سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: --

صفحو :2

 

انڊيا وڃڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ۽ ڪرنسي

بس ذريعي انڊيا وڃڻ جي شوقينن لاءِ ضروري آهي ته هو انڊيا جي ويزا ملڻ سان يڪدم لاهور کان دهلي وڃڻ واري بس ۾ سفر ڪرڻ جي سيٽ اڳواٽ Reserve ڪرائي ٽڪيٽ وٺي ۽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ به هتان نه ته دهلي پهچي يڪدم وٺي ڇڏين، ڇو جو لاهور کان دهلي ڪا هر ڪلاڪ بعد بس نٿي رواني ٿي جو هڪ مس ٿي وڃي ٿي ته ٻيءَ ۾ وڃجي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي بسين جو تعداد وڌي پر في الحال اهي هفستي ۾ فقط چار ڏينهن هلن ٿيون ۽ لاهور توڙي دهلي صبح جو پوري ڇهين بجي ڇڏين ٿيون ۽ شام جو نائين بجي يعني 15 ڪلاڪن بعد منزل تي اچيو پڄائين جنهن ۾ بارڊر ٽپڻ مهل واگها ۽ اتاري تي ٻه ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن ۽ رستي تي پڻ ٽن شهرن پپلي، سرهند ۽ جلندر ضلعي جي شهر ڪرتارپور ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ کن بس بيهي ٿي جتي ٻن هنڌن تي چانهه بسڪيٽ ۽ هڪ هنڌ تي مسافرن کي لنچ ڪرائي وڃي ٿي.

لاهور کان دهلي 800 کن ڪلوميٽر مفاصلو آهي پر گرانڊ ٽرنڪ روڊ جنهن تان بس هلي ٿي تمام گهڻو بزي رهي ٿو، هونءَ ته سفر ۾ اڃا به گهڻو وقت لڳي وڃي پر ايندي ويندي بس جي اڳيان پويان پوليس موبائل گاڏي هلي ٿي، پاڪستان جي ٽيهن ميلن ۾ پاڪستان جي پوليس ۽ انڊيا پاسي انڊيا جي، جيڪا مسافرن کي تحفظ محيا ڪرڻ لاءِ آهي ۽ سڄي واٽ سائرن وڄائيندي ماڻهن ۽ گاڏين کي رستي تان پاسو ڪرائيندي هلي ٿي جيئن اسان جي بس بنا ڪٿي بيهڻ جي فل اسپيڊ هلندي رهي. بس  جيتوڻيڪ پوري ڇهين بجي هلي پر مسافرن کي اتي ٻه ڪلاڪ اڳ يعني صبح جو چئين بجي گهرايو وڃي ٿو جيئن پنهنجو سامان جمع ڪرائي رسيد وٺن ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري بس ۾ ويهڻ لاءِ سيٽ نمبر ۽ بورڊنگ ڪارڊ وٺن جيئن هوائي اڏي تي ٿئي ٿو. بسون ڪافي وڏيون ۽ آرامدده آهن. ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ کان علاوه انهن ۾ ٽي وي جو به بندوبست آهي جيئن مسافر فلمون ڏسندا هلن.

اسان ڪراچيءَ کان شاليمار ۾ صبح جو ساڍي ڇهين نڪتاسين جنهن رات جو هڪ بجي ڌاري لاهور ڇڏيو، رستي تان حيدرآباد، نوابشاهه ۽ روهڙيءَ مان نولراءِ اوڏ جا ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جا ٻار چڙهندا رهيا. لاهور ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان نول هڪ هوٽل ۾ ڪمرا بڪ ڪري ڇڏيا هئا. جتي رات جا ٽي چار ڪلاڪ آرام ڪري پوءِ چئين بجي دهلي ڏي روانو ٿيندڙ بس لاءِ پهتاسين. شاليمار گاڏي جي ڪراچيءَ کان لاهور لوور ACC جي ٽڪيٽ 1260 روپيا آهي ۽ لاهور کان دهلي تائين بس جي ٽڪيٽ 1500 روپيا آهي، جنهن ۾ واگها بارڊر تي نيرن ۽ رستي تي ٻن هنڌن تي چانهه ۽ هڪ هنڌ تي لنچ شامل آهي. يعني ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين ۽ واپس ڪراچي پهچڻ جو ڀاڙو ساڍا پنج هزار روپيا ٿو ٿئي ۽ کوکرو پار وارو رستو شروع وڃي ته حيدرآباد کان بمبئي يا حيدرآباد کان احمد آباد، بڙودا يا اجمير جا ڀاڙا اڃا به گهٽ ٿيندا. انڊيا جي شهرن ۾ رهائش جو به ايڏو وڏو مسئلو ناهي. انڊيا جي ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، ڇهه ست هزار روپئي وارين فائيو اسٽار هوٽلن کان وٺي گهٽين گهوٽين ۾ بنا ايئرڪنڊيشن جي ٻه سؤ روپين واريون پڻ آهن. ماني ٽڪيءَ جو به اهڙو مسئلو ناهي جهڙوڪه يورپ، آمريڪا يا ويندي فار ايسٽ جي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. انڊيا ۾ جتي ڪٿي بهترين رڌل چانور، اڦڙاٽا، مانيون، دال ڀاڄي کان پڪڙون بجين تائين ملي ٿو. اڃا به پاڪستان جي شهرن ۾ مانيءَ جي ايڏي ورائٽي يا سستائي نه آهي جيتري هتي انڊيا ۾ آهي. پندرهن ويهن روپين ۾ ڀاڄي يا دال سان چانورن جي پليٽ مليو وڃي يا ڏهن روپين ۾ ”آلو پراٺا“ دال ۽ چڻي سان گڏ. اهي سڀ اگهه گاڏي تي ماني رکي وڪڻڻ وارن جا آهن جن کان لنچ ٽائيم تي  آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ، آفيسر توڙي ڪاليجن ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون ۽ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ وٺي کائين ٿا. هونءَ به دال، چانور، پٽاٽا، ماني کائڻ ۾ ايترو Risk ناهي جيترو گوشت يا مڇي کائڻ ۾ آهي پوءِ چاهي اهي شيون ڪو فائيو اسٽار هوٽل ۾ کائي جو گوشت ۽ مڇيءَ جهڙيون شيون پاروٿيون به ٿي سگهن ٿيون ۽ صحت خراب ڪري سگهن ٿيون. هونءَ به ٽوئرسٽ جي حق ۾ اهو بهتر آهي ته ڌرائين ملڪن ۾ ڀاڄي ۽ دال جهڙيون شيون کائي گذارو ڪري. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپان ۽ يورپ جي ملڪن ۾، خاص ڪري سئيڊن ناروي پاسي دال ۽ ڀاڄي، خاص ڪري واڱڻ ۽ گوبي ته گوشت کان به مهانگي آهي. پر انهن ملڪن جو پاڻي صحيح آهي باقي هتي انڊيا جي ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ پاڻي صاف ناهي. بلڪه آئون ته اهو چوندس ته پاڪستان کان به خراب آهي، پيئڻ لاءِ منرل واٽر وٺجي يا ڪنهن خالي بوتل ۾ هوٽل مان صاف ۽ فلٽرڊ پاڻي کڻي پوءِ گهمڻ لاءِ نڪرجي. هتي انڊيا ايندي يا ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ ويندي وقت اهي دوائون پاڻ سان گهران کڻي نڪرجن جيڪي ضروري آهن جيئن ته بلڊپريشر، ڊائبٽيز ۽ دل جي بيماري وغيره جون. ان آسري تي نه رهجي ته انڊيا مان به ملي وينديون. ان کان علاوه عام بيمارين جهڙوڪه بخار، مٿي جو سور، دستن وغيره جون گوريون به کڻجن. بهرحال انڊيا جهڙي ملڪ ۾ ٻين دوائن سان گڏ مڇرن کي ڀڄائڻ جي بندوبست لاءِ ميٽ يا Coil ضرور کڻجي جنهن جي گرم ٿيڻ يا ٻرڻ سان مڇر ڀڄيو وڃن ۽ Mospel جهڙي دوا پڻ کڻجي جيڪا جسم کي مکڻ سان مڇر پري ڀڄن ٿا. مڇر ته اسان جي ملڪ ۾ به آهن ته ملائشيا، سنگاپور ۽ ويندي جاپان ۾ به پر جيترا مڇر هتي انڊيا ۾ نظر اچن ٿا اوترا شايد ئي ٻئي هنڌ هجن. مليريا ڪري انڊيا ۾ موت جو تعداد به تمام گهڻو آهي.

هونءَ ملڪ اندر عام طرح بس ۾ چڙهڻ وارا پاڻ سان ٻه ٻه بيگون به کڻي سفر ڪن ٿا. اهو ان ڪري جو انهن بسين ۾ ڪيترا هٿين خالي به ٿين ٿا پر هتي هن بس ۾ هر هڪ لاءِ پرديس ۾ رهڻ لاءِ روزمره جي استعمال جو سامان کڻڻ ضروري ٿئي ٿو ۽ بس جي پاسي ۾ ۽ ڇت تي سامان رکڻ جي جاءِ محدود آهي سو هنن لاهور دهلي وارين بسين ۾ هر مسافر کي فقط ويهه ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت آهي جنهن ۾ هٿ جو ٿيلهو به اچي وڃي ٿو. هوائي جهاز جي سفر وانگر ناهي جو هٿ جي سامان کي تور کان ٻاهر رکيو وڃي. ويهه ڪلو کان مٿي هر ڪلو وزن لاءِ سٺ روپيا وڌيڪ ڀاڙو ڏيڻو پوي ٿو.

