سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب: --

صفحو :3

حيدرآباد کان واپسي:

        ميرن وٽان جواب اچڻ تائين مقرر ٿيل وقت 24) تاريخ) جي ختم ٿيڻ تي اسين واپس فوج جي ڪئمپ ڏانهن روانا ٿياسون، هوا مٽائي ۽ درياءَ جي لهواري رخ جي ڪري 3 ڪلاڪن اندر 18 ميلن جو مفاصلو طئي ڪري اسين اچي جهرڪن ۾ پهتاسون.

25 تاريخ فوج سان گڏياسون، جا پڻ ان ڏينهن تي اتي پهتي هئي. هتي مان ذري گهٽ ٻڏندي بچيو هوس. مون سان پنهنجي ڪتابن جي ڳري صندوق ساڻ هئي، جا مون هڪ سنڌيءَ جي مدد سان ٻن ٻيڙين جي ڪناري تي آندي جيڪي گڏ بيٺل هيون، ان حالت ۾ اهو سنڌي اوچتو مون کي اتي ئي ڇڏي هليو ويو. مان صندوق وڃائڻ جي ڊپ کان اتان چري به نٿي سگهيس. ان خطرناڪ ۽ نازڪ حالت ۾ مون کي 15 منٽ لڳي ويا. ڪنهن مهل اهي ٻئي ٻيڙيون ڪجهه چريون ۽ مان پنهنجي صندوق سميت درياءَ ۾ ڪرڻ وارو هوس، ته ايتري ۾ ٻيڙي وارو سنڌي موٽي آيو، ۽ معذرت يا افسوس جو هڪ لفظ به ڪڇڻ بنا، مون کان منهنجي ”شان وٽان“ بخشِش جو مطالبو ڪيائين.

        مان پنهنجي ڪاوڙ ۽ خارن کي دٻائي جهٽ پٽ خرچي ڪڍي، هن بدمعاش کي ڏني، ته مون کي ۽ منهنجي صندوق کي بچائي، پر دل ۾ مون هن کي نهايت ئي پٽيو  ته شل خدا کيس جهنم واصل ڪري .

 

حملي جا افواه:

        هتي اٺ ڏينهن اسان جي فوجن جي ڪئمپ هئي. وقت بوقت رات جي حملن جا ڪوڙا افواه اٿندا هئا. بمبئي پياده فوج جو هڪ سپاهي چَندِي دين، جيڪوتازو ميرشيرمحمد خان جي قيد مان ڀڄي آيو هو، تنهن احوال آندو ته شيرمحمدخان عنقريب اسان جي خلاف حيدرآباد وارن ميرن سان شريڪ ٿيڻ وارو آهي. 29 تاريخ سيد اسماعيل شاهه ۽ سندس هڪڙو پٽ، انگريز اختياريءَ وارن سان ڳالهين هلائڻ لاءِ ڪئمپ ۾ پهتا.

30 تاريخ شام جو ٽن فوجي عملدارن جا لاش آندا ويا، جي بنا موڪل شڪار ڪرڻ هليا ويا هئا، پر ٻيلي ۾ چوڌاري باهه لڳي وڃڻ سبب، سندن ڀڄڻ جون سموريون واهون بند ٿي ويون ۽ هو سڙي مري ويا هئا.

        پهرين فيبروري 1839ع ميرن جي سفير سيد اسماعيل شاهه ظاهر ڪيو ته ”مير انگريزن جي تازن مڙهيل شرطن کي قبول ٿا ڪن.“ ٻئي ڏينهن اسماعيل جي پٽ، تقي شاهه کي ميرن جي دستخطن حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو.

        3 تاريخ اسان جهرڪن مان پنهنجي منزل کنئي، ۽ 11 ميلن جو فاصلو لتاڙي اسان اچي اسماعيل جي ڳوٺ وٽ ڪئمپ ڪئي. اتان وري وڌيڪ 9 ميل پنڌ ڪرڻ بعد اسان جي فوج ڪوٽڙيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهتي. هيءُ ڳوٺ حيدرآباد جي سامهون درياءَ جي ساڄي ڪناري تي آهي، ميرن جي فوج جا درياءَ جي ڏائي ڪپ تي بيٺل هئي، سا، اسان کي معلوم ٿيوته 3 تاريخ واپس حيدرآباد رواني ٿي وئي هئي.  اسان ان جي هڪ حصي کي تڪڙو پٺتي موٽندو ڏٺو هو. ان فوج ۾ ڏهه هزار ماڻهو 30 توپون هيون، انهن مان 7 هزار فوج ۽ 12 توبون شيرمحمد جون هيون، جو انگريزن خلاف حيدرآباد وارن ميرن کي هرڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر انگريزن جي طاقت ۽ زور وڌيڪ ڏسي واپس ميرپورخاص هليو ويو هو، ۽ ريزيڊنٽ ڏانهن جيڪو خط لکيو هو، ان جو پڻ نهايت ئي منرم جواب ڏياري موڪليو هئائين.

