سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :16

بلوچڪي ۽ بروهي زبانون لکيل نه آهن، تنهنڪري جيڪ وبه احوال ملي ٿو سو روائتي ۽ غير معتبر آهي، بلوچ يا بلوچڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ کي ايران جي پهرين مسلم فاتحن سان ڳنڍيندا آهن. سندن دعويٰ آهي ته هو عرب نسل جا آهن. عام خيال آهي ته هو هڪ افغان قوم جي اولاد مان آهن. جيتوڻيڪ بلوچ خود انهيءَ ڳالهه جا منڪر آهن. هنن جي اها دعويٰ صحيح نظرا چي ٿي ڇاڪاڻ ته هو افغانن کي ويجهو هوندي به مختلف زبان ڳالهائين ٿا.

مگر مان انهن جي اها دعويٰ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان هو اسلام جا بنيادي مبلغ آهن. انهيءَ شان جي دعويٰ خسيس قوم ڪندي آهي، پر ان ڳالهه ۾ ذري ماتر به شڪ ناهي ته هو مغرب کان آيل آهن. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي هن مان ملي ٿي ته بلوچڪي ايراني زبان سان گهڻو ملي اچي ٿي، تنهن کان سواءِ قوم جا زياده ماڻهو اولاهين سرحد تي رهن ٿا. بلوچستان جو هاڻوڪو نالو به ان تي انهيءَ ڪري پيو آهي. نادر شاهه نصير خان کي بيگلار بيگ جو خطاب عطا ڪيو هو سو بلوچن جو، بروهين کان وڌيڪ واقف هو تنهنڪري هن ان ملڪ تي انهن جو نالو وڌو. فرض ڪيو ته هنن جو مغرب کان لڏي اچڻ جو مسئلو حل ٿيو پر مکيه سوال جو اڃا فيصلو ڪرڻو آهي. سوال آهي بلوچ ڏيهي ماڻهن يا ايران جي فاتحن جي ڪهڙي طبقي مان آهن. بدقسمتيءَ سان ترڪي يا تاتاري زبانن کان واقف نه آهيان نه ته هوند انهيءَ مسئلي تي ڪافي روشني پئجي سگهي ٿي. پر نه هنن جا نقش عربن سان ٿا ملن نڪي رسمون رواج ۽ زبان. تنهنڪري دعويٰ بلڪل رد ڪجي ٿي.

سلجوقي تاتاري هجري سن جي پنجين صديءَ جي شروع ۾ پهريون ڀيرو خراسان ۾ ظاهر ٿيا ۽ ڏهن ورهين جي عرصي ۾ سندن سردار تغزل بيگ غزنوي گهراڻي جي حڪومت ڇني پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. تنهن کان پوءِ اها هن جي وارث الپ ارسلان جي هٿ آئي ۽ سلجوقي سلطنت جو حصو ٿر رهي تان جو ڏيڍ سئو سالن بعد انهيءَ قوم جو خاتمو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ بلوچن جي قوم ۽ پاڙن جا نال ڪيترا دفعا ورتل آهن، بلڪه ائين به ڏيکاريل آهي ته انهن ئي ضلعن ۾ رهندا هئا، جتي هو هاڻي رهن ٿا.

ملڪ ۾ انقلاب آڻي لٽيرن ڪيئن هڪٻئي پٺيان حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون، تنهن جو هت احوال ڏيڻ جو ضرور ڪو نه آهي. يونان ۽ ايشيا جي مستند تاريخ نويسن کان معلوم ٿيو آهي ته انهن سردارن جي موت يا هار کان پوءِ سندن فوجون ڇڙ وڇڙ ٿي ويون ۽ سندن وحشي سپاهي رلندي رلندي وڃي ڪو ٻيو فائدي وارو پيشو اختيار ڪيو يا ڪنهن ٻئي ڪامران سردار جي نوڪري ڪئي. منهنجي خيال ۾ بلوچن جي به اهائي حالت رهي. ڪيترين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ترڪماني نسل جا آهن. سواءِ سندن زبان جي، باقي سڀ ڳالهيون مثلاً: هنن جون رسمون رواج چال چلن ۽ مذهب ساڳيا آهن. هنن جي زبان ڇو مختلف ٿي آهي تنهن جي لاءِ هڪ تمام معقول سبب آهي: سلجوقي گهڻي وقت کان ايران ۾ آباد هئا جو ان وقت ايشيا جو واقعي سڀ کان سرسبز ۽ صحب مخش ملڪ هو. قدرتاً هنن مڪاني زبان اختيار ڪئي. جڏهن خوارزم جي شهزادن اتان کين هڪالي ڪڍيو ته هو پنهنجي زبان به پاڻ سان کنيو آيا. خوارزمين کان پوءِ چنگيز خان وارا مغل آيا، هنن جي زبان ۾ ڀروارين قومن سان ملڻ ڪري ڪي معمولي ڦيريون گهيريون ٿيون آهن. [1]

ڪي پڙهندڙ شايد انهيءَ خيال جا هجن ته بلوچ مغل نسل جا آهن: تنهنڪري آءٌ ترڪمانن جي تائيد ۾ پنهنجا وڌيڪ دليل مفصل طور ڏيندس. ٻيا صاحب جي مون کان قابل آهن، ضرور سمجهن ته ان باري ۾ وڌيڪ کوجنا ڪري سگهن ٿا: مغل قوم، جنهن جو ٻين سڀني کان، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي، وڌيڪ مجمل احوال ملي ٿو. پهريائين قوم چنگيز خان جي هٿ هيٺ نمودار ٿي. هُن ۽ هُن جي پوين سڀني حڪومتن کي اُلٽ پُلٽ ڪري ڇڏيو. خوارزمي بادشاهن جي ڪيني کان تنگ اچي، هشام ماڻهو، جي صدين کان ايران ۾ آباد هئا ڀڄڻ لڳا. ڪي سيستان ويا ۽ ڪي ٻين ڀروارن ملڪن جهڙوڪ: سنڌ، سيوستان جي تاريخ[2] جو اختصار ڏنل آهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته 743 هجري ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ڏهه هزار مغل رهندا هئا. ۽ کين هڪ جدا محلو مليل هو جنهن کي مغلواڙو سڏيندا هئا. اهو محلو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي. ساڳئي ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي ته 734 هجريءَ ۾ جلوا، نالي هڪ مغل سردار سيستاند تي ڇهه هزار ماڻهو ساڻ ڪري جبلن مان لنگهي اوچتو وڃي سنڌونديءَ جي اولهه ۾ جو ملڪ آهي تنهن تي حملو ڪيو، پر ملتان، سنڌ ۽ اُچ جي حاڪم جي فوج کيس گهيرو ڪيو ۽ هن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن شهنشاهه علاؤالدين[3] جي اَڻ مڃي ۽ کيس ۽ سندس سردارن کي جاگيرون[4] ڏنيون ويون ۽ سندن ڏوهه معاف ڪيو ويو.

اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مغل انهن ملڪن ۾ رهندا هئا. پر ان کان پوءِ هندستانف تي ڪيتريون ڪاهون ٿيون. پٺاڻن جي حڪومت نيٺ ختم ٿي ۽ هلندڙ حڪومت جو پايو پيو ۽ انهن رولو ۽ بکين لٽيرن کي پنهنجن پنهنجن هموطنين جي جهنڊي هيٺ لڙڻ جو موقعو مليو، تنهنڪري هو پنهنجو نئون فتح ڪيل ملڪ ڇڏي وڃي هندستان جي لُٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا. کين اهڙي ڪا ڪشش ٿي جو انهن جي پوئين جو ڪو به نشان ڪونه ٿو ملي. اهڙا ڪي به ماڻهو ڪونه رهيا آهن جن لاءِ خاطريءَ سان چئي سگهجي ته هو هنن جو اولاد آهن: انهن بيٺڪن جي غائب ٿيڻ جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته هو خود لڏي ويا، جيڪڏهن ڪو ٻيو سبب هجي ها ته ڏيهي تاريخ نويسن جن جون تصنيفون مون پڙهيون آهن، ضرور ان جو ذڪر ڪن ها.

