سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: 3

صفحو : 11

 

انڊيا ۾ اسان جا رهندڙ اوڏو

اسان وٽ اڏو برادري جا ماڻهو سنڌ ۾ حيدرآباد کان وٺي لاڙڪاڻي جيڪب آباد تائين رهن ٿا ان کان علاوه سنڌ کان ٿورو مٿڀرو پنجاب جي ڏکڻ واري حصي ۾ به رهن ٿا. جيڪي هونءَ عام طرح سرائڪي ڳالهائين ٿا جيئن سڌن جا اوڏ سنڌي، سڀئي اوڏن جي پنهنجي اوڏڪي مادري زبان آهي جيڪا بقول پروفيسر بسنت اوڏ جي سرائڪيءَ سان گهڻو ملي ٿي. پنهنجو پاڻ ۾ هو هميشه پنهنجي اوڏڪي زبان ۾ گفتگو ڪن ٿا. نه فقط پاڪستان جا اوڏ پر انڊيا جا پڻ. انڊيا ۾ مهاراشٽرا صوبي کان وٺي اترانچل صوبي ۽ دهلي جي راڄ ڌاڻي ۾ جتي ڪٿي هزارين اڏو فئمليون رهن ٿيون، دهليءَ کان ٿورو پر ڀرو ته هڪ سڄو ڳوٺ اوڏن جو آهي.

انڊيا ۾ رهندر اوڏن ۾ ڪيترا ته پهرين کان هتي جا رهاڪو هئا ۽ ٻيا ورهاڱي بعد يا ان کان پوءِ انڊيا اچي رهيا. اوڏ هميشه پنهنجي ڪميونٽي سان رهن ٿا جيئن آغا خاني ۽ بوهري وغيره ڇو جو اوڏن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون ۽ پوڄا پاٺ جا طريقا هندن کان به مختلف آهن. اوڏ شاديون به پنهنجي ئي ذات نيات ۾ ڪن. هنن ۾ ٻين هندن وانگر ڏيج (Dowery) جو چڪر ۽ پريشر ناهي. هنن جو ايامن کان بدي جي شاديءَ جو وهنوار هلندو اچي. پنهنجي نياڻي جتي ڏيندا انهن کان پاڻ به پنهنجي پٽ لاءِ وٺندا. پوءِ ان ريت ڪيترن غريبن ڪٽنبن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ۽ ڀلو ٿيو وڃي. جيئن اسان جي دوست نولراءِ جي والد نارائڻ داس ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڪري به پنهنجون نياڻيون غريب اوڏن کي ڏنيون ۽ سندس پٽن جيڪي ڪمشنر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ نيوي ۾ ڪئپٽن ٿي ويا انهن غريبن گهرن جي اوڏ ڇوڪرين کي قبول ڪيو جيڪي هنن جي مقابلي ۾ پڙهيل ڳڙهيل به نه هيون. رامچند اوڏ جي جڏهن شادي ٿي رهي هئي ته هو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر، NED ڪراچي مان سول انجنيئرنگ ۾ BE ۽ بئنڪاڪ جي يونيورسٽي مان ME ڪري هاڻ اسڪالر تي PH.D ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهيو هو. ڳوٺان شادي ڪري هو آمريڪا ٿي ويا ته ڪجهه ڏينهن لاءِ اسان وٽ ڪراچي اچي رهيا هئا. سندس زال وزيرا ان کي اڙدو ۽ انگريزي ته پري سنڌي به چٽي طرح ڳالهائڻ نٿي آئي. هوءَ اوڏڪيءَ ۾ ئي ڳالهائي رهي هئي. آمريڪا ۾ جنهن هنڌ رامچند کي رهائش ملي هئي ان پاڙي ۾ ته ڪو اردو يا هندي ڳالهائڻ وارو پاڪستاني يا انڊين ته نه هو پر سڄي شهر ۾ نه هو. رامچند کي ان جو ڪو فڪر نه هو. پنهنجي Style ۾ مرڪندي چيائين پاڻهي ٻئي ڄڻا گڏجي انگريزي ڳالهائڻ وارن کي منهن پيا ڏينداسين ۽ پوءِ جڏهن ڇهن مهينن کان پوءِ اسان جو جهاز آمريڪا ويو آئون ساڻن ملڻ ويس ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇهن مهينن جي ننڍڙي عرصي ۾ ڊاڪٽر رامچند جي زال وزيران نه فقط روان انگريزي ڳالهائي رهي هئي پر آمريڪن Acceent ۾! سچ چيو اٿن ته ڌارئي زبان ڳالهائڻ لاءِ Practice ضرروي آهي ۽ نه ڊگريون. اسان جي آس پاس ڪيترائي اهڙا مثال نظر ايندا جن ايم اي عربي، فارسي يا انگريزيءَ ۾ ڪئي هوندي پر انهن ملڪن جو ڪو اهل زبان ساڻن ڳالهائيندو ته هو ان جي ڳالهه ئي سمجهي نه سگهندا جواب ڏيڻ ته ٿيو پوءِ  جي ڳالهه. بهرحال هي اسان لاءِ پهرين اکين ڏٺو واقعو هو ته هڪ ڪنڊياري پاسي جي ڳوٺ جي ڇوڪري جيڪا ڪڏهن حيدرآباد به نه نڪتي هجي ۽ نه وري ستر واري ڏهي جي شروعاتي سالن تائين ڪي انگريزي ٽي وي چئنل هئا جن تان هوءَ انگريزي ٻڌي سگهي سا شادي بعد پهريون دفعو ڳوٺ ڇڏي ڪراچي مان ٿيندي آمريڪا جي ڪولورروڊ رياست جي هڪ شهر ۾ وڃي ٿي جتي هوءَ ڇهن مهينن اندر اتي جي مڪاني ماڻهن جي آمريڪن اسٽائيل انگريزي سمجهي ۽ ڳالهائڻ لڳي ٿي. ڊاڪٽر رامچند ۽ سندس زال جو مثال آئون هميشه پنهنجي پاڪستاني خاص ڪري سنڌ صوبي جي نوجوانن کي ڏيندو آهيان، جيڪي ولايت ۾ نوڪري ملڻ تي پنهنجن زالن کي پاڻ سان نه وٺي وڃڻ جو اهوئي سبب ڏيندا آهن ته ان ملڪ جي انگريزي، اسپيني، عربي يا ڪا ٻي ڌارئين زبان آهي ۽ سندن زالون ڪيئن گذارو ڪري سگهنديون. سچ ته اهو آهي ته ملائيشيا جي هڪ ٻيٽ نما ڳوٺڙي ۾ جڏهن مون کي نوڪري ملي ته آئون اهو معلوم ڪري في الحال پريشان ٿي ويس ته فقط آفيس جي چند سينيئر ماڻهن جي ٻيو سڄو اسٽاف فقط ملئي ٿو ڳالهائي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ به ملئي ٿي ڳالهائي وڃي. پر پوءِ ملائيشيا پهچڻ بعد مون ڏٺو ته پنهنجي جهازي انجنيئرنگ (Marine) جي Subject ۾ آئون ايڏو مشغول ٿي رهيس جو مون کان اڳ منهنجا ٻار ملئي سکي ويا ۽ ڪيترا لفظ مون کي کانئن پڇڻا پيا ٿي ۽ پوءِ ته باقي اٺ نو سال رهڻ دوران ٻارن تعليم به اتي جي ئي اسڪولن مان ورتي.

