سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:8

هو ڪنن تي هٿ لاهي توبهه استغفار ڪندو هو ۽ چوندو هو ”يارو منهنجي زال جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مسلمان ملڪ جي هجي ها ته شايد مون کي نه سڌاري سگهي ها پر ملئي عورتن لاءِ مشهور آهي ته هو پيار محبت ۽ دليل بازي سان مڙسن کي راهه راست تي آڻيو ڇڏين.“

”۽ ڪئپٽن ڪريم! تون هن جي ڪري ملئي زبان به سکي وئين“. اسان چوندا هئاسين.

”سرڪار هاڻ منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد سمجهي هر ڳالهه جو ڪريڊٽ هن کي نه ڏيو“، ڪئپٽن ڪريم چوندو هو، ”ملئي زبان مون ملاڪا ۾ اچڻ سان پهرين ٽن مهينن  ۾ سکي، ان وقت ته منهنجي زال خبر ناهي ڪٿي هئي، شايد ڪئالالمپور جي يونيورسٽي ۾ گرئجوئيشن ڪري رهي هئي. هتي اچڻ کان ٽي سال رکي پوءِ منهنجي هن سان واقفيت ٿي ۽ شادي ٿي.“

 بهرحال لورپور (انگلنڊ) جي ڳڀرو ۽ سمارٽ انگريز ڪئپٽن جو ملائيشيا ۾ اچي هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ۽ ان کان اڳ هن سان هلندڙ عشق جي ڪهاڻي ته ڪنهن ٻئي موقعي تي هن سفرنامي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي سفرنامي ۾ ضرور ڪبي. هتي پاڻ روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ شير محمد سولنگي جي گهر ۾ 1971ع ۾ جنم وٺندڙ غلام علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن پڻ هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ اڄ هو پنهنجي ڪنوار سان اسان جي گهر رات جي ماني تي اچي رهيو هو.

طئي ڪيل وقت مطابق علي پنهنجي زال سان گڏ اسان جي گهر آيو. اسان هنن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري خبر چار ڪئي. علي جي زال نه فقط پاڪستاني وڳي يعني سٿڻ قميص ۾ اڙدو ڳالهائي رهي هئي پر شڪل ۾ به اسان جهڙي هئي يعني جيئن اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو آهيون. ملئي ماڻهن جو نڪ نقشو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ٿائلنڊ، انڊونيشيا، ڪمپوچيا ۽ فلپين جي ماڻهن سان ملي ٿو.

عليءَ ٻڌايو ته هو ٻن هفتن کان هتي ڪراچي ۾ آهي ۽ هن گذريل هفتي هتان ڪراچي مان ئي شادي ڪئي آهي. اسان جي پڇڻ تي ته هو ملائيشيا ڪڏهن ويندو، هن ٻڌايو ته هو في الحال هتي ئي ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندو.

اسان سندس ڪنوار اڳيان کائنس اهو پڇي نه سگهياسين ته هن کي ڇا ملائيشيا مان نڪرڻو پيو ۽ اهو به نه پڇي سگهياسين ته هن ملئي ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيو جنهن سان هن شادي ڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي. هونءَ به اهي ذاتي سوال آهن جن بابت ڪنهن کان ڇا پڇجي. هر هڪ جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ پنهنجيون سوچون آهن. علي ڪو قدم کڻڻ کان اڳ صلاح مشورو پڇي ها يا پنهنجي ڳالهه ڪري ها ته پوءِ ضرور اسان به کانئس پڇون ها. هاڻ ته جيڪي ٿي گذريو سو ٿي گذريو. پر اهو آهي ته عليءَ جون ٻيون ڳالهيون ۽ ڪم سڀ سون برابر، پر سندس هي ڪم اسان کي عجيب لڳو ته علي اهڙي قسم جو ماڻهو ته نه آهي. بهرحال اسان جي هونءَ به ٻي ٽين مهيني  email  ذريعي عليڪ سليڪ ٿي ٿي جنهن مان اهو معلوم ٿيو ته هو واپس ملائيشيا هليو ويو آهي ۽ ڪجهه مهينن بعد پنهنجي زال کي به گهرايو اٿس.

منهنجي زال کي، جيئن عورتن کي تشويش جي عادت هوندي آهي، اهو معلوم ڪرڻ جي ضرور هورا کورا رهي ٿي ته علي ڇا پيو ڪري. ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ تي اسان کي اها ته خبر هئي ته هن ملڪ ۾ رهائش سولي ناهي پر اتي جي معلومات ۽ ٿيندڙ واقعن موجب اسان اهو ئي  asses  ڪيو ته عليءَ شايد ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري PR حاصل ڪري، ان بعد هن کي طلاق ڏئي پوءِ هن پاڪستاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هجي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسان جا هم وطني ان غلط ڪم کان به بدنام آهن. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته عليءَ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي بلڪل نه ڪئي هجي. سڄي ملائيشيا ۾ رلڻ ڪري هن جا ڪنهن اهڙي ملئي اثر رسوخ رکندڙ آفيسر يا سياستدان سان واسطا ٿي ويا هجن، جنهن هن کي غير قانوني طرح دوستي ۾ يا پئسن (رشوت) تي  ملائيشيا جو شناختي ڪارڊ  (PR)  ٺهرائي ڏنو هجي. جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ اها ڳالهه بيحد مشڪل آهي. اڄ کان 40 سال کن اڳ جڏهن آئون پهريون دفعو ملائيشيا آيو هوس ته  ان وقت اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه ممڪن هئي، پر ان دور ۾ وري اسان جي ملڪ جو ڪو ماڻهو ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هو، جو انڊيا توڙي پاڪستان ان وقت جي ملائيشيا کان ماڊرن ۽ سکيا ستابا ملڪ سمجهيا ويا ٿي ۽ ڪنهن جو دماغ ايڏو خراب نه هو جو هروڀرو پاڪستان کي ڇڏي مڇرن، نانگ بلائن، گپ ۽ مينهوڳين واري ملڪ ۾ وڃي رهي. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ ۾ نه مهانگائي هئي نه بي روزگاري. اسان ملائيشيا، سنگاپور ۽ ڪوريا جهڙن انيڪ ملڪن کان گهڻو گهڻو ماڊرن ۽ سکيا ستابا هئاسين.

باب پندرهون

ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم

ڪئالالمپور جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تان علي مون کي پنهنجي پروٽان ساگا ڪار ۾ گهر وٺي آيو. عليءَ جو گهر ڪئالالمپور جي جنهن علائقي ۾ آهي، اهو جيتوڻيڪ شهر جي مرڪز ۾، ”جالان ڪچنگ“ جهڙي اهم ۽ مشغول روڊ تي آهي، پر ساڳي وقت اهو علائقو ۽ گهر، ڳوٺ جو به ڏيک ڏئي ٿو. گهرن جي قطارن جي وچ ۾ ڪا ڪا قطار بلڪل خالي به نظر اچي ٿي جنهن تي اڃان ڪنهن به گهر نه ٺهرايو آهي. سامهون ٺهيل گهرن وارن، انهن خالي پلاٽن تي ڀاڄيون ۽ مڪئي جا سنگ پوکي ڇڏيا آهن. هر گهر اڳيان انهن جون پاليل ڪڪڙيون پيون هلن. گهرن اڳيان بيٺل ٻارن ۽ گهرن جي ٻاهران لکيل نالن مان اندازو لڳايم ته هتي مڪسڊ سوسائٽي جا ماڻهو آهن. يعني نه رڳو ملئي مسلمان پر چيني، تامل، سک ۽ انهن جي وچ ۾ عليءَ جو گهر ۽ سندس پاڙي ۾ سندس پنجابي دوست جو گهر ڏسي مون کي سٺو لڳو. جتي به مڪس قسم جا ماڻهو رهن ٿا، اتي ماڻهو وڌيڪ پرائي ٿو، ٻين کان سٺيون ڳالهيون سکي ٿو ۽ سڄي ملڪ جي ايڪتا رهي ٿي.

سنگاپور ۾ شروع شروع ۾، جڏهن انگريزن کيس خود مختياري ڏني، هر قوم ۽ هر مذهب ۽ زبان جا ماڻهو پنهنجو ناني ڪنڙو ٺاهي رهيل هئا. چيني الڳ ته ملئي ۽ انڊين الڳ ۽ وري انڊين ۾ به سائوٿ انڊين تامل الڳ ته سک، سنڌي هندو، گجراتي، بنگالي ۽ پارسي الڳ. هر هڪ پنهنجي زبان، دين ڌرم ۽ پنهنجي وطن (جتان هنن جا ابا يا ڏاڏا لڏي سنگاپور اچي رهيا هئا) کي بهتر ٿي سمجهيو ۽ ٻين سان ضد ۽ نفرت لڳائي رکي هئي. پوءِ اسان جي سنگاپور ۾ جهاز تي ايندي ويندي، مون ڏٺو ته سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يوءَ حڪومت طرفان گهڻ ماڙ عمارتون ٺهرائي انهن جا فلئٽ ڪُڻن ذريعي شهرين کي سستي اگهه تي ڏنا. ملئي ماڻهن ڪجهه ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ته هو چينين يا انڊين سان گڏ نه رهندا، هنن لاءِ سڄي بلڊنگ الڳ رکي وڃي پر لي ڪئان يو سڀني کي چيو ته سستو گهر کپناوَ ته ائين ملندو نه ته وڃي پاڻ ئي ٺهرائي رهو. سستائي ڪري سڀني کي ڪشش ٿي ۽ مڪس اپ ٿي رهڻ لڳا. ان مان گهڻو فائدو ملئي ماڻهن کي ٿيو جيڪي هونءَ ڳوٺاڻي طبيعت جا ۽ سست هئا سي واپاري ۽ پڙهيل ڳڙهيل چيني ۽ انڊين ماڻهن جي وچ ۾ رهي تيز ٿي ويا. تعليم ۽ بزنيس ۾ به هوشيار ٿي ويا. اڄ سنگاپور جو ملئي ماڻهو، پنهنجي ملائيشيا جي ملئي سوٽ ماسات کان وڌيڪ هوشيار، چست ۽ سياڻو آهي.

بهرحال ملائيشيا به هاڻ سالن کان سنگاپور کي فالو ڪري رهيو آهي، ڇو جو ملائيشيا جي قوم ۽ حڪومت ڏسي ٿي ته  Polarization  مان سواءِ نفرت جي ڪو فائدو ناهي. اسان وٽ پاڪستان ۾ ابتو حساب آهي. اسان جا سنڌي شاگرد ٻين زبانن يا مذهبن جي شاگردن سان رلي ملي هلڻ بدران پنهنجو ناني ڪنڙو ڪري هلندا، بلڪه ڪوشش ته اها ئي ڪندا ته هڪ ئي ڳوٺ جا ملي وڃن ۽ پوءِ ٽي يا چار خيرپور ناٿن شاهه، سجاول يا گمبٽ جا هوندا ته ڀر واري شهر ميهڙ، ٺٽي يا خيرپور جي همراهه سان به نه ملندا. ان ۾ نه فقط اسان سنڌي شامل آهيون پر اسان جي سڄي ملڪ جو اهو حال آهي. توهان انگلنڊ، آمريڪا ويندي ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ ڏسندائو ته اسان جا شاگرد مڪاني يا ڌارين شاگردن سان ملڻ کي گهٽ ترجيح ڏيندا. هو ڪوشش ڪري پنهنجي ملڪ جي شاگردن جو ٽولو ٺاهي هلندا. ان ڪري هو ٻين جو ڪلچر ۽ سٺيون ڳالهيون سمجهڻ ۽ سکڻ کان محروم رهجيو وڃن. هتي عليءَ جي پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ چينين ۽ ملئي ماڻهن سان ۽ محلي جي مسجد ۾ مدراسي مسلمانن سان عليڪ سليڪ ڏسي خوشي ٿي.

پاڙي جي ٻين گهرن وانگر عليءَ جو گهر به هيٺ مٿي آهي. گهر اڳيان ايڏو ڪار پورچ آهي جنهن ۾ ٻه گاڏيون بيهو وڃن. هونءَ به ملائيشيا ۾ چوري چڪاري گهٽ آهي. ماڻهن جون در جي ٻاهران به گاڏيون بيٺيون آهن. هر گهر جي اندر هڪ پاسي ايتري وڏي جاءِ ڇڏيل آهي، جو ٻن ٻن ڪارن جا ٽي سيٽ بيهي سگهن. عليءَ ان  Space مٿان پلاسٽڪ جون شيٽون ڏئي ورانڊي وانگر ٺاهي ڇڏيو آهي.

”سکر جي هڪ واقفڪار هتي ملائيشيا ۾ کجور جو بزنيس ڪيو هو،“ عليءَ ٻڌايو، ”سو سڄو ڪنٽينر موڪليو هئائين. ان مان نڪتل مال کي هتي رکي پوءِ ٿورا ٿورا دٻا ڪري هتي جي مارڪيٽ ’چوڪٽ بازار“ (Chow Kit) ۾ وڪيا هئاسين.“

عليءَ جي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪڪڙين جو وڏو پڃرو به رکيو هو جنهن اندر ۽ ٻاهر ڏهاڪو کن ڪڪڙيون ۽ اڌ ڊزن ٻچا (جيڪي 15 ڏينهن کن اڳ آنن مان ڦٽا هئا) چڳي رهيا هئا ۽ هڪ سفيد رنگ جو ڍينڍڙو ڪڪڙ، راجا اِندر بڻجي، انهن ڪڪڙين جي وچ ۾ پسار ڪري رهيو هو.

”علي! گهر ته واهه جو اٿئي ۽ ڇا ته لوڪيشن آهي؟“ مون تعريف ڪندي چيو.

عليءَ دعا جا ٻڪ کڻي مٿي آسمان ڏي نهاريندي چيو ”بس سائين رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آهن، جنهن مون غريب کي هن حال تي پهچايو آهي، نه ته مون غريب کي ته ايتري طاقت به نه هئي جو کڻي موٽر سائيڪل به وٺي سگهان. اڄ مون کي پنهنجي سواري لاءِ الڳ ڪار آهي ته ڪمپنيءَ جي ڪمن لاءِ الڳ گاڏي آهي.“

جهاز جنهن وقت ڪئالالمپور لٿو ان وقت مينهن جو وسڪارو ٿي ويو. دل ۾ مون چيو ته آئون ٻين کي نصيحتون ڪندو آهيان ته ههڙن ملڪن ۾ ڇٽيءَ بنا نه ايندا ڪريو، پر اڄ آئون ڇٽيءَ بنا اچي نڪتو آهيان. بهرحال ڪجهه پُسندو ڪجهه بچندو، علي جي ڪار تائين پهتس. عليءَ جي گهر پهتاسين ته سندس گهر واريءَ چيو ته ”ڀائي جان مون ڪالهه کان دعائون پي ڪيون ته ڪو مينهن وسي ته موسم ٺري. هن ڀيري هفتي کان مٿي ٿي ويو هو جو مينهن وسڻ جو نالو نه پئي ورتو ۽ ههڙي گرمي ڏسي عليءَ کي چوندي هيس ته الطاف کي ڏاڍي گرمي لڳندي.“

”آئون ڪو ڌاريو نه آهيان. هنن پَٽن کان واقف آهيان،“ مون وراڻيو، ”ملائيشيا جاگرافيائي طور، خط استوائي ملڪ آهي، جتي ٻارهوئي ظلم جي گرمي ٿيڻ کپي پر وقفي وقفي تي هلندڙ بارش ڪري موسم خوشگوار ۽ چوڌاري ساوڪ نظر اچي ٿي.“

عليءَ چيو ته اڄ تنهنجي اچڻ ڪري منهنجي زال پنهنجي ملڪ جي ڊش برياني ٺاهي آهي جنهن ۾ چانور به پاڪستان کان گهرايل باسمتي وڌا اٿس.

”اهو ته علي توهان نسورو مون سان ظلم ڪيو آهي“، مون کين چيو،  ”آئون ڪو سال ڏيڍ سئيڊن يا نيوزيلئنڊ ۾ رهي توهان وٽ نه آيو آهيان. آئون ته پاڪستان مان ئي اچان پيو ۽ مون توکي هيڏي تاڪيد ڪئي پر منهنجي نه مڃئي.“

دراصل ملائيشيا اچڻ کان اڳ عليءَ کي اهو ئي چيو هوم ته تنهنجي گهر رهندس پر مانيءَ جي معاملي ۾ مون کي آزاد ڇڏجانءِ جيئن آئون هتي جا ٻوڙ ڀت کائي پراڻن ڏينهن جو ساه وٺان.

”ڀلا نيرن ته اسان وٽ ڪجانءِ.“ عليءَ چيو هو.

”نه يار، نيرن ته خاص طرح ٻاهر فٽ پاٿ تي ملئي عورتن جي اسٽالن تي ناسي لماڪ يا روٽي چنائي سان ڪرڻي آهي.“ مون عليءَ کي نه فقط چيو هو پر سمجهايو به هو، ته ڏس؛ علي ملائيشيا ۾ مانيءَ جو هونءَ ئي مسئلو نه آهي پر آئون ته خاص انهن ننڍن ننڍن اسٽالن تان ناسي ايام، بيف رنڊانگ، اِڪان ۽ اُڊانگ وٺي کائڻ چاهيان ٿو، جيڪي آئون، هن شهر ڪئالالمپور  هلندي چلندي وٺي کائيندو هوس.

پر عليءَ توڙي سندس گهر واريءَ،  منهنجي آخري ڏينهن تائين ڳالهه نه مڃي ۽ ٻاهران ٿي ايندو هوس ته ٽيبل تي مون لاءِ ماني رکي هوندي هئي. پوءِ آئون به ڪڏهن کائيندو هوس ڪڏهن ٻاهران کائي ايندو هوس. خاص ڪري سندس گهر جي ڀر واري بس اسٽاپ تي عائشه ۽ فاطمه نالي ٻن ملئي عورتن جي اسٽال تي کائڻ جو شوق ضرور پورو ڪيم. جتي اٺ کن اسٽولن تي ٻيا به ٻه چار مون جهڙا جهونا مرد ۽ ٻارن سان گڏ عورتون اچي ويٺيون ٿي ۽ هتان هُتان جون ائين ويهي خبرون ڪيائون ٿي، جيئن اسان وٽ ڳوٺن جي بس اسٽان وارين هوٽلن تي چانهه جي ڪوپ تي واندا واندا مرد ويهي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندا آهن. هڪ ڏينهن کاڌي جي ان اسٽال جي پوڙهي مالڪياڻي فاطمه مونکي ٿي چوي: ”انچڪ (جناب) توهان ڪُئيح (مٺيون شيون) ڏاڍيون ٿا کائو. شگر نه ٿي پوانوَ.“

”هن عمر ۾ ٿي نه پوانوَ ڇا مطلب؟“ مون کيس چيو، ”شگر ٿي چڪي آهي. پر آئون هتي سڄو ڏينهن واڪ ٿو ڪريان ۽ هن شهر ۾ گذاريل پنهنجي جوانيءَ  جا ڏينهن ٿو ياد ڪريان جڏهن هن قسم جون ملئي مٺايون (ڪئيح) وڏي شوق سان کائيندو هوس.“

علي هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس به وٺي هليو جتي ڪمپيوٽر ۽ ڏيتي ليتي جو ڪم سنڀالڻ لاءِ هن پنهنجي ننڍپڻ جي ڳوٺائي دوست شفيق کي روهڙيءَ مان گهرائي هتي رکيو آهي. سامان پوسٽ ذريعي موڪلڻ يا ٻاهر کان آيل مال کي حساب سان سيٽ ڪري رکڻ لاءِ هن وٽ هڪ ملئي ڊرائيور ۽ ڪم ڪار لاءِ هڪ ماڻهو رکيل آهي. سندس آفيس پهرين ماڙ تي آهي جنهن جي هڪ حصي ۾ ٽيبل ڪرسيون ۽ ڪمپيوٽر رکيل آهن جتان هو پاڻ ۽ شفيق ويهي ڪمپيوٽر ذريعي آرڊر وٺن ٿا ۽ پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۽ ٻين ملڪن مان ڊاڪٽري جو سامان گهرائين ٿا.

آفيس جي ڏاکڻي اڌ حصي کي عليءَ گدام (Store)  ڪري رکيو آهي، جتي مختلف ڊاڪٽري اوزار ۽ سرجيڪل ٽول رکيل آهن. ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ چمڙي جون ۽ فئنسي قسم جون جئڪيٽون ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ وارا هيلمٽ رکيل ڏسي مون عليءَ کان پڇيو: ”علي ڪر خبر هي جئڪٽون هتي ڪير ٿو وٺي؟“ ظاهر آهي، مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو پوي اتي هنن جئڪيٽن جو ڪهڙو ڪم؟

”هتي جا ملئي ڇوڪرا موٽر سائيڪل هلائڻ جا شوقين آهن،“ عليءَ ٻڌايو، ”هو وڏيون وڏيون موٽر سائيڪلون هلائين ٿا  ۽ گهڻو ڪري هن قسم جو ٽرڙيون جئڪيٽون خريد ڪن ٿا. ڪي ته چمڙي جون ڪاريون جئڪيٽون به وٺن ٿا.“

”پر علي پاڪستان مان چمڙي جو سامان گهرائڻ آهي خطري جو ڪم“، مون عليءَ کي چيو، ”ڇو جو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مون دڪاندارن کان اهو ٻڌو آهي ته پاڪستاني چمڙي جي ڪارخانن وارا  Sample  هڪڙو ڏيکارين ٿا، مال ٻيو موڪلين ٿا، جيڪو داغي ۽ نقص وارو هجڻ ڪري ولائت جي مارڪيٽن ۾ وڪرو نٿو ٿئي.“

”پر اسان کي شڪايت نه رهي آهي جو هن بزنيس ۾ مون سان اهو شامل آهي جنهن کي پنهنجي چمڙي جي فئڪٽري آهي ۽ هو اسان کي هميشه صحيح مال موڪلي ٿو.“ عليءَ ٻڌايو.

عليءَ جي هن دوست ۽ بزنيس پارٽنر محمد شفيق سان منهنجي هڪ ڏينهن تفصيلي ملاقات ٿي. هن جو چمڙي جي جئڪيٽن، هئنڊ گلوز ۽ مختلف قسم جي بئگن جو لاهور ۾ ڪارخانو آهي ۽ ساڳي وقت هن هتي جالان ڪچنگ جي ڀرسان ’تمن باتو‘ ۾، جتي علي جي ”فرئگو امپيڪس“ ڪمپني جي آفيس آهي، اتي هن” TSN اسٽار سنڊيرين برحد“ نالي جي ڪمپني کولي آهي جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. هو مٿيون شيون سڄي ملائيشيا ۾ سپلاءِ ڪرڻ جو هول سيل ڊيلر آهي. هونءَ مون سندن ٻن ٽن قسمن جون بئگون ۽ ٿيلها ڏٺا، جن جي ڊيزائين ۽ مضبوطي بيحد بهترين قسم جي لڳي. ظاهر آهي ههڙن ملڪن ۾ جتي دنيا جي انيڪ ملڪن جا واپاري ۽ ڪارخانيدار پنهنجو مال وڪڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا مقابلو اهو ئي کٽيندو جنهن جو مال سٺو، جٽادار  ۽ گهٽ اگهه وارو هوندو.

محمد شفيق ٻڌايو ته اڄڪلهه پاڪستان ۾ لائيٽ وڃڻ ڪري سڄو سڄو ڏينهن ڪم وارا واندا ويٺا آهن ۽ مال ٺهڻ جو مقدار گهٽجي ويو آهي ۽ اسان کي ڪم وارن کي مفت جو پگهار ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه چمڙي (Leather) ۽ ڪيميڪل کان سئي سڳي تائين، جيڪا شيءِ ان سامان ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿي، مهانگي ٿي وئي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان کي پراڊڪٽ جو في نگ، ڳري اگهه تي پوي ٿو. نتيجي ۾  روزمره جو خرچ به نٿو نڪري ۽ جي وڪڻڻ جي قيمت ٿا وڌايون ته پوءِ ڪير ڪو نه وٺندو. سندس ڪمپني جي ويب سائيٽ www.w-bpower.com آهي.

 

علي سولنگي پنهنجي ڪمپني فراگو امپيڪس آفيس اڳيان

باب سورهون

نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم

هڪ ڏينهن عليءَ کي چيم ته يار ڪئالالمپور ۾ چينين جي مارڪيٽ  Chow Kit   جو چڪر هڻڻ تي دل چوي ٿي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس، تڏهن به ڪئالالمپور اچڻ تي ”چوڪٽ“ جو چڪر ضرور ڏيندو هوس. ان کان اڳ جڏهن جهاز تي هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪئالالمپور اچي جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪندو هوس ۽ مسجد انڊيا ۽ چوڪٽ جو چڪر هڻندو هوس. هن مارڪيٽ ۾ ڀاڄين، ميون ۽ قسمين قسمين جانورن جو گوشت وڪامندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي. گذريل دفعي ڪئالالمپور آيو هوس ته پاڪستان ايمبسي جو ڪمرشل/ ٽريڊ سيڪريٽري اطهر جمال ابڙو پڻ، مونکي چوڪٽ مارڪيٽ وٺي هليو هو، جتي انهن ڏينهن ۾ پهريون دفعو، هن جي ڪوششن سان پاڪستاني انب وڪري لاءِ آندو ويو هو. هاڻ چوڪٽ مارڪيٽ ماڊرن ٿيڻ ڪري منجهس اها ڳالهه نه رهي آهي ۽ ملائيشيا حڪومت ڪيترن جانورن جي گوشت ۽ شين تي بندش هڻي ڇڏي آهي، نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ڪُميون، ڪَڇون، نوريئڙا، نور، سانڍا، ڪتا، ٻلا ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جو گوشت نٿي وڪاميو. مڇين ۽ نانگن جا ته انيڪ قسم هوندا هئا، جيڪي ماڻهو (خاص ڪري چيني) جيئرا جاڳندا خريد ڪندا هئا، يا انهن جو گوشت ٺهرائي گهر کڻي ويندا هئا. اتي جي ريسٽورنٽن ۾ هر قسم جو گوشت، وڏي ڪڻڇي تي ائين تربو هو جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ برنس روڊ تي يا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ٻاهران ٻڪري جا جيرا، دل، بڪيون ملن ٿا. عليءَ کي ٻڌايم ته 1970ع ۽ ان کان اڳ ته هن مارڪيٽ ۾ مون چين جي شهرن وانگر جيئرن ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍي وڪامندي ڏٺو.

”لاحول والله!“ عليءَ منهن کي موڙو ڏيندي چيو، ”هي چيني به عجيب آهن. ڇا ڇا ته کائين ٿا.“

مون کلندي چيو، ”علي تنهنجا هي چيني وري به سڌريل آهن جو ملئي سياستدان ۽ حڪومت تيز ٿيندي وڃي ۽ هنن کي هتي ايڏو ٽائيٽ رکيو اٿن جو گهٽ ۾ گهٽ شهر جي عام هوٽلن ۾ ڪانگ،  ڪٻرون، تِڏون، ڪاڪروچ، ڳوهون ۽ سيڙهه جهڙيون شيون فراءِ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.“

”چيني نه رڳو هر شيءِ کايو وڃن پر ان تي فخر به ڪن ٿا،“ عليءَ چيو، ”هو ڪيتريون شيون ته ان وهم ۾ کائين ٿا جو هو سمجهن ٿا ته شايد انهن مان هنن کي شهواني طاقت ملي.“

عليءَ کي مون ٻڌايو ته چينين لاءِ اها چوڻي مشهور آهي ته هو ٽنگن واري هر شيءِ کايو وڃن، سواءِ ٽيبل ڪرسي جي. پاڻي ۾ ترندڙ هر شيءِ کايو وڃن سواءِ سب مئرين جي. هوا ۾ اڏامندڙ هر شيءِ کايو وڃن سواءِ هوائي جهاز جي.

 عليءَ سان اهو پروگرام ٺهيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو گهران نڪرڻ مهل، رستي تان هو اڌ مني ڪلاڪ جو بئنڪ ۾ ڪم لاهي، پوءِ مون کي چوڪٽ ڇڏي پاڻ پنهنجي آفيس هليو ويندو ۽ آئون ڪئالالمپور جي هن مارڪيٽ جا فوٽو ڪڍي ڀر ۾ جامع مسجد ۽ پاڪستان مسجد وٽان ٿيندو پنهنجن شاگردن سان ملڻ سندن پيٽروناس شپنگ آفيس هليو ويندس، جتي هو جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن.

ٻئي ڏينهن صبح جو پهرين بئنڪ ۾ آياسين ته اڃان ماڻهو نه آيا هئا. عليءَ کي گهڙڻ سان نه فقط وارو ملي ويو پر ڪم به ٻن منٽن ۾ پورو ٿي ويو. ٻاهر نڪري عليءَ چيو ته ”چوڪٽ مارڪيٽ ته کلڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ پيو آهي، هلو ته توهان کي گنتنگ هاءِ لئنڊ  ڊگهي ڊرائيو تي وٺي هلان.“

گنتنگ هاءِ لئنڊ هتي جي هِل اسٽيشن جهڙي پهاڙي آهي، جتي انگريزن جي ڏينهن کان هوٽلون  ۽  جوا خانه آهن ۽ هاڻ ان کي ٽوئرسٽن جي ڪشش لاءِ وڏن توڙي ٻارن لاءِ رانديون ۽ اميوزمينٽ پارڪ وغيره ٺاهي ڇڏيا اٿن. بهرحال هن جاءِ جي ملائيشيا ۾ ان ڪري به وڏي اهميت ٿي پيئي آهي جو ملائيشيا جي موسم ٻارهو ئي گرم، مينهوڳي ۽ گهم واري آهي سو مڪاني ماڻهو سرديءَ جو مزو وٺڻ لاءِ هتي اچن ٿا ۽ ڌاريا ۽ مڪاني چيني جوا (Gambling)  ڪن ٿا. مڪاني ملئي مسلمانن توڙي ٻين ڌارين مسلمانن کي جوا ۽ ڪيبري ڊانسون وغيره ڏسڻ جي بندش آهي، پر ويندي عرب به (پنهنجن روايتي جبن بدران ڪمپليٽ سوٽن ۾) ۽ ايراني ڇوڪريون روسري (حجاب) بدران ٽائيٽ جينز ۾ نظر اچن ٿيون. اسان جي پڇڻ تي هو اڪثر يوڪرينين يا آذر بائيجاني ٻڌائينديون ۽ هتي جا ملئي مسلمان به ڪي سڀ فرشتا نه آهن. ملائيشيا توڙي ٿائلينڊ جا جوا خانا، مساج گهر ۽ لڪ ڇپ ۾ هلندڙ عياشيءَ جا اڏا انهن جي آشيرواد سان ئي  هلن ٿا. حڪومت ڪجهه ڪڇي ڪانه ٿي. ان کي ٽئڪس پيو ملي ۽ اهڙين ڳالهين تي گهڻو ڪري اک ٻوٽ ڪريو ڇڏي، باقي اهو آهي ته ڪنهن کي داداگيري يا دنگي فساد ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. ڦڏو ڪرڻ تي سلطان جو پٽ ته ڇا پاڻ سلطان کي به ڪورٽ ۾ گهرايو وڃي ٿو.

عليءَ کي چيم ته ”گنتنگ هاءِ لئنڊس کي في الحال ڇڏ. ڊگهي ڊرائيو ڪرڻي آهي ته آئون ٿو توکي ڪئالالمپور جا ڪجهه رستا ٻڌايان جن تان هلندو هل ۽ اِهي اُهي رستا آهن، جن تان منهنجو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هر وقت گذر ٿيو ٿي.“

مون کيس ”جالان ڪُچنگ“ ۽ ان بعد ”جالان ڪِنابالو“ ڏئي ”جالان تن رزاق“ ڏي هلڻ لاءِ چيو، جيڪي ويڪرا رستا آهن ۽ انهن تي ٽريفڪ جئم ورلي ڪا رهي ٿي ۽ ڊرائيونگ لَس ئي  لَس ڪري سگهجي ٿي. شروع ۾ ئي ٻڌائي آيو آهيان ته ملئي زبان ۾ ”جالان“ جي معنيٰ ”روڊ“ آهي. جالان جي معنيٰ ’هلڻ‘ به آهي، جيئن ڪنهن مائٽ يا دوست کي موڪلائڻ وقت سلامت جالان چئبو آهي. يعني مبارڪ تنهنجو هلڻ يعني مبارڪ تنهنجو سفر. ڪچنگ ۽ ڪنابالو اوڀر ملائيشيا جي رياستن سباح ۽ سراوڪ جا شهر آهن ۽ تن رزاق هن ملڪ جو ٻيو (تنڪو عبدالرحمان کان پوءِ) وزيراعظم ۽ هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد هو. جالان تن رزاق ڪافي وڏو رستو آهي ۽ ڪئالالمپور جي اڌ  شهر جي چوڌاري گول گهمي ٿو. اهڙي طرح جالان مَهاميرو ۽ جالان دامانسارا باقي اڌ چڪر ٺاهين ٿا. جهڙالي موسم ۾ ڪئالالمپور شهر ۾ ڦرندي مزو اچي رهيو هو.

جالان ڪچنگ ڏئي وڃي رهيا هئاسين ته ’بُڪت اَمان‘ وٽ عليءَ ٻڌايو ته اتي هڪ پيٽرول پمپ آهي، جتي هن جو ڀاءُ غلام باقر ڪار واشنگ جو ڪم ڪري ٿو. عليءَ سان گڏ سندس هي ڀاءُ ۽ هڪ ڀاڻيجو بابو (حسين علي) پڻ رهي ٿو. هو پڻ هتي جي هڪ ڪمپنيءَ وٽ ملازم آهي ۽ اوچين عمارتن جا شيشا صاف ڪري ٿو.

”ڇا ڪجي ڳوٺ ۾ سخت غربت آهي،“ عليءَ ٻڌايو، ”نه نوڪري آهي نه پورهيو. جوان جماڻ بيروزگار ٿيو ويٺا آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ روز جا هر هڪ کي 40-50 کن رنگٽ (اسان جا ٻارهن تيرهن سؤ رپيا) مليو وڃن. رهائش ۽ ماني ٽڪي مون وٽ اٿن، سو ٻن سالن بعد جڏهن ڳوٺ وڃن ٿا ته ٽڪيٽ جو خرچ ڪڍڻ بعد به هنن کي پنهنجي گهر لاءِ پئسو بچيو وڃي.“

عليءَ ٻڌايو ته سندس ٻيا ڀائر ۽ ڀاڻيجا به بيروزگار ويٺا آهن. هڪُ ڀاءُ ڪنهن ٽي وي چئنل تي سينئر ڪئميرا مئن آهي. ”سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿو، پر پگهار ڪو اٺ هزار روپيا مس مليس ٿو. هاڻ انهن پئسن مان ڀاڙو ڪري، گلشن حديد ۾ ورتل گهر جي مسواڙ ڏئي يا کاڌي پيتي تي خرچ ڪري؟ پوءِ ٿوري گهڻي هن جي ۽ ٻين جي مدد ڪريان ٿو. ان ڪري هتي مون وٽ رهندڙ ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي چيو اٿم ته هاڻ همت ڪري هڪ ٻئي مائٽ کي نوڪري ڏياريو، جيئن هو اچي ته توهان ٽئي ڄڻا گڏجي ڌار جاءِ مسواڙ تي وٺي، رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پاڻ ڪريو ته مون تان ڪجهه بار لهي ته ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻين غريب، مائٽن جي ڪا بهتر پرگهور ڪري سگهان.“

”پوءِ علي تون ئي کڻي گهرائينس، هتي ته ڪيترائي جاب هوندا.“ مون چيو.

”اهو ته صحيح آهي، پر ائين گهمڻ واري ويزا تي اچي نوڪري ڪرڻ به ته ڏوهه آهي نه! آئون اهو هرگز نه چاهيندس ۽ نه وري ڪنهن کي صلاح ڏيندس ته ڪو ڌارئين ملڪ ۾ اچي اهڙو غير قانوني ڪم ڪري.“

”پوءِ تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو هتي ڪيئن آيا؟“ مون پڇيو.

“انهن لاءِ مون هتي ڪجهه ڪمپنين وارن کي ڪيتري وقت کان پئي منٿ ميڙ ڪئي، پوءِ هنن کان نوڪريءَ جو ليٽر ۽ ورڪ ويزا ملڻ تي هنن کي گهرايم.“

”ڀلا تون هنن کي پنهنجي ڪمپني ۾ ڇو نٿو رکين، جنهن جو تون ڊائريڪٽر آهين؟“

”هر ڪمپني وارو پنهنجي انڪم ۽ گورنمينٽ کي ڏنل انڪم ٽئڪس مطابق ضرورت جا ماڻهو گهرائي سگهي ٿو،“ عليءَ ٻڌايو، ”۽ انهن ۾ به وڏو حصو مڪاني ماڻهن جو رکڻو اٿس. يعني هن ملڪ جا ڪجهه شرط شروط ۽ قاعدا قانون آهن، انهن مطابق ڪم ڪرڻو پوي ٿو. غير قانوني ڪم ڪرڻ جي حالت ۾ پڪڙ ڌڪڙ تي هو مقرر ڪيل سزا کان بچي نٿو سگهي.“

عليءَ چيو ته هتي رهندڙ پاڪستاني ۽ پنهنجي ملڪ جا ٺڳ ايجنٽ، ڪيترن اٻوجهه ۽ بيوقوف ماڻهن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيارڻ جا ڏٽا ڏئي، کانئن پئسو هڪ طرف ڦرين ٿا ته ٻئي طرف کين قانون جي نظرن ۾ ڏوهاري بڻائين ٿا. پوءِ پوليس طرفان جهلجڻ تي ڪيترن کي سندن ئي خرچ تي واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ته جيلن حوالي ڪيا وڃن ٿا.“

عليءَ ٻڌايو ته هن جي دل ڏاڍو چوي ٿي ته  اهڙن ماڻهن جي رهنمائي ڪئي وڃي ۽ هنن کي ٻڌايو وڃي ته جنهن طريقي سان کين هتي ملائيشيا ۾ گهرايو پيو وڃي، اهو صحيح آهي يا غلط.

”پر مسئلو اهو آهي ته ڪيترن کي ٻڌائڻ جي باوجود ته هو غلط ڪم ڪري رهيا آهن، هو اهائي ورندي ڏين ٿا، ته کين جيڪو ايجنٽ موڪلي رهيوآهي، اهو سندن مائٽ آهي ۽ هن ان کان اڳ به ڪيترا ماڻهو موڪليا آهن. اهو ضرور آهي ته ڪيترائي غير قانوني طرح به هتي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي اڃان پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن پر ڪنهن وقت به پڪڙجڻ تي هنن کي پنهنجي ملڪ Deport ڪيو وڃي ٿو يا سزا ڪاٽڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو.“

عليءَ ٻڌايو ته اسانجي ملڪ ۾ ڪيترن ئي غريب، مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي ٺڳ ايجنٽ،  نوڪريءَ جا ڪاغذ پٽ ته ڪوڙا ڏين ٿا، پر ويزا به جعلي لڳرائي ڏين ٿا. پهرين جڏهن ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم نه هو ته ڪجهه ماڻهو انهن جعلي ويزائن ۽ جعلي پاسپورٽن سان ڦٻجي به ويا، پر هاڻ ڪو ورلي بچي ٿو.

ان قسم جو هڪ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي نظرن مان به گذري چڪو آهي.گذريل دفعي جڏهن آئون ڪئالالمپور کان ڪراچي موٽي رهيو هوس ته ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي، جهاز ۾ چڙهڻ مهل منهنجي اڳيان ڇهه ست لاهور جا اهڙا مسافر اچي ويٺا، جن جا جهاز ۾ چڙهڻ وقت، سندن پاسپورٽ ملائيشيا جي هڪ پوليس آفيسر جي هٿ ۾ هئا. هن هنن مسافرن کي جهاز اندر ڪري هنن جا پاسپورٽ کين ڏيڻ بدران جهاز جي ايئر هوسٽس کي ڏنا ته اهي پائليٽ حوالي ڪري. جهاز هلڻ بعد انهن مسافرن مان هڪ منهنجي ڀرسان خالي سيٽ تي اچي ويٺو. هن ٻڌايو ته هُو ۽ سندس ساٿي گهمڻ جي ويزا تي ڪئالالمپور آيا هئا ۽ لاهور جي ايجنٽ کين ٻڌايو ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ مان نڪرڻ تي هن جو ماڻهو بيٺو هوندو جيڪو هنن کي ملائيشيا ۾ نوڪري وٺرائي ڏيندو.

 ”هن ان نوڪري ڏيارڻ، ويزا جا ۽ رٽرن ٽڪيٽ جا اسان کان هڪ لک اسي هزار روپيا ورتا. پر هتي پهچڻ سان اميگريشن وارن اسان جا پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي ايئرپورٽ کان به ٻاهر وڃڻ نه ڏنائون.“

”توهان وٽ هتي رهڻ جي ورڪ ويزا يا وزٽ ويزا هئي؟“ مون انهن کان پڇيو.

”ها اها هڪ مهيني جي وزٽ ويزا هئي ته به اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائون.“ هن ٻڌايو.

”اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ مون حيرت مان پڇيو، ”هونءَ ته ويزا ڏيڻ بعد به ان ملڪ ۾ پهچڻ تي اتي جو اميگريشن عملو، بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي غير ملڪيءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. پر ائين ورلي نظر آيو آهي.“

”۽ اسان کي واپس وطن به ورڻ نٿي ڏنائون“ هن چيو.

”ڇو ڀلا؟ توهان وٽ رٽرن ٽڪيٽ نه هئي ڇا؟“ مون پڇيو.

”ها هئي پر هنن چيو ته نئين ٽڪيٽ وٺڻي پوندي، ۽ اسان پورا ڏهه ڏينهن هتي ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسين.“

”ڏهه ڏينهن!“ مون کان رڙ نڪري وئي، ”پوءِ ماني ٽڪي جو ڇا ڪيانوَ؟“

دنيا جي هر ايئرپورٽ تي کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءِ سستي ٿيندي آهي؟! ۽ هتي ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي ته جيڪي ٻه ٽي ريسٽورنٽ آهن، انهن مان اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جو ڪو چانهه يا ڪافي به پيئندي ٻه دفعا  سوچي ٿو.

”بس سائين ڳالهه ئي نه پڇو،“ هن چيو،”ڪجهه ورتوسين ٿي، ڪڏهن ڪنهن ماني آڻي ڏني ٿي، نه ته گهڻو تڻو بکون ئي ڪاٽيونسين. اسان وٽ جيڪي پئسا هئا سي گڏ ڪري في ماڻهو 400 ڊالرن جي حساب سان ٽڪيٽ جا ڏنا اٿئون، تڏهن هن جهاز جي ٽڪيٽ ملي آهي. هڪ طرف جا 32 هزار رپيا ڇا گهڻا نه آهن؟ سو به ڪراچي تائين جي ٺاهي ڏني آهي.“

”پر توهان چيو ته توهان وٽ  PIA  جي رٽرن ٽڪيٽ آهي؟“ مون پڇيو.

هن کيسي مان ”اي ٽڪيٽ“ جو پنو ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو. ”اسان کي ايجنٽ هي پنو فوٽو ڪاپي ڪري ڏنو هو ته اها لاهور تائين جي رٽرن ٽڪيٽ آهي.“

مون ان پني کي غور سان ڏٺو. ڪجهه عجيب نموني جون ٽائيپ ٿيل سٽون هيون. بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ته ڊپارچر جا ڏينهن ۽ وقت ڪهڙا آهن. مون دل ۾ سوچيو ته ايجنٽ هنن کي فقط  وڃڻ جي ٽڪيٽ ڏني آهي ۽ رٽرن ٽڪيٽ ائين ئي جعلي ٺاهي پنو هنن حوالي ڪيو آهي. شايد اهو سوچي ته ٻاهر وڃي پورهيو مزوري ڪري پاڻهي ئي ان مان رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪندا يا هتان پاڪستان مان ته نڪرن، پوءِ ڀلي ڌارئين ملڪ ۾ وڃي ذليل ٿين. اهو ٿو سوچجي ته ڏک ٿو ٿئي، ته هي اسان جا ايجنٽ ڪيڏا نه ظالم ٿين ٿا. غريب، بيروزگار ۽ ٻچڙيوال ماڻهن کي نوڪري ۽ پورهئي جا ڏٽا ڏئي کين ڪيڏو ستائين ٿا.

”ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن اهو به پڇيو ته ٻاهر ڪنهن وٽ رهندائو؟“ هن ٻڌايو.

”پوءِ توهان ڇا ٻڌايو؟“ مون پڇيو.

”اسان کي ايجنٽ اهڙي ڪابه ائڊريس نه ٻڌائي هئي هن ته اهو ئي چيو هو ته سندس ماڻهو ايئرپورٽ تي اچي اسان کي رِسيو ڪندو ۽ پوءِ ڪنهن ڪارخاني يا فئڪٽري ۾ روزگار سان لڳرائيندو.“ هن ٻڌايو.

”پوءِ توهان اها ڳالهه اميگريشن آفيسر سان ڪئي؟“ مون پڇيو.

”نه.“ هن ٻڌايو، ”ايجنٽ اسان کي سختيءَ سان جهليو هو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪجو نه ته جيل ۾ هليا ويندائو.“

”ڀلا ملائيشيا جي ويزا لاهور مان ورتانوَ يا اسلام آباد مان؟“ مون پڇيو.

”سائين اسان کي اها به خبر ناهي.“ هن وراڻيو.

تنهنجي معنيٰ ته ايجنٽ هنن جي ويزا به نقلي لڳرائي آهي ۽ اها ڏسي ۽ هنن جي ڳالهين مان اندازو لڳائي پڪ ملائيشيا جي اميگريشن پوليس سمجهي وئي هوندي ۽ ان ڪري هنن کي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويو.

”افسوس جي ڳالهه آهي جو توهان جو هيڏو پئسو برباد ٿي ويو،“ مون چيومانس، ”هڪ طرف ايجنٽ کي پئسا ڏنانوَ ۽ ٻئي طرف 400 ڊالر به خرچ ڪيانوَ.“

”سائين اسان کي فقط  اهو فڪر آهي ته اسان کي لاهور تائين سواري ملندي يا ڪراچيءَ ۾ لاهي ڦٽو ڪندا. ان کان اڳتي لاءِ ته اسان وٽ هڪ رپيو به نه آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا پوليس اسان جا پاسپورٽ پائليٽ حوالي ڪيا آهن، جيڪي ڪراچي پهچڻ تي خبر ناهي، هو اسان کي ڏيندو يا  FIA  پوليس حوالي ڪندو. جي FIA حوالي ڪيائين ته اسان ٻچن ٻارن جو منهن ڏسڻ لاءِ سڪي وينداسين.“

سوچيو ته ڪيڏو ڪرب آهن انهن ڳالهين ۾. اسان جا لاچار ۽ بيوس ماڻهو پرديس ۾  ۽  پنهنجي ملڪ ۾ ڪيئن بي يارو مددگار لڇندا رهن ٿا.

 

باب سترهون

رستي تي بي يار مدد هوس

مون کي ڪئالالمپور جي چَوڪِٽ مارڪيٽ ۽ مسجد انڊيا واري علائقي ۾ 12 وڳي ڌاري وڃي ڪجهه فوٽو گرافي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ عليءَ مون کي پنهنجي ملائيشيا جي ٺهيل ڪار ”پروٽان“ ۾ ڪئالالمپور جي روڊن جو سير ڪرائڻ لاءِ ڊرائيونگ ڪندو رهيو. مون هنن روڊن تان هلي ماضيءَ جون يادون تازيون ڪرڻ چاهيون ٿي. منهنجو پهريون دفعو ڪئالالمپور ۾ اچڻ شايد 1968ع ڌاري ٿيو هو، جڏهن چين ويندي يا اتان موٽندي، اسان جي جهاز ڏينهن ٻن لاءِ پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر ڪيرايو هو. انهن ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ انگريزن جي ڏينهن واري نالي پورٽ سويٽنهام سان سڏبو هو.

 ڪئالالمپور ڪراچيءَ وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. ڪئالالمپور کان سمنڊ يعني پورٽ ڪلانگ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچي کان پورٽ قاسم. هاڻ ته پورٽ ڪلانگ کان ڪئالالمپور ائين يڪو شهر ٿيندو وڃي جيئن ڪراچي کان پورٽ قاسم. بهرحال منهنجو جهاز ذريعي ڪئالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين بندرگاهن: پينانگ ۽ جوهور باروءَ ۾ 1981ع تائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ان بعد 1991ع تائين منهنجي ڪئالالمپور جي ڀرواري شهر ملاڪا ۾ مستقل رهائش رهي. ملاڪا ۽ ڪئالالمپور جي وچ ۾ 124 ڪلوميٽر (77 کن ميل) فاصلو آهي ۽ اسان موڪلن ۾ يا سرڪاري ميٽنگن لاءِ، ڪئالالمپور ايندا ويندا رهياسين ٿي ۽ ڪئالالمپور جي هنن روڊن تي پنهنجي ڪار کي ڊوڙائيندو رهيس ٿي. اڄ انهن روڊن مان ڪجهه تي ميڊيڪل اوزار(Equipment)   سپلاءِ ڪرڻ جي ڪمپني فراگو  امپيڪس ۽ نقش انٽر پرائيز ڪمپني جو ڊائريڪٽر، غلام علي سولنگي، مون کي چڪر هڻائڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ڊوڙائي رهيو هو. هن منهنجي ڪري اڄ آفيس وڃڻ جو به ارادو لاهي ڇڏيو ۽ ڪم جون ضروري هدايتون هن پنهنجي پاڪستاني اسسٽنٽ ۽ ملئي ڪم وارن کي، پنهنجي موبائل فون ذريعي ڏئي ڇڏيون.

”علي اهو ته ٻڌاءِ، تون هتي ڪڏهن آئين ۽ ڪيئن آئين؟ مون کي اوچتو اهو سوال ڌيان ۾ اچي ويو ۽ عليءَ کان پڇي ويٺس.

”آئون پهرين هتي نه آيو هوس.“ عليءَ چيو.

”ته پوءِ؟“ مون پڇيو.

”آئون پهرين سنگاپور آيو هوس،“ اهو چئي عليءَ ڪجهه سوچي مون کان پڇيو، ”آئون توهان کي پنهنجي زندگي جي شروع کان ڳالهه ٻڌايان؟“

”ضرور ضرور!“ مون وراڻيو، ”هي ته پاڻ سٺو موقعو آهي. آئون غور سان ٻڌي سگهان ٿو ۽ نوٽ به ڪري سگهان ٿو.“

”سائين آئون هڪ غريب گهر ۾، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالوني ۾ ڄايس. منهنجو پيءُ منهنجي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو ۽ مون کي منهنجي مائٽن وڏن مشڪلن سان ستن درجن تائين مس پڙهايو.“

عليءَ ٻڌايو ته انگريزن جي زماني جي هن روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن: انجنيئرن ۽ مڪينڪن کان فورمين ۽ فٽرز تائين جي، رهائش لاءِ ڪالوني هئي، جنهن ۾ اسڪول به هو. ان اسڪول جي رضا محمد عرشي نالي هڪ ٽيچر، عليءَ جي غربت ۽ ذهانت ڏسي هن جي تعليم جو بار کنيو ۽ علي نه فقط  ان اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ورتي، پر عرشي صاحب جي رهنمائي سان هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي اي به ڪري ورتي. هن جو ارادو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو هو، جنهن لاءِ هن سوچيو هو ته ان جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هو ڪو پارٽ ٽائيم جاب يا پورهيو مزوري ڪري پورو ڪندو. پر هو بي اي جي تياري ڪري رهيو هو ته هڪ واقعو رونما ٿيو.

 ”اسان جي ان اسڪول جو هڪ ٻيو ٽيچر جيڪو پڻ مون کي پسند ڪندو هو، ان پنهنجي ڌيءَ جو رشتو ڏيڻ لاءِ منهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪئي.“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان بيحد خوش ٿياسين جو اسان جي غربت واري حال کان هو چڱي طرح واقف هئا ۽ هڪ ئي ڪالوني ۾ رهڻ ڪري اسان جي ساڻن ننڍپڻ کان سڃاڻپ هئي ۽ شروع کان اسان جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ڳالهائڻ جو سلسلو ائين هو جيئن ڳوٺن ۾ هڪ برادري ۾ هوندو آهي.“

”ڪجهه مهينا مڱڻو هلڻ بعد جيئن ئي منهنجي بي اي جي رزلٽ نڪتي ته ڇوڪريءَ جي پيءُ زور آندو ته هڪ ته هينئر جو هينئر شادي ڪئي وڃي ۽ ٻيو شرط اهو وڌائين ته آئون ڪا نوڪري هٿ ڪريان. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. غريب ماڻهو اسان وٽ کائڻ لاءِ نه هو، شادي جو خرچ ڪٿان اچي ۽ ٻيو ته نوڪري ملڻ ته ڪو آسان ڪم ناهي، خاص ڪري ان لاءِ جنهن جي فقط بي اي هجي ۽ ڪا سڃاڻپ واقفيت نه هجي. نوڪريءَ جي ڪوشش لاءِ آئون ڪراچي آيس، جتي مختلف ادارن ۽ وزيرن، سياستدانن جي درن اڳيان جتيون گسائيندو رهيس، پر ڪو کڙتيل نه نڪتو. ان دوران ڳوٺ واپس آيس ته خبر پيئي ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن جي مرضي خلاف پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪري سان نڪاح ڪرائي پنجاب روانو ڪري ڇڏيو.“

عليءَ ٻڌايو ته ان ڳالهه جو هن کي ۽ هن جي والده ۽ مائٽن کي ڏاڍو صدمو رسيو جو نه فقط عليءَ جي دل ۾ ڇوڪريءَ لاءِ پيار قائم ٿي چڪو هو، پر ڇوڪري به ذهني طرح پاڻ کي عليءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو شادي وقت ڇوڪريءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته سندس چوڻ تي هوءَ ٻي ڌر سان شادي ڪرڻ کان انڪار ته نٿي ڪري، پر پنجاب رواني ٿيڻ بعد هوءَ وري پنهنجي پيءُ جو منهن نه ڏسندي.

ڳوٺ جي ماحول ۾ ڇوڪريءَ وارن جو عليءَ وارن کي بنا ٻڌائڻ يا بنا سبب جي ائين  Ignore   ڪرڻ، عليءَ وارن لاءِ وڏي بي عزتي جو سبب هو.

”ايتري قدر جو مون گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو،“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان ماڻهن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهيا هئاسين. اسان جي غربت اسان تي ٺٺوليون ڪري رهي هئي. دل اهو ئي چيو ٿي ته ڳوٺ ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ لڏي وڃجي، پر ان لاءِ به پئسو ٿي کتو.“

”هي اهو دور هو جو اسان جي ڳوٺ جو هڪ دوست بشير احمد چنا مون وٽ آيو ۽ چيائين ته، هو ۽ سندس ڀاءُ، روزگار جي تلاش ۾ پرديس وڃي قسمت آزمائڻ چاهين ٿا. هن مون کي به ساڻن شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو. مون کين صاف صاف ٻڌايو ته منهنجي حال کان توهان واقف آهيو. مون وٽ ڌارئين ملڪ هلڻ لاءِ هوائي جهاز جو ڀاڙو ته نه آهي، پر پاسپورٽ ٺهرائڻ جي في به نه اٿم.

”هن منهنجي ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ جي خرچ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان سنگاپور هليا آياسين.“

”هي ڪهڙي سال جي ڳالهه آهي؟“ مون پڇيو.

”اِها 1994ع جي ڳالهه آهي. رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪرڻ تي، پنهنجي ملڪ مان اڃا آساني سان ويزا ملي وئي ٿي.“ عليءَ ٻڌايو.

”پوءِ سنگاپور پهچي ڪهڙو ڪم ڪيوَ ؟“ مون پڇيو.

”اسان کي مصطفيٰ سينٽر (اسٽور) ۾ گدامن ۽ ٽرڪن مان سامان لاهڻ جو ڪم ملي ويو. ان دڪان جي ئي پٺيان سوڙهين گهٽين ۾ گهر جو هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي، ان ۾ رهڻ لڳاسين.“ عليءَ ٻڌايو.

سنگاپور ۾ هڪ سرنگون روڊ آهي، جنهن تي انڊين هوٽلون (خاص ڪري مدراسي ٽائيپ) ۽ انڊين دڪان ۽ هندن جو وڏو مندر آهي. هي علائقو ننڍڙو انڊيا (Little India)  به سڏجي ٿو. هن روڊ تي سالن کان مصطفيٰ جو دڪان مشهور آهي. اسان جهازن تي هوندا هئاسين، توڙي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ته شاپنگ لاءِ سنگاپور اچي، مصطفيٰ سينٽر جو چڪر ضرور هڻندا هئاسين. سائوٿ انڊين مصطفيٰ جو  هي دڪان مناسب اگهه کان به مشهور هو.

”پوءِ ڀلا سنگاپور ڇو ڇڏئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”دراصل جن سان گڏ آيو هوس، يعني سکر جي چنا برادران سان، انهن کي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. هنن سنگاپور ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽڻ جو پروگرام ٺاهيو، جيئن پوءِ اتان ڪنهن ٻئي نئين ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ سوچي سگهن.“

”سنگاپور ۾ ڪيترو وقت رهيا؟“ مون پڇيو.

”ٻن اڍائي مهينن بعد ڀاءُ بشير چنا وطن موٽڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کان به پڇيو. مون اهو سوچيو ته آئون غريب ماڻهو آهيان، مون وٽ پنهنجو پئسو ته آهي ڪونه، مفت ۾ هر ڀيري ڪير وٺي هلندو. سو آئون سنگاپور ترسي پيس ۽ بشير چنا جن سکر موٽي ويا.“

”پوءِ توهان سنگاپور ڪڏهن ڇڏيو؟“ مون پڇيو.

”آئون مهينو کن وڌيڪ سنگاپور ۾ رهيس،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر هڪ ته مون کي سڄي ڪمري جي مسواڙ ڏيڻي پيئي ٿي ۽ ٻيو ته سنگاپور ۾ ڌارين جي غير قانوني رهڻ تي پڪڙ ڌڪڙ گهڻي هلي رهي هئي.“

”پوءِ ملائيشيا اچڻ جو ڪيئن سوچيوَ، جڏهن ته توهان وٽ ملائيشيا جي ويزا به نه هئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”سنگاپور ۾ رهي مونکي ماڻهن کان خبر پيئي ته ملائيشيا ۾ تمام گهڻيون عمارتون، پليون، ريلوي اسٽيشنون ۽ ڪارخانا ٺهي رهيا آهن، جتي هر قسم جي پورهيتن جي ضرورت آهي. ان ڪري مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون وٽ ملائيشيا جي ويزا نه هئي، پر مون کي ڄاڻ پئي ته هِتي ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پئسا وٺي غير قانوني نموني سان بارڊر ٽپائين ٿا. سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ همراهه سان منهنجي ڳالهه ٿي. هن مون کان ان ڪم لاءِ 20 هزار رپين برابر سنگاپوري ڊالر گهريا. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ هڪ ٽَڪو به نه آهي. ڏهاڙي جي حساب سان ڪمايان ٿو ۽ ٻه ويلا ماني مس کانوان ٿو، باقي مون وٽ واپسي جي (سنگاپور کان ڪراچي تائين جي) رٽرنڊ ٽڪيٽ آهي، جيڪا نه ڪئش ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ڪو ٻيو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. هن ڪجهه دير سوچي مون سان هائوڪار ڪئي ته هو مون کي ان ٽڪيٽ جي بدلي ملائيشيا جي سرزمين تي پهچائيندو. باقي ٽڪيٽ کي ڪئش ڪرائي سگهان يا نه اهو منهنجو نصيب.

”مقرر پروگرام موجب هن ڇنڇر ڏينهن شام جو، جڏهن سنگاپور ملائيشيا بارڊر تي رش رهي ٿي، هن مون کي گهرايو ۽ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري مون کي پنهنجي ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وجهي ڪاز وي ٽپائي جوهور بارو اچي ڇڏيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org