سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :5

سنڌباد جو وچن

راجا ۽ راڻي سنڌباد کي پنھنجي خاص محل جي سمھڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيا. اھو ڪمرو جھڙوڪر جادوگرن جو ٺاھيل ھو. محل جي درين ۽ دروازن تي ٻھڪندڙ رنگا رنگ لونگيءَ جا پردا پئي لڙڪيا. محل جي ٿنڀن ۽ ڀتين تي ھيرن جواھرن جو جنسار ٿيل ھو. فرش تي رنگا رنگ غاليچا وڇايل ھئا. محل جي منگھن مان سرھاڻين ڀريل ٿڌي ھوا پئي گھلي ۽ جلترنگ جھڙا آواز پئي آيا.

راجا ۽ راڻي جي سمھڻ واري ڪمري ۾ ڄامڙيءَ لاءِ سون ۽ چاندي جي منارن سان ھڪ ننڍڙي محلات ٺھيل ھئي، جنھن جي دروازن ۽ درين جي ڪنارين تي ڳاڙھي لعل جو ڪم وڏي ھنرمندي سان ڪيو ويو ھو. ان ننڍڙي محلات آڏو خوبصورت باغ ھو، جنھن ۾ ھڪ اداس ڪارو مور ويٺو ھو. ان ويل اھا ڄامڙي محل جي دروازي وٽ ڏاڍي نراس ۽ اٻاڻڪي بيٺي ھئي. سنڌباد جي اک جڏھن ان ڄامڙيءَ تي پئي تھ کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ھو ڪنھن طلسم ۾ اچي ويو ھو. لعل ۽ ھيرن جي روشنيءَ ۾ شيدڻ ڄامڙيءَ جو رنگ ڄمون جيان پئي ٻھڪيو. جھڙي ننڍڙي گڏي، جيڪا جيئرن ماڻھن جيان پئي ھلي ۽ چلي. سنڌباد کي ڏسي ھن حيا کان ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو. راجا ڏاڍي پيار سان کيس کڻي پنھنجي تريءَ تي رکيو ۽ کيس ڏڍ ڏيندي چيائين:

”پياري ڌي! ھي سنڌباد آھي. ھي تنھنجي گھوٽ جي ڳولا ۾ سڄي پرٿوي ووڙيندو ۽ سمورا سمونڊ ڇاڇوليندو. خوش ٿي. منھنجي دل شاھدي ٿو ڏئي تھ ھي نوجوان تنھنجي گھوٽ کي ڳولي لھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. خوشيءَ مان ھن کي آشيرواد ڏي ۽ دعا ڪرينس تھ ھي پنھنجي سفر ۾ ڪامياب ٿئي.“

راجا جي ڳالھھ ٻڌي ڄامڙي سنڌباد کي کيڪارڻ لاءِ ريشمي پوتي جو پلئھ ھٿ جي تري تي ڏئي، سر جھڪائي ننڍڙو ھٿڙو سنڌباد ڏانھن وڌايو. سنڌباد پنھنجو وڏو وڏو ھٿ ھوريان ڄامڙي جي مٿي تي رکي، پوءِ سندس ننڍڙي ھٿ سان پنھنجو ھٿ ملايو ۽ چيائينس:

”تنھنجي گھوٽ جي ڪا نشاني توکي ياد آھي؟“

”ھا، ھن جي کاٻي ڳل تي ھيٺئين چپ وٽ ڀورو تِر آھي.“

”ٻي ڪا نشاني....؟“

”ھن جھڙو ٻيو ڪو ماڻھو دنيا ۾ آھي ئي ڪونھ. اسان جي پاڻ ۾ نھ ملياسين تھ اسان جو نسل ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويندو.“ اھا ڳالھھ چوندي ڄامڙي جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. اھا ڳالھھ ٻڌي سنڌباد جي ھمدردي ساڻس ويتر وڌي وئي. چيائينس:

”آئون توسان وچن ٿو ڪريان تھ آئون تنھنجو گھوٽ ڳولي لھندس، ڀلي ھو دنيا جي ڪھڙي بھ ڪنڊ ۾ ھجي.“

”توکي يقين آھي تھ تون ھن کي ڳولي لھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين؟“

”ھا – ڇو تھ مون کي اھا ڄاڻ آھي تھ جيڪو بھ ڪم ماڻھو سچي دل ۽ نيڪ نيت سان ڪندو آھي تھ قدرت ان جو ساٿ ڏيندي آھي.“ سنڌباد جي واتان اھي گفتا ٻڏي، ڄامڙي جي دل کي ڄڻ آٿت اچي وئي.

ان کان پوءِ راجا، راڻي، ڄامڙي ۽ سنڌباد گڏجي ماني کاڌي. جڏھن سنڌباد سمھڻ لاءِ پنھنجي ڪمري ۾ وڃڻ لڳو تھ ڄامڙي چيس تھ: ”سنڌباد، سامونڊي سفر ڪندي توکي الائي ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون آڏو اچن. مون وٽ جادوئي سرمو آھي، جنھن کي اکين ۾ پائڻ سان ماڻھو پاڻي ۾ ڏسي سگھندو ۽ ساھ بھ کڻي سگھندو. ٻيو تھ ھي ڪارو مور مون کي پنھنجي ساھ کان بھ وڌيڪ پيارو آھي. اھو مور منھنجو اڏام کٽولو بھ آھي. ھي ڏاڍو سٺو ٽھوڪندو آھي، پر جڏھن کان اسين وطن کان وڇڙي ويا آھيون، ھن ٽھوڪڻ ڇڏي ڏنو آھي. سڄو ڏينھن ڳاٽ زمين سان ٽڪايو، الائي ڪھڙا پور پيو پچائيندو آھي. تون ھن مور کي پاڻ سان وٺيو وڃ. جنھن بھ ملڪ ۾ ھي ٽھوڪي، سمجھھ تھ منھنجو گھوٽ ۽ ھن جي ڪاري ڊيل انھيءَ ملڪ ۾ آھي. بس ھي مور تنھنجي رڳو ايتري مدد ڪري سگھندو.“ سنڌباد کي عجب لڳو تھ وطن کان جدا ٿي ماڻھو ڇا، پکي بھ پساھ ٽوڙڻ لڳندا آھن. ڄامڙيءَ جون ڳالھيون ٻڌي سنڌباد پاڻ بھ ڏاڍو ڏکوئجي ويو ھو. راڻي جي اکين ۾ بھ پاڻي اچي ويو ھو. راجا چپ ھو ۽ مور جو ڳاٽ ھيٺ جھڪيل ھو. ڌرتيءَ تي سڌو سڌو ڳاٽ رکيو، ڪارو مور ڄڻ بيمار پئي لڳو. سنڌباد کي مور جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھن انھيءَ ڪاري مور کي پيار مان کڻي ڪڇ ۾ ڪيو مٿانئس ھٿ ڦيرائڻ کان پوءِ کيس فرش تي ڇڏيائين ۽ پوءِ راجا ۽ راڻيءَ سان گڏ محل مان نڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org