سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :1

موج نه سهي مڪڙي

(ٽائٽانڪ ۽ ٻين مشهور  سامونڊي  واقعن سميت  وڌايل نئون  ڇاپو)

 

الطاف شيخ

 

 

انتساب

ماسٽر مئرينر – ڪئپٽن رشيد ابڙي جي نالي

ڪئپٽن ابڙو- پاڪستان مرچنٽ نيويءَ جو ھڪ وڏو ۽ اھم ماڻھو، جنھن فقط ۽ فقط محنت ذريعي پنھنجو نالو نھ رڳو پنھنجي ملڪ ۾، پر دنيا جي جھازي دنيا ۾ پيدا ڪيو آھي. رشيد ابڙو منھنجي ڳوٺائي ۽ پاڙيسري ھجڻ سان گڏ، ساڳي اسڪول (مخدوم غلام حيدر ھاءِ اسڪول ھالا)، ساڳي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو)، ساڳي نيول اڪيڊمي (مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ) مان پڙھيو ۽ مون واريءَ شپنگ ڪارپوريشن P.N.S.C جا جھاز ھلايا اٿس، ان ڪري منھنجو ھن سان ننڍپڻ کان وٺي ويجھو تعلق رھيو آھي. ھو اسان جي بئچ جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن کان عمر ۾ چار پنج سال ننڍو آھي، پر جھازي ڄاڻ ۽ تجربي کان سندس مقام اسان سڀني کان مٿانھون آھي. ھن خاص ڪري بزنيس ۽ شپ مئنيجمينٽ جھڙي نئين فيلڊ ۾ ڪاميابي ماڻي پنھنجو نالو مٿانھون ڪيو آھي.

منھنجا دوست مون کان پڇندا آھن تھ ڪئپٽن رشيد ابڙو جھاز

رانيءَ ۽ جھازن سان واسطو رکندڙ بزنيس، مارڪيٽنگ، چارٽرنگ وغيره جو ايڏو ڄاڻو ڪيئن ٿيو؟

منھنجو کين اھو ئي جواب ھوندو آھي تھ ھن پنھنجي پڙھائي ۽ نوڪريءَ کي عبادت وانگر سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان منھن ڏنو. ڪيترا ئي سال جھاز ھلائڻ بعد جڏھن ھو جھازي آفيس ۾ جھازن جو انچارج ۽ مئنيجر ٿي آيو، تھ بھ ھن ڪڏھن بھ آفيسرن واري ٽان ڦان نھ ڪئي. ھو جھاز ھلائيندڙن جو باس نھ پر Facilitator ٿي رھيو. ھن پنھنجي تجربي ۽ ڄاڻ موجب ھنن جي مدد ۽ رھنمائي ڪرڻ کي ئي پنھنجي ڊيوٽي سمجھي. آفيس ۾ اسان سڀني جو ٽائيم صبح جو نائين کان شام جو پنج ھوندو ھو، پر ڪئپٽن رشيد جي گھر وڃڻ جو وقت مقرر نھ ھوندو ھو. آئون پنھنجي انجنيئرنگ ڊيپارٽمينٽ مان پنجين بجي اٿي، گھر وڃڻ کان اڳ، رشيد جي مارڪيٽنگ ڊپارٽمنٽ ۾ چانھھ پيئڻ ايندو ھوس تھ، ھن جو دڪان کليو پيو ھوندو ھو- يعني نھ رڳو فائيل، ڪاغذ، ڪمپيوٽر کليا پيا ھوندا ھئا، پر سندس سڄو اسٽاف ويٺو ھوندو ھو.

”ڀلا ھلبو يا نھ؟“ آئون پڇندو ھوسانس.

رشيد جو جواب ھوندو ھو، ”ڪيئن ھلان، يورپ کلي ئي ٻارھين کان پوءِ ٿو، ان ڪري مون کي اڃا ويھڻو پوندو.“

اسان جي آفيس ۾ پاڻ يورپ واريءَ ريجن جو انچارج ھو، جتي جو ٽائيم يعني سج اسان کان چار پنج ڪلاڪ پوءِ ٿو اڀري ۽ لھي. ڪڏھن ڏس تھ جرمني ۾ اتي جي جھازي آفيس انچارج سان ڪنھن ڳالھھ تي بحث پيو ڪري تھ، ٻي گھڙيءَ انگلينڊ ۾ ڪنھن واپاري فرم جي سامان کڻڻ لاءِ جھاز جي ڀاڙي تي پيو ڳالھائي. پنھنجي ڪمپنيءَ جا سڀ جھاز مشغول ھجڻ جي صورت ۾، يوناني ۽ فرينچ جھاز ران ڪمپنين جي خالي جھازن کي، پنھنجي ڪمپنيءَ لاءِ مسواڙ تي وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو. پوءِ ڪنھن سان ڀاڙو ”ٽائيم پيرڊ“ (يعني في ڏينھن) جي حساب سان پيو طئي ڪندو تھ ڪن سان ھڪ بندرگاھ کان ٻئي بندرگاھ (يا سڄي سفر) جو حساب پيو طئي ڪندو. کيس انھن جھازران ڪمپنين جي جھازن ۽ واپاري ڪمزورين جي ڄاڻ ھجڻ ڪري، ھن انھن جھازن جي مالڪن سان بحث ۾ ھميشھ بازي کٽي، پنھنجي ڪمپنيءَ لاءِ فائدو ڪرايو ٿي ۽ بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب ڏيتي ليتيءَ جا ٽرمس ۽ Conditions فيڪس ذريعي لکت ۾ طئي ڪيا ٿي.

يورپ جون آفيسون، جنھن وقت اتي چئين يا پنجين بجي بند ٿين ٿيون، ان وقت اسان وٽ رات جا اٺ يا نو ٿين ٿا ۽ اسان جو رشيد ان وقت بريف ڪيس کڻي آفيس مان نڪرندو ھو. جھاز جو صحيح وقت تي بندرگاھن ۾ پھچڻ ۽ نڪرڻ ۽ سامان صحيح طرح ڍوئرائڻ جي پوئواري خاطر، کيس ھر وقت باءِ ايئر مختلف بندرگاھن ۾ پھچڻو پيو ٿي. گھمڻ لاءِ بئنڪاڪ يا دبئي جو ٽن چئن ڪلاڪن جو سفر ڪنھن لاءِ ڀلي کڻي دلچسپ ھجي، پر ڪراچيءَ کان نيويارڪ يا سائوٿ آمريڪا جي بندرگاھن تائين، ڊگھا ھوائي سفر سزا کان گھٽ نھ آھن. خاص ڪري ھوائي جھاز مان لھڻ بعد ھوٽل ۾ وڃي آرام ڪرڻ بدران، پنھنجي جھاز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بندرگاھ ڏي ڀڄڻ. پر ڪئپشن رشيد جي منھن تي ھميشھ مرڪ ئي نظر آئي، چاھي ھن کي ھوائي سفرن ۾ مسافر جي صورت ۾ ٻھ ٻھ ٽي ٽي ڏينھن لڳاتار اوجاڳو ڪرڻو پيو ھجي يا پاڻيءَ جي جھاز کي ائٽلانٽڪ جي ڇتين ڇولين کان يا جاپاني سمنڊ ۾ لڳندڙ طوفانن کان اڪارڻو پيو ھجي، ھو ھر وقت مطمئن ۽ ڪمپزڊ نظر ايندو.

رشيد جي اھا مرڪ ۽ خوش اخلاقي ھينئر تھ نھ پر ننڍپڻ کان سندس ٽريڊ مارڪ رھي آھي. ڪاليج جي ڏينھن ۾ سندس ڪلاس ميٽ ھوندا ھئا: لياقت جتوئي (ھاڻوڪو منسٽر)، بلال حيدر، ممتاز (ٻئي P.I.A جا پائلٽ)، محسن پنھور (پوليس ۾ D.I.G ھاڻ مرحوم)، ظفر شورو (پوليس ۾ صوبيدار)، پرويز شاھد (پاڪستان آرمي جو ليفٽيننٽ جرنل)، عبدالجبار عباسي، عاشق شاھ (سيڪريٽري سنڌ سرڪار)، نصير قاضي (ريلوي) وغيره. آئون کانئن ٽي سال کن مٿين ڪلاسن ۾ ھوس. ٻين ٻارن وانگر ھي بھ وڙھندا رھيا ٿي (۽ ماشاءَ الله اڃا تائين بھ ڪيترن جي کٽ پٽ ھلندي رھي ٿي) پر بقول ڊاڪٽر ھادي بخش جتوئيءَ ۽ انجنيئر مشتاق بلوچ جي ھڪ رشيد ابڙو (۽ ٻيو قاسم لاشاري) نھ ڪنھن سان رٺا، نھ ڪنھن جي شڪايت ڪيائون، سدائين ٻين کي پرچائڻ ۾ پورا ھوندا ھئا.

رشيد سان ڪم ڪندڙ سندس ھڪ جونيئر آفيسر چيو تھ، ڪئپٽن رشيد ھونءَ تھ ڏاڍو سٺو آھي، پر ڊيوٽيءَ جي معاملي ۾ تمام سخت آھي.

”ھو بلڪل ھوندو.“ مون کيس سمجھايو، ”ڇو تھ ھو پاڻ بھ ننڍي ھوندي کان وٺي محنتي رھيو آھي ۽ ڊيوٽي ھميشھ ايمانداريءَ سان ڏني اٿس. ان ڪري ھو پاڻ بھ اھو ئي چاھيندو تھ ٻيا بھ ڊيوٽي صحيح ڪن.“

مون کيس ڪجھھ ننڍپڻ جي ڏينھن جا مثال ٻڌايا: ھڪ دفعي مون وارو جھاز جاپان جي بندرگاھ ”نگويا“ ۾ بيٺل ھو. ٻن ڏينھن بعد اسان جي ڪمپنيءَ جو ھڪ ننڍو ۽ پراڻو جھاز اسان جي ڀر ۾ اچي بيٺو، جنھن تي رشيد انھن ڏينھن ۾ ڪئڊٽ ھو. ننڍي ھجڻ جي ڪري اسان سمجھي سگھياسين ٿي تھ، ڪراچيءَ کان جاپان تائين ان جھاز کي ڇا تھ طوفانن ۽ سامونڊي لھرن سٽيو ھوندو ۽ پراڻي جھاز ڪري ان تي ڪم ڏاڍو ھو. نون آيل ڪئڊٽن کي سخت جان بنائڻ لاءِ چِپنگ ۽ Scraping جھڙا ڏکيا ڪم ڏنا ويندا آھن، وجھھ ملڻ تي ھو ڪڏھن ڪڏھن گسائيندا بھ رھندا آھن. آئون پنھنجي جھاز تان ڏسندو ھوس تھ، سخت سيءَ ۾ سڄو سڄو ڏينھن رشيد ڪم ۾ لڳو رھندو ھو ۽ شام جي موڪل مھل جھازي نوڪريءَ کان بيزاريءَ جو اظھار يا ڪنجھڻ ڪرڪڻ بدران ھميشھ مرڪندو ۽ چرچا ڪندو، پنھنجي ڪمري ڏانھن روانو ٿيندو ھو. شايد ان ڪري ئي سندس ٻيا ساٿي ڪئڊٽ تھ رشيد کي ڏاڍو پسند ڪندا ھئا، پر آفيسر پڻ. سندس چيف آفيسر (ڪئپٽن کان ھڪ رئنڪ ھيٺ وارو نيويگيٽر) جنھن کي اھا خبر نھ ھئي تھ رشيد منھنجو ڳوٺائي يا مائٽ آھي، تنھن جاپان ڇڏڻ وقت رشيد جي تعريف ڪندي، مون کي ٻڌايو: ”يار منھنجو ھي ڪئڊٽ رشيد ڏاڍو ٽف آھي. ڪم ۽ ڊيوٽيءَ کان ڪڏھن نٿو ڀڄي. سخت طوفان جي لوڏن ۾ بھ ننڊ مان اٿاري ڪم لاءِ چئجيس ٿو تھ، بنا ڪنھن شڪايت جي ان ۾ جنبيو وڃي. سي – مئن شپ (جھازي تعليم جو ھڪ سبجيڪٽ) ۾ تھ ھوشيار آھي، پر ھينئر کان نيويگيشن ۾ بھ پختو آھي ۽ آئون کيس ٻئي سفر کان جھاز ھلائڻ لاءِ برج (جھاز جي ڪنٽرول روم) تي رکندس.“

رشيد ۽ مون کي ڪڏھن بھ ھڪ جھاز تي ڪم ڪرڻ جو موقعو نھ مليو، پر اسان جا جھاز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاھن ۾ ھڪ ئي وقت ايندا رھيا. مختلف رئنڪن تي جھاز جو گھربل Sea Time پورو ڪندو ۽ ضروري امتحان پاس ڪندو، رشيد آخر ڪئپٽن ٿيو. پاڻ جيترو جھازران آفيس جي Management ۾ سٺو آفيسر/مئنيجر آھي، اوترو ئي ھو جھازن جو ڪپئٽن ٿي رھيو. ھن ڪيترا ئي سال ملڪ جي جھازران ڪمپني ۽ ٻين ملڪن جي جھازن کي- خاص ڪري بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي جھازن کي، دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف موسمن ۾ ھلايو.

ڪئپٽن رشيد لاءِ مشھور آھي تھ، ھن ڪڏھن بھ ڏکئي وقت تي دل نھ لاٿي. اھي لمحا ۽ گھڙيون جن ۾ ڪيترن جھونن ڪپتانن کي بھ پگھر اچيو وڃن، اسان جو رشيد سڪون ۽ شانتيءَ سان ويھھ ويھھ ڪلاڪ بھ برج تي بيھي، جھازن کي طوفانن ۽ ڪنن مان سلامتيءَ سان اڪرائيندو رھيو. بقول ھڪ نوجوان ڪئپٽن جي جيڪو ڪنھن زماني ۾ ڪئپٽن رشيد جي جھاز تي، ھڪ جونيئر نيويگيٽر ھو: ”ڪئپٽن رشيد سان ڪم ڪرڻ ۾ اسين سڀ Enjoy ڪندا ھئاسين، جو مشڪل وقت تي نھ ھو پاڻ پريشان ٿيندو ھو ۽ نھ اسان کي ٿيڻ ڏيندو ھو. وڏيءَ ھمت وارو ڪئپٽن آھي. ھن کي جاگرافي، تان، سمنڊ ۽ سمنڊ جي لھرن، ھوائن جي رخن وغيره جي نھ فقط ڄاڻ آھي، پر انھن مان فائدو وٺي، جھاز کي ھميشھ بھتر ۽ سلامتيءَ واري راھ تان اڪارڻ جي ڏات بھ اٿس تھ ڏانءُ بھ.“

ڪئپٽن رشيد ابڙي جو جنھن فئمليءَ سان تعلق آھي، اھا تعليم ۽ ادب ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي. سندن والد صاحب سائين نور محمد ابڙو (مرحوم) ۽ ڏاڏو احمد خان صاحب شاعر ٿي گذريا آھن. سنڌ جا ناليرا شاعر سليم ھالائي ۽ انور ھالائي سندس سڳا چاچا آھن.

ڪئپٽن رشيد ابڙي جھاز ھلائڻ جو مٿانھون ۽ آخري امتحان 1980ع ۾ پاس ڪيو، جنھن بعد ھو دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ جو ۽ ڪنھن بھ قسم جو جھاز ھلائي سگھي ٿو. ان امتحان پاس ڪرڻ واري کي ”ماسٽر مئرينر“ پڻ سڏجي ٿو. ڪيترا ئي سال جھازن جي ڪمانڊ سنڀالڻ (يعني ڪئپٽن ٿي ھلائڻ) بعد، ھو جھازران آفيس ۾ جھازن ۽ انھن جي ڪئپٽنن جو آفيسر ٿي رھيو. اسان وٽ رٽائرمينٽ جي عمر سٺ سال آھي، پر رشيد پنجاھ سالن کان بھ اڳ سرڪاري نوڪري ڇڏي، پنھنجو پرائيويٽ بزنس ڪري رھيو آھي، جنھن جو واسطو پڻ جھازن ۽ جھازرانيءَ سان آھي. جھاز ھلائڻ ۽ جھاز سان واسطو رکندڙ ڄاڻ کان علاوه، ڪئپٽن رشيد اقتصاديات جو پڻ شاگرد رھيو آھي ۽ Economics سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي اٿس.

ڪئپٽن رشيد، پاڪستان شپ ايجنٽس ايوسيئيشن جو وائيس چيئرمين پڻ آھي. ان کان علاوه ھو ھيٺين ادارن جو ميمبر آھي:

ڊاڪ لئبر بورڊ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ

فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽريز FPCCI

FPCCI جي زونل ڪميٽي لاھور

ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ پاڪستان/انگلينڊ

مئنيجمينت ڪميٽي پاڪستان شپ ايجنٽس ايوسيئيشن

مئنيجمينٽ ڪميٽي ماسٽر مرينرس سوسائٽي

ڪئپٽن رشيد ابڙو پنھنجي پراڻي ڪاليج – پيٽارو جي ڪمن ۾ پڻ دلچسپي وٺندو رھيو آھي ۽ اسان جي پيٽارين ايوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آھي.

ان کان علاوه ڪئپٽن رشيد ابڙو FPCCI پورٽس ۽ شپنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين، پاڪستان سعودي بزنيس ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ۽ پاڪستان نيشنل فيري سروسز جو ڊائريڪٽر پڻ آھي.

پاڻ پنھنجي پرائيويٽ جھاز بزنيس کي منھن ڏيڻ کان علاوه ڪيترا ئي قومي ۽ بين الاقوامي قسم جا سيمينار ۽ ڪانفرنسون پڻ اٽينڊ ڪندو رھي ٿو. تازو ھينئر ويجھڙائي ۾ جنيوا، سئٽزرلينڊ ۾ جيڪا انٽرنيشنل لئبر آرگنائيزيشن جي ڪانفرس ٿي ھئي، ان ۾ نمائندي (Delegate) جي حيثيت سان ويو. ان کان اڳ جن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ ھن نمائندي جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، انھن مان ڪجھھ ھي آھن:

IMO طرفان جھازن تي خطرناڪ قسم جي سامان کڻڻ جو سيمينار جيڪو مدراس (انڊيا) ۾ ٿيو.

SAARC وارن جو سيمينار جيڪو UNESCAP وارن آرگنائيز ڪيو.

IGTEX وارن جي نمائش ڪولمبو، سريلنڪا

پاڪستان ۾ ترڪي جي گڏيل بزنس جي ڪانفرنس ۾ نمائندي جي حيثيت سان ترڪيءَ ويو.

اھڙيءَ طرح سعودي عرب بھ نمائندي جي حيثيت سان گڏيل بزنيس ۽ شپنگ جا سيمينار اٽينڊ ڪيائين.

ڪئپٽن رشيد جي ٻين سٺين ڳالھين مان اھا وڏي ڪاميابي ۽ ريڪارڊ قائم ڪرڻ واري ڳالھھ آھي تھ، ھن PNSC ۾ چارٽرنگ مئنيجر جي حيثيت سان ننڍڙي عرصي ۾، پنجاھ لک ٽن ڪوئلو، ڪڻڪ، ولائتي ڀاڻ ۽ Iron Ore مختلف جھازن ذريعي مختلف ملڪن کان ٽرانسفر ڪرايا. 1992ع ۾ نارٿ اسٽار نالي ھڪ جھازي ڪمپنيءَ جو بنياد رکيائين، جنھن ٻن سالن اندر ھڪ سؤ کان مٿي جھازن ۾ ڪڻڪ، چانور، ڀاڻ وغيره ڍوئرايو.

ڪئپٽن رشيد جي ڄم جي تاريخ 5 جون 1949ع آھي. پاڻ 25 ڊسمبر 1971ع تي پنھنجي مامي محمد اسحاق ابڙي جي گھران شادي ڪيائين. کيس ٽي ٻار: عاطف، سدرا ۽ انجم آھن.

الطاف شيخ

 

 

ليکڪ جا لفظ

سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گھمڻ ڦرڻ آھي، اتي مھم جوئي ۽ ائدوينچر پڻ آھي. منھنجا پڙھندڙ ملڻ وقت اڪثر اھو پڇندا آھن تھ سمنڊ تي پيشڪ آيل ڪنھن بھ حادثي بابت ٻڌايان.

سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي ”زندگيءَ“ مثل آھي، جنھن ۾ جيئن ڏک سک، سٺا ۽ خراب ڏينھن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گھمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آھن، اتي موسن جون گرميون سرديون، پاڻيءَ جا لاھا چاڙھا، ھوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جھاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آھن. ان کان علاوه رستي کان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ ھنگاما، ائنڪريج تي ھفتن جا ھفتا اندر بندرگاھ ۾ گھڙڻ لاءِ انتظار، اگھايون سگھايون ۽ ٻيا ڪيترا ئي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون.

منھنجي ھميشھ اھا ڪوشش رھي آھي تھ سمنڊ جي زندگيءَ جو بھترين ۽ دلچسپ رخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گھڻي Seafaring Nation ناھي ۽ کين اٿندي ئي جي اھڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالھيون ٻڌائبيون تھ، ھرڪو ھن زندگيءَ کان ونءُ ويندو. اھو ائين آھي جيئن ڪو سرجن رڳو انھن مريضن جو ويھي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران ھن کان مري ويا ھجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اھڙي طرح رڳو جھازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالھيون ڪبيون تھ، ڪھڙو مسافر يا ماڻھو جھاز تي چڙھندو؟ ۽ جي ايندو بھ تھ سمورو وقت پاڻ بھ بي چين رھندو ۽ جھاز ھلائڻ وارن جو بھ سک ڦٽائيندو.

اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي ھلائڻ ۽ پنھنجا ماڻھو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏھن جو اوڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ھئي. اڪيڊمي چٽگانگ شھر کان گھڻو پري خليج بنگال ۾ ھڪ ٻيٽ جلديا تي ھئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ ھئاسين. ھڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شھر ڏي گھمڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان بھ پاڻي وسڻ لڳو تھ ھيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون بھ جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون تھ اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رھيون ھيون ۽ انھن ۾ ويٺل ماڻھو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رھيا ھئا. اسان جي ھمراھن لانچ کي گھڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙھا بنگالي ملاح بھ دل ھاري ويٺا.

انھن ڏينھن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رھندو ھو، جنھن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود بھ Diagnosis (تشخيص) ئي نھ پي ٿي سگھيو، تھ ڇا کان آھي ۽ آئون ايڏو تھ پريشان رھندو ھوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منھنجي ڀر ۾ منھنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل ھو. تنھن چيو: يار بچڻ جي ڪا واھي ناھي. ڪو ڪرشمو ٿئي تھ ڪا ٻي ڳالھھ آھي. مون چيومانس: ھڪ ڏينھن مرڻو ئي آھي پوءِ ڇو نھ اڄ ئي. آءٌ تھ زندگيءَ مان چاھ ڪڏھن کان وڃائي ويٺو آھيان.

ياد اٿم تھ ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيٰ چيو: ”پر يار! پاڻ کي ھيئن مرڻ نھ کپي، جو ماڻھو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوھ مڙھين ۽ پنھنجا پاڪستاني، جن اڃا ھاڻ ھن زندگيءَ طرف رخ رکيو آھي، دل شڪستا ٿي پون. اڪيڊميءَ جي ھيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر باھ وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جھاز گورن (انگريزن) جي ئي ھٿن ۾ رھندا.“

اڄ ان کي ويھھ سال ٿي ويا آھن، گورا سڀ ھليا ويا. اسان جي بئج جا تھ سڀ ڪڏھوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ بھ ايترا ٿي چڪا آھن، جو پنھنجا جھاز تھ پاڻ ٿا ھلايون، پر اسان جا ھمراھ ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جھاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان ھلائي رھيا آھن ۽ اسان کي جھازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بھترين مڃيو وڃي ٿو. منھنجي خيال ۾ گذريل ويھن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا ھاڻ ٻڌائي سگھجن ٿا. انھن مان ڪجھھ قلمبند ڪري رھيو آھيان. ھونءَ بھ ھيستائين پڙھندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالھيون ايتريون تھ ٻڌيون آھن، جو ھي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گھرو اثر نھ ڇڏيندا.

بھرحال! ھن ڪتاب ۾ جھاز ۽ سمنڊ بابت پنھنجا نھ، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رھيو آھيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آھن. ھر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجھاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کان غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھن.

ٻي ڳالھھ تھ لکڻ منھنجي وندر آھي، منھنجي زندگي آھي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نھ بڻايو آھي ۽ نھ ئي سمجھان ٿو تھ ڪنھن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو ھجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون ھوندس. منھنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙھندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مھنگا ھجڻ جي شڪايت مون کي بھ آھي. منھنجي ھر وقت اھا ڪوشش رھي ٿي تھ منھنجي ڪتابن جي قيمت اڃا بھ گھٽ رھي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مھنگي ھجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان جھجھي ڪميشن جي گھر ڪري (جيڪا ذري گھٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃيو ٿئي) ڪيترا ئي دفعا پبلشرن کي بھ ماڳھين نقصان پيو ھوندو. ساڳي وقت ايجنٽن سان بھ اھو مسئلو ٻڌجي ٿو تھ ھو اھي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ ٿا ڪن ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پوءِ بھ سندن ڪجھھ پئسا ٻڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره.

بھرحال! ان ھوندي بھ آئون ھر وقت پبلشرس کي قيمت گھٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رھان ٿو. ان ھوندي بھ ڪو ڀاءُ/ڀيڻ سمجھي ٿو تھ ھو منھنجا ڪتاب نيو فيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جھڙا ڇپائي اڃا بھ گھٽ قيمت ۾ پڙھندڙن تائين پھچائي سگھي ٿو تھ مون کي خوشي ٿيندي ۽ ھو مون سان لھھ وچڙ ۾ اچي سگھي ٿو.

پڙھندڙن جي راءِ/تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رھندو.

 

خلوص منجھان

الطاف شيخ


 

 

 

 

مھاڳ

الطاف، جنھن آفريڪا جي نوجوان نينگريءَ جي ڪاري چھري تي باک ڦٽندي ڏٺي آھي- الطاف، جنھن شاھ بلوط جي ڇانوري ۾ ٻن ڀورن انسانن کي پيار ڪندي ڏٺو آھي- الطاف، جنھن سمنڊ جي شور ۽ جھاز جي الارم ۾ ٿري ماءُ جي لولي گونجندي ٻڌي آھي- الطاف، جنھن اولھھ جي ميداني علائقن ۾ شام ويلي شفق جي ڳاڙھاڻ ۾ سنڌ جي پسين ۽ پيرن جا رنگ نکرندي ڏٺا آھن- الطاف، جنھن اوڀر ۾ ويجھي کان سج اڀرندي ڏٺو آھي- الطاف، جنھن بک وگھئي رم (شراب) پي، خلاصين کي ڪپتان ۽ پنھنجي ھڪ ساٿي خلاصيءَ جو گوشت کائيندي تھ نھ ڏٺو آھي، پر رنگا مٽي جھاز تي چين ولايت ويندي، لڳاتار ست ڏينھن سامونڊي لھرن ۽ طوفان سان پاڻ ۽ پنھنجي ساٿين کي مقابلو ڪندي ضرور ڏٺو آھي، سو پنھنجي ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ جي ورقن مان پاڻ پسائي، اجھو مون سان ڪچھري پيو ڪري. ڄڻ تھ اڇي ٽوپي پايو ”رنگا مٽي“ جھاز جو سکاڻ پڪڙي، شارڪ مڇي ڏيکاري، پيو مشھور غوطا خور روڊني فاڪس جي زخمي ٿيڻ جون ڳالھيون ٻڌائي.

سچ پچ الطاف ڦيٿ ھٿ ۾ کڻي ڌرتيءَ جي گولي کي ماپي ورتو آھي. سندس مشاھدي جي ڪئنواس تي ڇا ڇا نھ آيو ھوندو؟ سوچيان پيو، ڪو اھڙو منظر يا ڪو اھڙو عڪس بھ ھوندو، جنھن الطاف جي شعور ۽ ذھن تي ڪو چٽ نھ چٽيو ھجي؟ الطاف جنھن بھ ڪاريگر جو ڪو چڱو چٽ ۽ نقش ڏٺو آھي تھ، اسان سان ان جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿائين. ھن بنگال ڏٺو آھي، جنھن لاءِ جوش مليح آبادي چيو ھو تھ، ھڪ ڏينھن ھن ھڪ بنگالڻ دوشيزه کي وھنجڻ کان پوءِ، ڪلھن تي لٽڪايل زلفن مان پاڻيءَ جا ڦڙا ڳڙندي ڏٺا ھئا ۽ ان ڏينھن کان پوءِ مرحوم جوش وھنجڻ شروع ڪيو ھو. الطاف جپان بھ ڏٺو آھي، جتي مون خود بھ ڪيوٽو ۾ شامل ويلي، ڇاتيءَ ويڪرين ۽ برفاني جسمن وارين حسينائن کي سوني مندر Golden Temple وٽ، گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾، کيکڙن جا پڪوڙا کائيندي ڏٺو ھو.

”ھڪڙي خوفناڪ سفر“ ۾ مڇريل ۽ بکايل خلاصين جو جھاز جي ڪپتان ۽ ھڪ پنھنجي ساٿيءَ جو گوشت، ڳجھن جيان ڳڙڪائي ڇڏڻ وارو، ھڪ اھڙو عمل آھي، جنھن کي پڙھڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي. اھا بک ئي آھي جيڪا انسان کي وحشي بڻائي، انسان جو رت ٿي پياري. بک جي شدت جو اھو وڏي ۾ وڏو مثال آھي. انسان کي زندھ رھڻو آھي، پوءِ ڇو نھ کيس پاڻ کان ڪمزور ھڪ ٻئي انسان جو گوشت کائڻو پوي.

اسان آفريڪا جي ڏڪاريل انسانن جون انساني ڍانچي جھڙيون تصويرون ڏٺيون آھن ۽ احوال پڙھيا آھن. بکن جي اھڙي عالم ۾ جيڪڏھن بکيو پيءُ پنھنجي پٽ يا ڌيءَ جو پاڻ گوشت نھ کائيندو ھوندو تھ، گھٽ ۾ گھٽ پيءُ پنھنجي جسم مان گوشت جا ٽڪرا ڪوري پنھنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي ضرور آڇيندو ھوندو تھ، ”بابا! ھي کائو.“ الطاف زندگيءَ جي ھن جھڙن حقيقي واقعن ۽ حادثن جا ترجما ڪري، پيٽ جي عالمي مسئلي جي چٽي ۽ صاف تصوير ويھي چِٽي آھي. اسان جي ٿري ۽ جابلو علائقن ۾ اڄ بھ انسان کي ويلن جا ويلا ماني ڀور نٿو ملي. جس ھجي انھن ٿري ۽ جابلو انسانن کي، جن اڃا سوڌو پنھنجي ڀاءُ يا پاڙيسريءَ جو گوشت نھ چکيو آھي.

ھتي مون کي ننڍڙائپ جو ھڪ واقعو ياد اچي ويو آھي. مان وڌ ۾ وڌ يارنھن-ٻارنھن سالن جو ھيس. ٻيا شڪاري ۽ خفتي ڪراڙا ۽ جوان جماڻ ھئا. ڪچي ۾ سڄي رات باھيون ٻاري، اوسر جو شڪار ڪيو ھئوسين ۽ ڏينھن جو جھانگيلي ۽ باھڻيءَ ۾ تڙ جو شڪار ڪيو ھئوسين. بک ايڏو تھ بي وس ڪيو ھو جو ٻوڏ کان پوءِ ڪچي ۾ تازن چڻن جي تازي پوکيل فصل جا ڀتر ۽ کڙا پاسي ڪري، چڻن جا انگور داڻا چونڊي کاڌا ھئاسين.

ساڳئي مضمون ۾ ”ھوا جي بيھي وڃڻ“، ”پاڻيءَ مان چرپر ختم

ٿي وڃڻ“، ”جھاز جو ڏينھن جا ڏينھن ھڪ ھنڌ ٽڪ ٻڌي بيھڻ“ وارا عمل اسان جي معلومات ۾ حيرت وجھيو ڇڏين ٿا.

”جنھن جا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنھن پنھنجي کير پياڪ ٻار کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو.“

ھي اھي جملا آھن، جيڪي ”موت جي سفر“ مان ورتا ويا آھن. ٻڏڻ کان پوءِ بھ ٻارڙي کي ڇاتيءَ سان لائي رکڻ وارو فطري عمل، ”مامتا“ جو ھڪ لاجواب مثال آھي، جيڪو خوش قسمتيءَ سان اسان کي الطاف ئي ٻڌايو آھي.

”ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس تھ صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھھ نھ وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو، جنھن ۾ نھ بک جو احساس ھو ۽ نھ اڃ جي پيڙا.“

بک جي احساس ۽ اڃ جي پيڙا جي خوبصورت تصوير چٽيل آھي. ڏڪارين ۽ ڦرلٽ ھٺيلن جي منھن تي ھڪ زوردار چماٽ آھي– الطاف جا مٿيان جملا ساھ ۾ سانڍڻ جھڙا آھن، وري وري پڙھڻ جوڳا آھن.

”سانباھو سمونڊ جو“ جي مھاڳ ۾ اسان جي سڄاڻ ڌرتيءَ ڄائيءَ ڀيڻ نور الھديٰ شاھ لکيو آھي:

”الطاف پنھنجي اندر جي ڪيفيتن کي ضرور ظاھر ڪري ٿو، پر ھڪ پرچارڪ جي انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظھار کان ڄڻ لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما ھاڻي ھن اسٽيج تي ورجاءِ جو شڪار ٿيڻ لڳا آھن.“

الطاف جي سفرنامي ”جاني تھ جھاز ۾“ جو مھاڳ لڳندي، زبيده ميتلو لکيو آھي:

”ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھن کي چوندو ٻڌم تھ، الطاف شيخ جي لکت ۾ تخليق جو عمل بلڪل ڪونھي – رڳو ملڪن جي رپورٽ جون جھلڪيون آھن.“

زبيده، الطاف جو دفاع ڪندي لکيو آھي تھ تخليق کي ٻيا ڪھڙا سونا سڱ ھوندا آھن؟ ڇا ٻوليءَ جي پختگي، لکت ۾ ڏانءَ ۽ ڏاھپ جو لاڙو، جنون جو جمال تخليق ناھي ٿيندي؟

مون بھ سوچيو ھو تھ ٻولي، گرامر، اصطلاحن ۽ جملن جي غلط استعمال جا مثال ڏيئي الطاف کي ”رنگ“ ۾ ڦاسائي، ٻھ چار جڊو – ڪراٽي جا داءَ ڪيان، پر ائين نھ ڪري سگھيس. ان ڪري نھ تھ ھو مون کان وڌيڪ طاقتور ۽ چوبڪو پھلوان آھي، پر ھيٺين حقيقتن ڪري:

”وايون وڻجارن جون“ جي منڍ ۾ الطاف پنھنجين اھڙين اوڻاين جو ذڪر بھ ڪيو آھي تھ اعتراف بھ – ان ڏس ۾ مان چوندس تھ الطاف جون اھي نالي ماتر خاميون ۽ اوڻايون سندس لکڻين جي تخليقي عمل تي ڪڏھن بھ اثر انداز نٿيون ٿي سگھن. سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح، الطاف جي ڏات ۽ ڏانو واريءَ سھاڳڻ جي چنيءَ تي تخليقي عمل جا ٿورا گھڻا چٽ ضرور آھن.

اسان جي سڄاڻ محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ جي مھاڳ ۾ الطاف کي ڏنل ادبي حيثيت ۽ اھميت پڙھي وڌيڪ ٿڌو ٿي ويس.

”بندر بازاريون“ جو مھاڳ لکندي سدا حيات جانيئڙي امر جليل لکيو آھي:

الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آھي، تنھن ڪري ھو دنيا جي جنھن بھ حصي ۾ ويندو آھي، اتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڳولا ڪندو آھي.“

وري لکي ٿو:

الطاف شيخ ڪولمبس ناھي، پر ھن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آھي.“

سندس ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ بابت پيارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو:

جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن، پر ھن سفرنامي ۾ سندس نظر چوڌاري ۽ گھري آھي. مون کي تھ ھن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ گنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز ٿي لڳي.“

بس، الطاف ۽ الطاف جي لکڻين بابت اسان جي سڄاڻ مٿين ليکڪن جي مھاڳ پڙھڻ کان پوءِ الطاف تان منھنجي ڪاوڙ بھ ختم ٿي وئي – الطاف پاڻ بھ تھ ايڏو مٺو ۽ محبتي يار آھي، جو مٿس ڪاوڙ ڪرڻ بھ تھ اخلاقي گناھ آھي.

”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ“ ۾ جھونپڙي ”سرناس“

۽ سندس ساٿارين جو خوفناڪ سمنڊ جھاڳي تختن مان جوڙيل ٻيڙيءَ وسيلي، پولاپ ٻيٽ کان ترڪ ٻيٽ ڏانھن وڃڻ، جستجوءَ جي علامت جو پيارو مثال آھي – جھاز کي ويجھو ڏسي، ھمراھن نھ دانھن ڪئي نھ وري ڪنھن بھ قسم جي مدد لاءِ پڪاريو. ھو جھاز تي سوار ٿيڻ لاءِ تيار ئي تڏھن ٿيا، جڏھن جھاز جي ڪپتان سندن ٻيڙيءَ سوڌو جھاز تي سوار ٿيڻ وارو شرط مڃيو. ڦٽن جي پيڙا ۽ بک لاءِ سوچڻ جي بجاءِ ناکئي سرناس سميت، سڀني ملاحن جو پنھنجيءَ ڀڳل ٽٽل ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ، سڙھ سڪائڻ، ڦاٽل سڙھ سبي ساڄا ڪرڻ، ناريل مان ٺھيل رسا ڇڪي ٻڌڻ واري جدوجھد ثابت ٿي ڪري تھ، سندن ھٿن سان جوڙيل سندن ٻيڙي، کين ڪيڏي نھ پياري ھئي. جيئڻ لاءِ جھيڙڻ واري عمل ۾، ھنن لاءِ اھا ننڍڙي ٻيڙي ڪنھن بھ وڏي جھاز کان گھٽ نھ ھئي.

الطاف سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اسان کي ڇا ڇا نھ چيو آڇي؟ الطاف اھو وڻجارو آھي، جنھن وٽ وکر ڍيرئون ڍير آھن. جيڪو ولايت مان ھر وڻج ۽ وڙ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگھھ– پار ڳالھائڻ جي اسان اڳيان کوڙ ڪري، ڀل تھ ھو ڪيترو بھ محصول ۽ قيمت ادا ڪري اسان وٽ پھچي، پر اسان کي وڙ وڙ جو وکر بنا ملھھ پيو آڇي.

الطاف جي لکڻين مان تخليقي عمل مينھن جي گوھن وانگر وھندو نظر اچي ھا، جيڪڏھن ھو واسطو رکندر ملڪ جي سماجي تاريخ، ثقافتي، اقتصادي حالتن، مسئلن ۽ ادبي لاڙن ۽ رخن جو ڳوڙھو ۽ ڀرپور مطالعو ۽ مشق ڪري پوءِ ويھي ڪتاب لکي ھا – پوءِ ڇو نھ ھو ٽن ڪتابن جي جاءِ تي ھڪ ڪتاب ڏئي ھا. تنھن ھوندي بھ مان ائين چوندس تھ، ھن جو بھ وکر وھايو آھي، سو پئي پراڻو نھ ٿيندو.

آئرلينڊ جي ڪناري ڀرسان آمريڪي جھاز ”لوسيتانيا“ جي ٻڏڻ واري ڀيانڪ منظر جو اھڙو تھ سريلو ۽ سيبائيندڙ ترجمو ٿيل آھي، جو ان لکڻيءَ کان متاثر ٿي مون کي چوڻو ٿو پوي تھ الطاف فقط اسان جو آھي ۽ نھ ڪنھن ٻئي جو.

ھن حادثي کي پڙھڻ کان پوءِ مان سوچيان ٿو تھ ھزارين ماڻھن کي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڏسي، جرمن ڪپتان ”سويگر“ کي جا خوشي ٿي ھوندي، ان جو بھ جواب ناھي.

”مرندي مرندي بچڻ“ ۾ الطاف لکيو آھي:

”...... انھيءَ علائقي ۾ مان اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي.“

شارڪ جي سمنڊ تي حڪمراني، سندس دٻدٻو ۽ انسان جي مجبوري ۽ بي وسيءَ جا ڪھڙا نھ عمدا ۽ سچا عڪس آھن.

”لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو“ جي تعارفي حصي ۾ الطاف اسان کي ظلم ۽ استحصالي قوتن جي ڪردار واريون اھڙيون تھ ڳالھيون ٻڌايون آھن، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جون ٻڌل ۽ پڙھيل بھ آھن، تڏھن بھ ڇرڪائي ٿيون ڇڏين. ظلم ۽ ظالم، پيڙڻ ۽ پيڙيندڙن جي غير انساني عمل خلاف آواز اٿارڻ لاءِ الطاف جون اھي ڳالھيون اسان جي قلم ۾ قوت ۽ آواز ۾ سگھھ ٿيون پيدا ڪن.

آفريڪا جي ڏڪاريل ۽ پٺتي پيل ملڪن مان غلامن جا ٽولن جا ٽولا خريد ڪري اچڻ، غلامن ۽ قيدين جا چپن ھلائڻ، سندن اگھاڙين پٺين تي چھبڪ وسائڻ، بکيا ھجن توڙي ڏکيا، پر جھاز ضرور ھلائين. مالڪن، جھازرانن ۽ ڇاڙتن جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ، ھوڏانھن وري انھن ستايل غلامن ۽ قيدين جا بلوا ڪري جھاز جي مالڪن ۽ سندن ڇاڙتن کي ماري سندن گوشت کائي ڇڏڻ وارا اوائلي واقعا، الطاف جي ڪتاب ۽ سندس لکڻين کي امر بڻائڻ وارا واقعا ۽ حادثا آھن. اسان کي خبر ٿي پوي تھ جھازن کي جڏھن انجڻين سان نھ پر چپن ۽ سڙھن وسيلي ھلايو ويندو ھو، تڏھن ھڪ طاقتور انسان، ٻئي مجبور انسان سان ڪھڙو ورتاءُ ڪندو ھو؟

ڪنھن بھ تخليقڪار جي تخليقن جو تنقيدي جائزو وٺندي، ڏسڻو اھو آھي تھ ليکڪ ادب ۽ زندگيءَ جي جديد تقاضائن ۽ لاڙن سان ٺھڪندڙ، اسان کي ڪھڙيون شيون ڏنيون آھن؟ وقت ۽ ماحول جي ڪھڙي ڳالھھ ڪھڙي انداز سان ڪئي اٿائين؟ ڪھڙو نئون گس ۽ ڪھڙي نئين لاٽ ٻاري اٿائين؟ ھن ڪنھن مخصوص ٽولي يا گروھ لاءِ ڪو پرچارڪ مواد تھ نھ ڏنو آھي؟ سندس لکڻين ۾ ڪيڏي وسعت ۽ نواڻ آھي؟ پراڻين ڳالھين جي ورجاءِ کان ئي سندس ادبي کيت ۾ ڪھڙا تخليقي عمل جا گل کڙيل آھن؟ ھن ڊپلوميسيءَ کان ڪم ورتو آھي يا ڪنھن سان جاندار رھيو آھي؟

الطاف جي شروعاتي سفرنامن ۾ تخليقي عمل بيشڪ گھٽ ٿو ملي، مگر وقت گذرڻ سان ھو ان غير تخليقي ڌٻڻ مان ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين سوڀارو ٿيو آھي. مون ٺري ويل خاڪ ھٽائي، چڱيءَ طرح ڏٺو آھي تھ، الطاف جي تخليقي آويءَ مان تازا تيار ٿيل گھڙا اڳ وارن گھڙن کان نھ رڳو سٺا پڪل آھن، پر مٿن اڪريل چٽ بھ موھيندڙ آھي. ڀٽائي ويندي ويندي اھڙن سامونڊي وڻجارن لاءِ تڏھن تھ چيو ھو:

”ويا جي عميق ڏي، منھن ڪائو ڏئي،

تن سپون سوجھي ڪڍيون پاتاران پيھي،

پسندا سي ئي، املھھ اکڙين سين.“

(شاھ)

 

تاجل بيوس

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: