سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: --

صفحو :4

انڊيا جو پنجاب صوبو هن مان وهندڙ مٿين ندين ذريعي ٽن وڏن حصن ۾ ورهايل آهي. بياس نديءَ جي اتر وارو علائقو مجها (Majha) سڏجي ٿو. ستلج ۽ بياس ندين جي وچ وارو حصو دوآبا (Doaba) ۽ ستاج نديءَ جي ڏکڻ وارو باقي حصو مالو (Malwa) سڏجي ٿو. پنجاب جي ڀر ۾ هريانا صوبو آهي جيڪو پنجاب صوبي سان اوڀر کان ڏکڻ تائين مليو پيو آهي. ٻنهي صوبن جي گاديءَ جو ساڳيو شهر چاندي ڳڙهه آهي. چاندي ڳڙهه انڊيا جو پهريون Planned ۾ ماڊرن شهر آهي جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي. هن شهر جو نقشو سن 1966ع ۾ فرانس جي مشهور آرڪيٽيڪٽ Le Corbusier ٺاهيو. هن شهر جي ڏکڻ ۾ فتح ڳڙهه صاحب ضلعي جو هڪ شهر سرهند (Sirhind) گراند ٽرنڪ روڊ جي بلڪل ڪپر تي آهي. شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ بعد سندس وارثن سوري گهرا‎ڻي جو تخت ۽ گاديءَ جو هنڌ پنجاب صوبي جي هن شهر سرهند کي بنايو. منجهن ڪو حال نه هو. 1555ع ۾ همايو سوري گهراڻي جي حاڪم سڪندڙ شاهه سوريءَ کي هتي شڪست ڏني ۽ سال کن بعد همايون جي پٽ اڪبر سوري خاندان جي مڪمل تباهي پاڻيپٽ ۾ ڪئي. پاڻيپٽ جو شهر به هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي آهي. جتي شام ڌاري پهچي وينداسين، هي اهوئي پاڻيپٽ آهي جتي 1526ع ۾ همايون جي پيءُ بابر ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي دهليءَ جي تخت تاج وجو مالڪ ٿيو ۽ هن گهراڻي (مغل خاندان) کي ٻه سؤ سالن کان مٿي هندستان تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. همايون جي فتح (1555ع) کان وٺي 1709ع تائين هي شهر سرهند مغلن جو بلي بلي شهر هو پر پوءِ طاقتور سکن ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندڙ مغلن جي وچ ۾ هن شهر جي تباهي ٿيندي رهي ۽ 1763ع ۾ هي شهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو.

سرهند جو شهر جتي هاڻ اسان جو وڏو اسٽاپ هو جتي انڊيا پاڪستان سرڪار طرفان هلندڙ هن بس وارن اسان جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو آهي، اڄ سرهند هڪ دفعو وري ماڊرن ۽ سهڻو شهر ٿي پيو آهي ۽ چون ٿا ته هتي مير ميران ۽ پير بندي نقش والا مقبرو ڏسڻ وٽان آهي جن ۾ بلو رنگ جي ٽائيلن تي خوبصورت چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. ان کان علاوه هن شهر ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون مسجدون موجود آهن. سڀ کان افسوس ناڪ ڳالهه اها آهي ته هن شهر ۾ فيروز تغلق جو اهو جهونو سرهند قلعو آهي جنهن جي ڀتين ۾ گرو گوبند سنگهه جي ننڍن پٽن کي، مسلمان ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ تي جيئرو دفن ڪيو ويو هو. هيءَ اها Turning point هئي جنهن کان پوءِ سکن جي امن پسند قوم ويڙهاڪ ٿي پئي ۽ هنن جا مسلمانن سان تعلقات خراب ٿي پيا. منهنجي خيال ۾ اهو اورنگزيب مغل شهنشاهه هو جنهن جي حڪم سان هي بدقسمت واقعو درپيش آيو. ان واقعي جي ياد ۾ ان هنڌ تي فتح ڳڙهه صاحب نالي گردوارو آهي. ڀرسان حضرت مجدد دين الطاف جو روضو مبارڪ آهي.

اسان جي دهلي ويندڙ بس هن شهر سرهند ۾ جنهن وقت هوٽل اڳيان  اچي بيٺي ان وقت دهليءَ کان لاهور ايندڙ اسان جي پاڪستاني بس اتان رواني ٿي رهي هئي ۽ لاهور ويندڙ مسافر ان هوٽل مان ماني کائي نڪري رهيا هئا. انهن مان هڪ همراهه ٽيهارو کن ورهين جي ڄمار جو مون سان اچي مليو.

”سائين الطاف  شيخ آهيو نه؟“ هن سنڌيءَ ۾ پڇيو.

”ها ادا، ۽ توهان؟“ مون پڇيو.

”آئون درشن آهيان“ هن ٻڌايو. ”آئون به اخبارن رسالن ۾ لکندو رهان ٿو پر ”وفا سنڌي“ جي نالي سان جيڪو منهنجو ادبي نالو آهي.“

هنن جي بس هارن مٿان هارن وڄائي کين بس ۾ ويهڻ لاءِ جلدي ڪري رهي هئي جو اڃا وڏو سفر طئي ڪرڻو هون. بهرحال جلدي جلدي ۾ درشن ٻڌايو ته هو سکر پاسي ڪنهن ڳوٺ جو آهي ڪراچيءَ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ ڪئش ڊپارٽمينٽ ۾ ATO آهي هو ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال ۾ نومان ٽيريس فيز 2 ۾ رهي ٿو. پاڻ ٽي مهينا کن انڊيا ۾ رهي هاڻ پاڪستان موٽي رهيو هو.

”آئون مهيني کن لاءِ هتي آيو هوس.“ هن ٻڌايو، ”پر پوءِ هتي رهندڙ هڪ مائٽ جي چنائي ۾ آپريشن ڪرائڻي هئي، سو اوڏانهن هليو ويس.“

مدراس کي اڄڪلهه پراڻي نالي چنائي سان سڏين ٿا جيئن بنارس کي واراناسي Varanasi  ۽ بڙودا کي وادودارا (Vadodara)

”ڪيئن لڳو ڏکڻ هندستان؟ مون پڇيومانس.

”سائين ماٺ اٿانو ڀلي توهان سوچي نٿا سگهو ته اتي زبان جو ڪيڏو مسئلو آهي، اردو ته ڇا پر ڪو هندي به نٿو سمجهي.“ هن ٻڌايو.

”بلڪل صحيح ٿو چئين، مون کي ملائشيا ۽ سنگاپور جو تجربو آهي جتي هندستان جي ڏاکڻن صوبن ڪرناٽڪا، ڪيرالا ۽ تامل ناڊوجا ماڻهو رهن ٿا، هو فقط تامل، تيلگو، مليالم، ڪانڊا جهڙين زبانن کان واقف آهن.“ مون وراڻيومانس.

هندستان هڪ عجيب ملڪ آهي، هي اهو ملڪ آهي جنهن ملڪ منجهه انيڪ ملڪ آهن، جنهن جا ڏاکڻا صوبا ته مختلف نرالا آهن پر اوڀر وارا صوبا به. انڊيا جي اوڀر وارا صوبا مني پور، ميزورام، ناگالئنڊ، آسام ۽ آرونچل پرديش جيڪي بنگلاديش ۽ ڀوتان جي به ٻئي پاسي برما ۽ چين سان مليل آهن ۽ انهن جو ئي حصو لڳن ٿا اتي جو ڪچلر، لباس، رسم ورواج ۽ زبان دهلي، لکنؤ يا امرتسر ۾ رهندڙن لاءِ بلڪل نرالو آهي. آگري، ديره دون، اجمير ۽ سرينگر جو رهاڪو ولايت ۾ پشاور، لاهور، حيدرآباد ۽ ڪوئٽيا جي رهاڪوءَ سان گڏ ته رهي سگهندو پر پنهنجي ملڪ جي ناگر ڪئال، ٿيروانن، ڪوتايم جهڙن ڏکڻ هندستان جي شهرين سان نٿو رهي سگهي. هو پراٺا پوري کائڻ وارا ۽ هي اڊلي ڊوسا کائڻ وارا، هو اردو پنجابي سمجهڻ وارا ۽ هي هندي به نه سمجهن.

درشن (وفا سنڌي) ڪڏهو ڪو موڪلائي وڃي بس ۾ ويٺو، هو هندستان جون يادون کڻي پنهنجي وطن وڃي رهو هو. پوليس موبائيل پويان هنن جي بس رواني ٿي. بس جي پويان ڪنهن هتي جي رهاڪوءَ مارڪر سان رومن انگريزيءَ ۾ لکي ڇڏيو هو:

Dil ka Darwaja khol ker Aana

Prr Wapas Ja kar Bhool na jana

(دل کا دروازه کهول کر آنا_ پار واپس جاکر بهول نه جانا)

پاڪستان موٽندڙ هي اسان جا پاڪستاني هڪ ڏينهن وري ضرور ايندا. انڊيا اهو ملڪ آهي جتي اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن جن جا ڏک، درد، ريتون ۽ رسمون ۽ عقيدا ساڳيا آهن، انڊيا اهو ملڪ آهي جتي اسان جي تاريخ آهي اسان جو ڪچلر آهي جتي اسان جو مسجدون ۽ اسان جي بزرگن جا مقبرا آهن جتي اسان جي بادشاهن جون يادگار عمارتون آهن. هندستان ڪو اهڙو ملڪ ناهي جو هڪ مهيني يا ٽن مهينن ۾ ڏسي سگهجي. هن ملڪ کي ڏسڻ لاءِ، هن ملڪ کي پسڻ لاءِ، هن ملڪ کي سمجهڻ لاءِ مهينن جا مهينا کپن.

بس ۾ سفر ڪندڙ منهنجا ساٿي پليٽن ۾ ڀت، دال ڀاڄيون رکي ٽيبل تي کائي رهيا هئا ۽ آئون اڃا هوٽل جي ٻاهر بيٺو هوس. لاهور ويندڙ بس کي خدا حافظ ڪرڻ پٺيان، ادا گلاب راءِ جو پٽ وڃي پليٽ کڻي منهنجي اڳيان آيو.

”انڪل توهان هلي امان بابا واري ٽيبل تي ويهو ته آئون توهان لاءِ ماني کڻي ٿو اچان.“

”ڪهڙا ڪهڙا ٻوڙ آهن؟“ مون وڃي کانئس پڇيو جيڪو پنهنجي لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ ماني ڪڍي ٽيبل تي رکي آيو هو.

”انڪل اهو نه پڇو Vegetranian هوٽل آهي. رڳو دال جا قسم ۽ ڀاڄيون آهن.“ وڃي کلندي چيو ۽ آئون اچي ادا گلاب راءِ ۽ ادي راڻيءَ  سان گڏ ويٺس، مون جڏهن پهريون دفعو ڪنڊياري ۾ 1959ع ۾ ادا گلاب راءِ کي ڏٺو هو ته هن جي ويجهڙائيءَ ۾ شادي ٿي هئي. پاڻ ٻاويهه ٽيويهه سال جو ٺاهوڪو جوان هو. ان کان چار سالن کن اڳ 1955ع ۾ بهاولپور مان LSMF ڊاڪٽري جو امتحان ڏئي هاڻ لاڙڪاڻي (يا  شايد ٺٽي) ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. هينئر ان پهرين ملاقات کي به اٽڪل 46 سال ٿي ويا. ادي راڻي سفر دوران ڪافي کڙي تڙي لڳي رهي هئي، ۽ هوءَ عمر ۾ ادا گلاب راءِ کان ڪافي ننڍي به آهي پر پاڻ ڪمزور لڳي رهيو هو. مون کان 10 سالن کن وڏو اٽڪل 70 سالن جو ٿيندو. کين ٽي ڌيئرون، ڪوشلا، پدما، ۽ رتنا آهن ۽ ڇهه پٽ، چندر، رميش، راجڪمار، انوج، وجي (جيڪو ساڻن گڏ آيو هو) ۽ سڀ ۾ ننڍو اجيت آهي. جنهن گذريل سال BE انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي.

گلاب راءِ جي والد صاحب ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس کي پنهنجي وڏي زال پپيءَ مان فقط ٻه ٻار ٿيا. وڏو گلاب راءِ ۽ ٻيو حشمت راءِ، حشمت راءِ صاحب سنڌ جو مشهور انجنيئر ٿي گذريو آهي سندس ڪجهه سال اڳ وفات ٿي. حشمت راءِ کي ٻارهن ٻار آهن جن مان ٻه ٻار انجنيئر رانا ۽ ان جي زال آشا ۽ رانا جي ڀيڻ سروج جيڪا پيٽارو اسڪول ۾ ٽيچر آهي هن ڄڃ سان گڏ دهلي ۽ بڙودا پنهنجي سؤٽن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هلي رهيا آهن. ان کان علاوه انهن سان گڏ حشمت راءِ جي گهر واري (رانا ۽ سروج جي والده) مسز ماروي به آهي.

مانيءَ جو ڪم لاهي بيٺي پير چانهه پي اڳتي جي سفر لاءِ بس ڏي چرڻ لڳاسين. سچ پچ ته هاڻ سڀ هن ڊگهي سفر مان اهڙو ٿڪجي پيا هئاسين جو دل پئي چيو ته جيڪر هڪ ڏينهن کڻي هتي هن شهر سرهند ۾ ئي ترسائين ته ٿڪ ڀڃي پوءِ باقي سفر سڀان کان ڪجي، پر اها ڳالهه ناممڪن هئي. اسان جي ڪري پوليس به سيڙئي پئي هئي ۽ بس کي هر حالت ۾ دهلي پهچڻو هو جيئن ٻئي ڏينهن صبح ساڻ لاهور جا مسافر دهليءَ کان کڻي نڪري ۽ اسان  کي به هر صورت ۾ دهلي پهچڻو هو جو ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش جي اڄ رات ميندي هئي ۽ هو سڀ ڄڃ جو انتظار ڪري رهيا هوندا ته اجهو ٿا اچي ڳائين وڄائين ۽ ماني کائين. اسان جا ساٿي ۽ گهوٽن جا پيءُ ۽ نولراءِ اوڏ ۽ ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ انهن جا ٻار ٻچا جيڪي هوائي جهاز ذريعي ٻه ڏينهن اڳ دهلي پهچي چڪا آهن اهي پروگرام موجب اسان کي دهليءَ جي بس اسٽاپ تان وٺڻ لاءِ شام جو ئي پهچي ويا هوندا.

بهرحال اڳتي جي باقي بچيل سفر لاءِ وري اچي بس ۾ چڙهياسين. هڪ دفعو وري بس هلي، ڊرائيور کي ته شاباس هجي، صبح کان پئي هليو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد يا هاڻ رستو ٺهڻ بعد موري خيرپور تائين ڊرائيو ڪرڻ سولو ڪم آهي پر دنيا جي هن جهوني آباد ۽ رنگارنگ گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي گاڏي هلائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڊبل هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ هالا، سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد جهڙن بس اسٽاپن وٽ جيڪا لارين موٽرن، ٽانگن، گڏهه گاڏين، سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن جي رش هوندي هئي اهو حال هن سڄي گرانڊ ٽرنڪ روڊ جو آهي جتي انهن سڀني سوارين کان وڏي خواري رول ۽ نڌڻڪيون ڍڳيون آهن جن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ڪو موچڙو به نٿو هڻيو سگهي. سرهند شهر کان نڪرڻ بعد پوءِ ڪلاڪ اندر اسان جي بس پنجاب جو صوبو لتاڙي ڀر واري صوبي هريانا جي پهرين شهر امبالا کان اچي نڪتي. هي صوبو هريانه به پنجاب وانگر سائو ۽ سرسبز نظر اچي رهيو آهي، بلڪه سندس نالو هريالي (ساوڪ وارو) تان پيو هجيس. هي صوبو ڪو جهونو ناهي، 1966ع ۾ ڪجهه حصو پنجاب جو ۽ ڪجهه اتر پرديش جو ڪڍي هي نئون صوبو هريانا ٺاهيو ويو. دهلي هن صوبي جي هيٺين ڇيڙي تي آهي. هريانا صوبي کي ڀر واري صوبي اتر پرديش کان يمنا ندي الگ ڪري ٿي. يمنا ندي مٿان اتراهين صوبي هماچل پرديش کان اچي دهليءَ وتان ٿيندي پوءِ هيٺ اتر پرديش جي شهرن مٿرا ۽ آگرا مان ٿيندي الهه آباد ۾ گنگانديءَ سان وڃيو ملي.

امبالا ۽ بدايون شهرن جا نالا اسان ڪراچيءَ ۾ ٻڌا. برنس روڊ وٽ بدايوني نالي کير پڙن جو دڪان هوندو هو جيڪو هاڻ شايد ناهي ۽ امبالا نالي ڪياماڙيءَ تي مٺائي جو دڪان هوندو هو. جهاز تان ايندي ويندي يا ٻاهرن ملڪن ڏي Sail ڪرڻ وقت هن دڪان تان مٺائي گهرائيندا هئاسين. بعد ۾ خبر پئي ته بدايون ۽ امبالا انڊيا جي شهرن جا نالا آهن جتان جي لڏي آيل مهاجرن هتي پنهنجي اباڻي شهرن جي نالي تي دڪان کوليا هئا اڄ ان ”امبالا شهر“ جي وچ مان وهندڙ هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ تان وڃي رهيا هئاسين، امبالا شهر 1965ع واري انڊو پاڪ واري جنگ ۾ پڻ زير موضوع رهيو جڏهن پاڪستان ايئرفورس جي هوائي جهاز جي امبالا تي ڪيل بمباريءَ ۾ هتي جو سنيٽ پال نالي عسائين جو پراڻو گرجا گهر تباهه ٿي ويو، سينٽ پال چرچ هن علائقي جو جهونو ترين عبادت گهر آهي جيڪو انگريزن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ 1857ع ۾ ٺهرايو هو. امبالا انگريزن جي ڏينهن کان وٺي سائنسي ۽ سرجيڪل اوزارن ٺاهڻ جي ڪارخانن کان مشهور آهي، ان ڪري 1857ع جي آزاديءَ جي تحريڪ توڙي انڊوپاڪ جنگ ۾ هي شهر حملن جو نشانو رهيو.

گهمڻ جي نوجوانن جي معلومات لاءِ هي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته امبالا ۾ يوٿ هاسٽل به آهي جتي ڌارين شهرن توڙي ملڪن جا نوجوان معمولي مسواڙ تي رهي هوٽل جي ڳرن اگهن کان پاڻ بچائي سگهن ٿا. پر ان لاءِ ضروري آهي ته اڳواٽ پلان ڪري ڪمرا بڪ ڪرڻ کپن، ٻي ڳالهه ته هيءَ هاسٽل امبالا ضلعي جي پنج ڪولا Panchkula شهر ۾ آهي جيڪو امبالا ڪالڪا نيشنل هاءِ وي تي نئون اڏايل شهر آهي. هونءَ به انڊيا گهمڻ لاءِ ويندڙن کي معلوم هجڻ کپي ته انڊيا ۾ رهائش لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن. وڏين ننڍين هوٽلن کان علاوه مسافر خانا، پيئنگ گيسٽ هائوس، يوٿ هاسٽلون، YMCA ۽ YWCA جون هاسٽلون،، ڌرم شالائون، مندر وغيره جن ۾ هر مسافر پنهنجي سهوليت ۽ کيسي ۾ موجود پئسي مطابق رهي سگهي ٿو. اسان به ڪجهه ڏينهن دهلي ۽ بڙودا شهرن ۾ (جتي اسان جي دوستن نولراءِ اوڏ ۽ رامچند اوڏ جي پٽن جون شاديون ٿي رهيون آهن) کڻي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهنداسين جو شاديءَ جون ريتون رواج ۽ فنڪشن به اتي ٿي رهيا آهن. شاديءَ بعد اسان پنجاهه کن ماڻهن جي ڄڃ دهليءَ جي هڪ ڌرم شالا ۾ رهنداسين جتي باٿ روم سان گڏيل ڪمرا، ڊائيننگ روم ۽ بورچي خانو ٻن هفتن لاءِ رزور ڪرايو اٿئون جتي پنهنجا بورچي رکي رڌ پچاءَ ڪرائينداسين، اهڙي ريت اها رهائش اسان کي هوٽل کان تمام سستي به پوندي ۽ سڀ هڪ ئي هنڌ تي گڏ هونداسين.

امرتسر جهڙن شهرن ۾ ته اڃا به گهڻا رهائش جا بندوبست آهن ۽ جيڪڏهن ڪو مندر طرفان ٺهيل Aceomodation ۾ رهڻ چاهي (۽ جيڪڏهن ڪو هندو يا سک ڌرم سان تعلق رکي ٿو ته هن کي ته اهڙي رهائش لاءِ ڪوبه اعتراض نه هئڻ کپي) ته تقريبا مفت ۾ آهي. جيئن سري گرو رام داس نيواس ۽ سري گرو نانڪ نيواس گردوارن طرفان ٺهرايل رهائش گاهه جي ڪا مسواڙ ناهي جتي توهان ٽن ڏينهن تائين رهي سگهو ٿا، رهڻ لاءِ اچڻ وقت سيڪورٽي طور فقط پنجاهه روپيا Deposit رکڻو پوي ٿو جيڪو ڪمرو ڇڏڻ وقت واپس ملي ٿو. ان کان علاوه، امرتسر ۾ سري هوگوبند نيواس نالي، ويجهڙائيءَ ۾ هڪ نئون گيسٽ هائوس ٺهيو آهي جنهن ۾ ڌاريو ماڻهو ڪيترا به ڏينهن رهي سگهي ٿو پر ان جي پنجاه روپيا روز جي مسواڙ رکي وئي آهي.

مون دريءَ جي اندران هٿ لوڏي باءِ باءِ ڪيو، پاسي واري سيٽ تي ويٺل سري چند (رامچند اوڏ جي ننڍي ڀاءُ) جي پٽ سنجي حيرت مان هٿ جي اشاري سان پڇيو ته ڪنهن کي خدا حافظ ڪري رهيا آهيو.

”هن شهر امبالا کي، امبالا به هليو، هڪ هڪ شهر ڪري کٽائڻو ٿو پوي.“ مون شڪل ٺاهي زور سان ٻڌايومانس. اوسي پاسي ۾ ويٺلن مان جن ٻڌو اهي کلڻ لڳا ته سفر جون وڏيون هامون ڀرڻ وارو مون جهڙو همراهه به هاڻ ٿڪجي پيو آهي ۽ جنهن جي چهري مان هاڻ بيزار صاف ظاهر آهي.

”ادا پوءِ سمنڊ تي هفتن جا هفتا ڪيئن ٿا جهاز هلايو؟“ سنجي سان گڏ ويٺل هن جي پڦي ۽ نولراءِ جن جي سڀ کان ننڍي ڀيڻ شيلا پڇيو.

”پاڻي اورو جهاز هفتن جا هفتا ڇا مهينن جا مهينا به لڳاتار هلائڻو پوي ٿو خاص ڪري اهي ٽئنڪر جهاز جيڪي ايران يا عراق مان تيل کڻي آفريقا جي ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦري ڏکڻ آمريڪا يا ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ وڃن ٿا. جن ۾ 25  ڏينهن سفر جا ٿيو وڃن ۽ پوءِ فقط هڪ ڏينهن ۾ جهاز کي تيل کان خالي ڪري وري واپسيءَ جو 25 ڏينهن سفر ڪرڻو پوي ٿو پر ڪنهن به پاڻي واري جهاز تي هينئن ڪلفي جي سانچي ۾ بند ته نٿو ٿيڻو پوي.“ مون کيس فرق سمجهايو. ڇو جو انهن جهازن تي ته والي بال راند کيڏيون ٿا ته جهاز جي سئمنگ پول ۽ سئمنگ نه ڪريون ٿا. هڪ عمر کان پوءِ انسان ڪلاڪ کن چرپر بنا هڪ ئي پوزيشن ۾ ويهڻ سان چٻو ٿيو پوي ۽ هاڻ آئون ان عمر جي پيٽي ۾ هوس. ٻه ٽي ڪلاڪ بس ۾ ويهڻ بعد  جڏهن هوٽل ۾ چانهه پاڻي يا مانيءَ لاءِ لٿاسين ٿي ته ڪي قدم گڪو ٿي هلڻ بعد منهنجي بئڪ بون جون Vertabrates سنوت ۾ ٿي آيون. دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪندو رهيس ته آئنده نڪ کي ائين ابتو نه جهليندس. هي نڪ کي اڳيان جهلڻ بدران ڪنڌ جي چوڌاري هٿ ورائي ته جهلڻو ٿيو. ڪراچيءَ کان نڪتا آهيون ته چرين وانگر پيا اتر ۾ وڃون ۽ پوءِ لاهور وٽان بارڊر ٽپي انڊيا ۾ اچڻ بعد  هاڻ وري واپسيءَ واري طرف ڏکڻ ڏي پيا وڃون. اڃا ته دهلي به نه آئي آهي. اسان کي ته بڙودا وڃڻو آهي. مٺي ڏيپلو يا ڇاڇري کان جي سڌي بس سروس هجي ها ته احمد آباد بڙودا ٽن ڪلاڪن جو سفر مس آهي ۽ هاڻ اسان کي ان منزل تائين پهچڻ لاءِ ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جو سفر ڪرڻو ٿو پوي جو دهليءَ کان پشچم ايڪسپريس جهڙي تيز رفتار به بڙودا (گجرات) تائين 16 ڪلاڪ ٿي وٺي! بهرحال باءِ باءِ انبالا جنهن جو نالو چون ٿا ته چوڏهين صدي جي امب راجپوت سردار جي نالي تان امبالا پيو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن شهر جو نالو امبالا ڀون نالو امبا ديوتا تان پيو جنهن جي نالي جو مندر اڄ به هن شهر ۾ موجود آهي. هڪ ٻيو Belief اهو به آهي ته هي شهر اصل ۾ امب والا يا امب ڳوٺ جو حصو هو جنهن جي معنيٰ آهي انبن جو ڳوٺ Village of Mangoes.

امبالا شهر ڇڏڻ بعد مون کي يڪدم اک لڳي وئي. نه فقط اک لڳي وئي پر گهري ننڊ اچي وئي. گهٽ ۾ گهٽ ڪلا ڪ ڏيڍ ستو هوندس، اک تڏهن کلي جڏهن بس اچي هڪ هوٽل اڳيان بيٺي ۽ اسان کي هيٺ لهي چانهه پيئڻ لاءِ چيو ويو. ننڊ به ڇا ته قدرت جو تحفو آهي. فقط ڪلاڪ ٻه اڳ جيڪو آئون ٿڪل ۽ پنهنجو پاڻ مان بيزاري محسوس ڪري رهيو هوس سو Sound sleepبعد هاڻ تازگي ۽ نئين زندگي محسوس ڪري رهيو هوس. هڪ دفعو وري حيرت ۽ خوشي محسوس ڪري رهيو هوس ته جنهن ملڪ کي ڏسڻ لاءِ گذريل 35 سالن کان واجهائي رهيو هوس ان جي ڌرتيءَ تا اڄ منهنجا پير آهن ۽ جيڪي شهرن جا نالا تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهندو رهيس اهي ڄڻ ڪتابن جي ورقن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، چڱو جو راجيش ۽ مڪيش جن پنهنجين شادين جو فنڪشن انڊيا جي شهر دهلي ۽ بڙودا ۾ ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي انڊيا گهمن جو موقعو ملي ويو آهي نه ته وري ڪنڊياري هلڻو پوي ها يا وڏو ڇيهه ته رتوديرو، گهوٽڪي يا ڏهرڪي پاسي. مڪيش جي پيءُ نولراءِ اوڏ جي شادي 1967ع ۾ ڪنڊياري ٿي هئي ۽ اسين سندس پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جا ساٿي ڪئپٽن بشير وسطڙو، سکر جو عاشق شاهه، جهانگارا باجارا جو اقبال ترڪ ۽ ٻيا سندس شادي جو ڀت کائڻ لاءِ ڪنڊياري هليا هئاسين. اسين ان وقت سڀ ڇڙا هئاين. نول ننڍي ڄمار ۾ ئي شادي ڪئي هئي. منهنجي خيال ۾ 21 يا 22 سالن جو مس ٿيندو. سندن ڀاءُ ۽ اسان جي پيٽارو جي ٻئي ساٿي رامچند پنجن ڇهن سالن بعد 1973ع ڌاري شادي ڪئي. پر ان به ڪنڊيارو مان ڪئي جيتوڻيڪ هو تن ڏينهن ۾ آمريڪا مان پي ايچ ڊي ڪري اتي ئي ڪلوروڊو رياست ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ پيٽارو جا ڪجهه دوست ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي، کاهي روڊ حيدرآباد جو انور ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اتي Usa ۾ هئا. منهنجو جهاز به اتي ئي نيويارڪ، هوسٽن  بالٽيمور، نيو اورلينس واري روٽ تي هلي رهيو هو. اسان رامچند کي چيو ته هيءَ ڀلا ڪهڙي مسخري آهي. ”ڪنڊيارو“ ڇو؟ هتي ”ڪولوروڊ“ ۾ نٿو شادي ڪري سگهين ڇا؟

”نه يار اسان ARRANGED  مئريج ڪندا آهيون، بابا منهنجي شاديءَ جو بندوبت اتي ڳوٺ (ڪنڊيارو) ۾ ڪيو آهي.“ هن معصومت مان وراڻيو.

