سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :21

فصل (11)

ڪراچيءَ جو قلعي وارو شهر سنڌ جي انتهائي ڏکڻ اولهندي ڪنڊ تي ويڪرائي ڦاڪ 24052 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 67017 وٽ بيٺل آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي انهيءَ سنڌ جي مکيه سامونڊي بندرگاهه جو درجو حاصل ڪيو آهي. ان جو ڌِڪو، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن کور ــ علي[1] جي نالي سنا سڏيو ويندو آهي، ڏاڍو ڦاٿل آهي ۽ ان جي منهن وٽ واريءَ جي پَٽيءَ هئڻ ڪري، سورهن فوٽن کان وڌيڪ پاڻيءَ جي سطح کان مٿي اُڀارڻ وارن سامونڊي جهازن لاءِ انهيءَ بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ، عقلمنديءَ واري ڪارروائي نه ٿيندي، جيتوڻيڪ هڪ دفعو جڏهن اُهي انهيءَ پٽي کي پار ڪري اندروني حصي ۾ داخل ٿي ويندا، تڏهن اُهي پاڻ کي اونهي ۽ ماٺي پاڻيءَ ۾ ڏسندا.

سن 1797ع ۾ تعمير ٿيل اهو قلعو، جيڪو اپٻيٽ جي الهندي طرف ڳچي ڌرتيءَ جي ڇيڙي واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اهڙي حڪمت سان بيهايل آهي، جو بندرگاهه جي منهن جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪا سٺي توب ان تي رکي وڃي ۽ ڪو ڪاريگر توبچي ان کي هلائي ته آءٌ سمجهان ٿو ته ڪوبه جهاز ديده دليريءَ سان ان جي ويجهو اچي سگهندو، ۽ يقيناً اهو ڪابه ڪارروائي ڪري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته ان تي رکيل توبن جي نالين کي، ٽڪريءَ جي پيشانيءَ کي انهن جي زدِ کان بچائڻ لاءِ ايڏو ته مٿي ڪرڻو پوندو، جو ڏهن مان نوَ گولا ان جي مٿان ئي مٿان لنگهي نڪري ويندا ۽ ٽڪريءَ جي ٻئي پاسي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرندا. اها ساڳي ڳالهه ان کي قلعي مان ايندڙ گولن جي زد کان، بنان ڪنهن شڪ شبهي جي محفوظ ڪري وجهندي، پر جيئن ته جهاز پهاڙيءَ جي هيٺان ان جي تمام ويجهو بيٺل هوندو، انڪري ان جي عرشي کي بند وقچي وڏي آسانيءَ سان صاف ڪري سگهندا، جيڪي پاڻ پٿرن جي وڏين ڇپن جي پٺيان بلڪل محفوظ هوندا، چنانچه، جيڪڏهن ڪنهن به وقت ان تي قبضي ڪرڻ جو ڪوبه موقعو پيدا ٿيندو ته ان لاءِ فقط هيءَ ترڪيب ئي ڪارگر ٿي سگهندي ته فوجن کي ان کان ڪجه مفاصلو پري جهاز تان هيٺ لاٿو وڃي ۽ پو3 ان تي يورش ڪري قبضو ڪجي. شهر پناهه تمام ڪمزور ۽ ناهموار قسم جي اهي، ڪن هنڌن تي ته اها پنجن يا ڇهن فوٽن کان وڌيڪ اوچي ڪانهي. ۽ اها به ايتريقدر ڀڳل ٽٽل حالت ۾ آهي، جو هڪ گهوڙيسوار ئي آسانيءَ سان ان جي چوٽيءَ جي مٿان چڙهي وڃي سگهي ٿو؛ پر ڪن ٻين هنڌن تي ان جون ديواريون اوچيون آهن ۽ انهن جي مرمت ڪري کين تمام سٺيءَ حالت ۾ رکيو ويو آهي. اهي سڄيون ڀتيون بُهه مليل گاري ۽ هڪڊگهي بي پاڙيءَ ول سان تعمير ڪيل آهن، جيڪا آسپاس وارن پاڻيءَ جي دٻن ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندي آهي. ۽ انهيءَ پاسي واريءَ ڀت کي، جيڪا سمنڊ واري طرف ٺهيل آهي ۽ جنهن جو پاڻي بندر جي منهن کان وٺي وهندو ان تائين پهچي ٿو، هنن اها ضروري حفاظت ڪئي آهي، جو ڪجهه اوچائيءَ تائتن ڀت کي پٿر ۽ اميرن طرفان سن 1813ع ۾ جاري ڪيل حڪم موجب جڏهن سچ پچ ڳڻپ ڪري معلوم ڪيو ويو هو، ته اهو ٽي هزار ٻه سؤ ۽ پنجاهه ٿيو هو؛ انهن کان سواءِ قلعي جي چوڌاريءَ ڪجهه جهوپڙيون پڻ هِتي هُتي ٺهيل هيون، جن کي نمبر شماريءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. قلعي اندر مستقل رهندڙ آبادي؛ جنهن ۾ عارضي طور ٽِڪندڙ ماڻهن جو تعداد شامل ٿيل نه هو، وڌي وڃي تيرهن هزارن تائين پهتي هئي، ۽ اهو انگ اُنهيءَ وقت جي آباديءَ واري عدد کان، جڏهن هيءُ وفد سن 1809ع ۾ اتي ترسيل هو، اڌ کان به وڌيڪ وڏو آهي. اتان جي مستقل باشندن جي اڪثريت هندن جي آهي، جيڪي تمام ڳرن محصولن ۽ ڪسٽم ڊيوٽين جي باوجود، جيڪي مٿن سندن ئي قوم جو، هڪ ماڻهو مڙهيندو آهي، تمام وسيع پئماني جي تجارت ڪن ٿا ۽ اهائي قوم ڪراچيءَ جي سڄي سرڪاري آمدنيءَ جو ذريعو آهي، ۽ اهائي تباهه ڪن پاليسي هن ملڪ جي سڄي علائقي ۾ هلي رهي آهي. سن 1809ع ۾ ڪراچيءَ مان وصول ٿيل ۽ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل ڪل آمدني[2] نوانوي هزار رپيا ساليانه هئي ۽ چيو وڃي ٿو ته اجارهدار انهيءَ رقم مان اٽڪل ٻارهن هزار رپيا پنهنجي محنت جي صله طور کڻي ٿو. سرڪاري آمدني هاڻي وڌي وڃي لک ٽيويهه هزار[3] رپيا ٿي آهي ۽ موجوده اجاره دار لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي حصي طور ويهه هزار رپيا کڻي ٿو. انهيءَ ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر مستقل طور سڌري رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب هند بندر جي جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ اُهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ ايران، خراسان، بلخ، بخارا وغيره جي عين وچ ۾ هئڻ جي ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. قلات واري محمود خان جي ڪمزور ۽ گهٽجندڙ اختياري پڻ سندس دشمنن، يعني سنڌين جي آمدنيءَ ۾ اضافي جو سبب بنجي رهي آهي؛ ڇاڪاڻ ته اترين ملڪن جا واپار جڏهن اهو ڏسن ٿا ته هن جي طاقت خود سندس ئي علائقي ۾ هنن جي مال کي محفوظ رکڻ جي قابل نه رهي آهي، تڏهن انهن کي سنڌ جي وچين رستي اختيار ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو نٿو اچي، حالانڪ اتي کانئن ڳاٽي ڀڳا محصول وصول ڪيا وڃن ٿا.

سنڌ جو ٻاهرين ملڪن سان اڪثر واپار ڪراچيءَ جي ذريعي ٿئي ٿو، ان ڪري انهن شين جي شمار ڪرڻ جو هيءَ بهترين موقعو آهي، جيڪي هتان جي برآمدي واپار ۾ سامل آهن. يجيڪ مقامي طور پيدا ٿيندر آهن، تن ۾ قلمي شورو، لوڻ، چانور، ڪپهه، گيهه، تيل، تيلي ٻج، شاڪر مڇيءَ جو تيل، چمڙي جي رڱڻ لاءِ ڇوڏا، کار، ڪپڙو ۽ کلون شامل آهن ۽ جيڪي شيون اتر وارن ملڪن ۽ بادشاهين کان ٻاهارين ملڪن ڏانهن روانيون ڪرڻ لاءِ خاص طور واپار هت آڻين ٿا، تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون، مشڪ، ڦٽڪي، مختلف قسمن جون نشيدار دوائون، ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لعلون، فيروزا ۽ ٻين قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ کؤنر شامل آهن. هندستان کان درامد ٿيندڙ شيون لوهه، قلعي، رڪ، شيهو، ٽامو، عاج، چانهه جي پتي، کنڊ، هر قسم جا مصالحا، ڪاشيءَ جون سرون، بافتي جو ڪپڙو، شيشو، چينيءَ جا برتن، ناريل، نير، سوپاريون، ململ، زريءَ جو ڪپڙو، ڍالون وغيره آهن، جن مان وڏي تعداد ۾ مٿي شمار ڪيل شين جي عيوضي ۾ موڪليون وينديون آهن. خراسان، مڪران، ايران ۽ عربستان کان، سنڌي ماڻهو پنهنجي گهريلو استعمال لاءِ تراريون، ريسم، غاليچا، کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ، قهوه ۽ ڪلياڻ (حقا) گهرائيندا اهن.

ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ واري ملڪ جو مٿاڇرو بلڪل سڌو سنئون پَٽُ آهي (قلع جي اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن طرفن کان)، جيڪو پهرين بن طرفن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺن يا ڏهن ميلن تائين، ۽ آخرين هڪ طرف ۾ سمنڊ جي ڪناري تائين ڦهليل آهي. جيئن ته وفد جي سنڌ ۾ آمد کان اڳي ٽن موسمن تائين بارش نه پئي هئي، تنهنڪري هِتي هُتي ڪن ٿورن ٽڪرن ۾ اپريل ننڍن ۽ ڏنگن ڦڏن ڪانڊيرن کان سواءِ، ڌرتيءَ جو سڄو مٿاڇرو بلڪل سڙيل نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ ساوڪ جو ڪو ٿورو نشان به نظر ڪونه ٿي آيو؛ پر مون هڪ يا ٻه اهڙا کوهه ڏٺا، جن کي ساون پنن سان ڀريل ڊگها وڻ چؤطرف وڪوڙي بيٺا هئا، ۽ اتان جي رهاڪن مون کي يقين ڏياريو ته ڪنهن به وقت زوردار برسات پوڻ کان اٺيتاليهن ڪلاڪن جي وقفي اندر سڄو پٽ سائي گاهه سان ڍڪيل غاليچي وانگر نظر ايندو آهي. گهوڙيسواريءَ لاءِ هي ميدان ڏاڍو مزيدار هنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته رستي ۾ ڪي به پٿر جون ڇپون يا ڌرتيءَ ۾ پيل ڏار ڪين اهن. اها صورتحال اسان کي اڪثر لالچائي رهي هئي ته تازي ڪتن سان گڏجي شڪار لاءِ نڪري وڃون، پر اسان فقط هڪ ئي ڀيرو اهڙا خوش نصيب ثابت ٿياسون، جو هڪ گدڙ ڏٺوسون، جنهن اسان کي خوب ڊوڙايو ۽ نيٺ هڪ کوهه ۾ تپ ڏيئي اسان کان ڀڄي ويو، حالانڪ اسان خوب سمجهي رهيا هئاسون ته جيتري مفاصلي تائين اسين وڃي رهيا هئاسون، تنهن کان ڪجهه ميل وڌيڪ اڳڀرو ملڪ جي اندروني حصي ۾ اسان کي ڪافي تعداد ۾ گدر، لومر، جهنگلي سوئر، هرڻ ۽ مختلف قسمن جا ٻيا سڪار جا جانور ملي پئي سگهيا.

اسان جي وفد 10ــ جون جو صبح جو ڪراچي ڇڏي ۽ پنجن منزلن ۾ ٺٽه نالي شهر ۾ پهتاسون، جيڪو اڳئين دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جيتوڻيڪ ان وقت ويرانيءَ ۾ برباديءَ جي حالت ۾ هو. ڪراچي ۽ هن شهر جي وچ واري ملڪ کي، بيابان جي نالي سان ئي سڏي سگهجي ٿو، جو اهو سڄو سارو ساوڪ کان خالي ۽ وارياسو آهي، جنهن ۾ ٻٻر، لئي، ۽ دوڌل کان سواءِ ٻيا ڪي به وڻ يا ڪابه اهڙي ساوڪ ڪانهي، جيڪا ان جي ويران ۽ ڀڙڀانگ شڪل ۽ صورت ۾ ڪنهن مهل ڪا تبديلي آڻي، جيڪا اهو علائقو انسان نطرن اڳيان پيش ڪري ٿو. پهرين ٻن منزلن وٽ ٽنڊا يا سرايون آهن، جيڪي سندن بانين جي نالن سان مشهور اهن، جيڪي پنهنجي ملڪي ماڻهن جي احسانمنديءَ جا واقعي وڏا حقدار اهن، ۽ هنن جو خاص طور مٿن وڏو احسان هن ڳالهه جي ڪري آهي، جو هنن ڏاڍا اونها کوهه کڻائي ڇڏيا آهن، جتان اڃايل مسافر سخت گرم موسم ۾ به مزيدار ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو ڌڪ حاصل ڪري پنهنجي پياس ٻجهائي سگه ٿو. اسان جون آخري ٻه منزلون گهارو ۽ گجو نالي ٻن ڳوٺن وٽ هيون، جن مان پويون ڳوٺ هڪ اهڙي ننڍيءَ نهر تي آباد آهي، جيڪا سنڌو نديءَ سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ رستي تان سفر ڪندي اسان ڪيترين ئي نين جي وچان لنگهياسون: جهڙوڪ باڪران، گنگارا، گورلڪي، پيپل ۽ ڪواڪني، جن جو پيٽ پنجاهه کان وٺي سؤ گزن جي وچ تي هو ۽ ان وقت سڀ ئي خشڪ حالت ۾ هيون، حالانڪ اسان کي ٻڌايو ويو ته اهي برسات جي موسم ۾ به اهڙيءَ حالت ۾ هونديون آهن، جو منجهانئن آسانيءَ سان لنگهي پار وڃي سگهبو آهي. ڀنڀور جا ڦٽل نشان، جيڪو اڳئين زماني اندر واقع آهن ۽ انهن جي بيهڪ ويڪرائي ڦاڪ 24046 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 67050 اوڀر ۾ آهي ۽ اهو پيالي جي شڪل واريءَ وڏيءَ کڏ جي ڏاکڻين طرف بيٺل آهي، جنهن جي پاسن تي خوبصورت سائو گاهه پکڙيل آهي ۽ مٿان ڊگها ۽ ساون پنن سان جهنجهيل وڻ ڇٽي بنايو بيٺا اهن. انهيءَ دڙي جي اترئين پاسي ڪيترن ئي سردارن جون تربتون آهن، جيڪي سنڌ جي حڪومت لاءِ ٻن دعويدار ڌرين جي درميان جوٽيل هڪ جنگ ۾ شهيد ٿيا هئا، ڀنڀور کي هن وقت تائين عام طور برهمڻ آباد وارو تمام قديم زماني جو شهر سمجهيو پئي ويو آهي؛ پر هن صوبي جي انهن تاريخن ۾، جيڪي مون پڙهيون آهن، برهمڻ آباد جي جيڪا طبعي بيهڪ ٻڌائي ويئي آهي، تنهن مان مون کي هن ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو نظر نٿو اچي ته اها دعويٰ غلطيءَ تي مبني آهي. ٺٽي کان اٽڪل ٽي ميل پري ڪراچيءَ واري رخ ۾، مڪليءَ نالي هڪ ٽڪري آهي، جيڪا سڄي اهڙين مزارن سان ڀريل اهي، جيڪي انهيءَ شهر جي قديم سان و سوڪت ۽ دولتمنديءَ جا هاڻي باقي بچيل ثبوت آهن. آءٌ انهن مان هڪ اهڙي جو بيان ڪندس، جنهن وقت جي بيرحم ڪارستانيءَ جو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو آهي. اها تربت هڪ اهڙي ميدان ۾ ٺهيل هئي، جنهن جي چوڌاري هڪ اوچي ديوار ڏنل هئي ۽ ان جا پٿر ڏاڍي صفائيءَ سان چٽيل ۽ اُڪريل هئا، خود عمارت  اٽڪل پنجاسي فوٽ چورس هئي، جنهن جو قبو ستر فوٽ اوچو هو، ۽ ان کي ٻه اهڙيون بالڪنيون يا اهڙا ورانڊا ڍڪي بيٺا هئا، جيڪي ٿنڀن تي بيٺل هئا. سڄي عمارت ۽ ٻاهرين ديوار، ميٽائي رنگ جي پٿر جي ٺهيل هئي، ۽ اندرين طرف قبي جي بلڪل هيٺان ڪاري پٿر جو هڪ دڙو هو، جنهن تي انهن ماڻهن جا نالا اُڪريل هئا، جيڪي اتي دفن ٿيل هئا، ۽ انهن سڀني مان جيڪو ويجهي کان ويجهي زماني جو نالو اسان ڏسي ۽ پڙهي سگهياسون، سو ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ پراڻو هو. اميرن مان هڪ ڄڻي اتي ماڻهو موڪليا هئا، جيڪي قبي اندر ويندڙ رستي وارو پٿر جو دروازو کڻي ويا هئا، جيڪي ته اسان کي ٻڌايو ويو ته انهيءَ عمارت جي بنياد پوڻ سان سال اڪريل هو[4]. ٻيون بهڪي ئي قبرون ساڳئي قسم جي پٿر جون ٺهيل هيون، ۽ ڪن ٻين کي خبوصرت سائي، ڳاڙهي ۽ نيري رنگن جي ڪاشيءَ وارين سرن سان ڏاڍو سينگاريو ويو هو. پر انهن سڀني مقبرن ۾ اسان جيڪي به ڏسڻ لائق شيون ڏٺيون، تن سڀني کان دروازن جي پٿريلين چوڪٺن تي اُڪريل قرآن جي آيتن جي خوبصورتي گوءِ کڻي ويئي هئي. انهيءَ ٽڪريءَ جي ڏاکڻين طرف هڪ انتهائي حيرت انگيز کوهه آهي، جيڪو ساڳئيءَ طرح نهري پٿر مان ٽُڪي ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جي چوڌري سڄي گولائي ۾ هڪ ڪمرو پڻ ٺهيل آهي، جنهن تائين گول وڪڙ کائيدنڙ ڏاڪڻ جي ذريعي لهڻ سان هچي سگهجي ٿو. هن کوهه جي پاڻيءَ جو ذائقو تيز دوا جهڙو آهي، جيڪو ان کي عام استعمال جي مقصدن لاءِ ناموزون بنائي ٿو.

