سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:17

بهرحال ڊاڪٽر شفيع جي فليٽ تي ماني بعد به ٻه ڪلاڪ کن ويهي رهياسين جو هن پراڻيون ڳالهيون اسان واري مرحوم ڀيڻوئي ڊاڪٽر اقبال قاضي (جنهن سان گڏ هن ڪيترائي سال ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪيو) کان وٺي پوليس آفيسر اجمل ڪياني ۽ ٽنڊو قيصر جي مشهور ڪميونسٽ هستي قادر بخش نظاماڻي جون ڳالهيون ۽ قصا ٻڌائيندو رهيو.

ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي جو واسطو حيدرآباد جي ڀرواري ڳوٺ ٽنڊو قيصر سان آهي، جيڪو انب، زيتون، صوفي ٻير ۽ ڳائڻين (شيدياڻين) کان مشهور آهي. پاڻ پهرين ڊسمبر 1954ع تي مرحوم رسول بخش نظاماڻي صاحب جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم ٽنڊو قيصر جي ڊي سي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر سائنس 1972ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪالي موري مان ڪئي. 1979ع ۾ MBBS ڪئي. هو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين بئچ جو گريجوئيٽ آهي. ان بعد 1985ع ۾ پاڪستان جي ڪاليج آف فزيشن ائنڊ سرجن مان Forensic Medicine ۾ M.C.P.S ڪئي ۽ ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڊاڪٽر شفيع ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ پيپلس ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه ۾  Forensic  ميڊيسن جو پروفيسر رهيو. هو 30 اپريل 2007ع کان شاهه عالم ۾ يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا ۾  پروفيسر آهي.

ڊاڪٽر شفيع جي 1986ع ۾ شادي ٿي. کيس ٻه ڌيئون صدف ۽ فائزه ۽ ٻه پٽ محمد احمد ۽ حماد رسول آهن، جيڪي هتي ملائيشيا ۾ ئي پڙهي رهيا آهن. صدف هتي جي يونيورسٽي UITM مان هن سال BBA ڪئي آهي ۽ فائزه SPM ڪيو آهي، جيڪو اسان جي مئٽرڪ برابر آهي. ان بعد جيڪو انٽر جو امتحان ڏنو وڃي ٿو، ان کي ملئي زبان ۾ STPM سڏجي ٿو. محمد ڪلاس ٽو  ۾ آهي ۽ حماد ٽن سالن جو آهي.

”پنهنجي ٻارن بابت توسان هڪ ڳالهه Share ڪرڻ چاهيان ٿو،“ ڊاڪٽر شفيعءَ چيو، ”مون کي ٻن ڌيئن بعد 14 سال ٻار نه ٿيو. منهنجي زال ڪيترين ئي ماهر ڊاڪٽرياڻين کان علاج ڪرايو، پر ڪجهه فائدو نه ٿيو. هوءَ ڊائبيٽڪ به آهي. هڪ ڏينهن مون کي منهنجي دوست ڊاڪٽر حفيظ الحق حج ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اسان کي زوريءَ حج تي وٺي ويو. مون اتي پڪي ايمان سان ڌڻيءَ در ٻاڏايو. توهان يقين نه ڪندائو  پر آئون اهو چوندس ته؛ رب پاڪ طرفان اسان کي ائين ئي مدد ملي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن انسان اعتبار ئي نٿو ڪري ۽ آئون اهو ئي چوندس ته بقول شاهه لطيف جي ’ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ڪرين ان کي.‘ حج کان پوري هڪ سال بعد مون کي محمد احمد ڄائو  ۽  پوءِ  ٻه سال رکي ٻيو  پٽ  حماد رسول  هن  دنيا  ۾  آيو.

باب چوٽيهون

ملائيشيا جو ”نواب شاهه“- ”شاهه عالم“

گذريل مضمون ۾ پاڻ ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان شاهه عالم ۾ ملڻ جو احوال ڪيو. شاهه عالم جو ٻڌي اسان جا ڪيترا ماڻهو منجهي پوندا آهن. هو ان کي شهر جو نه پر ماڻهوءَ جو نالو سمجهندا آهن، جيئن منهنجا ڪيترا پشاور جا دوست نواب شاهه جو لفظ ٻڌي سمجهندا آهن ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي. مون اهو به ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترا پاڪستاني جيڪي شاهه عالم ۾ رهن ٿا، اهي پنهنجي وطن ۾ اهو ئي ٻڌائيندا آهن ته هو ملائيشيا ۾ ڪئالالمپور ۾ رهن ٿا. دراصل هي ٻئي شهر هڪ ٻئي جي ائين ويجهو آهن، بلڪ مليا پيا آهن، جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد يا جيئن روهڙي ۽ سکر، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد. ڌارين ملڪن جا ماڻهو شاهه عالم شهر کان ايترو واقف نه آهن جيترو ڪئالالمپور کان.

هتي مختصر طور ملائيشيا جي هن اهم شهر ”شاهه عالم“ بابت لکان ٿو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا آهن ۽ اسان جا ڪيترائي ماڻهو، بلڪ سڀ کان گهڻا، شاهه عالم ۾ رهن ٿا. ان بعد ٻئي نمبر تي ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو شهر آهن.

ڪئالالمپور ائين آهي، جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي ۽ جيئن اسلام آباد جاگرافيائي طور پنجاب صوبي ۾ هجڻ جي باوجود سياسي ۽ انتظامي طرح ڪنهن به صوبي سان گڏ ناهي بلڪ ”فيڊرل ڪئپيٽل“ آهي، تيئن ڪئالالمپور سلينگور رياست جي وچ ۾ هجڻ جي باوجود هن کان الڳ آهي ۽ هن تي ملائيشيا جي سڀني رياستن جو حق آهي، ان ۾ ملڪ جا فيڊرل وزير، وزيراعظم، اعليٰ ڪورٽن جا جج، اعليٰ فوجي عملدار ۽ انهن جون آفيسون آهن. ملڪ جي بادشاهه جو محل به ڪئالالمپور ۾ آهي. ياد رهي ته ملائيشيا ملڪ ائين ٻن حصن ۾ آهي، جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان هو. ملائيشيا جو پاڪستان وانگر هڪ حصو ويسٽ ملائيشيا سڏجي ٿو، جيڪو اسان کي ويجهو آهي ۽ اسان جي اوڀر ۾ انڊيا، ان بعد بنگلاديش، برما ۽ ٿائلينڊ جي ڀرسان آهي. ٿائلينڊ جي ڏکڻ واري ڇيڙي کان هي ويسٽ ملائيشيا شروع ٿئي ٿو ته سنگاپور ٻيٽ سان وڃيو لڳي. ان بعد ڏکڻ چيني سمنڊ آهي جو اڳيان پئسفڪ وڏي سمنڊ سان وڃيو لڳي. جتان پئسفڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو، اتي فلپين جا ننڍا وڏا هزارين ٻيٽ آهن ۽ اتي ئي انڊونيشيا جو بورنيو نالي هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هن ٻيٽ جي اتر ۾ ٽي رياستيون آهن، جن مان ٻه وڏيون صباح ۽ سراوڪ ٻئي ملي مشرقي ملائيشيا سڏائين ٿيون ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي رياست ”برونائي“، 1984ع کان هڪ خودمختيار ملڪ آهي. ويسٽ ملائيشيا، ايسٽ ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا جي سڀني ٻيٽن (جاوا سماترا کان بالي تائين) هڪڙي ئي زبان ملئي ڳالهائي وڃي ٿي، پر ملائيشيا جا ماڻهو ان کي بهاسا ملائيشيا يعني ملائيشيا جي زبان (ڀاشا) سڏين ٿا ته انڊونيشيا وارا ان کي ”بهاسا انڊونيشيا“ سڏين ٿا. ڪٿي ڪٿي ڪجهه لفظن جي ٽون ۽ اچار ۾ فرق ضرور آهي، جيئن حيدرآباد پاسي جا ماڻهو کٽون يا ٽنگون چوندا ته شڪارپور پاسي جا کٽان ۽ ٽنگان چوندا. اسان ڇانهين ۽ آچار چونداسين ته ادل سومري ۽ اياز گل وارا ان کي هنداڻو ۽ سانڌاڻو سڏيندا.

سڄي ملائيشيا ۾ ڪل 13 رياستون آهن، جيئن اسان وٽ چار صوبا آهن. انهن 13 رياستن مان 9 ۾ سلطان آهن، جيڪي اڄ به پنهنجي پنهنجي رياست جا ”ابا امان“ آهن. باقي چئن رياستن صباح، سراوڪ ۽ ويسٽ ملائيشيا ۾ پينانگ ۽ ملاڪا جو وڏو ”گورنر“ مقرر ڪيو وڃي ٿو. اهي چار رياستون شروع کان انگريزن حوالي هيون. ڪو زمانو هو جو  هر هڪ رياست هڪ الڳ الڳ ملڪ وانگر هئي، جنهن تي ڪنهن نه ڪنهن سلطان جو راڄ هو. پوءِ يورپ جون قومون آيون، جن مڪاني سلطانن کي ويڙهائي يا چَٺ ۽ لٺ ڏيکاري سنئون سڌو يا اڻ سڌي طرح حڪومت ڪئي. هن پاسي ڊچ، پورچو گالي ۽ آخر ۾  انگريز آيا.

ملائيشيا جي تاريخي، ۽ ماضي ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکڻ واري رياست، ملاڪا تي به پهرين ڊچن جو، ان بعد پورچو گالين جو ۽ پوءِ انگريزن جو راڄ رهيو. آخر ۾ انگريزن، ڊچن کي ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺي اڄ واري ملائيشيا پنهنجي حوالي ڪئي ۽ جنهن کي پاڻ انڊونيشيا سڏيون ٿا، ان جا ٻيٽ: جاوا، سماترا، بورنيو، بالي وغيره ڊچن حوالي ڪيا. انهن ڏينهن ۾ جيئن سنڌ الڳ هڪ ملڪ سمجهيو ويندو هو، تيئن جاوا، سماترا، ملاڪا، پيراق ۽ سلينگور وغيره الڳ ملڪ سمجهيا ويا ٿي. ان ڪري ته شاهه لطيف به پنهنجن شعرن ۾ انڊونيشيا يا يمن بدران جاوا ۽ عدن جو ذڪر ڪيو آهي. جيئن اڄ کان سؤ سال اڳ ”سعودي عرب“ ڪنهن نه ٻڌو هو. مڪي ۽ مديني واري علائقي کي حجاز سڏبو هو.

بهرحال اڄ واري ملائيشيا جون پيراق، سلينگور، پهانگ جهڙيون رياستون انگريز حڪومت جي هٿ چڙهي ويون. هنن نموني بازي ڪري سلطانن کي ئي وڏو ڪري رکيو، پر هلائي پنهنجي ٿي. انگريزن هر رياست ۾ پنهنجو برٽش ريزيڊنٽ رکيو هو ۽ هڪ عدد انگريز ايڊوائيزر هر سلطان کي ڏنو هو. انگريزن کي جيئن ٿي وڻيو، تيئن هنن عملدارن ذريعي سلطان کي چاٻي ڏئي پنهنجا ڪم ٿي ڪڍيا. پر پوءِ آهستي آهستي مڪاني ماڻهن ۽ سلطانن ۾ سجاڳي ۽ سياسي شعور اچڻ تي هنن پنهنجن رياستن کي گڏي هڪ فيڊريشن ٺاهي. هنن سڀني جي زبان ته ساڳي ”ملئي“ هئي سو هن فيڊريشن جو نالو رکيائون Federation of Malaya. اڳتي هلي هنن رياستن کي هڪ نالي ”ملايا“ سان سڏيو ويو. 1957ع ۾ انگريزن هن ملڪ کي خودمختياري ڏني ۽ پوءِ ڇهن سالن بعد 1963ع ۾ سباح ۽ سراواڪ به مَلايا سان ملايا ويا ۽ هي ملڪ مَلايا بدران  ”ملائيشيا“ سڏجڻ لڳو.

جڏهن هنن رياستن پاڻ ۾ ملي ”ملايا“ ٺاهيو ته ملايا جي گاديءَ جو هنڌ ڪئالالمپور مقرر ڪيو ويو، جيڪو سلينگور رياست جي به گاديءَ جو هنڌ هو. قلعي (Tin) ڌاتو جي کاڻين ۽ بندرگاهه جي ڪري ڪئالالمپور امير ترين ۽ سهوليتن وارو شهر هو. بهرحال 1963ع تي به ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ڪئالالمپور رهيو. جيئن پاڪستان جو ڪراچي هلندو رهيو. بعد ۾ ايوب خان پنجاب صوبي جي ڪجهه زمين کڻي اتي سڄي پاڪستان جي لاءِ گاديءَ جو شهر اسلام آباد ٺاهيو ۽ ڪراچي فقط صوبي سنڌ جي گاديءَ جو شهر رهڻ ڏنو ويو. هتي ملائيشيا ۾ به اهو سوچيو ويو ته جيئن ته سلينگور رياست ۽ سڄي ملڪ (ملائيشيا) جي گاديءَ جو ساڳيو شهر ڪئالالمپور آهي، ان ڪري رياست يا ملڪ لاءِ ڌار گادي جو شهر هجڻ کپي. آخر اهو فيصلو ٿيو ته سلينگور رياست جو مالڪ يعني ”سلطان“ ڪئالالمپور شهر جي قرباني ڏئي ته اهو سڀني رياستن جي وچ جي ملڪيت ٿئي ۽ پاڻ پنهنجي رياست جو ڪو ٻيو گادي جو شهر ٺاهي. چون ٿا ته ڪئالالمپور ڇڏڻ جو سلينگور رياست جي سلطان کي ڏک ضرور ٿيو. 1974ع ۾ هن پنهنجي رياست جي گاديءَ جو شهر ”شاهه عالم“ ڪيو، جيڪو ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ ڪيترا ڌاريان ماڻهو جيتوڻيڪ شاهه عالم شهر جي حدن ۾ رهن ٿا يا اتي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، پر هو سمجهن ٿا ته هو ڪئالالمپور ۾ رهيا پيا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪئالالمپور وارو بين الاقوامي اڏو ڪئالالمپور کان وڌيڪ شاهه عالم کي ويجهو آهي. ڪئالالمپور اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر شفيع مون کي ڪراچي فون ڪري چيو ته آئون چاهيان ته هو ايئرپورٽ تان اچي مون کي کڻي. مون سندس مهرباني مڃي چيومانس:

”آئون اتان بس يا ٽرين ۾ ڪئالالمپور هليو ويندس، تون اجايو شاهه عالم کان هيڏو پنڌ ڪري ڇو ٿو اچين.“

”يار ڪمال آهي K.L جو هوائي اڏو اسان کان آهي ئي ڪيترو پري؟“ ڊاڪٽر شفيع چيو. ”اهو ائين آهي، جيئن اسلام آباد جو هوائي اڏو راولپنڊي کي ويجهو آهي.“

ڪئالالمپور (فيڊرل ڪئپٽل) هڪ ننڍڙو علائقو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ڪيترا ماڻهو ڪوهه مري کي اسلام آباد جو حصو سمجهندا آهن، تيئن ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ باتو غارون، گينتنگ هاءِ لئنڊ ۽ اسلامڪ يونيورسٽي جهڙيون شيون ڪئالالمپور ۾ سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ اهي سلينگور رياست ۾ آهن، جيئن ڪوهه مري اسلام آباد (فيڊرل ڪئپيٽل) جو حصو هجڻ بدران پنجاب صوبي  جو حصو آهي.

سلينگور رياست ملاڪا رياست وانگر سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جيڪو سمنڊ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) سڏجي ٿو. سلينگور رياست جي اتر ۾ پيراق رياست آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”اپوح“ آهي. اوڀر ۾ پهانگ نالي رياست آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”ڪئانتان“  Kuantan آهي. ان نالي سان ملندڙ هڪ رياست ڏکڻ چيني سمنڊ پاسي آهي، جنهن جو نالو ”ڪيلنتان“ Kelantan  آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو ڪئانتان ۽ ڪيلنتان ۾ ڀلبا آهن. بهرحال سلينگور رياست جي ڏکڻ ۾ جيڪا رياست آهي، ان جو نالو ”نينگري سيمبيلان“ آهي. ملئي زبان ۾ ”نينگري“ (Negri) معنيٰ ”رياست“ آهي ۽ ”سيمبيلان“ معنيٰ نون (9) جو انگ. هن رياست جي گاديءَ جو شهر ”سريمبان“ آهي. باقي اولهه بابت لکي چڪو آهيان ته سلينگور رياست جي اولهه  ۾ ڳچي سمنڊ (Strait) آهي. جاگرافيائي زبان ۾ ”ڳچي سمنڊ“ سمنڊ جي ان سنهي پٽيءَ کي سڏجي ٿو، جيڪا ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي. هي ڳچي سمنڊ جيڪو "Malacca Strait"  سڏجي ٿو، هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ڳنڍي ٿو.

مٿي لکي آيو آهيان ته ڪئالالمپور (ملائيشيا جو فيڊرل ڪئپيٽل) تمام ننڍو آهي. ملائيشيا جي تڪڙي ترقي سبب ڪئالالمپور هيڪاندو ڳتيل بڻجي ويو. هڪ دفعو وري سلينگور جي سلطان قرباني ڏني ۽ پنهنجي رياست مان ڪافي زمين جو حصو فيڊرل گورنمينٽ حوالي ڪيو، جتي 2001ع ۾ ڪئالالمپور جون ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسون، وزيرن ۽ وزيراعظم جي آفيس ۽ ڪجهه ڪورٽون شفٽ ڪيون ويون ۽ هن شهر جو نالو ”پترا جايا“ رکيو ويو. آفيسن جو هي شهر  Putra Jaya   ايڏو ته سهڻو ٺاهيو ويو آهي جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.

هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن نواب شاهه شهر جو نالو ”نواب شاهه“ ماڻهوءَ تان پيو تيئن ملائيشيا جي شهر ”شاهه عالم“ جو نالو سلينگور رياست جي ان وقت جي سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه (جنهن جي نالي شاهه عالم شهر جي بِلو گنبذ واري مسجد آهي) پنهنجي والد سلطان شاهه عالم تان رکيو.

شاهه عالم شهر پڻ ڪئالالمپور وانگر بيحد ماڊرن ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڏا وڏا سپر مال ۽ مارڪيٽون آهن. هتي جي ڪار ”پروٽان“ جو ڪارخانو به شاهه عالم ۾ آهي. ان کان علاوه يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا جهڙيون يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي تعليمي ادارا شاهه عالم ۾ آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان ڪجهه سال اڳ ڪراچي جي سيونٿ ڊي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ جا والدين مون وٽ آيا ته هنن کي جتي اها خوشي ٿي آهي ته هنن جي ڌيءَ کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي آهي، اتي هنن کي اهو افسوس آهي ته هن کي ڪئالالمپور شهر ۾ نوڪري نه ملي سگهي، جنهن لاءِ اسان انٽرويو وٺندڙن کي بار بار عرض ڪيو هو ته هو کيس ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي رکڻ بدران ڪئالالمپور يا ان جي آسپاس ۾ رکن. مون کين ٻڌايو ته هو دلجاءِ ڪن شاهه عالم سمجهو ته ڪئالالمپور ئي آهي. سو پڙهندڙ هاڻي سمجهي ويا هوندا ته شاهه عالم ۽ ڪئالالمپور جي ڇا جاگرافيائي پوزيشن آهي. ٻئي شهر هڪٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن، ايتريقدر جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ته اها به خبر نٿي پوي ته ڪٿي ڪئالالمپور جون حدون ختم ٿيون ۽ ڪٿان کان شاهه عالم جون شروع ٿيون. البت هاءِ وي تي هڪ هنڌ وڏو دروازو ٺهيل آهي، جنهن تي ”دارالاحسان“ لکيل آهي، يعني اتان کان سلينگور رياست شروع ٿئي ٿي. سلينگور رياست کي دارالاحسان به سڏين ٿا، جيئن سنڌ کي ”باب الاسلام“ چون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org