بلوچن جي اصل نسل ڏيڻ کان پوءِ، هاڻ آءٌ بلوچستان جي ٻين قومن ڏانهن توجهه ڏيندس. جي آدمشماريءَ جي ڪثرت ۽ هاڻوڪن سردارن جي رتبي جي لحاظ کان بروهين جو ذڪر پهرين اچڻ کپي، پر هنن جي تاريخ منڌل آهي. ڪا دلچسپي منجهس ڪانهي. تنهنڪري ان جي وڌيڪ ذڪر ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي. ڏسجي ٿو هُو هڪ تاتاري پهاڙي قوم آهن، جي ڪنهن زماني ۾ ايشيا جي ڏاکڻن ملڪن ۾ اچي ويٺا هئا. هو جبلن ۾ رهندا هئا ۽ خانه بدوش زندگي هوندي هين. کين پنهنجا سردار ۽ پنهنجا قانون هوندا هئا. ڪيترين صدين کان پوءِ هو جذب ٿي ويا. قلات ۽ بلوچستان ۾ جا هنن هيثيت حاصل ڪئي، تنهن لاءِ هڪ خاص سبب آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڪبو.

جنهن ملڪ کان هو بلوچستان آيا، تنهن جي ڪيفيت خاطريءَ سان ڏيئي نٿي سگهجي ۽ جا ڏيڻ هن موضوع لاءِ ضروري آهي: هنن جو پيشو گهرو زندگيءَ جو نمونو ڏيکاري ٿو ته اصل پهاڙي ماڻهو هئا. سندن چوڻ آهي ته بروهي لفظ جو اشتقاق آهي برمعني تي، روهه يعني ٽَڪر. ٿٻيٽ ۾ جا زبان ڳالهائي ويندي آهي ان ۾ به انهن لفظن جي اها معنيٰ آهي. پر اهو دليل خاطريءَ جهڙو ناهي. ملڪ جي هڪ حصي ۾ بلوچن کي ند، نهروئي يا نِروهي يعني ٽَڪرن ۾ نه رهن، چئجي ٿو. اهو نالو مٿن ان ڪري پيو جو هو يعني بروهي جبلن ۾ اچي رهيا، پر هنن هيٺ وارن ضلعن، وادين ۽ پٽن ۾ رهڻ پسند نه ڪيو.

بروهي قوم متعلق جيڪي مون هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ لکيو آهي[5] ان ۾ مون ڏيکاريو آهي ته هنن جي پراڻي تاريخ ڏند ڪٿائن ڏ0يڻ جو خسيال هو مگر مون ڏٺو ته انهن فضول ۽ احمقانه ڳالهين کي باريڪ نظر سان ڏسڻ، اجايو وقت وڃائڻو آهي. انهن جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته هو ملڪ جا اصلي رهاڪو آهن.

بروهي، دنيا کان دور پنهنجن ڏيهي جبلن ۾ رهن ٿا. انهن مان ڪيترن کي اسلام کان اڳ جي ڪا خبر ڪانهي سواءِ ان جي ته عالم اڳ به موجود هو، جيئن قرآن ۾ لکيل آهي. مگر قرآن انهن مان ڪو ورلي پڙهي سگهندو آهي. هنن جو سارو مدار جاهل فقيرن تي هوندو آهي، جي اسلام جي محبت ۽ پنهنجي پيٽ خاطر خيلن ۾ وڃي پنهنجي مقصدن مطابق ماڻهن کي الاهي احڪامن کان واقف ڪندا آهن. اها اڌوري ۽ مشڪوڪ سِکيا ڏند ڪٿائن لاءِ رستو تيار ڪري ٿي. وڏن جي عجيب و غريب ڳالهين، افسانن ۽ ڏندڪٿائن ۾ ته هنن جو سورهن آنا اعتبار هوندو آهي، تنهنڪري هي ماڻهو بلڪل جهالت ۾ آهن.

دهوارن جي باري ۾ فقط ٻه- ٽي عرض ڪندس. ڪنهن وقت منهنجو خيال هو ته هو گبر يعني قديم ايراني آهن جي زوريءَ اسلام اختيار ڪرڻ کان ڀڳا هئا. پر مون کي تازين کوجنائن مان معلوم ٿيو آهي ته اهي ماڻهو مختلف نالن هيٺ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. هو سڀ اصل ايراني زبان ڳالهائيندا آهن. هنن جي چال چلن ۽ پيشو هڪجهڙو آهي. تعجب ته هيءُ آهي ته ساڻن ساڳيون ئي بندشون ۽ رعايتون لاڳو آهن جي بلوچستان ۾ لاڳو آهن. ان مان ظاهر آهي ته هو ڪي ڪنهن ٻئي ملڪ مان لڏي آيا هئا ۽ کين ڪن سرطن تي اتي رهڻ ڏنو ويو هو.

اها ڳالهه تسليم شدهه آهي ته عربن قرآن جي مبلغن جي حيثيت ۾ ايشيا ۾ پهريون مخالف قدم ارڙهين هجري (203ع) ۾ رکيو، پر هو ڪرمان، عراق، عجم ۽ مڪران جي ڏکڻ- اوڀر وارن صوبن ۾ جتي هنن جي گهڻي مخالفت ڪانه ٿي، هجري سن جي ٽيهين يا ايڪٽيهين سالن کان اڳ ڪونه ويا هئا.

هن جي موت کان پوءِ گبر سڀ ٽِڙي پکڙي ويا. جيئن اسلام جي فوج اوڀر طرف وڌندي ويئي تيئن هيءَ بدبخت قوم به پکڙندي ويئي تان جو تخت زمين تان غائب ٿي ويا[6]. جي تاريخون مون مطالعي ڪيون آهن تن ۾ گبرن جو وڌيڪ احوال مسعود جي حڪومت 427 هجري تائين ڪونه آهي. مسعود جي ڏينهن ۾ ڪي ٽِڙيا پکڙيا، گبر مڪران ۽ سيستان جي صوبن ۾ هئا، جتان هو شايد ايران واپس آيا. هو اڪثر يزد ۾ رهن ٿا[7].

مٿين ٻن فقرن ۾ مون پنهنجي دليلن جو اختصار ڏنو آهي ڇو ته منهنجي خيال مطابق هو دهوار گبرن جي نسل مان آهن. فقط هنن جو تعداد ئي ان راءِ جي خلاف هڪ دليل ٿي سگهي ٿو.

مون پنهنجو رايو پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. ٻيا صاحب، جن کي ان باري ۾ دلچسپي هجي سي وڌيڪ کوجنا ڪري سگهن ٿا. بلوچستان جي ڏيهي ماڻهن جي طبقن ۾ باقي رهيا هندو منهنجي خيال موجب هو پهريان ماڻهو هئا جن سنڌ، لس ۽ مڪران مان خليفن جي فوج کان ڀڄي وڃي مڪران جي جبلن جا مٿيان ڀاڱا وسايا. هي وقعو سنڌ جي تاريخ جو آهي جا هن ڪتاب جي ڇهين ڀاڱي ۾ ڏنل آهي. پڙهندڙن جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪائجي ٿو.