        هنن ڏينهن ۾ درياءَ جو پاڻي آهستي آهستي چڙهڻ شروع ٿيندو آهي. هيءُ پاڻي جيتوڻيڪ مٽيءَ وارو آهي، پر جيڪڏهن ان کي صفا ڪري ڪتب آندو وڃي، ته نهايت ئي لذيذ ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿو. ان کي صفا ڪرڻ جو طريقو بلڪل آسان آهي. بادام جي کل کي دلي يا مٽ جي اندرئين پاسي گِهَڻَ کان پوءِ اُن مٽ يا دلي ۾ درياءَ جو پاڻي ڀريو وڃي، ته ڪلاڪ کن اندر سموري مٽي وڃي تر وٺندي ۽ پاڻي صاف سٿرو نظر ايندو. پوءِ اهو پاڻي ڪنهن ٻئي ٿانوَ ۾ لاهي پيئڻ لاءِ رکيو ويندو آهي، پر جي درياءَ جو پاڻي صفا ڪرڻ بنا ڪم آندو وڃي، خاص طرح پلو کائڻ بعد ته اهڙي حالت ۾ نهايت ئي خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي، ۽ ماڻهو پڪ ئي پڪ سوريءَ جي مرض جو شڪار ٿيو وڃي، جيڪو اڪثر موتمار ثابت ٿيندو آهي.

        6 تاريخ ريزيڊنٽ لاءِ ميرن وٽان مهمانيءَ طور مٺائين جا ٿالهه ڀرجي آيا. پر جيئن ته انگريز گوشت جا شوقين آهن ۽ مٺائين سان سندن گهڻي ڪانه پئي آهي. ان ڪري مٺائي جا سڄا ٻه ٿالهه منهنجي حصي ۾ آيا. جن ۾ اٽڪل هڪ مڻ کن اعلي درجي جي مٺائي پيل هئي، منهنجي سمورن دوستن، ملازمن ۽ مون پاڻ ڪيترا ڏينهن پئي انهن مٺاين جو مزو ورتو ۽ ريزيڊنٽ جا شڪرانا مڃيا.

        10 فيبروري آچر جي ڏينهن، اسان فوج سان گڏ هتان پنهنجي منزل کنئي ۽ ڪوٽڙيءَ کان 8 ميل پنڌ ڪري ”ٻڍي جي ڳوٺ“ وٽ اچي منزل ڪئي سون، هتي اسان کي رسد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ امداد لاءِ اسماعيل شاهه جو پٽ صادق شاه ميرن جي نمائندن طور اچي اسان سان گڏيو، اسان کي حڪم مليل هئا ته پنهنجي مارچ (پنڌ) ۾، جيتري قدر ٿي سگهي، هميشه درياءَ جي ساڄي ڪناري جي ڀرسان وڌندا رهون. هڪ سپاهي حماقت ڪري پاڻي پيارڻ جي هميشه واري خاص هنڌ کي ڇڏي ٻئي هنڌان وڃي پنهنجي گهوڙي کي پاڻي پياريو، ته هميشه لاءِ غرق ٿي ويو. هڪ اُٺ گوڏن تائين پاڻي اندر گهڙي پاڻي پي رهيو هو، ته کيس آفت جهڙو واڳون گهلي پاڻيءَ اندر کڻي ويو. اڄ پنج سپاهي فوج مان ڀڄي هليا ويا آهن. هن بعد فوج سان گڏ اسان جو مارچ هيٺينءَ ريت ٿيو:

        11 تاريخ 10 ميل ڪري، انڙ پور،

        12 تاريخ 9 ميل ڪري، گوپانگ،

        13 تاريخ 10 ميل ڪري مانجهند،

        14 تاريخ 11 ميل ڪري سَن ،

        15 تاريخ 12 ميل ڪري آمري،

        16 تاريخ 12 ميل ڪري، لڪي.

 

لڪي شاهه صدر:

        لڪي اٽڪل سئو کن گهرن جو وڏو ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ سنڌ جي سيدن جي هڪ خاندان جو مکيه مرڪز آهي. هتي سيوستان جي هڪ وڏي ٽَڪر جي دامن ۾ شاهه صدرجو مقبرو آهي. اهو ڏسڻ ويس، هيءُ ڳوٺ کان ٽي سئو کن والن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ مشهور بزرگ اصل عربستان کان هتي آيو هو ۽ سنڌ ۾ هزارن ملحدن ۽ بت پرستن کي اسلام جي دائري ۾ داخل ڪيائين. سندس مقبرو ايران  جي نادر  شاهه بادشاهه جي حڪم سان 1155هه ۾، هن جاءِ ٺهرايو ويوهو. روايت آهي ته نادي شاهه کي هن بزرگ خواب ۾ بشارت ڏني، ته هو عمرڪوٽ اچي، جتي کيس گهڻوئي شاهي خزانو ملندو. نادر شاهه ان غيبي آواز تي عمل ڪري سنڌ ۾ آيو، جتي سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن کيس بيشمار خزانا ڏنا. نادر شاهه انهن خزانن مان لڪيءَ جي سيدن کي چڱو ورسايو ۽ کيس هدايت ڪيائين ته بزرگ جو مقبرو اڏايو وڃي، جنهن تي عمل ڪندي هيءُ مقبرو تعمير ڪرايو ويو. مقبري جي دروازي تي هڪڙو بيت لکيل آهي، جنهن مان ان جي تعمير جو هجري سال ابجد جي حساب سان 1155 هجري يا 1742ع نڪري ٿو.[1]

        چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا اهي سمورا سيد، جيڪي لڪياري سڏيا وڃن ٿا، هن بزرگ جو اولاد آهن، جنهن جو شجرو اڳتي هلي امام علي نقيءَ سان ملي ٿو. منهنجو خيال آهي ته لفظ ”لڪي“ پڻ انهيءَ لفظ ”نقي“ جي بگڙيل صورت آهي، جو جناب ڏهين امام جو اسم مبارڪ آهي.

