سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :13

ڪرمان جو شهر اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 56-29 ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 6-56 ڊگرين ۾ هڪ ڪشادي ميدان جي اولهه ۾ جبلن جي ويجهڙو آهي. ٻه جبل جن تي پراڻا قلعا آهن اهڙو ته ويجهو اٿس جو انهن تان مٿس وار (حملو) ٿي سگهي ٿو. هيءُ ڪنهن زماني ۾ ايران جو آباد شهر هو ۽ تختگاهه اصفهان کان پوءِ ٻيو نمبر شمار ڪيو ويندو هو. اهو بلخ بخارا، ماو راءِ النهر ۽ ايراني سلطنت جي اترين شاهراهه، جا بندر عباس ڏانهن وڃي ٿي ۽ ان تي موجود آهي. جنهنڪري وڏي تجارتگاهه دولت آسائش ۽ عظمت جو مرڪز هو.

شهر جو پهريون پايو ڪنهن وڌو تنهن جي ثابتي ڪانه ٿي ملي. البت اها خاطري آهي عربن جي ڪاهه وقت آخري ايراني بادشاهه اتي وڃي پناهه ورتي هئي ۽ پنهنجي گادي قائم ڪئي هئي. تان جو شهنشاهت جو خاتمو ٿيو ۽ زرتشت جا پوڄاري ٽڙي پکڙي ويا. مڪران جي فتح جي هڪ قلعي تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته سن 9هه ۾ مڪران جي فتح وقت ڪرمان تمام وڏو شهر هو، ان جا ماڻهو مالامال هئا. اتان جون شالون ۽ هٿيار ديسان ديس مشهور هئا. غالباً شهر جو پايو ان وقت پيو يا ڪم از ڪم ان جي شهرت ۽ دولت جا ان کي اسلام جي اچڻ وقت حاصل هئي، تنهن جي شروعات ان وقت ٿي. ڪرمان جي ڪناري تي هرمز جو شهر ٻَڌو ويو آهي، انهيءَ تاريخ مطابق جنهن ڏانهن مون اشارو ڪيو آهي. هرمز شهر جو بنياد ساساني خاندان جي اولين بادشاهن مان هڪ وڌو ۽ ان تي سندس نالو پيل آهي. ڪرمان جي نالي جي باري ۾ گهڻيون ئي ڏند ڪٿائون آهن. ڪي چون ٿا ته اهو ڪرمان يعني اُن جي ڍيري مان نڪتل آهي- اشارو آهي شهر جي آبادي ڏانهن. ٻين جو چوڻ آهي ته هڪ گبر شهزادي اتي صوف کاڌو هو ان مان هڪ ڪِرن يا ڪينئون نڪتو. شهزادي ڏسندي ئي سُنهن کاڌو ته اتي هڪ شهر ٻڌائيندس جو ڪيڙي وانگي ساري پسگردائيءَ جو فائدو وٺندو. شهر جو بنياد ۽ نالو ائين پيو. انهن ڏند ڪٿائن کي ڪا اهميت ڏيڻ نه کپي. البت اهي ڏيکارين ٿيون ته شهر تمام موزون جڳهه تي آهي. اهوئي سبب آهي جو اُهو شهر ايڏا لوڏا سهي سگهيو آهي. دنيا ۾ ٻيو ڪو به شهر ڪو نه آهي، جنهن قسمت جون ايتريون لاهيون چاڙهيون ڏٺيون هجن يا جنهن ۾ ايتريون موتمار لڙائيون بيروني خواهه گهرو لڳيون هجن.

انهن لڙاين جو ذڪر منهنجي مقصد کان ٻاهر آهي. خليفن، چنگيزين، تيمورلنگ، افغانن ۽ نادر شاهه بار بار هڪٻئي پٺيان شهر فتح ڪيو، ڦُريو ۽ ناس ڪيو. ازانسواءِ ڪيترين خانه جنگين ۾ به ان شهر تي ڪيترا دفعا زوريءَ قبضو ڪيو ويو. اهڙيون پويون سوڀون واقع تازو 1794ع ۾ ٿيون آهن. جڏهن هاڻوڪي بادشاهه جي چاچي ۽ قاچار خاندان جي باني آغا محمد خان ڪيترا مهينا گهيري ڪرڻ بعد چالاڪيءَ سان شهر هٿ ڪيو. شابس هجي فراخدل لطف علي خان[1] کي، جنهن مشڪلاتن هوندي به نهايو شجاعت ۽ اورچائيءَ سان مقابلو ڪيو. جيتوڻيڪ هن جي لشڪر ۽ شهر جي آباديءَ جا ٻه حصا ماڻهو بک ۽ اُڃ وگهي مري ويا. آخر تاريخ 2- جولاءِ 1794ع جي نجف قلي خان نالي هڪ سردار معافي ۽ ڳري رشوت جي لالچ ۾ اچي آغا محمد خان جي لشڪر جي هڪ دستي کي هڪ چور دروازي مان اندر اچڻ ڏنو جو ان جي زير نگرانيءَ ۾ هو. انهن ماڻهن اندر اچڻ سان هڪ غير مڪمل دروازو ڊاهي سارو لشڪر اندر آندو. لطف علي خان جڏهن ڏ‎ٺو ته بازي هارائجي ويئي، تڏهن گهوڙي تي چڙهي اوندهه ۾ چند بهادر ساڻ ڪري محاصرو ڪندڙن وچان گس چيري ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي بم شهر ۾ پهتو. اتي جي گورنر[2] هن کي ڌوڪي سان قيد ڪري محمد خان ڏي موڪليو، جنهن کيس پنهنجن هٿن سان انڌو آغا کي ڪيو. آخر کيس طهران ۾ گهو گهو ڏيئي ماريو ويو[3]. شهر اميرن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن هر قسم جون زيادتيون ڪيون. زالون ۽ ڇوڪريون بلڪه معصوم ٻار کليو کلايو سندن مردن ۽ ٻين جي اڳيان عصمت دريءَ لاءِ درندن جي حوالي ڪيون ويون. انهيءَ بيعزتيءَ کان پوءِ هنن کي وري سندن عزيزن کي واپس ڏنو ويو ته ڀل هو پاڻ پنهنجن هٿن سان سندن خاتمو ڪن. افغانن[4]، جي قلعا ۽ خوبصورت جايون آرائش لاءِ ٺهرايون هيون سي ڊاهي زمين دوز ڪيون ويون. آغا محمد خان لاءِ اها ڳالهه ڪافي نه هئي ته ڪو ماڻهو غير جانبدار رهن، تنهنڪري هن انهن سڀني کي پنهنجي ڪيني جو شڪار بنايو، جن جي وفاداريءَ ۾ کيس ذرو به شڪ هو. هو شهر جا ٽيهه هزار رهاڪو غلام ڪري پاڻ سان وٺي ويو يا کين مازندران ۽ آذربائيجان جي ڏورانهن صوبن ڏانهن موڪلي ڇڏيائين.

ڪيترا سال شهر ويران پيو هو. تان جو هاڻوڪي بادشاهه قلعو وري تعمير ڪرايو، مگر گهٽ پيماني تي، مگر اڃا به قلعو گهڻو رهيو پيو آهي. ان کي چوڌاري اونچيون مٽيءَ (گنب) جون ڀتيون آهن. ٻاهران ويهه وال ويڪري ۽ ڏهه وال سُڪي خندق اٿس. قلعي جي چوڌاري ڦٽل جايون آهن جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ڪيترن ميلن تائين هليون وڃن ٿيون. قلعي جي اندر به ڪيتريون ڪُنڊون ڪُڻڇون ويران پيون آهن. قلعي کي چار دروازا آهن. ڪوٽ جنهن ۾ صوبيدار جو محل آهي سو ڏکڻ طرف ڏانهن آهي ۽ قلعي جهڙا مورچا اٿس. بازار ۾ هر قسم ۽ ملڪ جو سامان ملي سگهي ٿو. بازار جي هڪ حصي مٿان نيلي رنگ جي خوبصورت پٿر جا خوشنما گنبذ آهن. پٿر ڀر وارن جبلن ۾ جي کاڻيون آهن تن مان ڪڍيل آهي. فصيل اندر اَٺ- نوَ ڪاروان سرايون آهن. ان کان سواءِ ٻاهر به ڪيتريون معمولي رهڻ جون جايون آهن. جنهن سراءِ ۾ مان رهيو هوس، سا شهزادي جي خانگي ملڪيت هئي. مگر اه ابه ٻين جهڙي ڪشادي ۽ خوبصورت نه هئي.