”ته پوءِ پڪ صحيح ڪم هوندو.“ اسان کلندي چيو هوس، ”ڇو جو چاچي نارائڻ داس اوڏ جو هر ڪم صحيح ٿئي ٿو.“

”مڃو ٿا نه؟“ رامچند مرڪندي چيو.

”مڃون ٿا پر توهان اوڏن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هڪ ته ڳوٺن مان شادي ڪرڻي آهي ۽ ٻيو ته هروڀرو ڪنهن اوڏياڻيءَ سان ئي شادي ڪرڻي آهي پوءِ ڀلي اها کڻي پڙهيل ڳڙهيل هجي يا نه، ڏٺل وائٺل هجي يا نه...“

جواب ڏيڻ بدران رامچند پنهنجي خاص انداز ۾ مرڪندو رهيو. رامچند ڪنڊياري مان شادي ڪري اچي آمريڪا ۾ رهيو ته اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن اچي ٿيا آهن. وچ وچ ۾ هو سروي جابس (jOBS) لاءِ يو اين او طرفان مختلف ملڪن ۾ ويندو رهيو آهي پر ٻار آمريڪا ۾ ئي رهيس ۽ پڙهي ڳڙهي وڏا ٿيا. کيس ٽي پٽ آهن: راجيش، رابي ۽ روي، وڏو پٽ 25_26 کن سالن جو ٿيندو ۽ هوڏانهن نولراءِ پاڪستان ۾ انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ ئي نوڪري ڪندو رهيو ۽ اڄڪلهه ملتان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر آهي. گذريل سان هنن ئي ڏينهن ۾ هو پنهنجي زال گيتا سان گڏ هولي يا شايد ڏياري جي مٺائي کڻي اسان جي گهر آيو ۽ ٻڌايائين ته سندس پٽ مڪيش جي شادي ٿو ڪريان پر شايد ڪراچيءَ ۾ نه ٿئي.

”يار اوڏن ۾ تون ئي هڪ آهين جيڪو پنهنجن ٻارن جي شادي ڪراچيءَ ۾ ڪندو رهين ٿو، هاڻ مڪيش جي شاديءَ لاءِ ڪنڊيارو هلون ڇا؟“ مون پڇيو.

نول جي چئن وڏن ٻارن جي شادي ٿي چڪي آهي جن مان وڏي جواهر جي گهوٽڪي پاسي ٿي باقي پشپا، پرڪاش ۽ ساوتريءَ جي ڪراچيءَ ۾ ئي ٿي ۽ هاڻ مڪيش جو وارو هو جنهن جي مون سمجهيو ڳوٺان يعني ڪنڊيارو مان شادي ڪرائي ٿو. مڪيش لنڊن مان وڪالت پڙهڻ بعد هاڻ ڪئناڊا ۾ نوڪري ڪري ٿو.

”مڪيش لنڊن ۾ پڙهائيءَ دوران پاڻ پنهنجي لاءِ ڪنوار ڳولي آهي، هوءَ هندو ڌرم جي ڇوڪري آهي ساڻس گڏ ئي gRADUATION ڪئي اٿس.“ نولراءِ پنهنجي پٽ مڪيش بابت ٻڌايو.

”ڏاڍو سٺو پوءِ شادي ڪيئن ڪندائو؟“مون پڇيو:

”ان بابت ڇوڪريءَ جي پيءُ اهو طئي ڪيو آهي ته مڱڻو ڀلي ڪراچيءَ ۾ ڪريو پر شادي هنن جي اباڻي ڳوٺ بڙودا ۾ ٿيڻ کپي جو ڇوڪريءَ جو ڏاڏ اڃا اتي ئي رهي ٿو.“

”واهه سائين واهه، ٻيو ڪو هلي يا نه آئون ضرور هلندس.“ مون چيو.

”في الحال آئون ڇوڪري ڏسڻ ۽ هن جي پيءُ سان پروگرام طئي ڪرڻ لاءِ لنڊن ٿو وڃان ان بعد رامچند وٽ USA وڃڻو اٿم جو هن جي پٽ راجيش جي شادي به انڊيا ٿي رهي آهي. سو پروگرام ڪجهه اهڙو ٺاهجي جو ٻنهي جي شادي هڪ ئي وقت ٿي وڃي.“ نولراءِ ٻڌايو.

ڏينهن گذرندي دير نٿي لڳي. اڄ ان کي پورو سال به ٿي ويو. نول لنڊن ۽ آمريڪا مان چڪر ڏئي پنهنجي پٽ مڪيش جي شاديءَ جو پروگرام سندس ڪلاس ميٽ گجراتي ڇوڪري شرمي ۽ هن جي پيءُ سان طئي ڪري آيو ۽ رامچند جي پٽ راجيش جو ٻڌائين ته ان جي شادي ايڪٽا سان دهليءَ ۾ ٿيندي. ايڪٽا به هندو ڌرم جي ڇوڪري آهي جيڪا پاڻ ۽ سندس والدين ڊينمارڪ جا شهري آهن، ايڪٽا آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي هن جي راجيش سان ڏيٺ ويٺ ٿي.

ٻن ٽن مهينن بعد شرمي جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ لنڊن کان ڪراچيءَ آيا ۽ وڏي ڌوم ڌام سان مڪيش ۽ شرمي جي مڱڻي جي رسم ٿي. نولراءِ جي اوڏ برادري کان علاوه ڪئپٽن بشير وسطڙو، نولراءِ جو پاڙيسري ۽ ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ممتاز شيخ، MCB جو مئنجير دين محمد سنڌ سيڪريٽريٽ جو شريف بلوچ ۽ ٻيا به ڪيترائي آيا هئا. مڱڻي بعد شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ جو پروگرام هيلو ۽ مهينو ٻه ان تي پئي بهث مباحثا هليا ته ٻئي شاديون هڪ ئي هفتي ٿي وڃن ته سٺو پر ان ڳالهه ته نه دهليءَ جو پنڊٽ راضي نه بڙودا جو... ۽ اسان ڄاڃين ته شروع کان اهو چاهيو پئي ته اسان کي انڊيا ۾ رهڻ لاءِ گهڻا ڏينهن ملي وڃن. آخرڪا تاريخون طئي ٿيون ته پهرين رامچند جي پٽ جي دهليءَ ۾ شادي ٿيندي ان بعد مهينو کن رکي نولراءِ جي پٽ مڪيش جي شادي بڙودا ۾  ٿيندي. ان فيصلي بعد ويزا ۽ ٽڪيٽون وٺڻ لاءِ فارم ڀريندا ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائيندا رهياسين. اهو سلسلو به مهينو ٻه هلندو رهيو ۽ اڄ اسان بارڊر تي ويزا لڳل پاسپورٽ ڏيکاري بس ۾ سفر ڪرڻ جي ٽڪيٽ ڏئي دهليءَ ڏي روانا ٿي رهيا آهيون ۽ هاڻ هڪ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ بس ترسي آهي.

مون هوٽل ۾ گهڙڻ کان اڳ چوڌاري نظر ڦيرائي، انڊيا جي وڏن شهرن جي مقابلي ۾ هي هڪ ڳوٺڙو هو. رستو سو ٽريفڪ سان ڪنن تائين ڀريل هو پر عمارتن ۽ عوام جي خيال کان ماٺ مٺوڙي وارو ماحول هو.

”ڪهڙو شهر آهي؟“ مون موبائيل مان لهندڙ پوليس وارن کان پڇيو.

”هريانا صوبي جو ننڍڙو شهر پپلي (Pipli) آهي. ”هڪ پوليس واري ٻڌايو.“

”ڇو ڀلا ڪو اوسي پاسي ۾ وڏو شهر ناهي ڇا؟۾“ مون پڇيو.

”بلڪل آهي ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر اڳيان ڪوروڪ شيترا نالي وڏو شهر آهي.“ پوليس واري ٻڌايو.

”پوءِ هي توهان جو نڀاڳو ڊرائيور ڪنهن وڏي شهر ۾ بيهارڻ بدران هر دفعي ڪنڊياري ۽ رتي دير جهڙي ڳوٺ ۾ اچيو بيهاري.“ مون شڪايت ڪندي پڇيو.

