سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :18

مڪران جي صوبي جو واپس ذڪر ڪرڻ کان اڳ ۾ آءٌ ان جي ضلعن جي تعداد شمار ڪرڻ سان ابتدا ڪندس، پر جيئن ته انهنن مان گهڻا يا ته ويران ۽ غيرآباد پيل آهن، يا وري انتهائي خشڪ ۽ ڪنهن به ساوڪ کان عاري آهن، ان ڪري آءٌ پنهنجي بيان کي فقط انهن تائين محدود رکندس، جيڪي سندن نوعيت جي لحاظ کان توجهه جي لائق آهن. مڪران جا مکيه اندروني ضلعا: ڪيچ، پنجگور، مچ، ديزوڪ، ڪسورقند، بُشڪرد، سِبّ، جَلڪ، ڪَلپوُرڪن ۽ ڪوهُوڪ آهن، ۽ سامونڊي ڪناري وارا ضلعا عربو ڪولاج، چؤبار، تيز ۽ گواڪ آهن.

سنه 1809ع  جي پوئين حصي تائين، جڏهن بينگال نيٽو انفنٽري جي ڪئپٽن گرانٽ کي برگيڊيئر جنرل مالڪوم اوڏانهن موڪليو هو، تڏهن انهيءَ سڄي ملڪ کان يورپي لوڪ سامونڊي ڪناري کان سواءِ، بلڪل ناواقف هئا ۽ هن کي وڏي چڪر ڪاٽي انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ــ الهندي وارن علائقن تائين پهچڻو پيو هو. قلات کان بن پور تائين منهنجي رستي جو ڪجهه حصو انتهائي شمالي ضلعن ۾ واقع هو، انهن جي مدد سان پنهنجي تحقيقات لاءِ رهنمائي حاصل ڪندي، مون هندسان واپس اچڻ کان پوءِ مون ايتريقدر ته مقامي معلومات گڏ ڪئي آهي، جيڪا انهن ڳالهين جي تصديق ڪري ٿي، جيڪي مون پاڻ ڏنيون هيون، جو آءٌ انهيءَ صوبي سان واسطو رکندڙ موضوعن تي وڏي خاطريءَ سان لکي سگهڻ جي همت ڪري سگهان ٿو.

جيئن ته مڪران جي پهاڙن بابت مون هن کان اڳي مختلف هنڌن تي بيان ڪيو آهي، ان ڪري مون کي انهن جي متعلق وڌيڪ ڪجهه بيان ڪرڻو ناهي. سامونڊي ڪناري تي سڄي ڊيگهه ۾ ڪيترائي ندين جا ڇوڙ آهن، جنهن ڳالهه هن عقيدي کي جنم ڏنو اهي ته هن ملڪ جو اندروني علائقو سڄو ندين سان ڀريو پيو هوندو، پر انهيءَ ڳالهه جي بدران، حقيقت هيءَ آهي ته سڄي ملڪ ۾ مشڪل سان ئي ڪا اهڙي ندي آهي، جيڪا سڄي سال تائين وهندي هوندي. نه وري ڪا هڪ به اهڙي ندي آهي، جو وهڪرو سندس نڪرڻ واري مُنهن کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين يڪو ۽ بنان ڪنهن رڪاوٽ ۽ رنڊڪ جي آهي. سمنڊ جي ڪناري کان وٺي انهن سڀني جو وهڪرو گَهرو ۽ پيٽ ويڪرو ٿئي ٿو، تان جو اهي جبلن يا پٿريلي پهارين ۾ پهچن ٿيون، جتي اهو سوڙهيون ٿي ور وڪڙ کائيندڙ ڪسين ۽ نالين جي صورت اختيار ڪن ٿيون، جيڪي صاف موسم جي وڏي حصي دوران بلڪل خشڪ ٿين ٿيون ۽ بارش جي موسم ۾ اهي ڦوڪجي ڏهڪائيندڙ آبشار بنجي پون ٿيلن، جن جو سڄو پاڻي بارش بند ٿيڻ کان چند ڪلاڪن جي اندر، جنهن سان اهي ڀرجي وهن ٿين، تيزيءَ سان وهي هليو وڃيٿو. انهن سڀني ندين جا پيٽ گهڻو ڪري گدامڙيءَ، ٻٻر ۽ ٻين ٻُوڙن ۽ وڻن جي گهاٽن ۽ خودرو جهنگن سان ڀريا پيا هوندا آهن، جيڪي اُٺن ۽ ٻڪرين جي چرڻ لاءِ موزون هنڌن هئڻ کان علاوه، پنهنجي گهاٽي جهنگ ۾ ٻين به ڪيترن ئي قسمن جي وحشي ۽ جهنگلي جانورن کي پناهه ڏيندا آهن.

انهن ندين جي پيٽن جي متعلق انتهائي معلوماتي نظارو پيش ڪرڻ لاءِ، جيتريقدر به منهنجي وس ۾ آهي. آءٌ انتهائي مشرقي رخ ۾ واقع ندين کان وٺي شروعات ڪندس ۽ جيئن جيئن مغرب طرف وڌندو هلندس، تيئن انهن جي مختلف ورن وڪڙن جي نشاندهي ڪندو هلندس.

لس کي مڪران کان علحده ڪندڙ پهاڙن تي چڙهڻ کان هڪدم پوءِ اسين آگور نديءَ [1] تي پهچون ٿا، جيڪا هنگلاج واري مندر جي هيٺان لنگهي، مختلف ۽ تنگ ور وڪڙ کائيندي سمنڊ ۾ وڃي ڇڙي ٿي، مندر جي ويجهڙائيءَ ۾، نديءَ جي پيٽ ۾ هڪ مشهور کوهه آهي. جنهن کي ان جي اونهائيءَ سبب ”انيل ڪا ڪونڊ“ يعني بي تَري کڏ سڏيو ويندو آهي. هڪ اهڙي ماڻهوءَ، جيڪو اتان ٿي آيو آهي، مون کي پڪ ڏني ته هن رسيءَ جا هڪ سؤ وال هيٺ ويندي اکين سان ڏٺا ۽ اها اڃا به پاڻيءَ تي نه پهتي، ۽ انهيءَ ڳالهه جي ڪري مقامي ماڻهن جو ويساهه آهي ته اهو مندر جي ديويءَ پاڻ کوٽيو آهي. مندر وارو پاڻي ڏاڍو سٺو آهي، ۽ ان کي ڪيترن ئي مرضن جو علاج سمجهيو ويندو آهي. اتان کان ٻه منزلون اڳتي اسان کي ”مڪلو ندي“ ملي ٿي، جنهن جو منهن سمنڊ کان پنجيتاليهه ميل آهي ۽ ان ۾ انهيءَ وهڪري جي دوران ٻه يا ٽي ننڍيون نَيون اچي گڏجن ٿيون. انهيءَ هنڌ کان پوءِ چاليهه ميل اولهه ۾ ڀسول، رومرا ۽ سدوڪ نالي نَيون يا نهرون آهن، جن مان پهريون به قريب ترين پهاڙين کان ويهن يا ٽيهن ميلن تائين، پوئين اسي ميلن تائين، وهن ٿيون. سدوڪ ندي4 جي هڪ ميل اندر پسنيءَ جو شهر واقع آهي، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ واپار هلندو نهو ۽ ندي ايتريقدر اونهي هئي، جو ان ۾ ڏهن يا ٻارهن ميلن تائين ٻيڙا اندر وڃي سگهندا هئا، جتي اهي جنهگ مان ڪاٺ وڍي کڻي ايندا هئا، جنهن مان ٻيڙن جا کوهاڏا ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون ٿينديون هيون، پر انهيءَ ڳوٺ کي سنه 1809ع ۾ عرب قزاقن ساڙي ڇڏيو ۽ هندو اتان لڏي هليا ويا آهن. اتان کان وٺي دست ندي ستر ميلن کان به مٿي مفاصلي واري آهي. انهيءَ سڄي سامونڊي ڪناري جي وسعت ۾ فقط هڪ ننڍي نئن آهي. اسان هن وقت تائين جيڪي نديون ڏٺيون آهن، تن سڀني کان وڏي ۾ وڏي دست ندي آهي، ۽ جڏهن پڙهندڙن کي اهو ٻڌايو وڃي ته سمنڊ جي ڪناري کان هڪ سؤ والن جي اندر، نديءَ جي وچ سير وٽ پاڻيءَ جي اونهائي اٽڪل ويهه انچ کن آهي، ۽ ان جي ويڪرائي ڏهن کان وٺي ٽيهن والن اندر آهي، تڏهن اهي ٻين ندين بابت پاڻ اندازو ڪري سگهندا. جڏهن سمنڊ جي وير وهي ٿي، تڏهن سمنڊ جو پاڻي هڪ يا ٻن ميلن تائين نديءَ ۾ مٿي ڌوڪي اچي ٿي، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ مهل ان کي ڏسندو ۽ ان جي متعلق پنهنجو رايو ڏيندو ته پڪ ئي پڪ ان کي چڱو خاصو درياهه سڏيندو.

دست ندي[2] جتي ڇوڙ ڪري ٿي، اتي ان جي ٿورڙي اونهائي ۽ ننڍڙيءَ ويڪرائيءَ هئڻ جي باوجود، اوهان کي ان جي سامونڊي ڪناري کان سڌيءَ ليڪ ۾ ڇهن کان وٺي ستن ڊگرين جي مفاصلي تائين مختلف نالن هيٺ سراغ معلوم ٿيندو، ۽ انهيءَ نڪته تي مون جيڪا معلومات حاصل ڪئي آهي، آءٌ اهو اندازو ڪريان ٿو ته ان جي انتهائي شمالي ڇيڙي مان جيڪو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪِري ٿو، سو هڪ هزار ميلن کان گهٽ مفاصلو طئي ڪري نٿو اچي [3]. وارياسي ريگستان وچان مون پنهنجو سفر دوران بودور نالي درياهه جو پيٽ پيار ڪيو، جيڪو ويڪر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ميل جو چوٿائي حصو هو، ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته اهو مختلف ور وڪڙ کائيندو، سيستان ۾ هيلمند درياهه جي ڪنارن تي واقع هڪ ملڪ نالي، گرما سائل تائين پهچي ٿو. منهنجي رستي جي ڏکڻ طرف، اهو جبلن جي وچ مان پار پوڻ لاءِ زوريءَ پنهنجي راهه ڪڍي ٿو ۽ اتان کان وڌيڪ اوڀر طرف موڙو کائي پنجگور ضلعي کان سيراب ڪري ٿو، جنهن کان ٽي ميل اُتر ۾ ان جي پيٽ مان هڪ ڀرپور ۽ دائمي وهندڙ نهر ڦُٽي نڪري ٿي؛ اتان کان پوءِ وري اها ميدانن ۽ پهاڙي علائقن جي هڪ سلسلي وچان وڪڙ کائيندي انهيءَ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪيچ کان پري نڪري وڃي ٿي؛ جتي ان کي موليداني ندي سڏيو وڃي ٿو ۽ ٿورو اڃا اڳڀرو ڏکڻ واري رخ ۾ اها اسان کي ڀُڳور نالي مان وري ملي ٿي؛ انهيءَ نالي سان اُها اڳتي وڌي ٿي، تان جو اهڙي هنڌ پهچي ٿي جتي اها ڦري وري دست يا دستي بنجي ٿي، جنهن نالي سان اها نيٺ وڃي سمنڊ ۾ ڪِري ٿي.

