سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :15

پاراشر رشي ۽ سنڌباد

صبح جو سويري، پرھ ڦٽي ويل، صبح جي لالاڻ ۾ ڪارونجھر جبل رات جي انڌوڪار مان نڪري، سوين رنگ ڌارڻ لڳو ھو ۽ ننگر پارڪر شھر بھ ڄڻ جاڳي پيو ھو. ان ويل سنڌباد ۽ سندس ساٿي ھوٿل پريءَ کان موڪلائي، پاراشر رشيءَ جي پڌام ڏانھن وڃڻ لڳا ھئا. ھڪ سينگاريل مھري اٺ تي گوڪل ديو ويٺو سندن قافلي جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو. سنڌباد ۽ سندس ساٿي ڀلن اٺن مٿان ڪجاون تي ويٺا، جھوٽا کائيندا ننگر پارڪر شھر جا نظارا ڏسندا ٿي ويا.

صبح جي انھيءَ ويل ننگر پارڪر جي شھر جون چلھيون دونھان ڇڏي رھيون ھيون. مايون رڌ پچاءُ ڪري رھيون ھيون. ڪجھھ گھرن مان اڃا تائين جنڊن گھرڻ جا آواز پئي آيا. مايون ماٽين ۾ ولوڙا ڪري، مکڻ پئي ولوڙيو ۽ مالوند چوپايو مال پھرائڻ ۾ لڳي ويا ھئا ۽ سرن[1] مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جوڙيليون ٻيلھھ ۽ ٽيلھھ دلا کنيو جبل ڏانھن پئي آيون ۽ ويون. مندرن ۽ عبادت گاھن جا گھنڊ ھوريان ھوريان ماٺا ٿي ويا. ڏينھن شينھن ٿي ويو ھو.

شھر مان گذري، ڳچ پنڌ پٽڻ کان پوءِ جڏھن سندن اٺن جو قافلو ھڪ برساتي نديءَ جي پيٽ اڪري جبل جي اڀرندي پاسي جبل جي پاڙ ۾ اچي بيٺو، جتي اٺن تان لھڻ لاءِ خوبصورت دڪو ٺھيل ھو.

جبل جي انھيءَ پاڙ ۾ پھچي، سنڌباد ۽ سندس ساٿي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. پٽڪن ۽ ٽوپين کي ھٿ ڏئي، ڳاٽا اڀا ڪري آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ جبل جي ڳاڙھين چوٽين ڏانھن نھارڻ لڳا تھ مٿي ڪيئن چڙھبو؟ ڇو تھ ھي گول، لسڙو، ترڪڻو، رنگا رنگ اراولي پاھڻ ھو.

سڀ اٺن تان لھي پيا ۽ گوڪل ديو جي پٺيان غفائن مان گذرندا، مٿي جبل جي چوٽيءَ ڏانھن وڃڻ لڳا. رستو ور وڪڙ کائيندڙ، ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻانگو ھو، جيڪو جھونو ناکئو چڙھي نھ سگھي ھا، پر ھوٿل پريءَ جا ماڻھو لاڪس شاھي ڏولي کڻي آيا ھئا، جنھن کي چئن مڙسن ڪلھا ڏئي ٿي کنيو.

جبل جي چاڙھين کان اڳيان اڳيان گوڪل ديو ھاٿي جيان ھلي رھيو ھو. سنڌباد ۽ سندس ساٿي گوڪل ديو پٺيان آڏا لڪ لتاڙيندا، غفائن ۽ ورن وڪڙن مان گذرندا، مٿي چڙھندا ٿي ويا. تمام گھڻو مٿي، جو ھيٺ نھار تھ مٿو پيو ڦري. جھونو ناکئو ڏوليءَ ۾ آرام سان ويٺو جبل جا نظارا ڏسندو پئي ويو. سڀ پاڻ ۾ ڳالھائيندا منڊڪ مارڪا ڪندا پئي ويا.

پاراشر رشيءَ جو آستانو ڪارونجھر جبل جي اڀرندي پاسي وارين اتانگھھ چوٽين مان، ھڪ چوٽيءَ مٿان ھو. جتي ھڪ وڏو ويڪرو قدرتي ٿلھو ٺھيل ھو. اتي مٿي جبل جي اتانگھھ چوٽين تي ڪونڀٽن، ٻٻرن، ڪنڊم، کجين، ڄارين ۽ کٻڙن جا وڻ قطارون ڪيو بيٺا ھئا، جتي پھچي، ماڻھو کي ائين ڀاسندو ھو ڄڻ بھشت ۾ پھچي ويو آھي. جبل جي ٻئي پاسي کان مھاسنڌو ساگر ڇوليون پيو ھڻندو ھو. قدرت جا نظارا، ماڻھو ڇا ڏسي ڇا ڏسي!

پاراشر رشيءَ، پرھ ڦٽي ويل انھيءَ ٿلھي کان بيھي سج اڀرڻ جو چھچٽو ڏسندو ھو ۽ ڌرتي جي اسرارن تي غور فڪر ۽ ويچار ڪندو ھو. پنھنجي علم عرفان، تاريخي ڄاڻ، فلسفي ۽ شعر جي ڪري دور ولاتن ۾ سندس واکاڻ ھئي. پري پري جا راجا ۽ راڻيون سندس آسڻ تي حاضري ڀرڻ ايندا ھئا.

گوڪل ديو جي اڳواڻيءَ ۾ جڏھن سنڌباد جو قافلو پاراشر رشيءَ جي پڌام تي پھتو تھ اڇيون ساڙھيون پھريل ديوداسين وڏا ڪورنش ڪري سندن آجيان ھئي. ھڪ ديوداسي نھايت ئي ادب مان چيو:

”اوھين سڀ ڀلي ڪري آيا. رات جو ھوٿل پريءَ اوھان جي اچڻ جو نياپو موڪليو ھو ۽ صبح اويري اوھان جي مينا اڏامندي آئي ۽ اوھان جي اچڻ جو اطلاع اچي ڏنائين. وڏي ڪچھرڻ آھي، اوھان جي مينا.“ جھوني ناکئي چيس:

”ھائو ڪچھريءَ جي ڪوڏي آھي. سندس دل گلاب جي گل جيان نرم ۽ سون کان وڌ اجري آھي. اھي پکي اسان ماڻھن کان گھڻو وڌ ملوڪ آھن.“

گوڪل ديو جھوني ناکئي کي چيو:

”ناکئا! اوھين پاراشر رشيءَ جو درسن ڪري اچو، اسين ھتي بيٺا اوھان جو انتظار ڪريون. اسان جي حد اِھا آھي.“

سنڌباد ۽ سندس ساٿي جڏھن ديوداسين پٺيان ھلندا، پاراشر رشيءَ جي قدمن ۾ پھتا تھ پاراشر رشي پالڪيءَ ۾ وڏي آسيس ماڻي رھيو ھو. سج جا پھريان سونھري ڪرڻا سندس پيشانيءَ تي پئجي رھيا ھئا. سندس ڊگھي اڇي سونھاري[2] چاندي جيان پئي ٻري ۽ چمڪي. پاراشر رشيءَ ڏاڍي مھربان نيڻن سان ڏانھن نھاريو. کن لاءِ تھ سنڌباد ۽ سندس ساٿي ادب مان ڪنڌ جھڪائي بيھي ويا ھئا تھ ڇا ڳالھايون؟ سنڌباد دل ٻڌي ڳالھايو:

”ھي مھارشي! ننڍڙي لاڪي، ماءُ واتان اوھان جو مٺو نالو ٻڌندو ھئس ۽ اوھان جون پوٿيون[3] پڙھندو ھئس. تڏھن دل چوندي ھيم تھ پکي ھجان ھا ۽ اڏامي وڃي اوھان وٽ پھچان ھا ۽ اوھان کي پسان ھا. آئون ڀانيان ٿو تھ ماءُ جي ڪنھن دعا مون کي ھتي پھچايو آھي. منھنجي ماءُ جي دعا ڪا اگھامي وئي ھئي.“ اھا ڳالھھ چوندي سنڌباد جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ھئا ۽ ھو خوشيءَ مان ڳاڙھو ٿي ويو ھو.

”ماءُ جي پيرن ۾ بھشت آھي، ماءُ اڌ خدا آھي.“ پاراشر رشيءَ اھا ڳالھھ وڏي سڪون سان چئي ھئي ۽ ڄڻ ڪا ڳالھھ ساري مرڪي پيو ھو.

”ھي مھاويد، منھنجو ھڪ مونجھارو ختم ڪريو.“ جھوني ناکئي ھمٿ ڪري ڳالھايو: ”ھي جا سامونڊي مھا پرلئھ پئي اچي، انھيءَ ۾ ڪھڙا کنڊ ٻڏندا ڪھڙا ترندا؟ ڇا ھي ڪارونجھر، ڀڳو ٽوڙھو، کيرٿر، پٻ، ھاڙھو، ھالار، بولان ۽ ڪوھ سليمان، ڪوھ ميرو پربت ۽ ڪوھ ڪاف ڇا انھن سڀني مٿان مھا پرلئھ جو پاڻي وري ويندو.....؟!“

جھوني ناکئي جي سوال تي پاراشر رشي وڏي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين:

”اھا خبر ڪنھن لي بھ ڪانھي، اھو غيب آھي. باقي ھا – ”ناد“ ويد ۾ ھڪڙي ڀيري پڙھيو ھوم.“ پاراشر رشي ڄڻ ڪا ڳالھھ ياد ڪرڻ لڳو ھو. ”ناد“ ۾ لکيل ھو: ”انھيءَ وڏي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ جڏھن نوح نبي ٻيڙو ٺھرائڻ جي تيارين ۾ ھوندو تھ ھڪ پوڙھي مائي سندس ڏاڍي خدمت ۽ چاڪري ڪندي ۽ سدائين پئي ياد ڏياريندس تھ اي نوح نبي، آئون ڏاڍي ھيڻي آھيان. ٻوڏ اچي تھ پوءِ مون کي نھ وسارجانءِ، مون کي پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھجانءِ. مان نڌڻڪي آھيان، ڏاڍو ٿي ڊجان.“ ۽ جڏھن ٻوڏ ايندي تھ نوح نبيءَ کان اھا پوڙھي وسري ويندي. ٻوڏ جي گذري وڃڻ کان پوءِ، جڏھن ٻوڏ جو پاڻي پنھنجي جاءِ والاري ويندو تھ سالن کان پوءِ اھا پوڙھي نوح نبي کي ياد ايندي تھ نوح نبي اتي وڃي پھچندو ۽ ڏسندو تھ اھا مائي انھيءَ ماٿريءَ ۾ پنھنجي رڍن سان ويٺي آھي. پوڙھي سندس چاڪري ڪندي ۽ کير پيارينديس ۽ وري ساڳي ڳالھھ ورجائينديس تھ وڏي ٻوڏ ويل منھنجي پيرت ھجيئي. مون کي پنھنجي بيڙي ۾ ضرور ويھارجانءِ، آئون ڊڄان ٿي. تڏھن نوح نبي حيران ٿي چوندس تھ توکي ڪابھ خبر ڪانھي؟ ھي ھيڏو پاڻي جو وري ويو.....؟! تڏھن پوڙھي چوندس تھ مون کي ڪابھ خبر ڪانھي! ڪجھھ ڏينھن اڳ گھاٽو جھڙ ٿيو ھو. منڊيون ڪڪريون وسنديون پئي ويون. بس ايترو مينھن پيو ھو جو منھنجي رڍن جي پشم ڌوپجي وئي ھئي - ۽ ”ناد“ ۾ چٽيءَ طرح لکيل آھي تھ غيب جي خبر رڳو خدا کي آھي، جيڪو ھر شيءِ جو خلقيندڙ ۽ پالڻھار آھي. باقي ماڻھو ويچاري کي تھ پنھنجي خبر ڪانھ ٿي پوي. ايئن جيئن تڪليف کان نئين ڄاول ٻار کي خبر ڪانھ ٿي پوي تھ ھو روئي ڇو پيو؟ ھاڻي ڏسو، ھي ٿر جون ڀٽون ھزارين سال اڳي اتي سمونڊ پيو ڇوليون ھڻندو ھو. ھاڻي اتي سمونڊ ڪونھين. اھو اسان رڳو ذھن کان ٿا ڪم وٺون، ڇو تھ انھيءَ واريءَ ۾ سپون ۽ ڪوڏ ملن ٿا. تڏھن چئون ٿا تھ اڳي ھي حصو پاڻيءَ ۾ ھو.“ پوءِ پاراشر رشي چپ ٿي ويو.

”ھي مھارشي! آئون ڪڏھن ڪڏھن محسوس ڪندو آھيان تھ ڪنھن دک کان منھنجو مٿو ٺڪاءُ ڪري ڦاٽي پوندو. جي حڪم ھوءِ تھ آئون ٻھ اکر چوان.“ ھڪ ملاح ڇوڪري ڊڄندي عرض ڪيو.

”ڀل چئھ، ڇا نانءُ آھي تنھنجو؟“ پاراشر رشي ٽِڪ ٻڌي سنڌباد جي انھيءَ نوجوان ساٿيءَ ڏانھن نھارڻ لڳو، جنھن جي ڇاتي ويڪري، ڏونرا وٽيل ۽ پٺا اگھاڙا ھئا ۽ چيلھھ سان ڏڦو ٻڌل ھئس.

”کٽڻ – آئون ڏڦير مھاڻو آھيان.“

”ڪھڙي ڳڻتي آھي جا توکي ستائي ٿي.....؟“

.مون کي وڏي چنتا آھي. مان پوڙھي ماءُ ۽ ڪنواري ڀين ڇڏيو پيو اچان. ھي سنڌباد تھ ڪئين پوٿيون پڙھيو ويٺو آھي. ھي ڪنھن مقصد کي آڏو رکي، سفر ڪري رھيو آھي. ھن جھوني ناکئي اڳيان بھ وڏو مقصد آھي. ھن کي خبر آھي تھ ھي کارو ڇو پيو کيڙي؟ پر آئون سنڌي نھ سمجھان. آئون ڇو ڇيو سمونڊ ڇاڇوليان؟ آئون ڇو سڄي ڪٽنب قبيلي کي پٺي ڏيو لھرن سان پيو لڙان؟ آئون ناڻي لاءِ بھ نھ پيو لوڙھيان. ناڻو تھ سون مياڻيءَ ۾ سڀ کان گھڻو آھي. آخر اھا ڪھڙي طاقت آھي، جا مون کي اڻ ڏٺل، اڄاتل سمونڊن ڏانھن گھريو پئي وڃي؟ نيٺ بھ تھ مون کي ڇا پراپت ٿيندو؟ ائون ڇو امڙ ۽ ابو ڇڏي آيو آھيان.....؟“

”لوچ، جي لوچين سي لھن. توکي الاھين ڪجھھ پراپت ٿيندو، پر توکي انھيءَ جي ڄاڻ ئي نھ پوندي. ڪھڙي خبر تھ ڪنھن جي مقدر ۾ ڇا آھي؟ باقي قربانيون تھ سھڻن ماڻھن جو مقدار آھن. کٽڻ، منھنجي دل ٿي چوي تھ ٿون وڏو سڀاڳو ماڻھو آھين.“ پاراشر رشيءَ جي ڳالھھ تي کٽڻ کي ڄڻ سڪون ملي ويو. ھن جلدي پنھنجي ساٿي نوجوان کي ٺونٺ ھنئي. ”مينھان، تون بھ ڪجھھ پڇي وٺ.“ کٽڻ جي ڳالھھ تي ننڍي وھيءَ وارو مينھون گھٻرائجي ويو، چيائين:

”ھي مھاويد، مون کي رڳو دعا ڪريج.“

”ڌڻي ڪندو تھ ڏکيو ڏينھن نھ ڏسندين، وار ونگو نھ ٿيندءِ، اوھان سڀني کي منھنجي دعا آھي.“

”ھي مھاويد، الائي ڇو منھنجي دل پئي چوي تھ آئون پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندس. اسان اوھان جو الاھين قيمتي وقت سيڙاھيو.“ سنڌباد چيو.

”اوھين سڀ سڀاڳا ماڻھو آھيو. اھڙا جو اڄ مون کي ”ناد“ ويد جا ورق ياد اچي ويا.“ ان ويل ڦلڙين ڇانيل اڪ جي ٽاريءَ تان مينا رڙ ڪئي:

”ھي پاراشر رشي،  مون کي ھڪڙي دعا ڪريو تھ منھنجي شادي نھ ٿئي.“ پاراشر رشي مينا ڏانھن نھاري مرڪي پيو.

”ڇو، تنھنجي شادي ڇو نھ ٿئي.....؟“ پاراشر رشيءَ جي ڳالھھ تي مينا وراڻيو:

”مڙس پنھنجي زالن سان سٺو ڪين ٿا ھلن. مڙسن جو ورتاءُ زالن سان نھايت اڍنگو آھي. ھاڻي ھن ٽڪي جي ڪوٽوار گوڪل ديو کي ئي ڏسو. زال گوڪان تي ائين پيو روب رکي ڄڻ پڻس جي نوڪرياڻي ھجي ۽ اسان جو ڪارو مور.... توبھن..... زال جي جدائي ۾ مڙس ڳاٽو ئي نٿو جھلي سگھي، پر جڏھن زال ملنديس تھ پوءِ ڏسجؤ تھ ڪيئن ٿو ٽيڳر ڪري. چھنب سان ويچاريءَ جي ٺوڙھھ کسائي ڇڏيندو.“ مينا جي ڳالھھ تي سڀ ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳا. ان ويل باز پکي بھ ڪارونجھر جي چوٽين کان اڏامندو ھيڍ آيو ۽ ھن پر پکيڙي ڪئين ڀيرا پاراشر رشي مٿان وڏي پراسرار اڏام ڀري. سندس پرن جو پاڇو ڪئين ڀيرا پاراشر رشيءَ مٿان پيو ۽ پوءِ الھندي طرف پنھنجي ٻيڙن ڏانھن اڏامندو ھليو ويو.

ٿوريءَ دير لاءِ سڀ ٽِڪ ٻڌي باز پکيءَ جي اڏام ۾ نھاريندا رھيا. سنڌباد ڪا ڳالھھ ياد ڪندي وري ڳالھايو:

”اي مھاويد! اڃان بھ ھڪڙي ڳالھھ مون کي اوھان کان پڇني آھي. ھيءُ جو سٽاڻو سمونڊ آھي، جنھن ۾ وڏا مانگر مڇ ٿا پڇ ھڻن، جتي ڇوليون پھاڙن جيان ٻيڙن مٿان وري وينديون آھن ۽ ٻيڙا اٿلي ٻڏي ويندا آھن، انھيءَ کي ڪيئن پار ڪجي؟ ڪھڙا گھيڙ وٺي وڃجن....؟“

سنڌباد جي انھيءَ ڳالھھ تي پاراشر رشي وڏيءَ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائينس:

”سنڌباد! مون کي ڪھڙي خبر تھ اوھين ڪھڙا کنڊ – اپ کنڊ ڏسڻ ٿا چاھي – ڪھڙا ٻيٽ – اپ ٻيٽ....؟“

”اسين سڄي ڌرتيءَ کي چڪر ھڻڻ ٿا ڇاھيون. اڀرندي جي ملڪن کان ڦرندا، ڏور اوڀر جي ملڪن ڏانھن وڃڻ ٿا چاھيون، جيئن نوح نبيءَ جي امانت کيس وڃي ڏيون. بس اھو سوچي ڌڻيءَ جو نالو وٺي ڪارن ڪنن ۾ گھڙي پيا آھيون.“

”پر جي آئون اوھان کي سھڻي صلاح ڏيان تھ پوءِ؟“

”چوندا آھن تھ پڇڻا نھ منجھڻا. سچي ڳالھھ تھ اھا آھي تھ اسين اوھان کان صلاح وٺڻ آيا آھيون.“ جھوني ناکئي اڍي ڳالھايو. پاراشر رشيءَ چيس:

”تھ پوءِ ٻڌو! پھرين اوھان ڀونءِ ترو کنڊ ڏانھن ٻيڙا ڪاھي وڃو. انھيءَ پار اڃان ڪوبھ نھ ويو آھي. ڀونءَ ترو کنڊ[4] ڌرتيءَ جو ھيٺاھون حصو آھي، زمين جو ترو آھي. اتي نسورو ناحق آھي. اتي وڃي جانچ لھو تھ آھي ڇا؟ اتي انسانن جون ڪھڙيون تڪليفون آھن؟ اھي دور ڪيو. جي اوھان جو سفر سچ جو آھي تھ پوءِ ڇوليون پاڻ اوھان جون رھبر ٿي وينديون.“ رشيءَ جي واتان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي سنڌباد جا سڀ ساٿي ڏاڍا سرھا ٿيا. سنڌباد چيو:

”اھڙي سھڻي صلاح لاءِ مھرباني جو اسان کي ڀونءَ ترو کنڊ جو عقل ڏنو اٿو. ھاڻ اسين سڀ کان پھرين ڌرتيءَ جو اھو ھيٺاھون حصو ڏسنداسين. اتي جي ماڻھن جي مشڪلاتن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ڌرتي جي انسانن لاءِ سٺو پيغام آڻينداسين. ھاڻي الله توھار....“

”الله توھار.....“ پاراشر رشيءَ کين دعائون ڏنيون. سنڌباد پٺيان سڀني پاراشر رشيءَ آڏو وڏا ڪورنش ڪيا ۽ پوءِ  کانئس موڪلائي، موٽڻ لڳا – اوڏانھن، جتي گوڪل ديو سندن انتظار ڪري رھيو ھو.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org