انهيءَ اوچائيءَ جي چوٽيءَ تان، جنهن ۾ اها کوٽائي ڪئي ويئي اهي. ٺٽو هڪ تمام وڏي ۽ ڳتيل شهر جو نظارو پيش ڪري ٿو. شهر جا گهر ميٽوڙي رنگ جا آهن ۽ ڊٺل ڀتين ۽ مسجدن جا ڍير، انهيءَ مفاصلي تان رهائشي جاين جو حصو نظر اچن ٿا. پر جيئن جيئن اوهان ويجها ايندا پيا، تيئن ئي  نظر اهو فريب ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻنهي پاسن کان ويران ۽ ڀڳل ٽٽل گهرن جي جاين وارين ڊگهين گهٽِن کان سواءِ ٻيو ڪجه به نظر نٿو اچي. رستي جي آخري ٻن ميلن ۾ اٽڪل ست يا اٺ فوٽ اوچي هڪ اهڙي پل ٺهيل هئي، جيڪا گذريل زماني ۾ شهر ۾ ٽڪريءَ جي درميان سنڌونديءَ ۾ پاڻي چڙهڻ واريءَ مند ۾ مواصلات کي ممڪن بنائڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي، جنهن جي دوران درياهه جو پاڻي مٿي چڙهي پنهنجن ڪنارن کان ٻاهر وهي ايندو هو ۽ سڄي ٺٽي شهر کي چوڌاري وڪوڙي بيهندو هو؛ پر گذريل چند سالن کان وٺي ائين ڪونه ٿيو آهي ۽ ان لاءِ جيڪي سبب ذميدار آهن، تن جي وضاحت آءٌ هن کان پوءِ اڳتي هلي ان وقت ڪندس، جڏهن آءٌ درياهه جو بيان شروع ڪندس، ۽ اهو پُل وارو پڪو رستو به هن وقت خود شهر وانگر تباهي ۽ برباديءَ جا ڏينهن ڏسي رهيو آهي.

16 ـــ جون تي صبح جو ستين بجي اسنا شهر جي رهاڪن جي وڏي ميڙاڪي جي وچ ۾ وڪوڙجي ٺٽي جي پسگردائي واري علائقي ۾ دخل ٿياسون ۽ مقامي ماڻهو اسان جي پويان گهٽين ۾ هلندا رهيا ۽ ساڻ ئي ساڻ وڏي آواز سان اسان جي مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون ڪندا ۽ صدائون هڻندا آيا ۽ نعرن ذريعي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا رهيا. شهر جي ڦٽل علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، ان جي رهائشي حصي تائين پهچڻ کان اڳ ۾ اسان کي ڪافي ڊگهو مفاصلو گهوڙن تي سواري ڪندي هلڻو پيو. دراصل اسان کي عزت ماب ڪمپني بهادر جي[5] فئڪٽريءَ وٽ پهچڻ تائين گهوڙن تي ئي هلڻو پيو، جتي اچڻ کان پوءِ اسان گهوڙن تان هيٺ لٿاسون ۽ پنهنجي رهائش اتي شروع ڪئي سون.

اميرن وٽان ايلچيءَ کي هڪ ٻيو خط ان وقت مليو، جڏهن اسان رستي ۾ هئاسون، جنهن ۾ کيس آگاهه ڪيو ويو هو ته انهن جي جَمپٽين يعني سرڪاري ٻيڙين مان هڪ، کيس ۽ سند اٽالي کي پاڻيءَ جي ذريعي حيدرآباد پهچائڻ لاءِ عنقريب رواني ڪئي پيئي وڃي ۽ هن کي ٿورن ئي ڏينهن اندر ان جي پهچڻ جي توقع رکڻ گهرجي. هن کان اڳ ۾ اسان پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته وفد جي ميمبرن کي هِتان کان پوءِ عليحده ٿيڻ ۽ ٻين مختلف رستن کان درٻار تائين پهچڻ لاءِ ڪو معقول بهانو بنائڻ گهرجي ته جيئن اهڙي متعصب حڪومت جي بادشاهيءَ هيٺ آيل ملڪ جي گهڻي کان گهڻي جاگرافيائي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري اسان جي انهيءَ شريفانه فعل کي بدقسمتي سمجهيو ويو؛ پر اهو اهڙو ته ان جي بلڪل اُبتڙ ثابت ٿيو، جو انهيءَ جي ڪري اسان جي رٿا مڪمل ٿي ويئي، جو شاهي ڪشتي اسان جي اڌواڌ وفد کي اُپرائڻ لاءِ به ناڪافي هئي. آخرڪار مسٽر ايلس، ڪئپٽن مئڪسفيلڊ ۽ مون کي وڏيءَ تڪليف سان ان تي سوار ڪيو ويو ۽ ايلچي ۽ باقي ٻيا آفيسر سندن ماڻهن ۽ سامان سوڌا خشڪيءَ واري رستي سان روانا ٿيا.

ٺٽي ۾ اسان جي قيام اسان کي ان جي ڪنڊ ڪرڇ ڏسڻ جي ڪافي فرصت ڏني ۽ اسان جي جماعت ۾ شامل شڪار جي شوقينن کي سهن ۽ ترن جي شڪار ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا ملي ويا. اسان پنهنجو واندو وقت فقط انهن تفريحن جي ذريعي گذاري پورو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار جي ڪن آفيسرن طرفان سرزد ٿيندڙ ڪن ڳالهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ايلچيءَ کي پنهنجي طرفان ڏاڍي سختيءَ ۽ خطابت جي پوريءَ قوت جو مظاهرو ڪرڻو پيو ۽ هنن جي انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ اسان جي وفد کي اوچتو ملڪ ڇڏي، ذري گهٽ هليو وڃڻو پيو هو. اسان جي ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان ڪو ٿورو ئي عرصو پوءِ، ولي محمد خان نالي اعليٰ مرتبي ۽ عهدي وارو هڪ وڏو نواب ڪنهن سرڪاري ڪم ڪار سان شهر آيو ۽ هن اُتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح سان ئي فوج جو هڪ وڏو رسالو موڪليو، جنهن اسان وٽ پهچندي ئي انهن سڀني سنڌين کي ٻڌي گرفتار ڪري ورتو، جن اسان وٽ نوڪري حاصل ڪئي هئي.

ايلچيءَ جي هدايتن ملڻ تي مسٽر ايلس هڪدم هن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو ۽ سندس انهيءَ غير دوستانه ۽ ناجائز قدم تي سخت لفظن ۾ احتجاج ڪيو. ٻنهي جي درميان خوب گرماگرميءَ سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه هلي، جنهن جي دوران ۾ خان مسٽر ايلس کان پڇيو ته اسان (انگريز) آهيون ڪير؟ ۽ ڇا، اسان پاڻ کي ملڪ جا مالڪ سمجهون ٿا؟ هن وڌيڪ چيو ته هو سنڌ جي رعايا سان جيئن به چاهيندو، تيئن هلت ڪندو: جيئن ته هو انهن کي چهبڪ هڻائيندو، سندن ڪن وڍائيندو، ۽ کين مارائي ڇڏيندو؛ ايترو نه، جيڪڏهن هو موزون سمجهندو ته ٺٽي شهر کي باهه ڏيئي ساڙائي به ڇڏيندو!

مسٽر ايلس طرفان خان جو ڌيان سندس انهيءَ ناجائز ۽ اجائي ڪاوڙ ڏانهن ڇڪائيندي چيو ويو ته جيڪڏهن ايلچيءَ کي معلوم هجي ها ته توهان کي سنڌين کي انگريزن جي نوڪريءَ ۾ رکڻ تي ڪو اعتراض هو ته پڪ ئي پڪ انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکيو وڃي ها؛ پر جيئن ته اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه سندس ڌيان تي نه آندي ويئي هئي، انڪري خان جي طرفان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي کنيل قدم کي جيڪڏهن انتهائي چڱيءَ نطر سان ڏٺو وڃي، تڏهن به اُهو هڪ غيردوستانه ۽ غيرشريفانه قدم هو.

ان کان پوءِ نواب مسٽر ايلس کان پڇيو ته ڇا، کيس انهيءَ طرح سان ڳالهائڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون هيون يا هو پننهجي ليکي جوانيءَ جي قدرتي مدهوشيءَ وچان ائين ڳالهائي رهيو هو. مسٽر ايلس ان تي کيس جواب ۾ چيو ته هو ايلچيءَ جي مرضيءَ سان وٽس انهيءَ مقصد لاءِ آيو هو ته جيڪي ڪجهه ٿي گذريو هو، تنهن جي خلاف احتجاج ڪيو وڃي؛ کيس پنهنجي ڳالهه جي اظهار جي طريقي بابت ڪي به مخصوص هدايتون نه ڏنيون ويون هيون، ڇاڪاڻ ته ان جو دارومدار سندس بيان جي خلاف پيش ٿيندڙ دليلن جي لب و لهجي تي رهندو؛ پر سندس راءِ موجب موجوده صورت ۾ حق ۽ سچ جي غلط ڳالهه کي امتياز ڪرڻ ۾ ڪنهن وڏي فهم ۽ فراست جي ضرورت ڪانه هئي.

ان کان پوءِ خاسن پنهنجن خطابن ۽ اختيارين جو ڊگهو شمار ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ زور ڏيندي چيائين ته کيس ڪابل جي بادشاهه سان وڏي اهميت وارن معاملن طئي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو ۽ هو انهن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي آيو هو، جن لاءِ کيس نامزد ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري هو انهيءَ خيال ڪرڻ ۾ پاڻ کي بلڪل حق بجانب سمجهي رهيو هو ته سندس شخصيت ۽ راين جو وڏو احترام ۽ عزت ڪرڻ گهرجي؛ ۽ مسٽر ايلس طرفان انهن جو پوريءَ طرح سان احساس نٿو ڪيو وڃي، تنهن جو سبب سندس خيال موجب هن جي جواني ۽ ناتجربيڪاري هئي.

مسٽر ايلس جواب ۾ چيو ته عقلمندي ۽ سياڻپ هروڀرو ڪو وڏيءَ عمر جي نتيجي ۾ حاصل ڪانه ٿيندي آهي ۽ خان جي طرفان سندس شان مان ۽ رتبي جي اپٽار، بحث هيٺ آيل ههڙي واضح ۽ صاف معاملي جي باري ۾ سندس راين يا فيصلن تي ڪنهن به طرح سان اثرانداز ٿي نٿي سگهي.

ان کان پوءِ خان ايلچيءَ طرفان سندس ملاقات لاءِ اچڻ جي باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ تجويز پيش ڪيائين ته کيس انگريزي وفد جي اچڻ جي آخري مقصدن کان واقف ڪيو وڃي ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي اهو اشارو به ڏنائين ته جيڪڏهن کيس صحيح طريقي سان اهڙي درخواست ڪئي ويندي ته هو شايد وفد جي فائدي ۾ پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ سربستي ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي.

انهن ڳالهين جي جواب ۾ مسٽر ايلس کيس آگاهه ڪيو ته انگريز ايلچيءَ طرفان ڪنهن به ماڻهوءَ جي سرپرستي حاصل ڪرڻ لاءِ، دراخواست ڪرڻ واسطي نئڙت ڪرڻ جو خيال ئي اجايو ۽ کل جهڙو هو. اهو خيال به اوترو ئي مضحڪه خيزهو ته هو خود اميرن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي وفد جي اچڻ جي اصلي مقصدن کان واقف ڪندو. ۽ جيستائين ملاقات جو سوال هو، ته انهيءَ سلسلي ۾ اهو خان جو فرض هو ته هو اڳ ۾ ايلچيءَ وٽ پاڻ حاضري ڀري. ان کان پوءِ اها ڪانفرنس ختم ٿي ۽ مسٽر ايلس فئڪٽريءَ ڏانهن موٽي آيو.

جيئن ته اُنهن سنڌين کي غيرمشروط طور آزاد ڪيو ويو، جن کي اسان جي نوڪريءَ ۾ شامل ٿيڻ ڪري قيد ڪيو ويو هو، ان ڪري ايلچي ولي محمد خان جي رسمي ملاقات قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو، ۽ هن ٻئي ڏينهن تي ساڻس جوابي ملاقات ڪئي. انهن ٻنهي ملاقاتن ۾ تحريري خطابت جي انهيءَ طرز متعلق ڪافي ڊگهيون ڳالهيون ٿيون، جيڪو اميرن جي متعلق مستقل مزاجيءَ سان رخ اختيار ڪيو ويو هو، پر ان جو بيان ڪرڻ انهن ئي ڳالهين کي، جن جا تفصيل مون اڳيئي پيش ڪيا اهن، اهرو اجايو دهرائڻ ٿيندو، جو هن ڳالهه کان ڪجهه به وڌيڪ چوڻ غيرضروري ٿيندو ته وفد جي طرفان ٿوري به رعايت ڏيڻ کان سواءِ ڪانفرنس ختم ٿي ويئي ۽ ولي محمد خان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٺٽي کان روانو ٿي ويو ۽ ويندي وقت هن ايلچيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي شخصي دوستيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ برٽش حڪومت جي عام مفادن لاءِ پنهنجي طرفان نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. اسان کي سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جو اٽالو ۽ ڏيک ويک اهڙي شان و شوڪت وارو نظر ڪونه آيو، جهڙو هن نواب جو هو. جڏهن هو فئڪٽريءَ ۾ آيو، تڏهن ساڻس ڪيئي سردار ساڻ آيا ۽ هن سان انتهائي وڏي تعظيم ۽ ادب سان پيش اچي رهيا هئا. هن کي هڪ ڏاڍي نفيس قسم جي اڇي ڪپڙي جي قميص، پهريل هئي، چيلهه جي چوڌاري اعليٰ ترين قسم جي قيمتي[6] لونگي ڪمرپٽِ وانگر ويڙهيل هئي ۽ هڪ ٻي وڌيڪ نفيس ۽ سنهي ڪپڙي جي لونگيءَ جي مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو. هن جي ترار سندس هڪ خدمتگار جي هٿ ۾ جهليل هئي، جيڪا هن انهيءَ مهل سندس هٿ ۾ ڏني، جڏهن هڳو ڪمري جي اندر داخل ٿيو. هن جي هلت چلت ڏاڍي شانائتي ۽ دل کي وڻندڙ هئي؛ هن جو بدن ڊگهو ۽ ڊولائتو هو ۽ ذهن تي انهيءَ عهدي جو اثر قائم ڪرڻ لاءِ نهايت موزون هو، جنهن تي هو فائز هو. اسان کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته هن جو قبيلو لغاري بلوچن جو هو، جيڪو گورچاڻي قبيلي جي هڪ شاخ آهي، جيڪو ڪڇ گنڊاوا جي اترئين طرف وارين ٽڪرين تي آباد آهي ۽ رند ٻروڳچن جي وڏي طبقي سان وابسته آهي. ايلچيءَ طرفان هن سان جيڪا ملاقات ڪئي ويئي، تنهن ۾ اسان جي اٽالي جي سڀني ماڻهن جي، جن جو تعداد ٻن سوَن کان مٿڀرو هو، مٺاين، شربتن، ۽ گلاب جي عرق سان خاطر تواضح ڪئي ويئي ۽ حقيقت اها آهي ته انهيءَ ۾ هرهڪ تفصيل کي شاهاڻي طريقي سان پورو ڪيو ويو‏.

مون هڪ هنڌ تي هن کان اڳي بيان ڪيو آهي ته ٺٽو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو ۽ ان جو اهو امتياز ان وقت تائين قائم رهيو، جيستائين موجوده حڪمرانن حيدرآباد وارو قلعو تعمير ڪرايو ۽ پنهنجي درٻار کي اوڏانهن منتقل ڪيو، جنهن کان پوءِ ان جي آبادي ايتري تيزيءَ سان گهٽجي ويئي آهي، جو انهيءَ سهر جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو هن وقت غيرآباد ٿي ويو آهي. بهرحال، اڃا به اهو هڪ ڪافي وڏو شهر آهي، ۽ حساب ڪجي ته ان جو گهيرو ذري گهٽ ڇهن ميلن ۾ آهي، جنهن ۾ ان جا ڦٽل حصا شامل ناهن، جيڪي ٻنهي طرفن ڏانهن ڊگهي مفاصلي تائين ڦهليل آهن.

