سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نھ سھي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :8

 

·          جھاز ڏي رخ رکڻو آھي ۽ ماڻھن جي مدد ڪرڻي آھي) بھرحال! ثابت نھ ٿيڻ جي باوجود ڪئپشن اسٽينلي جي جھازران ڪمپني ”ليلئنڊ لائين“ ھن کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو. ان بعد ڪئپٽن اسٽينلي ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ ماڻھن جي دلين ۾ ويٺل غلط فھمي دور ڪئي وڃي، پر ھن جو ڪيس نھ ٻڌو ويو. گھڻو گھڻو پوءِ پيٽر پئڊ فليڊ نالي مئرين جي ھڪ مشھور ليکڪ 1960ع ۾ ھڪ ڪتاب The Titanic the Californian نالي ڇپيو، جنھن ۾ ھن بھترين نموني سان ثابت ڪيو آھي تھ ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ وقت ڪئليفورنين جھاز ويجھو نھ ھو. ڪئپٽن اسٽينلي 84 ورھين جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ گذاري ويو.

·          وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جو اولمپڪ جھاز جيڪو سائيز ۽ شڪل ۾ ٽائٽانڪ جھڙو ھو، (ان ڪري سسٽر شپ سڏبو ھو) ان کي شپ يارڊ ۾ وڌيڪ مضبوط بنايو ويو، جيئن ٽائٽانڪ جھڙي حالت درپيش اچي تھ مقابلو ڪري سگھي. ورلڊ وار ون (پھرين وڏي لڙائيءَ) ۾ اولمپڪ جھاز کي پئسينجر جھاز مان بدلائي ”ٽروپ ڪئريئر“ بنايو ويو – يعني آرامده ڪمرن بدران فوجين کي کڻڻ لاءِ سادا سودا ڪمرا ٺاھيا ويا ۽ مٿانئس توبون فٽ ڪيون ويون. لڙائيءَ دوران اولمپڪ جي توبن ذريعي ھڪ ٻھ جرمن يو بوٽس تباھ بھ ڪيون ويون، جن اولمپڪ جھاز تي حملو ٿي ڪيو. جنگ جي ختم ٿيڻ بعد ھن جھاز کي ڪوئلي بدران تيل تي ھلائن جو بندوبست ڪيو ويو. مئي 1934ع تي ھن جھاز جو نيويارڪ ويجھو ھڪ ٻئي جھاز سان ٽڪر ٿي پيو. سخت ڌنڌ ۽ ڪوھيڙي ڪري ھڪ ٻئي کي ڏسي نھ سگھيا. ٽڪر ٿيڻ تي ٻيو جھاز جيڪو ڪافي ننڍو ھو، اھو ٻڏي ويو ۽ ان جا ست ماڻھو مري ويا. آمريڪن حڪومت وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ کي نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ چيو. 1935ع ۾ اولمپڪ جھاز کي اسڪرئپ ڪيو ويو – (يعني ڀڃي لوھ جي قيمت ۾ وڪيو ويو)

مٿي سسٽر شپ (Sister -  Ship) جي ڳالھھ لکيل آھي. دراصل ڪي بھ ھڪجھڙا جھاز سسٽر شپ سڏجن ٿا. جھاز کي مؤنث سمجھيو وڃي ٿو، ان ڪري ”بردر شپ“ بدران سسٽرشپ چئجي ٿو ۽ جھاز لاءِ انگريزي ۾ She ضمير استعمال ٿئي ٿو، نڪي He. جھاز جڏھن بھ بيھي ٿو تھ Buoy سان ٻڌو وڃي ٿو. بئاءِ لوھ جا کوکلا پڃرا ٿين، جيڪي زنجير ذريڳي سمنڊ جي تري سان سوگھا ھوندا آھن. جھاز بندرگاھ ٻاھران بيھڻ وقت پنھنجو رسو Buoy سان ٻڌي بيھي ٿو، جيئن ھوا ۽ لھرن جي چرپر تي جھاز ھيڏانھن ھوڏانھن نھ ٿئي. ٻي ڳالھھ تھ سمنڊ تي کاري ھوا ڪري جھاز کي ڪٽ لڳي ٿي. ان ڪري جھاز کي ھر وقت رنگ روغن سان چمڪائڻو پوي ٿو. سو جڏھن ڪو چوندو آھي تھ جھاز کي مذڪر بدران مؤنث ڇو ٿو سمجھيو وڃي تھ جواب اھو ڏنو ويندو آھي تھ ان ڪري جو جھاز ھر وقت بئاءِ (ڇوڪر) ٿو ڳولي ۽ ھو ھر وقت عورتن وانگر رنگ روغن ڪري ٿو. ان ڪري جھاز ھڪ ڇوڪريءَ يا عورت مثل آھي.