مون هن کان مٿي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو اهي، تنهن جي مدنظر آءٌ هن خيال جو آهيان ته دستي، يا اسين ان کي کڻي ڪهڙي به ٻئي نالي سان شناخت ڪريون، گذريل زماني ۾ ڪنهن اهڙي وڏي درياهه جو پيٽ هئي، جنهن جهڙوڪ ڪو ٻيو درياهه هن وقت سڄي مڪران ۾ ڪونهي، جنهن جو پاڻي يا ته ڪنهن ٻي نديءَ ۾ وهندو وهندو خالي ٿي ويو آهي، يا انهن جو اصلوڪو[4] سرچشمو سُڪي خشڪ ٿي ويو آهي.

دستيءَ کان اولهه طرف، نگار، نيم خور، گياني، سراءِ، بُنٿ، سؤدڳي ۽ ٻيا ڪيترائي ناله ۽ نيون آهن، جيڪي سڀ جون سڀ سمنڊ ۾ وڃي ملن ٿيون. ڪن وقتن تي اهي جبلن ۾ مينهن پوڻ سبب ايتريقدر ته ڦوڪجي وهنديون آهن، جو ناقابل عبور هونديون آهن؛ پر عام طرح سان انهن ۾ تمام ٿورو پاڻي هوندو آهي.

ڪيچ، جنهن لاءِ مون اڳيئي چيو آهي ته اهو هن صوبي جو مکيه شهر آهي، تنهن جي نالي وارو هڪ اهڙو ضلعو به آهي، جنهن کي دست ندي خوب سيراب ڪري ٿي. ڪيچ جو ڪوٽ هڪ اوچي ٽڪريءَ تي ٻڌل آهي، جنهن جي هيٺان اها ندي وهي ٿي ۽ ان جي قدرتي مضبوطيءَ ڪري مقامي ماڻهو ان کي ناقابل شڪست سمجهن ٿا. شهر انهيءَ پهاڙيءَ جي دمن کي ٽن طرفن کان سڄو وڪوڙي بيٺو آهي، جنهن جي چوٽيءَ جو قلعو بيٺل آهي، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ ٽي هزار گهر هئا؛ پر قلات واري نصيرخان جي وفات کان پوءِ، ان جي ذريعي قنڌار، گوادر ۽ چؤبار جهڙن سامونڊي بندرن سان قلات، شڪارپور، خضدار، ٻيلي وغيره سان جيڪو واپار هلندو هو، سو سڄو بيهجي ويو ۽ هندو ۽ ٻيا شاهوڪار واپاري شهر ڇڏي هليا ويا آهن، جنهن ڪري اهو تباهيءَ جي ڪناري وڃي پهتو آهي. سنه 1810ع ۾ ڪيچ جو حاڪم يا گورنر عبدالله خان بزنجو بروهي هو جيڪو محمود خان جي اقتدار کي تسليم ڪرڻ جو چونگ ڪندو هو، پر هن کي ڪوبه خراج نه ڏيندو هو؛ ۽ ان کان پوءِ ته مون کي ائين ٻڌايو ويو آهي ته هن کيس ظاهري تعظيم ڏيڻ به ترڪ ڪري ڇڏي آهي. هن جي پيشرو کي اٽڪل ست سال اڳي انتهائي بيوفائيءَ واري طريقي سان مير مصطفيٰ خان طرفان قتل ڪيو ويو هو، جنهن، اهو ڏسي ته سندس ڀاءُ، قلات جي خان جي حڪمن جي نالي ماتر به ڪا مڃتا نٿي ڪئي وڃي، مذڪوره گورنر ڏانهن هڪ قاصد موڪليو ۽ کيس انهيءَ شهر ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، پر انهيءَ مطالبي کي مڃڻ کان ڪورو جواب ڏنو ويو. ڪجهه بحث مباحثي کان پوءِ، قلات جي سردارن طرفان شخصي حفاظت ۽ سلامتيءَ جي سنجيده وعدي ڪرڻ کان پوءِ، پنجگور ۾ ٻنهي جي درميان هڪ ملاقات جو انتظام ڪيو ويو. حاڪم سندس حاضري پوري وقت تي ڏني، پر هو وري واپس نه اچڻ لاءِ آيو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي مصطفيٰ خان سان گڏ آيل فوجن قتل ڪري ڇڏيو.

ڪيچ جي آمدني بلڪل معمولي آهي ۽ اتان جو گورنر، جيڪو قلات حڪومت جي هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ چئن يا پنجن هزارن ماڻهن کي پاڻ وٽ پاليندو هو، تنهن وٽ اڄڪلهه سندس پگهار ۾ اوترا سَوَ ماڻهو به ڪينهن.

ڪيچ کان هڪدم ڏکڻ طرف جيڪو قلعو واقع آهي، تنهن کي هڪ خشڪ ۽ ويران ”دشت“ يا ويران زمين جو هڪ علائقو سڏيو وڃي ٿو، حالانڪ ڪن هنڌن تي تمام گهڻي مقدار ۾ کجور پيدا ٿئي ٿي، پر کجور جي وڻ جي اها هڪ مخصوص خصلت معلوم ٿئي ٿي ته اهو انتهائي خشڪ ۽ ويران زمين ۾ وڌي ۽ ويجهي ٿو.

پنجگور يا پنجر، هڪ ننڍو ۽ سرسبز ضلعو آهي، جيڪو ڪيچ کان اتر اتر ـــ اوڀر ۾ واقع آهي. اهو جبلن جي وچ ۾ هڪ ماٿري آهي ۽ منجهس خيلن جا ٻارهن يا تيرهن ڳوٺڙا آهن، جن کي بودور درياهه مان گهڻي مقدر ۾ پاڻي مهيا ٿئي ٿو؛ انهن سڀني جي آدمشماري چڱي خاصي آهي، ۽ هن صلعي ۾ جيڪي کجورون پيدا ٿين ٿيون، سي سڄي مڪران[5] ۾ پيدا ٿيندڙ ٻين سڀني کجورن کان بهتر سمجهيو وينديون آهن. پنجگور جو موجوده سردار رحمت الله خان آهي، جيڪو قلات واري محمود خان جو ڀائٽيو آهي. هن انهيءَ مٽيءَ مائٽيءَ هوندي به، پنهنجن ڪيچ وارن هموطنين جي مثل جي پيروي ڪئي آهي ۽ پاڻ کي بلڪل خودمختار ۽ مڪمل طور آزاد قرار ڏنو آهي. هن جي سالياني آمدني ويهه هزار رپيا چئي وڃي ٿي؛ پر آءٌ انهيءَ انگ کي وڌاءُ سمجهان ٿو.

مچ، نالو انهيءَ ملڪ کي ڏنو ويو آهي، جيڪو اولهه طرف ۽ پنجگور سان متوازي بيٺل آهي ۽ انهيءَ ريگستان جي ڏاکڻين سرحد آهي، جنهن مان مون کي سفر ڪري پار اچڻو پيو هو. اهو تمام ناهموار، پٿريلو ۽ جابلو علائقو آهي. ان جي باوجود، ان جي ڪن ماٿرين ۾ ايترو اناج پيدا ٿئي ٿو، جيڪو انهن ٿورن گهڻن خانه بدوش ريڍارن لاءِ ڪافي آهي. جيڪي ان ۾ رهن ٿا. مچ ۾ پاڻي تمام گهڻو موجود چيو وڃي ٿو، البت اپريل، مئي ۽ جون وارن مهينن ۾ اهو ناياب ٿي وڃي ٿو، جيسترائين ان جون نديون، نيون ۽ چشما بارش جي پاڻيءَ سان وري ڀرجي وڃڻ؛ ۽ جڏهن به مينهن نه پوندو آهي، تڏهن اتان جا رهاڪو ڏکڻ طرف ڀڄي اچڻ لاءِ مجبور ٿي پوندا آهن. هتان جا ماڻهو پڻ اتي ڪجهه کجون پوکين ٿا ۽ وٽن ڪجهه اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون به آهن. انهن جو نسل عام مڪرانين کان وڌيڪ ننڍو ۽ نازڪ چيو وڃي ٿو. هنن جا هٿيار جا مڪيءَ واريءَ بندوق، ترار ۽ ڍال آهن. هرهڪ ڳوٺ کي پنهنجو پنهنجو سردار آهي، جيڪو ماڻهن ۾ پيدا ٿيندڙ سڀني تڪرارن ۽ اختلافن جو فيصلو صادر ڪندو آهي.

ڪسورقند هڪ پنجويهه ميل ڊگهو سڌو ميدان آهي. جيڪو اوتروئي ويڪرو به آهي ۽ ان جي وچان هڪ ننڍي نئن وهي ٿي. ان جو قلعو ڳوٺ جي بچاءُ ڪري ٿو، جيڪو ان جي چوڌاري تعميل ٿيل آهي. ميدان ۾ جيڪي پوک هيٺ آيل ٽڪرا آهن، تن جو بچاءُ پن هيٺانهين تي ڪوٽ هڪن ٿا، جيڪي هڪٻئي کان چئن يا پنجن سوَن والن جي مفاصلي تي ٺهيل آهن، جن ۾ بندوق بردار چوڪيدار فصل پچڻ واري سڄي موسم جي دوران چوڪي ڪندا رهندا آهن. اهو تحفظ هن ڪري اڻٽر ٿي پيو آهي، جو اهو ضلعو بنپور جي ناهرن ۽ ڪوهستان جي وجهڙائي ۾ واقع آهي. ائين به ناهي ته انهن ڦورن کان اهي ماڻهو پنهنجن زمينن جي تباهي ۽ بربادي هميشه ٽاري سگهندا آهن. بشڪرد لاءِ بس فقط ايتروئي چئي سگهجي ٿو ته اهو جبلن جو هڪ اهرو يڪو ۽ اڻ ٽٽل سلسلو آهي، جيڪو ڪُسرد بلوچن جي چوپائي مال لاءِ گاهه پٺو مهيا ڪري ٿو، جيڪي اناج ۽ ٻين ضروري شين لاءِ هيٺانهن پٽن تي دارومدار رکن ٿا. اهي ماڻهو ڪُردن جو هڪ اهڙو قبيلو آهي، جيڪو لارستان مان نڪري هيٺ آيو آهي ۽ اهي ماڻهو بنان ڪنهن شڪ و شبهي جي هڪ اهڙي بستيءَ جي مانهن جو اولاد آهن، جن ڪيئي صديون اڳي اهو صوبو فتح ڪيو هو[6]. انهن ۾ بلند ۽ بالا جاين لاءِ سندن رت ۾ جيڪو شوق سمايل آهي، سو انهن اڃا تائين پاڻ ۾ برقرار رکيو آهي ۽ انهن هاڻي ڪوهستان ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي آهي. دوزڪ، سِبّ، ڪلپورڪن ۽ جلڪ جهڙن ضلعن جو ڪجهه ذڪر هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ اڳيئي ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ انهن ضلعن يا سامونڊي ڪنارن وارن ٻن ضلعن جي وڌيڪ تفصيلن ۾ وڃڻ فضول سمجهان ٿو[7]، جيڪي محض سڌا سنوان، ۽ آباديءَ کان بلڪل خالي ميدان آهن، جيڪي ساوڪ جي هڪ به نشان کان خالي، قريب ترين جبلن جي دامن تائين ڦهليل آهن.

مڪران جي سڄيءَ آباديءَ جو خانه بدوش قبيلن تي مشتمل هئڻ ڪري گهٽ وڌ ٿيڻ جو ايتري قدر ته امڪان آهي، جو ان جي وسعت جو اندازو لڳائڻ مضحڪه خيز ٿيندو. انهيءَ علائقي جي ماڻهن مان جيڪي سامونڊي ڪناري تي رهائش پذير آهن، تن جو قدر ڪاٺ اتر طرف رهندڙن کان وڌيڪ وڏو ۽ رنگ وڌيڪ ڪارو ٿئي ٿو، ۽ انهيءَ حقيقت کي انهن جي مسقط ۽ عربستان جي ڪافرن سان عام ٿيندڙ شادين سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. پر ان جي باوجود مون جيڪي به مڪراني ڏٺا، تن سڀني جي جڏهن بلوچن يا بروهين سان ڀيٽ ڪئي ويئي، تڏهن اهي ننڍي قد ڪاٺ ۽ نازڪ نسل جا ماڻهو نظر آيا ۽ انهن ۾ بيماريون عام جام هيون. نصير خان طرفان بلوچستان لاءِ قانون جو جيڪو ڪتاب تيار ڪيو ويو هو، سو انهيءَ شهزادي جي ضروري ڦيرڦار سان هن پرڳڻي ۾ لاڳو ڪيو ويو هو، پر هن جي انتقال تي ان جو احترام ختم ٿي ويو ۽ هاڻي اتي بدانتظامي ۽ خونريزي عام آهي. هرهڪ ضلعي کي انتقام وٺڻ جو پنهنجو پنهنجو طريقو آهي، ۽ مسافر يا واپاري ماڻهو، ملڪ جي هڪ حصي کان ٻئي ڏانهن فقط ان صورت ۾ وڃي سگهن ٿا، جڏهن انهن سان ڪا هٿيربند جماعت ساڻ هوندي، ۽ اها به اهڙي جيڪا مٿن حملي کي روڪڻ لاءِ ڪافي حد تائين طاقور هوندي. مڪران جي بندرن تان فقط هڪ ئي واپار ٿئي ٿو ۽ اهو آهي اتان جي کجور جي ساليانه پيداوار جي هڪ حصي جي بمبئيءَ ۽ باقي حصي جي اپٻيٽ جي ٻين حصن ڏانهن برآمد؛ جنهن جو معاوضو اُنهن ئي شين جي صورت ۾ ملي ٿو، جن جو ذڪر مون لس واري بيان ۾ ڪري ڇڏيو آهي. اها تجارت هندن جي طرفان ڪئي وڃي ٿي، جيڪي ڏيساور تان درآمد ٿيل شيون مڪرانين کي ’مال جي بدلي مال‘ جي اصول تحت ريزڪي نموني ۾ ڏيندا آهن.

فصل (6)

ڪڇ گنڊاوا جو صوبو ۽ دجل جو ضلعو، جن کي مون بلوچستان جي ٽين فصل ۾ رکيو آهي، سي جئين ته محمود خان جي اختياريءَ ڏانهن اهڙا فرمانبردار ۽ ان کي تسليم ڪندڙ آهن، جهڙوڪ قلات جو ضلعو، ان ڪري قدرتي طور نتيجو اهو نڪري ٿو ته مون هن تذڪري جي ٽين باب ۾ جن به قانونن، رسمن رواجن ۽ محصولن جو ذڪر ڪيو آهي، سي سڀ هنن علائقن سان به اوتري قدر ئي لاڳو ٿين ٿا. منهنجي لاءِ هاڻي فقط اها ڳالهه باقي رهي آهي ته آءٌ پنهنجن پڙهندڙن کي انهن جي جاگرافيائي وسعت ۽ حدن کان آگاهه ڪريان.

ڪڇ گنڊاوا جون جاگرافيائي حدون اتر طرف سيوستان، ڏکڻ ۾ سنڌ، اولهه ۾ براهوئڪ جبل ۽ اوڀر ۾ سنڌو ندي ۽ ان جي وچ ۾ بيٺل ريگستاني پٽو آهن. اتر کان ڏکڻ تائين ان جي گهڻي کان گهڻي ڊيگهه، اٽڪل هڪ سؤ ويهه ميل آهي ۽ ويڪر ۾ ان جو آباد ۽ رهائش لائق حصو فقط سٺ ميل مس ٿيندو.

ڪڇ گنڊاوا ۾ فقط ٻه نيون آهن، هڪ ناڙي ۽ ٻي ڪوهي. پهرين نئن سبيءَ جي اتر ـــ اولهه وارن پهاڙن مان نڪري ٿي ۽ اتان کان پوءِ اها هڪ ٻئي جي پٺيان هنن ڳوٺن جي پاسن کان گذري ٿي، مٺڙي، ايري، حاجي، ٻڍا، ڀاڳ، نصيرآباد، پلال، منجهو، ڪندوه، ۽ تُنبُو. آخري نالي واري ڳوٺ وٽ اها واريءَ ۾، تمام گهاٽي ۽ ناقابل عبور جهنگ اندر غائب ٿيو وڃي. انهيءَ نئن ۾ ان وقت تمام گهڻو پاڻي هوندو آهي، پر عام طور اها مهينن تائين ذري گهٽ خشڪ پيئي هوندي آهي. ڪوهي نئن، بولان ماٿريءَ وچان وهي ٿي، جيڪا دشتي دولت کان ڪڇ گنڊاوا تائين ويندڙ هڪ شاهراه آهي ۽ دهن  دره[8] وٽ اها ٻن شاخن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي؛ انهن مان هڪ شاخ: ڪؤهي، خانپور، مهيسر ۽ ڀڳئي نالي ڳوٺن جي پاسن کان ور وڪڙ کائيندي وڃي ٿي. ڀڳئي وٽ ان جي ڪناري کي پوک جي مقصدن لاءِ پڪو ڪيو ويو آهي؛ ٻي شاخ وري دادر کان لنگهي ايريءَ جي ڳوٺ کان اٽڪل چار ميل پري ناڙيءَ ۾ وڃي ملي ٿي. انهن ٻنه نين مان ڪيئي تلاءَ کوٽيل آهن، جيڪي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ ميدان جي مٿاڇري تان پاڻي پهچائين ٿا ۽ ساڳئي مقصد لاءِ انهن جي مختلف قدرتي شاخن جي ڪنارن تي ڪيئي بندر يا پڪا ڪپر ٻڌا ويا آهن.

هن صوبي جو اهم شهر گنڊاوا آهي، جيڪو قلات جيڏو وڏو ناهي، پر اهو وڌيڪ يڪسانيت سان تعمير ٿيل آهي ۽ ان جي مرمت بهتر نموني سان ٿيندي رهي آهي. قلات جي خان جو هِتي هڪ محل آهي، جتي هو پنهنجي ڪٽنب قبيلي ۽ سڀني وڏن سردارن ۽ جهالاوان ۽ سراواڻ صوبن جي ماڻهن سان گڏ، هر سياري انهن بلند ۽ بالا علائقن جي انتهئاي سرديءَ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ايندو آهي. شهر جي چوڌاري هڪ تمام اوچي گنب جي ديوار ڏنل آهي، جنهن کي ڪمين يا هارين نارين طرفان هر وقت چڱيءَ طرح سان مرمت ڪيو ويندو آهي، ۽ انهن ٽن دروازن جي مٿان ڪي ننڍا مورچا ٺاهيا ويا آهن، جيڪي قلات، ڪراچي ۽ شڪارپور جي نالي وارن شهرن طرف ويندڙ رستن ڏانهن وڃڻ ڪري انهن شهرن جي نالن سان منسوب ڪيا ويا آهن. ٻيو شهر آهي، دادر ۽ ان کان پوءِ ڀاڳ ۽ لهريءَ جو درجو آهي. پر انهن منجهان ڪو هڪ به وڏي ڪشادگي وارو ناهي. انهن مان ڪن ۾ هڪ هزار ته ڪن ۾ انهن کان ڪجهه وڌيڪ، ويندي پندرهن سَون تائين گهر آهن، جن جي چوگرد مٽيءَ جي ٿلهي ڀِت ۽ برج ٺهيل آهن، جن ۾ گولين لاءِ سوراخ ٿيل آهن. هن سٺي پَٽَ ۾ ڳوٺ ذري گهٽ ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ هر سال اصافو ٿيندو پيو وڃي.

ڪڇ گنداوا جي ماڻهن جي وڏي اڪثريت ”جيٺ“ يا ”جت“ آهن، اهي قلات جي ديهورن وانگر، صرف ڳوٺن ۾ رهندا آهن، ۽ پاسن واري زمين جا ٽڪرا ڪن شرطن، شروطن ۽ سهولتن هيٺ آباد ڪندا آهن، جيڪي مٿن بلوچي، يا بروهي سردارن طرفان عطا ڪيون ويون آهن، جن کي محمود خان اهي زمينون جاگير طور ڏنيون آهن. اڪثر بلوچي ۽ سڀ ئي بروهي، جن کي انهيءَ صوبي ۾ زمين آهي، سي اتي سال جي فقط انتهائي سرد مهينن ۾ رهندا آهن. جيئن ئي بهار جي موسم جو آغاز ٿيندو آهي، تيئن ئي اهي پهاڙين ڏانهن ڀڄي ويندا آهن، ۽ پنهنجن جتن کي سندن زمينون آباد ڪرڻ ۽ انهن جي پيداوار مان سندن حصو انهن ڏانهن موڪلڻ يا سندن واپسيءَ تي سندن حوالي ڪرڻ لاءِ تيار رکڻ واسطي پٺيان ڇڏي ويندا آهن. گنداوا ۽ ان کان ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪجهه هندو آبادڪار به رهن ٿا، جيڪي پوک راهي ڪندڙن سان ’جنس جي بدلي جنس‘ جي اصول تي واپار ڪندا آهن. اناج ۽ ٻيو سامان سمنڊ جي ڪناري ڏانهن مڪران يا ضرورت جي مطابق ڪنهن ٻئي طرف رواني ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏيندا آهن.

هُروند دجل ضلعي جي اتر طرف ديره غازي خان آهي، ڏکڻ طرف اهي پهاڙيون اٿس، جن تي گورچاڻي ۽ رند بلوچ آباد آهن، اولهه طرف تل چوئيلي ۽ ٻين بيشمار افغان قبيلن جا ضلعا آهن ۽ اوڀر طرف سنڌوندي آهي.

هن ضلعي ۾ مکيه شهر هروند ۽ ٻيو نمبر دجل آهي. پهرئين نالي واري شهر ۾ محمود خان جي پاران حاڪم رهي ٿو، جنهن کي دارالحڪومت کان تمام گهڻو مفاصلو پري هئڻ ڪري، ملڪي قانون ۽ ان جي تعميل حتاڪ زندگي ۽ موت جي معاملن ۾ به، منجهس گهڻي کان گهڻن اختيارن جو اعتماد رکيو ويو آهي. سنه 1810ع ۾ اتان جو حاڪم محمود خان جو هڪ سؤٽ  الفت خان قنبراڻي هو. پر آءٌ سمجهان ٿو ته ان کان پوءِ، هن کي محمد رحيم خان جي سرڪردگيءَ هيٺ، جيڪو محمود خان جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هو، سنه 1811ع ۾ [9] جڏهن ان هروند دلج تي زوريءَ قبضو ڪيو هو، باغين جو مقابلو نه ڪرڻ سبب معزول ڪيو ويو آهي.

هيءُ ضلعو ڊيگهه توڙي ويڪر ۾ پنجاهه ميلن کان وڌيڪ ناهي. پر اتان جي زمين ايتري قدر ته زرخيز آهي، جو چيو وڃي ٿو ته قلات جي خان کي سراوان جي سڄي صوبي مان جيتري آمدني ٿئي ٿي، تنهن کان وڌيڪ فقط انهيءَ هڪ ضلعي مان ملي ٿي. هن ضلعي جي سڄي آبادي جتن تي مشتمل آهي، البت ان ۾ ٿوري تعداد ۾ افغان ۽ ڪي ٻيا آبادڪار شامل ٿي سگهن ٿا. اونهاري ۾ هن جي آب و هوا ڪڇ گنداوا کان وڌيڪ ٿڌي آهي [10] ۽ سياري ۾ اها اوتري قدرئي وڻندڙ ۽ خوش گوار آهي. هن ضلعي مان سنڌونديءَ جي ذريعي ٻيڙين جي وسيلي مٿئين طرف ويندي ملتان ۽ اٽڪ تائين ۽ هيٺئين طرف حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين ڪافي مقدار ۾ واپار هلي ٿو.

فصل (7)

ڪوهستان يا جبلن جو ملڪ، جيئن بلوچن بلوچستان جي الهندي طرف واقع ملڪ جي انهيءَ حصي کي نالو ڏنو آهي، تنهن جي اتر، ڏکڻ، اولهه ۽ اڀرندي طرفن ڏانهن جبلن جي هڪ تمام سوڙهي قطار کان سواءِ، جيڪا ان جي اترئين ڇيڙي کان ٻاهر نڪتل آهي، ريگستانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جيئن هن تذڪري جي پهرئين باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڏکڻ طرف اهو مڪران جي متعدد ضلعن جي وچ ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن صوبي جو ان کي هڪ حصو هئڻ گهرجي، پر جئين ته انهن جي آباديءَ ۾ ٻوليءَ ۽ هلت چلت جي ڳالهين ۾ فرق آهي، ان ڪري مون انهن کي هڪٻئي کان بلڪل جدا ڪرڻ کي مصلحت آميز سمجهيو آهي.

هن ڊويزن جا مکيه جبل اهي آهن، جن کي ”سرحد“ يعني سرحد جبل سڏيو وڃي ٿو، جيڪي اوڻٽيهين ۽ ٽيهين اترين ويڪرائي ڦاڪن جي درميان واقع آهن، ۽ اهي اسي کان نوي ميلن جي مفاصلي تان آسپاس وارن ٻين سڀني جبلن کان مٿڀرا نظر ايندا آهن. اهي سڄا سارا جبل معندي شين سان ڀريا پيا آهن. ڪيترن هنڌن تي پاڻياٺي لوڻ جون نهرون وهن ٿيون ۽ ڪن ٻين جاين تي پاڻيءَ جا اهڙا تلاءَ آهن، جن جي مٿاڇري تي هڪ اهڙي قسم جي ٿَرُ ڄ۾ي رهي ٿي، جيڪا ڪئسپين سمنڊ جي ويجهو دستياب ٿيندڙ ڏامر جهڙي آهي. انهن جبلن مان لوهه، ٽامو ۽ ٻيا ڌاتو پڻ نڪرن ٿا، جن مان مقامي ماڻهو کوٽائي ڪري ايترو مقدار ڪڍندا آهن، جيترو سندن ضرورتن لاءِ ڪافي هوندو آهي.

ڪوهِ نوشادر ۾، جيڪو مون ان وقت ڏٺو جڏهن آءٌ ”باسمان“ ۾ هيس، جنهن جو مون 20 ـــ اپريل واري ڊائريءَ ۾ خص طرح سان ذڪر ڪيو آهي. ڪيتريون ئي اهڙيون علامتون ملن ٿيون، جن مان ان جي زيرزمين باهه جي موجودگي ظاهر ٿئي ٿي. انهيءَ پهاڙيءَ جي هڪ طرف وارن لاهن تي ملندڙ مٽي ۽ پٿر مڪمل طور سياهه اهن ۽ ڪن مخصوص وقتن تي انهن جي آميزش ايتريءَ حد تائين گرم ۽ خسڪ ٿيو وڃي، جو ڇهڻ سان ڀُري سنها ذره ذره ٿي ڪِري پوندي آهي، ۽ ٻئي طرف جئين مون اڳئي ذڪر ڪيو آهي، گرم پاڻيءَ جا جشما، نوشادر وغيره زور سان گوها ڪري ٻاهر نڪرن ٿا.

هيءَ ڊويزن اهڙِن ندين کان پڻ محروم آهي، جن جو مون ٻين هنڌ ذڪر ڪيو آهي. بنپُور جي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ نهر اهي، جنهن کي مقامي ماڻهو درياهه سڏين ٿا، پر جڏهن اپريل سن 1810ع ۾ مون اها جاءِ ڏٺي، تڏهن اها ذري گهٽ وهڻ بند ٿي ويئي هئي، ۽ جيڪڏهن خشڪ موسم وڌيڪ ٻن مهينن تائين هلي هوندي ته اها پڪئي پڪ بلڪل خشڪ ٿي ويئي هوندي.


[1] . هتي ندي، معنيٰ هڪ پهاڙي نئن آهي.

[2] . ڪڏهن ڪڏهن دستي به سڏجي ٿي.

[3] . حصو  پهريون، پهرين اپريل واري ڊائري.

[4] . لهوريه نديءَ جي پاڻي، جيڪا نوشڪيءَ جي اتر ـــ اوڀر ۾ شوراوڪ ضلعي مان گذري ٿي. ريتيءَ ۾ جذب ٿي اهڙو گم ٿئي ٿو، جو ماڻهن جي چوڻ موجب، اهو بودور کان سواءِ وري ڪٿي به ظاهر ڪونه ٿو ٿئي؛ پر جنهن هنڌ تي مون انهيءَ نديءَ جو پيٽ ڏٺو، تنهن مان ۽ انهيءَ خبر چار مان، جيڪا مون کي ان جي متعلق ملي، تنهن مان ۽ انهيءَ خبرچار مان، جيڪا مون کي ان جي متعلق ملي، آءٌ البت انهيءَ خيال جو آهيان ته اها هيلمند درياهه جي هڪ شاخ آهي. جيڪا انهيءَ نديءَ جي پيٽ جي هيٺ لهي وڃڻ ڪري پنهنجو پاڻي وڃائي ويٺي آهي. ڪئپٽن ڪرسٽي ان جي ٻنهي پاسن کان بيٺل اوچين پهارين جي چوٽين جو بيان ڪري ٿو، ته جيئن هي تاثر پيدا ٿئي ته اها ڪنهن زماني ۾ اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر وڌيڪ، ريگستان سان هم سطح هئي. حوالو 30 ـــ مارچ واري ڊائري جو ضميمو.

[5] . کجيءَ جي وڻ جي پوکڻ ۽ سنڀال بابت بيان لاءِ ڏسو باب نمبر ـــ 7.

[6] . ڪنيئر جو ڪتاب ”ايراني سلطنت“ ص 83.

[7] . بحواله 4، 7، 8 ۽ 9 ـــ اپريل وارو بيان ــ ڪولو گان ڳوٺ جلڪ ضلعي ۾ آهي.

[8] . دهن دره جي لفظي معنيٰ اهي ماٿريءَ جو مُنهن. اها قيام جي  جاءِ آهي ۽ ان جو ٻيو ڪو به نالو ڪونهي، جنهن ڪري آءٌ انهن لفظن جي انگريزي ٻوليءَ جي معنيٰ وارن لفظن جي بجاءِ، اصلي نالي لکڻ کي ترجيح ڏيان ٿو.

[9] . بحوالہ باب 3.

[10] . بحولہ باب 7.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: