سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نھ سھي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :7

ٽائٽانڪ جھاز جا اھم ڪردار

 

ٽائٽانڪ جھاز جي ”ٻڏڻ واري پوزيشن“ جوزف نالي فورٿ آفيسر ڪڍي ھئي. (جھاز جي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي سمنڊ تي رستو ڳولڻ وارو نيويگيٽر آفيسر، جيڪو چيف آفيسر (يا فرسٽ آفيسر) سڏجي ٿو. يعني چيف آفيسر کي پروموشن ٿيڻ تي ھو ڪئپٽن ٿئي ٿو. فرسٽ آفيسر کان پوءِ ھيٺ وارو آفيسر سيڪنڊ آفيسر سڏجي ٿو، پوءِ ٿرڊ آفيسر، پوءِ فورٿ آفيسر ۽ ان بعد ڊيڪ ڪئڊٽ، فورٿ آفيسر ۽ ڪئڊٽ ڪيترن ئي جھازن تي ھڪ کان وڌيڪ ٿين. پاڻيءَ جو جھاز ڏينھن رات ھلائڻو پوندو آھي. ھفتي جا ست ئي ڏينھن ۽ مھيني جا ٽيھھ ئي ڏينھن. ان ڪري واري وٽيءَ تي، ڪو سامونڊي نقشن تي پينسل سان رستو ٺاھيندو آھي، ڪو چنڊ، تارن ۽ ڏينھن جو سج جي پوزيشن Sextant اوزار ذريعي معلوم ڪري ڏسندو آھي تھ واقعي جھاز ان ٺاھيل رستي تي پيو ھلي يا ھيڏانھن ھوڏانھن ٿڙيو ٿو وڃي؟ ڪو لڳاتار سامھون ڏسندو رھندو آھي تھ سامھون يا پاسي کان ڪا شيءِ جھاز لاءِ رنڊڪ تھ پيدا نٿي ڪري؟ ھينئر رڊار بھ آھي، جنھن جي اسڪرين تي ٽيھھ چاليھ ميل پري جي بھ خبر پئجيو وڃي تھ سمنڊ جي مٿان ۽ ھيٺان ڇا آھي، نھ تھ اڳئين زماني ۾ - يعني ٽائٽانڪ جھاز وارن ڏينھن ۾ ٻھ ڄڻا کوھي (ٿنڀي) تي مٿي چڙھي اتان ڏسندا ھئا تھ ڪا شيءِ سامھون ھجي تھ اڳواٽ نظر اچي وڃي. سو ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ کان اڳ، جيتوڻيڪ سخت افراتفري ۽ نفسانفسيءَ جو عالم متل ھو پر فورٿ آفيسر جوزف تارن ذريعي ٽائٽانڪ جھاز جي پوزيشن معلوم ڪري ورتي تھ ان وقت ٽائٽانڪ جھاز دنيا جي گولي تي ڪھڙي ھنڌ تي آھي؟ ۽ وائرليس ذريعي جيستائين نياپو ويو ٿي، اطلاع ڪرائي ڇڏيائين تھ ٽائٽانڪ جھاز ٻڏي رھيو آھي. اوسي پاسي ۾ بيٺل ۽ لنگھندڙ جھاز ان پوزيشن (42oN, 47oW) وٽ پھچي، ٽائٽانڪ جي ٻڏندڙ ماڻھن جي مدد ڪريو.

فورٿ آفيسر وائيٽ اسٽار جھازران ڪمپنيءَ ۾ لڳاتار رھيو ۽ فورٿ آفيسر مان پروموشن ٿيندي ٿيندي آخر ۾ فرسٽ آفيسر ٿيو ۽ ڪنارڊ ڪمپني جي جھاز اڪيتانيا (Aquitania) تي آخر ۾ Sail ڪيو. 1967ع ۾ ھو 83 ورھين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. ھن جي وصيت موجب سندس لاش کي ساڙي، ان جي ڦلھير کي سمنڊ جي ان حصي تي ڇٽيو ويو، جتي ٽائٽانڪ جھاز ٻڏل آھي.

·          ڪارپاٿيا جھاز جيڪو ٽائٽانڪ ٻڏڻ بعد پھريون جھاز ھو، جنھن اچي ٽائٽانڪ جھاز جا ماڻھو کنيا، پھرين جنگ عظيم ۾ مسافر ۽ فوجي ڍوئيندر جرمن جھازن جي ٽورپيڊو جو شڪار ٿي ويو ۽ Bishop Rock کان 170 ميل پري ٻڏل آھي.

·          جھاز جي کوھي تي ٺھيل Crow’s nest (ڪانگ جي آکيري) ۾ ويھي سامھون ايندڙ جبل، جھاز، ٻيٽ يا ٻي آفت جي چڪاس لاءِ ويٺل ٻھ ڄڻا، جن برف جي ڇپ ڏسي، برج تي نيويگيشن آفيسر کي اطلاع ڪيو، انھن مان ھڪ خلاصي گريڊرڪ کي ٻيڙيءَ ۾ جاءِ ملي وئي ھئي ۽ سندس جان بچي وئي. ٽائٽانڪ بعد ھن ٻيا بھ 24 سال کن سامونڊي نوڪري ڪئي. ان بعد ”ھارلئنڊ ائنڊ وولف“ جھاز ساز ڪارخاني ۾ ڪم ڪيائين. اتان رٽائرڊ ٿيڻ بعد زندگيءَ جا آخري سال ھو سائوٿمپٽن بندرگاھ جي گھٽين ۾ اخبارون وڪڻي پيٽ گذر ڪندو رھيو. سائوٿمپٽن سندس ڳوٺ پڻ ھو، جتي ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. جنروري 1945ع ۾ سندس زال جي گذاري وڃڻ بعد ھن ڪپڙن سڪائڻ واري رسيءَ سان پنھنجو پاڻ کي ڦاھي ڏئي ڇڏي. ان وقت سندس عمر 76 سال ھئي.

·          ٽائٽانڪ ۽ اولمپڪ جھڙا جھاز انگلينڊ جي وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جا ھئا. جيڪا ڪمپني بذات خود انٽرنيشنل مرڪنٽائيل مئرين (IMM) ڪمپنيءَ جي ھڪ شاخ ھئي. ٽائٽانڪ جھاز ٻڏڻ تي انشورنس ڪمپنيءَ طرفان کيس ويھھ لک پائونڊ مليا ۽ کيس وڏي نقصان جي قيمت ملي وئي، پر ٽائٽانڪ جھاز ٻڏڻ بعد ھيءَ ڪمپني وري نالو ڪڍي نھ سگھي ۽ آھستي آھستي ٿي گمنام ۽ ماٺ ۾ ھلي وئي.

·          مسٽر بروس ”وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ“ جو ايم ڊي (مئنيجنگ ڊائريڪٽر) ھو ۽ IMM ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ بعد جيڪي آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ انڪوائري لاءِ ڪميٽيون ٺھيون، انھن جي سخت سوالن جي جواب لاءِ مسٽر بروس کي منھن ڏيڻو پيو ٿي. اھي ڪميٽيون آخر تائين ڪجھھ ثابت تھ نھ ڪري سگھيون، پر ھنن جو اھو ئي خيال ھو تھ مسٽر بروس کي مسافرن کان اڳ جھاز نھ ڇڏڻ کپندو ھو. آخر ۾ تھ ڪمپنيءَ جي مالڪن بھ اھو سوچي تھ متان ڪمپني بدنام ٿئي ۽ ڌنڌي تي اثر ٿئي، ھن کي ڏوھاري بنايو. نتيجي ۾ پاڻ بھ بيزار ٿي پيو ۽ 1913ع ۾ ڪمپني ڇڏي آئرلينڊ پنھنجي ڳوٺ گال وي ۾ اچي رھيو. اڳتي ھلي ھو ڊائبٽيز (مٺي پيشاب) جو مريض ٿي پيو. تن ڏينھن ۾ انسولين يا ٻي ڪا دوا ايجاد نھ ٿي ھئي. سندس ھڪ ٽنگ بھ خراب ٿي پئي، جيڪا کيس ڪٽائڻي پئي. ان بعد ھو انگلينڊ موٽي آيو ۽ 74 سالن جـي ڄـمار ۾ گذاري ويو.

                           (وڌيڪ پرهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org