سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 14

 

هڪ مسافر لاءِ ضروري ڳالهيون

دهليءَ ۾ پهرين ڏينهن سو آئون پنهنجي گروپ جي ڏهه ٻارهن ساٿين سان گڏ گهمڻ نڪتس پر پوءِ مون اهو Realize ڪيو ته ولايت ۾ وڏي ٽولي سان گڏ  گهمڻ بدران اڪيلي سر نڪرجي يا وڌ ۾ وڌ هڪ ڄڻي سان، ڇو جو هر هڪ جا پنهنجا شوق رهن ٿا. ڪي شاپنگ جا شوقين ته ڪي تواريخي جايون ڏسڻ جا، ڪي فلمن ڏسڻ تي گهڻو وقت ڏيڻ چاهين ٿا ته ڪي مٽن مائٽن سان ملڻ تي. وري شاپنگ جو ئي کڻي مثال وٺجي ته عورتون ڪپڙا، ساڙهيون ۽ سينڊل قسم جو سامان خريد ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿيون ته مرد سي ڊي پليئر، واچون، جيسلميري جوتا يا ٻيو ڪجهه ۽ منهنجو خريداريءَ ۾ شوق فقط ۽ فقط ناياب ڪتاب هٿ ڪرڻ هو. هاڻ اهو ماڻهو جنهن کي ڪتابن جو شوق نه ههجي هو مون سان گڏ ڪتابن جي دڪانن ۾ اجايون اوٻاسيون پيو کائيندو يا هن جي خريداري واري دڪان ۾ منهنجو وقت پيو ضايع ٿيندو. ان ڪري مون پنهنجي لاءِ اهوئي بهتر سمجهيو ته آئون اڪيلو نڪري پوان ۽ اهوئي منهنجو سالن جو تجربو ٿو ٻڌائي ته پرديس ۾ گهمڻ وقت جتي تمام ٿورو ۽ مقرر وقت ٿو ملي اتي وڏو ٽولو ٺاهي نڪرڻ هر هڪ جي وقت جو زيان آهي. پر اڪيلو نڪرڻ ۾ جتي وقت بچي ٿو ۽ هر هڪ پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ ٿئي ٿو اتي هڪ پرديسي مسافر کي هڪ ٻه ڳالهيون ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپن. هڪ ته پنهنجي رهائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر نه فقط ياد رکجي پر پني تي چٽن اکرن ۾ لکي اڳين کيسي ۾ وجهي هلجي جيئين وسري وڃي خدا نه ڪري ڪو حادثو درپيش اچي ته ٻيا Identify ڪري سگهن ۽ پنهنجي رهائش جو پتو مختصر نه پر تفصيل سان لکجي. مثال طور ڌاريو ڪراچي جي کارادر ۾ اچي رهي ته هن لاءِ فقط کارادر ياد رکڻ ڪافي ناهي جو شهر گهمڻ بعد رڪشا يا ٽيڪسي واري کي فقط ايترو چوڻ سان ضروري ناهي ته هو کارادر جي ان هنڌ تي اچي ڇڏي جتي هن جي رهائش آهي. کارادر ته ٻه اڍائي ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ آهي. ان ڪري ضروري آهي ته پرديس ۾ جتي رهجي ان علائقي ۽ گهٽيءَ جو ته نالو ياد رکجي پر ڀرپاسي ۾ ڪا مشهور هوٽل، مندر، مسجد يا اسڪول، دڪان هجي ته ان جو به نالو ياد رکجي. اها جيتوڻيڪ هڪ معمولي ڳالهه آهي پر ان تي عمل نه ڪرڻ ڪري پرديس ۾ مون ڪيترن کي سخت پريشان ٿيندي ڏٺو آهي. ۽ ان کان علاوه ٻي اها ڳالهه ته پرديس ۾ ڪڏانهن گهمڻ لاءِ نڪرڻ وقت پنهنجي ٽولي جي ساٿين کي اهو ضرور ٻڌائي نڪرجي ته هو ڪهڙي پاسي وڃي پيو ۽ اٽڪل ڪنهن وقت موٽندو. جيئن ٻين کي آئيڊيا رهي. يا پروگرام بدلائڻ تي هو فون ذريعي پنهنجي ساٿين کي اطلاع ڪري. هڪ دفعي منهنجا ڪجهه پاڪستاني واقف ڪار بمبئي ويا، انهن مان هڪ ٻه ڄڻا روزمره جي روٽين موجب شهر گهمڻ لاءِ نڪتا. هڪ ڏينهن شهر گهمندي هو تاج محل ڏسڻ لاءِ آگره هليا ويا ۽ رات رهي ٻئي ڏينهن شام جو دير سان واپس وريا پر پٺيان اطلاع نه ڪرڻ تي سندن باقي ساٿين کي سخت فڪر ٿيو ته ڪنهن غلطي ڪرڻ ڪري پوليس وٽ ته نه آهن يا ڪو حادثو ته درپيش نه آيو اٿن ۽ هنن ظاهر آهي پوليس ۾ وڃي رپورٽ ڪئي ۽ پوءِ جڏهن هنن جو پتو پيو ته ماڳهين مٿين ڪيس ٿي پيو ته غير قانوني طور آگري ڇو ويائو جو توهان کي آگري وڃڻ جي ويزا ته نه هئي ۽ هاڻ اها بنا ويزا جي گهمڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته مٿين ٻن ڳالهين سان گڏ پنهنجن پڙهندڙ لاءِ هتي اهو لکڻ به ضروري سمجهان ٿو ته پرديس ۾ ڪنهن معمولي غيرقانوني ڪم ڪرڻ کان به گريز ڪجي ۽ جنهن ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ اچجي ان ملڪ جي قانون جو احترام ڪجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ قانون جي پوئواري ڪرڻ جي سختي ناهي ان ڪري اسان جي ملڪ جا اڪثر ماڻهو ٻين ملڪن ۾ Takeit granted وٺن ٿا ته کين ڪا چوڻ واري پهر ناهي. ڀلي غلط ڪم ڪندا وتن پر ضروري ناهي ته ان جي وٺ پڪڙ ٿئي. اها هنن جي غلط فهمي آهي. اڄڪلهه هر ملڪ ۾ ويندي ملائيشيا، ٿائلينڊ، سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ به قانون جي ايڏي سختي ٿي وئي آهي جو هڪ ڌارئين ماڻهوءَ کي فقط اهو چوڻ ته هو پرديسي آهي هن کي سندس ڪيل ڏوهه جي سزا کان بچائي نٿو سگهي. ان ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ جن شهرن گهمڻ جي ويزا ملي ٿي انهن شهرن ۾ ئي وڃڻ کپي. وڌيڪ شهر گهمڻ لاءِ ان شهر ۾ وڃڻ جي ضرور اجازت وٺجي. انڊيا ۾ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اهو قاعدو آهي ته توهان جنهن شهر ۾ وڃو ته ان شهر جي پوليس اسٽيشن کي پنهنجي آمد ۽ رهائش گاهه جو ضرور اطلاع ڪيو ۽ شهر ڇڏڻ وقت پڻ. مثال طور اسان کي دهلي، آگري ۽ لکنؤ شهرن جي ويزا مليل آهي. دهليءَ ۾ اچڻ سان اسان پوليس کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو، ان بعد آگري يا لکنؤ وياسين ته اتي پڻ پهچي پوليس کي اطلاع ڪيوسين. ان کان علاوه گجرات صوبي جي احمد آباد ۽ بڙودا شهرن يا مهاراشٽر جي شهر ممبئي ۾ وڃڻ چاهيوسين ته انهن لاءِ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيوسين ۽ پوءِ بڙودا يا ڪٿي به وياسين ٿي ته قانون موجب اتي جي پوليس اسٽيشن کي اطلاع ڪيوسين ٿي. دراصل ڏٺو وڃي ته ان قانون ۾ اسان مسافرن جو ئي فائدو آهي، ڇو جو خدانخواسته اسان جي ٽولي جو ڪو گم ٿي وڃي يا ڪو حادثو پيش اچي وڃي ته پوليس اسان کي Locate ڪري اطلاع ڏئي سگهندي. ائين ڪو گم ٿي وڃي ۽ خبر نه پوي ته ٻن ملڪن جي ڊپلوميسيءَ ۾ به خلل پئجيو وڃي جو پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ جي نه موٽڻ تي پاڪستان هندستان کان Claim ڪندو رهندو ته اسان جو ماڻهو ڪڏانهن ويو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ تي پوليس اسٽيشن ڳولي اتي وڃي رپورٽ ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن مٿي جو سور به ثابت ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ انڊيا جي پوليس فارينرس سان سٺو برتاءُ ڪري ٿي پر اسان جي ننڍي کنڊ جي پوليس مڙيئي پوليس آهي، پوءِ اهو ملڪ چاهي پاڪستان هجي، انڊيا يا بنگلاديش، ۽ انڊيا جي پوليس وڌيڪ سلجهيل ۽ سٺي هجڻ جي باوجود پنج ئي آڱريون برابر ناهن. منجهن ڪڏهن ڪڏهن ڪي پنهنجين پريشانين ۾ منجهيل هجڻ ڪري يا وري پنهنجي لاءِ ڏيکارڻ خاطر آيل مسافر کي چڱي طرح رخ نٿا ڏين ۽ جلدي فارغ ڪرڻ بدران ويهاريو ڇڏين ۽ وقت ضايع ڪن ٿا. بهرحال ايتري سهولت ضروري آهي ته نئين شهر ۾ پهچڻ سان يڪدم پوليس اسٽيشن تي رپورٽ ڪرڻ ضرور ناهي. پهچڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ ڪجي، سو بهتر اهوئي آهي ته ٿڪ ڀڃي پوءِ آرام سان وڃجي جيئن ڪجهه دير پوليس اسٽيشن تي وهيڻ تي بوريت نه ٿئي. ان کان علاوه انڊيا وارن ويهجهڙائي ۾ 60 سالن کان مٿي عمر جي سينئر سٽيزن لاءِ اهو رپورٽنگ جو قانون معاف ڪري ڇڏيو آهي، سو ان سک جو هن ٽرپ  ۾ مون کي به فائدو رسيو جو آئون 60 سالن کان چار مهينا کن مٿي ٿي ويو آهيان. هتي انڊيا ۾ عمر جي ان حساب سان هڪ ٻيو به فائدو رهيو ته ريل، بس يا هوائي جهاز جي سفر جي ٽڪيٽ به مون کي Discount ملي ٿي ويو.

سفر جي معاملي ۾ اسان وٽ بسيون سٺيون، تيز رفتار ۽ نيون آهن انڊيا ۾ وري ريل گاڏيون آهن. آهن ته هتي جا دٻا به پاڻ جهڙا ڇڪڙا پر انهن جي هر شيءِ ڪم ڪري ٿي. بٽڻ کي هيٺ مٿي ڪر ته بتيون ۽ پکا به هلن ٿا. آخري اسٽيشن تائين نلڪن ۾ به پاڻي اچي ٿو، نه فقط ايندو رهي ٿو، پر پريشر سان ايندو رهي ٿو. رات جي سفر ۾ سمهڻ لاءِ وهاڻو، ٻه چادرون ۽ بلاڪيٽ نه فقط ملن ٿا پر هر شيءِ ڊراءِ ڪلين ٿيل ۽ ٿيلهيءَ ۾ بند ملي ٿي. مختلف وقتن تي ماني، چانهه ڪافي، شربت، بسڪٽ ۽ ٻيون شيون سٺيون ۽ مناسب اگهه تي ملن ٿيون. مثال طور بسڪيٽن جو پڙو جيڪو عام طرح بازار ۾ ڏهين روپئي ملي ٿو سو هتي يارهين روپئي آهي. اهڙي طرح ٻين شين جو اگهه آهي. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ ٽرين ۾ يا پليٽ فارم تي هر شيءِ مهانگي ملي ٿي، هتي انڊيا ۾ گاڏيءَ سان گڏ هلندڙ ريلوي اسٽاف گاڏيءَ جي ڪمن ۾ مشغول رهي ٿو ان ڪري Toilet به هر وقت صاف سٿرو رهي ٿو دٻن جي ٻهاري سهاري به هر وقت ٿيندي رهي ٿي، گاڏيءَ جو ايئر ڪنڊيشنر به صحيح هلندو رهي ٿو. ڪراچيءَ کان لاهو ايندي وقت اسان جو پاڪستاني رسلوي اسٽاف سڄي واٽ لت کوڙي اسان جي ACC دٻي ۾ خالي بئنچن تي ستو رهيو. خانپور يا پنجاب جي ڪنهن اسٽيشن تي مسافرن جو تعداد وڌي ويو ته کين پاڻهي شرم ته نه آيو پوءِ نيٺ ٻين اٿارين تڏهن اٿيا پر پوءِ به دٻو نه ڇڏيائون. ڊگها ٿي سمهڻ بدران ويٺا رهيا. منجهد جو 12 کان پوءِ AC ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو پر AC لاءِ چڙهيل ٻه ڄڻا (هڪ وڏي عمر جو ۽ ٻيو تازو گريجوئيٽ ٿي آيل نوجوان) ڪجهه به نه ڪري سگهيا. نوجوان کي مون ڪجهه غيرت ڏياري ته توکي ته ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ کپي. اٿي ڏس ته گيس ليڪ آهي يا Expantion والو صحيه ناهي ته هن اٿڻ بدران اهوئي Reason ڏنو ته ”مون کي هيءَ نوڪري ملي وئي آهي پر مون کي Refrigeration جي معلومات ناهي جو مون اليڪٽريڪل ۾ B.E ڪئي آهي.“ ٻيا ته ٺهيو پر گاڏيءَ جي دٻن جا Spring وغيره چيڪ ڪرڻ وارو به سڄي واٽ ستو رهيو. خبر ناهي ڪيئن انهن جي گريزنگ ۽ Maintenance ٿئي ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته لوئر ACC جو تقريبا سڄو دٻو اسان لاءِ ڪراچيءَ کان کان لاهور تائين بڪ ٿيل هو. صبح جو ڪراچيءَ ۾ جڏهن اسان جي شاليمار ريل هلڻ لاءِ اچي پليٽ فارم تي لڳي ۽ اسان پنهنجي دٻي  ۾ گهڙياسين ته دٻو صاف سٿرو هجڻ بدران اٽڪل ڏهه کن سيٽن تي بلاڪيٽ ۽ چادرون اوڙهيو ريلوي جو اسٽاف ستو پيو هو. لٽرلي هڪ هڪ کي اٿاريو اٿائون. هڪ هڪ آرام سان ڪر موڙي، کانگهارا ڪڍندي، ٽائليٽ استعمال ڪري پوءِ دٻي مان ٻاهر نڪتو آهي ۽ پوءِ Toilets جي ٻاهران اسان جي ريلوي وارن اهو ڇو لکيو آهي ته ”ريلوي اسٽيشن تي جڏهن گاڏي بيٺل آهي ته استعمال نه ڪريو.“ هي ماڻهو ڪير آهن جيڪي ريل کي مفت جي هوٽل سمجهي استعمال ڪن ٿا ۽ ويندي وقت مسافرن لاءِ گند ڪريو وڃن. جيڪي سفر لاءِ ٻڪ پئسن جا ريلوي وارن کي ڏيئي ٽڪيٽ خريد ڪن ٿا. ان خيال کان انڊيا جي ريل جا دٻا بيحد صاف سٿرا نظر اچن ٿا. هر شيءِ Operative نظر اچي ٿي. ڪو ڪنڍو ڪڙو ڀڳل ناهي، دٻي جي خالي ٿيڻ تي سخت قسم جي جراثيم ماريندر دوا اسپري ذريعي لڳائين ٿا ۽ اها دوا واقعي اهڙي نج ۽ Effective استعمال ڪن ٿا جو هڪ اهڙي دٻي ۾ اسپري ٿيڻ وقت ڊاڪٽر لڇمڻ جي ڌيءَ نوري پنهنجو وسري ويل ڪو سامان کڻڻ لاءِ چڙهي وئي ته بيهوش ٿي وئي. معنيٰ اهڙي سخت قسم جي اسپري سان ضرور جراثيمن جو خاتمو ٿي ويندو هوندو ۽ دٻا Hygenic رهندا هئا. شايد اهوئي سبب آهي جو هتي جي ريل جي دٻن ۾ اسان کي مکيون ۽ مڇر نظر نه آيا جيتوڻيڪ هونءَ هندستان جي رستن ۽ بستين ۾ اسان جي ملڪ کان گهڻيون مکيون ۽ مڇر پٽين ٿا. بهرحال اهي ڳالهيون ۽ ماڻهن جي Duty جو Sense آهي جيڪي اسان جي ملڪن جي مختلف ڊپارٽمينٽن جي ڪريل ڪارڪردگيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org