سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:9

پڙهندڙ لاءِ اهو لکندو هلان ته ملائيشيا پاڪستان وانگر تمام وڏو ملڪ آهي، جيڪو اتر ۾ ٿائلينڊ سان وڃيو لڳي، جيئن پاڪستان اتر ۾ افغانستان سان ملي ٿو. سنگاپور ملائيشيا جي ڏکڻ ۾ ائين ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيئن پاڪستان جي ڏکڻ ۾ جتي ڪراچي ختم ٿئي ٿي، منهوڙو آهي. سنگاپور جو ٻيٽ ملائيشيا جي بارڊر واري شهر جوهور بارو سان سامونڊي پل ذريعي ڳنڍيل آهي. ٻن ميلن جي هن پل تان ماڻهو، بسيون، ڪارون ۽ ٽرينون هلن ٿيون. جوهور بارو شهر ملائيشيا جي سرزمين جي پڇڙي (TIP) وٽ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪياماڙي. سنگاپور کان جوهور بارو (ملائيشيا) ويندي وقت، هن پل (Causeway) جي منهن وٽ سنگاپور حڪومت جا اميگريشن آفيسر پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا ۽ ڪسٽم وارا رکي رکي ڪنهن مشڪوڪ گاڏيءَ جي چڪاس ڪن ٿا. پنجن منٽن ۾ پل لتاڙڻ بعد، پل جي ٻئي پاسي بيٺل ملائيشيا جو عملو، پاسپورٽ جي چڪاس ڪري ۽ اتي به ڪڏهن ڪڏهن ڪارن جي چڪاس ٿئي ٿي ته سنگاپور مان ڪو اهڙو سامان ته نه خريد ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪسٽمس ڊيوٽي لاڳو هجي.

”مون کي ڍوئڻ واري ڪار سنگاپور جي بارڊر وٽ بيٺي. ان بعد هن ڪاز وي ڪراس ڪيو ۽ وري جوهور بارو جي اميگريشن چيڪ پوسٽ وٽ پنج ڇهه منٽ ترسي. جملي هي ويهه پنجويهه منٽن جو سفر منهنجي موت ۽ زندگي جو سفر هو ۽ منهنجي لاءِ هڪ هڪ منٽ ڪلاڪن برابر هو، بارڊر ٽپڻ بعد هن اجنبي همراهه، جوهور بارو جي بس اسٽاپ تي ڪار بيهاري، ڊڪي کولي مون کي ٻاهر ڪڍيو. هن مون کان رٽرن ٽڪيٽ وٺي پنهنجي کيسي ۾ سوگهي ڪئي ۽ پنهنجي ٻٽونءَ مان 10 رنگٽ (ملائيشي ڊالرن) جو نوٽ ڪڍي، منهنجي تريءَ تي رکي مون کي چيو: ”وٺ! هي 10 رنگٽ اٿئي. هاڻ تون ڄاڻين تنهنجو ڪم ڄاڻي.“ ۽ پوءِ آئون هن کي واپس سنگاپور ڏي مڙندو ڏسندو رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. آڌي رات جو رستي تي آئون بي يارو مدد بيٺو هوس.“

باب ارڙهون

هڪ  دفعو  وري  زيرو  تي  وڃي  پهتس

”سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر جوهور بارو وٺي اچڻ واري همراهه مون کي آڌي رات جو، رستي تي لاهي، ڏهه رنگٽ جو نوٽ هٿن ۾ ڏئي پاڻ روانو ٿي ويو.“ علي ٻڌايو. ”تاريخ ياد نه اٿم پر مئي جو مهينو هو ۽ سال 1994ع هو. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ اسان جي ٻارهن رپين برابر هو. مون ڪئالالمپور وڃڻ چاهيو ٿي، جتي مون ٻڌو ته دنيا جي اوچي عمارت ٺهي رهي آهي، جنهن جي ڪم لاءِ ڪيترن ئي هنرمندن کان علاوه مون جهڙن بي هنر ماڻهن کي به مزوري ملي سگهي ٿي ۽ آئون روزگار ڪمائي پيٽ جي باهه اجهائي في الحال جياپو قائم رکي سگهان ٿو.“

”مون جوهور بارو شهر جي بس اسٽاپ تان ڪئالالمپور ويندڙ بسين جي ٽڪيٽ پڇي پر ڏهه رنگٽ ايترو گهٽ پئسو هو جو اُن مان ڪنهن بنا A.C  يا پراڻي بس جي به ٽڪيٽ نٿي ٿي سگهي. آئون هاڻ بس اسٽاپ ڀرسان پيٽرول پمپ تي بيهندڙ ڪارن ۽ پڪ اپن ۾ سوار ماڻهن کي جانچڻ لڳس ته من ڪو مون کي ڪئالالمپور تائين لفٽ ڏئي. هڪ ٻن جي انڪار بعد هڪ ملئي همراه جيڪو فئملي سان هو سو مون کي پنهنجي ڪار ۾ ويهارڻ لاءِ راضي ٿي ويو. مون هن کي ڪوڙ ڪري ٻڌايو ته آئون ٽوئرسٽ آهيان، باقي دوستن کان وڇڙي ويو آهيان، هو منهنجو ڪئالالمپور ۾ انتظار ڪري رهيا آهن. هن منهنجو پاسپورٽ مٿان مٿان ڏٺو ۽ گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي مون کي اڳيان ويهاريو ۽ پنهنجي زال کي پٺيان ٻارن سان گڏ ويهاريو. هو  جوهور بارو  پنهنجن مائٽن سان ملڻ ويا هئا ۽ هاڻ واپس اپوح وڃي رهيا هئا ۽ هنن جو رستي تي ڪئالالمپور مان لنگهه هو.

”جوهور بارو کان پوءِ هو ننڍا وڏا شهر آئرحطام، موئر، جاسين، ملاڪا وغيره اُڪري سريمبان ۾ ڪجهه دير ترسي پاڻ به ماني کاڌي ۽ مون کي به کارائي. ڪئالالمپور پهچي هنن مون کي اتي لاٿو، جتي پيٽروناس جا جاڙا ٽاور  (Twin Towers)   ٺهي رهيا هئا. اڃا اونداهه هئي، صبح ٿيڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. ڪنسٽرڪشن واري ايراضي ۾ ڪيترائي مزور جيڪي ڀرواري ملڪ اونڊنيشيا ۽ فلپين جا غريب لڳا ٿي، اهي پَٽَ تي تختا يا گتا وڇائي ستا پيا هئا. مون کي به هڪ ردي اخبار ملي وئي، جيڪا پٽ تي وڇائي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪلاڪ ٻه ڪار ۾ به اک هڻي آيو هوس ۽ اهڙو ڪلاڪ ڏيڍ هتي به ننڊ اچي وئي. صبح جي وقت جيئن ٻين مزورن گهوريئڙن (Hawkers)   کان ناسي ليماڪ خريد ڪري کاڌو، تيئن مون به ڏهن رنگٽن مان ڏيڍ رنگٽ، نيرن ڪرڻ لاءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهي ملئي چانور  (Nasi Lemak)   وٺي کاڌا.

بلڊنگ تي ڪم شروع ٿيڻ بعد مون هيڏانهن هوڏانهن سرون ۽ بار کڻڻ جي مزوري کان وٺي واڍي، رازي، ويلڊر، مڪينڪ جو هيلپر ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويس. نه فقط ڪامياب ٿي ويس، پر الله جي فضل سان مون کي صاف سٿري نوڪري ملي وئي. بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ هلندڙ ڪم لاءِ نٽ بولٽن ۽ پائيپ نلڪن جو اسٽور هو، جتان ان ڪمپني جي رازن واڍن کي سامان سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري مونکي ان ڪمپني جي انچارج ان اسٽور ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. منهنجو ڪم سامان جو اندراج ڪرڻو هو ته ڪنهن ورتو ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ استعمال ٿيو. جنهن شيءِ جي کوٽ ٿيڻ لڳندي هئي، ان بابت واسطيدار آفيسر کي ٻڌائي، اها شيءِ گهرائي ٿي وئي. هن نوڪريءَ ۾ منهنجو واسطو مزورن ۽ بي هنر ماڻهن کان وٺي پڙهيل ڳڙهيل انجنيئرن، ٽيڪنيشن، مڪينڪن ۽ ٻين سان پيو ٿي. ڪجهه ڏينهن فٽ پاٿ تي سمهڻ بعد مون کي ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ سمهڻ ڏنو ويو. ڪمپني وارا به مون مان خوش هئا جو آئون هر وقت موجود رهيس ٿي ۽ هنن کي ضرورت جي شيءِ ملي وئي ٿي.

دنيا جي هن اتاهين عمارت (Twin Towers)   جو ڪم هاڻ آخري مرحلن ۾ هو. ان جو مون کي افسوس هو ته ڇهن ستن مهينن بعد منهنجي هيءَ نوڪري هلي ويندي، پر بهرحال آئون يڪو هڪ سال کن هن بلڊنگ جي مڪمل ٿيڻ تائين روزگار سان لڳڻ ڪري ايترو بچائي ورتو هوم جو سال کن بنا نوڪري جي دال روٽي تي ڪڍي سگهيس ٿي.

”پوءِ ان بعد ڇا ڪئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”ان بعد مون سائبر ڪيفي کولي“ عليءَ ٻڌايو.

”اهو بزنيس ڌيان ۾ ڪيئن آيئي؟“ مون پڇيو.

”دراصل ڇا ٿيو جو پيٽروناس ٽاور جي ڪم ۾ جڏهن وڃي ٻه ٽي مهينا بچيا ته مون واري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪري مون وٽ آئي،“ عليءَ پنهنجي وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ”هن مون کي چيو ته ٻن ٽن مهينن بعد پاڻ سڀني کي هن فارين ڪمپني طرفان نوڪري ختم ٿيڻ جو نوٽيس ملندو، جو بلڊنگ ٺهڻ بعد گورن جي هيءَ ڪمپني، وائينڊ اپ ڪري پنهنجي ملڪ هلي ويندي ان بعد تو ڇا سوچيو آهي؟

”مون کيس ٻڌايو ته منهنجي ذهن ۾ ته ڪجهه ناهي. هن چيو ته هوءَ ڪمپيوٽرن جي به ڄاڻو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ سائبر ڪيفي جو رواج هلي رهيو آهي. هوءَ مون کي ايماندار ۽ محنتي سمجهي ٿي ۽ جيڪڏهن آئون چاهيان ته هن سان گڏ ان بزنيس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهان ٿو. هن اهو به چيو ته ڇوڪري ٿي ڪري، هن لاءِ هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ آسان ڪم ناهي. مون کي هن جي ڳالهه وڻي. اسان نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ هن ڪيفي کولڻ جي لوڪيشن جو انتخاب ڪري ورتو. اهو ڪلانگ لاما وارو علائقو هو، جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾  ڊولپمينٽ ٿيڻ شروع ٿي رهي هئي. اوسي پاسي ۾ ڪيترائي IT  اسڪول ۽ ادارا کلي رهيا هئا. اتي اسان هڪ دڪان مسواڙ تي وٺي ان ۾ ڪمپيوٽر وغيره فِٽ ڪياسين ۽ جيئن ئي اسان جي پيٽروناس ٽاور واري نوڪري ختم ٿي ته اسان اچي هن ڪيفي کي سنڀاليو.“

”ڀلا جنهن سان تنهنجو شادي ڪرڻ جو ارادو هو، اها هيءَ ملئي ڇوڪري ته نه هئي؟“ مون پڇيو.

”جي ها،“ عليءَ وراڻيو، ”جڏهن اسان گڏ بزنيس شروع ڪيو ته هن ٻڌايو ته هن جي ڪجهه سال اڳ شادي ٿي هئي، پر پوءِ جلدي طلاق ٿي وئي ۽ هاڻ هوءَ اڪيلو گذاري ٿي. هن مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان به ملايو، جيڪي نيڪ نمازي ملئي مسلمان هئا ۽ ڪئالالمپور کان ٻه سئو کن ڪلوميٽر پري پينانگ ٻيٽ تي رهيا ٿي. آئون هنن وٽ اڪثر ويندو رهيس ٿي. هنن کي پنهنجي ڌيءَ جي طلاق جو ڏک هو ۽ هنن چاهيو ٿي ته هن جي شادي ٿي وڃي ته سٺو. وقت سان گڏ هنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ هڪ ڏينهن مون سان ان بابت ڳالهه ڪئي. ڇوڪري عمر ۾ مون کان وڏي هئي، پر بزنيس ۾ گڏ هئڻ ڪري ۽ Understanding وڌڻ ڪري منهنجي به هن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. مون سندس والدين سان هائوڪار ڪئي ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيا. هنن ڇوڪريءَ سان به ڳالهه ڪئي، جيڪا پاڻ به مون ۾ Interested   هئي (يا شايد والدين هُن کي شادي لاءِ Convince  ڪيو) جو هن به هائوڪار ڪئي ۽ اسان جو پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ Set   ڪري شادي ڪرڻ جو ارادو ٿيو.“

”ڀلا هن سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ڪيترا سال هليو؟“ مون پڇيو.

”اهو ٽي سال هليو ۽ اسان جي خوب ڪمائي پئي ٿي. منهنجو ارادو هو ته مسواڙ بدران پنهنجو دڪان وٺجي يا هي ئي خريد ڪجي،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر ان ڳالهه تي هوءَ متفق نه هئي. هوءَ ٻين ملئي ماڻهن وانگر بيحد خرچائو طبيعت جي هئي. کائڻ پيئڻ، ڪپڙن گندين جي ته وڏي شوقين هئي، پر هاڻ ماڳهين هن کي فلئٽ وٺڻ جو شوق ٿي پيو ۽ هوءَ هڪ تمام اوچي قسم جي ٺهندڙ فلئٽن مان هڪ پنهنجي نالي بڪ ڪرائي آئي. مون وٽ ان وقت تائين 40  هزار رنگٽ کن گڏ ٿيا هئا، جيڪي اڄ جي حساب موجب 10 لک رپيا کن ٿيا. هن مون کان منهنجي بچت جا به پئسا گهريا ته آخر شادي کان پوءِ پاڻ کي ئي ان ۾ رهڻو آهي. مون هن کي سڀ پئسا ڏئي ڇڏيا.“

”پوءِ شادي جو معاملو ڪيئن بگڙي ويو؟“ مون پڇيو.

 ”ان دوران ڇا ٿيو جو ڪيفي جو بزنيس هلائڻ وقت هن سان گڏ هڪ ساهيڙي اچي رهي، جنهن جي پڻ شادي ٽٽي وئي هئي. هو ٻئي گڏ گڏ رهڻ لڳيون ۽ سٺيون ساهيڙيون ۽ حال ڀائياڻيون ٿي ويون. پر ڇا ٿيو جو اسان جي شادي جي ارادي جو ٻڌي هن ساهيڙيءَ کي خوشيءَ بدران ڏاڍو ڏک ٿيو.“

”ڇو ڀلا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هن کي اهو فڪر ٿيو ته شادي بعد هوءَ اڪيلي ٿي ويندي، يا هن کي نوڪري ڇڏي پنهنجي ڳوٺ اپوح وڃڻو پوندو. بهرحال هن منهنجي بزنيس پارٽنر جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ هوءَ مون کان پري ٿيندي وئي. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود هوءَ هر ڳالهه ۾ پنهنجي هلائڻ لڳي. هن لاءِ مون کان وڌيڪ پيارو ۽ اهم ماڻهو هن جي ساهيڙي ٿي پئي. آخرڪار هن مون سان اهڙي بي رخي اختيار ڪئي جو مون هن جي والدين سان به ان خدشي جو اظهار ڪيو ته هوءَ مون سان شايد شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. جيڪو پوءِ حقيقت ثابت ٿيو ۽ هن جي مائٽن جي سمجهائڻ جي باوجود به هوءَ پنهنجي ضد تي قائم رهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي پنهنجي ساهيڙيءَ ۾ شروع کان ايڏي ته دلچسپي وڌي وئي هئي جو هن مون سان گڏ والدين کان به ڪنارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي سائبر ڪيفي ۾ ڪجهه نوجوان تامل گراهڪن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس يڪدم پهچي وئي ۽ ڪيفي بند ڪرائي وئي، جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ جي نالي هئي. اسان جو روزگار بند ٿي ويو. منهنجو گڏ ڪيل سمورو پئسو ڇوڪريءَ حوالي ٿي ويو.

”تو هن کان پنهنجا پئسا گهريا سهي؟“

”گهريم پر هن فلئٽ ۾ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ فلئٽ هن جي نالي هو. منهنجي قانوني ڪابه حيثيت نه هئي، آئون هڪ دفعو وري زيرو تي اچي پهتس، جنهن تي ان کان 4 سال کن اڳ هوس، جڏهن سنگاپور کان ڪئالالمپور پهتو هوس.“

باب اڻويهون

قسمت  جا  ليکا...

ملئي ڇوڪريون اهڙيون بي وفا يا ٺڳڻيون نه ٿينديون آهن، پر هو ڇا چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن، هن ڇوڪريءَ جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙا لاڙا پيدا ٿيا جو هوءَ عليءَ بدران هر ڳالهه پنهنجي ساهيڙي جي مڃڻ لڳي ۽ هن عليءَ سان شادي ڪرڻ جو نه فقط ارادو لاهي ڇڏيو، پر عليءَ جي بچيل سچيل پونجي به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي. بُڪ ٿيل فليٽ ته اڳ ئي سندس نالي هو. علي هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتو. هن جي ڌارئين ديس ۾ ڪابه قانوني حيثيت نه هئي جو هو ڪنهن ڳالهه تي پنهنجو حق ڄمائي سگهي. علي، جيڪو هتي ملائيشيا ۾ گهرٻار ٺاهي هاڻ سکي زندگي گذارڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، ان جا اهي خواب ساڀيان ٿيڻ بدران چڪناچور ٿي ويا. هن جو هاڻ نه ڪمائيءَ جو ذريعو رهيو هو نه گهر گهاٽ. هو سوچڻ لڳو ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. واپس وطن هلي قسمت آزمائجي يا وڌيڪ هتي رهي وري هٿ پير هڻجن. هو فقط بي اي پڙهيل هو سو پنهنجي ملڪ ۾ هن کي نوڪري ته ڇا پر ڪو سڀرو ستابو پورهيو به نٿي ملي سگهيو. هتي ملائيشيا ۾ رهي هو نه فقط هتي جي ملئي ٻولي سکي ويو هو، پر هن جي انگريزي به سٺي ٿي وئي هئي. ان کان علاوه پيٽروناس ٽاور تي هلندڙ ڪم ۽ هوٽل (سائبر ڪيفي) جي بزنس مان هن کي ڌنڌي ۽ ڏيتي ليتي جو تمام گهڻو تجربو ٿيو هو ۽ ساڳي وقت هن جا هِن ملڪ جي مختلف قومن: ملئي، چيني ۽ انڊين واپارين، پروفيشنل ۽ سياستدانن سان به  Contact  ۽ سڃاڻپيون ٿي ويون هيون.

عليءَ ٻڌايو ،  ”دبئي، ڪويت ۽ عرب ملڪن جي سخت موسم ۽ شوخ ماڻهن کان ملائيشيا جي موسم ۽ ماڻهو وڌيڪ حليم آهن ۽ هاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلي قسمت آزمائڻ بدران هتي وري نئين سنئينءَ کان ڪجهه ڪرڻ جو سوچيم. ڪيفي بند ٿيڻ ڪري منهنجي ملائيشيا ۾ ڪم ڪرڻ جي ويزا به ختم ٿيڻ واري هئي، قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو منهنجي هڪ پاڪستاني واقفڪار، جنهن هتي ڊاڪٽري اوزارن ۽ سرجيڪل ٽولز جو بزنس ڪيو ٿي، ان جو ٻيو پاڪستاني پارٽنر هن کي ڇڏي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو هو. هن کي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. هن مون کي شامل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ مون خوشيءَ سان هي نئون ڪم  شروع ڪري ڏنو. هن بزنس ۾ منهنجو هي پنجابي دوست سيالڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تان هول سيل تي ڊاڪٽري ۽ اسپتالن جو سامان گهرائيندو هو. هن منهنجي حوالي هڪ پڪ اپ ڪئي، جنهن ۾ مختلف شين جا سئمپل رکي سڄو ڏينهن ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن شهر جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيم. جتان جتان جنهن شيءِ جو آرڊر مليو ٿي اهو آرڊر فون ذريعي پنهنجي بزنس مئن دوست، جيڪو منهنجو باس ٿيو، اطلاع ڪيم ٿي. هن ان ئي وقت اهو سامان ميسينجر ذريعي يا ڪوريئر سروس ذريعي ضرورتمند ڊاڪٽر يا اسپتال ڏي موڪليو ٿي. مون ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر رياست ۾ مهينو گذاريو ٿي ۽ آخري مهينو ڊسمبر وارو ڪئالالمپور (گادي واري شهر) ۾ رهيس ٿي.

”گذريل دفعي جڏهن پنهنجي ملاقات ٿي هئي ته آئون هي ڪم ڪري رهيو هوس.“

”پوءِ ڀلا شادي جو پروگرام ڪيئن ٺهيو؟“ مون پڇيو.

”مون هن ڌنڌي ۾ وڏي محنت ڪئي ۽ پئسو بچايو.“ عليءَ ٻڌايو، ”ملائيشيا ۾ بزنس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي جو هتي چينين سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. اسپتالون توڙي انهن ۾ ڪم ڪندڙن جي گهڻائي چينين ۽ انڊين جي آهي، جن جون همدرديون پنهنجن چيني واپارين ۽ انڊيا جي سامان سان آهن، پر آئون گذريل 12 کن سالن کان هن ڌنڌي تي ڪافي حاوي رهندو اچان. هي ڌنڌو Establish   ٿيڻ تي مون شادي جو ارادو ڪيو. منهنجي نظرن ۾ ڪابه اهڙي ڇوڪري نه هئي، جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ يا دوستي هجي. منهنجي پنهنجي ان ٽيچر سان فون تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ضرور جاري هو، جنهن مون کي B.A  تائين پنهنجي خرچ تي پڙهايو. هن جي ڳالهين مان مون کي هميشه اهو لڳندو هو ته هن کي پنهنجين نياڻين جو بيحد فڪر آهي، جن جي اڃا شادي نه ٿي هئي. مون کي اوچتو خيال آيو ته منهنجي نظرن ۾ ٻي ته ڪابه ڇوڪري نه آهي، ڇو نه هن پنهنجي شفيق استاد جي گهران شادي ڪريان، جنهن مون کي پڙهايو ۽ مون تي سندس ٿورا آهن. هن جي ڌيءَ نسرين جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ وڏي آهي ۽ اسان جو ننڍي هوندي کان سندن گهر ۾ ڀاتين وانگر اچڻ وڃڻ هو، ان ڪري اسان مان ڪنهن به شادي بابت سوچيو به نه هو. پر هاڻ مون سوچي سوچي نيٺ پنهنجي استاد صاحب رضا محمد عرشي صاحب کي فون ڪيو ۽ مون سندن ڌيءَ سان عقد نڪاح جو ارادو ڏيکاريو.  منهنجي حالتن مطابق مون لاءِ هي گهر  ان ڪري به صحيح هو جو اسان هڪ ٻئي جي حالتن کان واقف هئاسين. هوءَ غربت ۾ به رهي سگهي ٿي. هن کي ڪراچي ۾ رکي آئون اڪيلي سر هتي نوڪري ڪري سگهيس ٿي يا ڪراچيءَ وڃي اتي ڪجهه ڪرڻ جو سوچي سگهيس ٿي.

”منهنجي ارادي کي منهنجي زال جي والدين ۽ گهر جي سڀني ڀاتين ساراهيو ۽ مون ڪراچي پهچي جهٽ اچي شادي ڪئي. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن آئون نسرين (زال) کي وٺي توهان جي گهر ڪراچي آيس.“

”پوءِ زال لاءِ ملائيشيا جي ويزا جو بندوبست ڪيئن ڪئي؟“ مون اهو قانوني نقطو سمجهڻ چاهيو ٿي، ڇو جو عليءَ جي نوڪري يا انڪم ايتري نه هئي جنهن مطابق قانوني طور تي، ملائيشيا ۾ هميشه لاءِ پنهنجي مڙس وٽ رهڻ لاءِ ويزا ملي وڃي .

”شادي بعد جيتوڻيڪ مون زال سان گڏ رهڻ چاهيو ٿي،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر زال کي ملائيشيا رهائي نٿي سگهيس، جو آئون هڪ معمولي ملازم هوس. مون اهو ئي ارادو ڪيو ته هاڻ ڪراچي ۾ ڪو بزنس ڪجي، پر مون کي ان لاءِ حالتون سازگار نه لڳيون، سو مجبور ٿي وري ملائيشيا موٽي اچي ساڳي ڌنڌي جون واڳون سنڀاليم. هو ڇا چوندا آهن ته ڪن جي آئي نصيب اچي ته ڪن جي وئي نصيب اچي. ڪڏهن ڪڏهن قدرت طرفان غيب مان به مدد اچي ويندي آهي. مون سان به ائين ئي ٿيو. ڪجهه مهينن بعد منهنجي بزنس پارٽنر مون کي سڏي پنهنجي دل جو حال ٻڌايو ته هو هي ڪاروبار ڇڏڻ چاهي ٿو. دراصل هن آسٽريليا لڏي وڃڻ چاهيو ٿي، سو هن مون کان پڇيو ته جيڪڏهن آئون هن ڪاروبار کي پاڻمرادو هلائڻ جو جوکم کڻڻ چاهيان ته هلائي سگهان ٿو، نه ته هو اها ڪمپني بند ڪري ڇڏي. مون کي پنهنجو پاڻ تي  confidence  هو ۽ مون وٽ ايتري جمع پونجي ٿي چڪي هئي جنهن جي زور تي آئون ڏکين حالتن ۾ منهن ڏئي سگهيس ٿي. سو مون هائوڪار ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن جي ڪاغذي ڪارروائي ۽ حساب ڪتاب بعد قانوني طرح آئون هن ڪمپني جو مالڪ ۽ ڊائريڪٽر ٿي ويس. اهڙي صورت ۾ منهنجي زال به مون سان گڏ رهي سگهي ٿي ۽ پوءِ منهنجي زال نسرين سگهوئي ڪراچي ڇڏي اچي مون کي Join  ڪيو.“

”ڀلا هن ملئي ڇوڪريءَ ڪو ڪجهه پئسو واپس ڪيو؟“ مون پڇيو.

”نه، ۽ نه آئون هاڻ ان جي تمنا رکان ٿو. بلڪ الله جو شڪر ڪيان ٿو ته قدرت کي منهنجي بهتري منظور هئي.“

”ڪيئن؟“ مون پڇيو.

”اهو هن ريت جو منهنجي پگهر ۽ حق حلال جي ڪمائيءَ جا 40 هزار ڊالر ضرور ويا، جنهن جو ڪجهه عرصو مونکي افسوس به رهيو، پر پوءِ اهو سوچيم ته چڱو جو اهو معاملو اڳتي نه وڌيو ۽ هوءَ مون کي Early Stage   تي ئي دوکو ڏئي وئي يا خبر ناهي ڪهڙين مجبورين ڪري مونکي ڇڏي وئي نه ته شادي بعد جيڏو دير سان هوءَ ڇڏي ها اوترو مونکي گهڻو نقصان ٿئي ها.“

”ڀلا هن پهرين ڇوڪريءَ سان ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جي والد مڱڻو ڪري پوءِ هن کي توسان شادي ڪرائڻ بدران ڪنهن ٻئي سان ڪرائي ڇڏي ۽ جنهن جي صدمي ۽ ذهني عذاب توکي گهر ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

”جي ها. هڪ دفعو،“ عليءَ چيو، ”جڏهن منهنجو سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ختم ٿي ويو ۽ مون ڊاڪٽري اوزار وڪڻڻ شروع ڪيا ته هڪ ڏينهن پيراق رياست جي هڪ شهر ڪُئالا ڪنگسار جي اسپتال مان نڪري رهيو هوس ته منهنجي فون جي گهنٽي وڳي.“

”اها ڇوڪري هئي؟“ مون پڇيو.

”نه هن جو پيءُ هو،“ عليءَ ٻڌايو، ”هو سخت بيمار هو. هن ٻڌايو ته جڏهن کان هن جي ڌيءَ گهر ڇڏي وئي آهي ته واعدي موجب هن سان وري نه ملي آهي. ’هينئر آئون سخت بيمار آهيان، مون هن کي ڪيترا نياپا ڪيا آهن ته آئون هن جو هڪ دفعو منهن ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هوءَ ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. مون کي پڪ آهي ته اهو فقط تون آهين، جنهن جي هوءَ نه فقط ڳالهه ٻڌندي پر مڃيندي به. تون گذريل ڳالهيون، غم ۽ غصو وساري مون تي مهرباني ڪر ۽ هن کي مون سان ملڻ لاءِ فون ڪر. هن مون کي ڇوڪريءَ جو نمبر ڏنو ۽ مون پنجاب جي ان ڳوٺ ۾ هن ڇوڪريءَ کي فون ڪري چيو ته ’هي سڀ ڪجهه قدرت جا ليکا آهن. هاڻ جيڪي ڪجهه ٿي ويو، رب جي رضا تي راضي رهڻ کپي. اسلام به اهو ئي چوي ٿو ته والدين جو خيال رکڻ کپي، هو پوڙها ٿي چڪا آهن. تنهنجا اسان تي ٿورا ٿيندا تون پنهنجي پيءُ سان ضرور مل‘. منهنجو چوڻ هن مڃيو ۽ هوءَ پنجاب کان هلي روهڙيءَ پنهنجي پيءُ سان ملڻ آئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ئي رواني ٿي وئي. قدرت جا به پنهنجا رنگ آهن. چون ٿا ته هوءَ اڃان ڳوٺ به نه پهتي ته 24 ڪلاڪن اندر سندس والد دم ڏنو.“

”هاڻ ڇا پيا سوچيو؟“ مون عليءَ کان پڇيو.

آئون رب پاڪ کان سڀني لاءِ دعا پيو گهران ۽ ساڳي وقت آئون پنهنجي رب جو بيحد ٿورائتو پڻ آهيان ته هن مون غريب کي هن حال تي پهچايو آهي، جنهن جو آئون سوچي به نٿي سگهيس. ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڪجهه منهنجي نيڪ نيتي ۽ سڀني جو ڀلو چاهڻ جي ڪري هجي. آئون اهوئي چوندس ته هر انسان کي ٻئي جو ڀلو سوچڻ کپي ۽ ٻئي جي ڏک ۾ شامل ٿي هن جي لاءِ خوشيون پيدا ڪرڻ کپن.“

باب ويهون

ڪئالالمپور   جي   ڪهاڻي   (1)

عليءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ ڪئالالمپور جي مختلف روڊن تي جهڙالي موسم ۾ ڊرائيونگ ڪندي، جتي علي جي زندگي جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس، اتي کيس هن شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊ رستن جي ماضيءَ جي ڪهاڻي به ٻڌائيندو هليس. علي هن شهر (ڪئالالمپور) ۾ 1994ع ۾ آيو هو ۽ مون ان کان به 25 سال کن اڳ 1968ع کان هن شهر ۾ اچڻ شروع ڪيو. اوچين عمارتن، ڪارخانن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ پارڪن جو هي شهر ڪو آڳاٽو ناهي. شهرن جي تاريخ ۾ هي شهر ڄڻ ڪالهه جو ڄاول ٻار آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪئالالمپور هن تر جو آڳاٽو شهر آهي، پر ان کان ته اسان جو ڳوٺ هالا نوان ۽ ڀٽ شاهه جهونو آهي- هالا پراڻا شهر ته تمام پوڙهو ٿيو. حيدرآباد،  مٽياري، ٺٽو، جيسلمير، گرنار ۽ بڪانير وغيره، جن جو شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اهي ته تمام گهڻا پراڻا شهر آهن. شاهه لطيف ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي نه ويو پر جي وڃي ها ته هو وڌ ۾ وڌ ملائيشيا جي ملاڪا شهر جو ذڪر ڪري ها. تڏهن ڪو پڇين ها ته ’شاهه صاحب! پينانگ، سنگاپور ۽ ڪئالالمپور جي ڪر ڪا خبر چار؟‘  ته پاڻ حيران ٿي وڃن ها ته اهي ڪهڙا نالا آهن. ڇو جو انهن ڏينهن ۾ انهن شهرن جو وجودئي نه هو. شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄاوا. ان کان هڪ صدي کن پوءِ يعني 1771ع ۾، غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تي آيل ماڻهن کان يا سوا صدي کن اڃان به پوءِ 1803 ۾، ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت، سفر جي شوقينن کان انهن مٿين شهرن بابت پڇجي ها ته هو به وائڙا ٿي وڃن ها. هو ڪئنٽن، ڪيوٽو، رنگون ۽ ڪولمبو لاءِ ته چون ها ته اسان ٻڌا آهن، پر پينانگ، سنگاپور ۽ ڪئالالمپور لاءِ هو حيرت جو اظهار ڪن ها. ڇو جو هي شهر ڪئالالمپور، جتي اڄ توهان يورپ جهڙيون هوٽلون، مونو ريل ۽ اليڪٽرڪ ٽرامون ڏسو ٿا، ان سڄي علائقي ۾  1850 تائين به دلدل ۽ گپ هئي، جنگل ۽ مليريائي مڇر هئا. ڀَڏا ۽ ٻوڏ جا پاڻي هئا. نانگ بلائون ۽ مِرون هئا. وڇون ۽ سئو پيريون هيون. ڪا پڪي عمارت ته پري جي ڳالهه، ڪا جهوپڙي به ٺهيل نه هئي. البت اڄ واري هن شهر ڪئالالمپور کان 32 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڪيلانگ  (Kelang)  نالي هڪ شهر ضرور هو، جيڪو هاڻ ڪلانگ  Klang سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان، اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بندرگاهه پڻ هو. هي بندرگاهه بعد ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ پورٽ سئيٽنام سڏبو هو پر هاڻ وري پورٽ ڪلانگ سڏجي ٿو.

اڄ وارو هي مغربي ملائيشيا جيڪو انهن ڏينهن ۾ ملايا سڏبو هو مختلف رياستن ۾ ورهايل هو. اڄ وارو ڪئالالمپور، پتراجايا، سبانگ جايا، شاهه عالم ۽ ڪلانگ شهر وارا علائقا سلينغور (Selangor)   رياست ۾ آيا ٿي. سڄو ملائيشيا گهاٽو جهنگل هو ۽ اهڙن گهاٽن جهنگلن ۾ ماڻهن جي چرپر فقط ندين ذريعي ممڪن هئي، جن مان ٻيڙيون هلي سگهيون ٿي. مختلف علائقن جا مختلف ملئي سردار ۽ ڀوتار هئا، جيڪي پوءِ اڳتي هلي رياستن جا سلطان ٿيا. جيڪي هاڻ واري واري سان سڄي ملائيشيا جا بادشاهه ٿين ٿا.

اوڻيهين صدي جي شروعات جي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ڌاتوءَ جي ضرورت وڌڻ لڳي. ملايا جي ڪن ڪن علائقن ۾ خاص ڪري پيراق پاسي قلعي يعني ٽِن (Tin)   جون کاڻيون مليون جنهن مان ان پاسي جا ملئي جاگيردار ۽ سردار امير ٿيڻ لڳا. انهن کي پئسو ڪمائيندو ڏسي ٻيا سردار ۽ سلطان به پنهنجن علائقن ۾ جانچ ڪرائڻ لڳا. اهڙي طرح هن پاسي ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله کي 1850ع ۾ کڙڪ پيئي ته جتي گومباڪ ندي (انهن ڏينهن ۾ هيءَ ندي ”سنگائي لمپور“ معنى گپ واري ندي سڏبي هئي) جتي ڪلانگ ندي سان ملي ٿي (جتي اڄ وارو ڪئالالمپور شهر آهي) اتي زمين اندر ٽِن (قلعي) جون کاڻيون آهن. انهن کاڻين جي کوٽائي لاءِ مزدورن جي ضرورت هئي. ملايا ۾ هڪ ته ماڻهن جي کوٽ هئي، جيڪي رهيا ٿي اهي ملئي مسلمان هئا، جيڪي اڄ به سست سڏيا وڃن ٿا ۽ جيئن اسان وٽ ڪارخانن توڙي رستن لاءِ پٿرن ڪٽڻ جي ڪم لاءِ، سرحد پاسي کان پٺاڻ گهرايا وڃن ٿا، تيئن ملايا ۾ اهڙن سخت پورهين لاءِ ڏکڻ چين مان چيني گهرايا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين جي ڏاکڻي حصي ۾ سخت غربت ۽ ڏڪار جو عالم هو ۽ اهو علائقو ملايا کي ويجهو به هو. سو کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ هن علائقي ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله 1850ع ۾ چيني مزدور گهرايا، جيڪي مٿين ندين جي سنگم وٽ ڪکاڻان گهر ٺاهي رهڻ لڳا ۽ اڄ جيڪو ائمپنگ، باتو  ۽ پودو وارو علائقو ڏسو ٿا اتي کاڻين جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو، يعني هي اهو دور هو جڏهن دهلي ۽ آگري ۾ خبر ناهي ڪيترن مغل بادشاهن جون حڪومتون ٿي ويون ۽ هاڻ انگريز بادشاهه جو زور هو جنهن جي خلاف 1857ع ۾ هندستان جي ماڻهن احتجاج ڪيو هو، يعني اسان جا دهلي، ڪلڪتو، ڍاڪا، ٺٽو، لاهور، حيدرآباد ۽ شڪارپور جهڙا شهر وڏي اوج تي هئا. حيدرآباد ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو. ان وقت ڪئالالمپور ڇا هو ڪجهه به نه هو. اهو فقط چيني مزدورن جي رهائش جي چند ڪکائن جهوپڙين وار ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ مرد ئي مرد رهيا ٿي. سيڌي جا ڪجهه دڪان هئا ۽ ڪجهه ڪچي شراب جا گُهتا، جوا خانا وغيرهه هئا.

ٽِن (قلعي) جون کاڻيون کوٽڻ وارن هنن جاهل ۽ نشئي مزدورن جا به ٻه گروپ ٿي پيا هئا. هڪ هَڪا (Hakka) زبان ڳالهائڻ وارن چينين جو ۽ ٻيو حوقين (Hokkien) زبان وارن چينين جو. هنن جو پاڻ ۾ هر وقت جهيڙو لڳو رهيو ٿي. انگريز به ملايا ۾ وارد ٿي چڪا هئا. هنن ڊچن ۽ پورچو گالين کي ڀڄائي ملايا جي مرڪز ”ملاڪا“ تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ باقي رياستن تي به جيتوڻيڪ نالي ماتر  حڪومت ملئي سلطانن جي هئي، پر هلي انگريزن جي ٿي. ڪئالالمپور مان نڪرندڙ  ٽِن (قلعي) توڙي ملايا ۾ پيدا ٿيندڙ رٻڙ وغيره هنن ئي خريد ڪري پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليو ٿي. چيني مزدورن جي جهڳڙن ڪري کوٽائيءَ جو ڪم ئي رڪجي ويو. ملئي سردار ان معاملي کي منهن ڏئي نه سگهيا. انگريزن ان مسئلي جو اهو ئي حل ڳولهيو جو هنن اُنهن چينين مٿان سندن هڪ چيني ڪمدار طور رکيو جيڪو هن شهر ڪئالالمپور جو ’ڪئپٽن چينا‘ سڏجڻ لڳو.

انهن ڏينهن ۾ ڪئالالمپور ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ائين ته سڄي ملايا جو اهو حال هو جو جتي ڪٿي جهنگلن ڪري  نانگ بلائن، مڇرن ۽ سئو پيرين جو راڄ هو (جيڪو اڃان تائين به ڳوٺن ۾ عام آهي ۽ مون جيڪي ڏهه سال کن ملاڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ گذاريا اتي به انهن شين جي کوٽ نه هئي) پر ان کان علاوه تن ڏينهن جي شروعات ۾ ڪئالالمپور ۾ ڪيتريون ئي قدرتي آفتون به نازل ٿينديون رهيون.  هڪ طرف پليگ ۾ ماڻهو مرندا رهيا ٿي ته ٻئي طرف، ٻوڏن ۾. 1881ع واري ٻوڏ ۽ ان بعد  باهه سڄي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان وقت گهر سڀ کجيءَ جي پنن ۽ ٿڙن جا هئا. سڀ سڙي راک ٿي ويا. ان بعد ئي سيلنغور (Selangor)  ۾ رهندڙ برٽش ريزيڊنٽ فرئنڪ سويٽنهام حڪم جاري ڪيو ته هاڻ ڪو به گهر ڪکن جو نه ٺهندو. هر هڪ سرون ۽ ٽائيلون استعمال ڪندو. ان وقت جا اهي سرن جا ٺهيل گهر اڄ به توهان کي ڪئالالمپور ۾ نظر ايندا. يعني ڏٺو وڃي ته ڪئالالمپور جو شهر صحيح معنى ۾ 1881ع کان شروع ٿيو. يعني هي اهو زمانو هو جڏهن اسان وٽ بمبئي يونيورسٽي شروع ٿئي به ويهه سال ٿي ويا هئا ۽ بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کي کلئي ته 36 سال ٿي ويا هئا. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڪجهه سالن بعد اسان وٽ محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌيءَ جنم ورتو. سو منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪئالالمپور ڪو لنڊن، قاهره، پئرس يا خارطوم، دهلي، حيدرآباد ۽ لاهور وانگر پراڻو شهر نه آهي. هي اسلام آباد وانگر هاڻ جو ٺهيل شهر آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تمام تيز رفتاري سان ترقي ڪئي آهي. خاص ڪري گذريل اڌ صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ . جڏهن اسان جو پهريون دفعو جهاز تي نڪرڻ ٿيو، ان وقت به ڪئالالمپور، سنگاپور يا پينانگ ڪي خاص شهر نه هئا. سنڌ جا ٽنڊوآدم ۽ شهداپور هئا ۽ اهو ئي حال دبئي جو هو، جيڪو اڄ جي ڀٽ شاهه کان به پٺتي هو.

ڪئالالمپور کي پيرن تي بيهارڻ ۾ يپ آح لوا (Yap Ah loy) نالي چيني همراهه جو به وڏو هٿ هو. هن 1870 ۾ ڪئالالمپور شهر ۽ قلعي (Tin)    جي وڪري کي وڏي ترقي وٺرائي. ايتري قدر جو 1880 ۾ سلينغور رياست جي گادي ڪلانگ بدران ڪئالالمپور مقرر ڪئي وئي پر پوءِ 1881 جي ٻوڏ ۽ باهه ڪافي تباهي آندي پر فرئنڪ سويٽنهام هن شهر کي هڪ دفعو وري ڊيولپ ٿيڻ ڏنو. سلينغور جو هي اهو انگريز ريزيڊنٽ آهي، جنهن جو نالو ڪلانگ بندرگاهه تي رکيو ويو. ملائيشيا کي انگريزن طرفان 1957ع ۾ خودمختياري ملڻ بعد به ڪئالالمپور وارو هي بندرگاهه پورٽ سويٽنهام سڏبو هو ۽ اسان جي اچڻ وارن شروع جي سالن ۾ اسان جي جهازن جي نقشن تي به اهو ئي نالو لکيل هوندو هو. ان بعد هن  بندرگاهه جو وري پراڻو نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو.

سويٽنهام (سڄو نالو فرئنڪ اٿيليسٽان سويٽنهام) ملايا جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل مقرر ٿيو. هو 1871ع کان 1901ع تائين سنگاپور ۽ ملايا ۾ رهيو. پاڻ ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي ۽ انگريزي جي ڊڪشنري به تيار ڪئي. ان کان علاوه هن جا ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپيا:

-Malay Sketches

- Un addressed Letters.

هن جي ڏينهن ۾ ملايا ۾ ڪافي  ۽ تماڪ جي پوکن لاءِ زمينون ٺاهيون ويون ۽ هن جي ڏينهن ۾ ڪئالالمپور کان پورٽ ڪلانگ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. ياد رهي ته ڪئالالمپور شهر بندرگاهه ناهي. ڪئالالمپور کان اٽڪل 38 ڪلوميٽر اولهه ۾ پورٽ ڪلانگ آهي. هي بندرگاهه ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) ۾ آهي. هي سامونڊي لنگهه ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ (انڊونيشيا) جي وچ ۾ آهي. ڪئالالمپور ۾ هتي جي قومي عجائب گهر  Muzium Negara ۾ هن انگريز صاحب سويٽنهام جو Statue (بوتو) نظر اچي ٿو.

بهرحال 1890ع تائين ڪئالالمپور  اهڙي سٺي شڪل ۾ اچي ويو جو شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ سينيٽري بورڊ ٺاهيو ويو. سلنغور رياست جنهن ۾ هي شهر آيو ٿي، ان جو هي شهر گادي وارو هنڌ ته اڳهين ٿي چڪو هو. 1996ع ۾ ڪئالالمپور تازين ٺهيل فيڊيريٽيڊ ملئي رياستن جي به گادي ٿي پيو. ڪئالالمپور ۾ مختلف قومون رهڻ لڳيون. ڪلانگ نديءَ جي اوڀر پاسي مارڪيٽ اسڪائر چائنا ٽائون ۾ چيني رهڻ لڳا. ملئي مسلمان ۽ انڊين مسلمان جاوا اسٽريٽ (جيڪا هاڻ جالان  تن پيراڪ سڏجي ٿو) تي گهڻا هئا ۽ پڊانگ (ميدان) جيڪو هاڻ مرديڪا اسڪائر سڏجي ٿو انگريزن جي سرڪاري آفيسن جو مرڪز هو.

 

پيٽروناس جا ٽاور

 

باب ايڪويهون

ڪئالالمپور   جي   ڪهاڻي   (2)

ٻي وڏي لڙائيءَ دوران 11 جنوري 1942ع تي جپاني فوج ڪئالالمپور تي قبضو ڪري ورتو ۽ اٽڪل ساڍا ٽي سال کن سڄو ملايا جپاني اثر ۽ انتظاميا هيٺ رهيو. منهنجي ڪيترن اهڙن ملئي مسلمانن سان واقفيت رهي، جن انهيءَ عرصي دوران جپانين جي قائم ڪيل اسڪولن ۾ جپاني پڙهي. ملاڪا ۾ هڪ اهڙو پوڙهو جپاني به ڏٺم، جيڪو اتي مسلمان ٿيو ۽ جپان جي آڻ مڃڻ بعد جپان موٽڻ بدران مرڻ گهڙيءَ تائين ملاڪا ۾ ئي رهيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ بعد سنگاپور ۽ ملايا ۾ مقيم جپاني فوج جي جنرل سائيشيرو اتاگاڪيءَ 15 آگسٽ 1945ع تي انگريز انتظاميا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. هتي اهو به لکندو هلان ته هن جنگ ختم ٿيڻ بعد آمريڪا جپاني فوجين تي، سندن ڪيل ظلمن خلاف ڪيس هلايا، جن ۾ هي جنرل اتاگاڪي سخت ظالم قسم جو قاتل ثابت ٿيو ۽ کيس ٽوڪيو جي مشهور جيل سوگامو ۾ 23 ڊسمبر 1948ع تي ڦاهي ڏني وئي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ٽوڪيو جو هي جيل، جپانين، يورپين ۽ انگريزن کي سزا ڏيڻ لاءِ، جنگ دوران ٺهرايو هو، جنهن ۾ ماڳهين کين سزائون ڪاٽڻيون پيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org