ڪرمان جي آبادي هن وقت ٽيهن هزارن کان زياده نه آهي. ان ۾ ڪجهه گبر يا پارسي لوڪ به آهن مگر شهر ۾ ڪي به آرمينين، هندو يا يهودي ڪونه ٿا رهن. البت آرمينين 7 هندو بعضي واپار سانگي ايندا آهن. ڪرمان ۾ ڪافي تجارتي ڪاروبار هلندڙ آهي. مگر اهو انهيءَ حد کي اڃا ڪو نه پهتو آهي جهڙو حملي ٿيڻ وقت هو ۽ نه شايد انهيءَ حد کي پهچندو. اڄڪلهه واپارين جو زياده رُخ ايراني نار جي مٿئي طرف بُوشهر جي بندر ڏانهن آهي. بندر عباس آهي، تنهنڪري ڪرمان کي ڪافي صدمو پهتو آهي. ڪرمان جون شالون، بندوقون ۽ نمدا ساري ايشيا ۾ مشهور آهن. شهر جي ٻنهي جنسن جي آباديءَ جي ٽئين حصي جو گذر انهن صنعتن تي آهي. شالون اُن مان ٺهنديون آهن، جن کي ”ڪرمانيا“ جي قديم صوبي جي نالي سان سڏيندا آهن. منهنجي خيال مطابق اُهي ڪپڙي ۽ اُڻت جي لفاست جي لحاظ کان ڪشميري شالن کي به شهه ڏيو ڇڏين. البت اهي اهڙيون نرم ۽ گرم نه آهن. دُنبا جن جي اُن ڪتري ويندي آهي، سي قد جا ننڍا ۽ بندرين ٽنگن وارا هوندا آهن. اهو غلط خيال آهي ته انهن جي پشم خود بخود ڇڻندي آهي. فتح علي خان بادشاهه اهي دُنبا ملڪ جي مختلف صوبن ۾ پکيڙيا آهن، اتي جيتوڻيڪ ٻين قسمن جا دُنبا به رهي سگهن ٿا. هنن جي پشم هلڪي قسم جي ٿئي ٿي. تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته ڪرمان کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به اهڙي پشن نٿي ٿي سگهي. لاشڪ شهر جي آبهوا ۾ ڪا خاصيت آهي. وڏي ڳالهه ته ڪشمير جي صوبي ۾ به ائين آهي. مان ڪرمان جا سڀ وڏا ڪپڙي جا ڪارخانا وڃي ڏٺا. اُڻت ۾ ڪا خاص اهڙي ڳالهه ڪانهي جنهن جو هت بيان ڏجي. هڪڙي ڪارخاني مان مون هڪ پشم جو ذرو نموني طور ورتو جو ڪپهه کان به زياده نفيس ۽ نرم هو. مون ڪي شالون به خريد ڪيون جي اهڙيون ته ملايم ۽ خوبصورت هيون جو بعد ۾ هندستان جي واپارين انهن جي پنجوڻي قيمت ڪَٿي. پشم ڪترڻ کان پوءِ بار بار ڇاڻي صفا ڪئي ويندي آهي، تنهن کان پوءِ ان کي ڪنهن ٿانءَ ۾ ڪيترا هفتا پُسائي رکندا آهن. ان ۾ ڇا هوندو آهي سا خبر فقط ڪاريگرين کي آهي. غالباً انهيءَ ۾ مختلف قسمن جا پن ۽ ڇوڏا هوندا آهن، جي اُن کي نرم ۽ ملايم ڪندا آهن تان جو اها ڪَتجي ٺهي سگهي. ڌاڳو زالون ٺاهينديون آهن تنهن کان پوءِ اهو اَڏاڻن ڏانهن موڪليو ويندو آهي.

ڪرماني پنهنجون شالون، نمدا ۽ بندوقون خراسان، ڪابل، بلخ، بخاري ۽ اُتر وارن صوبن ڏانهن موڪليندا آهن، انهن جي عيوض هو اتان هڱ، کؤنر، روند چيني، موٺ ۽ ٻيون ٻوٽيون؛ بخاري جون کلون، پشم، ريشم، رُڪ، ٽامو ۽ چانهه گهرائيندا آهن. پويون ٽي شيون هو پاڻ ڪم آڻيندا آهن. باقي ٻيون شيون هو هندستان، سنڌ، عربستان ۽ بحرالاحمر موڪليندا آهن. هو پِستا، گلاب جا گل ۽ مکڙيون جنهن مان گلقند ٺهندو آهي؛ کؤنر، ڪپهه، غاليچا ۽ سون به انهن ملڪن ڏي موڪليندا آهن. هندستان مان هو قلعي، شيهو، لوهه، ٽامو، رُڪ، ڪارا مرچ ۽ ٻيا مصالح گهرائيندا آهن ۽ پاڻ ولائتي ۽ هندستاني ڇِٽون، نير، ململ، چانهه[5]، اطلس، ڪيمخواب، زريباف، ناريل، چيني ۽ شيشي جو سامان ۽ لٺو وغيره ۽ سنڌ مان هو اڇو ڪپڙو ۽ لونگيون، عربستان ۽ بحرالاحمر مان ڪافي، سون وغيره گهرائيندا آهن.

ڪرمان شهر جي سالياني آمدني 1810ع ۾ فقط پنجويهه هزار تومان[6] هئي. مگر چون ٿا ته اها ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي ويئي. اها رقم بادشاهه جي اجازت سان شهزادو کڻندو آهي، جو پنهنجي دربار ۽ لشڪر، جو هن شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ جي بچاءَ لاءِ رکيو آهي، جي خرچ لاءِ. اها آمدني بازار جي خراج ۽ شالن[7] ۽ بندوقن تي جي ڳرا محصول آهن، انهن مان پيدا ٿيند آهي. تنهن کان سواءِ هر هڪ اُٺ ۽ گهوڙو جو ڪاروان سراءِ ۾ داخل ٿيندو آهي، تنهن کي هڪ رپيو محصول ڏيڻو پڇوندو آهي، ٽَٽون هڪ رپيو، گڏهه تي پائلي وغيره. باقي صوبي جون ڍلون باقاعدي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرايون وينديون آهن. آءٌ جڏهن ڪرمان ۾ هئس ان وقت هڪ وزير کي ان باري ۾ گهرايو ويو هو. ڪيتري رقم آهي تنهن جو آءٌ پورو اندازو نه ڪري سگهيو آهيان، سمجهان ٿو ته بندر عباس جي خراج جي علاوه اها پنجاهه هزار تُومان ٿيندي. اها رقم زمين جي ڍل ۽ شهرن ۾ جو محصول اڳاڙيو ويندو آهي، ان مان وصول ٿيندي آهي. ايڏي وڏيءَ ايراضيءَ لاءِ اها رقم ٿوري ٿي نظر اچي، مگر ياد رهي ته صوبو قدرتاً غيرآباد آهي ۽ آدمشماري گهٽ اٿس. مان چئي نٿو سگهان ته ڪل آبادي ڪيتري آهي.

هن صوبي جي مشرقي حصي ۾ جي شهر آهن تن جو ذڪر مان اڳيئي ڏيئي چڪو آهيان. هاڻي مان پنهنجي تذڪري ۾ انهن جو احوال ڏيندس، جي دارالسلطنت جي مغرب ۾ آهن، اتر طرف ڪو به شهر ڪونهي.

اتي جيڪو شهر قابل ذڪر آهي، اهو ڪرمان کان ارڙهن منزلن جي مفاصلي تي آهي. هڪ منزل برابر اٺن فرسخن جي برابر ٿيندي، تنهنڪري سارو مفاصلو ساڍن پنجن سَون ميلن کان ڇهن سَون ميلن تائين ٿيندو. ڪنهن زماني ۾ گامبرون زبردست واپار جو مرڪز هو، ڇاڪاڻ ته هو هرمز جي شهر لاءِ بندر جو ڪم ڏيندو هو. سن 1613ع ۾ جڏهن شاهه عباس اعظم اهو مرڪز پرتگالين کان هٿ ڪيو، تڏهن هن اُن جو سارو واپار، جو ان وقت جي ساري دنيا ۾ نه، ته به ايشيا ۾ سڀ کان اهم هو، گامبرون ڏانهن ڦيرايو ۽ ان کي بندر عباس جي نالي سان نوازيو. ڪجهه وقت بندر تمام سرسبز رهيو مگر 1629-1630ع ۾ شاهه عباس گذاري ويو. هن جي يونين ۾ انهيءَ بيٺڪ جي سنڀالڻ جي يا ته طاقت نه هئي يا مرضي نه هئي تنهنڪري لارستان جا ساحلي ماڻهو ۽ درياهي چورن لٽيرن جون قومون ان کي آزارڻ لڳيون. آهستي آهستي انگريزي ۽ پرتگالي ڪمپنيون پنهنجا گماشتا ۽ ڪارخانا ڪڍنديون ويون. حڪومت کي نه ايترو سليقو هو نه طاقت هئي، جو ماڻهن جو بچاءُ ڪري سگهي، تنهنڪري واپاري پنهنجو سامان موڪلڻ کان گريز ڪرڻ لڳا ۽ شهر ڦِٽندو ويو. مگر اڃا به ان جو هندستان، بحرالاحمر، افريڪا جي مشرقي ساحل وارن بندرن سان واپار هلندو ٿو اچي. هاڻي اهو، امام[8] جي سپاهين جي قبضي ۾ آهي، جو ايران جي بادشاهه کي چار هزار تومان[9] ساليانو خراج ڏيندو آهي. چون ٿا ته ڪن سالن ۾ محصول انهيءَ کان گهٽ ملندو آهي. شهر غليظ ۽ بيترتيب اڏيل آهي. ڳليون سوڙهيون ۽ اونداهيون، مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن، قلعبنديءَ جي به خير ڪا سنڀال ٿيندي هئي، مگر ڇهه سال اڳ جواسبي نالي عرب درياهي لٽيرن جي ڊپ کان، امام قلعي جي مرمت ڪرائي ۽ هاڻي هو ڪنهن به ايشيائي فون جو موچارو مقابلو ڪرڻ جي قابل آهي.

آءٌ اڳ لکي چڪو آهيان ته ڪرمان ۽ بندر عباس جي وچ ۾ جو علائقو آهي سو گهڻي قدر ويران ۽ غيرآباد آهي ۽ ان ۾ ڪي ٻه- ٽي اُجڙ ڳوٺ آهن. شاهه عباس، منزل منزل تي ڪي شاندار ڪاروان سرايون ٺهرايون هيون، مگر هاڻي اهي ڦِٽي ويوي ن آهن ۽ ايراني حڪومت اهڙي ته حريص آهي جو انهن جي مرمت جو امڪان ڪونه ٿو نظر اچي. بندر عباسص جي ڪل آبادي پنجويهه هزار ماڻهو آهن، جن ۾ عرب، هندو، ايراني، هندستاني ۽ ٻيا ڌاريا ماڻهو به اچي وڃن ٿا.

ڪرمان جي صوبي جو ريگستاني حصو نرمنشير جي اترين حد کان جا اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 30-29 ۾ آهي خراسان جي جبلن تائين چوٽيهن ڊگرين ۾ ٻه سئو ستر ميل ٿيندي. ان جي ويڪر يزد جي شهر کان، جو اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 40-55 ۾ جبلن تائين، جي اوڀر سَٺ ڊگرين وٽ ان کي سيستان کان ڌار ڪن ٿا، ٻه سئو ميل آهي ۽ غيرآباد آهي، جو اسي يا نوي ميلن ۾ گاهه يا ڪا ٻي سبزي منجهس پيدا نٿي ٿئي، پاڻيءَ جو ته نالو به ڪونهي. 1719ع ۾ جڏهن افغانن ايران فتح ڪيو، تڏهن انهن جي فوج کي ان ويران علائقي ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏسڻيون پيون. ٽيون حصو لشڪر جو چٽ ٿي ويو، باقي مس مس بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ وڃي نرمنشير ۾ پهتا. ڪرمان کان خراسان ۾ هرات تائين ريگستان مان هڪڙو پيچرو آهي، جنهن جي رستي قاصد ارڙهن ڏينهن ۾ وڃي اچي سگهن ٿا، مگر رستي ۾ هلاڪ ٿيڻ جو خطرو آهي. مجون کي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ احوال لکڻ جي هدايت ڪئي هئي، مان هڪ قاصد سان ڳالهايو ۽ هن انهيءَ ڪم لاءِ ٻه سئو رپيا گهريا.

خبيس جو شهر تقريباً انهيءَ علائقي جي وچ ۾ اتر ويڪرائي ڦاڪ 20-32 تي آهي. اهو ٽڪر سارو سال سرسبز هوندو آهي ۽ ڪيترا خوشنما باغيچا اٿس. قديم زمان ۾ اهو ڳوٺ شايد امن پناهه لاءِ جوڙيو ويو هو. ممڪن آهي ته اهو ايران سيستان جي وچ ۾ واپار کي ترقي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو هجي، ڇاڪاڻ ته اهو ٻنهي ملڪن کان هڪجيتري مفاصلي تي آهي. ڪنهجن زماني ۾ شهر تمام آباد هو ۽ اتي سيستان جي حاڪم طرفان بيگلر بيگ رهندو هو. هاڻي ته هڪ اجڙيل ۽ ڦٽل شهر آهي. اتان جا رهاڪو چور ۽ باغي آهن. هو خراسان ۽ ايران جي وچ ۾ رستي تي ڪاروان ڦُري پنهنجو گذران ڪندا آهن. جڏهن ڪو هنن جو پيڇو ڪندو آهي ته هو ريگستان مان خفيه پيچرن جي رستي پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڄي ويندا آهن.

تعجب آهي ته خبيس جي باغيچن ۽ پسگردائيءَ ۾ پاڻي مٺو به اهي ۽ جام به. ان دائري جي ٻاهر هر طرف ڪيترين منزلن تائين واري ئي واري آهي، جتي گاهه جو تيلو يا ڪو ڊڀ به ڪو نه ٿيندو آهي. هاڻي مان پنهنجي سفر جو روزنامچو شروع ڪريان ٿو.

فصل (17)

25- مالت ۾ڻ حالت ۾ وڃيائي: اڄ اسان پنهنجو سفر شروعس ڪيو. مگر فقط ڇهه ميل پنڌ ڪيوسين. منهنجن ساٿين جي خيال مطابق اڄوڪو ڏينهن تمام نيڪ آهي. رستي ۾ اسان ڪن ڦٽلين جاين ۽ هڪ باغيچي جي پاسي ۾ ترسياسين. شهر کان ٿورو پرتي اسان کي قاصد مليو، جنهن کي مون پهچڻ سان جنرل مالڪوم ڏانهن موڪليو هو. هن جي خط مون کي ڏنا تن مان معلوم ٿيو ته سجنرل مالڪوم شيراز کان ايراني درٻار جي طرف راونو ٿي ويو هو.

26- مئي: اسان هڪ بجي صبح جو سوار ٿي روانا ٿياسين ۽ چاليهن ميلن جي ڏکئي سفر کان پوءِ منجهند جو روبات جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ منزل ڪئيسين، جتگي هڪ شاهر ڦٽل ڪاروان سراءِ آهي، جنهن ۾ پنج- ڇهه سئو گهوڙن بيهارڻ جو انتظام آهي. اسان جو رستو سمورو وقت اولهه- ڏکڻ اولهه يا اولهه- اتر پئي هليو. مفاصلو اٽڪل ڏهه فرسخ ٿيندو ۽ رستو سارو سڌو ۽ سٺو هو. ڪرمان کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي اسان ٻاغين نالي هڪڙو ڪوٽ ڏٺوسين. بار وارن وهٽن لاءِ اها پهرين منزل آهي، پر اسان جا خچر هلڪا هئا، تنهنڪري اسان ڏهه ميل اڳتي لنگهي وياسين.

27- مئي: اسان روبات مان 26- تاريخ اٺين بجي شام جو نڪتاسين ۽ 27- تاريخ منجهند جو قلعي آغا[10] ۾ پهتاسين. مفاصلو 23 ميل هو، جنهن ۾ 50 ميل کان زياده هڪ سخت پٽ مان گس هو. ان ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگ هو باقي حصو جبلن جي وچ ۾ آباد پٽ مان لنگهي ٿو، جنهن ۾ پاڻي جام آهي. آغا جو قلعو ڪنهن وقت تمام مضبوط سمجهيو ويندو هو. آغا محمد خان جڏهن ڪرمان کي محاصرو ڪرڻ ٿي ويو، تڏهن هن کي انهيءَ قلعي وٺڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿي هئي. ان کان پوءِ قلعي جي مرمت ڪرائي ويئي هئي. ان ۾ هڪ چڱي خاصي بازار آهي، جتي مسافرن لاءِ ضروري سامان ملي سگهي ٿو. شهر جي ڪد خدا ٻُڌو ته ڪو يورپي آيو آهي، تنهنڪري هو مون سان ملڻ آيو. مان ان وقت ايراني لباس اختيار ڪيو هو جو ڏسي کيس تعجب ٿيو. ڪجهه وقت ته هو اکيون کوڙي ڏسندو رهيو ۽ آخر پڇيائين ته ڪيئن آهين؟ هن کي پڇاڙيءَ تائين شڪ هو ته مان ڪو اصلي فرنگي يا يورپي آهيان! تنهن هوندي به هو نهايت خوش اخلاق هو. هن مون ڏڌي هڪ وڏو ٿالهه عمدن شاهداڻن جو موڪليو جنهن جي عيوض مون کيس ڪجهه پئسا ڏنا.

28- مئي: قلعي آغا کان اسان پاءِ قلعي ڏانهن روانا ٿياسين، جو هڪ ٽڪري4 جي چوٽيءَ تي ننڍڙو ڪوٽ آهي. اها اٽڪل ٽيهن ميلن جي منزل آهي. جنهن جا پهريان پندرهن ميل هڪ آباد پٽ مان لنگهن ٿا ۽ پويان پندرهن ميل جبلن ۽ پهاڙن مان، رستو پيچيدو ۽ ڏکيو آهي. اهي جبل اتر طرف يزد جي شهر تائين وڃن ٿا. يزد جو رستو قلعي آغا کان ٽي ميل پرتي نڪري ٿو. رستو اڪثر اولهه- ڏکڻ وڃي ٿو. رستي ۾ گهوڙن ۽ اُٺن لاءِ ڪافي چارو ملي ٿو. مگر هٿياربند ٽولي کان سواءِ سفر ڪرڻ خطرناڪ آهي. اهو چورن جو اڏو آهي. منهنجن ساٿين کي پڪ هئي ته چورن سان ضرور مقابلو ٿيندو. اسان اونداهه ۾ ٽين بجي رات جو نڪتاسين، مگر بندوقون ڀريل ساڻ هيون بلڪه پليتا به ٻاريل هئا.

