سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:4

جوانيءَ ۾ رٿيل پروگرام موجب مون به 50 سالن جو ٿيڻ تي پرديس جي سفر کان پري رهڻ چاهيو ٿي، بلڪه ان تي سختي سان عمل ڪرڻ چاهيو ٿي، پر لڳي ٿو ته داڻي پاڻيءَ جو به اثر رهي ٿو. نه چاهيندي به سفر جو ڪو سبب نڪريو اچي ۽ پوءِ ڪڏهن شوق ته ڪڏهن مجبوريءَ خاطر، ڌارئين ديس کان وڃيو نڪرجي. ڪڏهن ڪنهن يونيورسٽي ۾ ليڪچر  ڏيڻ ته ڪڏهن ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. سفر جي همٿ نه سارڻ تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، شوڪت نظاماڻي يا ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ جهڙو ڪو خدا جو ٻانهو نڪريو اچي، جيڪو انڊيا هجي يا ايران، دبئي هجي يا سنگاپور، سڄي سفر ۾ منهنجي لاءِ رهنمائي ۽ مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ هر سفر بعد هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪرڻو پوي ٿو ته هاڻ ٻاهر نه نڪرندس. بهرحال هينئر ملائيشيا مان جو ٿي آيو آهيان ته سفرنامون ته ضرور لکندس.

باب ٻيو

ملائيشيا ۽ ان جي ماڻهن بابت لکي سگهيس

ملائيشيا جي مختلف بندرگاهن ۾ ڏهه سال کن جهاز هلائڻ دوران اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. ان بعد ڏهه سال ملائيشيا جي هڪڙي شهر ملاڪا ۾ رهي نوڪري ڪئي. هي ستر ۽ اسي وارو ڏهو هو. تن ڏينهن ۾ نه هو انٽرنيٽ ۽ نه وري ٽيليفون جو اڄ جهڙو سولو ۽ سستو نظام، جو جڏهن دل چاهي پنهنجي ملڪ دوستن ۽ مائٽن سان خبر چار ڪري سگهجي. ملائيشيا ۾ ڪجهه پنجاب ۽ سرحد پاسي جا هم وطن رهيا ٿي، پر اهي سالن کان هتي Settle هئا. سندن والدين انگريزن جي فوج ۾ سپاهي هئا ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ اهي هتي ئي ٽڪي پيا. ڪيترن ته هتي جي ملئي ۽ چيني عورتن سان شادي ڪئي ۽ سندن اولاد هتي جي ئي تهذيب ۽ ثقافت ۾ سموئجي ويو. ڪجهه منهنجا هم زبان سنڌي هندو به نظر آيا ٿي جن جا مختلف شهرن ۾ دڪان ۽ واپار وڙا هئا. هنن مان ڪجهه انڊيا جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ آيا هئا ۽ ٻيا ان کان به ٽيهه چاليهه سال اڳ هتي اچي رهيا هئا ۽ ڪيترن جي ٻي ٽهي (جنريشن) هلي رهي هئي. هنن سنڌي ضرور ڳالهائي ٿي، پر هنن سان ملڪ جي موجوده حالتن بابت خبر چار ٿي نٿي سگهي جو هو به اسان جي مسلمان پنجابين ۽ پٺاڻن وانگر اڻڄاڻ هئا. دل چوندي هئي ته انگلنڊ ۽ عرب ملڪن وانگر هتي به اسان جي ملڪ جا ماڻهو نوڪرين ۽ پورهئي لاءِ ايندا رهن جيئن هنن سان خبر چار ۽ ميل ملاقات ٿيندي رهي پر منهنجي هوندي، سواءِ اسان جي سفارتخاني ۽ پي آءِ اي جي آفيس جي، ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي پاڪستاني نوڪري يا تعليم لاءِ نظر آيو ٿي.

  تعليم لاءِ ته ملائيشيا ڪو اهڙو سڻائو ملڪ به نه هو. خود ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل، انجنيئرنگ يا ٻين فيلڊن ۾ يورپ، آسٽريليا ۽ آمريڪا ۽ ويندي انڊيا پاڪستان ويا ٿي. تڏهن ته اسان کي جهاز راني جي تعليم ڏيڻ لاءِ ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ مئريٽائيم اڪيڊمي (اڪيڊمي لائوت ملائيشيا ALAM ) کولڻ لاءِ چيو ويو، جيئن ملائيشيا جا نوجوان پاڪستان، انڊيا يا آسٽريليا وڃڻ بدران هتي پنهنجي ئي ملڪ ۾ پڙهن. ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ مون پنهنجن ڪالمن  ۾  ملائيشيا بابت تمام گهڻو لکيو جيئن اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي ملائيشيا جي ترقي جي خبر پوي ۽ اسان جا ماڻهو انگلنڊ، يورپ ۽ عرب ملڪن ڏي رخ ڪرڻ سان گڏ هيڏانهن به اچن، جتي جي موسم سٺي آهي، امن امان آهي، عربن يا انگريزن وانگر اسان کي گهٽ سمجهڻ بدران هتي جا مڪاني ماڻهو اسان کي لک عزتون ڏين ٿا. پر ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي دماغ تي، انهن ڏينهن ۾ انگلنڊ ۽ آمريڪا ئي ڇانيل هو. اهو ته پوءِ ،جڏهن ملائيشيا ۾ هر شيءِ ريڊيو ٽي وي کان ڪپڙو گندي ۽ ڪارون ٺهڻ لڳيون ۽ ٻاهر ايڪسپورٽ ٿيڻ لڳيون ته دنيا جون اکيون کليون، ته ملائيشيا مسلمان ملڪ هوندي به پٺتي پيل ناهي. مون کي ياد آهي ته نوي جي شروع وارن سالن ۾ عرب توڙي اسان وٽ پاڪستان ۾ ملائيشيا جون ٺهيل شيون خريد ڪندي سڀ ڊڄندا هئا ته هي ملڪ جيڪو جنگلن ۽ جانورن کان مشهور آهي ان جون اليڪٽرانڪ جون ٺهيل شيون ڪهڙيون هونديون. خريدار جڏهن ڪنهن شيءِ جي اگهه جي ڳالهه ڪندو هو ته دڪاندار ساڳي شيءِ ملائيشيا جي ڏيکاري چوندو هو ته گهٽ اگهه تي پوءِ هيءَ وٺي وڃو جيڪا هوبهو ان جهڙي ۽ سوني يا سانيو جي ٺهيل آهي پر ’ميڊ ان ملائيشيا‘ آهي. ڪيترا دفعا آئون ڏسندو هوس ته خريدار ملائيشيا جي شيءِ خريد ڪندي ڊڄي ويندو هو. هو وڌيڪ پئسا ڏئي ساڳي شيءِ  Made in Japan  واري وٺندو هو. پر آئون ڳچ عرصو ملائيشيا ۾ رهي اچڻ ڪري سمجهي رهيو هوس ته ائين هرگز ناهي. ملائيشيا جي شيءِ جو به ايترو ئي اُتم معيار آهي جيڪو جپان جي شين جو آهي. ڇو جو جپان پنهنجين ڪمپنين: سيڪو، نئشنل، سانيو، سوني، ياشيڪا وغيره جو نالو بدنام نه ڪندو ۽ هو پنهنجين ڪمپنين جي نالن واريون شيون انهن ملڪن کان ٺهرائيندو جيڪي جپانين جي معيار تي پورا اچن . ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۾ رهي اهو به ڏٺم ته هو جيڪا به شيءِ ٺاهين ٿا يا ڪو ڪم ڪن ٿا ته ان جو معيار به بلند رکن ٿا. هنن جڏهن نيول اڪيڊمي کولي ته شروع شروع ۾ سندن شاگرد گهٽ پاس ٿيڻ لڳا. سندن جهازران ڪمپنيون ڌڙاڌڙ جهاز خريد ڪنديون ويون. اسان پڙهائيندڙن ۽ امتحان وٺندڙن پنهنجن اعلى عملدارن کان پڇيو ته ”ڇا ان صورت ۾ هُو اهو ته نه چاهيندا ته اسان گهٽ سختي ڪري سندن شاگردن جو ڪجهه وڌيڪ تعداد پاس ڪريون.“ مون کي حيرت ٿي ته هنن اهو ئي چاهيو ته اسان ڪنهن سان به نرمي نه ڪيون، جيئن شاگرد پنهنجو معيار وڌائين ۽ وڌيڪ محنت ڪري بين الاقوامي اسٽئنڊرڊ تي اچن. ”مڙيئي خير آهي جيڪڏهن اسان کي ايندڙ ڏهن سالن تائين پنهنجا جهاز هلائڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا انجنيئر ۽ نيويگيٽر گهرائڻا پوندا پر اهو آهي ته هڪ ڏينهن جڏهن اسان جا پنهنجا نوجوان تيار ٿيندا ته اسان کي فخر محسوس ٿيندو ته هو اعلى معيار جا آهن.“ هڪ ملئي وزير مون کي دل جو حال ٻڌايو هو.

ملائيشيا اسان وانگر هڪ زرعي ملڪ آهي، شهرن کان وڌيڪ  ٻهراڙي اٿن پر اها حقيقت آهي  ته هو هر ڳالهه چڱي طرح ۽ اعلى معيار جي ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ 1980ع تائين به وڏا تعليمي ادارا ڪٿي هئا؟ پر اهو آهي ته ڳوٺن ۾ به جيڪي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول هئا، انهن ۾ تعليم جو معيار بلند هو. منجهن وقت جي پابندي هئي ۽ هر سبجيڪٽ جو ڪتاب پهرين صفحي کان آخري تائين پڙهايو ويو ٿي ۽ هڪڙو ئي سليبس هو، چاهي اهو اسڪول ٻهراڙي ۾ هجي يا ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو جهڙن شهرن ۾. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هر ٻار لاءِ اسڪول وڃڻ ضروري هو. اسان واري نيول اڪيڊمي، ملاڪا کان 40 کن ڪلوميٽر پري هڪ اهڙي علائقي ۾ هئي جتي ٽن طرفن کان سمنڊ ۽ هڪ طرف کان گهاٽو ٻيلو هو. بيهڪ ۾ ائين سمجهو ته سنڌ جو ڪچي وارو علائقو هو. پر مون ڏٺو ته اتي جا سئو سيڪڙو ٻار، جن جا والدين مهاڻا ۽ هاري هئا، اسڪول ويندا هئا. ڪنهن ٻار جي ڪجهه ڏينهن گسائڻ تي به قانون مطابق هن جي پيءُ کي 3 ڏينهن جيل اچي ويندو هو. اڄ ٽيهارو سالن بعد ڏسان پيو ته انهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جا انه ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان آهن. ملاڪا ضلعي جي هڪ ٽائون مسجد تاناح پهچي مون کي هڪ ڏورانهين ننڍڙي ڳوٺ (ڪمپونگ آئر ليمائو) ۾ وڃڻو هو. مون سان گڏ ميرپورخاص جو ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ ٽنڊوڄام جو سعيد ٽالپر به هو.  سوڙها رستا ڏئي ان ڳوٺ جي ان گهر ۾ پهتاسين جنهن ۾ اسان جي اڪيڊمي جو مالهي رهيو ٿي جنهن جا ٻار منهنجي ٻارن جا ڪلاس ميٽ هئا. اهو معلوم ڪري خوشي ۽ حيرت ٿي ته هن جي هڪ ڌيءَ بئريسٽر آهي ۽ ٻي ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ۽ پٽ ڊاڪٽر آهي!

”توکي هاڻ پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت ته نه پوندي هوندي جو هاڻ ٻار ڪمائين ٿا.“ مون پاڻ کان وڏي عمر جي مالهيءَ کي چيو.

”انهن کان اڄ به وٺڻ بدران کين ڏيان ٿو.“ مالهيءَ کلندي جواب ڏنو.

”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون پڇيو.

هن ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ پنج سال اڳ ڳوٺ جي وڏيري اليڪٽرانڪ جي فئڪٽري لڳائي آهي جنهن ۾ هو پئڪنگ جو ڪم ڪري ٿو. ”بس وندر جي وندر، ڪم جو ڪم. هر مهيني ٽي هزار کن رنگٽ (پاڪستاني 80 هزار روپيه ) مليو وڃن، جن مان ڪجهه پنهنجن ڏهٽن پوٽن کي به ڏيان.“ منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي حڪومت توڙي اتي جي وڏيرن ۽ سياستدانن جي اها به سٺي ڳالهه آهي ته تعليم سان گڏ هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ پڪا رستا ۽ ڪارخانا لڳرائي ڇڏيا آهن جن ۾ ويندي ڳوٺ جا پوڙها ۽ پوڙهيون پنهنجي وت آهر ڪو ڪم ڪن ۽ چار پئسا ڪمائين. ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ جتي ڀاڄي ڀتي ۽ ميوو، چانور، اٽو ۽ کنڊ اسان کان به سستي آهي اتي ٽي هزار رنگٽ تمام وڏي ڳالهه آهي. اسان وٽ تعليم ۽ ڪارخانا نه هجڻ ڪري ڳوٺن جا غريب پوڙها دوا درمل لاءِ به واجهائين ٿا ۽ سندن اولاد وٽ به ڪجهه ناهي جو هو خود بيروزگار آهن.

ڏٺو وڃي ته ملائيشيا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملڻ وقت، سڄي ملڪ ۾ ڪو  ورلي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج هو. سندن پراڻي ۾ پراڻي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ملايا“ آهي سا به يونيورسٽي جي حيثيت ۾ 1960ع کانپوءِ وجود ۾ آئي. اڄ ڏسو ته هر قسم جي تعليمي ادارن جو سڄي ملائيشيا ۾ ڄڻ ته ڄار وڇايو پيو آهي. جتي ڪٿي يونيورسٽيون نظر  اچن ٿيون، جن ۾ نه فقط سندن شاگرد پر دنيا جي انيڪ ملڪن جا ٻار اعلى تعليم لاءِ هتي اچن ٿا. بقول ڪئالالمپور جي UCSI يونيورسٽي جي ڊپٽي وائيس چانسلر ــــ اسان جي ڳوٺائي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ تاراچند جي،  ”ڪو زمانو هو جو ملائيشيا جا شاگرد اسان وٽ پڙهڻ ٿي آيا ۽  اڄ اسان جي ملڪ جا شاگرد هتي پڙهڻ ٿا اچن.“

واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر روز ملائيشيا جي يونيورسٽين ۽ اسپتالن ۾ اسان جي شاگردن ۽ پروفيسرن جو تعداد وڌندو وڃي. اسان جي ڳوٺ جي انجنيئر ڊاڪٽر لياقت ميمڻ وانگر ڪيترائي اهڙا پاڪستاني ملندا، جن ملائيشيا جي يونيورسٽين مان M.Sc  به ڪئي ته Ph.D به. سو بهرحال ڪو زمانو اهڙو هو جو پنهنجي هم زبان ۽ هم وطنن سان ملڻ لاءِ پيو سِڪبو هو. پر هاڻ جهڙوڪر ملائيشيا جي هر شهر ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا ڊاڪٽر، پروفيسر، انجنيئر ۽ سائنسدان نظر اچن ٿا. اسان جي ننڍڙي ڳوٺ هالا جا ئي اڌ درجن ٿيندا. جن ۾ پروفيسر لڇمڻ ۽ ڊاڪٽر لياقت کان علاوه دل جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر  (ڪارڊيالاجسٽ) شڪيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر زينت الله جمالي به آهي. ويندي هڪ ڇوڪري اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر خير محمد ميمڻ جي ڌيءَ اِرم به آهي جيڪا هتي Ph.D ڪري رهي آهي. نه رڳو ملائيشيا جي هن حصي ويسٽ ملائيشيا ۾ پر ايسٽ ملائيشيا (بورنيو ٻيٽ) جي سباح ۽ سراواڪ رياستن ۾ به ڪيترائي پاڪستاني آهن، جن ۾ اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان آرٿوپيڊڪ سرجن عقيل ميمڻ پڻ آهي. هن دور ۾ جي هتي هجان ها ته ڪنهن هم وطن يا هم زبان ڳولڻ ۾ مون کي ڏکيائي نه ٿئي ها. پر اهو فائدو ضرور ٿيو جو وقت پاس ڪرڻ لاءِ يا سوشل زندگي گذارڻ لاءِ مون کي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ ٿيو، جنهن ڪري هتي جي ملئي زبان توڙي ملئي ڪلچر ۽ ثقافت جي ڄاڻ ٿي ۽ پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن بابت لکي سگهيس.

باب ٽيون

دنيا جي مشهور يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد

اخبارن لاءِ ڪالم ته آئون اڳ ۾ به لکندو هوس، پر اها خبر نه پوندي هئي ته ڪو پڙهي به پيو يا نه. پڙهندڙن کي منهنجي ٺام ٺڪاڻي جي به خبر نه هئي، پر جي ڪنهن کي هئي ته خط موڪلڻ جو طريقو فقط پوسٽ ذريعي هو، جيڪو بيحد مهانگو رهيو آهي. ان ڪري ورلي ڪو خط ملندو هو. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن ۾ انٽرنيٽ ايڏي عام ٿي وئي آهي جو منهنجو ڪالم پاڪستان جي سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ يا ملائيشيا ۽ سئيڊن جي انگريزي اخبار ۾ ڇپجي ٿو ته سڄي دنيا ۾ پڙهندڙن تائين Net  ذريعي پهچيو وڃي ۽ پڙهندڙن جا ان بابت رايا، تنقيد ۽ درستيون به مون تائين يڪدم Email   ذريعي پهچيو وڃن. مون ڏي ايندڙ انهن ئي اِي ميلن مان مون کي ملائيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن هم وطنن جي خبر پوندي رهي ٿي. هو مون سان ملڻ لاءِ اڪثر لکندا رهن ٿا ۽ انهن ئي اي ميلن مان اهو معلوم ڪري مون کي حيرت ٿي ته ملائيشيا جي فقط هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي پترا ملائيشيا“ ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن جا 18 کن شاگرد Ph.D ڪري رهيا آهن يا نوڪري ڪري رهيا آهن.

1970ع ڌاري جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو ڪئالالمپور جي بندرگاهه ”پورٽ ڪلانگ“ ۾ آيو هو ته هيءَ يونيورسٽي تن ڏينهن جي ٽنڊوڄام واري ائگريڪلچر ڪاليج کان به ننڍي ”ائگريڪلچر ڪاليج سلينغور“ نالي ڪاليج هئي. هن ڪاليج کان علاوه، ملائيشيا جي پراڻي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ملايا“ جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر ۾ به زراعت پڙهائي وئي ٿي. ملائيشيا جي فقط هيءَ يونيورسٽي  (يونيورسٽي ملايا) انگريزن جي ڏينهن کان آهي. هن يونيورسٽي جي 2006ع کان وٺي هتي جي پهرين عورت پروفيسر، رافعه سليم، وائس چانسلر آهي. هن آئرلينڊ جي ڪُئينس يونيورسٽي مان قانون (Law) ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ هوءَ هن يونيورسٽي جي لا فيڪلٽي جي ڊين ۽ ”بئنڪ نغارا ملائيشيا“ جي گورنر به رهي چڪي آهي. هوءَ ڪجهه عرصو يونائٽيڊ نئشنس (UNO) ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل به هئي. پاڻ هن وقت 63 سالن جي آهي. ”يونيورسٽي ملايا“ جا اڄ ڪلهه ٽي ڪئمپس آهن. ٻه ڪئالا لمپور (K.L)  ۾ ۽ هڪ ڪيلنتان رياست جي نيلم پوري شهر ۾. يونيورسٽي جو موٽو آهي: علمو پُنچا ڪيماجوئان (Ilmu Punca Kemajuaan) يعني ”علم ترقي جو ذريعو آهي“. ملئي زبان ۾ چ جي اچار لاءِ C لکيو وڃي ٿو. ملئي علم کي علمُو ۽ وقت کي وقتُو سڏين ٿا.

ڪيماجوئان دراصل  Maju   لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڌڻ“ ۽ ماجو لفظ جي اڳيان Ke ۽ آخر ۾ An هڻڻ سان ان جي معنيٰ ”واڌارو“ يعني ترقي ٿئي ٿو. ملئي جي بنيادي (Root)  لفظن ۾ اڳيان Ke، Bel، Di، Pel، Peng، Ter، Menga ۽ آخر ۾ an، ۽ Kan  ملائڻ سان مختلف لفظ ٺهن ٿا، جيئن اسان وٽ لفظ ”سچ“ مان سچو، سچار، سچائي، سچيت وغيرهه ٺهيا، تيئن ملئي لفظن جي اڳيان پويان، مٿيان اکر ڳنڍي، مختلف لفظ ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ نئين ماڻهوءَ کي ملئي زبان ڏکي لڳي ٿي پر اها ڪا ڏکي ناهي. ملائيشيا ۾ ٻن سالن کان مٿي ايندڙ هر شاگرد توڙي نوڪري ڪندڙ کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پهرين ٽن مهينن ۾ ڪجهه ملئي زبان ضرور سکي وٺن. ائين ڪرڻ سان هنن کي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۾ مزو ايندو. هتي نموني خاطر مٿئين فارمولا مطابق هڪ ملئي لفظ اَجار “Ajar”  (معنيٰ پڙهاءِ، سيکار) مان ٺهندڙ ڪجهه لفظ لکان ٿو:

Ajaran= پڙهائي

Belajar= پڙهڻ

Mengajar= پڙهائڻ

Diajarkan= پڙهايو ويو

Pelajar= پڙهندڙ (شاگرد)

Pengajar= پاڙهيندڙ (ٽيچر)

Terpelajar= پڙهيل ڳڙهيل (علم وارو، عالم)

Pelajaran= سبق، نصيحت

بهرحال پاڻ ملائيشيا جي سڀ کان پراڻي ‘يونيورسٽي ملايا‘ جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن مان هتي جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پڙهي نڪتيون آهن، جيئن ته ملائيشيا جو ٻيو وزيراعظم تن عبدالرزاق (هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد)، مهاتير محمد، سنگاپور جو اڳوڻو وزيراعظم لي ڪئان يو، ملاڪا جو هاڻوڪو گورنر محمد خليل يعقوب وغيره. سو 1971ع ۾ هن يونيورسٽي جي Faculty of Agriculture  ۽ سلينغور وارو ائگريڪلچر ڪاليج ملائي ”يونيورسٽي پرتانين ملائيشيا“ يعني ائگريڪلچر يونيورسٽي ٺاهي وئي، جنهن کي پوءِ 1997ع ۾ وڌائي ”يونيورسٽي پُترا ملائيشيا“ نالو رکيو ويو. هي نالو ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج جي مانَ ۾ رکيو ويو ۽ هيءَ يونيورسٽي فقط UPM  به سڏجي ٿو. منجهس شروع ۾ بنيادي طرح فقط ٽي فئڪلٽيون رکيون ويون:

Faculty of Agriculture

Faculty of Forestry

Faculty of Veterinary Medicine and Animal Science

ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر يونيورسٽي جي هن وقت مون کي خبر ناهي، پر ملائيشيا جي هن زرعي يونيورسٽي UPM  کي، هتي جي حڪومت آسمان تي کڻي پهچايو آهي ۽ ملائيشيا جي چئن ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ آهي. هيءَ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ مڃي وڃي ٿي. (ملائيشيا جون باقي ٽي ريسرچ يونيورسٽيون هن ريت آهن: يونيورسٽي ملايا UM، يونيورسٽي سائنس ملائيشيا USM ۽ يونيورسٽي ڪَئبنگساآن ملائيشيا (UKM.

ملائيشيا جي هيءَ ائگريڪلچر يونيورسٽي UPM  (يونيورسٽي پترا ملائيشيا) ڪئالالمپور شهر جي ڏکڻ واري علائقي سرڊانگ ۾ آهي. سرڊانگ ڪنهن زماني ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته مُنو صدي کن اڳ هتي گهاٽو جهنگل هو. ڀر واري شهر ”سُنگائي بيسي“ ۾ ڪميونسٽن جي باهه ٻارڻ ڪري تن ڏينهن جي انگريز سرڪار 1952ع ۾ ڪجهه چينين کي سُنگائي بيسائي مان لڏرائي هتي سَر ڊانگ ۾ رهڻ لاءِ پَٽُ ڏنو جن جهنگل جي ڪٽائي ڪري پنجاهه کن جهوپڙيون اڏيون. ويندي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ هن ڳوٺ جي ڪا خاص اهميت نه هئي جو ملاڪا کان ڪئالالمپور ايندي ويندي اسان جو سرڊانگ مان گذر ٿيندو هو. پر هن ڀيري هتي اچڻ سان دماغ ٿو چڪرائجي ته هي ڳوٺڙا ڇا ماڊرن شهر ٿي ويا آهن. خاص ڪري ڀروارو نئون اڏيل شهر ”پُترا جايا“ به ڏسڻ وٽان آهي. پُترا جايا نالو به ”تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج“ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. ڪئالالمپور کان توهان بس ذريعي سرڊانگ پهچي سگهو ٿا. ”سرڊانگ“ انگريزن جي رکيل نالي کي بدلائي هاڻ نئون نالو ”سري ڪيمبانگان“ رکيو ويو آهي.

يونيورسٽي پُترا ملائيشيا (UPM) ۾ زراعت جي مختلف برانچن ۾ ڊپلوما ۽ ڊگري ڪورس ٿين ٿا ۽ هتي جي شاگردن کان علاوه ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا اٽڪل ٻه هزار کن شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سنڌ جي هڪ ڏتڙيل ضلعي دادو جي هڪ غريب ڳوٺ جوهيءَ جو هڪ نوجوان حفيظ ٻٻر هن يونيورسٽي جي شاگرد يونينUPMIS (يونيورسٽي پترا ملائيشيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن) جو صدر آهي. پاڻ نه فقط پهريون سنڌي پر پهريون پاڪستاني آهي، جنهن کي هتي جي مڪاني ۽ غير ملڪي شاگردن صدر چونڊيو آهي. سندس واسطو هتي جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر جي Land Management  ڊپارٽمينٽ سان آهي. حفيظ ٻٻر جو جنم 8 آگسٽ 1969ع تي جوهي جي پرائمري اسڪول ٽيچر سائين گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ اڄ ڪلهه Soil Fertility  ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. هتي اچڻ کان اڳ هو ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ زرعي ڪيمسٽ هو.

ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر کان علاوه ٽن ٻين شاگردن جا نالا جيڪي هن وقت ذهن ۾ اچي رهيا آهن، اهي هن ريت آهن: احمد تنيو جيڪو هتي PhD  ڪرڻ لاءِ اچڻ کان اڳ ٽنڊوڄام يونيورسٽي ۾ سرجري جو اسسٽنٽ پروفيسر هو. ڊاڪٽر احمد تنيو جو تعلق به دادو ضلعي سان آهي. پاڻ دُرمحمد تنيو صاحب جو فرزند ۽ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ، مريد تنيو جو رهاڪو آهي. سندس ڄم جي تاريخ 15 جنوري 1970ع آهي. منهنجي خيال ۾ سندس زال به هن ئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري رهي آهي.

UPM ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪندڙ هڪ ٻيو شاگرد محمد اسحاق مستوئي آهي، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. هو Entomology  ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ هو سينئر سائنٽيفڪ آفيسر هو. سندس هڪ ٻيو ساٿي ڊاڪٽر قربان علي پنهور Microbiology  ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڻ شهدادپور جي ڳوٺ صاحب نظاماڻي جو آهي. هڪ موري جو سيد غلام شبير شاهه صاحب جو فرزند سيد عطا حسين شاهه به آهي، جيڪو ٽنڊوڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ليڪچرر هو ۽ هاڻ UPM ۾  Veterinary Public Health ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.

 

نانگن تي ريسرچ ڪندڙ ڊاڪٽر احمد تنيو پنهنجي ملئي ڪلاس ميٽ سان گڏ

 

باب چوٿون

پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر ....

هونءَ هن وقت منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ جو ارادو نه هو جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هيءَ عمر سفر ڪرڻ جي ناهي ۽ مون به ٻاهر نه نڪرڻ تي پڪي طرح عمل ڪرڻ ٿي چاهيو. جيتوڻيڪ ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌ جا ڪيترائي پروفيسر، ڊاڪٽر، بزنس مين ۽ شاگرد قرب ڪري مون کي ڪئالالمپور، اپوح، جوهوربارو، ملاڪا ۽ پيانگ جهڙن شهرن ۾ (هنن وٽ) گهمڻ لاءِ دعوتون ڏيندا رهيا ٿي ۽ آئون کين هائوڪار به ڪندو رهيس ٿي پر في الحال وڃڻ جو ارادو نه هوم. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو UMT   (يونيورسٽي ملائيشيا ٽرنگانو) جي هڪ Ph.D.  اسڪالر مير الهداد ٽالپر صاحب سان خط و ڪتابت ٿي. عبرت ۾ ڇپيل منهنجي هڪ ڪالم تي هن مون کي e-mail  ڪيو هو ۽ پوءِ موڪلن ۾ حيدرآباد اچڻ تي هن مون کي فون تي به دعوت ڏني ته آئون هن وٽ ٽرنگانو ضرور چڪر ڏيان، جتي سمنڊ جا ڪنارا ۽ خاموشي آهي، جتي جو ماحول ملائيشيا جي K.L (ڪئالالمپور)، اپوح ۽ پينانگ واري پاسي کان بلڪل مختلف آهي. دل ۾ سوچيم ته ڳالهه ته سؤ سيڪڙو صحيح ٿو ڪري. اسان جا ماڻهو گهمڻ خاطر چئن ڏينهن لاءِ ملائيشيا ويندا آهن ته هڪ ڏينهن K.L ۾ هڪ ڏينهن لنگڪوي ٻيٽ تي، هڪ ڏينهن پينانگ ۾ هڪ ڏينهن گنتنگ هاءِ لئنڊ (هل اسٽيشن) تي گذاري چوندا آهن ته اسان ملائيشيا گهمي آياسين. پر آئون اهو چوندو آهيان ته انگريز ۽ يورپي گورا ڀلي ائين ڪن پر اسان پاڪستانين کي جي ملائيشيا جي اصل سونهن ۽ مڪاني ماڻهن جي خبر چار لهڻي آهي ته پوءِ چار ئي ڏينهن ملاڪا يا پينانگ جهڙي هڪ ئي شهر ۾ گذاري ڇڏجن. شهرن ڏسڻ جو تعداد وڌائڻ خاطر ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين بسن ۾ سفر ڪري اڌ کان وڌيڪ وقت روڊن تي وڃائي ڇڏڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ۽ جيڪڏهن توهان اصل ملائيشيا ڏسڻ ٿا چاهيو ته ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) جي ڪناري وارن شهرن ڪئالالمپور، شاهه عالم، اپوح،  الور اسٽار وغيره وڃڻ بدران ملائيشيا جي اوڀر وارين رياستن: ڪيلنتان يا ٽرنگانو  ڏي هليا وڃو، جتي 90 سيڪڙو مڪاني ملئي ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن رياستن جا شهر ’سائوٿ چائنا سي‘ سمنڊ جي ڪناري تي آهن.

ڏهه سال کن ملاڪا ۾ نوڪريءَ دوران پڻ، مختلف ملڪن جي جهازران پروفيسرن سان گڏ،  موڪلون گذارڻ لاءِ آئون هميشه  ٽرنگانو يا ڪيلنتان وڃڻ پسند ڪندو هوس. سو هينئر جڏهن مير الهداد ٽالپر جو ٻڌم ته هو ٽرنگانو ۾ آهي ته دل ئي دل ۾ سوچيم ته هڪ وار ٽرنگانو جو چڪر هڻڻ لاءِ ملائيشيا ضرور ويندس ۽ مير صاحب کي چيم ته سائين توهان دعوت نه ڏيندائو تڏهن به توهان وٽ ضرور ايندس. ان کان علاوه مئرين اڪيڊمي (ALAM)  جنهن ۾ مون 10 ڏهه سال کن نوڪري ڪئي ۽ جيڪا منهنجي ڏينهن ۾ 1981 ڌاري ملاڪا رياست ۾ کلي هئي، اها هاڻ 30 سالن ۾ وڌي يونيورسٽي ليول جي ٿيڻ تي، ان جو پرائمري ليول وارو حصو هاڻ ٽرنگانو ۾ کوليو ويو آهي. ان اسي واري ڏهي ۾ منهنجي ڏينهن ۾، اسان وٽ ڪم ڪندڙ نوجوان ڪلارڪ، ٽائپسٽ، ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرا ڇوڪريون جن جون انهن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان شاديون اٽينڊ ڪندا هئاسين ۽ فوٽا ڪڍندا هئاسين، سي هِن وقت اُتي ٽرنگانو جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ رٽائرمينٽ جي عمر (55 سالن) جي ويجهو اچي پهتا آهن. پئان فريده، پُئان روس مالا، پئان حاجا بصرا، پئان سيتي حوا جهڙيون ڪلارڪ ملئي ڇوڪريون جيڪي ان وقت چِڪ فريده، چِڪ روس مالا، چِڪ حوا سڏبيون هيون ۽ شام جي وقت اسان جي گهر پٺيان نيٽ بال اچي کيڏنديون هيون؛  انهن جا ٻار به هاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ بئنڪر ٿي ويا آهن، بلڪه ڪي ته اسان وانگر ڏاڏيون نانيون به ٿي ويون آهن. هو پڻ هاڻ ٽرنگانو ۾ رهن ٿيون ۽ اڪثر اي ميل ذريعي خبر چار لکنديون رهن ٿيون. سندن اسي واري ڏهي جا فوٽو ڪڍي رکيا هئم ته اڳتي هلي سندن ٻارن کي ڏيکاريندس ته توهان جون ڏاڏيون نانيون جوانيءَ ۾ اجهو ههڙيون لڳنديون هيون.

هتي اهو لکندو هلان ته ٽرنگانو جيڪو انگريزي ۽ رومن ملئي ۾ Terengganu لکيو وڃي ٿو اهو جَوي ملئي ۾، يعني عربي اسٽائيل ملئي ۾ ”ترنغانو“ لکيو وڃي ٿو، جنهن جو سنڌي يا اردو ۾ صحيح اچار ترنغگانو ٿيندو جو اهو دراصل ٻن لفظن ترنغ (معنى ٻهڪندڙ يا روشن) ۽ گانو (معنى انڊلٺ) جو جوڙ آهي. اسان لاءِ بهتر آهي ته هن سفرنامي ۾ ”ترنگانو“ ئي لکون جيتوڻيڪ ترنغانو به صحيح رهندو.

ملئي جا ڪيترائي لفظ، ان قسم جا آهن جيئن ملائيشيا جي رياست Selangor  جيڪا سلينگور به لکي وڃي ٿي ته سلنغور به. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ هڪ لفظ Negara توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. نگارا يا نغارا معنى قومي (National) جيئن بئنڪ نگارا، مسجد نگارا، زُو  نگارا... وغيره.

ترنگانو ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. ملائيشيا جون ٻه رياستون سباح ۽ سرواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن يعني ايڏانهن برونائي پاسي بورنيو ٻيٽ تي آهن. باقي يارهن رياستون مغربي ملائيشيا ۾ آهن، جيڪو ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. اسان جا ماڻهو گهڻو ڪري ملائيشيا جي هن حصي ۾ اچن ٿا، جتي ڪئالالمپور، جوهربارو، پينانگ ۽ ملاڪا جهڙا شهر آهن. هنن يارهن رياستن مان شروع کان نو رياستن جا مالڪ يا کڻي چئجي ته ”ڌڻي سائين“ سلطان رهيا آهن، باقي ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ رهيون، بلڪه پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته هن پاسي جي ٻين سوين ويران ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل ٻيٽن  وانگر هئا، جيڪي انگريزن ملئي سلطانن کان خريد ڪري develop ڪيا. بهرحال ٽرنگانو ملائيشيا جي سلطانن وارن نون رياستن مان هڪ رياست آهي. هنن نون رياستن جا نو سلطان واري وٽيءَ تي سڄي ملڪ ملائيشيا جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. اڄڪلهه جيڪو ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ميان زين العابدين آهي اهو  1962ع ۾ هن رياست جي اڳوڻي سلطان محمود المڪتفي بلاه شاهه جي گهر ۾ سندس ٻي زال شريفا نانگ فاطمه کي ڄائو. پاڻ ملائيشيا جو 13 ڊسمبر 2006ع کان تيرهون نمبر بادشاهه آهي.

سلطان ميزان زين العابدين پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي رياست مان حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان انٽرنيشنل رليشن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيدمي ”رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ“ مان تعليم حاصل ڪئي. 1984ع ۾ کيس ليفٽيننٽ طور رايل ڪئولري ۾ مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ سندس پيءُ جي وفات تي ٽرنگانو جو سلطان مقرر ٿيو. پاڻ ملائيشيا جي سلطانن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو سلطان مقرر ٿيو ۽ هاڻ 44 ورهين جي ڄمار ۾ هو ٽي نمبر تي ننڍي عمر جو بادشاهه ٿيو آهي. هن کان اڳ ڪيداح رياست جو سلطان تئانڪو عبدالحليم 43 سالن جو ۽ پرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد پترا 40 سالن جو هو ته بادشاهه ٿيا هئا.

 هڪ ٻي ڳالهه ته اڄ جو بادشاهه سلطان ميزان زين العابدين پهريون بادشاهه آهي جيڪو ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ڄائو. هن کان اڳ وارا بادشاهه ملائيشيا کي 1957ع  ۾ خود مختياري ملڻ کان اڳ ڄاوا هئا. سلطان ميزان زين العابدين جي راڻي سلطانا نور زهره سان 1996ع ۾ شادي ٿي. ملائيشيا جي هيءَ ٻي راڻي آهي جيڪا هميشه حجاب سان مٿو ڍڪي هلي ٿي. کين چار ٻار آهن، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون: شهزادي نادره، شهزادو محمد اسماعيل، شهزادو محمد معِز ۽ شهزادي فاطمه زهره.

هونءَ چوندا آهن ته پاور خراب شيءِ آهي. اسان جي ملڪن ۾، خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ هڪ دفعو ڪنهن کي پاور ملي ٿو ته پوءِ مري جان ڇڏي ٿو، پر ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي، گذريل اڌ صديءَ کان ڏسندو اچان ته نمونو ئي نرالو آهي. هيڏو طاقتور بادشاهه (Yang di Pertuan Agong) جنهن جي لفظي معنى بادشاهه سلامت کان به مٿي ٿي...“ هي جيڪو جهان پناهه ٺاهيو ويو آهي“، ۽ عوام هن کي خطاب ڪرڻ وقت “Ke Bawah Duli yang Maha Mulia”    چوي ٿو يعني اسان هن عالي حضرت جي پيرن جي خاڪ آهيون (The dust under the feet of His exalted Highness) اهو ملڪ ۽ فوج جو طاقتوارو  ماڻهو، پنج سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي، چُپڙي ڪري پنهنجي ڳوٺ هليو وڃي ٿو.

 مهاتر محمد، سابق وزيراعظم، چاهي ها ته عوام اڃان به کيس وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ووٽ پيو ڏئي ها پر هو ميلو مَتل ڇڏي گهر هليو ويو ته ڀلي هاڻ نوان ۽ نوجوان سياستدان ملڪ جو ڪاروبار هلائين. هن دفعي سندس ڳوٺ الور اسٽار وڃڻ بدران پُترا جايا ۾ ئي ساڻس ملاقات ٿي وئي. چاق نه هو. ظاهر آهي هو وڏي عمر جو ٿي ويو آهي. فوٽن ۾ لڳي ٿو ننڍو هجي پر هن وقت هو  ستاسي سالن جو ٿيندو جو هو 1925 ۾ ڄائو آهي. هتي جا ماڻهو کيس ديوتا ڪري ٿا سمجھن پر پاڻ ائين مليو ڄڻ ڪڏهن وزيراعظم رهيو نه هو. پر ڳالهه اِها آهي ته هو جڏهن وزيراعظم هوندو هو تڏهن به هڪ عام ماڻهو وانگر لڳندو هو. عيد يا نئين سال وارن ڏينهن تي ته سندس گهر جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. امير امراءُ، غريب غربو، هاري ناري هرهڪ ملندو رهيس ٿي. آئون سندس هر وقت فوٽو ڪڍندو هوس. هڪ دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي سنڌي هندو مالڪ تان سري ڪِشوءَ جي مامي ”وڪيو مل لاکياڻي“ جي گهر هڪ فئملي ڊنر ۾ مهاتر سان گڏ ماني کائيندي مون پنهنجن ٻارن جو فوٽو ساڻس گڏ ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کي دٻايم ته سيل ختم ٿي چڪا هئا. مون کان وڌيڪ پاڻ پريشان ٿي ويو. لاکياڻيءَ يڪدم پنهنجي ڊاڪٽر پٽ کي ڊوڙايو ته سيل وٺي آءُ ۽ مون هڪ بدران سندس ڪيترائي فوٽو ڪڍيا جن مان ڪجهه منهنجن ملائيشيا جي انهن سفرنامن ۾ آهن جيڪي مون 80ع واري ڏهي ۾ لکيا.

 هڪ سنگاپور جو وڪيل وزيراعظم لي ڪئان يو هو جنهن چورن، ٺڳن ۽ دو نمبر مال وڪڻندڙن جي ملڪ سنگاپور کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. نه ته ستر وارو ڏهو اهو هو جو اتي جو ماڻهو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي شرم محسوس ڪندو هو. ان ملڪ کي لي ڪئان يو اهڙو ڪري ڇڏيو جو اڄ سنگاپور جي پاسپورٽ رکندڙ کي آمريڪا جي ويزا جي به ضرورت ناهي. هو فقط ٽڪيٽ خريد ڪري آمريڪا، انگلنڊ جپان وڃي سگهي ٿو. آمريڪا وارا به سمجهن ٿا ته سنگاپور ايڏو خوشحال، ماڊرن ۽ سکيو ستابو ملڪ ٿي پيو آهي جو سندن ملڪ جو آمريڪن آمريڪا ڇڏي سنگاپور ۾ رهڻ کي ته خوش نصيبي سمجهي سگهي ٿو پر هڪ سنگاپوري آمريڪا ۾ ڇو رهي پوي. ان سنگاپور ملڪ جي وزيراعظم جنهن کي پڻ سندس عوام ديوتا ڪري پوڄي ٿو، ان وقت کان اڳ وزارت اعظمى ڇڏي ڏني. عوام پنهنجي محبوب ليڊر کي اڃان وزيراعظم ڏسڻ چاهيو ٿي پر هن کين سمجهايو ته هاڻ ڀلي ڪو ٻيو اچي، باقي منهنجيون صلاحون هر وقت حاضر رهنديون.

 سو ملائيشيا ۾ به نه فقط عوام لاءِ پر بادشاهن لاءِ به قاعدا قانون ٺهيا پيا آهن، جن تي هو عمل ڪن ٿا. وقت پورو ٿيڻ تي ڦشري ڪرڻ بدران مانَ عزت سان لهيو وڃن. هتي اهو به قانون آهي ته جيڪو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو اهو پنهنجي رياست جو، اهو عرصو سلطان نه رهندو. ان لاءِ هن کي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرڻو پوندو آهي. سو اڄڪلهه هن رياست ترنگانو جو هيڊ (جنهن کي ملئي زبان ۾ Pemangku Raja سڏين ٿا) بادشاهه ميزان زين العابدين جو وڏو پٽ شهزادو اسماعيل آهي، پر جيئن ته هو اڃان بالغ ناهي ۽ فقط اٺن سالن جو آهي سو هن رياست ترنگانو جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ ٽن ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سرپرست بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ راجا تنڪو  بدرالزمان آهي.

جيئن اسان وٽ سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن جا وزيراعلى آهن تيئن هتي ملائيشيا جي به هر رياست ۾ وزيراعلى آهي جيڪو مينتري بيسار سڏجي ٿو. ترنگانو جي وزيراعلى جي چونڊ هونءَ هن رياست جو سلطان ڪندو رهيو ٿي، پر ملائيشيا ٿيڻ بعد (يعني ملايا ۽ سباح ۽ سرواڪ گڏجي هڪ ملڪ ملائيشيا ٿيڻ بعد) وزيراعلى اهو ٿئي ٿو جيڪو اسيمبلي جي اليڪشن ذريعي چونڊجي اچي. 80ع واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته هن رياست جو وزيراعلى ”تان سري وان مختيار احمد“ هو. اڄڪلهه (مارچ 2008ع کان) داتڪ احمد سعيد آهي. پاڻ 1957ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي سائنس ملائيشيا (USM) جو گرئجوئيٽ آهي.

هن مضمون جي شروع ۾ پنهنجي ملاڪا جي آفيس جي ڪن ڇوڪرين جي نالن اڳيان چِڪ ۽ پوءِ پُئان لکيو اٿم. ملئي لفظ چِڪ (Cik) ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾  Miss  چئون ٿا. پئان (Puan) شادي شده عورتن جي نالن اڳيان استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ مسز ۽ اسان وٽ بيگم لکيو وڃي ٿو. ڪنواري توڙي شادي شده مرد لاءِ اِنچڪ  Encik  لکيو وڃي ٿو. البت پوڙهي مرد يا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل مولوي يا عالم لاءِ تُئان (Tuan) لفظ استعمال ٿئي ٿو. هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ”C“ جو اکر چ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ ’’ش جي اچار لاءِ  “Sh” نه پر “Sy” لکيو وڃي ٿو. جيئن ملئي لفظ اشارا“ (پاڻ وارو ساڳيو اشارو لفظ)  Isyara لکيو وڃي ٿو.

 

ملئي عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org