سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :7

 

ڪئپٽن ڪڏهن به رستو نه ڀلبو آهي

بس ڪنگسگاٽن اسٽاپ تي ترسي ته ڪئپٽن ليءَ ٻڌايو ته هاڻ باقي ٽي اسٽاپ آهن. پرهڪ اسٽاپ گذري ٻي تي بس ترسي ته اسان سان گڏ چڙهيل آفريڪي ۽ ميڪسيڪن شاگرد لهي پيا. ليءَ اسان کي به ٻانهن کان ڇڪي چيو:

”ان کان اڳ جو بس جو در بند ٿي وڃي لهو.“ تڪڙا تڪڙا هيٺ لٿاسين ۽ اڳيان ويندڙ همراهن پٺيان رستو ٽپندا وڌندا وياسين. لي کي چيم:

”هي ڀلا ڇا آهي؟ ڪاٿي رستو نه ڀلجي وڃون.“

“Here in Sweden you never get lost.” لي وارڻيو.

”ڇو ڀلا؟ لهڻو ته ڪنهن ٻئي هنڌ تي هو.“ مون چيو. ليءَ وري وات تي آڱر رکي ماٺ جو اشارو ڪري ملئيءَ ۾ چيو:

”جالان مچام اتيڪ. تاڪ مچام ايام.“ (بدڪ وانگر پٺ وٺي هلندو اچ. ڪڪڙ وانگر نه) پوءِ سليم قاسم کي لي چيو: ”ملائيشيا جي بدڪن ۽ ڪڪڙن جي ڳالهه الطاف کان پڇجانءِ ته ڪيئن رستو ٽپنديون آهن.“

”ڪئپٽن لي تون ئي ٻڌائينس.“ مون کلندي چيو.

”ڇو؟ ياد نه اٿئي ته وهندڙ رستي تان، ڪيئن آرام سان ٻچن سميت بدڪون هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيون وينديون آهن.“ ڪئپٽن لي مونکي چيو ۽ پوءِ ڪئپٽن قاسم کي مخاطب ٿي چيو: ”پارٽنر! بدڪ هميشه پڪي عزم سان اڳتي وڌندي آهي. پر ڪڪڙ سخت بيوقوف آهي. وچ رستي تي پهچي وري سوچيندي آهي ته وڃان يا موٽي اچان. ان ٻڏتر ۽ اڳيان پويان ٿيڻ ۾، رستي تان لنگهندڙ لاري موٽر هيٺان ڇلجي ويندي آهي.“ ڪئپٽن سليم قاسم کلڻ لڳو.

”ها بلڪل سچ ٿو چوان. پُڇ الطاف کان، ملائيشيا جي رستن تي ڪڏهن مئل بدڪ ڏٺائين. ڪڏهن به نه، رڳو ڪڪڙن جا لاش نظر ايندا.“

اسان کان اڳيان ويندڙ آفريڪن، جن کي اسان اهو سوچي فالو ڪري رهيا هئاسين ته شايد هو وڌيڪ سياڻا آهن ۽ هنن ڪا شارٽ ڪٽ ڳولي آهي. پر هو ته رستو ٽپي ساڄي پاسي عمارتن ۽ دڪانن ڏي هلڻ لڳا. آخر ڪئپٽن لي رڙ ڪري پڇين: “Friend! Where are you going?”

هو ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ چٻاڙا ڏيڻ لڳو. تيسين ڪئپٽن لي چيو: ”هتي مصيبت اها آهي جو سڀ انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن جا نه آهن. آفريڪا جي ڪن ملڪن ۾ فرينچن، اٽلين، پورچوگالين جو به راڄ هو. هاڻ هي جيسين آفريڪي زبان مان پورچو گالي ۾ ترجمو ڪن ۽ پورچوگاليءَ مان انگريزي ۾ ترجمو ڪري اسان کي ٻڌائين تيسين اسان جو سِر ويو.“

ڪئپٽن لي جواب ۾ سندن مدد ڪرڻ لاءِ هاڻ Objective نموني جو سوال ڪيو. جيئن کين فقط ها يا نه چوڻو پوي:

  “Going for Bus?”

اسان جي ويجهو جيڪو هو تنهن هٿ جي اشاري سان نه نه ڪندي چيو:

  “Going to Post Office.”

ڪئپٽن لي مٿي تي هٿ هڻي اسان کي چيو: ”ماري ڇڏيائين. پهرين پيرڊ پڪ مِس ٿي ويندو. موٽ ته موٽون.“

”هائو. هونءَ به سمنڊ تي ۽ نئين ملڪ ۾ شارٽ ڪٽ رانگ ڪٽ ٿيندي آهي.“ مون چيو.

”تنهنجي معنى ڪئپٽن جي بي عزتي ٿي.“ ڪئپٽن لي افسوس ڪندي ائڪٽنگ سان چيو.

”جلدي ڪر يار موٽ. وري ساڳي بس اسٽاپ تي جتان لٿا هئاسين. سيءَ ۾ حالت خراب پئي ٿئي، ڪو سڀاڻي بدڪ سمجهي يا بيوقوف ڪڪڙ، سمجهڻ ڏي.“

Sir, Very Sorry” ڪئپٽن هميشه صحيح رستو ڏيکاريندو آهي. پر اڄ ذرا مسٽيڪ ٿي ويئي. پر اها ڳالهه ٿي اتي. ملائيشيا ڪنهن ساٿي دوست کي نه لکجانءِ.“

جهاز رانيءَ لاءِ ڇا ضروري آهي؟

ايڪانامڪس جي پروفيسر الڊرٽن جهازن جي دنيا جو مختر تعارف ڪرائيندي اسان کان وچ ۾ سوال ڪيو:

”شپنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ توهان ڇا حاصل ڪندؤ؟“

”جهاز.“ ڪنهن چيو.

”غلط.“ پروفيسر سندس جواب رد ڪندي چيو.

”جهاز جو نقشو.“ ٻئي چيو.

”غلط.“

”سامان موڪلڻ ۽ گهرائڻ وارا واپاري.“

”غلط.“

”اخبار ۾ اشتهار.“

”غلط.“

”ڪا سهڻي سيڪريٽري.“ آذربجان جي چنگيز تيمورلو چيو. اهڙن بحثن کي چٽپٽو ڪرڻ لاءِ ضرور ڳالهائيندو آهي.

”غلط.“

”بس سائين هاڻ توهان ئي ٻڌايو. منهنجي ڀر ۾ ويٺل ترڪيءَ جي چيف انجنيئر حسن بڪال چيو:

”ٻڌايانوَ؟“ پروفيسر چيو: ”ٽيليفون، ٽيليڪس ۽ فئڪس جهڙي شيءِ. جنهن سان رابطو رکي سگهجي.“

سڀني قبوليو ته بزنس، واپار، جهازرانيءَ لاءِ اڄڪلهه جي دور ۾ ڪميونيڪيشن ضروري شيءِ آهي ۽ جيسين جهاز جي مالڪ، سامان موڪليندڙ، گهرائيندڙ، جهاز هلائيندڙ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ نه آهن تيسين پئسي ۽ وقت جي بربادي آهي. اڳين زماني ۾ جهاز جو مالڪ جهاز جو ڪئپٽن هوندو هو. پنهنجو ئي سامان ڍوئيندو هو. جڏهن لنگر ۽ رسا کڻي بندرگاهه ڇڏيندو هو ته پوءِ وري ان جي سلامتي جي خبر تڏهن پوندي هئي جڏهن سڻائو واءُ لڳي ۽ موٽي بندر سان لڳي. تيسين جهازين جون ونيون ڀلي اڀيون بيهي تڙ پوڄين. پر هاڻ ائين نه آهي.

ڪيمونيڪيشن _ فون، تار، ٽيليڪس، ريڊئي، فئڪس مشين، جهازي دنيا ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جو وڏو انقلاب آندو آهي ۽ رابطن بنا جهازراني Shipping جو ڪم هلائڻ پنهنجو پاڻ کي اوڙاهه ۾ اڇلائڻو آهي.

اسان جي ان پروفيسر کي وچ وچ ۾ سوال پڇڻ جي ڏاڍي عادت آهي جيڪا پڙهڻ جي خيال کان سٺي ڳالهه آهي. شاگردن کي سجاڳ رکڻ لاءِ هڪ ماستر لاءِ ضروري آهي ته وچ وچ ۾ سوال پڇي. اسان جي هن پروفيسر الڊرٽن (Prof: Alderton) خبر ناهي ان نڪتي هيٺ اسان کي سوال ڏئي ٿو يا شايد چرچي ڀوڳ ڪارڻ پڇي ٿو. بهرحال اسين ٻئي ڌريون ان قسم جي سوال مان Enjoy ڪندا آهيون.

هڪ ٻيو سوال ڪيائين: ”واپاري سامان موڪلڻ وقت ڇا ٿو چاهي؟“

”جهاز ٿو ڏسي ته نئون آهي يا پراڻو.“ اسان وراڻيس.

”غلط.“

”جهاز ران ڪمپنيءَ جي وڏي عمارت ٿو ڏسي.“ اسان ڌڪو هنيو.

”غلط. گراهڪ منزل تائين سامان جي باحفاظت پهچ (Safe Arrival) ٿو چاهي. هن جو اُن سان ڪو غرض ناهي ته هن جو سامان ڪنهن پهچايو ۽ ڪيئن پهچايو ويو.“

واپار جي بنيادي ٿيوري تي ليڪچر ڏيندي هڪ ڏينهن چيائين:

     “Trade must be the oldest human Activity.”

پٺيان ويٺل ڪجهه شاگردن _ خاص ڪري ڏکڻ آفريڪا وارن وٺي ”نو. نو“ ڪيو. Prostitution پهرين آهي.“

پروفيسر الڊرٽن يڪدم آڻ مڃي چيو:

”چڱو ڀلا At least the second oldest

ان بعد هو واپار بابت ڪجهه دلچسپ نقطا ٻڌائيندو رهيو:

اهي ملڪ جن وٽ قدرتي مال آهي جهڙوڪ: تيل، لوهه، سون، يورينيم وغيره. اهي ٻين جي مقابلي ۾ خوش نصيب آهن ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪرڻ ۾ کين فائدو آهي. پران کي هميشه جي طاقت نه سمجهڻ کپي. ٿي سگهي ٿو هنن وٽ ان مال جي موجودگي محدود هجي. ڪجهه عرصي کانپوءِ تيل، لوهه، ٽامو کٽي به سگهي ٿو يا ٿي سگهي ٿو ٻيو ملڪ جنهن وٽ اهو مال نه هجي اهو جياپي لاءِ هٿ پير هڻي ان جو ڪم نعم البدل يا Synthetic Substitute ڳولي وٺي جيڪو ايترو ئي بهتر هجي يا سستو هجي جيترو اصل مال. مثال طور بنگلاديش وٽ سڻي آهي. ملائيشيا وٽ رٻڙ آهي، جنهن جو روزانو اگهه وڌي رهيو آهي. پر ٿي سگهي ٿو (۽ ڪوشش جاري آهي) ته اهي شيون ڪيميائي طرح ٺاهيون وڃن. رٻڙ ته Synthetically ٺهي به ويو آهي. اهڙيءَ طرح تيل جي ڪري عربن جيڪو پنهنجو معيار بلند ڪيو آهي ٿي سگهي ٿو سڀان ان تيل جون نديون کٽي وڃن يا سڪي وڃن تي کين افسوس ڪرڻو پوي. بهرحال جن ملڪن وٽ اهڙو مال ناهي انهن کي اسان بدنصيب چئي نٿا سگهون. بلڪ اهڙا ماڻهو وڌيڪ محنت ڪري ڪا نئين شيءِ ڳولين ٿا جيئن جپان ڪري رهيو آهي.

1973ع تائين تيل تمام سستو مليو ٿي. انڪري ڪنهن ان جي بدلي ۾ ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪرڻ جو سوچيو ئي نٿي. جيئن ئي تيل جا اگهه چڙهيا آهن ته هر ملڪ  Alternative جي ڳولا ۾ لڳي ويو آهي.

آبهوا ۽ ڀلي زمين به قدرتي نعمت سمجهي وڃي ٿي جنهن جا مالڪ ملڪ اهي شيون پوکي سگهن ٿا جيڪي ٻيا نٿا پوکي سگهن. مثال طور: ناروي، گدرا ۽ سنگترا پوکي نٿو سگهي. ڇو جو انهن وٽ اها زمين ۽ موسم ناهي.

هونءَ اڄڪلهه جي ماڊرن سائنسي طريقن جو فائدو وٺي ناروي چاهي ته هڪ حد تائين گدرا ۽ سنگترا پوکي سگهي ٿو پر ان لاءِ ان قسم جي ڌرتي ۽ گرم هوا پيدا ڪرڻ سان اهي ميوا تمام مهنگا پوندا. ان بابت اسرائيل دنيا کي اهو ڏيکاريو آهي ته وارياسين ۽ ڀنجوءَ جهڙين زمينن تي خرچ ڪري انهن کي پوک لائق بنائي سگهجي ٿو.

هونءَ سڀ ۾ وڏو پئسو آهي جنهن جو هجڻ اهم ڳالهه آهي. بنا پئسي جي، باقي ٻيون شيون: ڌرتي، آبهوا وغيره ڪنهن خاص ڪم جون ٿي نٿيون سگهن.

پئسي جي ڪري ٽرانسپورٽ جي ضرورت وڌيو وڃي ٿي. 1973ع ۾ تيل جا اگهه وڌيا ۽ عربن وٽ ناڻو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ 1976ع ۾ عرب ملڪن ڏي واپار جي اها ڌم شروع ٿي ويئي جو سامان کڻڻ لاءِ جهاز نه پيا ملن.جهازن جي بيهڻ لاءِ بندرگاهه ۾ جاءِ نه پئي ملي. جهاز کي هلائڻ لاءِ آفيسرن جي پورائي نه پئي ٿئي. هر هڪ جي ڀڄ ڀڄان عرب ملڪن ڏي شروع ٿي ويئي جتي پئسو پئسو ۽ پئسو اچي ويو هو.

پر اهو هميشه ياد رکڻ گهرجي ته واپار Trade ٻه طرفي مٽاسٽا آهي ۽ نه هڪ طرفي. جيڪڏهن ڪو خريدار ئي نه هوندو ته توهان جي لکها ڪروڙها ڊالرن جي سيڙپ برباد ٿي ويندي. ان ڪري اها امير ماڻهن ۽ ملڪن جي فائدي جي ڳالهه آهي ته هو غريب کي صفا غريب ٿيڻ کان بچائين. کين ڪجهه مفت ۾ نٿا ڏيو سگهن ته  اڌارو به ڏين جيئن ان مان غريب ملڪن جا ماڻهو گذر سفر ڪري ڪجهه پوکي سگهن. ڪجهه ٺاهي سگهن. جنهن ذريعي هو وري امير ملڪن سان واپار ڪري سگهن.

آذربيجانيءَ شاگرد چيو: ”جيئن آمريڪا ٿو ڪري.“

اڳيان ويٺل رومانيا جي شاگرد (ڪئپٽن ڪانستروت) ٺهه پهه چيس:

”۽ توهان روسي وري ڪهڙا چڱا مڙس هئائو. هاڻ الڳ الڳ رياستن ۾ ورهائجي ويا آهيو ته پاڻ کي پيا شريف سمجهو.“

”هيءَ ايڪانامڪس آهي، مسٽر! وينزوئلا جي هڪ شاگرد رومانيا واري همراهه کي ماٺ ڪرڻ جو چيو:

”آئون به ايڪانامڪس تي پيو ڳالهايان. پاليٽڪس کي ڪونه ٿو ڇهان.“

سئيڊن ۾ پهرين عيد

ملائيشيا کان آيل چيف انجنيئر زينورين رمضان جي عيد بابت پڇيو ته ڪڏهن ايندي، چيومانس: ”ماٺ ڪري روزا رکندو وڃ. جڏهن مختلف عرب ملڪن کان آيل همراهن جو پاڻ ۾ بحث مباحثو وڌي وڃي ته سمجهجانءِ ته هاڻ عيد اچي وئي آهي.“

۽ پوءِ هڪ ڏينهن زينورين مون وٽ ڊوڙندو آيو:

”ٿوري دير لاءِ لئبرري هل.“

”ڇو خير ۾؟“ پڇيومانس.

”سعودي عرب، اردن، ٽيونيشيا جي عربن جو گرما گرم بحث پيو هلي. شايد عيد بابت.“

پهتاسين ته عربيءَ ۾ سڀ هڪ ئي وقت زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. رڳو اهي ٻه لفظ سمجهه ۾ آيا Latitude واحد، Longitude واحد......

زينورين کي چيم: ”بلڪل سؤ سيڪڙو عيد بابت آهي.هاڻ دعا ڪر ته هڪ ڏينهن تي ٿئي.“

ٿوري دير بعد اردني ان بحث مان نڪري اسان وٽ آيو. انگريزيءَ ۾ پڇيومانس ته خير ته آهي.

”عيد تي ڦڏو آهي. اسين سڀان عيد ڪنداسين پر ٽيونيشا وارا پرينءَ ڪرڻ ٿا چاهين. گهٽ ۾ گهٽ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ وارا ملڪ ته هڪ ڏينهن تي عيد ڪن.“

”ڀلا هي شهر مالمو وارا ڪڏهن ٿا ڪن؟“ زينورين پڇيس.

”اهي پرينءَ ٿا ڪن. پر اسين اردن ۽ مصر وارا سڀاڻي صبح ساڻ فيريءَ ۾ڊئنمارڪ جي مسجد ۾ عيد نماز پڙهڻ پيا وڃون، جو ڊئنمارڪ ۾ سڀاڻي عيد آهي. سئيڊن، سعودي عرب ۽ تيونيشيا وارا ڀلي پرينءَ عيد ڪن ۽ نماز پڙهن“

اتي بنگلاديش جو ڪئپٽن امين اچي ويو جيڪو بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن جومئنيجر آهي ۽ هتي فائينل ييئر۾ آهي. تنهن چيو:

”هيئن ڇو نٿا ڪريو ته سڀان کڻي روزو رکو ۽ سڀ گڏجي پرينءَ عيد ڪريون.“

”ائين ڪيئن ٿيندو.“ جارڊن جي عايد خلف چيو، ”ٽيهه روزا رکڻ ته حرام آهن. مون توهان کان هڪ ڏينهن اڳ روزا رکڻ شروع ڪيا هئا.“

”ته پوءِ اهو هڪ ڏينهن اڳ وارو رمضان جو روزو ته نه ٿيو نه. اهو تو پنهنجي طرفان رکيو.“ ڪئپٽن امين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”پر مون اهو روزو رمضان جي نيت سان رکيو.“

”ته پوءِ هيئن ڪر سڀان روزو نه رک. ڀلي ماني کاءُ، باقي صبح ساڻ سيءَ ۾ فيريءَ ۾ چڙهي ٻئي ملڪ ڊئنمارڪ ۾ وڃي نماز پڙهڻ بدران پرينءَ اسان سڀني سان گڏ هتي مالمو (سئيڊن) ۾ ئي عيد نماز پڙهجانءِ.“

پر فيصلو ٿي نه سگهيو بحث هلندو رهيو. اتي آفريڪا جي ڪجهه ملڪن جا مسلمان به اچي نڪتا. منهنجي ڀر ۾ بيٺل شيدي شاگرد کان پڇيم ته هو ڪٿي جو آهي.

”آئون بينن (Benin) جو آهيان. اتي جي پورٽ جو ڪئپٽن آهيان.“

”بينن ڪٿي آهي. نائيجيريا ڀرسان؟“ مون پڪ ڪئي.

”ها، جنهن کي پهرين ”ڌومي“ سڏبو هو.“

”ڀلا ڪئپٽن صاحب عيد جو ڇاڪجي؟“

”مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي. ناٽيڪل المناڪ ڪتاب ذريعي چنڊ جي بيهڪ پوري ڏينهن ته ڇا سيڪنڊن تائين ڪڍي سگهجي ٿي. پوءِ باقي بحث ڇا جو. ان حساب سان سئيڊن ۾ عيد سڀاڻي آهي.“

”نه يار. اها ڳالهه ناهي. چنڊ جو ڏسڻ (Sighting) ضروري آهي.“ اتي آيل اسان جي ڪئپٽن سليم قاسم چيو.

”پر حد ٿي ويئي. ههڙي موسم ۾ چنڊ ته ڇا سج به نظر نه اچي ٿو؟ گذريل ڇهن ڇهن ڏينهن کان برفباري هلي رهي آهي. مونکي ٻڌاءِ اهو چئي سگهندين سج ڪٿان اڀري ڪٿي لهي ٿو.“ ڪئپٽن امين چيو.

السڪندريه (مصر) اڪيڊمي جي ليڪچرار ڪئپٽن حنفيءَ فتوى ڏني: ”نه. چنڊ جو ڏسڻ ضروري آهي. هيليڪاپٽر ذريعي ڪڪرن کان مٿي چڙهي وڃي ڏسي سگهجي ٿو.“

ڪئپٽن امين مون کي ڇڪي چيو: ”هل ته هلون. شام تائين فيصلو ٿي ويندو. اجايو بحث ڪرڻ مان سڀني کي مزو اچي ٿو. ائين ته پوءِ ڀلا سال ۾ هڪ رات اهڙي نه اچي ٿي جنهن ۾ ٻه دفعا چنڊ نظر اچي ٿو.“

”واقعي؟“ مون انجنيئر لاءِ اِها ڳالهه نئين هئي.

”ها. واقعي. مون کي امتحان ۾ اهو سوال آيو هو، دراصل چنڊ وارو سال سج واري سال کان ننڍو آهي. ۽ سال ۾ هڪ ڏينهن تي مثال طور: 0004 Hours تي چنڊ اڀري ٿو ته ان ئي ڏينهن 2330 ڪلاڪن ڌاري ٻيو دفعو چنڊ اڀري ٿو.“

زينورين موڪلائڻ مهل عيد جي دعوت ڏني: ”عيد واري ڏينهن شام جو اسان جي گهر ماني اچي کائجو.“

”انشاءَ الله.“ مون وراڻيومانس.

”تنهن جي معنى  تون نه ايندين.“ زينورين چيو ۽ اتي بيٺل سعودي عرب جي شاگرد ڪئپٽن جباريءَ چيو: ”نه. انشاءَ الله جي معنى اها ناهي، انشاءَ الله جو مطلب آهي ته جيڪڏهن الله چاهيو ته.“

”اسين سمجهون ٿا. پر اسان توهان سعودي عرب جي پورٽ اٿارٽي وارن جو نقل پيا ڪريون. جن کي جڏهن ويزا لاءِ چئبو آهي ته نه نه پيا ڪندا آهن. پوءِ زور ڀرڻ تي چوندا: اوڪي انشاءَ الله سڀاڻي ڏينداسين. سندن ان انشاءَ الله مان مطلب ٻئي ڏينهن ويزا ڏيڻ جو نه، پر اهو هوندو آهي ته هينئر ٽرو. مٿو نه کائو. سڀاڻي ڏٺو ويندو.“

جباري کلڻ لڳو، ”ڇو ڀلا سعودي عرب جي پوليس ۽ آفيسر اهڙا آهن ڇا؟“

”اهڙا تهڙا!“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو، ”انگريزن ۽ گورن سان سو سڌا آهيو، باقي اسان جهڙن پاڪستاني، بنگلاديشي، هندستاني مسلمانن کي ته اهي ڏٽا ٿا ڏيو جو ماٺ ڀلي آهي.“

ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي

دنيا جي هن واحد يونيورسٽي ۾ دنيا جي انهن ملڪن جا شاگرد اچن ٿا. جيڪي ملڪ يونائيٽيڊ نئشن U.N.O جا ميمبر آهن. ڪوبه شاگرد پنهنجي مرضي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ لاءِ هتي اچي نٿو سگهي. هن کي سندس ملڪ جي حڪومت هيڏانهن موڪلڻ لاءِ چونڊي (Nominate) ڪري، نالو سئيڊن جي هن يونيورسٽي (ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي) ڏي آخري چونڊ لاءِ موڪلي ٿي. دراصل هن کي سئيڊن جي يونيورسٽي نٿو چئي سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي عمارت سئيڊن ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي بين الاقوامي (Global Maritime Org:)آهي. جيئن يونائيٽيڊ نئشن جي بلڊنگ جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ آهي پر ان کي آمريڪن چئي نٿو سگهجي. آمريڪا (U.S.A) پٽ ڏنو ۽ U.N.O جي بلڊنگ ۽ ادارو اتي ٺاهيو ويو. اهڙيءَ طرح جڏهن W.M.U ٺهڻ جو پڪو پهه ٿيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ادارن ان کي هلائڻ لاءِ خرچ ڀرڻ جو ذمو کنيو. چاليهه پنجاهه جهازن جي وڏن مالڪن ۽ ادارن کي شاگردن جي ٻن سالن جي خرچ لاءِ پئسا (اسڪالرون) ڏنيون، ڪن ڪن جهازران ادارن ۽ ڪارخانن (جيڪي جهازن لاءِ مشينون ۽ ٻيو سامان ٺاهين ٿا) تن فيلڊ ٽرپ لاءِ شاگردن کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجا ادارا ۽ ڪارخانا ڏيکارڻ جو جملي خرچ، ڀاڙن ۽ رهائش سميت ڀرڻ جو ذمو کنيو. سئيڊن حڪومت هن يونيورسٽيءَ جي بلڊنگ مدد طور ڏني. اهڙي طرح شاگردن جي رهائش لاءِ هن شهر مالمو جي ميونسپالٽيءَ هينرڪ سمٿ هاسٽل نالي بلڊنگ ڏني. جنهن جي فرنيچر، پاڻي، بجلي ۽ مرمت جو خرچ انهن مٿان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org