29- مئي: اسان پاءِ قلعو شام جو ٻين بجي ڇڏيو. رستي ۾ ڪيترا ڏکيا ڪوتلا يعني لڪ ۽ چاڙهيون ٽپي اَٺ ميل پنڌ ڪري مينڻ جي ڳوٺ ۾ پهتاسين. ان ڳوٺ ۾ ٽي- چار سئو غفائون يا غارون آهن، جن ۾ ماڻٻهو رهن ٿا. غفائون جبل جي پاسي ۾ کوٽيل آهن ۽ ڏهن فرلانگن تائين هليون وڃن ٿيون. انهن مان ڪي بُهرا هڪ- ٻئي جي مٿان ٺهيل آهن ۽ وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڏاڪا ۽ پيچرا ٺهيل آهن ۽ وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڏاڪا ۽ پيڇرا ٺهيل آهن. اڪثر ڪري اهي همسطح آهن انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي ۽ پاسن کان دالان اٿن. وهٽن لاءِ جَو ۽ چارو خريد ڪرڻ جي بهاني سان مان ڪيترا گهر اندر وڃي ڏٺا، اهي نهايت غليظ هئا. شايد ڪنهن زماني ۾ آبادي وڌيڪ هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون غفائون خالي پيون هيون. مينڻ جا رهاڪو راسخ الاعتقاد مسلمان نه آهن. هو علي- الله[11] فرقي جا آهن.

شيعن کي حضرت عليرضه لاءِ تمام گهڻي عزت آهي. تنهنڪري انهيءَ فرقي کي ايران ۾ سڀ کان زياده آزادي ڏنل آهي، تاهم هنن کي مڪمل آزادي ڪانهي. انهن کي ايذاءَ ڏنا ويندا آهن ۽ ماڻهو کين نفرت ۽ حقارت سان ڏسندا آهن. هو گله- بان آهن ۽ ٻڪرين، رڍن جا ڌڻ هوندا اٿن.

30- مئي: چوويهه ميل اولهه طرف پنڌ ڪري، اسان يارهين بجي صبح جو شهر بابق يا بابابيگ[12] ۾ پهتاسين، جو ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو سهڻو شهر هو پر هاڻي سمورو ڦٽي ويو آهي. رستي جا پهريان ڏهه ميل، جبلن جي قطار جي مٿان هئا ۽ پاڻي موجود هو مگر غيرآباد پٽ مان، شهر ڏانهن جيڪي رستا اچن ٿا، انهن جي ٻنهي پاسن تي نارنگين، ليمن، توتن، بادامين، اکروٽن، شاهداڻن ۽ انارن جا ون آهن. انهن کان سواءِ انگور، صور، شڪربالا، آڙو، شفتالو، بهيداڻا، ڪشمش، آلوبخارا، انجير ۽ ناسپاتيون به هت ڪثرت سان پيدا ٿين ٿيون. چوڻي آهي ته جي سارو ايران ريگستان هجي ته به شهر بابق ۾ ايترو ميوو ٿئي ٿو جو سڄو ايران کائي سگهي. چون ٿا ته اڃا باغات ۾ ڪجهه ڪمي ٿي آهي. لاشڪ اتان جا باغ اصفهان ۽ شيراز جي باغن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ نزاڪت ڀريا آهن.

شهر کي چار دروازا آهن جنهن مان چار رستا نڪرن ٿا. وچ ۾ جا بازار آهي تنهن ۾ وڃي پون ٿا ۽ شهر کي چئن حصن ۾ ورهائين ٿا. بازار ۽ وڏن رستن مٿان گنبذن سان ڇت آهي. ڪيترا گنبذ هاڻي ڪِري پيا آهن ۽ جي بيٺا آهن، سي به زبون حالت ۾ آهن مَنڊيءَ جي مٿان جو گنبذ آهي سو اڃا مڪمل آهي، اهو ايران ۾ سڀ کان وڏو گنبذ آهي.

شهر بابق، ڪرمان، شيراز ۽ يزد کان هڪجيتري مفاصلي تي آهي. ڪجھ وقت اڳ شيراز ۽ يزد جو واپار بندر عباس جي رستي ايندو هو. انهيءَ مان ڪافي محصول وصول ٿيندو هو. اڃا به شهر ۾ هڪ نائب صوبيدار رهندو آهي، جو شهزادي جي نظر هيٺ ڪاروبار هلائيندو آهي. شهزادو پاڻ ڪرمان ۾ رهندو آهي.

31- مئي: شهر بابق کان روبات تائين، جو ڪرمان جي صوبي جي اولاهينءَ حد تي هڪ ننڍڙو ڪوٽ ڏنل شهر آهي، مفاصلو اٺاويهه ميل ٿيندو. رستون تمام سٺو آهي ۽ ڪشادي پٽ مان لنگهي ٿو، جنهن ۾ گهڻا ئي ڳوٺ ۽ آبادي خاص ڪري تماڪ ۽ گلاب جي آهي. هن وقت گلاب ڦوهه جوانيءَ ۾ آهي. آبادين مان لنگهندي دماغ معطر پئي ٿيو. گلاب جي پاڻيءَ لاءِ گل کُلڻ کان اڳ پٽيا ويندا آهن ۽ گلقند لاءِ مکڙيون پٽبيون آهن. هن ايراضيءَ جو تماڪ دنيا ۾ سڀ کان سٺو ۽ مٺو هوندو آهي. اهو شيرازي تماڪ جي نالي سان سڏبو آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ غلط اثر ويٺل آهي ته اهو شيراز ۾ پيدا ٿيندو آهي. شيراز جو تماڪ روبات جي تماڪ سان لذت ۽ ذائقي سان مقابلو ڪري نٿو سگهي.

منهنجن همراهن کي ڪرمان جي صوبي ڇڏڻ تي البت ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته کين شهزادي طرفان پنهنجي ۽ سندن وهٽن لاءِ سرسات[13] وصول ڪرڻ لاءِ پروانو مليل هو. هنن انهن جو پورو پورو فائدو ٿي ورتو. روبات جي ڳوٺ ۾ سيد[14] رهندا آهن جي ڏسڻ ۾ محنتي ۽ نيڪ ٿا اچن. هنن ۾ اهو غرور ۽ انسانذات لاءِ حقارت ناهي، جا ٻين هنڌن جي اهلبيتن جي خصوصيت آهي.

هتي ڪاروان سراءِ يا مسافرن جي رهڻ لاءِ ڪا ٻي جڳهه ڪانه آهي تنهنڪري اسان کي مسجد ۾ رهايو هئائون.

هتي اسان جي هوندي خچرن وارن ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جنهن اسان سان ڪوڙي نالي ۾ سفر ٿي ڪيو. هڪ عجيب قسم جو ٽنٽو ٿيو. خچر واري جو ان ماڻهوءَ سان ڪنهن معمولي ڳالهه تي تڪرار ٿيو. آخر فيصلو ٿيو ته ان ڳالهه جو نبيرو ڪُشتي رستي ڪجي. خچر واري اسان جي ٻهروپي[15] دوست کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڪامياب خيرڪو ٿيو. نيٺ هن موقعو وٺي ناآزمودگار خچر واري کي ٻک وجهي هوا ۾ مٿي اڇلايو، جتان هو زور سان اچي فرش تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. هن جي همراهن پهريائين ته تماشو بيٺي ڏٺو؛ هاڻي خيال ڪيائون ته فاتح کي ڪجهه گوشمالي ڪجي سو اول ته اچي گارين جو وسڪارو ڪيائون. آخر ٽن ڄڻن گڏجي هن تي حملو ڪيو مگر انهن جو به ساڳيو حال ٿيو. ڪو مسجد جي هن ڪنڊ ۾ پيو آهي ته ڪو هُن ڪنڊ ۾. ويچارن جو سَنڌ سَنڌ چور ٿي ويو. تنهن کان پوءِ فاتح هنن کي للڪاري چيو ته مان ڇهن ڄڻن سان ڪٺو وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، مگر انهن مان ڪنهن کي به مقابلي ڪرڻ جي همت ڪانه ٿي.

1- جون: هنن چوويهن ڪلاڪن ۾ اسان ٻه منزلون ڪيون. پهرين منزل ٽيهه ميل روبات کان ڪُرد تائين جا هڪ غيرآباد پٽ مان هئي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگ هو، ٻي منزل چوڏهن ميلن جي ڪُرد کان خونسار جي ڦٽل ڳوٺ تائين. روبات ۽ ڪرد جي وچ تي اسان هڪ پاڻياٺي لوڻ جي نهر ٽپي، جنهن ۾ گهوڙي جي گوڏن تائين لوڻ هو. نهر جي ٻنهي طرفن کان ڪيترن سَون والن تائين پٽ برف جهڙو سفيد لوڻ سان ڀريل هو. جو گهوڙن جو سنبن هيٺان ٽڙڪيو پئي. نهر ۾ لوڻ جون ڇپون پئي تريون مگر اهي اهڙيون گهاٽيون نه هيون جو انهن مان خچر لنگهي نه سگهن.