”سر! سيڪورٽي جو مسئلو آهي. وڏن شهر ۾ رش هجڻ ڪري اسان لاءِ ڌيان ڌرڻ مشڪل ٿي پوندو ۽ هي جايون ڊرائيور پنهنجي مرضيءَ سان Select نه ڪيون آهن پر حڪومت طرفان اڳهين مقرر ٿيل آهن. توهان جي هتي پهچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ هوٽل وارن ۽ مڪاني پوليس کي وائرليس ذريعي اطلاع ڪري هوٽل خالي ڪرائي وڃي ٿي ۽ چوڌاري ڪنهن به ماڻهوءَ کي توهان جي ويجهو هلڻ نٿا ڏيون.“

ٺهيو! چئبو ته اها ڳالهه آهي جو امرتسر، امبالا، چاندديڳڙهه ۽ لڌيانا جهڙن شهرن ۾ چانهه يا ماني کارائڻ بدران هر دفعي ميانداد چنجڻي، نٽ ڳوراهو، گپچاڻي ۽ ڳالهيجا جهڙن ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي وٺيو اچن. بهرحال دهلي پهچي مٿين ٻن ٽن وڏن شهرن جو چڪر ته ضرور هڻبو خاص ڪري ڪروڪ شيترا جهڙي آڳاٽي ۽ تاريخي شهر جو. هن شهر جي تهذيب بابل (Babylon) ۽ Assyria کان به جهوني چئي وڃي ٿي. مٿيان شهر ته تباهه ٿي ويا پر هي شهر تاريخي ڌارا ۾ جيئرو جاڳندو اچي. هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته ڪروڪ شيترا اهو ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهي جتي ساڌو سنتن ويد پڙهيا، جتي ڪورون ۽ پانڊون جي خونريز ويڙهه هلي ۽ جتي هندو ڌرم مطابق لارڊ ڪرشنا گيتا جو پيغام ارجن کي پهچايو. هي اهو زمين جو حصو آهي جتي هندن پنهنجا تاج Surrender ڪيا، مسلمانن پنهنجا وڃايا ۽ مرهٽن ۽ سکن جون حڪومتون ۽ دٻدٻا ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويون.

هندو مٿ مطابق، جيئن روايت آهي ته ڪرو بادشاهه سوني رٿ (Chariot) ۾ هن شهر ڪروڪ شيترا تي لٿو ۽ جادوءَ جي زور تي سندس رٿ هَرَ جي صورت اختيار ڪئي جنهن ۾ لارڊ شيوا جو ڍڳو ۽ لارڊ ياما جو سان ٻڌي بادشاهه سلامت هن ڌرتيءَ کي کيڙيو هو. لارڊ وشنو ان ٻنيءَ تي لٿو ۽ ڪرو بادشاهه کي چيو ته هن کيڙيل ڌرتيءَ ۾ انسانيت جي نيڪيءَ جو ٻج ڇٽ. ڪروءَ لارڊ وشنو جي چڪري سان پنهنجي ساڄي ٻانهن جا هڪ هزار ڳڀا ڪري ان ڌرتيءِ ۾ پوکيا. وشنوءَ ڪروءَ تي ٻه ڀال ڪري ويو. هڪ ته هيءَ ڌرتي سندس نالي سڏي ويندي ۽ ٻيو ته جيڪو به هتي مرندو اهو سڌو سرڳ ۾ ويندو. ان جو ڪو پڇاڻو نه ٿيندو.

اسان پپلي ۾ چانهه پي هاڻ ڪروڪ شيترا جي وچ مان لنگهي رهيا هئاسين. هڪ موٽر سائيڪل سوار اسان جي اڳيان هلندڙ پوليس موبائيل جو اشارو نه سمجهي بيهڻ بدران ماڳهين اسان جي تيز رفتار بس ۾ لڳي پاڻ به مئو ٿي ۽ اسان جو به وڏو حادثو ٿي ڪيائي. بس هن کي بچائڻ جي چڪر ۾ ذري گهٽ فٽ پاٿ تي چڙهي وئي. موبائيل ۾ پٺيان بيٺل پوليس واري ڪاوڙ مان هن غريب موٽر سائيڪل واري کي ڏنڊو وهائي ڪڍيو ماڳهين هو ۽ اسين سڀ ڌوسرڳ ۾ ٿي وياسين!

”هيءَ مهاڀارت جي ڌرتي آهي، هن شهر ڪروڪ شيترا ۾ اٽڪل ارڙهن ڪروڙ سولجرن ڪروڪ شيترا جي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو. هتي جون سڀ ٻنيون ٻارا رت سان ڳاڙها ٿي ويا هئا....“ منهنجي اڳيان ويٺل ڊرائيور مون کي ٻڌائيندو هليو. رکي رکي هن آرسيءَ مان مون ڏي ڏٺو ٿي ته آئون ٻڌان پيو يا نه. ”ٻڌو پيا نه....؟“

”ها ٻڌان پيو. ارڙهن ڪروڙ ماڻهو ڪجهه گهڻا نه آهن هن شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ته ڦاسي پيدا هوندا؟“ مون شڪ جو اظهار ڪيو پر هن وٽ ريڊي ميڊ جواب هو ۽ يڪدم ٻڌائين:

”اهو نه سمجهو ته انهن ڏينهن ۾ ڪروڪ شيترا اڄ جيڏو ننڍو هو، ان وقت جو ڪروڪ شترا جهونن پوتر ندين ساوتري ۽ درپشا دوتي جي وچ واري سڄي ميدان تي پکڙيل هو. ويندي پاڻيپٽ شهر تائين هليو ويو ٿي.“

چن ٿا ته ڪروڪ شيترا ماڻهو جي ڪيترائي پراڻا نالا رهي چڪا آهن جيئن ته ڌرمڪ شيترا ۽ ان کان اڳ برهما ديوي وغيره....  آئون رستي تان لنگهندڙ انڊيا جون ٺهيل ڪارون، مورتي، لانسر، هوندائي، انڊيڪا ۽ ٽاٽا جون بسون، ٽرڪون ۽ مزدا جهڙيون سامان کڻي لنگهندڙ ٽيمپو ڏسندو رهيس.

ڊرائيور ٻڌايو ته هن شهر ۾ هندستان جا ۽ ٻين ملڪن جا هندو زيارت لاءِ اچن ٿا ۽ پوءِ وري پاڻ ئي چيائين پوڄا پاٺ کان وڌيڪ موج مزو ڪرڻ اچن ٿا.

”ويدن ۾ آهي ته سفر ٽن قسمن جو ٿئي ٿو.... تيرٿ (پوتر جاين جو درشن) سير (گهمڻ ڦرڻ) ..... ۽ ٽيون عيش (موج مزو)..... ڪل يگ آهي نه؟ ڪير به تيرٿ لاءِ نٿو اچي. هر هڪ عيش جو سوچي گهران ٿو نڪري.“

ڪروڪ شيترا بعد هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي ڪرنال Karnal نالي وڏي شهر مان اسان جي بس جو لنگهه ٿيو. ڪرنال شهر جو نالو ارجنا جي مخالف ”ڪرنا“ تان پيو آهي. رستي تي لڳل مختلف هوٽلن، گاڏين ۽ ڪپمنين جي اشتهاري بورڊن سان گڏ هڪ بورڊ تي وڏن اکرن ۾ پڙهان ٿو: The National Dairy Research Inst. هن شهر لاءِ“ اسان جي بس ۾ ويٺل پوليس وارن مان هڪ ٻڌايو ته هتي ويجيٽيبل آئل، عطر ۽ شراب ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هن شهر تي انگريزن 1805ع ۾ قبضو ڪيو هو.

بس ۾ سامهون رکيل ٽي ويءَ تي هلندڙ خوبصورت گانن واري فلم منهنجو ڌيان ڇڪايو ۽ آئون هيڏانهن هوڏانهن دريءَ مان ليئا پائڻ بدران فلم ڏسڻ لڳس. انڊيا ۾ Copy Rights جي سختي هجڻ ڪري ڪنهن به فلم جي سي ڊي Pirated نٿي ملي. هر CD اوريجنل هجڻ ڪري هن بس ۾ به شروع کان جيڪي فلمون هلائي رهيا هئا. بيحد صاف ۽ چٽيون هيون ۽ هيءَ فلم وير زارا (Veer Zara) به انهن مان هئي جيڪا پپلي شهر ڇڏڻ کان پوءِ هلڻ شروع ٿي هئي ۽ هاڻ اچي ختم ٿيڻ تي پهتي هئي.

فلم جي مالڪ ۽ ڊائريڪٽر يش چوچڙا هن فلم تي چون ٿا ته وڏو خرچ ڪيو آهي. (22 ڪروڙ روپيه کن) ضرور ڪيو هوندائين، فلم جي ڪهاڻي سندس پٽ آدتيا چوپڙا لکي آهي جنهن جي مرڪزي آئڊيا اهائي آهي ته Love and not Politics جيئن فلمن ۾ ڪورٽن، اسپتالن، جهازن ۽ جنگين جي ڪهاڻين ۾ ڪيتريون ئي خيالي ڳالهيون رکيون وينديون آهن جيڪي چڪون ان پروفيشن سان واسطو رکندڙ وڌيڪ محسوس ڪري سگهن ٿا تيئن هيءَ ڪهاڻي به ڪيترين حقيقتن جي ابتڙ ڪمزورين سان ڀريل آهي.... پاڪستاني هيروئين وڏي آرام سان دشمن پاڙيسيري ملڪ جا بارڊر ٽپندي وتي ۽ اسان آهيون جو پيار خوار ٿيون. اسان جي پاسپورٽ تي انڊيا جي ويزا کان علاوه آمريڪا، ڪئناڊا ۽ جاپان جي پنج پنج سالن جي Multiple ويزا لڳي پئي آهي ته به رڙويون ڪرائي ڪرائي پنهنجي ئي بارڊر تي هڪ هزار روپين مان گهٽائي گهٽائي نيٺ هڪ سؤ روپيا به رشوت وٺي پوءِ بارڊر ڪراس ڪرڻ ڏنو اٿن. اڄ جا ليڊر مشرف پرويز ۽ من موهن سنگهه ڀاڪر پائي دوستي پيا Revive ڪن تڏهن به انڊيا جا سپاهي اسان کي فوٽو ڪڍڻ کان جهلين ٿا، ڪنهن وڏي شهر ۾ چانهه پيئڻ نٿا ڏين ۽ وتن عوام کان اسان مهمان مسافرن کي پري لڪائيندا ۽ هيڏانهن هن فلم ۾ هيءَ ڇوري وتي اوپري فوجي آفيسر سان سندس ڳوٺ جون Conducted tours ملهائيندي ۽ اسان جا ملڪ پاڪستان ۽ انڊيا کڻي ڪيئن به آهن پر انگريزن جي ڪجهه نه ڪجهه ڇڏيل Judiciary، وڪالت ۽ انصاف آهي ۽ هتي ان انڊين هيرو کي ائين ئي Raw جو ايجنٽ چئي کيس آرام سان جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، جيڪو عام ماڻهو نه پر انڊين ايئرفورس جو هڪ آفيسر آهي. 22 سال گذري ويا انڊيا جي حڪومت ۽ ان جي ڪنهن سفير ۽ قونصلر احتجاج يا پڇا به نه ڪئي. مسلمان ڇوڪري (هيروئين) جي ڏاڏي سک آهي، پاڻ مسلمان مڱيندي سان شادي نٿي ڪرڻ چاهي، هوءَ هندو ڇوڪر (هيرو) سان پيار ٿي ڪري. اسان جي فلمن ۾ عجيب ڳالهيون ٿين ٿيون..... بهرحال يش چوپڙا هن فلم ذريعي اهو پيغام ڏيڻ جي ضرور ڪوشش ڪئي آهي ته انڊيا ۽ پاڪستان جا ماڻهو هڪ ئي ڌرتيءَ ڄاوا آهن ٻنهي ملڪن جا ماڻهو ساڳيا آهن. سندن ڪلچر ساڳيو آهي سندن تاريخ ساڳي آهي. فلم جي Theme امن، اميد ۽ پيار آهي. انگلينڊ ۾رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ هن فلم بابت چيو هو:

Look at the message, not just the dialogues. We are in the 21st sentury and need to come together.

يش چوپڙا جي پهرين فلم ”اتفاق“ مون 1973ع ۾ ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ ڏٺي هئي جيڪا سسپينس فلم هئي ۽ بنا گانن جي. يش چوپرا جي هن کان اڳ جي فلمن، وقت، آدمي اور انسان، دهول کان پهول وغيره جا فقط گانا ٻڌا هئم. يش چوپڙا 1932ع ۾ لاهور ۾ ڄائو هو ۽ شري ولايتي راج چوپڙا جي اٺن ٻارن ۾ سڀ کان ننڍو هو. يش چوپڙا جالنڌر مان گريجوئيشن ڪئي، سندس فلمي دنيا سان واسطو رکندڙ ڀاءُ بي، آر چوپڙا چاهيو ٿي ته يش انجنيئر ٿئي پر هو به فلمي دنيا ۾ اچي ويو ۽ گذريل اڌ صديءَ کان ڪامياب ڊاريڪٽر آهي.

کبهي کبهي، ديوار ۽ ترشول جهڙين ڪامياب فلمن جي ڊائريڪٽر يش چوپڙا جي هيءَ نئين فلم وير زارا ستن سالن جي وٿي بعد آئي آهي. هن کان اڳ 1997ع ۾ سندس فلم ”دل تو پاگل هي“ آئي هئي ۽ ان کان اڳ 1993ع ۾ ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“  نه فقط پسند ڪيون ويون پر انهن جا گانا اڄ به ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ انهن هوٽلن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ وڄندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جتي جا ماڻهو هندي يا اردو کان غير واقف آهن.

يش چوپڙا جي هيءَ فلم وير زار هڪ عام ڪهاڻين وانگر لو اسٽوري آهي جنهن جو چوپڙا ان قسم جو نالو رکي هن ڪهاڻيءَ کي ليلا مجنون، هير رانجها، سهڻي ميهار يا سسئي پنهون جي لافاني عشق جو اثر ڏيڻ چاهيو آهي. فلم هيرو وير (سڄو نالو وير پرتاب سنگهه) شاهه رخ خان آهي جيڪو انڊين آهي ۽ انڊين ايئرفورس ۾ اسڪاڊرن ليڊر آهي. هن جي اوچتي ملاقات زارا سان ٿي ٿئي جنهن جو سڄو نالو زارا حيات خان آهي ۽ فلم ۾ اها پريٽي زنٽا ٿي آهي جنهن کي وير حادثي مان بچائي ٿو. زارا پاڪستان جي مسلمان ڏيکاري وئي آهي. زارا جي ڏاڏي جيڪا سک آهي اها پاڪستان ۾ مري ٿي وڃي. هن جي ڪيل وصيت پوري ڪرڻ لاءِ زارا هن جي اسٿي (خاڪ) سندس وڏن جي ڳوٺ انڊيا کڻي وڃي ٿي. جتي هن جو حادثو ٿئي ٿو ۽ وير سندس زندگي بچائي  ٿو، ان بعد وير هن کي سڄو ڏينهن پنهنجي گهر ۾ مائٽن سان ملائي. فلم ۾ اميتاڀ ۽ هماماليني وير جا مائٽ ٿيا آهن.وير زارا سان موڪلائڻ وقت ريلوي اسٽيشن تي اچي ٿو جتي سندس ملاقات زارا جي مڱيندي رزاق سان ٿي ٿئي، جنهن جو پارٽ منوج باجپائي ادا ڪيو آهي. زارا جي مڱيندي کي ڏسي وير کي ڪا خوشي نٿي ٿئي بهرحال هو زارا جي يادين ۽ ٽوڙهي (پايل) سان ئي دل وندرائي ٿو جيڪو حادثي دوران پل وٽ ڪري پيو هو.

لاهور ۾ سڀ صحيح پيو وڃي. زارا جي رزاق سان شاديءَ تي سڀ خوش آهن سواءِ زارا جي جنهن جو پيار وير آهي. هوءَ وير کي يڪدم لاهور ۾ ٿي گهرائي، هو لاهور پهچي ٿو ۽ سڀني اڳيان زارا سان مسجد وٽ ملي ٿو ۽ پوءِ زارا جي ڏکويل ماءُ جا روايتي ڊائلاگ.... هوءَ وير کي ٿي چوي:

”ميري بيڻي اب ميري نهين رهي، وه تمهاري هو چڪي هي، ميري بيڻي مجهي لوٽادو....“

هاڻ ڇا ٿيڻ کپي. وير زارا کي سمجهاڻيون ئي ڏئي سگهي ٿو ۽ پنهنجو پيار اندر ۾ دٻائي انديا روانو ٿئي ٿو. ٺيڪ ان وقت لاهور پوليس فلم جي ولين رزاق سان ملي وير کي جهلي ڪوڙي ڪيس ۾ هن کي جيل موڪلي ٿي. وير کان ڪاغذن  تي صحيح ڪرائي وڃي ٿي ته هو Raw (انڊيا جي جاسوسي فوج) جو مشهور ايجنٽ راجيش راٺوڙ آهي.

22 سال وير کي جيل ۾ گذريو وڃن. هو هاڻ 46_47 ورهين جو آهي، پاڪستان جي هڪ وڪيل ساميا صديقي (راني مڪرجي) وير سان پاڪستان جي جيل ۾ ملي ٿي... هوءَ هنن کي ۽ هنن جي پيار کي بچائڻ لاءِ انڊيا وير جي مائٽن سان به ملڻ وڃي ٿي پر ان عرصي دوران وير جا مائٽ مري چڪا آهن.... وغيره وغيره. بهرحال يش چوپڙا جي پٽ سٺا ڊائلاگ لکيا آهن..... گانا به ماڻهن کي پسند آيا هوندا.

يهان بهي وهي شام هي وهي سويرا

ايسا هي ديس هي ميرا، جيسا ديس هي تيرا.

هيءَ فلم مهينو به مس ٿيو آهي ته رليز ٿي آهي، يش هن فلم تي خرچ به وڏو ڪيو آهي، اخباري نمائندن ۽ اخبار جي مالڪن کي به خوب کارايو ۽ پيارو هوندائين جيڪي پڪ ههڙي فلم لاءِ اهي جملا استعمال ڪري رهيا هوندا جيڪي هر فلم لاءِ ننڍي هوندي کان ٻڌي ٻڌي رٽجي ويا آهن:

This is not an ordinary story... It is a love Legend. This is a saga of love, separation, courage and sacrifice. A love that is divine, a love that is whole hearted, a love that is completely consuming, a love that grows with separation, deepens with sacrifice.

فلم ختم ٿي ٿئي، سک ڊرائيور جو اسسٽنٽ وي سي آر مان ڪيسٽ ڪڍي پاسي کان لڳل ريڪ ۾ رکي ٿو. سج لهي چڪو آهي ۽ چوڌاري ڇانيل اونداهه ۾ سامهون جون روشنيون وڌڻ لڳڻ ٿيون، رستي جي ڪپرن تي ڪجهه هوٽلن جا وڏا بورڊ نظر اچن ٿا هوٽل اسڪاءِ لارڪ، هوٽل مهاراجا، هوٽل بلوسامالخا، هوٽل....

ڊرائوير انائونس ڪري ٿو ته ”پاڻيپٽ“ اچي ويو، ڪنهن به پنهنجي زره درست نه ڪئي، ڪنهن به پنهنجي مياڻ مان ترار نه ڪڍي. هن بس مفاسرن ۾ ڪوبه ابراهيم لوڌي جي لشڪر جو سپاهي نه هو. هن بس ۾ ڪو ظهيرالدين  بابر جو ماڻهو موجود نه هو جيڪي اڄ کان پورا 480 سال اڳ هي رستا وٺي هن شهر پاڻيپٽ ۾ اچي دوبدو ٿيا هئا ۽ فيصلي واري ويڙهه ٿي جنهن ۾ هندستان جو حاڪم ابراهيم لوڌي قتل ٿي ويو. دهلي سلطانن جو خاتمو ٿيو ۽ مغل گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو جنهن جو پهريون بادشاهه بابر تخت تي ويٺو.

هي عجيب شهر پاڻيپٽ آهي جنهن کان سنڌ هن جو هر ٻار واقف هوندو ۽ هن ان جو نالو انڊو پاڪ جي تاريخي ۾ ضرور پڙهيو هوندو. 1526ع ۾ لوڌي ۽ بابر جي ويڙهاند بعد 1556ع ۾ هڪ دفعو وري هت جنگ لڳي. هاڻي بابر جو پوٽو اڪبر هو ۽ پوءِ وري ٻن صدين بعد هن شهر ۾ سن 1761ع ۾ افغانن جي مرهثن سان ويڙهه ٿي.

اسان جي بس پاڻيپت شهر جي وچ مان گذرندي رهي، ٽريفڪ جي پيهه پيهان ۾ ڪڏهن آهستي ٿي هلي ته ڪڏهن تکي. هاڻ هتان دهلي فقط 90 ڪلوميٽر پري آهي يعني ڪراچي ساڄي پاسي واري دريءَمان ڏسي کاٻي پاسي ڏسان ٿو. هتي ڪٿي اوس پاس ۾ ابراهيم لوڌيءَ  جو مقبرو آهي. ابراهيم لوڌي وٽ وڏو لشڪر هو. هاٿين  گهوڙن تي سوار وڏو سپاهه، سڀ اچي هتي گڏ ٿيا هئا. بابر ڏورانهين ڏيهه کان آيو هو، هن سان گڏ هڪ تمام ننڍڙو ٽولو ماڻهن جو هو. هو ٻه ٽي دفعا اڳهين ناڪامياب ٿي چڪو هو، پر هن دفعي هو شايد اهڙو Organised ٿي آيو هو ۽ سندس ماڻهن جو حوصلو ايڏو بلند هو جو هو ابراهيم لوڌيءَ جي لشڪر آڏو وڏا پهلوان ٿي بيٺا.

هن شهر پاڻيپٽ ۾ اردو جي مشهور شاعر الطاف حسين حاليءَ جو پڻ مقبرو آهي. حڪيم مقرر خان ۽ بوعلي شاهه قلندر (علاؤ دين خلجي جي پٽ) جا مقبرا پڻ هن شهر پاڻيپٽ ۾ آهن.

پاڻيپٽ شهر کان اسان جي منزل دهليءَ تائين نوي کن جي فاصلي تي ننڍا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ ته ڪيترائي اچن ٿا پر وڏو شهر اڌ پنڌ تي سوني پٽ آهي جيڪو ضلعو پڻ آهي. هونءَ ته هي رستو گرانڊ روڊ ڪابل (افغانستان) کان ڪلڪتي تائين ايڏو جهونو آهي جو جتي به کڻي بيهه ته ڪو گهر، ڳوٺ وسندي آهي ئي آهي ۽ ڏينهن رات مختلف قسمن جا ماڻهو پيرين اگهاڙن ساڌوئن ۽ بيل گاڏين ۾ غريب هارين ۽ پورهيتن کان وٺي وڏين ۽ اوچين ڪارن ۽ بسين ۾ سوار مسافر پيا هلن. هن روڊ جي جهوني هجڻ کان علاوه سندس آباد ۽ سدا بهار هجڻ جو اهو به سبب آهي جو جتي ڪٿي ڪانه ڪا ندي ۽ ستلج بعد يمنا (جمنا) ۽ دهليءَ کان پوءِ گنگا هن رستي جي ويجهڙائيءَ ۾ وهي ٿي. دنيا جا جهونا رستا يا اهي رستا جن ويجهو ڪو درياهه وهي ٿو، اهي خوشحال ۽ بارونق رهن ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان جي سنڌ مان وهندڙ ڊگهو ۽ جهونو وهندڙ رستو. ڪراچيءَ کان جيڪب آباد وايا حيدرآباد، مورو، خيرپور يا وايا ڄام شورو، سيوهڻ ۽ دادو ائين ٿي نه سگهيو آهي جيتوڻيڪ هن روڊن جي بلڪل ويجهو انسانن ۽ جانورن جي اڃ مٽائيندڙ ۽ تهذيبن کي جنم ڏيندڙ انهن کي وڌائيندڙ، ويجهائيندڙ سنڌو درياهه بلڪل گڏوگڏ وهي ٿو. ان جو سبب افسوس جو امن امان جي اڻهوند آهي ۽ نه فقط  هي رستو پر پاسي اوسي ۾ ڄڻ ته سڃ پئي واڪا ڪري، رستي جا ڪنارا آباد ٿيڻ بدران وڃن ويران ٿيندا. اڄ اسان جي ڪچي ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي.

سوني پٽ دهليءَ جي ويجهو هئڻ ڪري ائين خوشحال ۽ تجارتي شهر آهي جيئن سکر ڪري خيرپور، روهڙي ۽ شڪارپور يا شڪارپور ڪري سکر خيرپور وغيره چئي سگهو ٿا جو ماضيءَ ۾ ان پاسي جي سڀني شهرن ۾ شڪارپور بلي بلي شهر هو... وڻج واپار ۾ به ته تعليم۽ خوشحاليءَ م به. ڊرائيور جو اتي بس بيهارڻ جو ڪو ارادو نه هو نه اسان هاڻ ڪٿي بيهڻ چاهيو ٿي بس هاڻ رڳو دهلي جلدي پهچي ۽ وقت اندر رامچند اوڏ جي پٽ راجيش جي مينديءَ جي فنڪشن ۾ پهچي وڃجي.

اسان پنهنجو ٽڙيل پکڙيل سامان هٿيڪو ڪيو، ٽوال، ڪتاب، ڪاپي، پاڻي جي بوتل، ڪئميرا وغيره ٿيلهي اندر ڪئي، بوٽ جا پادر هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا هئا سي ڇڪي پيرن جي ويجهو ڪيم ۽ بس وارن طرفان مليل اخبار واپس ڪرڻ کان اڳ هاڻ پڙهڻ چاهيم.  سوني پٽ شهر گذري چڪو هو ۽ هاڻ ڄاڻ ته دهلي آئي پر روزي جي آخري وقت وانگر هڪ هڪ منٽ انگهي پيو هو ۽ هاڻي جيترو ويٺو سوچبو اوترو لمحا ڊگها ٿيندا ويندا. اخبار پڙهڻ ۾ وقت تڪڙو گذري ويندو. آئون اڳهين سيٽ جي پٺ ۾ ڦاٿل انڊيا جي ڊان ۽ جنگ وانگر مشهور انگريزي اخبار ”هندستان ٽائيمس“ ڇڪي ڪڍان ٿو. سياست ۽ سائنس جي خبرن سان گڏ هڪ خبر اسان جي ملڪ جي فلمي اداڪاره جو منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿي. خبر جو عنوان آهي:

Meera, the Ieading lady of Nazar says fatwa won`t stop me from movies.

ميرا لاهور جي مشهور فلم ايڪٽريس آهي. هوءَ اڄڪلهه بالي ووڊ جي ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ جي فلم ”نظر“ “۾  ڪم ڪري رهي آهي. جنهن جي هڪ سين ۾ هوءَ فلم جي هيرو اشمت پٽيل سان چوما چٽ ٿي ڪري فلم اڃا مڪمل نه ٿي آهي پر ڪنهن ريت ان فلم جون اهي Kissing واريون Scene پاڪستان ۾ پهچي ويون آهن جنهن تان ماڻهن کي سخت اعتراض آهي. ماڻهن جي گوڙ گمسان ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت پاڪستاني فلم اداڪارائن کي انڊيا جي فلمن ۾  ڪم ڪرڻ تي Ban وجهي رهي آهي پاڪستان ولارت انفارميشن چيو آهي ته ”Mera’s  aitinos are against Islmaic ethies and Moral Values“ اسلام آباد طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني ادارڪار جيڪي ولايت ۾ وڃن ٿا اهي پنهنجي ملڪ جا سفير آهن کين Vatgavity  پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني آهي.

        انڊيا ۾ فلم نظر جي سيٽ تي ڪم ڪندڙ ميرا کي پاڪستان مان ماڻهن Threat موڪليا آهن ته ”پاڪستان اچ ته توکي ڏسي رهنداسين بي غيرت عورت تو کي هڪ هندو کي چميون ڏيندي شرم اچڻ کپي“ (يعني جي فلمي هيرو مسلمان آهي ته مڙئي خير آهي.)

        ميرا ڪا پهرين فلم ايڪٽريس ناهي جيڪا انڊيا جي فلمن ۾ ڪري رهي آهي. هن کان اڳ به بيون ڪنديون رهيون آهن. جن مان سلميٰ آغا ۽ زيبا بختيار به ڪجهه انڊين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪافي ناز نخرا ڪيا اٿن پر هي ٻئي انگلينڊ جو پاسپورٽ رکندڙ آهن. ان حساب سان ميرا پهرين عورت آهي جيڪا پاڪستاني آهي. ۽ پهرين آهي جنهن Kissing جا سين وڏي جوش خروش سان ڪيا آهن. هن هندستان ٽائيمس ۾ سندس وڏو شاهي انٽرويو ڇپيو آهي. جنهن جا ڪجهه ٽڪرا هن ريت آهن.

سوال: اڃا تنهنجي فلم رليز ئي نه ٿي آهي ته تنهنجو نالو ماڻهن جي وات تي آهي؟

ميران: ڪجهه پاڪستان فلمي اداڪارائون ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ٻه انڊين اداڪارائون پڻ، مون تي سڙن ٿيون ان ڪري منهنجي خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيون آهن، جيئن آئون ذهني طرح پريشان رهان پر آئون ڪنهن کان ڊڄڻ واري نه آهيان، آئون ٻن ملڪن جي وچ ۾ دوستي جا تعلقات وڌائي رهي آهيان. هڪ آرٽسٽ لاءِ بائونڊريون ڪابه اهميت نٿيون رکن. آئون هر ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ويندي آمريڪا هجي يا چين کڻي يا انڊيا.

سوال: پاڪستان جي ماڻهن کي ڪهڙي ڳالهه جو اعتراض آهي؟

ميران: هنن اڃا سڄي فلم ئي نه ڏٺي آهي ته منهنجي خلاف فتوائون پيا ڏين. فلم جو هڪ تمام خوبصورت گانو آهي ”دل مين رهو“ جيڪو مون تي ۽ آشمت پٽيل (هيرو) تي فلمايل آهي. اهو تمام رومانٽڪ ۽ گرم (Hot) گانو آهي. اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ جڪڙي ڇڏيون ٿا ۽ پوءِ چميون ڏيون ٿا. پر اهو تمام Tastefully ڪيو ويو آهي جيئن انگريزي فلمن ۾ هوندو آهي. اهو ائين ناهي جيئن ماليڪا شيراوت Murder فلم ۾ ڪيو آهي. بهرحال فلمن ۾ هر ڪو Kissing ڪندو رهي ٿو، مون جي چمي ڏياري ته ڇا ٿي پيو؟ منهنجو جسم منهنجو آهي، مون کي جيڪي وڻندو اهو ڪندس، مون کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي.

سوال: پوءِ آخر ان بابت ڇا ڪندينءَ؟

ميران: في الحال تي اڃا پاڪستان وڃڻ نٿي چاهيان، پوءِ جي ويس ته پنهنجي صدر مشرف صاحب سان ڳالهه ڪندس ته آخر مون ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي. آئون هڪ پروفيشنل آهيان ۽ هتي انڊيا ۾ روزگار ڪمائي رهي آهيان.

سوال: پاڪستان ۽ انڊيا جي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪو فرق؟

جواب: هتي (انڊيا) جي فلم انڊسٽريءَ ۾ جان آهي، رونق آهي. اسان وٽ Narrow mentality آهي پر هتي جي فلمي انڊسٽري دلير آهي.

سوال: انڊين فلمي دنيا (بالي ووڊ) جا تنهنجا دلپسند اداڪار ڪير آهن؟

ميران: مون کي شاهه رخ سان محبت آهي، آئون هن سان ۽ هرتڪ روشن سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. هيئنر سونامي طوفان جي سلسلي ۾ شو ٿيو هو ان ۾ هن مون کي ڀاڪر پاتو هو ۽ مون هن کي چمي ڏني هئي. اها مون لاءِ هڪ خوشيءَ جي گهڙي هئي.....

سائين منهنجا دهلي اچي ويو، هاڻ ڇا ٿيندو؟ ٻه سيٽون پويان کاٻي پاسي ويٺل مهرچند اوڏ عجيب اداس شڪل ٺاهيندي چيو.

”ڇا مطلب؟“ مون تعجب مان پڇيو.

”منهنجو مطلب آهي نول وارا وٺڻ به ايندا يا نه؟“

”ضرور ايندا، هو ٻه ڏينهن اڳ دهلي ان  ڪري پهتا آهن، ٿي سگهي ٿو رامچند به اچي. ٻئي گهوٽن جا پيئر آهن جن جي شاديءَ جي سڏ تي پاڻ آيا آهيون.“

مهرچند رتي ديري جو واپاري آهي ۽ نولراءِ اوڏ جي وڏي ڀيڻ پتلي جو مڙس آهي. جيئن ته اوڏن ۾ بدي جي شادي جو رواج عام آهي سو نولراءِ جي زال گيتا وري مهرچند جي ڀيڻ آهي. مهرچند سان گڏ سندس والده (نول جي سس) ۽ ڌيءَ مانيڪا به اسان سان گڏ هن بس ۾ سفر ڪري رهيون آهن. هو روهڙيءَ کان ريل ۾ چڙهيا هئا. مهرچند کي اهو اڄاتو خوف هو ته نول وارن کي خبر نه آهي ته اها ڄاڻ آهي يا نه ته اسان کي هيءَ بس ڪٿي لاهيندي جيڪا مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ کن دير سان دهلي پهتي آهي. پر مون کي پڪ هئي ته هو ڪمانڊر اسرارالله ۽ انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جو پڪو شاگرد آهي جيڪي هر ڳالهه ۾ Perfection کي اهميت ڏيندا هئا ۽ اسان کي به اهو سبق پڙهائيندا رهيا. انڊيا لاءِ نڪرڻ کان اڳ نولراءِ جا هر هڪ ڄاڃيءَ وٽ سرڪيولرا ايندا رهيا. هي ماڻهو باءِ روڊ هلندا هي باءِ ايئر. باءِ روڊ وارن جي شاليمار ريل گاڏي ڪراچي کان هن وقت نڪرندي ۽ ڪراچيءَ مان هي ماڻهو، حيدرآباد مان هي، نوابشاهه مان هي.... وغيره وغيره چڙهندا جن جا سيٽ نمبر هي آهن. لاهور ۾ فلاڻو همراهه اسان کي Receive ڪري فلاڻي هوٽل ۾ وٺي هلندو جتي فلاڻي ڪمري ۾ هي رهندا فلاڻي ۾ هي... نولراءِ جي هڪ هڪ شيءِ ايڏو Detailed جو فون تي نيٺ چيو هئومانس ته ماڻهو آهين يا ڪرنل ڪومبس.

۽ هاڻ اسان دهلي پهچي رهيا هئاسين. بلڪه دهلي ته اڌ ڪلاڪ کن اڳ پهچي ويا هئاسين هاڻ دهلي ٽوئرزم جي آفيس کي ويجهو پهچڻ وارا هئاسين جتي بس کي لاهڻو هو ۽ گيٽ اندر گهڙڻ مهل گيٽ ٻاهران اسان جو پيٽارو جو دوست نولراءِ بيٺو هو.

”ابا مهر چند مبارڪون هجني، نول بيٺو آهي؟“ مون مهرچند کي چيو.

”واقعي؟ مون ته نه ڏٺو.“ مهرچند جي چهري تي اهائي اداسي هئي.

”يار مهرچند! ڪجهه ته خيال ڪر. ههڙي ويڪري ماڻهوءَ کي ڪو نابين ئي نه ڏسي سگهندو.“

بس بيٺي ته اسان جو سامان دهليءَ جي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ آفيس جي هيلپرن لاهي هيٺ رکيو ۽ هر هڪ کي کڻڻ لاءِ چيو ويو جيڪو اسين ٽرالين ۾ کڻي گيٽ جي ٻاهران آياسين. نولراءِ ۽ رامچند ۽ انهن جا پٽ اسان کي وٺڻ لاءِ بس جو به بندوبست ڪري آيا هئا جنهن اچي هوٽل ”سنگهه ڪانٽيننٽل“ ۾ لاٿو، ريسپشن تي ويٺل عورت لسٽ مطابق ڪنهن کي سنگل، ڪنهن کي ڊبل ڪمرن جون چاٻيون ڏيندي وئي. هوٽل جا بيرا هر هڪ جو سامان سندن ڪمرن ۾ پهچائيندا ويا. نول جي هدايت موجب هر هڪ اڌ ڪلاڪ اندر وهنجي سهنجي تيار ٿي هيٺ پهتو. بس اسان کي سڌو ڪنوار جي گهر وٺي آئي جيڪو پڻ ان ساڳي علائقي ڪارول باغ ۾ هو جتي هيءَ ڪانٽيننٽل هوٽل هئي. ڪنوار جي گهر ميندي ۽ مانيءَجو بندوبست هو. ڪنوار جي گهر گهڙڻ سان عورتن خوشيءَ جا گيچ ڳائڻ شروع ڪيا.

ميندي لاهه هٿن کي

ميندي لاهه پيرن کي

منهنجا ڪچهريءَ جا مور راجيش

ميندي لاهه هٿن کي.....

”امان ڪجهه ته سر کڻايو، گهوٽ جون ڀينرون....“ گهوٽ جي ڪنهن پڦيءَ رڙ ڪئي.

”راجيش کي ڀيڻون ڪٿي آهن.“ ڪنهن جواب ڏنو.

”ڀيڻون نه ته سوٽون ته آهن، پٽ سروج، ڪرڻ، مانيڪا، گڊان، هيڏانهن ويجهو اچي ڳايو.“

هار ڇاجو، هار گلن جو

سيني جو سينگار آ

ادا سيني جو سينگار آ

ادا راجيش هار ته منهنجي هٿ ۾

ڀائر مان پايان تنهنجي ڳچيءَ ۾.

۽ پوءِ رسمون هليون جن جي وچ وچ ۾ ڪنواريتن طرفان راڳ ۽ ڊانس جا پروگرام هلندا رهيا جيڪي ڪنوار جي ساهيڙين Areange ڪيا هئا. گڏوگڏ  ماني به هلندي رهي، ڇوڌاي انڊين فلمن ۾ ڏٺل شاهي شاديءَ جو ماحول هو، چوڌاري ٽهڪ هئا، چوڌاري خوشيون هيون ڄڻ ٻه چار ڪلاڪ اڳ جيڪو بس ۾ ٿڪ محسوس ڪري رهيا هئاسين يا ڪالهه کان سفر ۾ خوار ٿي رهيا هئاسين اهو هڪ خواب هو يا ان ۾ موجود اسان نه پر ٻيا ڪردار هئا...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org