سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :15

(24)

 

        مون آمريڪا مان ئي برادرم سيد ميران محمد شاهه کي پنهنجي اسپين اچڻ بابت لکيو هو. جواب ڏنو هئائين، ته آئون جيستائين پهچان تيستائين پاڻ اسپين ڇڏي ويندو، مگر سفارتخاني جا ماڻهو، منهنجي لاءِ انتظار ڪندا. مون وري هيلسنڪيءَ مان مسٽر آخوند پاڪستان سفارت جي سيڪريٽريءَ کي ان متعلق لکيو هو. جڏهن اسٽيشن تي پهتس، ته مسٽر پيرزادو پاڪستان  سفارت طرفان موجود هو. اسين اسٽيشن تان سڌو ”ماريمان“ آياسون، جتي منهنجي رهڻ جو انتظام ٿيل هو. هٿ منهن ڌوئڻ ۽ چانهه پيڻ کان فارغ ٿي، اسين ”مئڊرڊ“ جي سير تي نڪتاسون: آچر جو ڏينهن هو، ان ڪري گهمڻ ۾ گهڻي آساني ٿي. اسان ”الڪلا“ گهمياسون. ”گرانڊويا“ کان وري  مشهور سانن جي وڙهڻ واري جاءِ تي پهتاسون. جتي عجيب قسم جون ريسٽارنٽون هيون. ان کان پوءِ پوسٽ آفيس کان ٿيندا ”براوڊا ميوزم“ وياسون، ۽  واٽ تي اسپين جي پارٽي ”فلانخ“ جو مرڪز  ڏٺوسون. جنرل فرئنڪو هن پارٽيءَ جو عيوضي آهي، جنهن جو بنياد  جون ائنٽونيو رکيو هو. هن پارٽيءَ جا اصول هٽلر جي نازي پارٽيءَ، يا مسولينيءَ جي فاشسٽ پارٽي سان هڪجهڙائي رکن ٿا. فرئنڪو انهن جي مدد سان ئي اسپين جي گهرو لڙائي کٽي، اقتدار حاصل ڪيو هو. اسان ”رئجرو پارڪ“ ۽ مشهور ”اورينٽ محلات“ پڻ ڏٺاسون، جنهن ۾ هن وقت ڪوبه ڪونه ٿو رهي، ۽ هڪ عاليشان محلات ويران پئي آهي. هن محلات ۾ جنرل فرئنڪو فقط ڌارين ملڪن جي  سفيرن کي ملندو آهي. محلات هڪ عجيب جڳهه تي ٺهيل آهي. هتان هڪ طرف ڪئمپوڊي مورو تي نظر پوي ٿي ۽ ٻئي طرف شهر تي. ڪئمپوڊي مورو معنيٰ موئرن جو ڳوٺ، توهان کي خبر هجي، ته يورپ جا ماڻهو، تاريخدان ۽ تاريخ نويس اسپين ۾ آيل عربن کي موئر سڏيندا هئا. محلات جي سامهون، هڪ پراڻي ڀڳل مسجد آهي، جنهن کي ڇت به نه آهي. اندر وڃڻ لاءِ خاص پاس جي  ضرورت پوي ٿي. توهان کي اها به خبر هجي، ته جنرل فرئنڪو، مراقش جي عربن جي مدد سان  اسپين جي گهرو لڙائيءَ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ۽ هن مسجد ۾ هڪ ننڍي جاءِ ٺهيل آهي، جنهن ۾ جنرل فرئنڪو جو مراقشي گارڊ نماز لاءِ ايندو آهي. جنرل فرئنڪو کي ٻين اسپين جي سولجرن تي اعتبار  ڪونه آهي، ۽ پنهنجي تحفظ لاءِ مراقشي گارڊ رکيو اٿس. اسان ان کان پوءِ اها پل ڏٺي، جنهن تي اسپين جي گهرو لڙائي جي آخري جنگ لڳي هئي. هي سمورو سير ڪري، اسين ٽي بجي واپس آياسون، ۽ ماني کائي سمهي رهياسون. شام جو پروگرام اسپين جي مشهور سانن سان جنگ ڏسڻ جو هو. اسين ساڍي پنجين بجي تيار ٿي جنگ جي ميدان ڏانهن هلياسون. جتي هڪ عاليشان جاءِ ٺهيل آهي، ۽ جنهن جي چوڌاري پنجويهه يا ٽيهه هزار ماڻهو ويهي سگهن ٿا.

        هتي مشهور آهي ته اسپين ۾ ٻه شيون جنهن نه ڏٺيون، تنهن ڪجهه به نه ڏٺو: هڪ اها سانن جي لڙائي، لڙائي نه مگر سانن جي بيرحميءَ سان موت جو نظارو چئو ۽ ٻي ٽانگو گاڏي. مون کي ٻنهي جو تجربو ٿيو. سانن جو قتل، آچر ۽ خميس ڏينهن ڪندا آهن. ٽانگو  گاڏي اڱاري ۽ خميس ڏينهن فرانس جي سرحد تائين ويندي آهي.

        آچر جي شام، اسان سانن جي لڙائي يا قتل جي تماشي  ڏسڻ لاءِ رکي هئي. هي بي انتها ظلم جو نظارو آهي.  انسان، پنهنجي خوشيءَ ۽ مزي لاءِ، ڪيترو نه بيرحم بنجي ٿو وڃي، هيءُ سانن ۽  ڍڳن جو قتل اسپين جي ماڻهن لاءِ راند آهي.

        اسپين ۾ هن بيرحميءَ لاءِ خاص طرح سان ڍڳا تيار ڪيا ويندا آهن. انهن کي کارائي ٿلهو متارو ڪيو ويندو آهي. انهن کي اهڙي تربيت ڏيندا آهن، جو هو ڳاڙهي چرندڙ ڪپڙي کان سخت متاثر ٿيندا آهن ۽ ان کي بلايا ڪو ديو سمجهي، سڱن سان مارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سڄو وقت هن ڍڳي کي تيستائين اڪيلو رکيو ويندو آهي. جيستائين هو کيل ۾ مري وڃي. کيل يا موت کان ٽي  ڏينهن اڳي، هن جي ڪلهن جي وچ ۾  هڪ چئن انچن جو تيز گرز هڻندا آهن. جنهن کان ڍڳو شديد عذاب ۾ هوندو آهي. لڙائي ۾ اهو گرز لڳندو رهندو اٿس. عيد ڏينهن يا ٻين موقعن تي، ڍڳي کي هڪ اونداهي ڪوٺيءَ مان ڪڍي هڪ کليل ميدان ۾ آندو ويندو آهي، جهن جي چوڌاري هزارها تماشائي ويٺل هوندا آهن. ڍڳن جا قاتل هيٺ هوندا آهن، جي ڪافي حفاظت ۾ هوندا آهن، هن فضا ۾ گوڙ ۾  ڍڳو بلڪل حيران ۽ مست ٿي ويندو آهي. وري اڃا به  اُن کي وحشت ۾ آڻڻ لاءِ، هڪ نيزيباز گهوڙي تي چڙهي نيزو کڻي هن ڍڳي کي هڻندو آهي ۽ ٻن – ٽن دفعن کان پوءِ، ڍڳي جي پٺن مان رت وهڻ شروع  ٿيندو آهي.  ڍڳو  اڃا به وڌيڪ وحشي ٿي پوندو آهي، ۽ هر ڳاڙهي شيءِ ڏسي، مست رهندو آهي. ميدان ۾ هي قاتل کيس هر جاءِ تان ڳاڙها ڪپڙا ڏيکاريندا رهندا آهن. هڪ هو حيران، ٻيو وري مٿس مار پئي پوندي آهي. جڏهن هن حالت تي پهچندا آهن، ته وري  لاڳيتو هن غريب گگدام جي پٺيءَ تي ڇهه ننڍا ڀالا هڻندا آهن  ۽ ويچارو جانور دهشت ۽ عذاب ۾ هوندو آهي. سندس وات مان گجي نڪرندي آهي ۽ رنڀندو آهي. خون سندس پٺن مان وهندو آهي ۽ سندس قاتل اڃا به کيس ڳاڙهي ڪپڙي سان ستائيندا آهن ۽ آخر جڏهن ساڻو ٿيندو آهي، ته هڪ قاتل تلوار کڻي گردن ۾ ڇپائيندو  اٿس ۽ اهو جانور وڏي عذاب کان پوءِ بيوس ۽ لاچار ٿي زمين تي ڪرندو آهي، ۽ ساهه ڏيندو آهي. ان کان پوءِ خچر آندا ويندا آهن، جي هن ڍڳي کي گهلي کڻي ويندا آهن، هر موقعي تي هن قسم جا چار ڍڳا ماريا ويندا آهن. توبه!

        هي اُهي مثال ”مروان موت ملوڪان شڪار“ جو – ڍڳي کي عذاب ڏيندڙ قاتل کي شاباس ڏني ويندي آهي. کين وڏا وڏا انعام ملندا آهن، ۽ هو هن ملڪ ۾ وڏو رتبو رکندا آهن. مون هڪڙي کان پڇيو، ”ميان! خبر ڪر، تون چيتي سان ائين وڙهندين؟“  ته يڪدم چيائين، ”هو  چالاڪ ۽ حرفتي آهي، ڪپڙي کي ڇڏي اچي مون کي وٺندو.“ مون چيومانس، ”ته بس تنهنجو ڪمال ڍڳي جي بيوقوفيءَ ۾ آهي.“ ته کڻي ماٺ ڪيائين. هنن قاتلن کي به ننڍي هوندي ئي تيار ڪيو ويندو آهي. ٻارن کي وري گابن تي سيکاريندا آهن. هي  آهي اسپين جي ماڻهن جي قومي خوشي! اسان وٽ جيڪڏهن ڪو جانورن تي ائين ظلم ڪري، ته کيس هڪدم جيل اماڻيو وڃي، ۽ هتي جنرل فرئنڪو ۽ ٻيا دعوتون ڏيندا آهن. دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان ماڻهو، هي ظلم ڏسڻ ايندا آهن. ڍڳن جي قتل کان پوءِ، اسان کان ويٺو نه ٿيو، ۽ اسين ميدان ڇڏي هليا وياسون. انسان جي ظلم ۽ ذلت جي ته حد ئي ڪانه آهي!

        رات جو هڪ کيل ڏٺوسون ۽ صبح جو سوير سومر ڏينهن سفارت ۾ ويس، جتي چند دوستن سان ملڻ ٿيو. شهرجو ڪجهه  وڌيڪ سير ڪيم، ۽ اڱاري ڏينهن لاءِ ٽانگو گاڏيءَ جي ٽڪيٽ وٺي هٿ ڪيم. مون کي چيو ويو هو، ته پندرهن ڏينهن لاءِ ٽڪيٽ ملڻ مشڪل آهي. هڪ رپورٽر کي ڪجهه خرچي ڏيڻ سان بنا دير جي ٽڪيٽ ملي ويئي! فرانس ۽ اسپين ۾ رشوت حد تي پهتل آهي. خدا پناهه ڏي! پهرين رات فرانس ۾ جڏهن کيل تي ويس، ته چيو ويو ته ٽڪيٽون ختم ٿي ويون آهن. منهنجي دوست قطب وڃي هڪ کي پاسو ڏنو، جنهن جهٽ ۾ ٽڪيٽ آڻي ڏني ۽  اسان به ڪجهه خرچي ڪرايس. هتي علي الاعلان رشوت هلي ٿي. رشوت ڏيڻ کانسواءِ، شايد ورتل ٽڪيٽ به نه ماڻي سگهجي. هڪ ٽڪيٽ، ٻي رشوت لازم ۽ ملزوم آهن!

اڱاري ڏينهن، صبح جو ٻارهين بجي ٽانگو گاڏيءَ ۾ چڙهي، پئرس ڏانهن هليس. هيءَ گاڏي هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ جي آهي ۽ ايئرڪنڊيشن آهي. منجهس هڪ ڪلاس آهي ۽ اٽڪل پنجهتر ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. مون کي ڪا خاص ڳالهه نظر  ڪانه آئي. آمريڪا جون معمولي گاڏيون به ان کان بهتر آهن، پر منهنجي لاءِ هي بهترين موقعو هو جو مان ڏينهن جي روشني ۾، اسپين جي سرحد تائين سفر ڪري ٿي سگهيس. هيڏانهن اچڻ وقت، آئون رات جو آيو هوس ۽ هاڻي ملڪ ڏسڻ جو چڱو موقعو مليو هو.  گاڏيءَ ۾ مون سان سڀ اسپين جا ماڻهو ويٺل هئا، پورٽر به اسپين جا. پاڻي، ماني چانهه گهرڻ لاءِ به ڪافي هٿ هڻڻا، وات ۽ بدن جي ورزش ڪرڻي ٿي پيئي.

        مئڊرڊ جي گهمڻ ۽ ڏسڻ مان ائين معلوم ٿيو، ته ڄڻ توهان ايبٽ آباد يا راولپنڊي يا پشاور جي ڇانوڻين ۾ آهيو. جايون ڪجهه وڌيڪ اوچيون، ۽ خوبصورت آهن. رستا ڪافي ڪشاده آهن، ۽ وڻ پڻ چڱي انداز ۾ آهن. مئڊرڊ، اسان ساڍي  ٻارهين بجي ڏينهن جو ڇڏي ۽ ساڍي نوين بجي شام جو  ’هندايان‘ فرانس جي سرحد تي پهتاسون. سڄو ڏينهن، گاڏي اهڙي نظاري مان لنگهي رهي هئي، جهڙو نظارو، توهان کي راولپنڊيءَ کان گاڏيءَ رستي وڃڻ ۾ پشاور کان جمرود ۽ ترخام (پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد) تائين نظر ايندو. اُهي ئي پوکون، اُهي ئي جبل۽ سرنگون، جن مان گاڏي لنگهي ٿي.، اها حالت اسپين واري طرف جي هئي. ٻئي طرف فرانس وارو حصو سربسز ۽ سڌو ميدان هو. فرانس جي طرف گاڏيون سڀ اليڪٽرڪ تي هلن ٿيون ۽ اسپين جي طرف تيل تي. هندايان ۾ رات جي سمهڻ جو انتظام وئگن لٽ گاڏيءَ ۾ هو، ۽ سمهي پيس. اربع ڏينهن صبح جو خير سان واپس وئرس پهتس.

        هاڻي توهان کي انشاءَ الله هڪ خط قاهره پهچڻ کان پوءِ لکندس... اڄ اربع جو  ڏينهن ۽ اٺين جولاءِ آهي. انشاءَ الله اڻويهين تاريخ اچي توهان سڀني جي زيارت ڪندس. هتان جمع ڏينهن ڏهين تاريخ سئٽزرلينڊ ويندس هوائي جهاز ۾. ۽ پوءِ پئرس کان مئڊرڊ تائين فقط ريل جو سفر رهيو آهي، جو ڏاڍو مزيدار هو... دعا ڪندا.

(”الوحيد“، 17 جولاءِ 1953ع)

 

(25)

 

        مون توهان کي اٺين جولاءِ تائين پئرس مان احوال لکيو هو. آئون انهيءَ ڏينهن صبح جو مئڊرڊ (اسپين) کان واپس آيو هوس. مون اسپين جو سياسي، معاشرتي يا اقتصادي احوال نه لکيو هو، ڇو ته احوال ڪافي لنبو ٿي وڃي ها. اسپين هن وقت  يورپ ۾ خاص طرح آمريڪا جي سياسي پاليسيءَ ۾ وڏو حصو رکي ٿو. اسپين سان مسلمانن جو ست سؤ سالن جو تعلق رهيو آهي ۽ اتي هر ڪا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ته ان وقت کي داغدار بڻايو وڃي،  اسپين جون اڄ جون سموريون ڪمزوريون ۽ بداخلاقيون مسلمانن ڏانهن منسوب ڪيون وڃن  ٿيون. هن جو ذڪر اچڻ کان پوءِ ڪندس. فرانس کان وٺي اتي يورپ جا سمورا ملڪ ڪرستان آهن. پر انهن ۾ پروٽيسٽنٽ گهڻا آهن. تقريباً پنجاسي يا نوي سيڪڙو آبادي انگلينڊ، هالينڊ، ڊينمارڪ، ناروي، سئيڊن، فنلينڊ، سئٽزرلينڊ، ۽ جرمني ۾ پروٽيسٽنٽ جي آهي. مگر فرانس ۽ بيلجيئم کان هيٺ مثلاً: اسپين، فرانس ۽ اٽليءَ ۾ رومن ڪئٿولڪ گهڻا آهن، سئٽزرلينڊ ۾ تقريباً پنجويهه سيڪڙو رومن ڪئٿولڪ آهن. هن مذهبي فرقي جو اثر به عجيب طرح سان آهي، تنهن جو ذڪر به جيئن مون  لکيو آهي، پوءِ ڪندس. ٽين ڳالهه هي آهي ته يورپ جو ڪوبه ملڪ جو پاڪستان سان مشابهت رکي ٿو، سو اسپين آهي. خير، هاڻي اچو پنهنجي سفر جي احوال تي.

        جڏهن اٺين جولاءِ تي پئرس آيس، ته ايندي شرط قطب صاحب کي چيم، ته خدا جا بندا! مون غريب کي ڪا هلڪي سلڪي هوٽل ڏيار، نه ته مون کي  پئرس ۾ پنڻو پوندو! توهان کي ياد هوندو، ته اسپين ويندي هڪ رات پئرس ۾ رهيو هوس. هوٽل پويان ۾ اها رات گذاريم ۽ صبح جو فقط هڪ رات لاءِ ٽيهه رپيا بنان ناشتي ۽ ماني جي – رڙ نڪري وئي! پئرس ۾ زبان نه اچڻ ڪري، نه زمين اندر ريل جو استعمال آسان ۽ نه بس يا ٽرام سولي. باقي رهيا ٻه وسيلا: هڪ ٽمگرن، ٻي ٽيڪسي. پئرس ۾ ٽيڪسيءَ وارا اهڙا جو شل نه ٻاهريون ماڻهو هٿ  چڙهين، هڪ ميل کي ڏهه ميل بڻائيندا. قطب صاحب هن دفعي هڪ غريباڻي هوٽل ۾ انتطام ڪيو، جتي به فقط رهڻ جا تيرنهن رپيا روز هئا. بس سائين هاڻي ٻيئي هٿ کڻي وڌم کيسي ۾ ته ڪٿي ٽڪو نه ڪري  پوي، جڏهن پئرس ڇڏيم، تڏهن ڇوٽڪاري جو ساهه  کنيم،  ته يا خدا! تو ظلم جي شهر مان نجات ڏياري جو کيسو بچائي نڪتو آهيان. هاڻي اچو ته توهان کي پئرس جو احوال ٻڌايان:

        پئرس ايڏو وڏو شهر ۽ ايتري بد انتظامي، جو دنيا ۾ شايد مشڪل هوندي. پئرس تاريخي شهر آهي.  فرينچ قوم  هن سان وڏي محنت ڪئي آهي- جايون، عمارتون ۽ رستا سڀ عجيب ۽ تعريف جي لائق آهن. فرينچ قوم وڏا انجنيئر، تاريخدان، اديب، شاعر ۽ سائنسدان پيدا ڪيا آهن ۽ اڄ به پيدا ڪري ٿي. مگر هن وقت فرانس کي ڪنهن به سٺي شيءِ کي سلامت ۽ صاف رکڻ جي طاقت نه آهي. لڙائين ۽ اندروني سياسي حالتن فرانس کي ڪمزور ڪري رکيو آهي. فرانس يورپ جو هڪ ئي ملڪ آهي، جنهن جي اسرڻ جي ڪابه اميد ڪانه آهي. هن ملڪ جي تاريخ ڏانهن نظر ڪري ۽ ماڻهن جي نشست و برخواست کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي! فرينچن واري مروت، سنجيدگي ۽ خوش ڪلامي اڄ يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ نه ملندي. توهان کي ياد هوندو، ته اڳين جنگ ۾ پئرس کي کليل شهر قرار ڏنو ويو هو. ان ڪري شهر جي ايراضيءَ ۾ جرمني، انگلينڊ يا آمريڪا هڪ ذري جو به نقصان نه ڪيو آهي. پئرس هن وقت فرانس جو وڏي ۾ وڏي آمدني جو ذريعو آهي.  توهان کي سڄي دنيا مان آيل ماڻهو سفر ڪندڙ ملندا. پئرس يورپ جي مسافريءَ لاءِ مرڪز آهي،  ڇو ته مسافر جتان ڪٿان ڦري وري به هتي ايندا. پئرس هڪ وڏو کيل ۽ تماشو آهي! ڏينهن جو انسانن جي حوالي، رات جو شيطان ۽ اُن جي چيلن جي. هر ممڪن طريقي سان مسافرن کي حيران ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي ڪمزورين جو فائدو ورتو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو آهيِ ’هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو‘- مگر پئرس لاڙڪاڻي کان به ويل آهي. هتي فقير ۽ درويش بک مري وڃي ٿو. منهنجا هتي اڍائي ڏينهن ڏاڍا تڪليف ۾ گذريا. ان دوران ۾ پئرس جي سين نديءَ جو سير ڪيم، يونيورسٽيءَ ۾ ويس، پئرس جو ميوزيم ڏٺم، نيپولين جي قبر ۽ شانزيل نديءَ جي ويجهو عمارتن کي ڏٺم، اها ديول جنهن مان سينٽ برٿا لوميو جي ڪوس لاءِ حڪم مليو هو، اُها ڏٺم. ميري ائنٽونٽي جو محلات ڏٺم. جنهن کي هاڻي ميوزم بڻايو ويو آهي. ڪي. ڊي. اور سي ۽ فرينچ نيشنل اسيمبليءَ ۾ ويس، جتي فرانس جو خانو خراب پيو ڪيو وڃي. بئسٽائيل ڏٺم، جنهن ۾ فرينچ انقلاب جو پهريون  ڏونڪو لڳو هو. پئرس ۾ ٻڙي ڪلوميٽر جي جاءِ ڏٺم. پئرس اوپيرا ۽ پنگليءَ ۾ هڪ کيل ڏٺم. مطلب ته هن دنيا ۾ انسان جي ڪمال ۽ اُن جي تحت الثريٰ ۾ ڪِرڻ جو هڪ گڏيل نظارو ڏٺم. فرانس ۾ جيترو آمريڪي بيوقوف ٿيڻ لاءِ اچن ٿا، ۽ جنهن درياءَ دليءَ سان انهن کي بيوقوف بڻايو وڃي ٿو، ان جي ڳالهه نه پڇو!

        خير، آئون ته الله الله ڪري ٽپڙ کڻي ڀڳس. ڏهين تاريخ يارهين بجي هوائي بندر بورڊ تي آيس. سئٽزرلينڊ جي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز ۾ چڙهي زيورچ (سئٽزرلينڊ) جو رخ رکيوسين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ  اسين زيورچ جي  هوائي بندر تي لٿاسون، مگر هن جهاز  ۾ ڊپ  وٺي ويو هئم. فضا ۾  ڌنڌ ڪافي هو، ۽ هيءُ جهاز هو ڊي. سي ٿري ۽ ٻن مشينن وارو.

        زيورچ ۾ لهڻ شرط مون کي هن ملڪ جي خوبصورتيءَ ۽ شاهوڪاريءَ جو احساس ٿيو. شهر ڏانهن ويندي جبلن، گهٽين ۽ رستن جو نظارو عجيب ۽ وڻندڙ هو. منهنجي رهڻ جو انتظام ڊوٿيئٽر هوٽل ۾ ڪيل هو. جا يونيورسٽي جي ڀرسان آهي، سئٽزرلينڊ جو هيءُ ننڍو هوٽل به ميٽرو پول جهڙو هو. شام ۽ رات جو پيدل شهر کي ڏٺم. صبح جو موٽر ڪري گهمڻ نڪتس.

        توهان کي خبر هجي، ته سئٽزرلينڊ هڪ عجيب ۽ خوبصورت ملڪ آهي. هتان جا ماڻهو صحيح دماغ رکندڙ، امن ۽ صلح جا حامي آهن. سئٽزرلينڊ جا ٽي حصا آهن، جي جرمن، فرينچ ۽ اٽلي حصن ۾ ورهايل آهن. هن ملڪ ۾ چار ٻوليون سرڪاري آهن: جرمن، فرينچ، لڪيٽي ۽ رومانش. زيورچ سئٽزرلينڊ جي جرمن حصي ۾ آهي، مگر هتي جرمن صحيح جرمن نه آهن. ڪو جرمن، هنن جي ٻولي کي سمجهي نه سگهندو. هيءَ ٻولي اصل جرمني آهي ۽ لفظ به صحيح آهن، مگر ادب، جرمني زبان ۾ وڌيڪ آهي.

        ٽرام ۾ چڙهي زيورچ يونيورسٽي جو سير ڪيم، جا هڪ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. مين اسٽيشن ۽ مين گهٽيءَ مان ٿي سڌو زيورچ ڍنڍ ڏانهن ويس. جتي ٻيڙيءَ ۾ سير ڪيم. ان کان پوءِ بورانلڪ هوٽل ڏٺم، ۽ اتان نيشنل پارڪ ۾ ويس، زيورچ جي مشهور مجتهد زنگلي جو بت، ۽ ان جي ديول ڏٺم، ۽ هڪ ٽرام ۾ چڙهي زيورچ جي جبل ڏانهن ويس ۽ واپس آيس. زيورچ جي  خوبصورتيءَ ۾ ليمٽ نديءَ وڏو اضافو ڪيو آهي. جهڙيءَ طرح سين ندي پئرس جي وچان وهي ٿي، ۽ پئرس جي تاريخ، سين جي تاريخ آهي. اهڙيءَ طرح زيورچ ۾ ليمٽ نديءَ جي حيثيت آهي.

        هڪ آمريڪي دوست صلاح ڏني هئي، ۽ چڱو به ائين سمجهيم ته روم (اٽلي) ريل رستي وڃان  ۽  نه هوائي جهاز رستي. زيورچ کان روم سورنهن ڪلاڪ ريل جو سفر آهي، ۽ دنيا جو مشهور سفر آهي. اها صلاح بهتر سمجهي وئگن لٽ ريل جي ٽڪيٽ ورتم. يارهين تاريخ چئين بجي رات جو زيورچ – روم انٽرنيشنل گاڏيءَ ۾ چڙهيس ۽ مون سان گڏ گاڏيءَ ۾ ٻه انگريز زال- مڙس ۽ هڪ سئز عورت ۽ سندس ڇوڪري ويٺل هئا. هن سئز عورت اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، سڄي واٽ لوگانو اسٽيشن تائين اسان کي رستي تي ڍنڍن، جبلن، شهرن ۽ جاين جي تعريف ۽ احوال ٻڌائيندي رهي. ڇا مزيدار ملڪ آهي. اسان جي اليڪٽرڪ گاڏي (سئٽزرلينڊ ۾ گاڏيون، ٽرامون ۽ بسون سڀ اليڪٽرڪ تي هلن)،  ڍنڍن جي ڀرسان جبلن مان هيٺ مٿي وروڪڙ ڪندي هلي ٿي. اسان تقريبا اٺاويهن جبلن جي سرنگن مان لنگهياسون. هڪ سرنگ جا وڏي ۾ وڏي هئي، اٽليءَ ۽ سئٽزرلينڊ جي سرحد تي هئي، تنهن اسان جا ارڙنهن منٽ ورتا. تقريباً ٻارنهن يا چوڏهن ميل ڊگهي هوندي! سئٽزرلينڊ طرف هوا گهڻي ٿڌي هئي، مگر اڃا ٻي طرف پهتاسون ته گرم هوا شروع ٿي.  الله جو شان! تقريبا ڇهه مهيناً اڳي اتان ٻارنهن يا چوڏنهن هزار فوٽ جبلن تان هوائي جهاز ۾ لنگهيو هوس ته برف ڇانئيل هئي ۽ هن دفعي انهن جبلن جي  چوٽين کان ڏهه هزار فوٽ اندران لنگهي رهيو هوس. هيءُ سرنگ گوشنين کان شروع ٿئي ٿي، ۽ ارلو تائين وڃي ٿي.

        لوگانو ۾ منهنجا انگريز ۽ سئز همسفر لهي ويا ۽ ٻه اٽالين عورتون اچي چڙهيون. انگريزي ٻولي ٻنهي مان ڪنهن کي به نٿي آئي ۽ مون خاموشيءَ سان سندن گفتگو ويٺي ٻڌي، سائين ٻه عورتون گڏجن ۽ خاص طرح ان فضا ۾ جنهن ۾ مرد بي زبان ۽ بيڪار ته پوءِ سندن زبان کي ڪير روڪي! بس اچي جو ڳالهائڻ ۾ ڇٽيون، ته خدا جي پناهه! واري واري سان ڳالهائين ۽ وري ٻئي گڏ ڳالهائين. بس اُڀساهيءَ ۾ پئجيو وڃن. منهنجي ڪابه پرواهه نه هين. فقط وقت تي ٻنهي مان هڪ يا ٻنهي، مون ڏانهن رحم جي نظر سان نهاري ٿورومشڪي، وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون غريب سان هيءُ ظلم ستين بجي کان وٺي ساڍي نوين بجي تائين رهيو.  جيسين آئون اٽليءَ جي مشهور شهر ’ملان‘ تي پهتس. گاڏي سڌي روم وڃڻي هئي، مگر رات جي سفر لاءِ منهنجو گاڏو ٻيوهو. سو هي گاڏو ڇڏي هنن جي زبان کان آزادي حاصل ڪيم. کين مهربانيءَ لا لفظ چيم جنهن تي ڏاڍو خوش ٿيون.

        مون کي هڪ آمريڪي دوست سئيڊن ۾ چيو ته: ”غلام مصطفيٰ سئٽزرلينڊ مان نڪري اٽليءَ ۾ وڃڻ معنيٰ هڪ خوبصورت باغ مان نڪري هڪ گندي گٽر ۾ گهڙڻو آهي.“ هڪ آمريڪي کي ائين چوڻ جو هر ڪو حق آهي. مگر آئون نه  چوندس. اٽلي هڪ قديم ۽ تاريخي  شهر آهي. مگر هينئر غريب آهي. اسين اٽليءَ وارين تڪليفن ۾ آهيون. اسان کان هو ڪيترين ڳالهين ۾ خوش آهن ۽ اسان کي مٿن نڪتچيني ڪرڻ نه جڳائي. مگر ايترو چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته اٽليءَ ۽ سئٽزرلينڊ ۾ زمين  ۽ آسمان جو تفاوت آهي. خير، رات جو سمهي پيس، ۽ صبح جو اٺين بجي روم (اٽليءَ)  جي سينٽرل اسٽيشن تي آيس، ڇا خوبصورت اسٽيشن آهي! سن 1950ع ۾ ٺهي تيار ٿي آهي. روم جي هيءَ اسٽيشن يورپ جي مشهور ريلوي اسٽيشنن منجهان هڪ آهي. اهڙي خوبصورت اسٽيشن ٻي ڪا مشڪل هوندي.

        ٿامس ڪڪ منهنجي رهڻ جو بندوبست  روم ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ڪيو هو. گهڙڻ سان آمريڪي فضا ڏٺم. بس سڄي هوٽل آمريڪين سان ڀري پئي هئي. ڊپ وٺي ويم. هي درويش پئسا کڻي اچن ٿا اڏائڻ لاءِ ۽ آئون فقير! دل ۾ خيال آيو ته هي هوٽل ڀينگيو ڪندي!

پئرس ۽ روم يورپ جا تمام مهانگا شهر آهن. هنن شهرن جي آمدني گهڻو ڪري ٻاهران ايندڙ ماڻهن مان آهي. هو مسافرن جي ذري ذري تي کل لاهين ٿا. پئرس ۾ پئسن بچائڻ لاءِ ڪيترا وقت ماني کائڻ ڇڏي ڏني هيم ۽ روم ۾ اُها عادت وري شروع ڪيم. هن هوٽل ۾ هڪ وقت جي ماني سورنهن روپيا توبهه!، جڏهن مسٽر اختر حسين پاڪستان جي سفير سان ملڻ لاءِ ويس، ته اُن به اها شڪايت ڪئي. ويچارو ٻارن سان هوٽل ۾ رهيو پيو آهي. بس! خرچ کان تنگ اچي ويو آهي. ڀلا رهي ٿو گرانڊ هوٽل ۾، جنهن جو خرچ ڳاٽي ڀڳو آهي.

        خرچ جو ذڪر ڪندي،  مون کي هڪ ڳالهه ياد آئي جا توهان سان نه ڪئي اٿم:  پئرس جي آئون سفارتخاني ۾ ويس ۽ خبر ملي ته مسٽر ابراهيم رحمت الله پاڪستاني سفير صاحب لنڊن ويو آهي. آئون پاڪستان جي ڪائونسلر منسٽر مسٽر دهلويءَ  سان مليس. مسٽر دهلويءَ جو والد مرحُوم ڪافي وقت سنڌ ۾رهيو هو ۽ وڪالت ڪئي هئائين.مسٽر دهلويءَ ڪجهه وقت مرحوم سر غلام حسين ۽ عبدالرحمان صديقيءَ جون ڳالهيون ڪيون. مسٽر دهلوي ڪافي سنجيده ۽ خليق انسان آهي ۽ ان ويچاري به رڙيون ٿي ڪيون. چوڻ لڳو:  غلام مصطفيٰ هيترو سارو پگهار ٿو ملي، ته به پورت نه آهي. مهيني جي سورهين يا ويهين تاريخ تائين اسين سڀ آفيسر ۽ ڪلارڪ ڀينگيا ٿيو وڃون  ۽ باقي مهيني جا ڏهه يا يارنهن ڏينهن اوڌر تي گذاريندا آهيون! مسٽر دهلويءَ کي اٺ يا نوَ هزار رپيا مهيني ۾ ملن ٿا. جڏهن اُن جي اها شڪايت ته پوءِ مون جهڙي غريب جي ڇا مجال. بس هوٽلن جي خرچن ڪنهن به شيءِ  وٺڻ جي طاقت نه ڇڏي آهيءِ حالت اها هئي، ته جيڪڏهن ڪنهن دعوت ڏني ٿي، ته مون انڪار نٿي ڪيو. پئسا جو بچائڻا هئا. حساب ڪيو اٿم ته جيڪڏهن هڪ ڏينهن لاءِ به منهنجو پروگرام وڌي وڃي ته، جيڪر ٽپڙ وڪڻڻا پون. اها اٿوَ  اسان جي دل جي ڳالهه، باقي ٻاهرين ڀڀڪي کي ڪونه ڇڏينداسون. انسان جي بک جي کيس خبر، ٻئي کي پرائي پيٽ جي ڇا خبر!

مسٽر اختر  حسين چيو، ”غلام مصطفيٰ اڀرو ٿي  ويو آهين؟“ چيومانس ته: .سائين! ٿڪي پيو آهيان. هاڻي ڀانئيان ته جلد ڏينهن گذرن ته ڳوٺ وڃان.“ ڳالهه سچي به اها اٿؤ ته هاڻي مان سفر مان اچي ڦاٿو آهيان. انشاءَ الله باقي ٿورا ڏينهن آهن ۽ اچي ڏينهن پورا ڪيا اٿم. اميد ته اوڻهين تاريخ سڌو قاهره کان ڪراچيءَ  ايندس ۽ توهان جي اچي زيارت ڪندس.

        روم تاريخي  شهر آهي. کيس سڏين ئي دائمي شهر. روم جي گهمڻ مان ان جي تاريخ  نظر اچي ٿي. هڪ طرف هزارها سالن جون جايون ۽ رومين جا ڪارناما، ته ٻي طرف هن وقت ماڻهن جي هيءَ  عجيب حالت! رومي، تاريخ جي صفحن تي هنجهه ٿا نظر اچن، مگر سندن اولاد اڄ بلڪل ڪانگ آهن.  ٻڌو ۽ ڏٺو اٿم ته يورپ ۾ ٽي قومون کاڌي جون ڪوڏيون آهن. هڪ اسپين، ٻي فرينچ ۽ ٽين اٽالين. حقيقت ۾ کاڌي جا ڪوڏيا، ڪم جا بيڪار ٿيندا آهن. کائڻ کان سواءِ ٻي ڳالهه اصل ياد ڪانه هوندي اٿن. خير، اهي به ٻين مجبورين ۽ ضرورتن کان بچي نٿا سگهن.

        روم کي ڏسڻ لاءِ هڪ آساني حاصل ٿي هئي. آمريڪا جي لوئيوائل يونيورسٽيءَ جو هڪ پروفيسر، جيڪو اصل اٽليءَ جو  رهاڪو هو،  پنهنجي والده ۽ ڀاءُ لاءِ ڪي مختصر شيون ڏنيون هيون.  آئون  اهي شيون پاڻ سان کڻي آيو هوس. هيءَ بزرگ عورت پنهنجي پٽ سان شهر کان اٽڪل ٽيهه ميل پري رهي ٿي. هوٽل ۾ سامان رکڻ کان پوءِ، اُنهن وٽ ويس ۽  ڏينهن جو ماني اتي کاڌم، ماني کان پوءِ هي نوجوان – جو ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، مون سان گڏجي روم گهمڻ هليو. هن واقف جي هئڻ ڪري موٽر جي خرچ کان بچي پيس. ٽرام ۽ بس ۾ گهمياسون.

         سير شروع ڪيوسون پوپ جي محلات کان. وئٽيڪن سٽي روم اندر، پوپ جي حڪومت آهي. سن 1939ع ۾ مسوليني ۽  پوپ جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ وئٽيڪن سٽي کي عليحده حڪومت قرار ڏنو ويو. ٽي سؤ ايڪڙن جي چوگرد ديوار آهي.  جنهن ۾ پوپ حڪومت ڪري ٿو – هن ۾ پوليس وغيره جو انتظام به  پوپ جي حوالي آهي. هي شهر رومن ڪئٿولڪ مذهب  جو اڏو آهي.  محلات جنهن کي ”سينٽ پيٽر“ سڏين. هڪ عاليشان جاءِ آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ نو ڪمرا آهن، باقي جايون ڌار آهن. دنيا ۾ هن نموني جي محلات ٻي هنڌ نه ملندي. توهان کي منجهس عجائبات ملندا. پوپن دنيا کي  ڦري چٽ ڪري،  سڀ ملڪيت پنهنجي آرام، راحت ۽ رعب تاب لاءِ استعمال ڪئي آهي!  ڇا سنگ مرمر جو ڪم، ڇا ديوارن تي نقش و نگاري، سون ۽ سون جي پاڻي جو ڪم، ڇا شيشم ۽ زريءَ جو ڪم. ڇا هيرا ۽ جواهر-  حيرت انگيز محل آهي! آئون آچر جي ڏينهن صبح جو محل ۾ ويو هوس، جو مون کي خبر هئي ته آچر تي پوپ خود ٻاهر اچي ديول ۾ تقرير ڪندو آهي ۽ مسافرن کي ديدار ڪرائيندو آهي. عجيب ڍونگ ۽ تماشو آهي.، مون کي رومن ڪئٿولڪ جي پوپ ۾ تاريخ ياد آئي. هڪ خاص واقعو بيان ڪندس:

        هڪ پوپ، جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي، بهشت ۽ نجات جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ شروع ڪيا، ۽ ماڻهن اُهي خريد ٿي ڪيا. بهشت ۾ درجا آهن، ۽  پوپ، هر سرٽيفڪيٽ، قيمت آهر خريد ڪندڙ لاءِ، جڳهه مخصوص ڪندو ويو. هنن سرٽيفڪيٽن جي گهڻي خريداري هلي. هڪ چورن ۽ ڌاڙيلن جي سردار اها ڳالهه ٻڌي، ته ان  کي ڏاڍي پسند آئي.   خيال ڪيائين ته بهشت ۾ جاءِ رزرو ڪري، پوءِ ماڻهن کي چڱي طرح ڦرڻ گهرجي. سو هڪ اعليٰ طبقي جو سرٽيفڪيٽ خريد ڪيائين.، ان کان پوءِ ساٿين کي وٺي وڃي رستي تي بيٺو. اچانڪ ان پوپ جا سرٽيفڪيٽ وڪڻڻ  سان ڪمايل پئسا، سون ۽ جواهرات روم  ڏي اچي رهيا هئا. هن ڊاڪوءَ اهو سڀ مال ڦري ورتو ۽ گم ٿي ويو.، سندس جواب هو ته بهشت ۾ جاءِ  موجود آهي، ۽هاڻي سڀ گناهه معاف! رومن ڪئٿولڪ مذهب ۾ اقرار نامو آهي – جنهن ۾“ هر آچر جي ڏينهن هر معتقد کي گهرجي، ته پادريءَ اڳيان اعتراف ڪري ۽ پوءِ سندس سڀ گناهه معاف. حضرت عيسيٰ عليه السلام خدا جو پٽ، پوپ حضرت عيسيٰ عه  جو جانشين ۽ پادري پوپ جو عوضي، سڀ گناهه معافَ پر هر هفتي نوان گناهه ۽ نئين معافي!

        محلات ۽ ان ۾ ٿيندڙ حالتن کي ڏسي، مون کي خيال آيو ته ڇو عيسائي دنيا ۾ هن وقت ٻه طاقتون آهن: هڪ الحاد جي ۽ ٻي رومن ڪئٿولڪ جي.، سوچڻ سان سمجهيم ته دنيا ۾ جنگين ۽ سائنس جي ڪمالات کان متاثر ٿي، ماڻهو هنن حالتن جو شڪار ٿين ٿا. اهو هڪ لنبو ذڪر اهي، جنهن کي هن وقت نه ڇيڙيندس.، اچو ته گهمون:

        ا ن کانپوءِ ڪسلتا ميموگهٽي، نيشنل گهٽي، وينتسيما چونڪ، آرجنٽائين  چوڪ، سيئيبٽر ٽارڊ چونڪ، اسيسوار چونڪو، ڦوهاره گرانڊ، اٽاليا پريزيڊنٽ جي صدارت (جا اڳي بادشاهن جي محلات هئي) ڪلوسيو (جو رومن جي زماني ۾ هنن جو جنگي اڏو هو)، پلازوونيتسيا (جنهن ۾ مسوليني رهندو هو ۽ جنهن بالڪنيءَ مان تقريرون ڪندو هو)، ڏٺم. وٽو ايو مانيومينٽ وري سفيد پٿر جي ٺهيل آهي ۽ مسوليني جي گهر ڀرسان آهي. پارليامينٽ هائوس ۽ شنڪو سنيٽو چونڪ ڏٺوسون. روم جي وچان به هڪ ندي وهي ٿي، جنهن جو نالو تيوري ندي آهي: روم ۾ گهڻو ڪري توهان کي ٽي ڳالهيون خاص نظر اينديون: هڪ ڦوهارو – هر جڳهه، هر چونڪ ۽ هر جاءِ جي سامهون، هوٽلن ۾ ڦوهارا وري عجيب ۽ غريب نموني جا ٺهيل آهن. ٻيون توهان کي هر جڳهه تي پٿر جا ٺهيل بت – ماڻهن جا، اوتارن جا ۽ جانورن جا نظر ايندا. ٽين ڳالهه ماڻهن جي البيلائي ۽ فارغ البالي – بس مست آهن. انڌي گهوڙي ڪل ۾!

        هن قسم جي مست مزاجي حالت، اسپين ۽ فرانس ۾ به ملندي. ممڪن  آهي  کڻي گهٽ وڌ هجي. مگر قسم اهو ساڳيوئي! بس وات ڦاٽا پيا اهن ۽ هلندا پيا ۽ کائيندا پيا، هوٽلن کان ٻاهر ڪرسين تي ويٺاهوندا ۽ پيا پنڪيون کائيندا! پر هن ملڪ ۾ هنر به ڏاڍو آهي: اٽلي، موٽرن ۽ موٽر سائيڪلن ٺاهڻ ۾ دنيا ۾ مشهور آهي. ٻارن جا رانديڪا ۽ ڪپڙو جاپان ته ٺاهي، مگر جي چٽسالي ۽ رنگيني اٽلي بڻائي ٿي، سا بهترين آهي. مگر سياست هنن درويشن کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن مريض کان جيڪي مون بچيل ملڪ ڏٺا آهن، اهي انگلينڊ، سئيڊن ۽ سئٽزرلينڊ آهن، ٻين جو حال اهڙو آهي، جهڙو اسان جو. سياست چڱن خاصن ملڪن جو خانو خراب ڪيو آهي. اٽليءَ جو تعليمي نظام به گهڻو  سٺو آهي، مگر هنن جي سياست تعليم کي به خراب ڪيو آهي. ته به اسين ماستر ويچارا درويش بيوس آهيون، آئون ته ائين چوندس ته  سياستدان کي پهريائين چار يا پنج سال ماستري ڪري، پوءِ سياستدان سڏائڻ گهرجي. باقي لئيءَ مان لٺ ڀڃي سياستدان بڻجڻ ڏاڍو آسان آهي!

        روم جو سير پورو ٿيو. آئون اڄ نڪرڻ وارو هوس، مصر ڏانهن، مگر ٽي، ڊبليو. اي جهاز ڪمپنيءَ ۾ اسٽرائيڪ آهي ۽ هڪ ڏينهن وڌيڪ رهڻو پيو اٿم. منهنجو سفر جو انتظام بي. او. اي .سي جهاز ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ آئون انشاءَ الله سڀاڻي اربع جي ڏينهن پندرهين تاريخ جولاءِ شام جو هتان قاهره روانو ٿيندس. مون کي هيءُ  خط قاهره مان موڪلڻ جو ارادو هو مگر هاڻي روم مان موڪلي رهيو آهيان. دعا ڪندا. انشاءَ الله اوڻهين تاريخ آچر ڏينهن ملنداسون.

(”الوحيد“، 18-جولائي 1953ع)

(26)

 

        سائين! هن دير جي معافي ڏيندا. آئون هتي اوڻهين جولاءِ تي شام جو پهتو آهيان، ۽ ان ڏينهن کان  ’وٺ‘ ۾ آهيان. اسان غريب پرنسيپالن سان ظلم آهي. اسان جي درد جي دانهن ڪيربه نٿو ٻڌي. اسان جي ڪاليجن جي ڇوڪرن سان واسطو  پيو هجيوَس ته خبر پيو- ڇوڪرا جيئن پاڻ کي چست رکن ٿا، تيئن اسان کي به آرام ڪرڻ نٿا ڏين. اسان جي ڪاليج ۾ هن وقت چوويهه سؤ شاگرد آهن ۽ مون کي ته ان انداز ٻڌائڻ سان ئي ڊپ وٺيو وڃي.

        خير، اڳيون خط مون روانگيءَ تائين لکيو هو. اسين پندرهين تاريخ منجهند جو بي. او. اي. سي جي جهاز ۾ هرمير ۾ چڙهي، پنجن ڪلاڪن جي اڏامڻ کانپوءِ، قاهره پهتاسون. اسين هڪ اهڙي ملڪ ۾ لٿاسون. جتي ڊڪٽيٽري راڄ قائم آهي: مصر جي معاملات جو اثر اسان هوائي اڏي تي  ئي ڏٺو. ڪسٽمس ۽ پوليس جي روش مان شڪ ۽ ڊپ جي عجيب حالت محسوس ٿي.

        اڌ رات جو اسين هوائي بندر تي پهتا هئاسون. مون قاهره ۾ رهڻ جو بندوبست نه ڪيو هو ۽ بي. او. اي. سي جي عملي کي هوٽل لاءِ چيم. هنن منهنجي رهڻ جو بندوبست قاهره جي هيليا پوليس پئلس هوٽل ۾ڪيو. گرمي مصيبت جي هئي ۽ سخت ٿڪل هوس، سو اٽڪل ڏيڍ بجي رات جو آئون سمهي پيس.

        قاهره ۾ مڇرن سان ملاقات ٿي. ڀونڀٽ ۽ سوسٽ ٻڌاسون ۽ چڪ سان  دانهن نڪري ٿي وئي. ٻه- ٽي چڪ، اڌ ننڊ ۾ ۽ اڌ جاڳ ۾ کاڌم ۽ ان کانپوءِ ننڊ اچي وئي، پوءِ خبر نه آهي ته گهڻا  حملا ٿيا هوندا. جن ماڻهن ڪراچيءَ ۾ منگهڻن جا چڪ سٺا هوندا ۽ کاڌا هوندا، تن کي قاهره جا مڇر ڇا ڪندا!

        آئون عادتاً سوير اٿندو آهيان. مگر ان ڏينهن سمهڻ وقت سوير اٿڻ جو يقين نه هو، پردا کي جو سوير اٿارڻ منظور هو، سو مکين جو بندوبست ڪيائين. قاهره جهڙيون زبردست حمله آور مکيون اوهان کي دنيا ۾ ڪٿي به نه ملنديون. ڪراچيءَ جون مکيون سندن مقابلي ۾ عدم تشدد جون قائل آهن، جيڪا مک بدن جي جنهن حصي تي ويٺي، اُتي ڄڻ گهر ڪيائين، ۽ وري ٻي هنڌ نه ويهندي.  پکو نه هجي کڻي ڇا به هجي، سر سر ڪري ضرور ويهنديون. توبهه! ماڻهو بيزار ٿي پوي، دل ائين چئي ته بدن جي ايذاءُ وغيره جا سڀ خيال لاهي ڏنڊو هٿ ۾ کڻي مکين جي جاءِ قيام کي ڪٽيندو رهجي، يا ته ان ٽڪر کي ئي ڪپي ڪڍجي. خير، ملڪ کي ويجهو اچي پهتو هوس ۽ ڪنهن به طرح خودڪشي ڪرڻ جو خيال نه هو،.

        اُٿڻ شرط نيرن ڪڍي کائڻ ويٺس، هوٽل ۾ خبر پئي ته هڪ آسٽريليا جي بزرگ عورت رات جو هڪ ٻي جهاز ۾، قاهره گهمڻ جي خيال کان آئي آهي. يڪدم پئسن بچائڻ جو خيال آيم – هڪ ڄڻي تي خرچ گهڻو پوي ۽ ٻن تي ورهائجي وڃي، صبر کان ڪم ورتم. اٽڪل ڏهين بجي صبح جو هوٽل جي لاج ۾ منهنجو ان عورت سان تعارف ٿيو. بي. او. اي. سي جي آفيس، اسان جي گهمڻ جو انتظام ڪيو ۽ اسان قاهره ڏانهن رخ رکيو.

        هيليا پوليس پئلس هوٽل، قاهره جو هڪ وڏو ۽ مشهور هوٽل آهي. شهر جي مرڪز کان اٽڪل اٺ ميل پري آهي، مگر سڄي واٽ رستي  جي ٻنهي طرفن کان خوبصورت جايون ۽ دڪان آهن، هوٽل جي جاءِ هڪ بهترين مشرقي طرز تي تعمير ٿيل آهي. ان هوٽل ۾ پنجن يا ڇهن هوائي جهازن جي ڪمپنين جون آفيسون  هيون. جهازن جا هواباز سڀ اُتي رهندا آهن. يورپي مسافرن جو هڪ وڏو اڏو ڏسڻ ۾ آيو. هوٽل هڪ عاليشان منزل تي آهي ۽ منجهس باغ ۽ ساوڪ هئي. هوٽل کي کاڌي جا سٺا هال هئا. هوٽل کي قاهره جي مشهور ”رات جو ڪلب“ آهي، مطلب ته هن هوٽل کي پنهنجي هڪ جدا دنيا هئي ۽ هتي رهندڙ پنهنجو وقت ڪنهن نه ڪنهن شغل ۾ بسر ٿي ڪري سگهيو. هتي شراب جو هڪ وڏو مرڪز آهي، جنهن ۾ مصري، شام جو انڌاڌنڌ اچي ڪرندا هئا. مصر جي عياش ۽ شاهوڪار ماڻهن جي جاءِ آهي. هن هوٽل جي فضا مون کي اهڙي لڳي، جهڙي هندستان ۽ پاڪستان جي آزاديءَ کان اڳ امپريل هوٽل دهلي يا بيدن هوٽل دهلي، يا سيسل هوٽل دهلي ۽ سملايا فئلٽي هوٽل لاهور، يا ٻيا اهڙا هوٽل، جن ۾ يورپي گهڻا ۽ مشرقي ٿورا هوندا هئا. مگر انهن کي اعليٰ مهذب تسليم ڪيو ويندو هو، ڇو ته انهن ۾ انگريز هئا. ۽ رقص و سرود موجود هو. اتي مصري ملازمن جي پستي، غربت ۽ ذلت جي ڄاڻ پئي!  اسان جي ملڪ مان هن هوٽل ۾ تمام ٿورا ماڻهو اچي رهندا آهن. الله تعاليٰ، هنن انسان کي شل يورپ جي سياسي ۽ اخلاقي غلاميءَ کان آزاد ڪري!

        آئون توهان کي سير تي ٿي وٺي هليس، ته وري اچي هوٽل جي ذڪر ۾ پياسون، معاف ڪجو. اچو ته گهمڻ هلون: اسين موٽر ۾ چڙهي هيليا پوليس روڊ تان سڌو محمدعلي روڊ، عبدالخالق روڊ، ۽ قاهره اسٽيشن کان ٿيندا، نيل طرف هلياسين. قاهره جي مشهور هوٽل شيپرڊ جي جاءِ ڏٺيسون، جنهن کي سن 1951ع ۾ ساڙي تباهه ڪيو ويو آهي. شيپرڊ هوٽل سان به قاهره جي  عياشي وابسته آهي. اسين نيل درياءِ اُڪرياسين. عاليشان پليون ٻڌل هيون ۽ عجيب  نظارو هو. چوڌاري ٻيڙيون، موٽر ٻيڙيون ۽ ننڍيون ننڍيون لانچون هيون، اسان کي نيل جو اهو نظارو ڏاڍو  وڻيو. جڏهن  ندي اُڪري ٻئي طرف ٿياسون، ته هڪ چوواٽي تي اسان زاغلول پاشا جو بت ڏٺو. توهان کي خبرهجي، ته زاغلول پاشا مصر جي وفد پارٽي قائم ڪئي هئي، ۽ پهريون شخص هو جنهن مصر کي انگريزن کان ڇڏائڻ جو پهريون قدم کنيو. اسان مصر جي پرامڊ ڏانهن رخ رکيو ۽ اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي پنڌ کان پوءِ اتي پهتاسون.

        مصر سڄو احرامن سان ڀريو پيو آهي. هي احرام مصر جي فرعون بادشاهن جا ٺاهيل آهن، جن پنهنجون يادگار هن نموني ڇڏيو آهي. فرعون بادشاهن جا بت هن ۾ بند هئا، جيڪي هن وقت ڪڍائي قاهره جي ميوزم ۾ رکيا ويا آهن. احرام هڪ پٿر جي عمارت آهي، جنهن جون چار ڪنڊون زمين تي ۽ هڪ چوٽي جبل وانگر آحي. وڏي کان وڏو احرام زمين جي ٻٽيهن ايڪڙن تي ٺهيل آهي، ۽ اڍائي سؤ فوٽ زمين کان مٿي آهي. حيرت اها ٿي ته ڪيئن ايڏا ڳرا پٿر هن نموني هن جاءِ تي آندا ويا ۽ ڪهڙي نموني اهي ايڏي اوچائي تي چاڙهيا ويا! هي احرام تقريباً ٽي هزار سال پراڻا آهن. ان زماني جي ماڻهن ڪيتري قدر انجنيئري ڪمال حاصل ڪيو هو، ان جو اندازو هن احرام مان ٿي لڳو. اسان ٽي احرام ڏٺا، ۽ پوءِ اسفنڪس – هڪ پٿر جو بت آهي. جنهن جو ڌڙ شينهن جو ۽ منهن انسان جو آهي. هن بت جي شڪل مان فڪر، تعجب ۽ دنيا جي ڪارگذارين تي خيال ڪندو رهيس. اسفنڪس نشان آهي گهرائي ۽ بردباريءَ جو، يورپي تاريخ ۽ ادب ۾ اسفنڪس کي انسان جي بيوسي ۽ ڪمزوريءَ تي  کلڻ جو نشان تصور ڪيو ويو آهي. هن بت جي اڳيان مصر جي گذريل ٽن هزار سالن جا انقلاب ٿيا آهن. انسانن جي حرڪتن ۽ انهن جي نتيجن تي هو سوچ ۾ آهي،  ۽ اُنهن جي عاقبت تي افسوس اٿس!

        خير پرامڊ ۽ اسفنڪس کان موٽياسون ۽ شهر ڏانهن ايندي قاهره جون تفريحي جايون ڏسندا آياسون. واٽ تي شاهه فاروق جون موٽرون نيلام  ٿينديون ڏٺيون سين، ۽ شاهه فاروق جا محلات سرڪاري دفترن ۾ بدليل ڏٺاسون. محمد علي مسجد ڏٺي سون. مون کي الازهر جي مسجد ۽ جامع ڏسڻ جو تمام گهڻو شوق هو. اسين اوڏانهن وياسون. جامع الازهر، اسلامي دنيا ۾ فقع جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي. منجهس سڄي دنيا جا شاگرد  تعليم وٺڻ ايندا آهن. حياتيءَ ۾ هن اداري متعلق ڪافي ٻڌو هئم ۽ نيٺ اتي وڃي پهتاسون.

        جامعه الازهر ۾ ٽي نيون جايون پٿر جون ٺهيون هيون، جن ۾ ڪاليجن وانگر هال، پڙهائي جا ڪلاس، امتحانن جا هال، استادن ۽ شاگردن جي ويهڻ ۽ گفتگو جون جايون موجود هيون.  ڪلاسن ۾ بئنچون  پيل هيون. ڪلاسن ۾ وڃي ڏٺم، ته مُلا نما هڪ مدرس يا طالب  به نه هو. ستر في سيڪڙو شاگرد ڏاڙهيءَ ڪوڙيا ۽ سوٽ بوٽ سان هئا. اٽڪل پنج سيڪڙي کي مختصر ڏاڙهي ۽ باقي ٻيا ويهه سيڪڙو اهڙا هئا، جن ۾ ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙيل به شامل هئا، جامع، قاهره جي هڪ غريب ڪوارٽر ۾ قائم آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي صفائي نه هئي. جامع الازهر جي احاطي اندر اُهي ٽي جايون پٿر جون جديد نموني ٺهيل هيون، مگر انهن ۾ به صفائي بلڪل ڪانه هئي – ورانڊن ۾ پاڻي هاريو پيو هو، ڦاٽل ڪاغذ ۽ اهڙي قسم جون شيون ڪلاسن ۽ ورانڊن ۾ پيل هيون، ڪي جايون اڃا پراڻيون هيون جن کي ٺهرائڻ جي تياري ۾ هئا ۽ انهن جي جاءِ تي نين عمارتن جي ٺهرائڻ جو ارادو ڏيکاريائون ٿي. مون کي الازهر جي ٻاهرين فضا عليڳڙهه جي فضا جهڙي نظر آئي ۽ اندروني فضا مغربي ۽ مشرقي فضائن جو اختلاط.

        ٻي ڏينهن  پاڪستان جي سفير مسٽر طيب حسين سان ملاقات ٿي. اها اسان جي سفارت، هوٽل کان اٽڪل ويهه ميل پري آهي ۽ سفير صاحب مهرباني ڪري پنهنجي موٽر موڪلي ڏني هئي. اٽڪل ٻه ڪلاڪ گفتگو ڪندا رهياسون. ان دوران، محترم  سيد علي محمد شاهه راشديءَ لاءِ دوستيءَ جو اظهار ڪيائين، ۽ ان جي تعريف ڪيائين. مون کي اسڪندريه هلڻ لاءِ چيائين. مگر نه وڃي سگهيس جو آچر جي ڏينهن پاڪستان نڪرڻو هو ۽ وقت اصل نه هو.

        قاهره تي ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن ۽ مشرق جي تهذيب جو هڪ گڏيل اثر آهي. مفلسي، غريبي ۽ عياشي اتي هر جڳهه گڏ ملنديون. قاهره ۾ دنيا جا مسافر اچن ٿا، جن کي خوش رکڻ ۽ انهن جي دل وندرائڻ جا سمورا اسباب موجود آحن: مصرين جو لباس، انهن جون رغبتون، انهن جي نظر ۾ سڀ ٻين جا آهن. قاهره مصرين لاءِ پئسي ڪمائڻ جو اڏو آهي. قاهره جي نائيٽ ڪلبن، ۽ تفريح گاهن کي ڏسي، مون کي مصرين جي انحطاط جو اندازو ٿيو. يورپ جي عريانين کي اچي پهتا آهن! مون  جيڪي وچ مشرق جي ملڪن ۾ ڏٺو، ان مان سمجهيم ته اسين انهن کان هزار بار بهتر آهيون. الله تبارڪ و تعاليٰ شل اسان کي دماغي توازن نصيب ڪري! اسان کي ڊپ هن وقت  فقط آمريڪي تهذيب کان هئڻ گهرجي، جنهن جو ذڪر توهان سان واعدي موجب انشاءَ الله ڪندس...

        توهان کي اها به خبر هجي، ته هن وقت مصر ۾ آمراڻو راڄ آهي ۽ اها ڊڪٽيٽر شپ مليٽريءَ جي آهي. مون ڊڪٽيٽرن جا ٽي ملڪ  ڏٺا: سيريا، اسپين ۽ مصر. مون جيڪي ڪجهه ڏٺو، ان مان يقين ٿيم، ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ تي خدا عذاب نازل ڪرڻ گهري ته اُهو ملٽري يا ڊڪٽيٽري  ئي ٿي سگهي ٿو. ملٽري حڪومت، انسان مان انسانيت جون سڀ صلاحيتون ڪڍي ڇڏي ٿي، ۽ انهن ۾ دانهن ڪوڪ جو مادو نٿو رهي. باشندن مان جرئت ۽ همت ناس ٿي وڃي ٿي. ڊڪٽيٽري ملڪ ۾ سازش جو بنياد رهي ٿو- آمراڻي راڄ ۾ انسانن کي جان، مال ۽ عزت جو ڊپ هميشه رهي ٿو.

        خير، مصر جي سفر ڪافي سبق سيکاريو، الله تبارڪ و تعاليٰ شل هر ملڪ کي فوجي حڪومت کان بچائي! منهنجو قاهره ۾ رهڻ جو وقت به اچي پورو ٿيو  ۽ آچر جي ڏينهن اڻويهين تاريخ صبح جو اٺين بجي مون کي ڪي. ايم.ايم جي بس وٺڻ آئي ۽ آئون قاهره جي هوائي بندر تي پهتس. خبر ملي ته هوائي جهاز هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي. مان ڪسٽمس کان جان آزاد ڪرائي، اچي ريسٽورنٽ ۾ ويٺس، ۽ چانهه  پيئڻ  ۽ مکين جي مار کائڻ ۾ مصروف ٿيس. اسان جو جهاز جيڪو هالينڊ کان اچي رهيو هو. سو هڪ ڪلاڪ ليٽ هو. اسين قاهره مان جهاز جي هڪ ڪلاڪ ترسڻ کانپوءِ ڏهين بجي نڪتاسون، ۽ بغداد ڏانهن رخ رکيوسون. ڪانسٽيليشن هوائي جهاز پندرهن هزار فوٽن تي اڏامي رهيو هو ۽ هي سفر جو مون ڪراچي ڇڏڻ وقت رات جو ڪيو هو، سو هاڻي ڏينهن جو ڪري رهيو هوس. مون کي جهاز ۾ سيد عمر بهاالاميري مليو، جو پاڪستان ۾ سيريا جو سفير  هو ۽ هاڻي جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو  آهي. منهنجو پراڻو واقف هو، ۽ بغداد تائين ڪافي مزيدار گفتگو ٿيندي رهي. ٻڌايائين ته هاڻي سندس مستقل رهائش  عراق ۾ آهي – سيد الاميريءَ جهڙو مقرر مون ورلي ڏٺو هوندو. سندس بلاغت عرب ملڪن ۾ مشهور آهي. جيئن اخوان المسلمين جو ڪارڪن هو، ان ڪري هينئر جلاوطن آهي. سيريا ۾ ڊڪٽيٽري راڄ آهي. اسين ٽن ڪلاڪن ۽ ٻارنهن منٽن کان پوءِ بغداد پهتاسون. جهاز کي ٽي دفعا شهر مٿان ڦيرايو ويو ۽ اسان اتان بغداد جو نظارو  ڏٺو. ڇا  دلچسپ نظارو هو! جهاز ۾، اسان کي هيٺ زمين جي گرمي جو اندازو نه لڳو، پر هيٺ لهڻ شرط گرميءَ کي محسوس ڪيوسين. جهاز ۾ هوا ستر ڊگري تي هئي، جڏهن جهاز مان هوائي اڏي تي آياسين ته سؤ سورهن ڊگري جي طوفاني هوا لڳي رهي هئي. توبهه! بيهوش ڪري ڇڏيائين. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان بغداد ڇڏيو ۽ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو. پورن ڇهن ڪلاڪن ۽ پندرهن منٽن کان پوءِ ڪراچيءَ پهتاسون، ۽ جهاز مان لهڻ سان الله تعاليٰ جو شڪر ادا  ڪيم. ڪيترا دوست ۽ شاگرد ملڻ آيا هئا ۽  واپس وطن اچڻ جي خوشيءَ ۾ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، عزيزن، دوستن ۽ شاگردن هيءَ اچڻ جي مهرباني ڪئي هئي.

        آئون اڻويهين جنوريءَ تي ٻارهين بجي رات جو ڪراچيءَ مان نڪتو هوس. هن دوران سترهن ملڪ ڏٺم. ڇهاسي ڪلاڪ هوائي جهاز رستي سفر ڪيم ۽ جن جي سراسري رفتار اٽڪل ٽن سؤ ميلن جي رهي، يارنهن هزار ميل ريل رستي سفر ڪيم ۽ ان کان سواءِ موٽر رستي. اتر آمريڪا جا ميڪسيڪو کان سواءِ ٽي ملڪ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جا ڏٺم. اولهه يورپ جا سڀ ملڪ فنلينڊ،  اسپين ۽ اٽليءَ تائين ڏٺم ۽ مشرق جا ٽي ملڪ ڏٺم. الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيم جنهن هيءُ موقعو نصيب ڪيو.

        مون کي معاف ڪندا  جو هيءُ خط دير سان لکيو اٿم. مگر جيڪڏهن اوهين ڪاليج جا پرنسيپال هجو، ته خبر پووَ. اسان غرين  جي حياتي سواءِ ڪجهه ڪلاڪن جي ننڊ جي، ٻي سموري ڇوڪرن جي مسئلن ۾ صرف ٿئي ٿي. هنن کي الله تعاليَ ايتري طاقت، ۽ حرڪت ۽  جوش عطا فرمايو آهي، جو سک سان ويهڻ اصل نه ڏيڻ وارا آهن، مگر خدا ٿو ڄاڻي، ته هن سفر ۾ کين ڏاڍو ٿي ياد ڪيم. زندگي ايتري قدر ساڻن گڏ گذري ٿي، جو  ٿورو به کانئن ڌار ٿيڻ تي بي آرامي وٺيو وڃي. وري پاڻ کي انهن جي وچ ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي!

(”الوحيد“، 29-آگسٽ 1953ع )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org