ڪُرد ۽ خونسار جي وچ ۾ جو علائقو آهي سو نهايت خوشنما ۽ دلڪش آهي ان ۾ ننڍيون سرسبز واديون ۽ پَٽ آهن. پَٽن کي ننڍين ٽڪرين جون قطارون ڌار ڪن ٿيون. ٽڪرين جي چوٽين تائين نرم گاهه ۽ ساوڪ آهي. انهن مان هڪڙي گٽڪريءَ مان جو رستو هو سو پنجاهه والن تائين اهڙو سوڙهو هو جو ان مان وقت تي هڪ خچر لنگهي ٿي سگهيو، باقي رستو ٺيڪ هو. وهٽن لاءِ علييا- پوت جي خانه بدوش قوم جي ماڻهن کان چارو ملي سگهيو ٿي. هي ماڻهو نود جي ڪارن تنبن ۾ رهندا آهن. خونسار ۾ هنن جي هڪڙي بيٺڪ هئي.

واقعي خونسار جهڙي دلڪش منزل ايران ۾ ٻي ڪٿي به ڪانه آهي. ماٿريءَ جي تري ۾ ڪڻڪ ۽ سارين جي پوکن جي وچ مان نهر ٿي وهي. انهن جا تنبو اکروٽ جي وڻن جي هڪ جهڳٽي جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ مٿان اَڏيل هئا. ساري واديءَ ۾ اُن طرف کان اکروٽن جا وڻ هئا. ريڍارن جي گهرن جي لڳ رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ اُتانهين ٽڪرين جي چوٽين تي پئي چڙهيا. ماڻهو محنتي هئا. سندن چهرين مان قناعت جا آثار پئي ظاهر ٿيا. اهو ڏسي مون کي يقين ٿيو ته ايران ۾ به سک ۽ قناعت سان حياتي بسر ڪري سگهجي ٿي.

2- جون: خونسار کان مزار تائين رستو چوڏهن ميل هو. نظارو ڪالهه جهڙوئي دلڪش ۽ خوشنما هو. مزار هڪ اُجڙيل ڳوٺ آهي، جنهن ۾ نه آهي بازار نه سروسامان. جيتوڻين علييا- پوتن ان جي ويجهو ڪافي زمين آباد ڪئي آهي.

3- جون: اسان مزار، ٽين بجي صبح جو ڇڏيو. ٻائيتاليهه ميل پنڌ ڪيوسون. شام جو منزل پٽ ۾ ڪئيسون: ڇاڪاڻ ته ٻن فرسخن جي اندر ڪا بستي ڪانه هئي. سڄي رستي ۾ جبل ٻنهي پاسن کان ويجها هئا ۽ رستو سخت ۽ کهرو هو. رستو اڪثر ڪري هڪڙي ماٿريءَ مان ٿي هليو جا چئن ميلن کان چئن سون والن تائين موڪري هئي، ان ۾ ڪافي جهنگ هو مگر پاڻي خير ڪو هو. واديءَ جي اولهه طرف پڇاڙيءَ ۾ ارسنجن جو لَڪ آهي. رستي جي اٺٽيهين ميلن تي اتر طرف ارسنجن جو ڳوٺ آهي. لَڪ ان ڳوٺ جي نالي پٺيان سڏبو آهي. اهو لَڪ ڪٿي ڪٿي پنجاهه والن کان ويڪرو نه آهي. ان جي ڊيگهه اٽڪل ٽي ميل ٿيندي. ٻنهي طرفن کان سڌا اونچا جبل آهن. ان ۾ جي قلعبندي ڪئي وڇي ته ٿورڙئي فوج وڏي لشڪر کي روڪي سگهي ٿي.

ارسنجن جي شهر ۾ حاڪم يا گورنر رهندو آهي. اهو ڪافي وڏو شهر ٿو نظر اچي. چوڌاري وڏا باغ اٿس. شهر هڪ واديءَ ۾ آهي. چوڌاري ٽڪريون اٿس جن تي گهاٽي آبادي آهي. انهن ۾ ڪيتريون نهرون آهن. هڪڙي نهر تي اڌ ميل ۾ ڏهه- ٻارهن پاڻيءَ جون چڪيون رکيل آهن.

4- جون: اسان چئين بجي صبح جو منزل پٽي، ويهه ميل هڪ آباد ۽ سنئين پٽ مان پنڌ ڪيوسين. ٻارهين ميل تي ڪنجن نالي هڪ صاف سٺو ڳوٺ هو. ٽي ميل اڳتي بند امير[16] وٽ درياءَ جي پل ٽپيسون. هن ٽڪر ۾ ڏيهي ماڻهو انهيءَ درياءَ کي ڪولبر سڏيندا آهن. انهيءَ پٽ ۾ سارين جي پوک ڪثرت سان ٿيندي آهي. منهنجي همراهن ٻڌايو ته هي ضلعا، ايراني سلطنت ۾ زرخيز ۽ سستا آهن. انهيءَ دعويٰ جي تصديق ۾ ڪافي ثبوت پيش آهي: مون رستي ۾ ڪم از ڪم ٽيهه ڳوٺ ۽ شهر ڳڻيا. سڀني ڳوٺن جي آسپاس ۽ وچ ۾ کيتي هئي. سارو رستو سٺو هو. سموري پٽ ۾ هر درخت ۽ آباديءَ لاءِ نهرون هيون. ساري ملڪ ۾ نهرون هيون ۽ انهن تي ننڍيون ننڍيون پُليون هيون، جي پُليون ڊاهجن ته آمدرفت ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي سگهي ٿي. انهن مان ڪي نهرون ٽيهه- چاليهه فوٽ اونهيون آهن، مگر انهن جي ويڪر اڪثر پنجن- ڇهن فوٽن کان زياده نه آهي۔ بند امير جي پل، ايران جي ٻن پلين وانگر خراب حالت ۾ آهي ۽ ان جي جلد ڪِرڻ جو امڪان آهي. پل جي فرش ۾ ڪيترا سوراخ هئا جن جي مٿان رات جو مسافرن جي چتاءَ لاءِ ڪانڊيرا رکيا هئائون. پُل کي ٻارنهن ڪمانون اهن. پُل جي مٿان نظارو ڏاڍو دلڪش آهي. ٻنهي پاسن کان سارين جون ٻنيون آهن، چوڌاري ساوڪ لڳي پئي آهي.

سونمياڻي پهچڻ تي، اڄ تائين آءٌ پندرهن سئو ميلن کان به زياده سفر ڪري چڪو هوس. انهن مان تيرهن سئو ميل تقريباً سڌا اوڀر کان اولهه جي ڏِس ۾ هئا. ساري سفر ۾ مون کاها پهرين ندي وهندي ڏٺي هئي، جنهن ۾ گهوڙي جي گوڏي کان مٿڀرو پاڻي هجي. ان مان ظاهر آهي ته وچ وارا علائقا ڪهڙا نه بٺ ماڪ آهن. حالانڪ انهن علائقن جي زمين حرارت جا درجا ۽ بناوت مختلف آهن. اهڙو غيرآباد مُلڪ دنيا ۾ ٻيو ڪو مشڪل هجي.

ڪولبر ڇڏڻ کان پوءِ، اسان ڇهه ميل سفر ڪيو. تنهن کان پوءِ اسان ٻه- ٽي ڪالڪ ترسي ڇهه ميل اڳتي وڌياسين. رستو هڪڙي پٽ مان هو. تنهن کان پوءِ هڪ سوڙهي وادي شروع ٿي ٿِي، جنهن جي ٻنهي پانسن کان اونچن جبلن جون قطارون هيون. اها وادي چوٽيهه ميل سڌي اولهه طرف شيراز جي پٽ تائين هلي وڃي ٿي. اسان شيراز 5- جون، نائين بجي صبح جو پهتاسين. شيراز ڏسي دل نهايو خوش ٿي. مان سڌو فارس جي وزير محمد نبي خان جي محل ڏي ويس، جنهن مون کي مدارس جي ڏيهي فوج جي ليفٽيننٽ لِٽل جي گهر ڏانهن موڪليو. هو صاحب برگيڊيئر جنرل مالڪوم جو سياسي نائب هو. هن کي سفارت پهچڻ کان اڳ شيراز موڪليو ويو هو، ايلچيءَ جي طرفان فارس جي حڪومت سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ. ٻن ڪالڪن کان پوءِ وزير مون ڏانهن خير مقدم طور ميوي ۽ مٺائي جا ٿالهه موڪليا. ساڳئي وقت هن منهنجي طبع پرسي به ڪرائي. هاڻي مان وري محسوس ڪرڻ لڳس ته مان به ڪو برطانيه جو عملدار آهيان.

6- جون: جي مان وزير سان ملاقات ڪئي هن منهنجو نهايت پرجوش استقبال ڪيو. 11- تاريخ منهنجو فارس صوبي جي بيگار بيگ ۽ شيراز جي حاڪم شهزادي محمد علي بيگ مرزان سان تعارف ڪرايو ويو. شهزادو هڪ نهايت شڪيل جوان آهي. هن کي هڪ نهايت خوبصورت ڪوٽ پيل هو جنهن تي سچن موتين  هيرن جو ڀرت هو. جهڙو شهزادي جو جاه و جلال ۽ شان شوڪت هو، اهڙو ئي درٻار جي عظمت ۽ رونق هئي، مگر رسوم آداب معمولي هيون، مان عرض بيگيءءَ جي معرفت اعليٰ حضرت سان ڪجهه وقت ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. ڪلياڻ (حقو) ڇڪڻ کان پوءِ مون کي رخصت ڏني ويئي.

بلوچستان ۽ ايران جي سفر جو تذڪرو هتي پورو ٿيو. اميد ته پڙهندڙن کي دلچسپ لڳندو. آخر ۾ آءٌ هندستان موٽڻ تائين، جيڪي بعد ۾ ڪاروايون ٿيون تن جو ڪجھ احوال ڏيئي پنهنجي ڪهاڻي ختم ڪندس.

مدراس جي ڏيهي پيادل فوج جي آفيسرن مسٽر مارئير ۽ ليفٽيننٽ مئڪڊونالڊ ڪينئر، جي تازا ڪتاب لکيا آهن ۽ ايران جي درٻار ڏانهن جي سفارتون موڪليون ويون آهن تن جا فاضل صاحب جي پنهنجون تصنيفون لکندا سي ايران جي سلطنت جي اڄوڪي حالت جو اميد ته مڪمل احوال ڏيندا. آءٌ پنهنجي ايران جي سفر جي دوران ۾ انهن متعلق جن جو مون هنن اوراقن ۾ احوال ڏنو آهي تحقيقات ڪندو رهيس. مگر مٿين سببن جي ڪري انهن تي وڌيڪ تفسير ڪرڻ جو هن وقت ضرور ڪونه آهي. خصوصاً انهن صاحبن کي انهن موضوعن جي اڀياس ڪرڻ جو مون کان وڌيڪ وقت ۽ موقعو مليو آهي.

شيراز ۾ رهائش جو مون پورو پورو فائدو ورتو. جيڪي ڏسڻ جون جايون هيون تن سڀني جو معائنو ڪيم. ٻه جايون مون کي ڏاڍيون پسند آيون. هڪڙو جهان نما باغ، ٻيو حافظ جو مقبرو. باغ وڪيل ڪريم خان زند ٺهرايو هو. باغ ۾ جي ڏيوريون آهن انهن تان چڙهڻ سان ساري شهر ۽ ان جي پسگردائي جو نظارو پيو ڏسڻ ۾ اچي. هڪڙي برج جو نالو آهي ڪلاه فرنگي، ڇاڪاڻ ته ان جي شڪل ولايتي ماڻهن جي ٽوپلي جهڙي آهي. حافظ جو مقبرو هڪ دهشتناڪ پر منهنجي خيال ۾ بدزيبي عمارت آهي مگر ان ۾ حافظ جي هڪ غزل جو ايراني خط ۾ ڪتبه لکيل آهي سو قابل ديد آهي. چون ٿا حافظ جي ديوان جو سڀ کان صحيح ۽ پراڻو نسخو مقبري ۾ رکيل آهي. مون ان جي ڪوشش ڪئي پر چيائون ته مجاور جنهن جي حوالي ۾ اهو آهي سو خيرڪو هو. اڇو سنگمرمر جنهن جو مقبرو +هيل آهي تنهن جو رنگ هوا ۾ ڦٽي ويو آهي. مقبري جي چوڌاري سروَ جا درخت آهن جي ان کي وڌي دهشتناڪ ڪن ٿا.

آءٌ 11- جون جي مدراس جي ڪمپنيءَ جي ڊاڪٽر ڪارمڪ سان گڏيس جو برگيڊيئر جنرل مالڪوم جي سفارت ۾ شامل هو. شيراز ڇڏڻ کان پوءِ اسان پهرين منزل زرگان ۾ ڪئي هئي، جو هڪ اتانهين جبل جي تري ۾ هڪ سهڻو شهر آهي، ٻي منزل اسان پرسيولس جي مشهو ڦٽل شهر ۾ ڪئي. کنڊرن جي معائني ڪرڻ لاءِ اسان ٻه ڏينهن اتي ترسياسين. پوئين منزل ۾ اسان بند اميدر درياءَ تان هڪ پراڻي پُل جي رستي ٽپياسين. پُل کي نَوَ ڪمانون آهن. هي درياءَ نه اهڙو اونهون، نه ويڪرو آهي جهڙو اهو ڪرمان واري رستي هو. پرسيولس کان اسان سرحد واري ننڍي سڙڪ وٺي اصفهان روانا ٿياسين، جتي 27- جون جو پهتاسين. شيراز کان اسان ڪل ست منزلون ڪيوسين. جن مان چار فارس جي صوبي ۾ هيون ۽ ٽي عراق جي حد تي. يزد خواست جي شهر وٽ واهه آهي جنهن جا ڪنارا پيٽ جي مٿان وري ٿا اچن هتي هڪ عاليشان نئين ڪاروان سراءِ آهي. رستي تي ٻيون ڪاروان سرايون زبون حالت ۾ هيون. ان وقت ايران ۾ اونهارو هو، مگر رات جو اهڙي ٿڌ پوندي هئي جو اسان وهٽن تان لهي پنڌ ڪري پاڻ کي گرم ڪندا هئاسين.

اصفهان ۾ اسان اَٺ- نوَ ڏينهن رهياسين. انهيءَ وچ ۾ هرات ۽ يزد ۾ ڪئپٽن ڪرسٽي ايو، جنهن سان گڏجي نهايت خوش ٿياسين. اهڙي مسرت حاصل ٿي جو ڪنهن کي ورلي نصيب ٿي هوندي. خصوصاً جڏهن ملاقات اچانڪ ٿي هئي. ڪئپٽن ڪرسٽي شهر ۾ شام جو پهتو. هن کي اسان جي خبر نه هئي ۽ نه هن کي ڪنهن سڃاتو. هو سڌو حاڪم جي محل ڏي ويو ۽ رهڻ جي جاءِ جي طلب ڪيائين. حڪم مليو ته هن لاءِ ڪو انتظام ڪيو وڃي. ان وقت ڪنهن ملازم ٻڌاين ته ٻه فرنگي چهل ستون[17] ۾ رهيا پيا آهن. شايد هي صاحب اتي رهن پسند ڪندو تنهنڪري هو محل ڏي آيو ۽ اسان جي پڇا ڪيائين. آءٌ هيٺ لهي ويس. ان وقت اوندهه هئي ۽ مون کيس ڪو نه سڃاتو مون کي ايراني پوشاڪ پيل هئي، هن سمجهيو ته مان ايراني آهيان. اسان ڪجهه وقت ڳالهيون ڪندا رهياسين تان جو هڪٻئي کي سڃاتوسين. ان وقت منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي!

اسان ڏينهن جو ڳچ حصو هن شاهي شهر جي نادرات ڏسڻ ۾ صرف ڪندا هئاسين. هتي جي ٻن محلن ۾ يورپي ۽ ايراني مصوريءَ جون نادر تصويرون تاريخي موضوعن تي ٺهيل آهن. لڙائي جي هڪ- ٻن تصويرن ۾ طرفين نهايت تناسب سان چٽيل آهن. البت انهن ۾ مصيبت جي لحاظ کان ڪجهه ڪسر رهجي ويل آهي. مگر گذريل ٻن صدين ۾ ايراني پوشاڪ ۽ لڙائي جي طريقي جو چڱو نقشو پيش ڪن ٿيون. هڪڙو محل، جو پنج- ڇهه سال اڳ هاڻوڪي منتظم دولهه محمد حسين خان ٺهرائي بادشاهه کي تحفي طور ڏنو هو سو جديد ايراني عمارتي فن جو چڱو مثال آهي. ان جي درين تي ڪُندن ۽ ميناڪاريءَ جو سهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ شاهه جي شان ۾ مصرعون ۽ قرآن شريف جون آيتون اُڪريل آهن. ساري محل جي هيٺان گرميءَ ۾ رهڻ لاءِ سردابه يا بُهرا ٺهيل آهن. اصفهان جون بازارون ساري ايران ۾ سڀ کان ڊگھيون آهن مگر طرز تعمير ۽ پٿر وغيره جي لحاظ کان شيراز جي بازار وڪيل ۽ ڪرمان جي بازار جديد ڪنهن به صورت ۾ انهن کان ڪم نه آهن. اصفهان ۾ شيشي جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. انهن ۾ جي حقا ٺهن ٿا سي انگريزي ڪاريگرن جي ٺهيل شين جو بخوبيءَ مقابلو ڪري سگهن ٿا.