        هن جاءِ کان هڪ ميل کن تي جبلن جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ آهي. ويجهي ۾ ويجهي ٽڪر تي هڪ ٻئي سان گڏ لاڳيتا ٻه چشما آهن. هڪڙي جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو ۽ اوجل آهي. ته ٻئي جو وري ڏاڍو گرم آهي.

        انگريزي فوج وراڻيو، جو مارچ ۾ پٺتي رهجي ويو هو، ان کان ڪي بلوچ ڌاڙيل سندس سمورا ڪپڙا ڦري، سندس ٻانهن تي تلوار جا ٻه گهاءَ ڪري کيس ڇڏي ويا هئا، جو رت ڳاڙيندو اچي اسان وٽ پهتو هو. ڪيترائي اُٺ پڻ چوري ٿي ويا آهن. اهي ڏوهه گهڻو ڪري ڀرڳڙي، مري ۽ لغاري بلوچن جا ڪيل آهن، جي پنهنجي گڏهن، رڍن ۽ ٻڪرين وغيره سان هنن ٽڪرين ۾ آباد آهن۽ ورلي ڪو ڀر وارن ڳوٺن ۾ ايندا آهن.

        17، 18، 19 تاريخ، اسان جو مارچ بند رهيو، جيئن ضروري ڳرو سامان اڳ ۾ روانو ڪري سگهون. اُٺن جا ٽي ڦورو هٿ ڪيا ويا، جن کي چهبڪن جي سزا ڏئي، سندن ڏاڙهيون ۽ مٿا ڪوڙي، کين ڇڏي ڏنو ويو. هڪ يورپين سپاهي، جو ڦورن کي سزا ملڻ وقت منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن مون کي چيو چهبڪن  لڳڻ واريءَ سزا کي ڇڏي، باقي ڏاڙهيءَ ۽ مٿي ڪوڙائڻ جي سزا جيڪڏهن مون کي روزانو ڏني وڃي، ته هوند مان ڏاڍو خوش ٿيان.

        20 تاريخ، صبح جو سوير، اسان جو مارچ شروع ٿيو، ۽ 10 بجي مهل صبح جو اسين سيوهڻ واري لڪ وٽ پهتاسون. رات گجگوڙن سان مينهن وٺو هو، ۽ اڄ صبح جو آسمان تي ڏاڍو لڙاٽ ۽ ڪوهيرو هو، هندستان ۾ هن مهيني ۾ ورلي ڪو مينهن وسندو آهي. سيوهڻ جو لڪ سيوهڻ ۽ لڪيءَ جي وچ ۾ اڌ پنڌ تي آهي، ۽ ٻه سئو وال ڊگهو اهي. هتي مصيبت هيءَ آهي ته درياءَ هتان بلڪل جبل جي دامن وٽان لنگهي ٿو. هن رستي تان لنگهندي انسان کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي. هتي کاٻي پاسي اُڀ ڪپيءَ جي هيٺان درياءَ جي ڪنن جا ڪڙڪا آهن. جن کي ڏسيو انسان کي ڀئو وٺيو وڃي. اسان جي انجنيئرن جتي جتي رستو تنگ محسوس ڪيو، اتي ان کي ڏهن فوٽن تائين ڪشادو ڪيو آهي. اسان جا سمورا ماڻهوبنا ڪنهن اهنج ۽ تڪليف جي هن لڪ مان لنگهي ويا، فقط هڪڙي پوڙهي عورت جي ٽنگھ هن شاهي گوڙ ۾ ڀڄي پئي.

        21 تاريخ اسان آرام ڪيو، ۽ سر ايڇ فين (Sir H. Fean) اسان جي ڪئمپ ۾ اچي لٿو. هن نواب محمد خان لغاريءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن کي ميرن موڪليو هو ته اتي اچي هن انگريز عملدار سان ملي. سندس ملاقات وقت هنن ٻن کان سواءِ ڪنهن کي به ويهڻ لاءِ ڪرسي نه ملي. ڪئپٽن ايسٽوڪ سندن اڳيان بيهي ترجمان جا فرائض بجاءِ آندا. اجمير ۾ گورنر جنرل جي ڪيترين ئي درٻارن ۾ آءُ حاضر رهيو آهيان، پر ماڻهن کي ههڙي گهٽ اهميت ملندي ڪٿي به نه ڏٺي اٿم.

        آءُ ڪيپٽن ايسٽوڪ جي پوئتان بيٺو هوس، ۽ ڪنهن ڪنهن مهل جيڪڏهن سندس جملن جو تلفظ صاف نه هو، اهي نواب صاحب کي وري دهرائي پئي ٻڌايم. سر فين جڏهن پهريون ڀيرو منهنجو آواز ٻڌو، تڏهن هڪل ڪري پڇيائين ته ”جناب اوهين ڪير آهيو؟“ ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ کيس جواب ڏنو ته ” هي منهنجو منشي آهي.“ سر فين قداور، هوشيار، وچولي عمر جو ماڻهو آهي، پر ڏسجي ته کيس فضيلت ۽ لحاظ جو ڪوبه سبق مليل ڪونهي، بلوچ نواب چاهيو ٿي ته، ڪم جي ڳالهين ختم ٿيڻ بعد به ڪجهه ڳالهيون ڪري، پر سر فين نهايت رکائيءَ سان اٿي بيٺو، ۽ کانئس موڪلائڻ لڳو.

 

سيوهڻ:

        22 تاريخ چڱو سيءُ هو. آسمان ڪوهيري سان ڀريو پيو هو. مان سيوهڻ جو شهر ڏسڻ ويس، جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار کن گهر آهن ۽ 15 هزار آبادي آهي. لال شهباز جو قبو نهايت شاندار آهي. هيءَ عمارت 1148هجري جي ٺهيل آهي. دروازي تي ڪاٺ جي پڃري ۾ هڪ وڏو شينهن بيهاريل آهي.

        23 تاريخ 9 ميل مارچ ڪري، اسين ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسون. اسان جي فوج کي سيوهڻ وٽ درياءَ جي هڪ شاخ اڙل کي پار ڪرڻو هو. اسان جي انجنيئرن هن شاخ مٿان ٻيڙين جي هڪ سٺي پل ٺاهي ورتي هئي. فوج جو مال اسباب اڳيئي هُن ڀر موڪليو ويو هو. ٽلٽي ٻن هزار گهرن وارو وڏو ڳوٺ آهي، جو تازي مٺي پاڻيءَ جي هڪ شاهي ڍنڍ جي ڪناري تي ٻڌل آهي.

        اسان جو 24 تاريخ وارو مارچ ڏاڍو تڪليف وارو هو.

25 تاريخ پوني واري گهوڙن جي دستي (پونا اريگيولر هارس) جو ڪمانڊر” ڏاجي گهورپور“ مون سان ملڻ آيو. هو هڪ خانداني شخص آهي. جو انگريزي فوج ۾ گهڙڻ کان اڳ پيشوا جي نوڪريءَ ۾ هو. هو ڪشادن خيالن جو هڪ معزز ماڻهو هو. ڪالهه واري گوڙ ۾ ڊاڪٽر روڪ (Dr. Rock) جو ڪجهه سامان چورائجي ويو.

        اڄ عيدالاضحيٰ جو ڏينهن آهي، سڀني مسلمان دوستن مون کي خطبي پڙهڻ لاءِ چيو، پر ٿَڪُ هئڻ جي ڪري معذرت ڪيم، رڪن جو ڳوٺ، جتي هاڻي اسين پهچي ويا هئاسون، هڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ سيوهڻ کان 30 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جو ملان بلڪل اڻ پڙهيل سنڌي هو. اڄوڪي عيد جي مقدس موقعي تي اسين نماز کان محروم رهجي وياسون، ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون واقعو هو.

        26 تاريخ صبح جو، ڏاڍي ٿڌ هئي ۽ رات اسان جي مَٽن ۽ گهڙن ۾ به پاڻي ڄمي ويو هو. اڄ ڏهه ميل مارچ ڪري اسين گهلوءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسون. گذريل ٽن منزلن کان وٺي زمين لوڻاٺي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. هن ضلعي ۾ لوڻ جام پيدا ٿو ٿئي. وڏا ڍڳ ٺاهي، مٿانس مٽيءَ جو تهه ڏئي، ان کي رکيو وڃي ٿو. جاچ ڪرڻ تي مون ڏٺو ته هتان جي لوڻ ۾ شوري جو جزو هندستان جي ٻين حصن کان وڌيڪ ٿئي ٿو.

        27 تاريخ 16 ميل پنڌ ڪري گهاري وٽ آياسون جو پير پنجي کان 6 ميل پرڀرو آهي، پير پنجي ۾ ان نالي جي هڪ بزرگ جي مزار آهي. هيءُ بزرگ مسلمان بزرگن جي ان فرقي مان هو، جيڪي سدائين پاڻ کي فقط ڪاري ڪمبل يا کٿي ۾ ملبوس رکندا آهن. هيءَ مسافري ڪافي لنبي ۽ ٿڪائيندڙ هئي. اسان کي ٻيلن مان لنگهڻو پيو، جي هن ٽُڪري ۾ ايترا گهاٽا نه آهن. سيوهڻ کان اتر ڏانهن جيئن مٿي تائين ٽوپين پائڻ جو رواج گهٽجندڙ آهي، هتي گهڻو ڪري مٿن تي سهڻا سفيد پٽڪا ٻڌا وڃن ٿا.

        28 تاريخ 6 ميل ڪري چنا ڳوٺ ۾ پهتاسون، رستو سٺو هو ۽ هتان جي زمين سموري ڏاڍي ڀلي ڏسڻ ٿي آئي. ٿڌ به هاڻي گهٽجي رهي آهي.

        1 مارچ 1839ع اڄ انگريزي فوج جي سپهه سالار پنهنجي منزل بابت ارادو بدلايو، جنهن ڪري ڪافي مونجهارو پيدا ٿيو آهي. اول هن هتان 16 ميلن جي پنڌ تي ”ڳوري ڳوٺ“ ۾ منزل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر وري حڪم ڪيائين ته 10 ميلن جي پنڌ تي فتحپور جي ڳوٺ ۾ منزل ڪئي ويندي. ڪيترا هن گڙٻڙ ۾ رستو ڀلجي ويا ته ڪن کي وري ڳوري تائين پهچي، اتان واپس فتحپور موٽڻو پيو.

        2 تاريخ 16 ميل پنڌ ڪري باقراڻي ڳوٺ ۾ آياسون ڇوجو رستي ۾ درياءَ جي هڪ شاخ (الهندو نارو) هئي، جنهن تان فوج کي ننڍين ٽولين ۾ پار ڪرڻو هو. 3 تاريخ اسان کي اتي ئي گذارڻي پئي. هن واهه جي وچ ۾ پاڻي 6 فوٽ اونهو هو.

 

لاڙڪاڻو:

        4 تاريخ، صبح جو سوير، اسان اهو واهه پار ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ لاڙڪاڻي پهتاسون، جنهن لاءِ اسان کي فقط 8 ميل پنڌ ڪرڻو پيو هو. لاڙڪاڻو ڪچيءَ مٽيءَ جو چوڌاري ديوار اندر هڪ وڏو شاهي شهر آهي، جنهن تي ميرن جي طرفان هڪ بلڪل اڻ پڙهيل پير مرد شخص، عبدالرحيم، حڪومت هلائيندو آهي. فوج کي 11 تاريخ تائين هتي ترسڻو پيو، جو ايندڙ ڊگهي مسافريءَ لاءِ فوج واسطي ضروري بندوبست ڪرڻا هئا. هيءَ مسافري بولان واري لڪ مان ڪرڻي هئي. جتي موسم به هندستان جي رواجي موسم کان وڌيڪ ٿڌي ٿئي ٿي. ڪيترن ئي جتن، خاص طرح ڪڇ جي اوٺين اتر جي وڌيڪ ٿڌي ملڪ ڏانهن هلڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. پر جڏهن حڪم جي عدولي ڪرڻ جي الزام هيٺ کين چهبڪ هڻايا ويا ۽ ٻيون سزائون ڏنيون ويون، تڏهن هنن لاءِ سواءِ پيش پوڻ يا صفا ڀڄي وڃڻ جي ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ڪيترن ئي پويون رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي اُٺن کي فوجي سپاهين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڳا.

        هتي ڪئپٽن ايسٽوڪ جي فوج سان گڏجي هلڻ واري اوائلي ذميداري پوري ٿي. نوجوان عملدار ميجر ٽاڊ (Major Todd) واري 6 تاريخ پڄي چڪي هئي، ان کي سياسي عملدارن جي عهدي جي چارج وٺڻي هئي. ان ڪري ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي ڪئمپ ۾ ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ايڊي ڪئمپ يا ميجر ٽاڊ کي جيڪو به حال احوال گهربو هجي ته اهو کين ڏيان. هو پاڻ برطانوي نمائندي يا وزير مسٽر ڊبليو ايڇ مئڪ ناٽن سان گڏجڻ لاءِ شڪارپور روانو ٿي ويو. 9 تاريخ ڪئپٽن ايسٽوڪ شڪارپور کان واپس ڪئمپ ۾ موٽيو، کيس اپر سنڌ جو قائم مقام سياسي نمائندو (پوليٽيڪل ايجنٽ) مقرر ڪيو ويو هو.

        شڪارپور مان موٽڻ تي، ڪئپٽن ايسٽوڪ مون سان صلاح ڪئي ته هن لاءِ اپر سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ ٿي رهڻ بهتر ٿيندو يا افغانستان ڏانهن ويندڙ انگريزي نمائندي سان گڏجي اوڏانهن وڃڻ چڱو ٿيندو. حڪومت طرفان  کيس ٻنهي ذميوارين مان ڪنهن به هڪ کي پسند ڪرڻ جي مکياري ڏنل هئي، جو ان حالت ۾ کيس هڪ نئين ملڪ ڏسڻ جو وجهه ملي سگهي ها ۽ اتي ٿيڻ وارين جنگين ۾ تجربو حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ موکائڻ جو به کيس بهتر موقعو ملي ها.

        مون کيس ٻڌايو ته ”مون کي پٺاڻن جي عادتن، خصلتن ۽ دستورن جي انگريزن کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. ان ڪري مان نه پئسي جي خاطر ۽ نڪي وري ڪنهن ٻئي شوق جي لاءِ پاڻ کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار آهيان، ڇوته انگريزن جي ان رٿيل مهم جي ڪاميابيءَ بابت مون کي گهڻا شڪ آهن؛ تنهن ڪري مان کيس به نهايت نماڻائي سان عرض ڪندس ته هو به لاچار حڪم ملڻ جي حالت کان سواءِ ڪنهن به صورت ۾ اوڏانهن نه وڃي، جو پنهنجي سخت جانيءَ ۽ جفاڪشيءَ جي عادتن جي ڪري شايد هو پاڻ پهريون شڪار ٿي وڃي.“

        اهو ٻڌي نفرت مان منهنجي لفظن تي مشڪي، مون کي جواب ڏنائين ته ”دوست، حياتي هڪ لاٽري يا جوا آهي، ۽ جيڪڏهن انسان پنهنجي موت سان پاڻ کي يا ڪن ٻين کي فائدو پهچائي نه سگهندو هجي، ته پوءِ زنده رهڻ جو فائدو ئي ڪهڙو؟“ هن جي انهن پوين لفظن جو مون وٽ بهترين جواب هو، پر مون اهو چوڻ نٿي چاهيو، ان ڪري ٻيون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪرڻ سان اهو قصو ختم ڪري ڇڏيم.

        خوش قسمتيءَ سان هن کي پوءِ اپر سنڌ ۾ ايترو گهڻو ڪم ٿي پيو، جو افغانستان وڃڻ جو وري ڪڏهن خيال به ڪونه ڪيائين.

        12 تاريخ هڪ فوجي ڊويزن سرجان ڪين جي اڳواڻيءَ هيٺ قنڌار ڌانهن مارچ شروع ڪيو، ۽ ٻيءَ ڊويزن کي لاچار في الحال اتي ئي ترسڻو پيو، جيستائين ان جي سواريءَ جو ڪو مناسب انتظام ٿي سگهي.

        ان رات اسين فوج کان جدا ٿياسون ۽ ”چوهڙ پور“ ۾ وڃي ستاسون. هيءُ ڳوٺ شڪارپور جي رستي تي لاڙڪاڻي کان 4 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اسان جي نگهبانيءَ لاءِ اسان کي هڪ ديسي آفيسر ۽ 23 سپاهين جو هڪڙو گارڊ ساڻ ڏنو ويوهو.

        13 تاريخ صبح جو، اسين 8 ميل مارچ ڪري نئين ديري ۾ آياسون. رستو سٺو هو. هيءُ ملڪ ڪافي آباد ٿي ڏسڻ ۾ آيو. ڳوٺن جي پسگردائي انبن ۽ کجيءَ جي باغن ڪري ڏاڍي وڻندڙ ٿي لڳي. اسين هڪ باغ واري ننڍڙي بنگلي ۾ ٽڪياسون.

        نئون ديرو هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جو مير محمد خان جو آهي. هن جي طرفان محمد خان سيال نالي هڪ پيرسن شخص، هن ڳوٺ جو انتظام سنڀاليندو آهي. هتي جا باشندا کجين مان رس ڪڍڻ جي فن کان بلڪل ناواقف آهن، جو هوند سندن وڏي آمدنيءَ جو ذريعو بنجي سگهي. هتي کاڌي پيتي جي شين جي حيرت انگيز سستائي هئي. مون ٻن ٻن پيسن ۾ ٻه وڏيون ڪڪڙيون خريد ڪيون، جيڪي لنڊن ۾ هڪ هڪ ٻن رپين ۾ هوند ملن. ٻيون شيون پڻ ڀيٽ ۾ ڪافي سهانگيون هيون.

        14 تاريخ صبح جو، اسين 16 ميل پنڌ ڪري ”ڳاهيجن جي ڳوٺ“ ۾ پهتاسون، جو مير نصير خان جو آهي، هيءُ ڳوٺ نئين ديري کان وڏو آهي. پر بنگال واري انگريزي فوج جي هن ڳوٺ مان لنگهڻ جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ جا رهواسي هتان ڀڄي ويا آهن. هتي به اسان کي هر شيءِ اهڙي ئي سستي ملي جهڙي نئين ديري ۾.

 

شڪارپور ۾:

        15 تاريخ اسين 16 ميل ڪري 9 بجي صبح جو شڪارپور پهتاسون، شڪارپور سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. منجهس اٽڪل 15 هزار گهر آهن. هتي ڪي جايون ٻه ماڙ پڻ آهن. هن شهر کي چوڌاري مٽيءَ جو ڪوٽ ڏنل آهي، ۽ شهر جي ٻاهران هڪ ننڍڙو قلعو پڻ آهي، شهر جي چوڌاري انبن ۽ کجين جا باغ آهن، جنهن ڪري چؤطرف چڱي وڻراهه ۽ خوبصورتي آهي. هتي پاڻي کوهن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هتان جي زمين پست ۽ سڻيءَ جي پوک لاءِ شايد وڌيڪ موزون ٿي ڏسجي. اسان کي هتي اها آبادي نهايت سٺي نظر آئي، شهر جي رهواسين جو اٽڪل اڌ جيترو آدم کتري ۽ لوهاڻا هندو قومن تي ٻڌل آهي ۽ باقي اڌ کن آبادي مسلمانن جي آهي. هن شهر جي مارڪيٽ ڏاڍي سٺي آهي. جا مٿان سڄي ڍڪيل آهي، هتان جا واپاري سنڌيءَ کان سواءِ فارسي ۽ پشتو (پٺاڻي ٻولي) ڳالهائڻ ۾ نهايت قابل آهن. اسان شهر جي ٻاهران اچي پنهنجا تنبو هنيا. سڄو مهينو فوج جي گوڙ شور ۽ ڪم ڪار ۾ گذارڻ بعد پهريون ڏينهن اسان پنهنجي روءِ سوءِ خاموشيءَ سان گذاريو.

        16 تاريخ صبح جو، مان ڪئپٽن ايسٽوڪ سان گڏجي شهر ڏانهن ويس. هن شهر جي مارڪيٽ ۽ قلعي وغيره جو نهايت غور سان معائنو ڪيو، ۽ پوءِ هڪ شاهي قيديءَ کي ڏسڻ ويو، جو جرمن قوم جو هو ۽ پهريون دفعو هتي هن کي فرانسيسي زبان ڳالهائيندي ٻڌ م .

        17 تاريخ صبح جو، مان باقي بچيل ريجمنٽن کي ڏسڻ ويس، سندن (شهر جي) مارڪيٽ پڻ ڏٺم، جنهن کي صدر بازار سڏيو وڃي ٿو. مون کي هيءُ ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ته فوج جا ڪيترائي ماڻهو ۽ وهٽ، رستي واري رڻ ۾ پاڻي نه هئڻ سبب اڃ ۾ مري ويا هئا. هر ڪنهن کاتي ۾ انڌ ڌنڌ ۽ بي بندوبستي هئي، اپر سنڌ جي اڳوڻي پوليٽيڪل ايجنٽ سراليگزينڊر برنس ڪيترائي سرڪاري پئسا ڪنهن به حساب ڪتاب رکڻ کان سواءِ فضول خرچ ڪري ڇڏيا آهن.

        هڪڙو به اهڙوڳ ڏينهن ڪونه ٿو گذري، جنهن ۾ بلوچ ڌاڙيل اسان جي ڪجهه سپاهين کي ماري ڦٽي يا فوج جا اُٺ چورائي نه ويندا هجن.

        اڄ صبح جو شهر جا ٻه وڏا هندو شاهوڪار چترومل ۽ ڄيٺ سنگهه، ڪئپٽن ايسٽوڪ جي سلام تي آيا. ڄيٺ سنگهه، نهايت سهڻو، قابل ۽ فضيلت وارو ماڻهو آهي. سندس ڀيڻ جا سنڌ جي هڪ نهايت حسين ڇوڪري هئي، ان کي شاهه شجاع زوريءَ کڻي ويو آهي. ان ڪري ڄيٺ سنگهه ۽ سندس قوم کي شاهه شجاع لاءِ نهايت ڌڪار آهي.

        18 مارچ اسان شڪارپور مان پنهنجي منزل کڻڻ جو ارادو ڪيو هو، پر رات جوبرسات پوڻ جي ڪري اسان جا تنبو پُسي نهايت ڳرا ٿي پيا هئا؛ انهيءَ ڪري اسان کي لاچار انهن جي سڪڻ تائين ترسڻو پيو.

        اڳئين ڏينهن بنگالي گهوڙي سوارن جي هڪ ٽولي ۽ ”لکي ڳوٺ“ جي سنڀاليندڙ عبداصمد جي ڏهن بلوچن جي هڪ ٽوليءَ جي وچ ۾ چڪري لڳي، جنهن  فوجي اُٺن کي ڪاهي وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ان چڪريءَ ۾ ٽي بلوچ ڦٽجي پيا هئا ۽ هڪڙو مارجي ويو، جنهن جي سسي ڌڙ کان وڍي ڌار ڪري، پنهنجي بهادريءَ جي ثبوت طور بنگالي گهوڙي سوار ايسٽوڪ وٽ کڻي آيا هئا. هيءُ نظارو نهايت دل ڏاريندڙ هو، جو هڪ انساني سسي رت ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيل اسان جي اڳيان آڻي پيش ڪئي وئي هئي. هيءُ آهي انساني بي رحميءَ ۽ سنگدليءَ جو هڪ مثال، ته انسان پنهنجي غرضن واسطي ٻئي انسان سان ڪهڙو سلوڪ  ڪري ٿو گذري!

        19 تاريخ، اسين شڪارپور کان سکر روانا ٿياسون ۽ 16 ميل مارچ ڪري ”محبوب جي ڳوٺ“ ۾ پهتاسون، رستي ۾ اسين لکيءَ جي ڳوٺ مان لنگهي آيا هئاسون. اهو ڳوٺ شڪارپور کان اٽڪل اٺن ميلن جي مفاصلي تي ٿيندو. هيءُ مير نورمحمد خان جو ڳوٺ آهي، رستو نهايت ئي سٺو هو، جيتوڻيڪ اسان کي واٽ تي گهاٽن ٻيلن مان لنگهڻو پيو هو، پر مُنجهڻ يا رستي وڃائڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. سڄي واٽ تي ٻنهي پاسن کان اُٺ مئا پيا هئا ۽ هرڪو پنهنجي رستي کي پاڻ ئي لهي سگهيو ٿي.

        20 تاريخ، اسين ٻيا چوڏهن ميل پنڌ ڪري سکر پهتاسون. هيءُ ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏو شهر هو، مگر هاڻي تباهه ٿي چڪو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه شجاع ۽ خيرپور وارن ميرن جي وچ ۾ لڳل چڪيءَ وقت سکر جي جيڪا تباهي ٿي، ان مان هيءُ اڃا تائين نه چڙهيو آهي. سکر شهر درياءَ جي ساڄي ڪناري تي آهي. درياءَ جي ڏائي ڪناري تي شاهي آباديءَ وارو هڪ شهر روهڙيءَ نالي آهي. بکر جو قلعو وچ درياءَ ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪنڊي ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هن ٻيٽ جي مضبوطيءَ جي سنڌي توڙي فارسيءَ جي شاعرن نهايت گهڻي تعريف ڪئي آهي. ميرن انگريزن کي اجازت ڏني آهي. ته افغان جنگ واري عرصي لاءِ هُو هن ٻيٽ کي استعمال ڪن، پر جيئن مون اڳ ۾ ئي سمجهيو ٿي، انگريزن هن تي دائمي قبضو ڪري ورتو آهي.

 

بلوچن جو آزار:

        21 تاريخ مون کي حڪم مليو ته حڪومت خيرپور جي وزير فتح محمد خان غوريءَ سان وڃي مِلان. فتح محمد خان حڪومت خيرپور جي حڪمن هيٺ، سکر ۽ شڪارپور جي وچ واري علائقي ۾ جيڪي بلوچ انگريزن کي تنگ ڪري رهيا هئا، انهن کي سزاياب ڪرڻ لاءِ ڪالهه روهڙيءَ پهتو هو. فتح محمد خان 80 ورهين جو پير مرد آهي، پر همت ۽ گرم جوشيءَ جي لحاظ کان هو ڪيترن جوانن کان به وڌ آهي. هن جو دماغ بلڪل صاف آهي، ۽ مقامي معاملن جو کيس تمام گهڻو تجربو آهي. هو جنهن قابليت سان ملڪي ڪار وهنوار هلائي رهيو آهي، ان کي سندس حاڪم خواه رعيت جا عام ماڻهو گهڻو پسند ڪن ٿا.

        هو مون سان نهايت مهربانيءَ ۽ خلوص سان پيش آيو. دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ مون ساڻس بلوچ ڌاڙيلن جو مسئلو ڇيڙيو. هن چيو ته ڌاڙيلن جو مسئلو ڌارين کان وڌيڪ خود ملڪي ماڻهن لاءِ تڪليف جو سبب آهي. انهيءَ ڪري هاڻي لاچار ٿي کيس انهن بلوچن ڌاڙيلن خلاف پنهنجي تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍڻي پئي آهي، ۽ هن پنهنجي فوجن کي حڪم ڏنو آهي ته ڌاڙيلن خلاف هڪدم مهم شروع ڪن. مون کيس ٻڌايو ته ڪئپٽن ايسٽوڪ فقط ايترو ٿو چاهي ته هنن کي دٻايو وڃي ۽ نه کين بلڪل تباهه ڪيو وڃي.

        فتح محمد خان جي فوج 50 کن پيادن ۽ ڏيڍ سئو کن گهوڙي سوارن تي مشتمل هئي. سندن گهوڙا بلڪل ڪمزور ۽ دربدر هئا. مون ان فوج کي خيال ۾ آڻي مشڪي ڏنو. جنهن کي فتح محمد خان سمجهي ويو ۽ مون کي چيائين ”هي ظاهري طور ڪمزور آهن. پر هن ملڪ ۾ لڙائي لڙڻ لاءِ بلڪل موزون آهن، جو بک ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ جو منجهن گهڻو مادو آهي ۽ ٽن ڏينهن تائين بنا کاڌ خوراڪ جي به ڪم ڪري سگهن ٿا. توهان جي ٿلهن متارن گهوڙن ۽ انهن جي ڏسڻ ۾ ملوڪ سپاهين کان هنن ۾ ڌاڙيلن پٺيان جهنگلن ۽ ماٿرين م ڀٽڪڻ جي توفيق گهڻي وڌيڪ آهي. “

        مان فتح محمد جهڙي ٻڍڙي ماڻهوءَ جي جذبات کي ڏکوئڻ نٿي چاهيو، جو سندس پوٽو به عمر ۾ مون کان وڏو پئي لڳو. مون کيس يقين ڏياريو ته مون کي سندس فوج جي مردانگي ۽ طاقت ۾ پورو ايمان هو. آءُ پنهنجي گستاخانه خوش مزاجي لاءِ به کانئس معافي طلب ٿيس، جنهن جو کيس ٻڌايم ته انگريزن جي صحبت ۾ گهڻو وقت گذارڻ سبب مون کي عادت ٿي وئي هئي. ان بعد اسين دوستن وانگر هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي تي پاڻ ۾ گڏجڻ جو وعدو ڪري جدا ٿياسون. جنهن ڏينهن تي هو ڪئپٽن ايسٽوڪ سان ملڻ لاءِ اچڻ وارو هو.

        23 تاريخ، هو ڪئپٽن ايسٽوڪ سان مليو، ۽ پهرينءَ ملاقات ۾ ئي هن تي چڱو اثر وهاريائين.

        فوج جي اناج جا شاهي ڍڳ جيڪي درياءَ جي ڪناري تي پيل هئا، سي درياءَ ۾ اوچتي چاڙهه جي ڪري لڙهي ويا هئا. روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ ٻيڙين جي جيڪا پل ٺاهي وئي هئي. اها به پاڻيءَ جي ان چاڙهه جي ڪري ٽٽي پئي هئي. ڪئپٽن ايسٽوڪ هي مسئلو فتح محمد سان ڇيڙيندي چيو ته ”درياءَ کي به ڏسجي ٿو ته  بلوچ ڌاڙيلن واريون عادتون آهن، جو رات جو بي انداز اناج چورائي (لوڙهي) ويو آهي!“ فتح محمد وراڻيو ته درياءَ پاڻ هڪ دوست ۽ خيرخواهه وانگر کين چتاءُ ڏنو آهي ته پرديس ۾ اهڙيءَ طرح لاپرواهي ڪرڻ نٿي جڳائي.

        25 تاريخ اسين درياءَ پار ڪري روهڙيءَ پهتاسون، جتي هڪ سهڻي باغ ۾ اسان منزل ڪئي. ان جي ٻن پاسن کان درياءَ جو وڻندڙ نظارو ۽ ان جي وچ ۾ هڪ قلعو هو.

        28 تاريخ، اسين روهڙيءَ مان خيرپور ڏي روانا ٿياسون، ۽ 15 ميل پنڌ ڪري، 8 بجي ڌاري، خيرپور ۾ پهتاسون شهر کان ٽي ميل اوريان محمد علي نالي ميرن جو هڪ عملدار، گهوڙي سوار ٽوليءَ سان اسان جي مرحبا لاءِ آيو. اسين هڪ ننڍڙي بنگلي ۾ رهياسون، جو هتي ايندڙ انگريز مهمانن لاءِ خاص طرح مخصوص ڪيل هو.


 

[1]  سال تعميرش بجستم از خرد.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org