بهرحال اوڏن جي پنهنجي مادري زبان اوڏڪي آهي ۽ اها سڄي ننڍي کنڊ جا اوڏ ساڳي ٿا ڳالهائين جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته اها سرائڪي جي ويجهو آهي پر سرائڪي وري به مون جهڙي سنڌي ڳالهائيندڙ کي ڪجهه نه ڪجهه سمجهه ۾ اچيو وڃي ٿي پر اوڏڪي هرگز نه. اهو به چيو وڃي ٿو ته اوڏڪي تمام آڳاٽي زبان آهي. ان بابت اسان جي دوست نولراءِ جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر گلاب راءِ تحقيق جو هڪ ڪتاب پڻ لکيو آهي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وٽ ڇپائي لاءِ پهتل آهي. بهرحال وڌيڪ ان بابت ٻولين جا ڄاڻو ۽ عالم ڊاڪٽر ٻگهيو، سراج ميمڻ، عبدالجبار جوڻيجو، سنديلو صاحب، عرساڻي صاحب جهڙائي ڪجهه راءِ ڏيئي سگهن ٿا.

اوڏن جي شادين بابت لکي چڪو آهيان ته هنن شاديون پنهنجي ذات ۾ ئي ٿين ۽ بدي تي ٿين ٿيون. جنهن وٽ ڇوڪري ناهي ته اهو پئسا ڏئي پنهنجي پٽ لاءِ ننهن حاصل ڪري سگهي ٿو. بقول هڪ اوڏ جي هنن وٽ نياڻيءَ جو هجڻ ڪو مسئلو ناهي ڇو جو هنن وٽ ڏيج جو چڪر ناهي يعني نياڻي ڏيڻ سان گڏ ناڻو نٿو ڏئي جيڪو ٻين هند ن ۾ (هاڻ ڪجهه مسلمانن ۾ به) عام ٿيندو وڃي. اوڏن لاءِ بس اهو ضروري آهي ته پنهنجي ذات جو هجي. اهڙين شادين جا ڪيترائي مثال هن سنڌ ۾ ساڳيا آهن، ڪنڊياري جو نارائڻ داس صاحب (اسان جي ڪاليج جي ساٿي اوڏن: ارجن داس، نولراءِ ۽ رام چند جو والد) جن ڏينهن ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو ته انهن ڏينهن ۾ چتون مل اوڏ هڪ غريب پورهيت هو. پر پوءِ پنهنجن ٻن پٽن سري چند ۽ لڇمڻ جي رشتي لاءِ نارائڻ داس صاحب نه فقط چتون مل کان سندس ٻه نياڻيون، جهمي (شبانا) ۽ ريکا ورتيون پر پنهنجيون ڌيئرون ڪملا ۽ شانتا جو مڱڻو ننڍي هوندي ئي چتون مل جي پٽن مور ۽ دودي سان ڪرايو. چتون مل غريب ضرور هو پر هڪ غيرت مند ۽ محنتي اوڏ هو. هن ان رشتي بعد جيڪا محنت ڪري پنهنجن پٽن کي تعليم ڏيئي وڏي عهدي تي آندو اها هڪ الگ ڪهاڻي آهي. جيڪا اڄ جي ڪنهن به سست ۽ ٽوٽي ماڻهوءَ لاءِ اتساهه ۽ سبق آهي ۽ وري چتونءَ جي پٽن به پنهنجو پان کي لائق فائق بنائڻ خاطر محنت ۽ پورهيو ڪيو ۽ ڪنڊيارو جهڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪري پنهنجي اولاد کي جنهن نموني سان تعليم ڏياري اهو مثالي ڪم آهي. اڄ دودي جي پنجن ٻارن مان هڪ ڌيءَ (ڪرڻ) ۽ هڪ پٽ (سريندر) ڊاڪٽر آهن ۽ ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ انجنيئر آهن. اهڙي طرح ٻئي ڀاءُ مور (يعني جنهن سان رامچند جي ننڍي ڀيڻ ڪملا جي شادي ٿي آهي) جي چئن ٻارن مان وڏو منوج انجنيئر آهي. ان بعد هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ ڊاڪٽر آهن ۽ ننڍي راڌا اڃا ٻارهين ڪلاس ۾ آهي).

هونءَ پنهنجن ۾ شادي ڪرڻ ۾ جتي ٻن فئملين جي بهتري ثابت ٿي آهي اتي هر ٻار ضروري ناهي ته دودو ۽ مور وانگر محنتي ۽ غيرت وارو ثابت ٿئي ان ڪري ڪيترائي پنهنجن ۾ سنڱ مٿي جو سور پڻ ثابت ٿيا آهن. ڇو جو اوڏ برادريءَ ۾ هر هڪ پڙهيل ڳڙهيل، ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل ناهي جيئن پارسين ۾ آهي يا کڻي چئجي ته ڪنهن حد تائين سنڌ ورڪي هندن ۽ عاملن ۾ هلندو رهيو آهي. اڄ جون ڪيتريون ئي اوڏ فئمليون خاص ڪري سنڌ جون جتي اوڏ برداري هاڻ ايڏي وڏي نه رهي آهي هندن جي ٻين ذاتين ۾ شاديون ڪري رهيون آهن. اسان جي پاڙيسيري ۽ دوست نولراءِ جي هڪ ڌيءَ جي پڻ شادي ديوانن (هندن) ۾ ٿي آهي ۽ هاڻ هن جي پٽ مڪيش جي شادي پڻ گجرات ۾ هندن ۾ ٿي رهي آهي. ٻنهي کي انگلينڊ جي سٽيزن شپ آهي پر ٻنهي طرفان اهو طئي ٿيو ته لنڊن ۾ شادي ڪرڻ بدران مڱڻو پاڪستان ۾ ۽ شادي انڊيا ۾ رچائي وڃي. ساڳي طرح ڊاڪٽر رامچند جيڪو گذريل 30 سالن کان آمريڪا جو شهري آهي تنهن جي پٽ راجيش جو مڱڻو ايڪٽا سان ٿيو. ايڪٽا جا والدين دهلي جا هندو آهن پر سالن کان ڊينمارڪ ۾ رهڻ ڪري کين اتي جي شهريت مليل آهي. ڇوڪريءَ جو آمريڪا ۾ تعليم دوران اسان جي پيٽارو جي ساٿي ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش سان مڱڻو ٿيو ۽ شادي دهليءَ رچائڻ جو فيصلو ٿيو. ان ريت اسان کي انڊيا ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هڪ ڏينهن نول کي چيم ته اهو سٺو ٿيو نه ته توهان اوڏن جون شاديون هميشه گهوٽڪي، ڪنڊيارو ۽ ڏهرڪيءَ ۾ ٿين. توهان جي ٻارن سٺي همت ڪئي جو شاديون دهلي ۽ بڙودا ۾ رٿيائون ۽ ان ٻائي کي به Credit ڏيڻ کپي جنهن انهن شادين جي وچ ۾ مهينو کن Gap رکيو ۽ اسان کي هندستان جا ڪافي شهر گهمڻ لاءِ موقعو ۽ وقت ملي ويو. ياد رهي ته نول وارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جيڪر هڪ ٻن ڏينهن جي گيٽ بعد ٻي شادي به ٿي وڃي ۽ جلدي موٽي اچي نوڪرين ۽ ڌنڌ ڌاڙين کي منهن ڏجي. ڇوڪرين جا مائٽ به مڃي ويا پر پنڊت پڙهڻي بيهي رهيا ته ائين هرگز نه ٿيندو. هڪ جي هينئر ٿئي ۽ ٻئي جي لاءِ سٺو ڏينهن هوليءَ بعد ٿيندو. بهرحال نولراءِ ۽ سندس ڀيڻ ڀائرن لاءِ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ هي سٺو موقعو ثابت ٿيو آهي جو مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سڀ ڀائر ڀيڻون هتي اچي گڏ ٿيا آهن. هڪ ئي وقت گڏ مون به کين ڪاليج ڏينهن ۾ ڏٺو هو جڏهن هو سڀ ٻار هئا ۽ ڪنڊياري واري گهر ۾ رهيا ٿي. بهرحال هينئر به سڀ ته گڏ ٿي نه سگهيا آهن پر اهو کڻي چئجي ته هو گهڻي ڀاڱي اچي شامل ٿيا آهن جو سائين نارائڻ داس (نولراءِ جي پيءُ) کي ٽن زالن مان اوڻهين پٽ ڌيئرون آهن جن مان هڪ پٽ انجنيئر حشمت راءِ وفات ڪري ويو آهي. سندن هڪ ڀاءُ مير چند به موڪل نه ملڻ ڪري آمريڪا کان نه اچي سگهيو. نولراءِ جو هڪ ٻيو ڀاءُ ڪئپٽن امرچند جنهن جو تعلق اسان جي پروفيشن سان آهي ۽ جهازن جو ڪپئٽن آهي اهو به اچي نه سگهيو آهي، ڪئپٽن امرچند نيوزيلينڊ جو سٽيزن آهي ۽ انهن جا جهاز هلائي ٿو، هن شاديءَ لاءِ هو موڪل وٺي ڪراچي به پهتو ۽ هاڻ ٻئي ڏينهن اسان سان گڏ انڊيا اچي رهيو هو ته سندس جهاز ران ڪمپنيءَ جي مالڪ جو نيوزيلينڊ کان فون آيو ته هنن جو هالينڊ وارن کان نئون ورتل جهاز اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾ ڦاسي پيو آهي جو ان جي ڪئپٽن جي ماءُ گذاري وئي آهي. تون پنهنجن ڀائٽن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ بدران جيڪر ان جهاز کي اڄ ئي وڃي ڪمانڊ وٺين ته ڪمپني لکين ڊالرن جي نقصان کان بچي ويندي جو ان جهاز کي سڀاڻي تائين بارسلونا ڇڏڻو آهي ۽ ڪمپنيءَ وٽ ٻيو ڪوبه Stand By ڪئپٽن ناهي. هن ٽرپ جو پگهار به توکي ٽيڻو ڪري ڏينداسين ته ان بعد موڪل به ٽيڻي ڏينداسين.

هن ايمرجنسي جو ٻڌي جتي ڪئپٽن امرچند کي ڏک ٿيو اتي نول وارن کي به ته خاص ڪري هي ڀاءُ سالن بعد ڪراچي آيو آهي ۽ انڊيا هلي ٻين سان به ملي پر پوءِ وڏن ويهي اهو فيصلو ڪيو ته امرچند جو ڪراچي تائين اڄڻ به اسان ان کي شادي اٽينڊ ڪرڻ برابر ٿا سمجهون ۽ هو نوڪري لاءِ ضرور هليو وڃي جو جهازن جو مالڪ جنهن وٽ امرچند پراڻو ڪئپٽن آهي امرچند جو شروع کان خيال ٿو ڪري ۽ هن کي به مهل تي ڪم اچڻ کپي، ۽ ٻي ڳالهه ته امرچند پرديس ۾ رهيو پيو آهي ۽ کيس هن ٽرپ مان سٺو پگهار ملي ويندو ۽ پرديس ۾ رهڻ لاءِ هن جو سٺو وقت گذري سگهندو، ان فيصلي بعد ڪئپٽن امرچند کي اسپين روانو ٿيڻ لاءِ ايئرپورٽ ڇڏي آياسين.

دهليءَ ۽ دهلي جي آس پاس رهندڙ اوڏن ۾ ڪيترائي نول وارن جا ۽ هن جي ڀيڻوين جا مائٽ آهن جيڪي پهرين ڏينهن کان هتي اسان سان ملڻ ايندا رهن ٿا خاص ڪري ارجن داس ۽ آسودمل نالي جيڪي هتي جي حڪومت جا منظورشده بلڊر ۽ ٺيڪيدار آهن، سرڪاري رستن ۽ عمارتن جي ڪمن ۾ هنن جو ڪافي اهم حصو آهي. اسان کي هتي دهليءَ ۾ رهائش وٺرائي ڏيڻ ۾ يا ريلوي اسٽيشن کان گهر تائين يا ڪڏانهن پري وڃڻ لاءِ هنن جون پجيرو ٽائي به گاڏوين استعمال ڪندا رهون ٿا. هي ٻئي سڪرنڊ جا رهاڪو هئا ۽ ورهاڱي وقت هيڏانهن هليا آيا. سندن ٻارن ۽ ڀائٽين ڀاڻيجن، مختلف سبجيڪٽن ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. ٻن ٽن ڄڻن ته سول ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ به ڪئي آهي پر سرڪاري نوڪري جي کوٽ هجڻ ڪري هي سڀ اباڻو ڌنڌو Construction جو ڪن ٿا جنهن ۾ هو پاڻ کي خوش سمجهن ٿا. هنن وٽ کوٽائي توڙي رستا ٺاهڻ جون وڏيون ۽ طاقتور مشينون ۽ گاڏيون آهن، جڏهن به ڪنهن سرڪاري ٺيڪي جو اعلان ٿئي ٿو ته هي ٽينڊر ڀرين ٿا.

سڱابندي ڪري ارجن ۽ آسودرمل جي پاڻ ۾ هاڻ مائٽي به آهي جو هڪ ٻئي کي ڌيءَ پٽ ڏنو اٿن. هڪ ڏينهن هنن پاڪستان کان آيل اسان جي سڄي ڄڃ جي دعوت ڪئي ۽ شام ڌاري سندن ڇوڪرا چار پنج کن وڏيون گاڏيو ڪاهي آيا ۽ اسان کي پنهنجي گهر وٺي هليا جيڪو دهليءَ جو هرڪيش نگر علائقو سڏجي ٿو. ايشيا جي سڀ کان وڏي ”پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ دهلي“ وٽان بيحد سوڙهين گهٽين مان گاڏيون گهمائيندا پوءِ هي پنهنجي رهائشي علائقي ۾ پهتا. انهن سوڙهين گهٽين جي ٻنهي ڪپرن تي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلو ميٽر ۾ مرد ۽ عورتون فوٽ پاٿ تي ڀاڄيون، ميوا پلاسٽڪ جو سامان، ڪپڙا بوٽ ۽ ٻيو سامان رکي وڪڻي رهيا هئا. ڪراچي جي کارادر ۽ مڇي مياني مارڪيٽ وارو حال هو. بلڪه ان کان به وڌيڪ عوام ۽ سوڙهيون گهٽيون هيون، مانيءَ جو بندوبت هڪ ننڍن فليٽن واري عمارت جي پهرين ماڙ تي ٺهيل هال ۾ ڪيو ويو هو. آسودو مل جي نوجوان ڀائٽين، ڀاڻيجن مان هڪ لعل چند نالي همراهه (جنهن انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي آهي ۽ هاڻ انڊيا جي ڪجهه پراڊڪٽس جو مارڪيٽ مئنيجر آهي) تنهن ٻڌايو ته دهليءَ جو هي علائقو هرڪيش نگر اڄ کان ٽيهارو سال اڳ دهليءَ جي پسگردائيءَ جو هڪ ڳوٺ هو جتي پاڪستان کان لڏي آيل اسان جا وڏا جيڪي ڪجهه پهريان سال گجرات ۽ مهاراشٽر صوبن جي ڳوٺن ۾ رهيا سي پوءِ لڏي هيڏانهن آيا ۽ هي جيڪي ان وقت خالي پٽ هئا اتي گهرڙا اڏائي رهي پيا. دهلي هندستان جي گاديءَ جو شهر هجڻ ڪري تيزي سان وڌندو رهيو ۽ اڄ هي ڳوٺ به دهلي شهر جو حصو ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ اسين هتي سڀ غير قانون قبضو ڪري رهندڙ آهيون پر هاڻ ٻه پيڙهيون رهندڙن کي سرڪار هتان ٻي ڪهڙي هنڌ جاءِ ڏئي. ٻه چار ماڻهو هجن ته به ٺهيو هتي ته اسين هزارن جي تعداد ۾ اوڏ آهيون، سو اسان کي هتي ڇڏيو ويو آهي بلڪه بجلي ۽ پاڻيءَ جي به سهولت مهيا ڪئي وئي آهي. گڏوگڏ  سرڪاري پرائمري اسڪول به آهي جتي اسان جا ٻار تعليم پرائين ٿا.

”توهان کي ڪيئن لڳو انڊيا؟“ هن مون کان پڇيو.

”صحيح لڳو. هندستان ايڏو وڏو آهي جو هن ۾ هڪ ٽوئرسٽ جي ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي مختلف تواريخي ۽ ثقافتي شيون موجود آهن جن کي توهان جي حڪومت ان ئي حالت ۾ برقرار رکيو ويٺي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هيڏي عوام ۽ غربت هوندي به امن امان جي حالت حير انگيز حد تائين بهتر آهي. ڌارين ملڪن جون ويندي ڇوڪريون بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڏينهن رات پيون سفر ڪن ۽ گهمن ڦرن. ميڊيا ذريعي جيڪا ٻاهر جي دنيا کي Disinformation پهچي ٿي ته انڊيا ۾ مسلمان هندن جي ظلم هيٺ آهن اها نظر نٿي اچي.“

”بلڪل صحيح ٿا چئو، هتي توهان ڏسندئو ته ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نه ايندائو“ لعل چند چيو، ”هر هڪ کي مذهب جي آزادي آهي. مسلمان هجن يا سک يا عيسائي هنن کي پنهنجي طريقي سان عبادت ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڪالهه توهان جامع مسجد دهليءَ ۾ جمعي جي نماز تي ويا هيئو توهان ئي ٻڌايو ته ڪيڏي عوام هئي. جمع نماز تي هر مسجد جو اندريون ۽ ٻاهريون پٽ ته نمازين سان ڀرجيو وڃي پر رستا به بلاڪ ٿيو وڃن پر آهي ڪنهن هندوءَ جي مجال جو هي چوي هتي مسلمان نماز ذريعي رستا بلاڪ ڪريون ٻين کي تڪليف ٿا پهچائين. هرگز نه. سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، ڇو جو انڊيا جي Constitution ۾ مسلمانن  کي پنهنجي عبادت ۽ مسجدون قائم رکڻ جو حق مليل آهي. ان جو مطلب اهو نه آهي ته پاڪستان ۾ هندن يا عيسائين کي به ايترو ملڻ کپي. هرگز نه. اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان اسلام جي لاءِ ملڪ ٺهيل آهي. بس رڳو ايترو سو امن امان هجڻ کپي جو ٻين مذهب جي ماڻهن کي تنگ نه ڪيو وڃي جنهن لاءِ محمد علي جناب صاحب چيو هو پر ان تي عمل نٿو ٿئي ۽ پوءِ نقصان ڪنهن جو آهي، پاڪستان جو ئي آهي سٺا سٺا ۽ امير عيسائي، پارسي ۽ اسان جا هندو نه چاهيندي به مجبور ٿي پنهنجو پراڻو وطن ڇڏيو هندستان يا ٻين ملن ڏي هليا ٿا وڃن ۽ هننن جي پئسي ۽ عقل مان ٻيا ملڪ فائدا وٺن ٿا.“

هڪ ٻي Point جيڪا لعل چند جي مون نوٽ ڪئي:

”انڊيا ۾ عوام وڏو آهي، غربت آهي پر جمهوريت آهي، ان جمهوريت ڪري ئي اسان جهڙا غريب به شير آهن، قاعدو قانون آهي ڪوبه پوليس وارو يا سپاهي بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪنهن کي هٿ نٿو لاهيو سگهي، چاهي توهان قسطن تي ٽيڪسي ورتي هجي يا اهو امير هجي جنهن جون پنجاهه ٽيڪسيون هلنديون هجن ٻئي ڄڻا قانون کان هڪ جهڙو ڊڄن ٿا. قانون لاءِ ٻئي ساڳيا آهن. هن ملڪ جي هيڏي وڏي اڪثريت هندن جي هوندي به ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف (اعليٰ فوجي آفيسر) اقليتن مان آهن.“

لعل چند اوڏ واتان ٻڌيل ڳالهين مان هڪ ٻي Point جيڪا پڻ قابل غور آهي ته ”دهلي ۽ انڊيا جا بيا شهر جيڪي هڪ مغرب جي رهاڪوءَ کي اڃا به خراب لڳي رهيا هوندا ۽ ويهه سال کن اڳ ته حالت خراب هئي، ٽريفڪ جي جام ٿيڻ ۽ گندگيءَ جو ته ڪو ڪاٿو ئي نه هو، سي ڏينهون ڏينهن بهتري طرف وڌي رهيا آهن. حڪومت عوام جي رهائش ۽ روڊ رستن ۽ ٽرانسپورٽ جو ايڏو خيال رکي رهي آهي جو بقول حڪومت جي واقعي لڳي ٿو ته 2020ع تائين اسان جو ملڪ انڊيا سونهن شڪل ۾ به ته ايڪانامي ۾ به ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو وڃي ملائيندو.“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي وڏن شهر جا به گهڻي ڀاڱي حصا لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد کان گدلا آهن پر جيڪڏهن لعل چند جي مٿين ڳالهه صحيح آهي (۽ لڳي به ٿو ته صحيح هجي جنهن جا دليل هيٺ لکان ٿو) ته پوءِ اهو وقت پري نه آهي جو ڏسندي ئي ڏسندي اسان اتي ئي رهجي وينداسين ۽ انڊيا اسان جو Opponent هڪ ٻيو ملائيشيا، سنگاپور ۽ ڪوريا وڃي ٿيندو.

مٿين ڳالهه جي حقيقت هنن دليلن ۾ ڏسان ٿو ته دهلي جو شهر جنهن ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ پنج Fly Ovrer به نه هئا اڄ 68 مڪمل آهن جتان بسون لاريون ۽ موٽرون هلن ٿيون ۽ ساڳي وقت پنجويهه هڪ ئي وقت ٺهي رهيا آهن. Under Construction آهن. يعني ٻن سالن اندر اهي به ٺهڻ تي ٽريفڪ وڌيڪ آسان ٿي پوندي ۽ اهوئي حال انڊيا جي ٻين شهرن ۾ آهي. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ان پئماني جا فلاءِ اوور پنج به نه آهن ۽ ڊيولپمينٽ جو هر ڪم سست آهي.

دهليءَ جهڙي ڳتيل، پراڻي ۽ عمارتي شهر ۾ هن سال کان مونو ريل لاءِ انڊر گرائونڊ ۽ گرائونڊ مٿان رستو ٺاهڻ ۽ ماڊرن ۽ آرامده  مونوريل هلائي شهرين لاءِ سهوليت مهيا ڪرڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي.

دهلي شهر جي رستن ۽ گهتين ۾ جيتوڻيڪ اڄ به رستن تي گندگي ۽ اوور فلو ٿيندڙ گٽر، بيمار ۽ ۽ پوڙهيون ڍڳيون، سوئر، ڪتا نظر اچن ٿا ۽ رات جو ماڻهن کي مڇر پٽين ٿا پر تنهن هوندي به رکي رکي ڪن ڪن هنڌن تي وڏا ۽ خوبصورت پارڪ ڏسيو دل خوش ٿيو وڃي جن ۾ ڪجهه ته لوڌي باغ، امير خسرو پارڪ، نهرو پارڪ جهڙا قديمي ۽ پراڻا پارڪ آهن پر ڪيترن لاءِ ماڻهن ٻڌايو ته اهي هاڻ ٺاهيا ويا آهن. ٻه سال کن اڳ انهن هنڌن تي گند جا انبار هوندا هئا، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جن مان هڪ ملڪ جي ترقي ڏي وڌندڙ گراف جي تيزي ظاهر ٿئي ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊيا ۾ شروع کان وٺي تعليم تي وڏو زور آهي. انڊيا جي هر شهر ۾ يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ پوليٽينڪن ۽ IT جا درسگاهه ۽ منجهن اعليَ تعليم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن جا ڌڻ نظر اچن ٿا ۽ هتي جو شاگرد نه فقط  ڊگري حاصل ڪري ٿو پر علم ۽ تجربو پڻ اهوئي سبب آهي جو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ نوڪرين ذريعي اڄ ڪلهه جيڪا فارين Exchange انڊين ڪمائي رهيا آهن ان جو مقابلو ڪو يورپي ملڪ به نٿو ڪري، اسان جي عرب سڳورن جي ملڪن ۾ توڙي ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن ملڪن ۾ ته انڊيا جي ماڻهن جو هولڊ پهرين کان هو، بقول هڪ پاڪستاني انڊسٽري واري جي جنهن جا ڪارخانا دبئي ۾ آهن جن ۾ انڊيا جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا. ”انڊين محنتي آهن، کين معلومات ۽ ڪم جو تجربو آهي ۽ هو ايمانداريءَ ۽ نهٺائيءَ سان ڪم ڪن ٿا. گهٽ پگهار ۽ گهڻي ڪم ۾ به منهن نٿا گهنجائين.“

بهرحال انڊين کي ٻاهرين ملڪن ۾ ملندڙ Jobs مان هڪ طرف فارين ايڪسچينج جي آمد ٿي رهي آهي ته امن امان ۽ حڪومت جي Stability ڪري ڌارين ملڪن جا امير ماڻهو انڊيا ۾ ڪارخانا لڳائي انڊين کي گهر ويٺي جاب Provide ڪري رهيا آهن. انڊيا ۾ فلئٽ يا گهر جي قيمت اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آهي پر انڊين نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ ملندڙ نوڪرين مان ايڏي بچت ٿي رهي آهي جو هر ڪو هڪ ڏينهن پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو. نه فقط ڏسي ٿو پر هن کي يقين آهي ته سندس اهو خواب ساڀيان ٿيندو ۽ ملڪ به ترقي ڪندو. مون کي ته لڳي ٿو ته پنجن سالن بعد هنن ٽن (شهرن) جو نقشو ئي ٻيو ٿي ويل نظر ايندو.

دهلي جي هرڪيش  نگر علائقي ۾ رهندڙ اوڏن اسان کي جيڪا ڊنر ڪئي ان ۾ اهو ڏسي مون کي ۽ مون سان گڏ سڀ ڄاڃي اوڏن کي خوشي ٿي ته ان ۾ ڀاڄين ۽ دال سان گڏ هڪ ڊش چڪن جو ۽ هڪ مڇيءَ جو پڻ هو، دهليءَ ۾ شروع وارا ڏينهن جنهن هوٽل ۾ رهياسين اها Vegeternian هئي يعني ان ۾ ڪنهن به قسم جو گوشت يا مڇي پلو تيار نٿي ٿيو. صبح شام رڳو دال، پٽاٽا  ۽ ٻي ڀاڄي کاڌيسين ٿي. اها هوٽل هڪ سک جي دهلي جي ڪارول باغ واري علائقي ۾ هئي. شاديءَ ۾ به ٻئي ڏينهن ڀاڄيون هيون ۽ پوءِ جڏهن نول ٻڌايو ته هتان هوٽل مان ٽپڙ کڻي ٻئي هنڌ ٿا هلي رهون جتي مون ٻن بورچين جو بندوبست ڪيو آهي جيئن اهي اسان جي مرضيءَ جي ماني ٺاهي ڏين ته اهو ٻڌي سڀ خوش ٿيا. اسان جي رهائش جي هيءَ جاءِ ”ڪالڪا جي“ واري علائقي ۾ اگروال ڌرمشالا هو. جتان هن وقت هي لکي رهيو آهيان. هي ٽي ماڙ ڌرمشالا هتي جي ڪجهه سخي هندن چندو گڏ ڪري ٺهرايو آهي. هيٺ تمام وڏو هال ۽ بورچي خانون آهي، پهرين ۽ ٻي ماڙ تي هوٽل وانگر ڏهه ڏهه ڪمرا باٿ روم سان گڏ آهن. هن ڌرمشالا جا ڪمرا فقط انهن کي مسواڙ  تي ملي سگهن ٿا جيڪي شاديءَ لاءِ ٻئي شهر يا ملڪ کان دهلي اچن ٿا. هن قسم جا ڌرمشالا ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به امير ۽ سخي هندن عوام جي سهوليت لاءِ ٺهرائي ڇڏيا آهن ته جيئن پرديس کان آيل ماڻهو مناسب اگهه تي سٺي ۽ فضيلت واري رهائش جو سک ماڻي سگهن. ”ڪالڪاجي“ جي هن Aggarval Dharmshala جي هر ڪمري ۾ بجلي پکو ۽ باٿ روم ۾ پريشر سان پاڻي موجود هو پر هنڌ بسترا ۽ کٽون ڪرسيون نه هيون. نول جيڪو پهرين به دهلي ۾ رهي چڪو آهي ان اسان کي چيو ته اهو مسئلو به پنجن منٽن ۾ حل ٿيو ٿو وڃي. هن وٽ هن علائقي جا ڪجهه ٽيليفون نمبر هئا جيڪي گهر جو مختلف سامان مسواڙ تي ڏين ٿا، ۽ پوءِ فون ڪرڻ بعد يڪدم هڪ سک ٽرڪ ۾ ٽيهارو کن کٽون، ڪرسيون ۽ هنڌ بسترا کڻي آيو ۽ ٻيو (اهو پڻ سک هو) مزدا گاڏيءَ ۾ پاڻيءَ جا ٻه ڪولر ۽ ڊسٽلڊ واٽر جون ڏهه کن وڏيون بوتلون انهن ڪولر ۾ وجهڻ لاءِ کڻي آيو. اسان وهنجي سهنجي تازو ٿي گهمڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. ايتري ۾ ماني به تيار ٿي وئي. خبر پئي ته هن بورچيءَ پڻ رڳو دال ۽ ڀاڄيون ٺاهيون آهن، نول جي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن ڌرم شالا جي قانون مطابق ڪابه گوشت واري، شيءِ رڌي نٿي سگهجي. نول هن کي ٻئي ڏينهن نيرن ۾ بيضن ٺاهڻ لاءِ چيو پر خبر پئي ته بيضي جي به اجازت ناهي. سو ڪيترا ڏينهن داليون کائڻ بعد هن دعوت ۾ چڪن ۽ مڇي ڏسي خوش ٿياسين. دعوت ۾ جيڪو ٻوڙو بچيو اهو به پيڪ ڪري اسان کي ٻي ڏينهن کائڻ لاءِ ڏنائون جيڪو اسان لڪائي ڌرم شالا ۾ آندو ۽ اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪئي ته سنڌ کان آيل اسان جا سڀ ڄاڃي اوڏ گوشت ۽ مڇي کائي رهيا هئا پر هتي (دهلي) جا اوڏ (جن جو جيتوڻيڪ اصل ڳوٺ سڪرنڊ، ڪنڊيارو، روهڙي ۽ لاڙڪاڻو وغيره هو يعني جتان جا هي ڄاڃي هئا) گوشت ۽ مڇي نه کائي رهيا هئا.

ٻئي ڏينهن نول جي وڏي ڀاءُ ادا گلاب راءِ کان ان جو پڇيم ”بس هي وري هتي اچي ميشوري ٿي ويا آهن ۽ گوشت مڇي کائڻ کان پرهيز ڪن ٿا.“

”هونءَ مون کي هڪ هندو پنڊت سنگاپور ۾ ٻڌايو ته هندو ڌرم ۾ گوشت تي بندش نه آهي. جين ڌرم جي مشهور ٿيڻ تي (جيڪو ڪنهن به ساهواري شيءِ کي مارڻ کان منع ٿو ڪري) هندو ازم ۾ جين ڌرم وانگر ساهواري شيءِ کائڻ تي بندش وڌي وئي.“ مون گلاب راءِ کي ٻڌايو.

”نه ائين نه آهي هندو ڌرم ۾ شروع کان گوشت کائڻ جي جهل آهي ۽ اها ڳالهه ويدن ۾ به آهي.“ گلاب راءِ صاحب ٻڌايو، ”دروپدي جنهن بادشاهه جي ڌيءَ هئي، ان زماني جي رسمن مطابق اهو شرط وڌو ته آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان سان ڪرائيندس جيڪو منهنجو شرط کٽي. هن اهو شرط رکيو ته هڪ مڇيءَ کي ڏهه فٽ مٿي ٽنگيو وڇي جنهن جي هيٺان ڪنهن ٿانو ۾ پاڻي رکيو وڃي جيئن مڇيءَ جو اولڙو ان پاڻيءَ ۾ پئجي سگهي ۽ پوءِ Direct مڇيءَ کي ڏسڻ بدران هيٺ پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جي عڪس کي ڏسي مٿي مڇيءَ جي اک ۾ تير هڻڻو هو. ارجن ۽ ان جا چار ڀائر شڪار کيڏندي ان بادشاهه وٽ وڃي پهتا. ارجن نشانو چٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ بادشاهه دروپدي هن جي حوالي ڪري ڇڏي. هو جڏهن گهر پهتا ته ماءُ کان پڇيائون ته مليل شيءِ جو ڇا ٿيندو. ماءُ کي اها خبر نه هئي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي. هن هميشه وانگر هنن کي چيو ته بابا سڀ ڀائر ورهائي کڻو ۽ پوءِ دروپدي سال جا 73 ڏينهن ارجن سميت هر هڪ ڀاءُ وٽ گهارڻ لڳي. دروپديءَ کي سندس مڙس ارجن ۽ ڏيرن مان جيڪو اولاد ٿيو ان پاڻ کي مهيشري (ويشنو) سڏايو هنن پاڻ ۽ ٻين کي مڇي گوشت کائڻ کان منع ڪئي ان ڳالهه جو احوال ڀاڳوت گيتا ۾ آهي.“

”هندن جا اهم مذهبي ڪتاب ويد آهن.“ ڊاڪٽر گلاب راءِ وڌيڪ ٻڌايو، ”انهن ۾ به گوشت ۽ مڇي نه کائڻ جو احوال اچي ٿو. پانڊوون جو پيءُ گذاري ويو هن کي پٽ جو اولاد نه هو جيڪو پيءُ کي پاڻي ڏئي جيئن هو سرڳ ۾ وڃي. هاڻ ان مسئلي جو حل ڪيئن نڪري، پوءِ پانڊوون جي ماءُ کي ويدوياس نالي هڪ سوٽ، زال ڪري جيئن پٽ ڄمي ته پانڊوون جي پيءُ کي پاڻي ڏئي ۽ هو سرڳ ۾ وڃي سگهي. پانڊوون جي ماءُ درياه تي وڃي اکا (گل) وجهي پرارٿنا (دعا) ڪندي هئي ۽ قسم کڻندي هئي ته ويدوياس مان پٽ ڄمي ته مان ۽ منهنجو اولاد مڇي ماس سڄي عمر نه کائينداسين ۽ ويشنو ٿي رهنداسين. هي احوال رگ ويد جي باب ڏهين ۾ آهي جنهن ۾ مٿين عورت جو نالو به ڏنل آهي جيڪو هينئر مون کان وسري ويو آهي.“

هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي ادا گلاب راءِ چيو ته انڊيا ۾ گهمڻ ڦرڻ جو مزو ضرور آهي، هر هڪ کي ڪافي حد تائين آزادي به آهي پر ان هوندي به هتي ذات نيات اونچ نيچ جو وڏو چڪر آهي. هوٽل توڙي  بس يا ڪنهن پبلڪ پليس تي هر ڪو پهرين وڏي آڌرڀاءُ ۽ قرب ڏيندو ۽ پوءِ جيئن ئي خبر پوندس ته اڳلو هن کان هيٺاهين درجي جي ذات جو آهي ته لنوائي ويندو.“

”پر ٻئي کي ڪيئن ٿي خبر پوي ته هو فلاڻي فلاڻي ذات جو آهي.“ مون پڇيو“.

”ريتن رسمن مان يا نالي مان، اها اسان جي هندن ۾ خراب ڳالهه آهي جو ڪنهن کي سندس ڏات بدران ذات تي مان ٿا ڏين.“

”ڀلا سنڌ کان جيڪي اوڏ لڏي انڊيا آيا آهن اهي پاڻ کي اوڏ ٿا سڏرائين يا ڪا ٻي ذات؟“ مون پڇيو.

”هتي رهندڙ اوڏ پاڻ کي راجپوت سڏرائين ٿا پر سرڪاري طرح پاڻ کي Schedule ڪاسٽ ۾ درج ڪرايو اٿن.“ ادا گلاب راءِ ٻڌايو.

”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.

”جيئن حڪومت کان وڌيڪ سهولتون حاصل ٿي سگهن ڇو جو انڊيا ۾ جيڪي قومون اقليت ۾ آهن انهن لاءِ ڪيترين ڳالهين ۾ جهڙوڪ نوڪري ڌنڌو ڌاڙي وغيره ۾ ڪجهه ڪوٽا رکيل آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org