لاهور  دهلي هلندڙ بس جي اڳيان ۽ پويان پوليس جي موبائيل گاڏي هلڻ کان علاوه ٽي يا چار کن پوليس وارا به بس ۾ ويهن ٿا. ڪنهن به مسافر کي پنهنجي مرضيءَ سان رستي تي لهي هليو وڃڻو ناهي. پنهنجي منزل دهلي تائين پهچي پوءِ هو آزاد آهي ته جن شهر جي ويزا اٿس انهن ڏي هليو وڃي، جيڪي جيڪي شهر گهمڻا آهن انهن ۾ وڃڻ جي ويزا پاڪستان مان ئي وٺي نڪرجي. هونءَ ته هتي پهچڻ بعد به اجازت وٺي سگهجي ٿي. ان لاءِ پوليس اسٽيشن تي وڃي اطلاع ڪرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ نئين شهر پهچي ان شهر جي پوليس اسٽيشن تي پنهنجي آمد جو اطلاع ڪجي ۽ اهو شهر ڇڏڻ وقت وري پوليس اسٽيشن وارن کي پنهنجي موٽڻ کان آگاهه ڪجي. اها ڳالهه اسان لاءِ به بهتر آهي جيئن پرديس ۾ ڪجهه ٿي پوي، بيماري، حادثو وغيره ته پوليس کي ان ڳالهه جي آگاهي هجڻ بهتر آهي جيئن ان ماڻهوءَ جي ڳولا تي پوليس ٻڌائي سگهي ته آيا ان شهر ۾ موجود آهي يا روانو ٿي ويو.

ڪو مسافر جيڪڏهن هڪ ئي شهر ۾ آهي ته به هن کي هفتي ۾ هڪ دفعو يا ٻه دفعا پوليس اسٽيشن ۾ حاضر ٿي ٻڌائڻو پوي ٿو. ان پوليس رپورٽ کان فقط اهي آجا آهن جيڪي سٺ سالن کان وڏا آهن ۽ پوليس اسٽيشن تي هر رهر رپورٽ نه ڪرڻ جي اجازت پنهنجي ملڪ ۾ موجود انڊيا جي سفارتخاني مان اڳواٽ وٺي آيا آهن. اسان جي دوست نولراءِ آخري ڏينهن ۾ مون کان ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کان پاسپورٽ وڍي اسان جي پوليس رپورٽنگ معاف هجڻ جو ٺپو پڻ هڻائي ڏنو جو اسين سٺ سالن کان وڏا ٿياسين.

انڊيا ۾ رهڻ دوران خرچ پکي لاءِ اتي جي ڪرسي انڊين روپيا استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اڄڪلهه انڊين روپيو پاڪستاني روپئي کان گهڻي Value رکي ٿو ۽ پاڪستاني هڪ سؤ روپيا انديا جي ستر روپين برابر آهن يا کڻي چئجي ته انڊين هڪ سؤ روپيا پاڪستان جي 143 روپين برابر آهن يا ٿلهي ليکي توهان اهو چئي سگهو ٿا ته انڊيا جو هڪ روپيو اسان جي ڏيڍ روپئي برابر آهي.

انڊيا ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ انڊين ڪرنسي (روپيه) توهان ڪراچي، حيدرآباد يا لاهورمان به وٺي سگهو ٿا ته پاڪستان۽ انڊيا جي بارڊر وارن شهرن مان به جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪ لاءِ ترسڻو پوي ٿو. انڊيا پهچي بئنڪن ۽ ڪرسني مٽائڻ وارن دڪانن (Money Changers) کان به بدلائي سگهو ٿا. بهتر اهو آهي ته ڪجهه پئسا گهران ئي بدلائي نڪرو يا پنهنجي ملڪ جي ڪنهن شهر مان ئي جيئن بارڊر وارن شهرن ۾ پئسا مٽي ڏيڻ وارو نه هجي ته توهان وٽ اڳواٽ ڪجهه ته پئسا هجن جيڪي رستي تي يا دهليءَ پهچڻ سان خرچ ڪري سگهو. ڪنهن به ملڪ جا پئسا خريد ڪرڻ وقت خبرداريءَ سا وٺڻ کپن يا ڪنهن اهڙي دوست يا مائٽ جي معرفت وٺجن جيڪو نوٽ پرکڻ جو ڄاڻو هجي. نوٽ خريد اهڙي دڪان تان ڪرڻ کپن جيڪو ناليرو هجي، بولٽن مارڪيٽ جهڙن هنڌن تي ڪيترائي هلندڙ چلندڙ مني چئنجر نظر اچن ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو هو توهان کي مٽاسٽا جو اگهه به سٺو ٻڌائين پر هڪ نوٽ به جعلي ڏيڻ سان اهو فائدو ته ويو ماڳهين توهان لاءِ پرديس ۾ مصيبت ٿي پوندي جو جعلي نوٽ هلائڻ وڏو ڏوهه آهي توڙي کڻي توهان اهو ڪم بي خياليءَ ۾ ڪريو ۽ معصوم هجو. خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن ان سلسلي ۾ ايڏا ڏوهه ڪيا آهن جو توهان کڻي اُٺ قسمن جا کڻو ته به توهان تي ڪو اعتبار نه ڪندو، پوءِ چاهي کڻي اهو سعودي عرب يا ملائشيا جهڙو مسلمان ملڪ هجي. انڊيا لاءِ پئسو مٽائڻ لاءِ ته وڌيڪ خبردار رهڻ کپي جو ٻنهي ملڪن ۾ ڪجهه اهڙا غلط عناصر آهن جي نٿا چاهين ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ دوستي رهي ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ جي Economy خراب ڪرڻ لاءِ اهڙويون به انڊر گرائونڊ ڏوهارين جون Gangs آهن جيڪي نقلي نوٽ ڇپي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ هلائڻ چاهين ٿيون. ان ڪري پئسن جي مٽاسٽا ۾ خبردار رهڻ کپي. بهتر ته اهو ٿيندو ته ڪجهه پئسو پنهنجي ملڪ مان بدلائي باقي انڊيا مان ڪنهن بئنڪ يا اعتماد جوڳي دڪاندار (Money Changer) کان بدلائجي ۽ وڏن نوٽن بدران ننڍا وٺجن جو نقلي نوٽ گهڻو ڪري وڏي انگ (هڪ هزار يا پنج سؤ) وارن نوٽن مان ئي نڪرن ٿا.

هونءَ بهتر ته اهو آهي ته پنهنجي ملڪ مان ڪجهه انڊين روپيا باقي آمريڪي ڊالر مٽائي کڻجن جو آمريڪن  ڊالر دنيا ۾ جتي ڪٿي سولائيءَ سان ۽ سٺي اگهه تي مٽجيون ملن ٿا. هونءَ به انڊيا جي قانون مطابق انڊيا جي سرزمين تي قدم رکڻ وقت توهان وٽ آمريڪي ڊالر ڀلي کڻي ڪيترا به هن پر انڊيا جا روپيا ٽن هزارن کان مٿي نه هجڻ کپن. هاڻ شايد چار هزار روپيا کن ڪيا اٿن ۽ توهان جيڪي پئسا (انڊين، آمريڪن يا پاڪستاني) انڊيا کڻي وڃو ٿا اهي انهن جي بارڊر واري شهر اتاري (Atari) تي انهن جو ڪسٽم آفيسر توهان جي فارم تي نوٽ ٿو ڪري. مون کي به اها خبر نه هئي، ڪسٽم آفيسر جي پڇڻ تي جڏهن ٻڌايومانس ته هن نهايت سٺي اخلاق سان چيو:

”سر ٽن هزار اندين روپين کان مٿي کڻڻ جي اجازت ناهي سو فارم تي آئون ٽي هزار ئي لکان ٿو.“

پر مهينو کن انڊيا ۾ رهڻ لاءِ ٽن هزار روپين مان ته پورت نه ٿي سگهندي؟“ مون پڇيو.

”توهان آمريڪين ڊالر يا پائونڊ، مارڪ وغيره کڻي وڃي سگهوٿا.“ هن ٻڌايو.

لڳي ٿو ته نقلي نوٽن جي ايڏي پٽ آهي جو ٻنهي ملڪن جي بارڊر وارن شهرن ۾ مسافرن جي چتاءَ لاءِ پوسٽر لڳل آهن ته ڪوڙا (Fake) نوٽ هلائڻ سخت ڏوهه آهي ۽ اميگريشن ۽ ڪسٽم وارين عمارتن جي ٽئاليٽ ۾ پيتيون رکيل آهن ته ”سزا کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته ڪوڙا نوٽ هن پيتيءَ ۾ اڇلائي وڃو.“

هڪ ڏوهاريءَ کي ته خبر آهي ته هن وٽ نقلي نوٽ آهن پر هڪ غريب ۽ اڻ پڙهيل کي ڪهڙي خبر ته هن وٽ جيڪي پئسا آهن انهن ۾ ڪو نقلي نوٽ به آهي. هو ڪيئن خبردار رهي؟ ان لاءِ اهوئي بهتر آهي جيڪو مٿي لکي چڪو آهيان ته اهڙي ماڻهوءَ کان پئسا مٽائجن جيڪو اعتماد جوڳو هجي يا ڪنهن نوٽن جي ڄاڻوءَ ذريعي مٽرائجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org