مسٽر ڪارمڪ، ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ آءٌ اصفهان مان 9- جولاءِ جي روانا ٿياسون ۽ 14- تاريخ ڪاشان جي شهر ۾ پهتاسين. ڪو وقت اهو شهر ڦٽل هو مگر ٿورن سالن ۾ محمد حسين خان انتظام دولهه جي ڪوششن سان ڏاڍو وسي ويو آهي. شهر جون مکيه صنعتون: ٽامي جا برتن، غاليچا، رنگين ۽ گلدار ريشمي ڪپڙو آهن. هتان جو گلدار ڪپڙو نهايت خوبصورت هوندو آهي. مون ٻه- ٽي گلدار دوپٽا خريد ڪيا، جي ڪشمير جي شالن جي نموني تي ٺهيل هئا. جهڙو هو انهن جو رنگ تهڙي هئي سندن چمڪ ڌمڪ. ڪاشان، هڪ وڏي رڻ جي ڏکڻ ۾ آهي. جو مازندران جي جبلن تائين هليو وڃي ٿو. ڪاشان جي آسپاس وارياسي زمين آهي. جن هن ۾ وڇون ۽ ڪوريئڙا گهڻا آهن ۽ ڪاشاني وِڇن جو ڏنگ مشهور اهي. اسان ڪاشان ۾ ٻڌو ته جنرل مالڪوم بادشاهه کان موڪلائي پنهني سفارت سان گڏ هندستان موٽڻ وارو هو: تنهنڪري اسان اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، جتي اڙدو يعني شاهي منزل ان وقت هئي. مگر ان کان اڳ اسان کي ڏهه ڊگهيون منزلون ڪري مياڻيءَ پهچڻو پيو، جو قافلان ڪوهه يعني شينهن جي جبل جي لَڪَ جي تري ۾ هڪ ڳوٺ آهي. انهيءَ جبل جي تري ۾ ڪزلوزين يعني سونهري نهر آهي جنهن جي مٿان هڪ تمام پراڻي اَٺن ننڍين وڏين ڪمانن جي پل ٺهيل آهي. پل تمام اتانهين آهي ۽ ان جي مٿان، جو نظارو نظر ايندو آهي سو نهايت دلڪش آهي. لڪ تي چڙهندي رستي جي ساڄي پاسي کان ڦٽل مورچا ۽ ديواريون نظر اچن ٿيون. رستي جو ڪجهه ٽڪر بند تي آهي، جو شاهه عباس پهرئين شروع ڪيو هو ۽ شاهه عباس اعظم پورو ڪيو هو. ڪزلوزين، عراق عجمي ۽ آزربائيجان جي حد تي آهي.

تنهن ڏينهن مياڻي پهچڻ سان اسان کي هڪ ڇير يعني سوار گڏيو، جنهن اسان لاءِ خط آندا هئا. انهن ۾ اسان کي هدايت ڪئي ويئي هئي ته اسان سڌو جنرل مالڪوم سان مراغي ۾ وڃي گڏجون، جو تبريز کان ويهه فرسخ ڏکڻ- اولهه آهي. تنهنڪري اسان تبريز جي شاهراهه ڇڏي اولهه رخ ڪيو، سو ٽن منزلن کان پوءِ اسان وڃي پنهنجن دوستن سان گڏياسين: جن کان ست مهينا اڳ بمبئيءَ ۾ وڇڙيا هئاسين، انهيءَ عرصي ۾ ڪئپٽن ڪرسٽي سندس حساب موجب ٻه هزار ۽ اڍائي سئو ميل سفر ڪيو هو ۽ آءٌ ٻه هزار چار سئو ميل پنڌ ڪري چڪو هوس.

بادشاهه سلامت جي ايراني ايلچيءَ عهدنامي موجب ايراني فوج کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي ڪن ٻين عملدارن سان گڏ انتخاب ڪيو هو. مگر هن صاحب کي پنهنجي سفر جو تذڪرو لکڻو هو. هن کي تذڪري جي لکڻ جي موقعي ڏيڻ لاءِ جنرل مالڪوم مراغي ۾ پنج- ڇهه ڏينهن ترسيو، نوشڪيءَ مان ڌار ٿيڻ بعد مان پنهنجي دوست جي تذڪري جو اختصار ڪتاب ۾ ضميمه طور ڏنو آهي.ل هو جيڪڏهن زنده هجي ها ۽ هندستان وڃي اه ته ضرور انهيءَ تذڪري کي سڌاري مفصل طرح ڇپرائي ها. بدقسمتيءَ سان ڪئپٽن ڪرسٽي 31- آڪٽوبر 1812ع جي روسي فوج جي هڪ ايراني دستي، جو ايراني ڇانوڻي تي حملو ڪيو ان ۾ مارجي ويو. هن جي وفات حسرت آيات تي سڀني ماتم ڪيو. ڪرسٽيءَ جي هرڪو عزت ڪندو هو ۽ سڀ هن کي محبت جي نظر سان ڏسندا هئا. هن جي موت سندس دوستن کي سخت صدمو پهچايو ۽ سندس موت هن جي ملڪ ۽ مالڪ لاءِ وڏو نقصان آهي.

سفارت 8- تاريخ آگسٽ جي مراغي مان رواني ٿي سينا ۽ ڪرمان شاهه جي رستي 20- سيپٽمبر جي بغداد پهتي. اتان اها ٻيڙين رستي دجله درياء ۽ شط العرب مان بصري ويئي، جتي مان سرڪاري ڪم سان تقريباً ٽي مهينا رهي پيس. آخر مان تيرهن مهينن ۽ ڪجھ ڏينهن جي سفر بعد مانواري ڪمپني جي جهاز سان دڪيءَ ۾ چڙهي اچي فيبروري 1811ع جي 6- تاريخ بمبئيءَ ۾ پهتس.

ڀاڱو ٻيو

فصل (1)

بلوچستان يعني بلوچن جي ملڪ ۾ اها سموري ايراضي اچي وڃي ٿي جا ڊگهائي ڦاڪ ۽ 40-30 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 55-58 ۽ 30-67 اوڀر طول البلد جي وچ ۾ آهي. ان کان سواءِ ان جا ڪي صوبا پري اولهه ۽ اوڀر هليا وڃن ٿا. انهن جي صحيح ڊگهائي ڦاڪ مان اڳتي هلي اتي ڏيندس جتي انهن جو تفصيلوار بيان ڪيو ويندو.

اهو سارو وسيع علائقو ڪنهن وقت خان قلات جي پيءُ نصي خسان جي حڪومت اندر هو، خان کي اهو سن هڪ هزار ست سئو اوڻيتاليهه عيسوي (1739ع) ۾ ايراني فاتح نادر شاهه ساري بلوچستان جي بيگلربيگ جي خطاب سان گڏ عطا ڪيو هو. انهيءَ سَنَد جي بناء تي مون اهي لفظ ڪم آندا آهن. مگر ان وقت کان پوءِ ملڪ جي سياسي حالت بلڪل بدلجي وئي آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ان جي بيان ڏيڻ کان اڳ، ان جا طبعي حصا نروار ڪيا وڃن.

انهيءَ وسيع معنيٰ ۾ بلوچستان جون حدون هيءُ آهن: ڏکڻ ڏانهن بحر هند، اتر ڏانهن سيستان ۽ افغانن جو ملڪ، اولهه ڏانهن لارستان ۽ ڪرمان جا صوبا، اوڀر ڏانهن سنڌ جو ڪجهه حصو ۽ شڪارپور جو ضلعو، جو هن وقت ڪابل جي بادشاهه جي هٿ ۾ آهي. هنن حدن جي اندر هيٺيان صوبا اچي وڃن ٿا. انهن صوبن جو احوال آءٌ نمبروار يا تفصيل ڏيندس. ان کان پوءِ مان سنڌ جي صوبي جو اڄوڪي حالت ۾ مختصر احوال ڏيندس. سنڌ جا حاڪم ۽ ان جي آباديءَ جو ڳچ حصو بلوچ قوم آهي.

1)     جهلوان ۽ سروان جا صوبا ۽ قلات

2)    مڪران ۽ لس جا صوبا.

3)    ڪڇ گندا واهه جو صوبو ۽ هرند دجله جو ضلعو.

4)    ڪوهستان يا بلوچي علائقو جو ريگستان جي اولهه ۾ آهي.

5)     ريگستان

پڙهڻ وارا خود محسوس ڪندا ته ايڏي وڏي ايراضي ۽ ملڪ جو حليو مختلف هنڌن مختلف هوندو، تنهنڪري ساري ملڪ جو هڪ هنڌ احوال ڏيڻ ناممڪن آهي. انڪري هت آءٌ فقط مکيه جنلن جو تمهين طور احوال ڏيندس ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس ته اهي ڀر وارن ملڪن سان ڪيئن ڳنڍيل آهن: بلوچستان اندر ڪهڙيون شاخون ۽ ريخون آهن ۽ انهن جي اوچائي، ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيتري آهي: ان سان گڏ مان اهڙيو حقيقتون پيش ڪندس، جن جي مدد سان پڙهندڙ صوبن جو مجمل احوال، جو پوءِ ڏنو ويندو سو آسانيءَ سان پڙهي سگهندا.


[1] . لطف علي خان زند خاندان جو پويون فرد هو. اڪثر ايراني اڄ تائين هن جي وفات تي ماتم ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو بهادر ۽ وڏي ڳالهه اقبالمند هوندي به سخي هو، جا ڳالهه ايرانين ۾ غير رواجي آهي.

[2] . ان وقت محمد علي خان سيستاني بم شهر جو گورنر هو. هن جو هڪ ڀاءُ لطف علي خان جي نوڪريءَ ۾ هو. جڏهن لطف علي خان بم پهتو تڏهن محمد علي ان پنهنجي ڀاءُ جي کانئس پڇا ڪئي. هن چيس ته هو بلڪل سلامت آهي. تنهن کان پوءِ هن لطف علي خان سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪانه ڪئي. بلڪ هو ساڻس عزت سان پيش آيو. ٻئي ڏينهن هن کي معلوم ٿيو ته ڀاڻس ئي آغا محمد خان کي قيد ڪيو هو. ان هوندي به هن لطف علي خان کي نظربند ڪيو. مگر ان مان به کيس فائدو ڪونه ٿيو. پوءِ معلوم ٿيو ته ڀاڻس ڪرمان ۾ مارجي ويو هو.

[3] . زند خاندان جي خاتمي جي خوشيءَ ۾ آغا محمد خان فيصلو ڪيو ته جنهن جاءِ تي لطف علي خان قيد ٿيو هو اتي کوپرين جو منارو اَڏائجي. ان لاءِ هن ڇهه سئو ماڻهن جو سريون وڍرائي، ٽن سون ماڻهن جي هٿان بم ڏانهن روانيون ڪيون. هڪ- هڪ ماڻهو کي زوريءَ پنهنجن دوستن جون سريون کڻڻيون پيون. جڏهن هو اتي پهتا ته هنن جون سريون به ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون. 1810ع ۾ آءٌ جڏهن اتي ويس ته منارو خوندار ۽ ظالم قاتل جي يادگيريءَ ۾ اڃا بيٺو هو.

[4] . افغان، هن علائقي جا ڪيترا سال حاڪم ٿي رهيا هئا.

[5] . ايراني، جيڪا چانهه اُتر جي ملڪن کان گهرائيندا آهن، سا سائبيريا جي رستي ايندي آهي.

[6] . تومان، اٺن رپين يا هڪ پائونڊ جي برابر آهي. ٻه سئو ورهيه اڳ 1610ع ۾ شاهد عباس جي خزاني ۾ هر مهيني ڪرمان مان، ان کان به وڌيڪ رقم جمع ٿيندي هئي.

[7] . ڪيتري وقت کان شالن جو محصول نه وصول ڪيو ويندو آهي. ان باري ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو هو، جو ڪرمان ملڪ ساري ايران جي هاڻوڪي حڪومت تي روشني وجهي ٿو. شهزادي ڏٺو ته شالن جي پيدائش وڌي ويئي آهي ۽ اڃا به وڌندي، تنهنڪري ڍنڍورو گهمارايائين ته فلاڻيءَ تاريخ کان پوءِ ڪو به ماڻهو شهر خواه صوبي ۾ سرڪاري مُهر لڳل کان سواءِ شال وٺندو ته مٿس ڳرو ڏنڊ وڌو ويندو. ساڳئي وقت شالن تي مُهرن هڻڻ لاءِ هڪ آفيس کولي ويئي. خريدار جو فرض هو ته شال خريد ڪرڻ کان اڳ ان تي مهر هڻائي. ماڻهن سمجهيو ته هي حڪم نين شالن جي باري ۾ آهي، تنهنڪري هو پراڻيون اڳ جون خريد ڪيل شالون پائيندا رهيا. مگر شهزادي جو مطلب اهو نه هو. مقرر تاريخ گذري ته هن ساري شهر جي تلاشي وٺرائي، جنهن جي گهر مان بنا مُهر جي شال ملي ٿي، تنهن تي ڏنڊ ڪيو ٿيو ويو. انهيءَ حڪمت عمليءَ سان هن کي ضبط ڪيل شالن سميت اٽڪل لک رپيا فائدو ٿيو.

[8] . امام يعني مذهبي پيشوا. مسقط جو حاڪم پاڻ کي ”امام“ سڏائيندو آهي.

[9] . چار هزار تومان = 4000 هزار پائونڊ يا 32000 هزار رپيا.

[10] . يعني آغا محمد خان جو قلعو.

[11] . انهيءَ لفظ جو ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي، مگر ان جي معنيٰ آهي اهو فرقو جو حضرت عليرضه کي خدا ڪري مڃي.

[12] . بابق = بابا بيگ جو شهر.

[13] . سرسات هڪ لوازمو آهي جو سرڪار مسافرن ۽ ڪن ٻين خاص ماڻهن کي شهر ۽ ڳوٺن مان وصول ڪرڻ ڏيندي آهي. ان جي عيوض ڪجهه ڍل جي معافي ملندي آهي. پر ويچارن آبادگارن کي ڪجهه هڙ حاصل ڪونه ٿيندو آهي. ان جو فائدو اڪثر ڪري ڳوٺ جو وڏيرو وٺندو آهي. انهيءَ منحوس رواج جي ڪري غريب آبادگارن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. خاص ڪري جڏهن ڪا سفارت ملڪ مان لنگهندي آهي، ڇاڪاڻ ته سفارت جا سڀ ملازم سمجهندا آهن ته کين انهيءَ لوازمي وصول ڪرڻ جو حق آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪو نه روڪي ته غريبن سان ڏاڍو ظلم ٿئي. هڪ هنڌ ڳوٺاڻن لوازمي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ملازمن ڇا ڪيو جو پنهنجا خچر هنن جي فصل ۾ وڌا ۽ فصل ناس ڪري ڇڏيو.

[14] . سيد، حضرت محمد جي اولاد مان آهن.

[15] . هن ماڻهو جو سچو نالو علي اصغر هو ۽ ايران جو هڪ مشهور پهلوان هو. هن پنهنجو نالو هيٺين سببن جي ڪري بدلايو هو: اها ڳالهه ڪئپٽن ڪرسٽيءَ به يزد جي شهر ۾ ٻڌي هئي، جتان جو اهو پهلوان رهاڪو هو. اٽڪل ٻه سال اڳ بادشاهه جي خاص پهلوان اعلان ڪيو هو ته مان بادشاهه جي اڳيان ايران جي ڪنهن به پهلوان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ درٻار ڏانهن ڪَهي ويو هو. مقابلو محل جي اڱڻ ۾ ٿيو. اڱڻ جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو هو ٻيئي ڌريون هڪٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، آخر علي اصغر پنهنجي رقيب کي ڀاڪر وجهي ڦيرائي اهڙتي ته زور سان کيس ڦوهاري ۾ اڇلايو جو ويچاري جي ٽنگ ڀڄي پئي ۽ هڏ هڏ تي ضرب آيس. ٿورن هفتن جي اندر هن لاڏاڻو ڪيو. بادشاهه علي اصغر کي شهر نيڪالي ڏني، مگر هو ڇپي ويو. 1809ع جي سرءُ ۾ جڏهن بادشاهه سلطانيه جي ميدان مان طهران ٿي آيو تڏهن علي اصغر وڃي ساڻس شهر کان چئن فرسخن جي مفاصلي تي مليو. اتان هو بادشاهه جي گهوڙي اڳيان يڪساهيءَ ٻه ڳريون مڱريون ڦيرائيندو پٺيرو شهر تائين هلندو آيو. رستي ۾ نه ڪٿي بيٺو نه ساهي پٽيائين. بادشاهه هن جي طاقت ڏسي خوش ٿيو ۽ معافي ڏنائينس. ان کان پوءِ هو ظاهر ٿيو. مگر مرحوم پهلوان جي عزيزن قسم کنيو ته هن کان انتقام ضرور وٺنداسين. هنن کيس ڪرمان ۾ اچي ڳولي لڌو. جڏهن هو اسان سان هو. تنهنڪري هو ڪرمان مان ڀڳو هو.

[16] . انهيءَ درياءَ تي بند امير نالو انهيءَ ڪري پيو آهي، جو اَٺ سئو ورهيه اڳ عباس خاندان جي پنجويهين خليفي القادر جي ڏينهن ۾ امير آزاد دولهه ان تي هڪ بند ٺهرايو هو، ان لاءِ ته پاڻي ٻئي ٻيٽ مان مير دشت جي پٽ تائين پهچي، جتي پرسيولس جو ڦٽل شهر آهي. اتان اهو پاڻي واهن رستي ساري ملڪ کي پهچايو ويندو هو.

[17] . چهل ستون، هڪ محل آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر مارمڪ ۽ مون کي رهايون هئائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: