سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :4

سنڌباد جو سفر

علي بابا

گراٺ مٺڙي ۽ ڪارو مور

سنڌ جي راجا ناکئن کي ٽي وڏا ٻيڙا، پاتال بندر جي ٻار ۾ لاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ھو. ٽنھي ٻيڙن جي سڙھن تي واڳون جا نشان ھئا. مھاڻن ٻيڙن کي مانگر مڇ جي چرٻيءَ سان پئي مک ڏنا ۽ تن پئي تنيا.[1] ڇا تھ ٻيڙا ھئا! جھڙاڪر چانديءَ جا چيخلا. عاج جا اولا. مٿان وري امن جي اڇن ۽ گيڙو سڙھن جو سٽاءُ. ٽالھيءَ جو ڪاٺ، مٿان ميڪر جي چرٻيءَ جو مک. سنڌ جي ماڻھن اھڙا ٻيڙا سمونڊ ۾ دنگندي اڳي ڪڏھن بھ ڪين ڏٺا ھئا.

سج اڀرڻ سان گوديءَ مٿان ماڻھن جا حشام مڙي آيا ھئا. ٻيڙا ڏسيو ماڻھو ڏاڍا خوش پئي ٿيا. ٻارڙن ٻيڙا ڏسيو سمونڊ ڪناري رانديون پئي ڪيون، ڄڻ وڏو ڪو جشن جو ڏينھن ھو. پھلوانن ملھون، ٻلھاڙا ۽ ڪوڏي ڪٻل پئي ڪئي. مڱڻھارن دھل ۽ ناد پئي وڄايا، نارين ناچ وڌا، ٻارڙين چيڪلي پايو پئي پير گسايا تھ ٻئي طرف ڇوڪرن جي ھنبوڇي لڳي پئي ھئي. اصل سٽ ڪٽ.

ملاحن ٽئين وڏي ٻيڙي ۾ نوح نبيءَ جي ٻيڙي لاءِ چيريل ٽالھيءَ جو چريل ڪاٺ پئي چاڙھيو جو سوکڙي طور نوح نبيءَ ڏانھن کڻي وڃڻو ھو.

اھو سمورو لڪاءُ راجا، راڻي ۽ سنڌباد محلات جي اونچي مناري تان بيٺي ڏٺو ۽ پاڻ ۾ ڏاھپ جون ڳالھيون پئي ڪيائون. راجا ڳالھائي تھ ڀانءَ راجا ڏاھو آھي،. سنڌبار ڳالھائي تھ ڀانءِ سنڌباد وڌيڪ ڏاھو آھي. پر چوندا آھن تھ: ”راجا، راڄا ھوندو آھي.“ نبين کان پوءِ علم راجائن جي حصي ۾ مڙيوئي سرس ايندو آھي. سندن ذھنن مٿان قدرت پاران ڏاھپ ۽ دانائيءَ جي سدائين پالوٽ پئي ٿيندي آھي. سو راجا وڏي سوچ ويچار سان پئي ڳالھايو: ”سنڌباد – ھي ڌرتيءَ جو گولو ھڪ وڏي ڳجھارت آھي. ان جا اسرار ئي پنھنجا آھن. ھن سڄي سرڳڌام[2] جي ھيٺان حيات سان ڀرپور ڌرتيءَ جھڙو ٻيو ڪو گرھ آھي ئي ڪونھ، جنھن تي رھن ٿا انسان، جن، پريون، ديو ۽ ٻيا ساھ وارا، جن ۾ ھڪڙيون آھن آتمائون[3] ۽ ٻيون آھن نر آتمائون.[4] نر آتمائون پنھنجو وقت پورو ڪرڻ سان فنا ٿي وينديون آھن. نشٽ ۽ ڀسم ٿي وينديون آھن. باقي آتمائن کي ڪي بقا آھي. سي ڪنھن نھ ڪنھن روپ ۾ نظاري نروار ٿين ٿيون. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نوح نبي پئدا ٿيڻو آھي، اھا ڳالھھ مون کي منھنجي ابي راجا مھيرامڻ ٻڌائي ھئي ۽ منھنجي ابي مون کي اھو بھ ٻڌايو ھو تھ دنيا جا راجا ڇا بھ چون، تون نوح نبيءَ جو پاسو وٺج. سچ جو پاسو. اھو نوح نبي ھڪ وڏي مھا پرلئھ[5] جي اڳڪٿي ڪندو. اھو نبي سڳورو پاپ ۽ ڪلاپ خلاف وڙھندو. ھڪ تمام وڏو ٻيڙو ٺھرائيندو ۽ ڌرتيءَ تي انسانن، جانارن، پسن، پکين، جيتن، سرڻن، وڻن ٽڻن ۽ ٻوڙن جا نسل بچائيندو، نھ تھ پرٿوي تي ڪابھ شيءِ باقي نھ رھندي. پھاڙ ۽ پوٺا حيات کان خالي ٿي ويندا. اھو نوح نبي خدا جي ھيڪڙائيءَ جو پيغام ڏيندو ۽ پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو.“ ڳالھھ ڪندي راجا وڏو گھرو، اونھو ساھ کنيو ۽ وري ڳالھھ جاري رکندي چيائين تھ: ”سنڌباد، سچ پڇين تھ اسان کي نوح نبيءَ ۾ وڏو ويساھ آھي. راجا، پرجا جا قيدي ھوندا آھن. سدائين کين پرجا جو اونو ھوندو آھي تھ پرجا خوش آھي، ڪي ناخوش؟ پر سيلاني ڪنھن جا بھ تابع نھ ھوندا آھن. اھي فقط پنھنجي ضمير جا تابع ھوندا آھن، جيئن تون آھين. سو ڳالھھ ٿي ڪيم تھ سامونڊيڪا سيل ڪندي کارو کيڙيندي جي ڀاڳ ڀيڙو ڏي ۽ تون نوح نبيءَ جي درٻار تائين پھچي وڃين تھ پوءِ انھيءَ نبي سڳوري کي منھنجا ڪوڙين جھار[6] چئيج ۽ مون پاران نوڙت ڪج ۽ منجھس نمي کمي نھارت ۽ ٽالھيءَ جي چيريل ڪاٺ وارو ٻيڙو مون پاران کيس تحفي ۾ ڏيج ۽ چئيج تھ سنڌ – واسين جو اوھان ۾ پڪو ويساھ آھي ۽ جيڪي سلام ڏينئي، اھي سمورا ياد ڪري مون کي آڻي ڏيج. بس اھا ڳالھھ مون تو سان ڪرڻ پئي گھري.“ راجا جي اھا ڳالھھ ٻڌي سنڌباد راجا سان وچن ڪيو تھ ھو راجا جي اھا ڳالھھ اکين سين پاريندو.

پوءِ راجا ۽ راڻي سنڌباد کي وٺي مناري جي ڏاڪن تان ھيٺ لھڻ لڳا. راجا چيس: ”سنڌباد، اڄ ھل تھ آئون توکي پنھنجي پيءُ راجا مھيرامڻ جو محل گھمايان ۽ پنھنجي ابي پاران توکي اھڙيون شيون ڏيان جو سامونڊي ڪفر ڪندي توکي ڪم اچن.“

پوءِ راجا ۽ راڻي سنڌباد کي مھيرامڻ جي انگاس محل ۾ وٺي ويا. محل جا در ڄن جادوءَ سان پئي کليا ۽ بند ٿيا. سنڌباد ڏٺو تھ محل ۾ شينھن جون گجگوڙون آھن. سوني تخت جي پاون تي وڏي نسل جو باز جو جوڙو ويٺو ھو ۽ ڪيھر شينھن محل ۾ ٻلين جيان پئي ڦريا ۽ رکي رکي ٽاڙھون پئي ڏنائون. پئي گڙا ۽ گريا. سنڌباد کي ڪيھر شينھن جي ٻچن جي ھڪ جوڙي ڏاڍي وڻي.

راجا چيس:

”سنڌباد، ھي کيرٿر پھاڙ جا ڪيھر اٿئي. ھيءَ جوڙي ھاڻ ڇھن مھينن جي ٿي وئي آھي. ھي پاڻ سان کڻيو وڃج. اھي سامونڊي توڙي ميدانن ۾ نرآتمائن جي حملن کان توکي بچائيندا. اھڙي تکي حملاور شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪا آھي ئي ڪانھ.“ پوءِ راجا کيس سوني تخت جي پاون تي ويٺل تيتري باز جي جوڙي وٽ وٺي آيو ۽ چيائين:

”ھي ننگر ٺٽي جا باز آھن – ڪينجھر جا شڪاري باز. ھي دنيا جا سڀ کان تيز رفتار پکي آھن. جڏھن ڇاڙون ۽ ڇڇ اڪرندي تون تڙ توائي ٿي ويندين ۽ تنھنجا ٻيڙا سمونڊ ۾ اولو ٿي ويندا تھ ھي اڏامي توکي سمونڊ سونھون ڪندا ۽ قطب ٻڌائيندا ۽ توکي خوفناڪ ڏائڻين ۽ راڪاسن ۽ ٻين بلائن کان بچائيندا. ھي دشمن جي اک تي حملو ڪندا آھن. ھنن جو وار ڪڏھن بھ گسندو نھ آھي.“ سنڌباد باز ۽ ڪيھر شينھن جي جوڙي حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. اوچتو ھڪ مينا اڏامندي راڻيءَ جي ڪلھي تي اچي ويٺي ۽ چيائين:

”راڻي ماءُ، ھيءَ نوجوان ڪير آھي؟“ ”راڻيءَ چيس تھ ”ھي سنڌباد آھي، دنيا جي سفر تي نڪتو آھي.“

”راڻي ماءُ، ھڪ انگل ڪريان؟“

”تون سؤ انگل ڪر منھنجي لاڏڪي.“ راڻي کيس ڪلھي تان لاھي چمڻ ۽ پيار ڪرڻ لڳي. مينا چيس:

”راڻي ماءُ، دنيا جي شيل تي باز بھ وڃي ٿو، ڪيھر بھ وڃن ٿا. الله مون کي بھ اکيون ڏنيون آھن، آئون بھ تھ ڪي شيل ڪريان. مون کي ھي نوجوان وڻيو آھي. مون کي بھ اھڙي آگيا[7] ملي تھ آئون بھ شيل ڪريان. راجا ڀنڀي مھيرامڻ کان پوءِ ھاڻ تھ مھل کائڻ ٿو اچي.“ ۽ پوءِ راجا ڏانھن نھاري چيائين:

”راجا، راضي ٿيءُ تھ مينا ملڪ گھمي.“

”ھا، ھا، تون ڀلي وڃ. ھيکلائي ۾ سنڌباد کي چرچا ٻڌائجانءِ. سنڌباد سان تنھنجو گڏ وڃڻ تمام ضروري آھي.“

”سنڌباد، توکي منھنجي ھلڻ تي عار تھ ناھي؟“ مينا جي ڳالھھ تي سنڌباد لڪي چيو: ”تو جھڙي مٺڙي مينا مون سان گڏ ھوندي تھ پوءِ منھنجو وقت سڻائو گذرندو.“

”آئون توکي جنن ۽ پرين جون ٻوليون سيکاريندس.“

مينا حاصل ڪري سنڌباد خوش ٿي ويو، پر ساڳئي وقت کيس ڪا ڳالھھ پريشان ڪري رھي ھئي، سو راجا ڏانھن نھاري چيائين:

”اي راجا، جڏھن توکي ھنن پکين ۽ جانارن جي ايڏي ڄاڻ آھي تھ پوءِ توھان اھي راجائي شونق ڇو ڇڏيا؟ اھڙا شونق جي توکي تنھنجي ابي راجا مھيرامڻ کان مليا.“ سنڌباد جي انھيءَ ڳالھھ تي راجا ڏاڍو ڏکوئجي ويو، راڻي درماندي ٿي وئي. راجا وراڻيو:

”سنڌباد – ان پٺيان ڪو سبب آھي، ڪا ڳالھھ آھي. سڀ کان وڏو شونق اولاد جو آھي، چوان تھ آئون بھ پيءُ ٿيان. پر ھاءِ ھاءِ..... مون کي اولاد آھي ئي ڪونھ. اھڙيءَ نعمت کان آئون وانجھيل آھيان. الائي ڇا ڇا ڇڏيو وتان، نھ تھ جيڪر آئون بھ چوان تھ ڌرتي جا شيل ڪريان، سمونڊ ماپيان تھ ڪٿي ڪيڏو پاڻي آھي ۽ ڪٿي ڪيڏو؟ منھنجي دل بھ چوي تھ سنڌو جي ماٿرين ۾ پرجا سان گڏ جشن ملھايان، باز اڏاريان، ڪيھرن کي ٽاڙھون ڏياريان، گھوڙا ڊوڙايان، اٺ نچايان، ڏاند گاڏيون ھڪليان، مينھون ۽ گايون ڏھان، ڪماند پوکيان ۽ ڪڻڪون لڻا، پر اولاد کان سواءِ روح ئي مئو پيو آھي. ھڪ ڏينھن وڏي سجدي مان اٿيس تھ ھڪ سيلاني مون کي مليو. ان وٽ ھڪ گراٺ مٺڙي ھئي، ڄامڙي شيدڻ چئن سالن جي. ان سيلانيءَ چيو تھ راجا، توکي اولاد تڏھن ٿيندو، جڏھن تون ھن ڄامڙيءَ کي خوش ڪندين. جڏھن ھن ڄامڙيءَ جي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙھا نڪرندا ۽ انھن ڳوڙھن جو پاڻي تنھنجي راڻي پيئندي، تڏھن توکي پٽ ڄمندو!“ راجا پنھنجي ڳالھھ کي جاري رکندي چيو:

”تڏھن چيومانس تھ اي درويش خدا جا، ڪھڙين ڳالھين تي ھيءَ خوش ٿيندي؟ تڏھن درويش وراڻيو تھ ھيءَ ڄامڙي ڪاري ولات ھمباشا جو جن آھي. ھن جي ملڪ تي راڪاسن جو قبضو آھي. ھيءَ ڄامڙي پنھنجي گھوٽ کان وڇڙي وئي آھي. جي ھيءَ پنھنجي گھوٽ سان نھ ملندي تھ پوءِ ھن جو گھوٽ نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙھڻ کان رھجي ويندو ۽ اھو گناھ ٿيندو. پوءِ اھو سيلاني فقير انھيءَ ڄامڙيءَ جي گھوٽ جي تلاش ۾ نڪري ويو. سال ٿي ويا آھن، اھو سيلاني نھ موٽيو آھي. ھاڻ تھ اھا ڄامڙي اچي سامائي آھي. پنھنجي گھوٽ سان ملڻ جي فراق ۾ بيمار ٿي رھي ۽ گھائل ٿي گھاري.“ بادشاھ اھا ڳالھھ ڪري ڏاڍو پشيمان ٿي ويو ھو. سنڌباد چيس:

”راجا، اوھان مون کي ان ڄامڙي سان ملايو. متان منھنجي ڳالھين سان کيس ڪا شڪتي ملي ۽ ھوءَ خوش گھاري. آئون اوھان سان وچن ٿو ڪريان تھ آئون سڄو سامونڊ ڇاڇولي، انھيءَ گراٺ مٺڙي کي ھٿ ڪندس ۽ خدا جي حڪم ۽ اوھان جي دعائن سان ھي نوح نبيءَ جي ٻيڙي تي چڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.“ پوءِ راجا کيس پنھنجي محل ڏانھن وٺي وڃڻ لڳو، جنھن ۾ اھا گرانٺ مٺڙي رھندي ھئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org