جيئن آءٌ اڳيئي ڪٿي چئي آيو آهيان ته هندن جي نڪرڻ جو واقعو هجري سن 93 ۽ 94 سالن ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ڪيترين صدين تائين بلوچستان جو احوال ڪونه ٿو ملي. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هندو واپار ڪندا هئا ۽ انهن جا راجائون، بروهي جي سندن ويجهو رهندا هئا تن تي سختي ڪونه ڪندا هئا. آهستي آهستي بروهي ۽ بلوچ ماڪ ۾ پکڙندا ويا. آخر انقلابن آيو هندن جي حڪومت ختم ٿي ۽ گدِي[8]. خان قلات جي وڏن جي هٿن ۾ آئي. ان انقلاب کان وٺي بلوچستان جي جديد تاريخ شروع ٿي ٿئي، جنهن جو احوال آءٌ ٻئي فصل ۾ ڏيندس.

فصل (3)

انقلاب، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي، سو ڪڏهن آيو تنهن لاءِ خاطري سان چئي نٿو سگهجي! غالباً ٻن صدين جي اندر ٿيو هوندو. اهو قياس هن حقيقت تي ٻڌل آدهي ته هاڻوڪو شاهي خاندان ان وقت کان وٺي يڪو حڪومت ڪندو پيو اچي. شاهي خاندان جو شجرو هن ريت آهي.

1- قنمبر جو پُٽ سمبريا سمندر 2- سمندر جو پُٽ محمود خان 3- محمود خان جو پُت عبد الله خان 4- عبد الله خان جو پُٽ نصير خان 5- نصير خان جو پُٽ محمود خان ٻيو.

پهريان ڇهه خان سواءِ محمود خان جي، وڏيءَ عمر ۾ مئا يا خون ٿا هئا. تنهنڪري انهن ڏيڍ سئو ورهيه يا ان کان ڪجھ وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو هوندو.

هن خاندان جي هٿ ۾ حڪومت جون واڳون آيون تنهن کان اڳ قلات ۾ هڪ هندو گهراڻو راڄ ڪندو هو. پوئين راجا جو نالو سهراءُ هو. ممڪن آهي ته اهو هڪ موروثي خطاب به کڻي هجي! جو ان گهراڻي جا راجائون گديءَ تي ويهڻ وقت اختيار ڪندا هئا. اهو قياس صحيح نظر اچي ٿو. اڄ تائين قلات کي سهراءُ سڏيندا آهن، سو مناسب ائين ٿو نظر اچي ته اهو لقب پيڙهائتن رجائن کان ورتل هجي ۽ نه ڪنهن شخص کان. جيستائين اهو شخص هڪ هستي بنيل نه هجي. جهڙو نصير خان جو هڪ نهايت قابل ۽ لائق شخص هو.

سهراءُ خود گهڻو ڪري قلات ۾ رهندو هو. هن جو ولي عهد پُٽ، نائب جي حيثيت ۾ زهريءَ ۾ رهندو هو. چون ٿا ته انهن ٻنهي جي حڪومت حقپسند هوندي هئي. هو واپارين ۽ مسافرن کي همٿائيندا هئا. سهراءُ کي آخر ۾ پهاڙي ريڍارن ۽ ان جي سردارن کان مدد وٺڻي وئي، جو مٿس ملتان، شڪارپور ۽ اتر سنڌ جي طرف کان ڦورن جي ٽولن جا حملا ٿيڻ لڳا. لٽيرن جو سردار هڪ افغان امير هو جو ٿورن ماڻهن سان رند بلوچن جي قوم مزارين، جي اڄ ڏينهن تائين مشهور چوراٽا آهن، جي مدد سان سارو ملڪ وٺي ويو ۽ ملڪ جي گاديءَ تي، جو ان وقت هڪ معمولي ڳوٺ هو حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو.

سهراءُ جو، جنهن سردار اول سڏ اونايو سو قنبر هو[9]. جنهن جو نالو هن فصل جي شروع ۽ شجري جي منڍ ۾ ڏنل آهي. چون ٿا ته هن جا وڏا اصل حبشي هئا ۽ هو هڪ مشهور پير جنهن پنهنجي وقت ۾ ڪيترا معجزا ڏيکاريا هئا، جي اولاد مان هو: تنهنڪري قمبر ۽ سندس پوئلڳن کي پنهن ي هموطنين ۾ هڪ قسم جي اختياري ۽ عزت حاصل هئي. جنهن جا هو حقدار نه هئا. ڇاڪاڻ ته هن کي پوئلڳ گهڻا ڪونه هئا ۽ نه وري ڪا موروثي ملڪيت ئي هئن. البت کيس ڪجه ملڪيت مڪران جي پنجگور ضلعي ۾ هئي.

جڏهن هي ماڻهو جهلوان ۽ سروان جي بلند جبلن تي پهتا ته سهراءُ هنن لاءِ ڪي معمولي لوازما مقرر ڪيا جي هنن جي گذر لاءِ ڪافي ڪونه هئا مگر ٿورن سالن جي اندر هنن لٽيرن کي ماري ناهن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته کانئن سواءِ ٻي ڪا فوجي طاقت ملڪ ۾ ڪانه رهي، تنهنڪري هو ملڪ جا والي ٿي ويٺا. قمبر، راجا کي گادي تان لاهي، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ڪيون. ڪيترن هندن کي مسلمان ڪيو ۽ ٻين کي مذهبي جوش ۾ اچي ماريو ويو.

راجا سهراءُ ڪجھ ماڻهن سان زهريءَ ڏي ڀڄي ويو، جتي هن جو پٽ حڪومت ڪندو هو. پر سندن دشمن جي طاقت ڏينهون ڏينهن ويئي وڌندي ۽ نيون نيون قومون هنن سان شامل ٿينديون ويون. آخر انهن هنن کي انهيءَ اجهي مان به ڌڪاري ڪڍيو ۽ هنن شڪارپور، بکر ۽ ملتان جي شهرن ڏانه ڀڄي وڃي پنهنجن ماڻهن ۾ پناهه ورتي.

سهراءُ انهيءَ بلوي جي آخر ۾ مري ويو ۽ هن جو پٽ سنگين قيد ڪيو ويو. هن پنهنجو مذهب ترڪ ڪري دين اسلام اختيار ڪيو. هن جا ٻيا ڪيترا رفيق به مسلمان ٿيا. گرواڻي[10] قوم ۾ اڃا تائين سندن ڌرم ڦيرائڻ جي شهادت آهي. هو هاڻي ڪڇ گندوا ۾ رهن ٿا ۽ صلح پسند محنتي ماڻهو ڪري ليکيا ويندا آهن. هنن جو نمونو لس جي نومرين جهڙو آهي ۽ نه ٽَڪر جي بلوچن جهڙو.

قمبر جي مسند تي ويهڻ کان پوءِ وري به هندو گهراڻي وانگر، هن ملڪ جي تاريخ منجهيل آهي. هنن ماڻهن وت لکيل اتهاس نه آهي، ان جي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ فضول ڪم آهي. هن جي پونين ۾ آهستي آهستي شو جي پوڄارين لاءِ نفرت ڪم ٿيندي ويئي. هنن انهن مان ڪيترن کي سهولتون ڏئي واپس گهرائي پاڻ وٽ رهڻ ۽ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني.

ساڳئي وقت هنن رولو ريڍار قومن کي به شامل ڪيو. انهن کي ججهيون زمينون ڏنائون، ڍلون ۽ لوازما معاف ڪيائون ان شرط تي ته هو قنمبراڻين جي سردار کي مڃيندا ۽ ضرورت جي وقت پنهنجي طاقت مطابق سندن فوج ۾ ڀرتي ٿيندا.

ان باري ۾ سواءِ زباني روايتن جي ٻي ثابتي ڪانه آهي. اهو صلح پسند دستور قنمبر جي چوٿين پيڙهي يعني عبد الله خان جي دؤر تائين قائم رهيو. هو هڪ دلير ۽ باهوس شخص هو. هن جو خيال هو ته ڪچ گندوا وٺجي. ان وقت ڪڇ گندوا مختلف ننڍن سردارن جي هٿ ۾ هو، جي سنڌ جي نوابن جا زيردست هئا. انهن مان ڪيترا کين خرچ ڏيندا هئا. ان لاءِ هڪ وڏي فوج گڏ ڪرڻي پئي. ٻنهي ڌرين کي ڪاميابيون حاصل ٿيون. آخر قنمبراڻين اهو آزاد ملڪ، جو اڃا سندن هٿ ۾ آهي ڪيترن زرخيز ضلعن ۽ ملڪ جي گادي گندوا سميت پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.

انهيءَ لڙائيءَ جي دوران ۾ ايران جو مشهور فاتح نادر شاهه جنهن کي يورپ ۾ ٽامس قلي خان ڪري چوندا آهن، ايران کان هندستان جي فوج لاءِ روانو ٿي نڪتو. قنڌار[11] مان هن ڪيترا فوجي دستا، آزمودگار سپهه سالارن جي هٿ هيٺ بلوچستان ڏانهن موڪليا، جن هن صوبي ۾ سندن حڪومت قائم ڪئي ۽ قلات جي سردار عبد الله خان جا ٻه پٽ سندس چڱي چال لاءِ ضمانت طور شاهي درٻار ۾ موڪليا. عبدالله ان کي نادر شاهه جي حڪم سان ملڪ جي واڳ واپس ڏني ويئي، پر هو جلد ئي خانپور، ڪڇ گندوا ۾ سنڌ جي نوابن سان لڙائي ڪندي مارجي ويو. مگر فتح بروهين کي نصيب ٿي. سنڌين ڏٺو ته هاڻي بچڻ جي ڀيڻي ڪانه آهي، تڏهن هو ملڪ کي تاخت و تاراج ڪندا، شهر ۽ ڳوٺ ناس ڪندا، پٺتي موٽي ويا.

عبدالله خان جي وفات کان پوءِ هن جو وڏو پٽ حاجي محمود خان عرف محبت خان، جو ضمانت طور نادر شاهه جي ڇانوڻيءَ ۾ هو دستور مطابق خلعت پهري قلات وڃي حڪومت جون واڳون وٺي پنهنجي والد بزرگوار جو سليقو ڪونه هو. سنڌي اها حالت ڏسي ٿورن مهينن ۾ لشڪر وٺي ڪڇ گندوا تي ڪاهي آيا. پر بلوچ ۽ ٻيا ماڻهو جن تي هنن گذريل سال ڀڄندي ظلم ۽ سختيون ڪيون هيون، تن گڏجي کين سنڌونديءَ جي پار ڀڄائي ڪڍيو هو. ان جو اوڀاريون ڪنارو وٺي واپس گهر پهتا.

انهيءَ وچ ۾ حاجي محمود خان ظالمانه ۽ بدڪار زندگي بسر ڪرڻ لڳو. هن، بازار جا محصول پيءُ جي حڪومت جي ڏينهن کان ٽيڻا ڪري ڇڏيا. پڻس واپار کي همٿائڻ لاءِ هلڪا محصول وصول ڪندو هو، پر هن حڪم ڪيو ته ڪو به هندو هن جي محل جي ويجهو نه رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پنهنجن دڪانن مان خارج ٿي ويا. جي هو ڪجهه ڪڇندا هئا يا ڀڄي ويندا هئا ته هو سندن ملڪيتون ضبط ڪندو هو. مطلب ته رعيت جي انهيءَ طبقي کي تنگ ڪرڻ لاءِ بُري ۾ بُريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.

ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا ماڻهو انهيءَ جابرانه حڪومت هي+ ڪڙهندا رهيا. قلات جو شهر ويران ٿي ويو. قومن جي سردارن درٻار ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. هو هاجي محمود خان جي حڪمن جي مڃڻ کان لاپرواهي ڪرڻ لڳا. ان وقت نادر شاهه سنڌ کان موٽندي قلات کان ستر- اسي ميلن جي مفاصلي تي اچي لنگهيو. هن عبدالله خان جي ٻئي پٽ نصير خان يعني ظالم محمود خان جي ڀاءُ کي خلعت، انعام اڪرام ڏئي آزاد ڪيو. هيءُ شهزادو فاتح بادشاهه نادر شاهه سان گڏجي دهليءَ ويو هو. هن ڪيترن موقعن تي نادر شاهه کي پنهنجي همت ۽ عقل جون ثابتيون ڏنيون هيون، ايتريقدر جو نادر شاهه کيس درٻار عام ۾ صلاح ڏني ته هو پنهنجي ڀاءُ کي معزول ڪري ملڪ ۾ آسودگي ۽ آرام واپس آڻي. تنهنڪري قلات ۾ جي ٿورا ماڻهو رهيا هئا، تن ۽ ملڪ ۽ صوبي جي سڀني ماڻهن هن جو خير مقدم ڪيو. ڀاءُ کي گهڻوئي سمجهايائقين پر مٿس اثر ڪو نه ٿيو. هڪ ڏينهن سندس ڀاءُ اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو هو ته هن وڃي خنجر سندس دل ۾ هنيو[12]. پهريوارن هن جو مقابلو ڪونه ڪيو. جنه وقت ظالم مئو ته نصير خزان جي سرداريءَ جو اعلان ڪيائون ۽ هو مسند تي ويٺو. رعيت ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ جشن ملهايا. تنهن کان پوءِ هن انهيءَ واقعي جو احوال نادر شاهه ڏانهن موڪليو، جو ان وقت قنڌار جي ويجهو ڇانوڻي هڻيو ويٺو هو. شاهه اها خبر ٻڌي خوش ٿيو ۽ ساڳئي قاصد هٿ هڪ فرمان موڪليائين ۽ نصير خان کي هن تذڪري ۾ جي پهريان پنج حصا ڏيکاريل آهن، تن ۾ جا ايراضي اچي وڃي ٿي، تنهن جو بيگر بيگ مقرر ڪيو.

نصير خان اچڻ سان اهڙا ڪم شروع ڪري ڏنا، جن مان رعيت جي وفاداري ۽ عزت حاصل ٿيس. ڀاڻس جيڪي واپار تي محصول وڌا ۽ وڌايا هئا، تن جو ڳچ حصو هن معاف ڪري ڇڏيو. هاڻوڪيون موافق ٽئڪسون وڌائين. گهوڙن ۽ ٻين سڀني قسمن جي چؤپائي مال تان محصول لاهي ڇڏيائين. هو سُنين، شيعن يا مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ جيڪي مذهبي مناظرا ٿيندا هئا تن جو کليو کلايو مذمت ڪندو هو. هن هندن کي لالچائي شڪارپور ۽ ٻين واپاري مرڪزن مان گهرايو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته انهن مان هن جي ملڪ کي بيحد فائدو پهچندو. هند کي هن ٻيون به ڪيتريون سهولتون ڏنيون، ان لاءِ ته هو قلات ۾ رهن. کين مڪمل مذهبي آزادي ڏني ويئي هئي. سفر جي ڏينهن ۾ هندن کي هر هڪ مال جي اَٺ تان، جو بازار ۾ ايندو هو برهمڻن جي پالنا ۽ مندر جي خرچ لاءِ هڪ پائلي وصول ڪرڻ جو حق مليل هوندو هو. نصير خان هندن کي انهيءَ محصول اڳاڙڻ جي وري نئين سر اجازت ڏني. تنهن کان پوءِ هن فوجي جاگيردارن کي حڪم ڪيو ته هو پنهنجي پٽي مطابق فوج ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائين. اهڙيءَ طرح هن هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو، جنهن کان پوءِ هو قلات مان خوزدار ۽ پنجگور کان ٿيندو مڪران جي صوبي جي گاديءَ ڪيچ ڏانهن روانو ٿيو. اتان هو اولهه طرف سمرقند جي شهر تائين، جو سندس ملڪ جي سرحد تي هو، ويو. اتان وري اتر کان ڦرندو ديزڪ ۽ خاران جي طرف کان پنهنجي گاديءَ ڏانهن موٽيو. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي ملڪ جي صوبن ۽ ضلعن جي خبرچار وٺي اندروني حڪومت جو انتظام مضبوط ڪيو. قلات واپس اچڻ کان پوءِ هن شهر جي سڌاري جو ڪم شروع ڪيو. موجوده قلعو به هن تعمير ڪرايو هو. تنهن کان سواءِ هن ڪيترا باغيچا پنهنجي خرچ تي آباد ڪرايا ۽ انهن م ڪابل ۽ ايران کان ميون جا وڻ گهرازئي لڳارايا. باغ آباد ڪرائي لائق ماڻهن کي ڏنائين. جن جو سڀ کان سٺو ميوو يا اناج ٿيندو هو، تن کي انعام ڏيندو هو. ڪڇ گندوا ۾ جي بلوچ ۽ ٻيا سردار هئا، تن هن جي اطاعت ڪئي. هو سياسي ۾ ڪجهه وقت وڃي ڪڇ گندوا رهندو هو. هن جو پُٽ اڃا تائين ان معاملي ۾ هن جي پيروي ڪندو آهي.

سن 1747ع ۾ نادر شاهه وفات ڪئي ۽ نصير خان دڪابل جي بادشاهه احمد شاهه، جنهن ابدالي گهراڻي جو پايو وڌو ۽ جنهن جي حڪومت هلندڙ آهي، تنهن جي اَڻ مڃي. لاشڪ ته هن اهو قدم انڪري کنيو جو هن کي ڪابل ويجهو هو. تنهن کان سواءِ هن جي مرضي هئي ته لڙائيءَ کان ڪنهن به طرح پاسو ڪجي. هن پاڻ کي احمد شاهه جو خراجدار نٿي سمجهيو. هن جي خيال موجب هو نادر شاهه جي بادشاهيءَ جو هڪ ادنيٰ حصيدار هو. 1758ع ۾ هن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. احمد شاهه انهيءَ گستاخيءَ جي گوشماليءَ لاءِ پنهجنجي وزير جي هٿ هيٺ هڪ فوجي دستو موڪليو. خان وري جاگيري لشڪر ڪٺو ڪري قلات کان ستر ميل اتر طرفد پرنگووڌ جي ڳوٺ وٽ افغانن جي لشڪر کي شڪست فاش ڏني. جڏهن انهيءَ شڪست جي خبر درٻار ۾ پهتي، تڏهن بادشاهه پاڻ هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي چڙهائي ڪري نڪتو، پرنگووڌ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي مستونگ وٽ هڪ خونخوار لڙائي لڳي، جنهن ۾ نصير خان کي شڪست آئي. هو پوري نظم سان قلات ڏانهن هٽي ويو. جتي هن مقابلي لاءِ اڳيئي مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي. فاتح به سمورو لشڪر وٺ وڃي هن جو گهيرو ڪيو، جيئن هن سمجهيو هو ته دوراني سردارن جي اختلاف سبب محاصري ۾ ڊيگهه ٿيندي، ٽي دفعا شاهي فوج حملو ڪري شهر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هو ناڪمياب ٿيا. آخر بادشاهه صلح جون ڳالهيون ٻولهيون هلايون ۽ عهدنامو ٿيو ته بادشاهه، نصير خان جي سوٽ سان شادي ڪندو. آئيندي جي دوستي قائم رهڻ لاءِ خان، بادشاهه کي خراج ڪونه ڏيندو، پر لڙائي وقت هو فوج لاءِ سپاهي ڀرتي ڪريي ڏيندو. انهن کي هو پنهنجي خرچ تي شاهي ڇانوڻيءَ ۾ پهچائيندو. ان جي عيوض کيس فوج جي اڌ پگهار جيترو معاوضو ملندو. خان وعدو ڪيو ته هو ۽ هن جا پويان ڪنهن به خانه جنگيءَ ۾ مممدد نه ڪندا. انهيءَ وعدي جي ڀڃڪڙي هنن اڄ ڏينهن تائين نه ڪئي آهي. ڪابل جي حڪومت بنسبت جيڪي گهرو جهڳڙا ٿيا آهن، انهن کان هن ڪنارو ڪيو آهي[13]. عهدنامي تي دستخط ٿين کان پوءِ بادشاهه پنهنجي نئين زال، خان جي والده، سالي ۽ زال جي ڪن ٻين رشتيدارن سان گڏجي ڪابل ڏي واپس وريو.

نصير خان جي فوجي لياقتن ۽ قلات جي گهيري جي مدت کي مختصر بنائڻ جي روايرت طور هيءَ ڳالهه بيان ڪئي وڃي ٿي ته هن هڪ ڏينهن احمد شاهه کي سندس تنبوءَ جي اڳيان مُتصلو وڇائي نماز پڙهندي ڏ‎ٺو. هن هڪدم قلعي جي هڪ توب ۾ بارود ڀريو، ۽ ان ۾ گولو وجهي نشانو تَڪي، گولي کي بلڪل انهيءَ هنڌ تي هنيو، جتي بادشاهه ٿوروئي اڳ ۾ سجدو ڪيو هو. چيو وڃي ٿو ته شاهه ان کان هڪدم پوءِ ٺاهه لاءِ سلسله جنباني شروع ڪئي ۽ بعد ۾ هن خان جي توبزنيءَ جي فن ۾ مهارت جي خوب تعريف ڪئي.

