سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 20

ڪمڀ ميلي بابت ٻه سٽون هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي مون سان گڏ سفر ڪندڙ مٿرا جي هندو پوليس آفيسر ٻڌايون.

”هندو ڌرم جي جمني مٿ (Myths) مطابق هڪ دفعي ديوتائن ۽ شيطانن (Demons) جي ڪمڀ (دکيءَ) تي وڏي ويڙهه هلي جنهن ۾ آب حيات هو، يعني جنهن مڌ کي پيئڻ سان هڪ فاني شيءِ لافاني ٿي پوي. وشنو  ديوتا جا هن ڏکيءَ ۾ هٿ ڦٻي ويا ۽ ان کي کڻي روانو ٿيو پر اڏام دوران هن مڌ جا چار ڦرا ڌرتيءَ تي هارجي ويا. الهه آباد، هردوار، ناسڪ ۽ اجئين. زندگي لافاني ڪرڻ جي هن مڌ تي ٻارهن ڏينهن لڙائي هلندي رهي آخر سوڀ ديوتائن جي ٿي ۽ کين ئي مڌ ملي. ان جو نظارو اڪثر هندو مٿ جي تصويرن ۾ چٽيل نظر اچي ٿو.

مٿين چئني شهرن ۾ ٻارهن سالن ۾ هڪ دفعو وڏو ميلو لڳي ٿو جو هندو مٿ مطابق ديوتائن جي زندگيءَ جو هڪ ڏينهن فاني انسان جي ٻارهن سالن برابر آهي هردوار شهر جنهن جو ذڪر شروع ۾ ٿي ويو آهي اتي هي وڏو ميلو (گڏجاڻي) سن 1998ع ۾ ٿيو، ان بعد ٽن سالن کان پوءِ 2001ع ۾ هتي الهه آباد ۾ ٿيو هو ۽ هاڻ الهه آباد ۾ اهڙو وڏو ميلو سن 2013ع ۾ لڳندو. الهه آباد جو ڪمڀ ميلو سڀ ۾ وڏو، پوتر ۽ ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دنيا ڀر جا هندو جمنا ۽ گنگانديءَ تي اچيو سنان ڪن. هي اهو ميلو آهي جنهن ۾ اگهاڙا ساڌو ۽ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ جوڳي به اچي نڪرندا آهن. ملائيشيا  ۾ هوندو هوس ته اتان به الهه آباد جي هن ڪمڀ ميلي لاءِ هندن جا قافلن جا قافلا  روانا ٿيندا هئا جن جو بندوبست گهڻو ڪري ”تان سري ڪشو“ گلوب سلڪ اسٽور جو مالڪ ۽ سرڳواسي وڪيومل لاکياڻي ڪندو هو.

بي بي سي جي هڪ پراڻي ۽ بيحد مشهور نمائندي مارڪ ٽليءَ هڪ ڪتاب لکيو آهي. No full Stops in India. ان ۾ هڪ سڄي چيپٽر ۾ الهه آباد جي هن ڪمڀ ميلي جو دلچسپ احوال لکيو اٿس.

اسان مٿرا اسٽيشن مان ٻاهر نڪري رهيا هئاسين، مٿرا اسٽيشن ائين جنڪش اسٽيشن آهي جيئن اسان جي روهڙي يا ڪوٽڙي جتان ٻن يا ٽن طرفن ڏي گاڏيون وڃن ٿيون. هتان مٿرا مان به ڪي ريل گاڏيون (مثال طور انڊيا جي سڀ کان تيز رفتار ٽرين تاج ايڪسپريس) آگري ڏي وڃن ٿين پر اسان واري پشچم ايڪسپريس اتر پرديش جي آگري يا ٻين شهرن ڏي وڃڻ بدران راجستان  صوبي جو رخ ڪري ٿي جنهن جي پهرين ريلوي اسٽيشن ڀرتپور آئي. هاڻ رات جا نو ساڍا نو ٿي ويا هئا. ڊائننگ ڪار جا بيرا رکي رکي ٽماٽن جو گرم سوپ، چانهه، ڪافي يا سينڊوچون کڻي هوڪا ڏيئي رهيا هئا. ڪي ته پيپسي ۽ هتي جون مڪاني ڪولائون يا امول جي تڌي کير جون سائي ۽ گلابي رنگ جون بوتلون وڪڻي رهيا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي مانيءَ جي ٽري به اچڻ لڳا جن جو هر هڪ کان شام جو ئي آرڊر وٺي ويا هئا جو ڪن چڪن يا مڇي جهڙن ڊشن جو آرڊر ڏنو هو ته ڪن ڀاڄي ۽ دال جو. اسان جي ملڪن (انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا، سنگاپور وغيره) ۾ ريل گاڏين ۾ به انگريزن جي ڏينهن کان سٺي ماني ملي ٿي پر هتي انڊيا ۾ اگهه ڪافي گهٽ  نظر اچن ٿا بلڪه تمام گهٽ شايد اهوئي سبب آهي جو ٽرين ۾ هر هڪ غريب غربي گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار مان ماني گهرائي ۽ شايد ئي ڪو گهران کڻي آيو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ته صفائي سٿرائيءَ جو ايڏو خيال هو هو ڄڻ ريل ۾ نه پر هوائي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هجون. هر هڪ جو ٽري ڍڪيل ۽ مٿان ان جو نمبر لڳل ۽ وري ٽري ۾ رکيل هر شيءِ چاهي چپاتيون هجن يا ٻوڙ يا ڀت جو پيالو. ان جي مٿان پني چڙهيل هئي. هنڌ بسترا به سڀني کي ساڳيا، لانڍي جا ڌوتل ۽ هر چادر، وهاڻو ٽوال ويندي بلاڪيٽ استري ٿيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ سيل ٿيل هو. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي گاڏين ۾ به رات جي مسافرن لاءِ اهڙو بندوبست ٿيل هجي پر جنهن  شاليمار ريل گاڏيءَ ۾ اسان ڪراچيءَ کان لاهور پهتاسين ان جي ته واش روم جا در به بند نٿي ٿي سگهيا ۽ اڳتي هلي پاڻي به بند ٿي ويو. ٻه ٻه ايئر ڪنڊيشنر ٺاهڻ جا انجنيئر (يا مستري) گڏ هئا پر دٻي ۽ ٻاهر جي گرمائش ۾ اوڻهين ويهن جو فرق هو. ڪنهن کي چئه کڻي ته خار مان ڏسي هن کتو جواب ٿي ڏنو ته اسٽيشن وارن ٽانڪين کي پاڻيءَ سان ڀريو ئي ڪونه اسان ڇا ڪريو. ريلوي ڊپارٽمينٽ ايئر ڪنڊيشنر جا نوان Expansion V/V ئي نٿو ڏئي اسان ڇا ڪريو. هاڻ اهو ٿيندو آهي هڪ ملازم جو جواب ان گراهڪ لاءِ جنهن سان توهان بزنس ٿا ڪريو. اسان جو ريلوي ڊپارٽمينٽ يا پوسٽل ڊپارٽمينٽ يا ڪو ٻيو ڊپارٽمنيٽ عوام  سان بزنس  ته ڪري رهيو آهي. سروس Provide ڪرڻ لاءِ هو پئسن تي ٽڪيٽ ٿو وڪڻي ڪا عيسائين جي خيراتي اسپتال ته نه پئي هلائي وڃي ۽ جڏهن توهان بزنس پيا ڪريو ته بزنس مين ۽ ان جي ملازمن لاءِ وڏو باس گراهڪ هوندو آهي. ان کي هر صورت ۾ مطمئن ڪيو ويندو آهي يا معافي ورتي ويندي آهي ۽ نه ڇڙٻون ڏنيون وينديون آهن. اسان وٽ هر سرڪاري اداري جو ماڻهو مئنيجر کان صفائي وارو ڀنگي عوام کي ڏنڀ ۽ تڙيون ڏيڻ ٿو چاهي ڄڻ هن پنهنجي کيسي مان لنگر جي ديڳ چاڙهي آهي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جو سان ائز اي نئشن مار کايو وڃون. ۽ اتي ئي فرق صاف ظاهر ٿئي ٿو. اسان جي دهليءَ کان بڙودا ويندڙ هن گاڏيءَ ۾ ڀر واري سيڪشن ۾ سڀ کان مٿاهين سيٽ تي ستل نولراءِ جي ننڍي ڀيڻ شيلا ريل جي لنگهندڙ  هڪ ملازم کي بيهاري چيو: ”ڀائي هن ايئر ڪان کي ته ڏس، ڪم ئي نه پيو ڪري ڇا؟“

دراصل آئون ٻڌي رهيو هوس ۽ سڄي زندگي جهازن جي ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انجنيئرنگ سان واسطو هجڻ ڪري سمجهيم پئي ته ايئرڪنڊيشن جي ٿڌاڻ صحيح آهي پر تازو ڪجهه منٽ اڳ اسٽيشن تي ٽرين جي بيهڻ ۽ دروازن جي کل بند ٿيڻ ڪري دٻي جي ڪولنگ ڪجهه گهٽ ٿي وئي آهي. ريل جو ملازم ”جي مئڊم“ ڪري ويو. هن ضرور ٿرمو اسٽيٽ کي ٿورو سيٽ ڪيو هوندو جيئن ڪولنگ وڌي پر وڌندي وڌندي به ڪجه وقت ٿو لڳي ۽ ان دوران هن کي وري کٽي ٿي کڻي ۽ اچيو ٿو اسان جي دٻي مان لنگهي. شيلا وري ڪاوڙ مان چيس ته ڀائي هي دٻو ٿڌو ٿئي ئي ڪونه ٿو. مون کي جيتوڻيڪ دل ۾ آيو ته شيلا کي چوان ته ڪولنگ صحيح آهي ۽ آهستي آهستي وڌيڪ ٿڌو ٿي رهيو آهي، پر چپ ٿي رهيس. هو مستري به بنا ڪنهن رد ڏيڻ جي ”جي مئڊم، جي مئڊم“ چئي پٺيان پير ڪيا. Thermostat سان گڏ A.C جا فلٽر وغيره به وڃي صاف ڪيا هوندائين جو پوءِ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ سڄو دٻو تمام گهڻو ٿڌو ٿي ويو. ٻيا ته ٺهيو پر شيلا به ٿڌ ڪري هاڻ بلاڪيٽ اندر گڪي ٿي وئي هئي ۽ هاڻ ڪا اسٽيشن به ويجهڙائيءَ ۾ اهڙي نه هئي جنهن تي اسان جي ريل بيهي ۽ در کلن ته ٿڌڪار گهٽجي. ويتر ريل هاڻ راجستان جي وارياسين پٽن ۾ هلي رهي جتي ڏينهن جو ريتي تپي گرمي ٿي پيدا ڪري اتي رات جو وڌيڪ ٿڌ ٿي ڪري يعني ٻاهر جو ٽيمريچر ڪرڻ ڪري اندر ريل جي دٻي ۾ اڃا به وڌيڪ ٿڌ ٿي پئي هئي رات جا يارهن ٿي چڪا هئا مون پڙهي پڙهي هاڻ سمهڻ ٿي چاهيو پر سوچيم ته پهرين ان ايئرڪنڊيشن واري مستري کي ڳولهي چوانس ته ٿڌڪار گهٽ ڪر نه ته قلفي ٿي وينداسين. کيس ڳولڻ ۾ مون کي دير نه لڳي. اسان واري بوگي جي آخر ۾ باٿ روم وٽ اسٽول تي ويٺو هو. اتفاق سان ان ئي وقت هڪ ٻيو مسافر به هن سان گهڻي ٿڌ جي شڪايت ڪري رهيو هو.

”جي هان وه تو مين بهي سمجهه رها هون“ هو چئي رهيو هو ”پر ڇا ڪريان هونءَ جيڪا 31 نمبر واري سيٽ تي جاپاني مهانڊي واري عورت آهي اها دڙڪا ٿي ڏئي.“ يعني هو شيلا لاءِ چئي رهيو هو. اهو ٻڌي مون کي کل آئي ۽ چيومانس ته ڀلي ٿڌڪار گهٽاءِ هو پاڻ پئي چوي. دل ۾ سوچيم ته هن مڪينڪ جي سٺي Observation آهي. واقعي نولراءِ وارن ۾ ڪي ارجن داس، نول پاڻ، ڊاڪٽر لڇمڻ جهڙا جاپاني يا ٿائي اسٽائيل جي گول چهرن وارا آهن ته ڪي ڀاءُ ڀيڻ رامچند، ميرا وغيره جهڙا ڊگهي چهري وارا ننڍي کنڊ جي ماڻهن جهڙا آهن.

پنهنجي بٺو ڪري آئون به اچي سمهي رهيس. منهنجي مٿان واري بئنچ تي پوليس جو رٽائرڊ آفيسر ۽ ان جي مٿان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر سعيد عالم هو. سڀ گهري ننڊ ۾ هئا. سامهون واري هيٺين سيٽ تي پٺن اگهاڙو ننڍڙي پوتڙي ۾ هڪ ساڌو فقير دريءَ ڏي منهن ڪري شام کان پٿل ماريو ويٺو هو ته هينئر رات جا ٻارهن ٿيڻ وارا هئا، هو نه ليٽيو ٿي نه ڪنهن سان ڳالهايو ٿي ۽ نهن ڪجهه کاڌائين ٿي. هڪ ڊگهي مالها جا ئي ڪڻ چوريندو رهيو ۽ ڪجهه پڙهندو رهيو. ان جي مٿين سيٽ تي هتي جي هڪ آئل ڪمپنيءَ جو انجنيئر هو ۽ ان جي مٿين سيٽ تي جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ پنجابي ڇوڪري هئي جنهن کي بڙودا کان به اڳيان عربي سمنڊ جي بندرگاهه واري شهر ”سورت“ ۾ B.Sc جا فائنل پرچا ڏيڻا هئا. هن ٻڌايو هوءَ پاڻ پنجاب جي آهي پر سندس پيءُ جي سورت ۾ نوڪري هجڻ ڪري پاڻ سورت ۾ پڙهي. هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هن جي پيءُ جي بدلي مٿرا ٿي وئي آهي سو امتحان لاءِ هوءَ سورت وڃي رهي آهي. کيس ماءُ پيءُ مٿرا اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا هئا.

بڙودا کان جيترو اتر ۾ ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پر گانڌي نگر آهي اوتري ئي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ سورت آهي. سورت جو بندرگاهه ڪنهن زمان ۾ ملاڪا بندرگاهه وانگر بلي بلي هو پر هاڻ اڄ جا وڏا جهاز سورت ۾ ملاڪا جهڙن ننڍن بندرگاهن بدران بمبئي ۽ سنگاپور وڃن ٿا. سورت تاپتي نديءَ جي ڇوڙ وٽ عربي سمنڊ جو بندرگاهه آهي جيئن کڻي چئجي ته پورٽ قاسم سنڌو نديءَ جي ڇور وٽ عربي سمنڊ جو بندرگاهه آهي. ٻارهين صديءَ ۾ ايران جي شهر کان لڏي آيل زور وسٽر (باهه جا پوڄاري) انڊيا جي هن شهر سورت ۾ اچي رهيا هئا ۽ انهن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد آهستي آهستي فارسي بدران هن صوبي جي زبان گجراتي سکندو ۽ ان کي اپنائيندو ويو. اڄ اهي آتش پرست جيڪي حرف عام ۾ ”پارسي“ سڏجن ٿا گجراتي ڳالهائين ٿا. سورت کان پوءِ آهستي آهستي بمبئي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏي به ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پارسي جن NED ۽ ماما پارسي اسڪول جهڙا تعليمي ادارا کوليا سنڌي پڻ ڳالهائيندا هئا. اڄ به هنن جو مشهور جهازن جو مالڪ ۽ ڪالم نويس ڪواسجي گجراتيءَ سان گڏ سنڌي به ڳالهائي ٿو.

1573ع ۾ سورت جي شهر تي مغل شهنشاهه اڪبر جو قبضو ٿيو ۽ هن سورت کي واپار وڙي جو بندرگاهه بنايو. تن ڏينهن ۾ مڪي ۽ مديني ويندڙ هندستان جا حاجي هن بندرگاهه سورت کان روانا ٿيندا هئا ۽ هوڏانهن ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاهه جدي ۾ لهڻ بدران يمبو ۾ لهندا هئا جيڪو مديني جي بلڪل ويجهو آهي. ڏسندي ئي ڏسدي سورت هڪ امير شهر ٿي ويو، 1612ع ۾ انگريزن مغل حاڪمن جي اجازت سان واپار جي ڪوٺي کولي ۽ ان بعد 1616ع ۾ ڊچن (هالينڊ جي رهاڪن) ۽ پوءِ 1664ع ۾ فرينچن هن شهر ۽ بندرگاهه ۾ پنهنجيون واپاري بيٺڪون کوليون. اناج جي منڊين کان علاوه هي شهر هيرن (Diamonds) کان به مشهور آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ هن شهر ۾ ڪوئن جي پليگ (Pneumonic) بيماري پکڙجڻ ڪري دنيا جي خبرن ۾ نمايان رهيو. فيڪٽرين ۽ گاڏين جي گوڙ شور، دونهين، مٽي ڇيڻ ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي ڪيمڪيل ڪري هن شهر جي آلودگي (Pollution) کان هر هڪ واقف آهي گهٽ ته احمد آباد به نه آهي، پر بقول B.Sc جو امتحان ڏيندڙ مٿين پنجابي ڇوڪريءَ جي:

If Ahmedabad is bad in noise and pollution then Surat is horrific.

گاڏي راجستان صوبي جون منزلون ماري رهي هئي. راجستان هونءَ کڻي رڻ پٽ ۽ وارياسو صوبو آهي پر جيپور، جوڌ پور، ڀلورا، اجمير، بيڪانير، جيسلمير جهڙن تاريخي شهرن کان مشهور آهي. اسان جي سنڌ جا اوڀر وارا سڀ ضلعا راجستان سان مليا پيا آهن. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعا راجستان جي جيسلمير سان ۽ سانگهڙ، عمر ڪوٽ وري بارمر سان اڄ کان هڪ سؤ سال کن اڳ جڏهن شناختي ڪارڊن ۽ پاسپورٽن جا چڪر نه هئا ته سنڌ جا ماڻهو هوڏانهن بلوچستان ۽ ايران ڏي ته هيڏانهن انڊيا جي راجستان ۽ گجرات صوبن ڏي پئي آيا ويا. تڏهن ته شاهه لطيف به پنهنجن شعرن ۾ هن پاسي جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه جي مشهور شعر ”سائين! سدائين“ واري ۾ شروع جون سٽون آهن ته:

”ڪي دهليءَ ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،

ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،

ڪنهن ڀڄ  ڀچائيو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڍار،

ڪنهن اچي امر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،

سانئينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست! مٺا دلدرا! عالم سڀ آباد ڪرين.“

آئون پنهنجي بستر (سيٽ) جي مٿين بتي وسائي سمهي رهيس. تقريبا سڀ ننڊ ۾ هئا سواءِ ڪنهن هڪ ٻن جي. جيڪي واش روم ڏي اچي وڃي رهيا هئا يا شايد ڪنهن ايندڙ اسٽيشن تي هو لهڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. فقط پوتڙي ۾ ويٺل ساڌو انهيءَ پوزيشن ۾ ويٺو رهيو جنهن ۾ اسان کي هن ايندي وقت ڏٺو هو. ٿي سگهي ٿو ويٺي ويٺي ننڊ ڪري رهيو هجي يا جاڳي رهيو هجي. سندس پٺ اسان ڏي هئي، مون کي ڪنهن وقت اک لڳي وئي، جڏهن ننڊ مان اٿيس ته اڇو صبح ٿي ويو هو. رٽائرڊ پوليس آفيسر انڊيا جو هفتيوار رسالو The Week پڙهي رهيو هو. دٻي ۾ موجود باقي مسافرن مان ڪي اڃا ستا پيا هئا ته ڪي اٿڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. ڊائننگ ڪار جا بيرا ”گرم چانهه، گرم چانهه“ جا هوڪا ڏيئي رهيا هئا ۽ ساڳي وقت نيرن جا آرڊر پڻ وٺي رهيا هئا.

”ڪٿي پهتا آهيون؟“ مون پوليس آفيسر کان پڇيو.

”بس هاڻ گجرات صوبي ۾ گهڙي چڪا آهيون، ٿوري دير اڳ داهود ريلوي اسٽيشن ڇڏي اٿئون جيڪا هن ريلوي لائين تي گجرات جي پهرين اسٽيشن آهي.“

پوليس آفيسر ٻڌايو.

”۽ هاڻ ڪهڙي ريلوي اسٽيشن ايندي؟“ مون پڇيو.

”هاڻ يڪو ڪلاڪ ڏيڍ بعد گوڌرا (Godhra) تي هلي بيهندي.“

مون دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. سرسبز ٻنيون ۽ ڳوٺن جا گهر ۽ مندرن مسجدن جا منارا نظر اچي رهيا هئا. ڪيڏي هڪجهڙائي آهي هن پاسي ۾ ۽ ملاڪا ۾. گهرن ۽ مندرن جو اهوئي اسٽائيل لڳي رهيو آهي جيڪو ملاڪا شهر مان وهندڙ ملاڪا نديءَ جي ڪناري وارن گهرن جو آهي. ملئي ماڻهن جي ديس ملايا (ملائيشيا) ۾ هي هن تر گجرات جي رهاڪن جا گهر آهن جيڪي ٻه ٽي صديون اڳ هتان گجرات کان لڏي ملاڪا وڃي رهيا هئا جن مڪاني راجائن کي خبردار ڪيو هو ته يورپ کان ايندڙ پورچو گالي جهازين کان بچي رهجو نه ته اهو حشر ٿيندائو جيڪو انڊيا سان انگريزن ڪيو. گجراتين جون اهي نصيحتون ۽ چتاءَ ٻڌي ملئي حاڪم خبردار ٿي ويا ۽ ڪنهن حد تائين هو پورچو گالين کي ڀڄائڻ ۽ ڪامياب به ٿي ويا هئا پر پوءِ جڏهن هنن پورچو گال ۽ سندن انڊين ڪالوني گوا کان وڏو سپاهه وٺي اچي ملاڪا تي قبضو ڪيو ته پهرين هنن گجراتين جي محلن کي ٻاهيون ڏنيون. هاڻ جيڪي ملاڪا ۾ گجراتين جا گهر آهن اهي گذريل صديءَ جي شروعات جا ٺهيل آهن. بهرحال گجراتين جي ملاڪا وارن انهن گهرن جو آرڪٽيڪيٽ بلڪل هن پاسي جو آهي. ملاڪا ۾ انهن جا گهر ته ڇا پر ٽنگري جهڙيون جهونيون مسجدون به گجرات جي مندرن سان گهڻو ملن ٿيون.

آئون ريل گاڏي جي ڊائننگ ڪار وارن کي ڦڪي چانهه سان نيرڻ آڻڻ جو آرڊر ڏيئي ڪجهه ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ ته ڪجهه پنهنجي ۽ ڀر واري دٻي (بوگي) ۾ ويٺلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اٿيس. ڀر واري سيڪشن جي اٺن بئچن، يعني اٺن مسافرن ۾ شيلا ۽ سندس ڌيءَ کان علاوه نولراءِ جي پڦي بختاور جي ڌيءَ وينجهار ۽ ان جي ڌيءَ ڪرن ۽ ٻيا هئا. نولراءِ وارن کي ٽي پڦيون هوين يعني ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس اوڏ کي ٽي ڀيڻون بختاور، سدوري، ۽ سگران هيون. بختاور جي هن ڌي وينجهار جي شادي امر لعل اوڏ سان ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ امر لعل جي ڀيڻ مارئيءَ جي شادي نارائڻ داس جي ٻي نمبر پٽ حشمت راءِ سان ٿي. وينجهار ۽ سندس ڌيءَ ڪرن جيڪا اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي مان باٽني ۾ M.Sc ڪري رهي آهي. سان گڏ سندس پڦي مارئي به هئي هي پوٽڙيءَ مان ڪجهه ڪڍي کائي رهيا هئا. منهنجي اتان گذرڻ تي اها منهنجي اڳيان ڪيائون ته آئون به کڻان. هٿ جي تريءَ کان ڪجهه نڍا گول بسڪيٽ هئا.

”ڇا آهي؟“ مون پڇيو.

”موڪلائڻ وقت دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن تي شيلا جي مڙس ڍولڻ جا مائٽ ڏئي ويا. ڪوڪيون آهن.“

شيلا جو مڙس ڍولڻ اوڏ ڪنڊياري جي لاکو مل اوڏ جو پٽ آهي. هي سڄي زندگي ڪنڊياري ۾ رهيا ۽ ٻارن کي به اتي ئي پڙهايائون. وڏو پٽ ڪشور انجنيئر آهي، ٻيو پٽ شام ڪمار ايم ڪام آهي ۽ پوءِ ٻن ڌيئرن مان وڏي ريکا ڪماري MBA ۽ ننڍي برکا انٽر پئي ڪري جيڪا هن وقت پنهنجي ماءُ سان پنهنجن مامن جي پٽن جي شاديءَ لاءِ انڊيا آئي آهي ۽ هاڻ اسان سان گڏ بڙودا هلي رهي آهي. شيلان وارا هينئر مهينو ٻه ٿيندا ته ڪنڊيارو ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي  اٿن. آئون  پهرين به لکي چڪو آهيان ته اوڏن جي شادي بدي ۾ ٿئي ٿي سو شري نارائڻ داس اوڏ پنهنجي هيءَ سڀ کان ننڍي ڌيءَ شيلان ڪنڊياري جي لاکو مل اوڏ جي پٽ کي سنڱ ۾ ڏيئي کانئس سندس ڌيءَ گلان پنهنجي انجنيئر پٽ مير چند لاءِ ورتي. مير چند نارائڻ داس اوڏ جي ننڍي زال نانڪيءَ مان سرڳواسي ڪرشن ۽ نولراءِ بعد ٽيون ٻار آهي.

مون اها بسڪيٽ جهڙي ڳالهڙي ۽ سوڪ ماني کائي ڏٺي جيڪا خسته، مٺي ۽ لذيذ هئي.

”واه جي آهي. هي ته توهان جي ماءُ نانڪي يا شايد رامچند وارن جي ماءُ سوناري ٺاهيندي هئي. نول وارا موڪلن بعد هميشه ڪاليج کڻي ايندا هئا، خاص ڪري هوليءَ بعد. هڪ دفعو پيٽارو ڪاليج طرفان اسڪائوٽنگ ڪئمپ لاءِ ڪوئٽيا ويا هئاسين ته ارجن داس دٻو ڀري کڻي هليو هو ۽ ان تنبوءَ ۾ رهندڙ سڀني کي کارائيندو هو.

مون ٻه ٻيون مانيون کنيون. هڪ پنهنجي لاءِ هڪ ڀر واري سيڪشن ۾ ويٺل پروفيسر بسنت لاءِ. آئون بنست وارن سان ٿوري دير ويهي خبرون ڪرڻ لڳس ته اتي بيري اچي سڏيو ته هو منهنجي نيرن ۽ گرم گرم چانهه منهنجي سيٽ تي رکي آيو آهي. بسنت مون کي اڃا ويهڻ لاءِ چيو.

”بسنت هاڻ بڙودا ۾ ئي ڪچهري ڪنداسين. اسان مستري ماڻهن ۽ اديبن لاءِ چانهه کان وڌيڪ ڪو ٻيو دوست يا مائٽ آهي ئي ڪونه.“ ۽ آئون سڌو اچي چانهه تي ويٺس. نيرن ۾ آيل ڊبل روٽي ۽ بيضو به پوءِ کاڌم. هونءَ به ٻه هٿ جيڏيون ڪوڪيون (مٺيون مانيون) کائي ويٺو هوس.

”آپ گجرات سي تو رجاستان گهومتي.“ آئل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ اميت کانڊيلوال مون ليکڪ هجڻ جي ڪري صلاح ڏني. هن صحيح ڳالهه ڪئي جنهن سان آئون سهمت هوس پر کيس ٻڌايم ته گجرات اسان سنڌي ماڻهن لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو جو اسان جي سنڌ ۽ گجرات ڄڻ هڪ ٻئي جا حصا آهن. زبان ۽ ڪلچر، ريتون ۽ رسمون ڪافي ملن ٿيون. وڏي ڳالهه ته اسان جي شاعر شاهه لطيف هن صوبي جي راجائن، راڻين ۽ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي اسان سان انهن جو ايڏو تعارف ڪرايو آهي جو توهان جي ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ به نه ڪرايو هجي ۽ ٻي ڳالهه ته اسان هندستان جا ٻيا صوبا ڇڏي هتي گجرات ۾ پنهنجي دوست نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش پرڻائڻ لاءِ آيا آهيون.

آئون هن آئل ڪمنيءَ جي نوجوان آفيسر کي شاهه لطيف بابت ٻڌائي پوءِ سوچڻ لڳس ته واقعي صحيح چيم يا في الحال ٺلهي لئه رکي ويس. پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته واقعي خوبصورت ڪؤنرو هن گجرات جي ته هئي. سندس پيءُ رانو کنگهار ڪڇ ڏيهه ۾ لکپت جو ئي ته ڇٽ ڌڻي هو.

چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،

جان مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،

ڏمريو ڏهاڳ، سگهو ڏئي سهاڳڻين.

۽ هي ٻيجل ۽ انيرا وغيره پڻ هن گجرات جا ئي ته هئا ۽ هن صوبي جي شهر جهونا ڳڙهه جو راءِ ڏياچ راجا هو.

جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو،

تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،

شهر سڄو ئي سر سين، تَندنِ تپايو،

دايون، دَرِ مانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،

چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.

اڄ به هي سياسي بارڊر نه هجن ته اسان سنڌين لاءِ ته راجستان وانگر ئي گجرات ويجهو آهي، لاهور ۽ ڪوئيٽيا به پالنپور ۽ گرنار کان پري ٿيا.

گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،

سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،

ناريون ناد ڪرين، ”راڄا رات رَمگيو“

گجرات جي حوالي سان شاهه جي شعرن جي وڌيڪ خبر مرحوم عبدالرحمان نقاش ئي ٻڌائي سگهيو ٿي يا هن وقت سوجهرو رسالي جي چيف ايڊيٽر صاحبا ج.ع. منگهاڻي.

هونءَ ته انڊيا جو هر صوبو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هر صوبي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي شيون آهن ۽ انڊيا جي حڪومت به غير ملڪين جو ڌيان ڇڪڻ لاءِ هر صوبي ۾ رهائش، سواري، کاڌي پيتي توڙي Law & Order جو تمام سٺو بندوبست ڪيو آهي ۽ هندستان جي جنهن تنهن وڏي شهر توڙي ڳوٺن ۾ يورپي، آمريڪن توڙي عرب ۽ ايشيائي گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا. پر ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گجرات صوبي ۾ ڌاريان ٽوئرسٽ گهٽ اچن ٿا ۽ اهائي ڳالهه اسان سان هن ٽرين ۾ سفر ڪندڙ آئل ڪمپنيءَ جي آفيسر مسٽر اميت ڪئي. بهرحال هن صوبي (گجرات) جي پنهنجي خاص اهميت آهي ۽ انڊيا جو مهاراشترا بعد، سڀ کان گهڻو Industralized صوبو آهي. گانڌي نگر هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي جيڪو اسلام آباد وانگر نئون ۽ پلاننگ تي ٺهيل هڪ ماڊرن شهر آهي. هن صوبي جو مشهور ترين شهر احمد آباد جيڪو هن کان اڳ گاديءَ وارو شهر هو، گانڌي نگر جي ڀر ۾ ئي آهي ۽ اڄ به ان جي اهميت هڪ ڪمرشل سينٽر جي آهي جيئن ڪراچيءَ جي آهي. گجرات انڊيا کي به وڏا ليڊر ڏنا جن هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي.، مهاتما گانڌي ۽ ولڀ ڀائي پٽيل. هونءَ جيتوڻيڪ ڄم جي جاءِ تي Dispute آهي پر اها حقيقت آهي ته باباءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي مادري زبان به گجراتي هئي. گجراتين جي آرٽ ۽ سائنس جي دنيا ۾ به وڏي Contribution آهي ۽ انڊيا کي وڪرم سارا ڀائي جهڙا Space پروگرام جا سائنسدان ڏنا. جيتوڻيڪ توهان کي گهڻي ڀاڱي گجراتي بزنس ۾ ملندا ۽ هنن جي نس نس ۾ Entrepreneurial اسپرٽ آهي.

راجپوتن جي هڪ شاخ سولنڪي گجرات تي 960ع کان وٺي 1243ع تائين حڪومت ڪندي رهي. سامونڊي واپار وڙي جي خيال کان گجرات انڊيا جو اهم مرڪز سمجهيو ويو ٿي ۽ ان وقت جو گاديءَ جو هنڌ انهيلوار (Anhilwara) جيڪو پتان به سڏجي ٿو انڊيا جي وڏن شهر مان هڪ هو. 1243ع کان 1292ع گجرات تي مختلف سردار ۽ گهراڻا حڪومت ڪندا رهيا تان جو 1297ع ڌاري دهليءَ جي سلطان علاؤالدين انهليوارا جي تباهي اچي ڪئي ۽ گجرات کي پنهنجي دهلي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. ان بعد چوڏهين صديءَ جو آخر ڌاري جڏهن تيمور دهلي تي حملا ڪري سلطانن جي حڪومت کي ڪمزور  ڪري رکيو ته گجرات جي مسلمان گورنر ظفر خان مظفر گجرات مٿان پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيون ۽ سندس پٽ سلطان احمد شاهه (جنهن 1411ع کان 1442ع تائين حڪومت ڪئي) گجرات جي گاديءَ وارو هنڌ پنهنجي نالي سان احمد آباد مقرر ڪيو. سلطانن جي گجرات تي 1576ع تائين حڪومت جاري رهي پوءِ مغل شنهشاهه اڪبر گجرات فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. گجرات 8 هين صديءَ تائين مغلن جي حڪومت جو ئي صوبو رهيو ان بعد اها مرهٽن جي حوالي ٿي وئي.

يورپين  ۾ پورچو گالي پهريان هئا جيڪي گجرات ۾ آيا ۽ گجرات صوبي جي سامونڊي ڪناري تي مختلف بيٺڪون (Enclaves) ٺاهيون جن ۾ دامان، ديو (Diu)، دادرا ۽ ننگر حويلي پڻ آهي. ان بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن (جيڪي انگريز هئا ۽ انگلينڊ کان آيا هئا) 1641ع ۾ گجرات جي شهر سورت ۾ فيڪٽري قائم ڪئي جيڪو هنن (انگريزن) جو انڊيا ۾ پهريون Base هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سورت اڄ جو سنگاپور ۽ دبئي ٿيندو پئي ويو پر پوءِ 1668ع ۾ انگريزن جيئن ئي پورچو گالين کان ممبئي (بمبئي) حاصل ئي ته پوءِ سورت ۽ اوسي پاسي جي ٻين شهرن جو شان شوڪت ممبئي کي ئي نصيب ٿيندو رهيو ۽ اڄ گجرات، مهاراشترا، تامل ناڊو پاسي ۾ سڀ وڏو صوبو آهي.

گجرات تي انگريزن جي حڪومت دوران ڪيترن ئي مڪاني حاڪمن انگريزن سان ظاهر ظهور لڪ ڇپ ۾ معاهدا ڪري پنهنجيون نننڍيون نننڍيون سلطنتون قائم رکيون جن جي بدلي ۾ هو انگريزن کي مقرر ڪيل مال پاڻ پهچائيندا رهيا. انهن تي حاڪمن ۾ بڙودا (جيڪو ودودارا Vadodara به سڏجي ٿو) جو مرهٽو حاڪم گئيڪواڊ (Gaekwads) هو. سڄي گجرات کي بعد ۾ سياسي طرح بمبئي پريزنڊنسي سان ملايو ويو ته به بڙودا رياست کي الڳ رکيو ويو. جنهن جو انڊيا جي گورنر جنرل سان Direct واسطو رهيو ٿي. 1818ع کان 1947ع تائين انگريزن جي دور ۾ گجرات صوبي ۾ جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ جهڙيون ڪئين ڊزن ننڍيون وڏيون نوابي رياستون (Princely States) هيون جن کي انگريزن آزادي ڏئي ڇڏي هئي ته انهن جا حاڪم پيا موج مزا ڪن ۽ انگريزن کي به گهر ويٺي عيش ڪرائين ۽ سلامي ڀرين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد انڊيا حڪومت سگهو ئي انهن شهزادن کي Line حاضر ڪري ڇڏيو جيڪي اڄ ڏينهن تائين انگريزن کي ياد ڪندا رهن ٿا. انگريز به هڪ طرف هنن رياستي نوابن کي شراب، ڪباب ۽ شباب جي کلي آزادي ڏيئي ڇڏي ته ٻئي طرف پنهنجا ڇاڙتا ۽ جاسوس رکي هنن جي ٺڙڪو عيش عشرتن  ۽ Fantasies جون ڳالهيون نوٽ ڪري، ثبوت سوگها ڪري کين دل وٽان بليڪ ميل ڪيو ۽ ڦريو لٽيو ۽ اڄ تائين انهن شهزادن ۽ حاڪمن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپبا رهن ٿا. افسوس اهو آهي ته اڄ به اسان جي ملڪن ۾ ان قسم جون اٽڪلون هلنديون رهن ٿيون ۽ اسان جا ڪيترا نمائندا، وزير ظاهري طرح ته قوم جي خدمت ڪرڻ جون هاميون ڀريندا رهن ٿا پر پنهنجين عياشين ۽ ڪڌن ڪرتوتن ڪري پاڻ کان مٿين حاڪمن وٽ وڪاميا پيا آهن. هنن جي ڳچيءَ ۾ رسو اهڙو سوگهو آهي جو مجال آهي پنهنجي حاڪم جي نافرماني ڪري ڏيکارين. اڳ زماني ۾ ته رڳو اکين ڏڍا شاهد هئا هاڻ ته آواز به ٽيپ آهن ته ڪڌا ڪرتوت به فلمايل آهن.

گاڏيءَ جي رفتار گهٽجڻ لڳي آهي معنيٰ هاڻ ڪنهن اسٽيشن اچڻ جا آثار آهن، اسان به اچي چڙهيا آهيون ڄاڻ ته منزل واري شهر بڙودا ۾ پهتاسين ڪو ڪنواريتن کي اطلاع ڪري ته گهوٽ صاحب پهچڻ وارو آهي. هيءَ به اها ڳالهه ٿي ته ”ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀونئر ڀري آڪاش“ ڪٿي ڪنڊياري ڳوٺ جي رئيس نارائڻ داس جو پوٽو مڪيش ۽ ڪٿي گجرات صوبي جي شهر بڙودا جي ڪنوار شرمي. ٻه ٽي سال اڳ ته ٻنهي جي مائٽن کي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته سندن ٻار لنڊن جي هڪ ڪاليج ۾ وڃي پڙهندا جتي هنن جو پيار ٿيندو ۽ اتي ئي شادي رچائڻ بدران مڱڻو ڪراچيءَ ۾ ۽ شادي بڙودا ۾ ڪندا جتي ڊپٽي ڪمشنر شري نارائڻ داس جي اولاد پٽن، ڌيئرن، پوٽاڻ ڏهٽاڻ جي سڀ کان وڏي گڏجاڻي ٿيندي. اڄ ڏينهن تائين هنن اوڏن جي شادين ۾ هڪ ئي وقت ايترا ڀاءُ ڀيڻون نه مليا هوندا. هي به ڇا ڪن ڪو ڪنهن  شهر ۾ ته ڪو ڪنهن ملڪ ۾. ڪنهن جي اهڙي نوڪري جو سولائيءَ سان موڪل ڪريو وڃي ڪنهن کي وري ايڪس پاڪستان Leave لاءِ Ppply ڪرڻو پوي. ڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ته ڪو ڪنهن اسپتال ۾ ڊاڪٽر يا سرجن. ڪو پاڻيءَ جي جهاز جو ڪئپٽن ته ڪو هوائي جهاز جو پائليٽ بهرحال هن شاديءَ ۾ به سڀ گڏ نه ٿي سگهيا پر تڏهن به ڪافي اوڏ ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جو اولاد اچي گڏ ٿيو آهي، ۽ انهن مڙني ۾ فقط آئون ئي هڪ Non-Oad پيو هلان. هلڻ لاءِ ته ڪئپٽن بشير وسطڙو، فيڊرل سيڪريٽري ممتاز شيخ، سکر جو عاشق حسين شاهه، اقبال جماڻي، شريف بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا پيٽارو جا دوست ۽ نولراءِ جاسي ايس پي ڪيلگ تيار ٿيا پر پوءِ آخر تائين ڪم ڪارين ڪري يا موڪلون نه ملڻ ڪري هڪ هڪ ٿي گروپ مان نڪرندو ويو. رهجي ويس آئون، پر چڱو جو منهنجو داڻو پاڻي لکيل هو. انڊيا ڏسڻ جو مون کي به وڏو تجسس هو. گڏ رهڻ ڪري ننڍي ٽهي جي اوڏن جا نالا پڻ ياد ٿي ويا آهن لڳي ٿو ته مهينو ٻه وڌيڪ سفر ٿئي ها ته اوڏڪي زبان جو به ذرو پرزو سمجهه ۾ اچي وڃي ها جيڪا ڏکي آهي يا سولي پر ميوزيڪل ضرور آهي. منجهس تامل ۽ پشتو وارو گوڙ گڙڪو رعد رڙڪو ناهي.

”سائين چانهه لاءِ هيٺ نه لهبو؟“ منهنجي اڳيان لنگهندي دودي ۽ راڻي چيو:

”ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“ مون پڇيو.

”اها خبر ئي ڪانهي.“ دودي وراڻيو. گاڏي ان ئي وقت اسٽاپ ۾ آئي ۽ اسٽيشن جو نالي وارو هڪڙو بورڊ مون واري دريءَ جا ٻاهران به هو. مون نالو پڙهيو انگريزيءَ ۾ Godhra لکيل هو. ٻي زبان ضرور گجراتي ۽ ٽي هندي ئي هوندي. اسٽيشن تي فوٽو ڪڍرائي چانهه پي اچي ويٺس ته پوليس جي رٽائرڊ آفيسر چيو ته اها يادگار تصوير رهندي.

”ڪيئن؟“ مون پڇيو.

”ڇو ته هيءَ اها بدنام جاءِ گوڌرا اسٽيشن آهي جتان ٽي سال اڳ 2002ع ۾ هندو مسلمه فساد Originate ٿيا هئا ۽ هڪ طرف هزارين جانيون تباهه ٿي ويون ته ٻئي طرف دنيا ۾ انڊيا جي حڪومت جي سخت بدنامي ٿي هئي ته اهو ملڪ جيڪو جمهوريت ۽ هر مذهب سان سهپ جو Claim ٿو ڪري ان ۾ هن قسم جا جهڳڙا مذهب جي نالي ۾ ٿي رهيا آهن.“

”هاڻ مون کي ياد آيو ڪيترن ڏينهن تائين انهن هنگامن جون خبرون ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون. حقيقت ۾ ڇا ٿيو هو؟“ مون هن رٽائرڊ پوليس آفيسر کان پڇيو.

”ظاهري طرح ته هيئن ٿيو هو جو جيئن سبرمتي ايڪسپريس ٽرين هتي گوڌرا ۾ پهتي ته ان تي حملو ڪيو ويو.“ هن رٽائرڊ پوليس آفيسر جيڪو هندو هو، ٻڌايو، ”گاڏيءَ کي باهه ڏني وئي ۽ سٺ کن ماڻهو مري ويا جيڪي گهڻو ڪري هندو هئا. ان بعد هندن هن سڄي شهر ۾ ٻاري ڏني ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ٺاپر ٿي ته خبر پئي ته مسلمانن جا چار پنج هزار ماڻهو قتل ٿي ويا. ان بعد حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ سماج وادي جو ايم پي راج ببر (مشهور ايڪٽر( ايم پي شبان اعظمي (فلم ايڪٽرس) ۽ انڊيا جي مشهور اخبار راشتريه سحارا جو ايڊيٽر عزيز برني آهي. آخر ۾ خبر پئي ته ان ۾ شروع جي چرچ اسان جي هندن جي هئي. آيوڌا کان هڪ غنڊن جو ٽولو جنهن پاڻ کي رام سيوڪ ٿي سڏايو سڄي واٽ ٽرين ۾ توڙي ريلوي اسٽيشن تي گوڙ گهمسان ڪندو آيو. هنن هر اسٽيشن تي کاڌي پيتي جي دڪانن تان شيون وٺي پئسا ڏيڻ بدران هنن جا ٿانو ٿپا ٿي ڀڃي ڇڏيا. هنن مسلمانن ۽ انهن جي پاڪ جاين جي خلاف نعرا ۽ غلط لفظ ٿي چيا ۽ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيل مسافرن کي به هيسائيندا ۽ ڊيڄاريندا هليا. جن مسلمانن عورتن کي نقاب هو انهن جو اهو لهرائي ڇڏيائون. هڪ فيمليءَ احتجاج ڪيو ته ان کي زوريءَ گاڏيءَ مان لهرائي ڇڏيائون. پوءِ هنن اهي ساڳيا ڪم هتي گوڌرا جي ريلوي اسٽيشن تي ڪيا. هڪ پير مرد مسلمان دڪان واري پئسا نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ته هن کي بي درديءَ سان مارڻ لڳا. هن وٽ بيٺل سورهن سالن جي ڌيءَ کين پنهنجي پيءُ کي نه مارڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون ته ماڳهين هن کي زوريءَ کڻي گاڏي ۾ بند ڪري ڇڏيائون. گاڏي هلڻ تائين پير مرد پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏڻ لاءِ دٻي کي ڌڪ هڻندو رهيو پر اندران ڪنهن به در نه کوليو ۽ پوءِ چون ٿا ته ڪجهه غيرتمند نوجوان آخري دٻي ۾ چڙهي پيا ۽ ريل گاڏي ڪلوميٽر کن اڳتي هلڻ بعد جتي مسلمانن جي وڏي بستي آهي اتي ٽرين کي بيهاري هنن سان جهيڙو ڪيائون. اوسي پاسي جا ٻيا مسلمان به اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ ٻئي تي پٿراءُ ٿيندو رهيو. خبر پئي ته هنن رام سيوڪن جو دٻو اڳهين پٿرن سان ڀريو پيو هو ۽ رستي تي به هو پٿر بازي ڪندا آيا هئا. ايتري ۾ ڪنهن هڪ پراڻي سوڙهه کي باهه ڏيئي ريل گاڏيءَ جي هيٺان ڇڏي ۽ ڀنڀٽ مچي ويا جو ريل جي هڪ ٻن دٻن ۾ گاسليٽ جا دٻا ۽ ٻارڻ جي گيس جا سلينڊر هئا جن جي ڦاٽڻ تي باهه وڪوڙي وئي ۽ ان ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي راک ٿي ويا. ان بعد هندو مسلمانن جو قتل عام ڪندا رهيا. BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) وارن جي حڪومت هئي جيڪي هن واقعي کي As Usual پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ان ۾ پاڪستانين جو ڳجهو هٿ آهي. بهرحال هن پرسڪون ڌرتيءَ  تي هيءَ هڪ افسوسناڪ Tragedy هئي جنهن ڪيترن صحيح سوچ رکندڙ هندن جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ اسان جو ملڪ دنيا جي نظرن ۾ بدنام ٿيو. هندو مسلمانن جي پيار محبت جي وچ ۾ چند شيطان قسم جي انسانن جو هي هڪ وڏو کاٽ هو جنهن سان پيدا ٿيل نفرتون گهٽ ٿيندي ٿيندي وڏو عرصو لڳندو.

بقول ان وقت گوڌرا جي پوليسس سپرنٽينڊنٽ نانواتيءَ جي:

“The Provocation was there and the reaction was strong. But no one had imagined all this would turn into such a big tragedy”.

اسان جي ريل گاڏي (پشچم ايڪسپريس) هتي گوڌرا ۾ چڱي دير بيٺي ان بعد اسان جي آخري منزل بڙودا ڏي هلڻ لڳي. پروفيسر بسنت اوڏ جيڪو پهرين به انڊيا اچي چڪو آهي تنهن گوڌرا کان چند ميل اڳيان جبل ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته اهي پاوا ڳڙهه جو ٽڪريون (Pavagarh Hills) سڏجن ٿيون. انهن جي قدمن ۾ هندن جو هڪ تمام مشهور مندر آهي جيڪ ڪالي ديويءَ جو مندر سڏجي ٿو.

گوڌرا ۽ هن کان اڳ آيل اسٽيشن داهود (Dahod) جاڙا شهر سڏجن ٿا. مغل بادشاهه اورنگزيب هن شهر داهو ۾ ڄائو هو.

هونءَ هي صوبو گجرات واپار وڙي، انڊسٽري ۽ پراڻن مندرن کان مشهور چيو وڃي ٿو. ان ۾ حقيقت ئي هوندي جو هن صوبي ۾ پالنپور (نوابن جي پراڻي رياست جنهن ۾ بلرام مهاديو مندر ۽ ٻيا هندن جا مندر آهن)، پاتان (جيڪو جين ڌرم جي مندرن سان ڀريو پيو آهي) موڌيرا (جيڪو سورج مندر ۽ ٻين هندو ۽ جين ڌرم جي مندرن کان مشهور آهي)، راجڪوٽ، جهونا ڳڙهه ۽ ڄام نگر جهڙا ڪيترائي شهر مندرن کان مشهور آهن. تاريخ جو مشهور مندر سومناٿ به هن ئي صوبي گجرات ۾ آهي. سومناٿ مندر کان نه فقط انڊيا جو ٻچو ٻچو واقف آهي اسلام جي نالي ۾ ٺهيل اسان جي ملڪ جو ٻچو ٻچو پڻ. انڊيا وارا ان ڪري جو سومناٿ مندر ننڍي کنڊ جو تمام مشهور، جهونو ۽ امير ترين مندر آهي (يا گهٽ ۾ گهٽ رهيو آهي) ۽ اسان جي ملڪ جا ان ڪري جو ان تي حملو ڪندڙ افغان محمود غزنوي کي جيڪو ظاهر آهي...... جين ۽ ٻين ڌرمن سان واسطو رکندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ هڪ ڦورو ۽ ڌاريل ئي ٿيو جو هنن جي عبادت گهرن کي تباهه ڪري مال ملڪيت کڻي ويو پر اسان جي تاريخدانن اسان جي لاءِ هن کي وڏو دلير، اعليٰ مسلمان، دولت تي نه وڪامڻ وارو ڪري پيش ڪيو آهي. افغانستان کان هو پنهنجا سپاهي ۽ ٽيهه هزار گهوڙي سوار رضاڪار وٺي سڄو جهان لتاڙي عربي سمنڊ جي ڪناري تي جهونا ڳڙهه صوبي جي وڏي شهر ۽ بندرگاهه ويرا وال جي ڀر ۾ ٺهيل سومناٿ مندر تي حملو ڪري. هن ان ۾ ٽنگيل بت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. هو پاڻ سچو مسلمان هو ته هن نه ٿي چاهيو ته ڪنهن بت جي پوڄا ٿئي سو هن تير ڪمان سان بت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. مندر جا پوڄاري ۽ ٻاوا سندس قدمن تي ڪري پيا.

”توهان اسان جي ديوتا جي مورتي کي ڀڃي ڀور ڀور نه ڪريو. اسان توهان کي دولت ۾ توري ڇڏينداسين.“

پر محمود غزنوي نه مڃيو، ظاهر آهي هو سچو مسلمان هو، هن وراڻيو ”آئون بت فروش نه آهيان، آئون بت شڪن آهيان.“ (يعني آئون بت وڪڻڻ وارو نه آهيان پر بت ڀڃڻ وارو آهيان). ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ محمود غزنوي نالي ڊرامو اسان فقير جي پڙ ۾ ڏٺو هو، جيڪو همراهه ڏاڙهي لڳائي محمود غزنوي ٿي آيو هو ان جنهن وقت اهي جملا چيا ته ڏسندڙ ڪا دير تاڙيون وڄائيندا رهيا ۽ واه واه ڪندا رهيا. ”ڇا ته محمود غزنوي ورندي ڏني!“ هر هڪ ٿي چيو.

بهرحال اسان جي تاريخن جي ڪتابن ۾ آهي ته محمود غزنوي هندن جي مال ملڪيت جي آفر کي ٺڪرائي تير کي ڇڪي ان بت کي هنيو، ته اهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي پٽ تي پيو ۽ محمود کي جيڪا دولت مندر جا ٻاوا آفر ڪري رهيا هئا ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ دولت جا هيرا جواهر بت جي پيٽ مان نڪري آيا جيڪي ان ۾ لڪايا ويا هئا. محمود غزني ان دولت سان خرجنون ڀري پنهنجي وطن روانو ٿيو.

اها ڪهاڻي ۽ ڊرامو اسان تڏهن پڙهي ۽ ڏٺي جڏهن اسين چوٿين درجي ۾ هئاسين، اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته محمود جي ڳوٺ غزني کان ٻي ڇيڙي تي جهونا ڳڙهه جي ڪنڊ ۾ هن مندر کان علاوه ڇا ڪو ٻيو مندر ۽ بت هو ئي ڪونه جو هو ثواب کٽڻ لاءِ ايڏو ڪهي هي سومناٿ جو بت ڀڃڻ آيو ۽ ڇا بت ڀڃڻ سان ٻئي ڏينهن کان اوسي پاسي جا هندو بتن جي پوڄا ڇڏي مصلا وڇائي نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ ڇا محمود پاڻ مسلمانن جي لشڪر سان واٽن تي نمازون روزا رکندو، خير خيرات ڪندو پهتو هو؟ مندر جي هن بت مان مليل سون ۽ هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال اتي جي ئي غريبن ۾ ڇو نه خيرات ڪري ڇڏيو؟ گهٽ ۾ گهٽ ملائيشيا پاسي اسلام ائين ته نه پکڙيو. اتي عربستان، ايران ۽ ننڍي کنڊ کان آيل ماڻهن اچي نيڪ ڪم ڪيا، ڌنڌي ڌاڙي ۾ ايمانداريءَ جا مثال قائم ڪيا جن مان مڪاني ماڻهو Impress ٿي مسلمان ٿيا. تڏهن ته ننڍي کنڊ جا غير مسلم اسلام تي اهو الزام هڻن ٿا اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو.

هونءَ سومناٿ مندر اهڙي هنڌ تي آهي جو اسان جا ڪيترا  جهازي دوست جيڪي انڊيا جي ممبئي ۽ ڀر وارن بندگاهن ۾ ايندا رهيا اهي باءِ Sea يا باءِ روڊ خاص ڪري دوارڪا کان ايندا رهيا. هونءَ به هي سومناٿ مندر يا جهونا ڳڙهه شهر، ڪاٺياواڙ يا ڀوڄ وغيره اسان جي ڪراچي، حيدرآباد يا بدين کان پري نه آهن جهاز کي ڪراچي بندرگاهه مان ڪڍي باهر ڪري جيسين سسٽم کي ڊيزل آئل مان هيوي فيوئل تي چئنج ڪر ۽ فل اسپيڊ تي آڻي آٽو تي رکي انجڻ روم مان ٻاهر ڊيڪ (عرشي) تي اچ ته انڊيا گجرات جا مانڊوي ۽ مندرا بندرگاهه به گذريو وڃن ۽ شام تائين دوارڪا، پور بندر ۽ سومناٿ وارو بندرگاهه ويراول به گذريو وڃي. يعني پاڻي وارو جهاز انهن کي لتاڙيو وڃي جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار بنهه گهٽ گڏهه يا خچر جيتري آهي. اسان جي شهرن بدين، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ کان ته سکر ۽ جيڪب آباد به پري آهن پر مانڊوي، ڀوڄ، موٿالا، فتح ڳڙهه، پالنپور ۽ پور بندر ۽ سومناٿ ويجها آهن. ٻه ڪانگ يا ڪي ٻيا ٻه پکي، هڪ ميرپورخاص مان ڪشمور يا جيڪب آباد لاءِ نڪري ۽ ٻيو سومنٿات لاءِ ته سومناٿ وارو گهڻو اڳ منزل تي پهچي ويندو. اهو هينئر سياسي بارڊرن جا چڪر آهن ۽ ڪاريون بسون ۽ هوائي جهاز نڪري پيا آهن پر جڏهن ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي هلندا هئا ته لاڙ ۽ وچولي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي گجرات، مهاراشٽرا ۽ راجستان جا شهر وڌيڪ ويجها هوندا هئا. اسان جي والد صاحب گل محمد شيخ ۽ سندس ڪلاس ميٽ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ نولراءِ اوڏ جو والد صاحب نارائڻ داس اوڏ وغيره مئٽرڪ جي امتحان لاءِ بمبئي ويندا هئا يا وڪالت لاءِ جهونا ڳڙهه ته ٿرپار مان اٺن ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ اسان سنڌين کي هي شهر ڪوئيٽا، ملتان، لاهور کان ويجها پيا ٿي. ڪيترا ته سفر جا شوقين پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا ۽ منزلون هڻندا بيڪانير، جيسلمير، ڀوڄ، ڄام نگر کان وڃي نڪرندا هئا ۽ هونءَ  به اڄ کان اڍائي يا ٽي سؤ کن سال اڳ ڪٿي هيون ريل گاڏيون ۽ بسيون موٽرون، ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي سفر ڪندا هئا. شاهه لطيف به انهن مان هڪ آهي جنهن ان دور ۾ ضرور اهي علائقا گهميا هوندا تڏهن ته انهن جا چٽا حوالا ڏئي ٿو.

هونءَ جيڪو پاڻيءَ جو ننڍڙو جهاز هجي، جهڙا سؤ سال کن اڳ تائين هئا ته هن صوبي گجرات جي بندرگاهن جو جواب ناهي. منهنجي خيال ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ گجرات ئي اهو صوبو آهي جنهن جو سڀ کان گهڻو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ اهو به کاڌل ڪنارو آهي يعني جتي ڪٿي ننڍا ننڍا بندرگاهه ٺهي پيا آهن. آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ اهي بتيلي ٽائيپ سڙهن وارا ۽ پوءِ ٻاڦ وارا آگبوٽ هن گجرات واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ٺهيل بندرگاهن ۾ فرحتي ويندا هوندا ۽ ٽريڊ ۽ واپار کان هن پاسي ميلو متل هوندو. هاڻ جهاز ايڏي وڏي سائيز جا ۽ اونها ٿي پيا آهن جو هن سموري علائقي جا بندرگاهه انهن لاءِ ننڍا آهن ۽ پاڻي به ايترو اونهو ناهي جيڏي اوچائي جهازن جي ٿي وئي آهي. گذريل صديءَ تائين سومناٿ مندر جي Location  واقعي ڀٽاري  هئي جتي نه فقط خشڪي ذريعي پر سمنڊ ذريعي پڻ پري پري کان تيرٿي ڪهي آيا ٿي ۽ جيترو پئسو هن مندر کي مليو ٿي اوترو ڪنهن کي نٿي مليو.

هندو ڌرم جي ڪيترن ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته هي مندر سومراج، چنڊ ديوتا، پاڻ سون سان جوڙايو ۽ پوءِ وري راوڻ نئين سنئين چانديءَ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ڪرشن ڪاٺ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ان کي ڀيم ديو پٿر مان جوڙايو. سومناٿ جي هونءَ به لفظي معنيٰ آهي اهو جنهن جو نالو چنڊ تان رکيو ويو آهي. سومناٿ مندر ٻين به ڪيترن ئي نالن سان سڏجي ٿو. ديئو پاتڻ، پرڀاس پاتڻ يا پاتڻ سومناٿ. هي مندر سڀ کان گهڻي شان مان وارو ليکيو ويو ٿي جنهن ۾ ٻارهن مان هڪ جوتي لنگس (چمڪندڙ لنگس) هو جنهن هندن وٽ وڏي اهميت رکي ٿي. چون ٿا ته هن مندر جي ٺاهه جوڙ ۽ ٽهل ٽڪور لاءِ ڏهه هزار ڳوٺن مان خرچ حاصل ڪيو ويو ٿي. هڪ ئي وقت ٻه هزار برهمڻ ٻاون هن ۾ رکيل مورتي (Idol) جي خدمت ڪئي ٿي. مندر جو گهنڊ ڊگهي سوني زنجير سان وڄائي پوڄا پاٽ پاٺ جو اعلان ڪيو ويو ٿي. سومناٿ مندر خبر ناهي ڪيترا دفعو ڦربو ۽ ڊهندو رهيو ۽ عقيدتمند هن کي وري ٺاهيندا رهيا ٿي. هن تي فقط افغان مسلمان محمود غزنوي حملو نه ڪيو پر نئين دهليءَ جي جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ جي مشهور تاريخدانن پروفيسر رميلا ٿپر جي چواڻي تي ڪيترا هندو راجا (چودا ساماس، اڀيراس ۽ ياداواس) به هن مندر مان مال پاڻي ڪڍندا رهيا هن مندر لاءِ ايندڙ تيرٿين جي به ڦرلٽ ڪندا رهيا جيڪي پاڻ سان پئسو ڏوڪڙ ۽ ڳهه کڻي ان نيت سان نڪرندا هئا ته هن مندر کي Donate ٿا هلي ڪريون. هماچندرا نالي ٻارهين صديءَ جي هڪ ليکڪ اهوئي لکيو آهي ته مندر جي ڦرلٽ ۾ مسلمانن يا ترڪن کان وڌيڪ مڪاني هندو راجا Involve هئا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سومناٿ مندر وڏي مال ملڪيت جو گدام هو ۽ مندر جي حوالي ايڏو ڌن دولت هو جو تباهيءَ بعد وري ان کي ٺاهيو ويو ٿي. محمود غزنيءَ هن کي ست دفعا تباهه ڪيو وري وري هن کي ٺاهيو ويو. پهرين دفعو جڏهن محمود غزنيءَ سومناٿ مندر تي 1024 ۾ حملو ڪيو ته ان وقت مندر ايڏو خوشحال هو جو مندر ۾ 300 ساز وڄائڻ وارا ۽ 500 نچڻ واريون ڇوڪريون هيون ۽زيارت لاءِ ايندڙ پوڄارين جي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ ٽي سؤ حجام هئا. محمود غزني جي بت ڀڃڻ (بت شڪن ٿيڻ) واري اسٽوري سان ڪيترن ئي تاريخدانن جو اختلاف آهي ته اهي سڀ پوءِ جون نصيحت ڀريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن جي ڦر کي Justify ڪرڻ ۽ هيرو بنائڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. پهرين ڳالهه ته سومناٿ مندر ۾ ڪوبه بت يا مورتي نه هو پر اهو سون جو Solid لنگا (مردانو عضوو) هو جيڪو شيوا ديوتا جو لنگا سڏيو وڃي ٿو.

محمود غزنيءَ جي حملن بعد علاؤالدين خلجي جي ڪمانڊر افضل خان سومناٿ تي حملو ڪيو ان بعد هن مندر تي وري 1297ع، 1394ع ۾  ۽ آخري دفعو 1706ع ۾ اورنگزيب حملو ڪيو. ان 1706ع واري حملي بعد هن مندر جي وري ٺاهه جوڙ نه ڪرائي وئي. هندستان جي ورهاڱي بعد 1950ع ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل (1875ع ڄم 1950ع وفات) جي ڪوشش سان ٺهي راس ٿيو ۽ مندر جي مين گيٽ جي سامهون هن جو Statue آهي ۽ 11 مئي، 1951ع تي انڊيا جي صدر ڊاڪٽر راجيندرا پرساد مندر ۾ نئون چمڪندڙ جوتي لنگم رکيو.

ٽرين جي دٻي ۾ هاڻ اسان جي ماڻهن (ڄاڃين) جي چرپر شرو ٿي وئي هر هڪ پنهنجو سامان سهيڙي ٿيلهن ۾ پئي وڌو. سيٽن هيٺان هيڏانهن هوڏانهن هلي ويل چمپل هٿيڪا ڪري بيگن ۾ وڌاسين ۽ جوراب بوٽ پائڻ لڳاسين يعني هاڻ اسان جي منزل بڙودا اسٽيشن آئي ڪي آئي. اسان کي بڙودا (اصل نالو ودودرا هو ۽ هاڻ وري ان ئي نالي سان هي شهر سڏجي ٿو) ۽ ڇڏي پوءِ هن ٽرين کي ممبئي وڃڻو هو. رستي تي هن کي گجرات صوبي جي ٽن وڏين اسٽيشن تي ضرور بيهڻو پوندو يعني ودودرا (Vododara) بعد ڀاروچ ۽ ان بعد سورت جتي اسان سان گڏ سفر ڪندڙ اسٽوڊنٽ ڇوڪريءَ کي لهڻو آهي ۽ ان بعد والسد (Valsad). والسد گجرات صوبي جي آخري اسٽيشن آهي. ان بعد مهاراشٽرا جو صوبو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ ”ممبئي“ آهي. پورچو گالين جي ڪالون دامن (Daman) ۾ وڃڻ لاءِ هن ريلوي اٽيشن تي لهڻو پوي ٿو. پورچو گالين جي ٻي وڏي ڪالوني گوا (Goa) آهي جيڪا ممبئيءَ کان گهڻو هيٺ آهي.

هونءَ انڊيا ۾ توڙي سريلنڪا، ملائيشيا وغيره ۾ يورپي قومن مان پهرين اچڻ وارا پورچو گالي هئا. هو جهاز راني ۽ جاگرافي ۾ انگريزن، ڊچن ۽ فرينچن کان به تيز هئا پر انتظاميه ۾ صفا ڍڳا هئا. انتظاميه ڇا بلڪه ٺڙڳ ٺڳيون کڻي چئجن جن ۾ انگريز هوشيار هئا ۽ جيتوڻيڪ انگريز جتي ڪٿي پوءِ پهتا پر اٽڪلون ڪري مڪاني حاڪمن ۽ راجائن کان علاوه پنهنجن يورپين کان به حڪومت کسيندا ۽ صوبن، رياستن ۽ ملڪن تي قبضو ڪندا رهيا. سڄي هندستان تي آخرڪار انگريزن جي حڪومت ٿي وئي. پورچو گالين وٽ آخر ۾ گوا ۽ اهو دمان رهيو جنهن سان گڏ Diu نالي هڪ ٻيٽ ۽ هواڏانهن فرينچن وٽ به انڊيا جو پانڊيچيري. هڪ ننڍڙو علائقو آخر تائين رهيو جنهن ۾ اڄ به فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي جيئن گوا ۾ پورچو گالي. ايتري قدر جو هنن هنڌن تي رهندڙ ماڻهن وٽ پورچو گال ۽ فرانس جا پاسپورٽ هئا ۽ هنن کي اهي سهولتون مليون ٿي جيڪي انهن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي هيون. 1961ع ۾ انڊيا حڪومت انهن کي به انگريزن وانگر ڀڄائي ڪڍيو. اڄ گوا ۽ دامن تي انڊيا جي حڪومت آهي پر اتي رهندڙ پراڻن ماڻهن کي جن وٽ پورچو گال جا پاسپور آهن کين اڄ به اتان پينشن ۽ بيروزگاري الائونس ملي ٿي جيڪو انڊيا جي ڪنهن وڏي آفيسر جي پگهار  کان به گهڻو آهي.

منهنجي خيال ۾ صبح جا ساڍا نو يا ڏهه کن ٿيا ته اسان جي گاڏي خير سان بڙودا استيشن تي اچي پهتي. دريءَ مان ٻاهر ڏٺم ته ريلوي پليٽ فارم تي سيمينٽ جي وڏي بورڊ تي لکيل هو Vadodara. پهرين ته مون کي ائين لڳو ته شايد بڙودا کان اڳ واري اسٽيشن تي گاڏي پهتي آهي ۽ بڙودا اڃا پوءِ ايندو پر پوءِ خبر پئي ته اهائي بڙودا اسٽيشن آهي ۽ هن شهر جو اصلوڪو نالو ”ودودرا“ ئي آهي. پر جيئن ته انگريز سرڪار کي ڪيترا ديسي لفظ اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ان ڪري هنن پنهنجي سهولت لاءِ هن شهر جو نالو بڙودا رکيو جيئن قاهري جو ڪيرو، شام جو سريا، انگريزن جي وڃڻ بعد به انهن جا رکيل نالا ڪافي عرصي تائين قائم رهيا پر هاڻ انڊيا حڪمت اهي بدلائي پراڻا رکيا آهن جيئن مدراس جو چنائي، بنارس جو ورناسي وغيره.

سامان کڻي گاڏيءَ مان لٿاسين ته اسان کي وٺن لاءِ مڪيش  جا ساهرا تيار بيٺا هئا. ڪجهه ڪجهه جون شڪليون ڄاتل سڃاتل لڳيون ٿي. ٻاهر نڪري سامان ٽميپو (ٽرڪ نموني جي ننڍي گاڏي) ۾ رکيوسين ۽ اسان ڪنوارتين طرفان آندل ڪارن ۾ اچي هوٽل ايڪسپرس پهتاسين جتي اسان جي رهائش جو بندوبست هو.

جيسين هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل رسپيشن گجراتي ڇوڪري هر هڪ مهمان لاءِ ڪمرن جو چاٻيون الگ ڪري تيسين هوٽل جي يونيفارم ۾ ٻه اسٽيورڊ ڇوڪرا ڄاڃين کي تازي جيوس Serve ڪرڻ لڳا گهوٽ مڪيش جون ڀيڻون پشپا ۽ ساوتري، ڪزن: ڪرن، مانيڪا، سروج ۽ پڦيون چوڌاري رکيل صوفن تي ويهي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ لڳيون. کين پشپا جو مڙس شمن لعل ۽ نولراءِ اوڏ جي وڏي ننهن سيتا پڻ سر وٺرائي رهي هئي:

پنهنجي مڪيش کي آءُ ٿي پرڻايان

آءُ ٿي پرڻايان شاديءَ جي شغل ڳايان

سر لاڏل جي موڙ جي سونهندا،

موتين جوڙ بنايان

پننجي مٺوءَ کي آءُ ٿي پرڻايان

 

مڪيش منهنجو سدا سهڻُ جا سودا ڪري

سون جا سودا ڪري، هيري موتي جي ٻيڙا ڀري

اکيون مڪيش جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو

ابل منهنجو سدا سهڻو، سرن جا سردا ڪري

ڏند مڪيش جا ماڻڪ، موتي سرخيءَ جوڙ بنايو

ابل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org