·          ”ڪارپاٿيا“ جھاز جو ڪئپٽن آرٿر جنھن ٽائٽانڪ جھاز جا گھڻي کان گھڻا ماڻھو پنھنجي جھاز تي چاڙھيا، ھن ڪارپاٿيا جھاز بعد ماريطانيا جھاز جي ڪمانڊ ورتي – معنيٰ ان جھاز جو ڪئپٽن ٿيو. ان بعد 1928ع کان 1931ع تائين ھڪ ٻئي جھاز جو ڪئپٽن ۽ دنيا جي مشھور جھازران ڪمپني ڪنارڊ فليٽ (Cunard Fleet) جو ڪموڊور ٿيو. 1940ع ۾ گذاري ويو.

·          ٽائٽانڪ جھاز تي نھ فقط انگريز ۽ آمريڪن ھئا، پر مسافرن ۾ ڪجھھ ٻين بھ ملڪن جا پڻ ھئا. جيئن 1956ع ۾ ريڊرس ڊائجسٽ وارن ھڪ ڪتاب A Night to Remeber ڇپرايو، جنھن ۾ لکيل آھي: ”جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چڙھڻ وقت فقط انگريزن (Anglo Saxons) فضيلت کان ڪم ورتو. باقي فرينچ، اٽليءَ وارا، آرمينين، جپاني ۽ چيني خود غرض ۽ بي افعالا ثابت ٿيا.“

اھڙن حادثن وقت پھرين عورتن ۽ ٻارن کي بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چاڙھيو ويندو آھي ۽ پوءِ مردن کي. جان ھر ھڪ کي پياري آھي، جڏھن سر تي اچي ٿي تھ پوءِ ڪيترن کان اھڙا ڪتابي اصول وسريا وڃن. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن کي لاھڻ وقت جھاز جي آفيسرن پوري پوري ڪوشش ڪئي تھ زالون، ٻار ۽ پوڙھا پھرين چڙھن، پر ڪن ڪن مسافرن ۽ جھاز جي ماڻھن – خاص ڪري بورچين ٻيڙيءَ ۾ زوريءَ چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جھاز جي ڊيوٽي آفيسرن کين منع ڪئي. ٻين آفيسرن وٽ تھ پستول ھئا، جن اھڙي بي قائدگيءَ وقت ھوائي فائر بھ ڪيا ٿي.

·          جھاز ۾ ھڪ جپاني مسافر ماسابومي ھوسونو نالي پڻ ھو. ھن جي ان وقت عمر 42 سال ھئي ۽ جپان جو سرڪاري ڪامورو (Bureaucrat) ھو. پاڻ جپان جي وزارت ٽرانسپورٽ ۾ ھو ۽ يورپ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ جو تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ آيو ھو. ھاڻ آمريڪا (نيويارڪ) وڃي رھيو ھو، جتان پوءِ ٻئي جھاز ۾ پئسفڪ سمنڊ پار ڪري، ھوائي ٻيٽ کان ٿيندو، جپان موٽڻو ھو. ھو ٽائٽانڪ جھاز تي سائوٿمپٽن بندرگاھ مان چڙھيو ۽ ھن جي ڊائري مطابق، جيڪا ھن ٽائٽانڪ جھاز جي ليٽر ھيڊ تي حادثي کان پوءِ لکي آھي، ھو ستو پيو ھو تھ ڪنھن سندس سيڪنڊ ڪلاس جي ڪئبن جي در کي زور سان ٿڏو ھنيو. ھن اٿي در کولي ڏٺو تھ جھاز جو اسٽيوورڊ ھو، جيڪو ھن کي سندس حصي جي ھڪ لائيف جئڪيٽ ڏئي اڳتي ٻئي کي ڏيڻ لاءِ وڌي ويو. پينٽ قميص ۽ اوورڪوٽ پائي، مسٽر ”ھوسونو“ منجھيل دماغ سان ٻاھر نڪتو. ڊنر واري ڊانس پارٽيءَ توڙي شراب ڪواب سڀني جا مٿا ڳرا ڪري ڇڏيا ھئا. ويتر ڪچي ننڊ مان اٿڻ ڪري ھر ھڪ جون وايون بتال ھيون. ھي پھرين مٿين ڊيڪ ڏي ٿي ڀڳو، پر ماڻھن جي پيھھ پيھان ڪري وري ٻئي پاسي کان ڦري بوٽ ڊيڪ تي پھتو تھ ڏٺائين تھ لائيف بوٽن ۾ ماڻھن کي چاڙھي ھيٺ سمنڊ ۾ لاٿو پيو وڃي. اونداھ ڪارونڀار ڪري ڪا ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ پئي آيس ۽ ھر ھڪ ماٺ مٺوڙي ۾ ائين پئي ھليو ڄڻ سڀ ڪم ڳجھھ ڳوھ ۾ ٿي رھيو ھجي. ان ھوندي ’ھوسونو‘ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي: ”منھنجي دل اندران رڙي رھي ھئي. مون ذھني طرح پنھنجو پاڻ کي ھر ڳالھھ لاءِ تيار رکيو. پنھنجو پاڻ کي موت جي آخري سفر لاءِ ريجھايم. مون ڪابھ اھڙي ڳالھھ نٿي ڪرڻ چاھي، جنھن سان منھنجي ملڪ ۽ ماڻھن جو ناموس خراب ٿئي. پر ساڳي وقت آئون اھا بھ اميد رکيو ويٺو ھوس تھ، شل مون کي بھ ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ جو موقعو ملي وڃي ۽ پوءِ جھاز جي ھڪ آفيسر رڙ ڪئي: ”ٻيڙيءَ ۾ اڃا بھ ٻن ڄڻن جي جاءِ آھي.“ ھوسونو پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي ”آئون جيڪو اھو سوچي رھيو ھوس تھ ھاڻ آئون پنھنجي پياري زال ۽ ٻارن کي ڏسي نھ سگھندس، آفيسر جا اھي لفظ ٻڌي کڻي ٻيڙيءَ ۾ ٽپ ڏنم.“

بعد ۾ ھوسونو کي ڪارپاٿيا جھاز ۾ کڻي نيويارڪ پھچايو ويو. ٻن مھينن بعد جڏھن ھوسونو پنھنجي وطن جپان پھتو تھ ھن کي ھرڪو شڪي نگاھن سان ڏسڻ لڳو تھ ھن کي زندگي ڪنھن ٻئي جي موت جي بدلي ۾ ملي آھي. يعني ڪنھن ٻئي جو وارو – خاص ڪري ڪنھن عورت يا ٻار جو موقعو ماري پاڻ چڙھيو آھي. جپان ۾ اڄ بھ ضمير جي ملامت يا ٻئي جو پاڻ لاءِ خراب رايو، سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالھھ سمجھي وڃي ٿي. جنگ کان اڳ تھ جپان ۾ اڃا بھ گھڻو شرم جو ڪلچر ھو. جپانين شرم جي زندگي گذارڻ کان ٻڏي مرڻ بھتر سمجھيو ٿي. ماڻھن جي افواھن ۽ اخبارن ۾ غلط سلط خبرن ڪري جپان حڪومت ھوسونو کي 1914ع ۾ نوڪريءَ تان لاھي ڇڏيو. ھن ان بعد 1923ع تائين ھڪ خانگي آفيس ۾ ڪم ڪيو. ھن جي پوٽن ڏھٽن ٻڌايو تھ ھوسونوءَ شرم کان مرڻ گھڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جو ذڪر نھ ڪيو. ھوسونو 1939ع ۾ گذاري ويو ھو. ھوسونوءَ جي اھا ڊائري اڄڪلھھ ٽائٽانڪ فائونڊيشن وارن وٽ آھي، جيڪا ھنن نمائش طور رکي آھي.

·          آخر ۾ ڪجھھ ٽائٽانڪ جھاز بابت: جھاز آھستي آھستي ٿي

سمنڊ جي تري ۾ ھليو ويو. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ (Position) جي ان وقت ڄاڻ حاصل ٿي چڪي ھئي، پر اھا ھڪ اندازي مطابق ھئي. افراتفري جي عالم ۾ ان وقت آسمان تي چمڪندڙ تارن جو حساب ڪري ڳولي وئي ھئي. ان وقت اڄ جھڙا نھ ھئا سيٽلائيٽ نيويگيٽر ۽ نھ حساب ڪرڻ لاءِ نيويگيشنل ڪئلڪيوليٽر. پر انھن ڏينھن ۾ اھا پوزيشن ان حساب سان ڪافي ھئي. يعني پنج ڏھ ميل ھيڏانھن ھوڏانھن سان ڪو فرق نٿو پوي. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن ۽ ٻيڙين کي ڳولڻ لاءِ اھا اٽڪل طور ۽ (Approximate) پوزيشن ڪافي ھئي. بچائڻ وارا جھاز جڏھن پھتا ھئا تھ تيز ھوائن ۽ سامونڊي ڇولين ڪري مسافرن جا لاش ۽ ٻيڙيون، ڏھ ٻارھن ميلن تائين پکڙيل ھيون. بھرحال جھاز جي صحيح پوزيشن اڌ صديءَ کان پوءِ پھرين سيپٽمبر 1985ع تي پئي تھ ڪھڙي ھنڌ تي جھاز سمنڊ جي تري ۾ پيو آھي؟ دراصل سالن کان ٽوٻن (Divers) سمنڊ اندر غوطا ھڻي ٽائٽانڪ جھاز جي ڀڳل جسم (جنھن کي انگريزيءَ ۾ Wreck سڏجي ٿو) کي پئي ڳوليو، جيئن ممڪن ھجي تھ ان کي مٿي ڪڍيو وڃي. ٻڏندڙ جھاز کي مالڪ جي اجازت سان بچائڻ، ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪڻ يا ڇڏي ڏنل (Abandon) جھاز بچائڻ کي ”سالويج“ (Salvage) سڏجي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي ڪيتريون ئي سالويج ڪمپنيون آھن، جن کي پنھنجا ٽوٻا ۽ ٽگ بوٽ ٿين ٿا ۽ ھر وقت ھوشيار رھندا آھن – بلڪھ تاڙيندا رھندا آھن تھ ڪڏھن ٿو ڪو جھاز ٻڏي يا خطري ۾ آيل جھاز جو مالڪ کين مدد لاءِ سڏ ڪري، جيئن ھو سڀ کان اڳي پھچي وڃن. اھڙي نموني جي سالويج ڪرڻ ۾ وڏو فائدو آھي، جو فيءَ سان گڏ جھاز ۾ پيل مال جو پڻ وڏو حصو ملي ٿو.

ٽائٽانڪ جھاز جي ريڪ (ڍانچي) کي آمريڪا جي نيول جھاز USS KNORR، روبوٽ سان ھلندڙ سب مئرين ‘Argo’ ذريعي سمنڊ جي تري ۾ مٿينءَ تاريخ تي ڳولي لڌو. ٽائٽانڪ جو ريڪ سمنڊ جي تري ۾ ھڪ پاسي کان ليٽيل آھي، جيئن ماڻھو پاسيرو ٿي سمھي. اھو نيو فائونڊلئنڊ جي ڪناري کان 300 ميل پري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي، جتي سمنڊ سوا تيرھن ھزار فوٽ يعني چار ڪلوميٽر کن اونھو آھي. اھا اونھائي تمام گھڻي آھي. سمنڊ ۾ ھڪ اونھائي تائين – پنجاھ سٺ فوٽ تائين تھ ماڻھو وڃي سگھي ٿو، ان بعد ھيٺ وڃڻ لاءِ ھن کي خاص ڪپڙا کپن، جو جيترو ھيٺ وڃجي ٿو، اوترو پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ٿو ۽ خاص ڪپڙن سان بھ ھڪ حد تائين ھيٺ وڃي سگھجي ٿو. ان بعد ڪنھن بند ٿيل جھاز ۾ ھيٺ لھي سگھجي ٿو. آمريڪن نيوي وارن ٽائٽانڪ جي ڳولا لاءِ جيڪا آرگو نالي آبدوز (Submarine) سمنڊ ۾ ھيٺ لاٿي ھئي، سا بھ ڪا عام آبدوز نھ ھئي. ايترو ھيٺ وڃڻ لاءِ ھنن ھيءَ ھڪ خاص آبدوز ٺاھي، جنھن تي ماڻھن بدران روبوٽن ڪم ڪيو ٿي ۽ منجھس خاص قسمن جون رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائٽ ڪئميرائون فٽ ڪيون ويون ھيون، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي جون تصويرون مٿي بيٺل USS – Knorr جھاز تي موڪلينديون رھيون. تعجب جي ڳالھھ اھا آھي تھ ٽائٽانڪ جھاز جا ڪيترا ئي حصا تمام سٺي حالت ۾ آھن – شايد اونھي سمنڊ ۾ برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ ڪري. جھاز جو Stern (پويون حصو) غائب آھي – جيڪو جھاز ٻڏڻ وقت ٿيل ڌماڪن ۾ الڳ ٿي ويو ھو ۽ جھاز تھ اھي سمنڊ جي اونھائيءَ جا چار پنج ڪلوميٽر پار ڪري ھيٺ تري ۾ وڃي پيو آھي، باقي Stern (جھاز جي پڇڙي) سڌو ھيٺ وڃڻ بدران، ساڄي کاٻي سمنڊ جي اندرين ڇولين Under Currents جي زور تي ڪيڏانھن ڏور وڃي پٽ پئي آھي. رنگين تصويرن ۾ شراب (Wine) جا دٻا، گھرو سامان سڙو ۽ ٻيون ڪيتريون شيون صاف نظر پيون اچن، پر جھاز جي ڪجھھ حصن ۽ شين تي سينبار ۽ سامونڊي گاھ سپون (Sea Growth) پڻ چڙھي ويو آھي. جھاز جو اڳيون حصو ۽ ھڪ پاسو گھڻو ڌڪيل آھي. دراصل برف جي ڇپ (Ice berg) ان کي ايترو چيڀاٽيو جو جھاز جي پاسي جا ڪوڪا ڪنڊا (Rivets) ٻاھر نڪري آيا ۽ چوڌاري پاڻي ڌوڪي آيو. جھاز جي دونھين ڪڍڻ لاءِ چار چمنيون (Funnels) ھيون، جن مان ھڪ غائب آھي.

اڄ جي دور ۾ ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ اھو ايترو سولو ڪم ناھي، ان لاءِ وڏو خرچ، مشينري ۽ اٽڪل جي ضرورت آھي. ھڪ ھلڪي شيءِ کي رسو ٻڌي مٿان ٻئي جھاز تان ڇڪي سگھجي ٿو. ڳري شيءِ ڪناري تي بيھي ھيٺان کوھ مان تھ ڇڪي سگھجي ٿي، پر جھاز تي بيھي (جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري تي تري رھيو آھي) ھيٺان سمنڊ جي تري مان جھاز جھڙي ٻي ڇپ کي مٿي ڇڪي نٿو سگھجي. رسا ٻڌي مشينن ذريعي گھڻو زور ڏبو تھ ھيٺيون جھاز ٿورو مٿي چڙھي يا نھ، مٿيون جھاز جنھن تي توھان بيھي اھو ڇڪڻ جو ڪم ڪري رھيا آھيو، اھو سمنڊ اندر ھيٺ ٻڏڻ شروع ڪندو. بھرحال! ڪجھھ ٻيا طريقا ۽ اٽڪلون آھن، جھڙوڪ ٿلھي رٻڙ جو وڏو ڦوڪڻو ھيٺ ٻڏل جھاز سان ٻڌي، پوءِ ان کي ڪمپريسر ذريعي ھوا ڀرڻ سان ڦوڪڻو مٿي کڄڻ تي ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي کڻي سگھجي ٿو. پر ان لاءِ بھ خاص قسم جا ڦوڪڻا کپن ۽ انھن کي ٻڏل جھاز سان ٻڌڻ جا بھ ڪي طريقا ٿا ٿين ۽ ٽائٽانڪ جھاز تھ ايڏو ھيٺ اونھو آھي، جو اھي سڀ ڪم ڪرڻ بيحد ڏکي ڳالھھ آھي. ان کان علاوه جھاز – جنھن ۾ ڪيترا ئي ڪمرا، اسٽور، گودام، پاڻي، ڪوئلي، تيل جون وڏيون ناديون ٿين ٿيون. ڪجھھ عرصو گذرڻ بعد انھن سڀني ۾ گئسون ڀرجيو وڃن ۽ ٻڏل جھاز تي ڪم ڪندڙ سالويج وارا انھن گئسن يا ڪم دوران انھن گئسن ۾ ٿيل ڌماڪن ڪري موت جو شڪار پڻ ٿيا آھن.

سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ جھاز بچائڻ واريون سالويج ڪمپنيون يا ملڪن جون حڪومتون، اھڙن پراڻن جھازن جا ڍانچا تڏھن ئي بچائين ٿيون، جڏھن انھن ۾ ڪو مال ملڪيت ھجي. ٽائٽانڪ جھاز لاءِ چيو ويو پئي تھ ھن ۾ سون جون سرون (Bullion)، ڳھھ زيور ۽ ھيرا جواھر آھن، پر ان جو ڪوبھ پڪو ثبوت اڄ ڏينھن تائين نھ ملي سگھيو آھي، جنھن لاءِ ماڻھو خوار خراب ٿئي ۽ ڪروڙھا ڊالر خرچي، سالويج ڪرائي. انگلينڊ ڇڏڻ وقت ٽائٽانڪ جھاز 43 ملين پائونڊن ۾ ”ڪمرشل يونين انشورنس ڪمپني“ وٽ انشوئر ٿيو ھو، پر اھا پڪ ناھي تھ ان انشورنس ۾ رڳو ٽائٽانڪ جھاز ۽ ان جا مسافر انشوئر ٿيل ھئا يا جھاز جو ڪارگو (سامان) پڻ. سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ ڪيڏي بھ ڪوشش بعد ھن جھاز (ٽائٽانڪ) جي ڍانچي کي مٿي ڇڪڻ مشڪل تھ ڇا پر ناممڪن لڳي ٿو، جو جھاز نھ فقط تيرھن چوڏھن ھزار کن فٽ ھيٺ سمنڊ ۾ آھي، پر سمنڊ جي تري تي ھجڻ بدران تري تي پيل ريتيءَ ۾ پنجاھ کن فٽ ھيٺ دٻجي ويو آھي. ان کان علاوه جن مسافرن جا لاش نھ مليا، انھن جا مائٽ پڻ اھو ئي چاھين ٿا تھ ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي (ريڪ) سان ھاڻ ھٿ چراند نھ ڪئي وڃي، جو ٿي سگھي ٿو تھ ان اندر ڪيترن جا ئي لاش اڃا موجود ھجن ۽ مڇين انھن کي نھ کاڌو ھجي. جھاز جي اٿل پٿل تي اھي لاش نڪري ايندا يا سمنڊ جي اونھائيءَ ۾ رھندڙ خوفناڪ مڇيون جھاز جي ڍانچي ۾ ٿيندڙ وٿين مان اندر گھڙي وينديون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org