سن 62-1761ع ۾، احمد شاهه طرفان نصير خن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته ساڻس هندستان جي مهم تي ٻيو ڀيرو به گڏ0جي هلي. هو پنجاب جي شهر لاهور وٽ پنهنجي بادشاهه سان وڃي فوج سميت گڏيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ موجود هو، جيڪا سکن ۽ افغانن جي درميان لڙي ويئي، جنهن ۾ سِکن کي زبردست خونريزيءَ سان شڪست نصيرب ٿي. خان ان کان پوءِ قلات واپس وريو، پر بادشاهه پاڻ دهليءَ جي امداد لاءِ اڳتي وڌي ويو، جنهن کي انهن مرهٽن جي باقي بچيل فوجن کان خطرو لاحق هو، جيڪي پاڻيپٽ جي جنگ مان فرار ٿي نڪتا هئا[14]. سن 1769ع ۾ سڀني ايراني سردارن پاڻ ۾ اتفق ڪري الهندي طرف وارن سڀني افعان علائقن تي حملو ڪرڻ چاهيو ۽ نصير خان انهيءَ حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ وري احمد شاهه جي خدمت ۾ پهتو. شهزادي تيمور ۽ ڪن تجربيڪار سپه سالارن کي الڳ ڪيو ويو ته جيئن اهي خراسان ۾ مشهد جي شهر نزديڪ ايرانين سان جنگ ڪن، ۽ جڏهن جنگ جو پاسو شهزادي ۽ سندس ساٿين جي خلاف پلٽيو، تڏهن نصير خان ٽن هزار چونڊ بلوچي گهوڙيسوارن سان گڏجي نهايت سخت حملو ڪيو ۽ ايرانين کي ماري ڪُٽي پٺتي ڀڄايو. انهيءَ مهم جي دوران ساڳي قسم جي بهادريءَ ۽ صحيح فيصلي جو ٻيو مثال ۽ موقعو تبوس[15] وٽ پيش آيو، ۽ ان جي اختتام وقت، بادشاهه نصير خان کي سندس نمايان خدمات جي صله ۽ پنهنجي شڪر گذاريءَ جي اظهار طور، قلات جي اُتر ۾ شل مستونگ جا ضلعا ۽ سنڌو درياهه جي اُڀرندي ڪناري تي واقع هو روند دجل جا ضلعا هميشه هميشه لاءِ ۽ مڪمل خود مختاريءَ سان عطا ڪيا. انهن شاهاڻن عطيات جي جواب ۾، خان ڪشمير جي صوبي جي بچاءُ لاءِ پنهنجي طرفان رضاڪارانه طور هڪ هزار ماڻهو ساليانه خراج طور موڪلڻ قبول ڪيا.

انهن واقعن کان ڪجهه سال پوءِ، بهرام خان ڪابل کان پوءِ واپس آيو، جتي هو احمد شاهه ابداليءَ سان سندس همشيره جي شديءَ واري موقعي تي گڏجي ويو هو ۽ واپسيءَ تي هن پنهنجي لاءِ آمدنيءَ مان سندس حق کان وڌيڪ حصي لاءِ مطالبو ڪرڻ ذريعي فسادن جي باهه ڀڙڪائڻ شروع ڪئي، نيٺ منزل انهيءَ هنڍ اچي پهتي ته هو نصير خسان سان گڏ حڪومت ڪرڻ ۾ هڪجيتري حصي کان گهٽ، ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿي رهيو هو ۽ آخرڪار ٻنهي ڌرين انهيءَ سوال جو فيصلو ترار سان ڪرڻ لاءِ لازمي طور جنگ جو ميدان گرم ڪيو، بهرام ان کي ڪيترن ئي معرڪن ۾ شڪست نصيب ٿي ۽ هن کي قلات جي ويجهو ڪؤهڪ نالي هڪ مقام وٽ ڪيل خونريز مقابلي جي نتيجي ۾ مڪ مڪمل شڪست ملي. هو ڪابل هليو ويو ۽ نصير خان جي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن به بلوچستان جو رخ نه ڪيائين. نصير خان، جنهن تمام خوشگوار ۽ آسودگيءَ واري حڪومت ڪرڻ بعد تمام وڏيءَ عمر ۾، جون 1795ع جي دوران انتقال ڪيو، پنهنجي پويان ٽي پٽ ۽ پنج ڌيئرون ڇڏيون. قلات جو موجوده سردار محمدو خان، جيڪو هن جو وڏي کان وڏو پٽ آهي، ان وقت اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار جو هڪ ڇوڪرو هو.

 اسين جيڪڏهن نصير خان جي اخلاق تي هڪ سپاهيءَ، هڪ ملڪي مدير، خواهه هڪ شهزادي هئڻ طور غور ڪنداسون ۽ انهن ماڻهن جو تصور ڪنداسون، جن ۾ هو پيدا ٿيو هو، ته اسين منجهس انهن سڀني خوبين ۽ خصلتن جو هڪ انتهائي حيرت انگيز اشتراڪ ڏسنداسون، جيڪي اُنهن عهدن ۽ فرضن سان وابسته هونديون آهن. هن پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي خواريءَ بعد پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو: ان جي باوجود، جڏهن به کيس انهيءَ فعل تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ فرصت هوندي هئي، تڏهن کيس اهڙا ته دل جا چَڪ سهڻا پوندا هئا، جو خود سندس دشمن به مٿس ڪَهل ڪندا هئا ۽ سڄي زندگي جي دوران هن جي هلت چلت مان اهو ثابت ٿيو ته هن پنهنجي ملڪ کي بچائڻ خاطر، پنهنجي ڀاءُ جي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻ کي پنهنجو منصبي فرض سمجهيو هو؛ هن جي دولت جي چمڪ دمڪ جو اثر يقيناً ڪونه ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو سڄي حياتيءَ جي دوران ڪڏهن به پنهنجن خادمن سان بهتر طريقي سان نه رهيو، جڏهن اهي جنگ جي ميدان ۾ هوندا هئا. هن دولت کي لياقت لاءِ انعام طور ڏيڻ ۽ پنهنجي رعايا جي حالات کي بهتر بنائڻ جو ذريعو هئڻ کان وڌيڪ ڪڏهن به نه سمجهيو ۽ نه ان لاءِ ڪڏهن محبت جو اظهار ڪيو. هو گهڻو ڪري پئسن جي صورت ۾ انعامات نه ڏيندو هو ۽ بار بار چوندو هو ته هن ائين ڏٺو آهي ته ائين ڪرڻ سان سستي ۽ ڪاهليءَ جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي: پر جڏهن به ڪنهن ڪاريگر هن وٽ پنهنجي فن جو ڪو نادر نمونو پيش ٿي ڪيو، تڏهن هو ان کي انهيءَ شئي جي قيمت کان ڏهوڻي يا ٻارهوڻي قيمت جو ڪپڙو يا ڪي ٻيون ضرورت جون شيون ڏيڻ جو حڪم صادر ٿي ڪيو. هن هڪ ملڪي مدير جي حيثيت ۾ ٿورن ئي مهينن اندر هڪ وسيع بادشاهيءَ کي، جيڪا هن کي هڪ ظالم فاتح طرفان عطا ڪئي ويئي هئي. پنهنجي اختياري ۽ احڪامات مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڏيکاريو ۽ جيڪا ڳالهه هن جي قابليت جو ثبوت فراهم ڪري ٿي، سان اها آهي ته سندس بادشاهيءَ جا انتهائي دور دراز علائقا به سندس احڪامات کي مڃڻ لاءِ اهڙائي تيار رهندا هئا، جهڙا هن جي ويجهڙائيءَ وارا علائقا انهن حڪمن جي پيروي ڪندا هئا. هڪ شهزادي جي حيثيت ۾ سندس عدل، انصاف ۽ فرضن جي منصفانه ادائگي ايتريقدر ته نمايان ۽ ظاهر هئي، جو هن جو نالو سندس ويجهن هموطنين ۽ بلوچستان جي انتهائي مغربي ڇيڙي تائين رعايا جي سڀني طبقن وٽ هڪ ضرب المثل بنجي چڪو هو ۽ اڃا به آهي. مطلب ته جيڪڏهن نصير خان ڪنهن باشعور قوم تي حڪومت ڪري ها، يا هڪ اهڙي بادشاهيءَ ۾ هجي ها، جنهن کي يورپي ماڻهو وڌيڪ سڃاڻندڙ هجن ها ته هن کي سندس حياتي3ءَ جي دوران ايشيائي شهزادن جي درمياسن هڪ عجيب و غريب شاهڪار سمجهيو وڃي ها. هو سخي، بهادر، عادل، دل جو وڏو ۽ معاف ڪندڙ، ادبار ۽ مصيبت ۽ صابر هو ۽ هن جي سچائي ۽ صداقت اهڙي ته مضبوط هئي، جو هن کي ڪڏهن به ڪنهن انتهائي خسيس وعدي خلافي ڪرڻ يا ان کي پوري ڪرڻ کان گوٿناٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نه ڏٺو ويو.

هن معزز سردار جي انتقال ٿيڻ تي، جنهن جي اخلاق جو هڪ ناقص خاڪلو پيش ڪرڻ جي مون ڪوشش ڪئي آهي، سندس سؤٽ بهرام خان حڪومت تي قابض ٿيڻ جي هڪ ڀيري وري جدوجهد ڪئي ۽ محمود خان جيڪو، جيئن مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي ته اڃا بار هو، تنهن جي وزيرن کي مجبور ٿي هن کي ڪڇ گندوا جو علائقو ۽ شهر هڪ معاهدي جي تحت حوالي ڪرڻو پيو، جنهن معاهدي جي تحت هن مٿئين سردار جي باقي بچيل علائقن دست درازي نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو: پر هو پنهنجي انهيءَ وعدي تي ٿوري عرصي تائين مس عمل ڪري سگهيو ۽ ان کان پوءِ هن هڪ وڏو لشڪر جمع ڪيو، جنهن ۾ خاص طرح سنڌين ۽ ٻين پگهاردار سپاهين جو گهڻو تعداد شامل هو. محمود خان ان وقت جي ڪابل جي بادشاهه زمان شاهه کي به مدد لاءِ درخواست ڪئي ۽ انهيءَ بادشاهه هن معاملي ۾ مصالحت ڪرائڻ لاءِ پنهنجي درٻار جي هڪ اميدر کي اوڏانهن روانو ڪيو. بهرام خان، بهرحال ڪنهن به ٺاهه جي ڳالهه ٻڍڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن جو فقط اهو مطالبو هو ته محمود خان حڪومت تگان دستبردار ٿئي ۽ اها سندس زندگيءَ تائين سندس سپرد ڪري وڃي: جنهن جي نتيجي ۾ لازمي طور جنگ جو اعلان ڪيو ويو. ڪيترن معرڪن کان پوءِ، جن مان اڪثر مقابلن ۾ باغي سردار ڪامياب ٿي رهيو هو، ٻيئي لشڪر، جن جي قيادت ٻنهي طرفن جا خان پاڻ ڪري رهيا هئا، ڪڇ گندوا جي هڪ مقام دهن دره[16] وٽ اچي دوبدو ٿيا ۽ بهرام خان جي فوجن کي ڪيترن ئي قبلين جي غداريءَ جي نتيجي ۾ شڪست فاش آئي، جيڪي هن کي جنگ هلندي ڇڏي فرار ٿي ويا: هو پاڻ به زخمي ٿي پيو ۽ سنڌ جي دارالحڪومت حيدرآباد طرف ڀڄي ويو، جتان جي اميرن زمان شاهه جي غضب کان خوفزده ٿي هن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو؛ چنانچه، هو ان کان پوءِ بهاولپور طرف ڀڄي ويو، پر هو رستي ۾ زبردست ٿڪاوٽ ۽ بي آراميءَ سبب انهيءَ شهر[17] کان هڪ سئو ويهه ميل پري قلندر شاهه جي ٽنڊي يعني ڳوٺ وٽ فوت ٿي ويو.

تخت ۽ تاج جي انهيءَ دعويدار کان علاوه، محمود خان کي پنهنجي ماٽيجي ڀيڻ سان پڻ منهن ڏيڻو پيو، جنهن جيئن ئي بهرام خان جي وفات جي خبر ٻڌي، تيئن ئي انهيءَ سردار جي ڌيءَ کي سڌ جي شهر لاڙڪاڻي وٺي ويئي، جتان هن انهيءَ علائقي جي چوٽيءَ جي سردار مير غلام علي ٽالپور ڌانهن هڪ قاصد موڪليو ۽ کيس هيءَ آڇ ڪئي ته سندس لشڪر محمود خان کي تخت تان لاهڻ ۽ هن جي ننڍي ماٽيجي ڀاءُ کي مسند تي ويهارڻ ۾ مدد ڪري ۽ ان جي بدلي ۾ هن کي بهرام خان جي ڌيءَ سان شادي ڪرائي ويندي. هن معاملي ۾ انهيءَ خاتون جي ارادن متعلق ڪابه وضاهت نه ملي سگهي آهي. پر خيال آهي ته ڪو خانداني جهڳڙو ئي ان جو ڪارڻ هو. مير غلام عليءَ هر اهو وعدو ڪيو، جيڪو هن کان گهريو ويو ۽ هو لاڙڪاڻي آيو، جتي هن جو نڪاح پڙهيو ويو ، پر جيئن ئي ڪنوار هن جي قبضي ۾ پهتي تيئن ئي هن اهو اعلان ڪيو ته هو قلات جي حڪومت جي گهريلو معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه ٿو رکي. جڏهن محمود خان کي سنڌ جي انهيءَ امير جي اهڙي ارادي جي خبر پيئي ته هو قمبراڻي قبيلي جي هڪ عورت سان تعلقات ڳنڍڻ چاهي ٿو، تڏهن هو سندس انهيءَ ديده دليريءَ تي سخت ڪاوڙيو، پر جيئن ته سَڱ[18] يا معاهدو اڳي ئي ٿي چڪو هو انڪري اهو جنگ کان سواءِ ٽُٽي نه پئي سگهيو ۽ جيئن ته هو ان وقت جنگ لاءِ تيار ڪونه هو، انهيءَ ڪري هو خاموش رهيو؛ بهرحال، هن ڪابل جي بادشاهه ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو، جنهن ۾ هن ٽالپرن[19] کان انهيءَ بيعزتي لاءِ انتقام وٺڻ جو قسم کنيو، جيڪا انهيءَ گهراڻي جي سربراه سندس خاندان جي ڪئي هئي. انهيءَ ڪاوڙ کي سنڌ جي اميرن طرفان قلات جي گهريلو جهڳڙن مان فائدو وٺي، ڪراچيءَ جي بندرگاهه واري شهر تي ڪيل قبضي، آقي باقي باهه تي تيل جو ڪم ڪيو، جو اهو بندر مير نصير خان جي وفات کان اڳي بلوچي حڪومت جو هو.

ڪيترن ئي صوبن ۽ ضلعن جي گورنرن ۽ حاڪمن پنهنجي اعليٰ حڪمران جي اها حالت ڏسي ته هو سندن غداريءَ لاءِ کين ڪابه سرزنش ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي، کيس ساليانه رقم موڪلڻ بند ڪري ڇڏي ۽ هن جي نالي ماتر برتري به تسليم ڪرڻ کان روگرداني ڪئي ۽ انهيءَ زماني کان وٺي، قلات جي خانن جا علائقا آهستي آهستي اهڙي طرح گهٽبا رهيا آهن، جو هن وقت هاي فقط ايترا وڃي بچيا آهن، جن جو هن تذڪري جي ٽئين حصي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

اهو آهي بلوچستان جي تاريخ جو قديم زماني کان وٺي سال 1810ع تائين مختصر خاڪو. انهيءَ پوئين سال کان وٺي، متواتر گهريلو جهڳڙن اڳي کان وڌيڪ خراب نتيجا ڪڍيا ۽ نصير خان جي ٽن پٽن مان هاڻي باقي فقط هن جو سڀني کان وڏو پٽ زنده آهي، ٻيو نمبر پٽ مير مصطفيٰ خان سال 1811ع ۾ هڪ شڪار جي پارٽيءَ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي هٿان مارجي ويو، جنهن بعد ۾ فوجون گڏ ڪيون ۽ قلات جي سڀني کان وڌيڪ آسودي ضلعي هروند دجل تي قبضو ڪيو. محمود، جيڪو هڪ رحمدل ۽ سست ماڻهو آهي، تنهن هن برادرڪُش ڀاءُ کي سندس وفادارن جي حلقي ۾ واپس اچڻ تي آماده ڪرڻ چاهيو ۽ هن کي غير مشروط معافي ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، پر هو ڪنهن به شرط شروط تي ڪَن ڌرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، ۽ هن جي انهيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سن 1812ع جي نومبر مهيني ۾ زهري قبيلي جي سردار قادر بخش جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ لشڪر موڪليو ويو. هروند دجل جي هڪ ڳوٺ مونيءَ وٽ ٻنهي ڌرين ۾ جنگ جوٽي ويئي، جنهن ۾ قمبراڻي خان، پنهنجن چاليهن خانزادن، يعني گهريلو ٻانهن سميت مارجي ويو. سندس فوج جي باقي ٻئي حصي جنهن گهڙيءَ پنهنجي سردار کي ڪِرندي ڏٺو، جو هو جنگ ڇڙڻ کان پوءِ تمام جلد ئي مارجي ويو هو، پنهنجا هٿيار کڻي اڇلايا ۽ پناهه گهريائون. بعد وارن بيانن ۾ چيو ويو آهي ته محمود خان پنهنجي اختياري سڄي بلوچستان ۾ انهيءَ ساڳئي بنياد تي دوباره قائم ڪرڻ جا خيال ڪري رهيو آهي، جا هن کي سندس مرحوم والد کان حڪومت سان ورثي ۾ ملي هئي. پر انهيءَ ملڪ ۾ رهندي مون جيڪو مشاهدو ڪيو آهي، تنهن کي جڏهن هن سردار جي مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل ڪاهليءَ ۽ ڪمزور ارادي سان ملائي ڏسجي ٿو ته يقين ٿئي ٿو ته هن جي انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ جو ذري برابر به ڪو امڪان ڪونهي ۽ جيڪڏهن سندس علائقي جي آخري الهندي ڇيڙي جي ڪنڊ وٽ آباد بلوچي قبيلا هن جي خلاف ڪو ٿوروئي زور لڳائيندا ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته هن کي سندس موجوده محدود علائقن کان به جلد ئي نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيندا.


[1] . ڏيهي ڪتابن مطابق مون سلجوقين کي ترڪمان سڏيو آهي. سلجوقي ۽ مغل تاتاري نسل جا آهن، مگر کين هڪ ئي قوم ڪري سڏڻ اهڙو غلط ٿيندو جهڙوڪ هسپالين ۽ فرينچن کي يورپي قوم ڪري سڏڻ.

[2] . برابر 1328ع.

[3] . ڏسو ڊو جو هندستان.

[4] . زمين انعام ۾ ڏنل.

[5] . فصل 14 ڀاڱو پهريون.

[6] . مون هتي مجمع الواردات جي حوالي جو ترجمو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪجهه مونجهارو ٿو نظر اچي. مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ مراة الجناة ۽ گزيده نامي جا حوالا ڏئي ٿو، مگر هو هڪ غير جانبدار تاريخ نويس جي بدران هڪ واسطيدار تعصبي وانگر لڳي ٿو. هتي شايد هن جو مطلب آهي ته نو مسلم پناهگير ۽ غازي سڀ هڪ قوم هئا. هن جي لکڻ جو طريقو صاف نه آهي. هو پارسين ۽ هندن کي ڪافر ۽ گبر يعني بُت پرست ڪري سڏي ٿو. مون انهن ۾ امتياز ڪيو آهي ۽ فرض ڪيو اٿم ته ويڪرائي ڦاڪ جو 65 خط کين جدا ڪري ٿو. آءٌ اڳتي هلي ثابت ڪندس ته هندو سنڌونديءَ جي اولهه ۾ رهندا هئا.

[7] . ڏسو ڀاڱو پهريون 27- مارچ جو روزنامچو آتشڪده.

[8] . گدِي معنيٰ تڪيو- پر تخت ۽ مسند کي به چوندا آهن، جن تي هندو راجائون ويهي راڄ هلائيندا هئا.

[9] . بلوچڪيءَ ۾ قمبر لفظ جي معنيٰ آهي حبشي. قمبراڻي ان مان نڪتل آهي. محمود خان، قمبراڻي قوم جو آهي.

[10] . گرواڻي يعني گروءَ جا شِش.

[11] . قنڌار دوراني علائقي جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ قلات کان اٽڪل ٽي سئو ميل اتر- اولهه طرف آهي.

[12] . هن واقعي بنسبت ٻه روايتون آهن: هڪڙي جيئن مٿي ڏني ويئي آهي. ٻين جو چوڻ آهي ته نصير ان محل جي پهريدارن کي اندر وٺي وڃي ڀاءُ کي مارايو. هيءَ روايت معقول نظر اچي ٿي. مگر نصير خان پوءِ هميشه ان ڳالهه تي ارمان ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مون هي بڇڙو ڪم ملڪ ۽ قوم خاطر ڪيو.

[13] . 1810ع ۾ جڏهن ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ آءٌ قلات ۾ هئاسين، تڏهن شاهه محمد، شجاع الملڪ جي خلاف مدد لاءِ محمود خان ڏانهن خط لکيو هو. خان جواب ڏنو ته ڪابل جي بادشاهه جي حڪومت تي ڪو بيروني حملو ٿئي ته آءٌ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. بيروني نوڪري لاءِ فوج کپي ته اها به ڏيندس، مگر سندس والد احمد شاهه، جو عهدنامو ڪيو هو. تنهن مطابق مون کي گهرو لڙائيءَ ۾ دخل ڏيڻو نه آهي.

[14] . پاڻيپٽ جي جنگ جنوري 1761ع ۾ جوٽي ويئي. ان جو بهترين ۽ تفصيلوار بيان ايشياٽڪ ريسرچز، لنڊن، پنجين ايڊيشن ص 91 ۾ ملي سگهي ٿو.

[15] . نصير خان هڪ فريب سان تبوسي فوج کي هڪ ڪمين گاهه ۾ وڃي پهچايو ۽ جڏهن هنن ۾ افراتفري ڦهلي، تڏهن نصير خان پنهن جي گهوڙيسوار فوج سان مٿعن اوچتو حملو ڪيو. چوڌاري گهٻراهٽ جو عالم هو، جنهن جي ڪري سڄو ايراني لشڪر لفظر طور تباهه ٿي ويو. تبوس هرات کان 320 ميل پري آهي. حوالو: ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي جرنل، مورخه 7- جون جو ضميمو.

[16] . لفظي معنيٰ آهي ماٿريءَ جو منهن.

[17] . بهاولپور جو شهر گروه درياهه جي اڀرندي ڪپ تي ويڪرائي ڦاڪ 29 ڊگريون 25 منٽ، ۽ ڊگهائي ڦاڪ 71 ۽ 59 منٽ اوڀر طرف آهي. اهو شهر بهاول خان، جنهن کي عام طور دائود پوٽو يعني دائود جو اولاد سڏيو ويندو آهي، تنهنجي علائقن جو دارالحڪومت آهي.

[18] . سَڱ جي باري ۾ بيان لاءِ حصو پهريون، باب چوٿون ”شاديءَ جون رسمون“.

[19] . ٽالپر هڪ تمام گهٽ درجي وارو قبيلو آهي، جنهن ڳالهه محمود خان جي ڪاوڙ کي وڌيڪ مهميز لڳائي. بحواله سيڌ صوبي جو بيان، حصو 6، باب 12.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: