪ ڪارڊ وجهڻ بعد ئي دروازو کلندو. ڪارڊ ۽ نمبر ياد رکجو نه ته ٻاهر سيءَ ۾ ڪلفي ٿي ويندوءَ. هي بس ۾ چڙهڻ جو ڪارڊ اٿوَ. هي يونيورسٽي ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين استعمال ڪرڻ جو ڪارڊ اٿوَ. هي بئنڪ مان پئسا ڪڍائڻ جو ڪارڊ اٿوَ. (يورپ، آمريڪا ۽ جپان ۾ اڄڪلهه ڪنجين ۽ ڪئش بدران پلاسٽڪ ڪارڊ ئي هلن ٿا) ۽ هاڻ يارهن ڪلاڪن جي سفر بعد اسان ڪارڊ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. يونيورسٽي وڃڻ لاءِ هي نمبر جون بسون آهن. وچ ته گستاوو جو بس اسٽاپ ايندو ان تان ٻي بس وٺجو. (اهو اسٽاپ ڄڻ ايمپريس مارڪيٽ ٿيو.)“

هاسٽل پهچي معلوم ٿيو ته گذريل سال وارا ٽي پاڪستاني: ڪئپٽن عاشق خان، قاضي عبدالحميد ۽ احمد ڪمال علوي مهيني کن لاءِ فيلڊ ٽرپ تي ناروي، جرمني ۽ انگلينڊ ويا آهن جو ٻئي سال جي پهرين سيمسٽر ۾ پڙهائي گهٽ فيلڊ ٽرپ گهڻي آهي ۽ مختلف سبجيڪٽن جا شاگرد جپان ۽ آمريڪا، ڪئناڊا تائين، اتي جا شپ يارڊ، سروي ڊپارٽمينٽ، بندرگاهه ۽ جهاز ران آفيسون ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا.

جلدي ڪمري ۾ سامان ٺاهي رات جي ماني ميس ۾ کائي (جنهن جو وقت پنجين کان اٺين بجي تائين آهي)، ٿوري دير خبرون ڪندارهياسين ته ڪٿان کان ڪٿان اچي نڪتا آهيون. ڄڻ خواب هجي. ڄڻ اڃا ڪراچيءَ ويٺا آهيون ۽ سئيڊن هلڻ لاءِ ها نه ها نه پيو ٿئي. ۽ هاڻ دريءَ مان رستي تي ٻرندڙ مرڪري ۽ سوڊيم بلين جي روشنيءَ ۾ برف کي ڪِرندو ڏسي رهيا هئاسين. سنڌ جي ٽاڪ منجهند وانگر رستا سنسان ۽ خاموش هئا. رکي رکي ڪا لاري يا موٽر ڪار گذري ٿي. يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو سوڙ جهڙن ٿلهن ڪوٽن ۽ مفلر ٽوپ ۾ ويڙهجي تکو تکو لنگهي ويو ٿي، جن کي ڏسي پنهنجا گرم آٿر ڪڍي سامهون رکياسين.

”الله مالڪ آهي. في الحال ننڊ ٿا ڪريون. صبح جو جيئن ٻيا يونيورسٽي ويندا تيئن پاڻ به انهن جي پٺيان پهچي وينداسين.“ مون سليم قاسم کي چيو.

 

جانورن جي کل جي ٽوپي

صبح جو ستين بجي ئي تيار ٿي اچي هيٺ بيٺاسين. ڪئين رنگن، قدبتن ۽ شڪلين جا همراهه هاسٽل ۾ ڦري رهيا هئا. پهريون ٽولو جيڪو نڪتو، اسان به انهن سان گڏ نڪتاسين. جيئن ڪنهن کوريءَ يا بٺيءَ جو دروازو کلندو آهي ته گرمائش منهن ساڙيندي آهي تيئن هاسٽل جو ٻاهر نڪرڻ وارو گيٽ کولڻ سان پاري جهڙي ٿڌي هوا باقي اڻ ڍڪيل منهن جي حصي کي ايڏو ٺاري رکيو جو ٺرڻ ۽ سڙڻ ۾ فرق نه پئي محسوس ٿيو. ڪجهه وکون کڻڻ بعد ٿڌين هوائن ڪوٽ سئيٽرن کي ٿڌو ڪري جسم تائين پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو. ڄڻ ڪپڙن بنا اگهاڙا وڃي رهيا هجون. رکي رکي هوا جو تکو جهوٽو لڳو ٿي ته ڄڻ بدن کي ڪپ وانگر ڪپي ويو ٿي.

”اهو اٿئي لالا، اتر يورپ ۽ ان جون ٿڌيون هوائون.“ منهنجي ٿڙڪندڙ وات مان نڪتو.

”مارچ جو مهينو ختم پيو ٿئي، ته به ههڙو سيءُ.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ مون بشير وسطڙو کان ورتل گرم ٽوپي هيٺ ڇڪي ڪن ڍڪيا. تکا تکا هلندا رستا پار ڪري اچي بس اسٽاپ تي، بس جي انتظار ۾ بيٺاسين. بس اسٽاپ وٽ هڪ ڳڙکو هو جيڪو دراصل دڪان ۾ گهڙڻ لاءِ دروازي کان اڳ جي آڏ هئي. هوا کان بچڻ لاءِ ڊوڙي اچي ان ۾ لڪياسين. ٻه ڄڻا اڳهين ٿڌي هوا کان پاڻ بچائڻ لاءِ بيٺا هئا. هڪ ته ڪو آمريڪن هو ۽ ٻيو همراهه منهنجو سڃاڻو نڪتو.

”هاءِ! ڪئپٽن لي تون به آيو آهين ڇا؟“

ڪئپٽن لي زي خيانگ ملائيشيا جو آهي ۽ ملائيشيا جي جنهن اڪيڊميءَ ۾ آئون پڙهائيندو هوس. هو به اتي ليڪچرار هو. هو اهڙن جهازن تي رهيو هو جن تي پاڪستاني هندستاني خلاصي هئا. جن کان هو ڪجهه اڙدوءَ جا لفظ _ خاص ڪري گاريون سکيو هو ۽ ملائيشيا ۾ اڪثر چانهه جي رسيس ۾ هو اسان پاڪستاني هندستاني ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئرن سان اچي چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ هاڻ کيس هتي اوچتو سيءَ ۾ ڏڪندو ڏسي مون کي سندس اچڻ جي خوشي ٿي.

”بس اچي ته ويو آهيان،“ ڪئپٽن لي پنهنجي چرچائي انداز ۾ چيو، ”پر ماءُ پيءُ کي لکيو اٿم ته جي جيئرو موٽي آيس ته نئون پٽ ڄميانوَ.“

ڪئپٽن سليم قاسم سان سندس تعارف ڪرائي ٻڌايومانس ته ملائيشيا انهن ملڪن مان آهي جتي ٻارهو ئي مينهوڳيءَ جي موسم رهي ٿي ۽ سيءُ ته ڪڏهن به ڪونه پوي. ايتري قدر جو ڪيترن ملئي ماڻهن مرڻ گهڙيءَ تائين ڪڏهن ڪوٽ نه پاتو هوندو.

ڪئپٽن لي منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي، ڪئپٽن سليم قاسم کي چيو: ”برابر الطاف سچ ٿو چوي. اهو ائين آهي جيئن هتي سئيڊن جي ڪيترن ماڻهن ڇت وارو پنکو يا ٽيبل فئن نه ڏٺو هوندو. انهن فقط فوٽن يا فلمن ۾ ڏٺو هوندو. ڇو جو ٻارهوئي هتي ايڏو سيءُ ٿو پوي جو ماڻهو چلهه ۽ سگريءَ اڳيان ويٺو آهي. اهو ته ڀلو ڪري مالمو شهر جي ميونسپالٽيءَ جو جنهن گهر گهر ۾ Heating System مهيا ڪري ڏنو آهي.“

”اسان جا سينئر جيڪي هتي رهي ويا آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته اونهاري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڏينهن اهڙا به اچن ٿا جو ڪافي گرمي ٿئي ٿي ۽ دري کولي گنجيءَ ۾ سمهڻو پوي ٿو.“ مون ٻڌايومانس.

”خبر ناهي اهي ڏينهن ڪڏهن اچن ٿا ۽ الائي اهي ڏينهن فقط ٻه ٿين ٿا يا ٽي. مون ته اڄ تائين سئيڊن ملڪ جي ڪنهن شهرجو اهڙو فوٽو نه ڏٺو آهي جنهن ۾ ماڻهو دري کولي بالڪنيءَ ۾ بيٺا هجن. بهرحال هڪ ڳالهه کان هتي گرمي ٿئي به نه.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو.

”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن لي چيو.

”انڪري جو گرميءَ ۾ ته هنن بند عمارتن ۾ ساهه گهٽجي ويندو ۽ ڪٿي به ڪو پنکي ٽنگڻ جو ڪنڊو يا سئچ ناهي.“ سليم ٻڌايو.

”مڙيئي خير آهي. آئون ته اهڙي گرميءَ ۾ به هن سياري جو سوچي ڏڪندو رهندس.“ ڪئپٽن لي چيو.

ايتري ۾ بس نمبر 18 اچي ويئي جنهن ۾ اسان کي گستاوو اڊولف (هتي جو صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ) وڃڻو هو. بس جو ڪارڊ ڏيکاري چڙهياسين. بس ۾ گهڙڻ سان فرحت اچي ويئي جو بس اندران سخت گرم هئي. مون هٿن تان جوراب ۽ مٿي تان ٽوپي لاٿي. ڪئپٽن لي ڪجهه دير منهنجي گهاٽن بجن واري کل جي سخت گرم ٽوپي غور سان ڏسندو رهيو. شايد هو اهوئي سوچيندو رهيو ته ههڙي سيءَ لاءِ ان قسم جي ٽوپي ضروري آهي. آخر رهيو نه ٿيس ۽ پڇيائين:

“A man! From where you got this cap?”

۽ پوءِ ان وارن واري کل جي ٽوپيءَ کي هٿ لاهي پاڻ ئي وارڻيائين:

“You killed a fox?”

(يعني ڪو لومڙ گدڙ ماري، ان جي کل مان ٺهرائي اٿئي؟)

”مونکي به ائين ئي لڳي ٿو. يا جنهن مونکي اها ٽوپي ڏني آهي اهو اتر قطب جي ڪنهن ايسڪيم کان وٺي آيو هوندو. يا ڪو Eskimo مڇيون مارڻ لاءِ ٻاهرنڪتو هوندو ته پٺيان سندس گهر اگلوءَ (Igloo) مان چورائي آيو هوندو.

بس ٿورو اڳيان هلي ته مون ڪئپٽن لي کان سوال ڪيو: ”ڪئپٽن لي توکي هيڏانهن ڪيئن موڪليئون؟ ملائيشيا جي حڪومت گهڻو ڪري ههڙا موقعا ملئي ماڻهن کي ڏئي ٿي ۽ چينين کي گهٽ. تون چيني ٿي ڪري هيءَ اسڪالر ڪيئن حاصل ڪئي.“

ڪئپٽن لي اک ڀڃي، وات تي آڱر رکي ماٺ جو اشارو ڪيو ۽ پوءِ چيو: ”ان لاءِ چمچن جو به چمچو ٿيڻو پوي ٿو.“

مون زور سان ٽهڪ ڏيئي ساڻس هٿ ملايو.

”ياد اٿئي الطاف! چمچن جو به چمچو ٿيڻ واري ڳالهه؟“

”بلڪل چڱي طرح.“ وراڻيومانس. ۽ پوءِ ڪئپٽن سليم کي ٻڌايم ته هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ ڪو فنڪشن هو جنهن ۾ پنج ڄڻن کي وڃڻو هو.ٽي ملئي موڪليا ويا. هڪ هي چيني لي ڪئپٽن ۽ هڪ مونکي وڃڻ جو موقعو مليو. ڪوالالمپور ۾ هفتو کن هوٽل ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مفت بندوبست هو ۽ سيمينار به اٽينڊ ڪيوسين، جنهن جو سرٽيفڪيٽ پڻ مليو. هاڻ جيڪي ٻيا فارينر هئا، پاڪستاني، هندستانين سميت انهن کي خار لڳا ته هيترن ڄڻن ۾ ملئي ته ٺهيو پر ڪئپٽن لي ۽ آئون ڪيئن وياسين. ضرور اتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي چمچي گيري ڪئي اٿئون. جيتوڻيڪ اسان جي ڊائريڪٽر جنرل سان ڪا واقفيت نه هئي. هن پنهنجي سيڪريٽري ڇوڪريءَ کي موڪيلو ته ڪجهه آفيسرن جا نالا اسان وٺي اچ ۽ هوءَ مونکي ۽ ڪئپٽن لي کي ڪئنٽين ۾ ملي ويئي. سو اخلاق طور اسان سو چانهه ضرور پياريس پرنالا پنهنجي مرضيءَ تي لکندي رهي. ٽي نالا لکڻ بعد اسان کي چيائين، توهان به ڪوالالمپور هلندائو. اسان چيس: It will realy be a great pleasure. ۽ هن اسان جا نالا به هڻي ڇڏيا ۽ ان راز جي رڳو مونکي ۽ لي کي خبر هئي ۽ پوءِ جڏهن ٽوئر تان آياسين ته سڀ مٿو کائي ويا. ڪئپٽن لي پڇيو: ”اڙدوءَ ۾ ڇا پيا چون.“

کلي سڀني اڳيان ٻڌايومانس: ”هي پاڪستان هندستان جا ڪئپٽن پيا چون ته پاڻ ڊائريڪٽر جنرل جا ”چمچا“ آهيون، جيتوڻيڪ پاڻ ان جا نه، پر چمچن جا به چمچا آهيون.“

۽ پوءِ ڪيترا مهينا گذرڻ بعد اسان پنهنجين ساٿين کي اهو راز ٻڌايو ته اسان ان سيمينار لاءِ ڪيئن اوچتو چونڊجي ويا هئاسين. شايد اسان جو انهن ڏينهن جو داڻو پاڻي ڪوالالمپور ۾ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org