سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :13

خوفناڪ پيئڻ بلا ۽ باز پکي

گوڪان ڏائڻ ڪارو کٿو جھوليندي، خوفناڪ ٽھڪ ڏيندي، ڳجھن سرنگھن مان ھلندي ٿي وئي. سندس ھٿ ۾ خوفناڪ زھريلي نيري پيئڻ بلا ھئي. ”ھي ھي ھي ..... ھي ھي ھي .......“ سرنگھن ۾ گوڪان ڏائڻ جو خوفناڪ پڙادو پئدا ٿي ويو ٿي ۽ سندس ڪاڻي پراسرار اک ويتر وڏي ٿيندي ٿي وئي.

اوچتو سرنگھن ۾ ھلندي، ھڪ جادوئي دروازو خوفناڪ آوازن سان کلي ويو. انھيءَ دروازي جي ٻئي طرف سنڌباد سيلانيءَ جو ڪمرو ھو. انھيءَ ويل محل جي انھيءَ ڪمري ۾ سنڌباد وڏي شاھي پلنگ ۽ پٿرانين مٿان گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ ھو. سنڌباد کي ائين گھري ننڊ ۾ ڏسي، خوشيءَ کان گوڪان ڏائڻ جون واڇون ٽڙي پيون.

”ھي ھي ھي...... ھي ھي ھي ......“ گوڪان ڏائڻ ھٿ ۾ جھليل زھريلي پيئڻ بلا کي پيار سان ڏسندي، جادوئي منتر پڙھڻ لڳي:

”انتر منتر، ڪال ڪلنتر

جادو جنتر، شو شو شو......

آمڻ ڪنديس، ڪامڻ ڪنديس

ڪارو جادو، شو شو شو......

ساھ پئندي، ڪونھ ڇڏيندي

نانگڻ جوڳڻ، شو شو شو......

جال جلنتر، انتر منتر

جادو جنتر، شو شو شو......“

گوڪان ڏائڻ وڏا منتر پڙھڻ کان پوءِ، پيئڻ بلا مٿان شو شو شو ڪري ڪئين شوڪارا ھنيا. پيئڻ بلا ڳاڙھيون اکيون ڦاڙي گوڪان ڏائڻ ۾ نھارڻ لڳي ۽ خوفناڪ شوشراٽ ڪرڻ لڳي.

ساھ پئندي، ڪونھ ڇڏيندي

نانگڻ جوڳڻ، شو شو شو......

منھنجي پيئڻ، شو شو شو......“

گوڪان ڏائڻ جي شوڪارن تي پيئڻ بلا بھ ڪر کڻي زھريلا ڦوڪارا ھڻن لڳي. پوءِ گوڪان ڏائڻ پيئڻ بلا کي ستل سنڌباد جي پلنگ تي ويھاري، منتر پڙھندي رھي. سنڌباد کي ڏسي پيئڻ بلا شوڪاري سان ڦڻ ڪڍي، سنڌباد ڏانھن وڌڻ لڳي ۽ جيئن جيئن پيئڻ بلا سنڌباد جو ساھ پيئڻ لاءِ، ستل سنڌباد جي منھن ڏانھن بنا آواز سرندي ٿي وئي تھ اوچتو محل اندر پکين جي اڏام جي ڦڙ ڦڙ جي آواز تي گوڪان ڏائڻ کان ڇرڪ نڪري ويو. ھوءَ سرنگھھ جو در بند ڪرڻ ڀلجي وئي ھئي. مينا ۽ خوفناڪ باز کي ڏسي گوڪان ڏائڻ جو ساھ ئي سڪي ويو. باز پکي ايندي ئي پيئڻ بلا مٿان جھٽ ئي ھڪڙو ھنيو ۽ خوفناڪ چنبن سان پيئڻ بلا کي کڻي وڃي پٽ تي سٽيائين ۽ تيز خونخوپار نھن سان کيس چيري ڦاڙي، اٺ ٽڪر ڪري اڇلائي ڇڏيائين. اھو خوفناڪ منظر ڏسي، گوڪان ڏائڻ ڪاري کٿي ۾ منھن لڪائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باز پکي ھڪڙي ئي لاماري سان مٿان وڃي ڪڙڪيس. گوڪان ڏائڻ در جي چائنٺ سان آٿڙي، وڏي دانھن سان پٽ تي وڃي ڦھڪو ڪيو ۽ خوف کان اکين مٿان ٻئي ٻانھون ڏئي ڇڏيائين. باز جي پوري ڪوشش ھئي تھ ھو گوڪان ڏائڻ جي ٻي اک ڪڍي، کيس انڌو ڪري ڇڏي. گوڪان ڏائڻ ساھ ۽ اک بچائڻ لاءِ وٺي رڙيون ڪيون ۽ واري واري سان باز جي چنبن آڏو ٻانھون ڏئي، پنھنجي سڄي اک بچائي ٿي وئي. سندس ڪيھون آسمان تائين ٿي ويون. ھوءَ فرش تي پٺيءَ ڀر ڪري، ليٿڙيون پائي رھي ھئي ۽ مٿان باز پکي مٿانئس خوفناڪ حملا ڪري، خوفناڪ چنبن سان کيس پٽي رھيو ھو. گوڪان کي ائين ڦٿڪندو، ڪيھون ڪندو ڏسي مينا کي ڪھڪاءُ اچي ويو، سو گوڪان ڏائڻ کي ڇڏائڻ لاءِ وٺي رڙيون ڪيائين:

”مئا نڀاڳا گرڙ! گوڪان کي ڇڏي ڏي. ھاءِ ھاءِ ھاءِ ....... ماري ڇڏيائين ويچاريءَ کي، رت ڪڍي ڇڏيائين ويچاريءَ جي...... ھاءِ ھاءِ ...... خون خون ...... ظالم ڇڏ ويچاريءَ کي. وارو ڪيو، ڊوڙي اچو. ھي مئو گرڙ گوڪان جو لاش کڻائي ڇڏيندو..... بچايو....... بچايو..... خون...... خون.... خون......“

باز جي شوشارن، گوڪان ڏائڻ جي خوفناڪ ڪيڪراتن ۽ مينا جي دانھن تي پاسي وارن ڪمن ۾ ستل سنڌباد جا ساٿي، ٻانھيون ۽ ٻانھا بھ جاڳي پيا ۽ سڀ وٺي سنڌباد جي ڪمري ڏانھن ڊوڙڻ لڳا. ھوٿل پري ۽ ڪٺ پتلين واري ڪامڻڪور بھ سجاڳ ٿي سنڌباد جي ڪمري ڏانھن ڊوڙنديون ويون تھ ماجرا ڇا آھي؟ مينا جي ريھھ لڳي پئي ھئي.

”ھائي.... بچايو، بچايو!....... خون...... خون...... خون....... ھاءِ ھاءِ...... ھي مئو ڇِتو خوني باز گوڪان جو ساھ ڪڍي ڇڏيندو...... خون..... خون..... خون.......“ سنڌباد کي نھ جاڳندو ڏسي، مينا ڪاوڙ مان سندس ڳٽي تي ٺونگو ھڻي ڪڍيم. سنڌباد کي پيئڻ بلا اھڙي ڪا ڦوڪ ھڻي ڇڏي ھئي جو ھن جو عقل ئي نھ پيو جاءِ تي اچي تھ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟ سو ھڪدم باز کي حڪم ڏنائين:

”گرڙ! ھي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇڏ انھيءَ پوڙھيءَ کي....!“ سنڌباد جي ھڪل تي باز کڻي گوڪان ڏائڻ جي ٻانھن مان چنبا ڪڍيا. گوڪان سڄي رتو ڇاڻ ٿي وئي ھئي. ايتري ۾ سنڌباد جا سڀ ساٿي، ٻانھا، ٻانھيون، ھوٿل پري ۽ ڪامڻگر پدمڻي ڊوڙندا آيا ھئا.

”پاڻي..... پاڻي....... ھائي منھنجو ساھ ٿو نڪري. مون کي بچايو، پاڻي..... پاڻي.....“ گوڪان ڏائڻ ٺوٺ سڪل نڙيءَ سان خوف کان دانھون ڪري، پاڻي گھرڻ لڳي. سنڌباد جو ھڪ ساٿي ڊوڙي پاڻيءَ جو ڪپو ڀري آڻي سندس وات تي رکيو، جو گوڪان ڏائڻ ڏوگھي وئي. تڏھن ڌپي ڌپي وڃي منجھس ساھ پيو.

ھائي ھائي...... مون کان خطا ٿي وئي. مان توبنھن تائب ٿيس. مون کي بچايو..... ھاءِ ھاءِ، گوڪل ديو مون کي منع بھ ڪئي، پر مون سندس چوڻ ئي ڪونھ ورتو. منھنجو سڄو جادو ڪوڙو ٿي ويو. چوندا آھن تھ جيڪو سچ چوي، ان کي ٻڌجي ۽ مڃجي........“ زخمن کان چور گوڪان ڏائڻ اڃا دانھون پئي ڪيون. سڀ سندس مٿان حيران پريشان بيٺا ھئا تھ آخر ھي قصو ڇا آھي....؟

اتي ھوٿل پريءَ جي واتان بھ دانھن نڪري وئي:

”ھاءِ ھاءِ! لعنت آھي مون تي جو اھڙي ڪڌي ڪم لاءِ گوڪان ڏائڻ کي ھرکايم ۽ پنھنجي مھمانن جي مٺي ننڊ ڦٽايم. ھاءِ ھاءِ، منھنجو ضمير مون کي ڪڏھن بھ معاف نھ ڪندو. حرس ۽ ھوس ۾ اچي ماڻھو ڪيڏا نھ نيچ ڪم ٿو ڪري.“ ھوٿل پري اوڇنگارون ڏئي ڍڪون ڀري روئڻ لڳي. ھوٿل پريءَ جي انھيءَ ڳالھھ تي سڀ حيران ٿي، ھوٿل پريءَ ۾ نھارڻ لڳا.

”ھوٿل راڻي، اھو اوھين ڇا پيو چئو؟ ڇو پيا پاڻ تي ملامت ڪريو؟ سچ، اوھان جي ائين روئڻ ۽ آھ زاري ڪرڻ تي اسان کي ڏاڍو ڏک پيو ٿئي.“ سنڌباد روئندڙ ھوٿل پريءَ کي سھادو ڏنو. ھوٿل پريءَ ڳوڙھا ڳاڙھيندي چيس:

”سنڌباد! گوڪان ڏائڻ جو ڪوبھ ڏوھ نھ آھي. گوڪان تھ حڪم جي ٻانھي آھي. اصل برائي جي جڙ تھ آئون پاڻ آھيان. سچي ڳالھھ تھ اِھا آھي تھ جادوئي آرسيءَ ۾ توکي ڏسي منھنجي نيت ۾ خرابي اچي وئي ھئي. مون دل ۾ پڪو پھھ پچايو ھو تھ آئون توسان اھڙو فريب ڪنديس، جو تون پنھنجو سڄو فرض وساري، سدا لاءِ مون وٽ ترسي پوين ۽ سدا لاءِ گوڪل ديو ۽ گوڪان ڏائڻ جيان منھنجي حڪم ۾ حاضر ھجين، پر تنھنجي نيڪ نيت ۽ سچائيءَ اڳيان منھنجو ڪوبھ جادو نھ ھليو. سچ ڪوڙ کي ڪينچيءَ جيان ڪتري ڇڏيندو آھي. تو کٽيو، مون ھارايو. ھاڻ اوھان جيڪا بھ سزا چاھيو، مون کي اھا ڏيو. جيستائين مون کي پنھنجي ڏوھ جي سزا نھ ملندي، اوستائين منھنجو ضمير مون کي کائيندو رھندو.“ ھوٿل پريءَ کي ائين روئندي ۽ پڇتاءُ ڪندي ڏسي، جھوني ناکئي اڍي جي دل بھ ڪونئري ٿي وئي. تنھن ھوٿل پريءَ کي چيو:

”ھوٿل راڻي، تون رڳو مون کي ايترو ٻڌاءِ تھ تو اھو ڪڌو ڪم ڇو ڪيو؟ ڇا تنھنجي دل ۾ سنڌباد لاءِ ڪا دشمني اڀري ۽ تو ڪو کيس وڏو ڇيھو ٿي رسائڻ چاھيو.....؟“

”نھ نھ..... خدا نھ ڪري. اھڙي ڳالھھ تھ آئون سوچي بھ نٿي سگھان. مان تھ اھو سڀ ڪجھھ سنڌباد جي پيار ۾ ڪري رھي ھيس. سچ...... مون تھ سنڌباد سان شادي پئي ڪرڻ چاھي. مون تھ اھو پئي چاھيو تھ سنڌباد ھميشھ منھنجي اکين آڏو ھجي. ھاءِ ھاءِ، ننگر پارڪر ۾ ھاڻ ڪھڙو منھن کڻي ھلنديس......“

”بس، ڳجھارت ڀڄي پئي ھوٿل راڻي! تو اھو سڄو ڪم سنڌباد سان دشمنيءَ جي ڪري نھ، پيار جي ڪري ڪيو. اھو تنھنجو ٻالپڻو ھو. پيار ۾ ماڻھوءَ کان الائي ڪھڙيون ڪھڙيون خطائون ٿي وينديون آھن، جيڪي رب پاڪ بھ معاف ڪري ڇڏيندو آھي. جڏھن تنھنجي اندر ۾ اسان لاءِ ڪينو نھ ھو تھ پوءِ تنھنجو پڇتاءُ اجايو آھي. ھاڻ پنھنجا اھي ڳوڙھا اگھي ڇڏ.“ جھوني ناکئي جي ڳالھھ تي ھوٿل پريءَ جي دل تي ڪجھھ ڇنڊو پيو. سو ڪجھھ خوشي ٿيندي چيائين تھ: ”ڇا اوھان سڀني مون کي معاف ڪري ڇڏيو.....؟“

”ھا، اسين تھ ان کي خطا ئي نٿا سمجھون. تون دلجاءِ ڪر، اسان جي دل ۾ تو لاءِ سدائين نيڪ خيال رھندا.....“ سنڌباد جي واتان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ھوٿل پري خوش ٿي وئي ۽ ھن پنھنجا لڙڪ اگھي ڇڏيا ۽ سرھو ٿيندي چيائين:

”پرھ ڦٽيءَ جي مھل اچي ٿي آھي. اڄ وڃان وڃان نھ ڪريو. ھڪ ٻھ ڏينھن مون کي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو. سچ، اوھان سڀني جي خدمت ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“ سندس ڳالھھ تي جھوني ناکئي چيو:

”ھوٿل راڻي! اسان جو پنڌ ڏاڍو پرانھون آھي، اڄ اسين پاراشر رشيءَ جو ديدار ڪري ھليا وينداسين.“

”چڱو، جيڪا اوھان جي مرضي. پر نيرڻ ڪرائڻ کان سواءِ آئون اوھان کي ھتان وڃڻ جي مور نھ ڏينديس.“

”ھا، اسين نيرڻ ضرور ڪنداسين.“

ٻانھيون ۽ ٻانھا رڌ پچاءَ ۾ لڳي ويا. سنڌباد ۽ سندس ساٿي وھنجي سھنجي، نيرڻ ڪرڻ لاءِ ھوٿل پريءَ جي دسترخوان تي اچي گڏ ٿيا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org