مون هن ڳالهه جي سراغ ڳولي ڪڍڻ ۾ اجايا ٽڪر هنيا آهن ته هن شهر جو بنياد ڪنهن وڌو، ڇو جو ان جو انتهائي اوائلي ذڪر جيڪو مون ڏنو آهي، سو سن 92 [7] هجري ۾ اهي، جڏهن اهو قلعي بند شهر هو ۽ ان بغداد جي خليفن جي فوج جي خلاف ٿورو گهڻو مقابلو ڪيو هو. جنهن سرزمين تي اهو شهر تعمير ٿيڪل آهي، تنهن کي عام طرح سان يونانين جي شهر[8] ”پٽالا“ واير سرزمين سان شناخت ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويندي آهي. پر سنڌ جي ڏاکڻين علائقي وارن ضلعن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي يادگيريءَ جي دوران ۾ ئي ايتري ته حيرت انگيز حد تائين تبديليون اچي ويون آهن، جو اهڙن سڀني نتيجن جو بنياد لازمي طو رمض اندازن تي ئي رکيل ٿئي ٿو. جڏهن سنڌ جي مقامي شهزادن عربن جي طوق مان پنهنجي گردن آزاد ڪرائي آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انهن پنهنجي گادي ٺٽي ۾ قائم ڪئي ۽ اهو شهر جلد ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ انهيءَ سڄي وڻج ۽ واپار جو مرڪز ٿي پيو، جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو، جيڪو ان جي اترئين ۽ الهندي طرفن ۾ هلندو هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير، ۽ دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي شاندار بنائڻ ۾ پئسي ۽ محنت جي خرچ ڪرڻ ۾ ڪوب بخل نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي هنن سنڌونديءَ مان، جيڪا انهيءَ شهر جي اُڀرندي ۽ چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي، واهن کوٽائڻ جي ذريعي، جن جي رستي ٻيڙين ذريعي دوردراز علائقن کان مال آندو ۽ واپارين جي دروازن وٽ  مهيا ڪيو ويندو هو، تجارتي طبقي کي سهولت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ اوترائي آماده هوندا هئا. انهن بادشاهن طرفان شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ جيڪي به اڏاوتون ڪرايون ويون، تن جا سڀئي نشان هن وقت پوري طرح ڊهي ويا آهن ۽ انهن جي ٺهرايل هڪ ئي نهر، جيڪا هن وقت تائين باقي رهيل آهي، سا سڄي گاهه ۽ ڪانن وغيره سان ايتريقدر ته ڀرجي ويئي اهي، جو ان کان عام رواجي ناليءَ کان بهتر ٻئي ڪنهن به لفظ سان سڏي نٿو سگهجي.

منهنجي راءِ ۾ هن شهر جي دولت ۽ شان و شوڪت ۾ انهيءَ دؤر کان وٺي درجي بدرجي تنزل آيو آهي، جڏهن کان سنڌ هندستان جي سلطنت جو هڪ باجگذار ۽ ماتحت صوبو بنيو؛ پر اها ڳالهه، فقط سنڌ جي قديم دولت ۽ طاقت سان مشابهت ڪرڻ سان ئي سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته چيو وڃي ٿو ته اهڙي ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ به، جڏهن نادرشاهه[9] دهليءَ کان واپس ورندي ٺٽي ۾ آيو هو، تڏهن انهيءَ شهر ۾ لونگين ۽ گربين آڻڻ وارن چاليهه هزار ڪورين، صرافن، ناڻي جي مٽاسٽا ڪندڙن، دڪاندارن ۽ اناج جي واپارين کان علاوه، جن جي تعداد جو اندازو سٺ هزارن تائين آهي، هر قسم جا ڪيئي ٻيا ڪاريگر پڻ رهندا هئا، جن جو شمار پنهنجي ليکي ويهه هزار ڪيو وڃي ٿو[10]. حالانڪ موجوده وقت ۾ ان جي آدمشماريءَ جو حد کان باهر وڌايل انگ به ويهه هزار مس ٿئي ٿو ۽ ان مان حڪومت کي ملندڙ ساليانه آمدني هڪ لک رپين (12500 پائونڊ اسٽرلنگ) کان به گهٽ آهي، جيڪا منهنجي طرفان مٿي ذڪر ڪيل دؤر ۾ هڪ مهيني جي جمع بنديءَ کان به گهٽ آهي[11].

ٺٽي ۾ هن وقت جيڪي شيون ٺاهيون وڃن ٿيون، سي فقط ڪجهه قسم جا اڇا ڪپڙا ۽ رنگين لونگيون آهن؛ ۽ اتان جون گهٽيون سنسان ۽ ويران پئيون آهن، ۽ جيڪي ٿورا گهڻا دڪان کليل آهن، سي جيڪو ڏتڙيل نظارو پيش ڪن ٿا، تنهن جي نتيجي ۾ دڪان جي نالي سان سڏجڻ جي لائق ئي ڪينهن ۽ سڄي بازار مفلسيءَ، ڪِريل ۽ گهٽيل واپار جي تصوير آهي. هتان جا گهر هڪ اهڙيءَ رٿا تي ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن جهڙي مون ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه ڏٺي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جون ديواريون پوريون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪاٺين جا ننڍا ٽڪرا هڪٻئي جي مٿان مانڌاڻيءَ وانگر ڪاٺ جي ننڍي چوڪٺ جي ٻاهرين ڪُنڊن وٽان ٽپائي ڪوڪن سان ٺوڪيا وڃن ٿا؛ ڪاٺين جون اهي ٽڪريون گهڻو ڪري اَٺن کان سورهن انچن تائين ڊگهيون هونديون ۽ هڪٻئي جي ڪنڊو ڪنڊ اهڙيءَ طرح رکيون وڃن ٿيون، جو انهن مان ٻنهي طرفن کان ڏاڍو مضبوط بوتو ٺهي پوي ٿو، جنهن جي مٿان وري گاري يا چن جو پلستر ڪيو وڃي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ديوار بلڪل نهري معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ اصول تي تعمير ٿيل ڪي عمارتون ٽي ـــ ٽي يا چار ـــ چار ماڙيو مٿي آهن ۽ انهن جي مٿان وزندار سڌيون ڇتيون پيل آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي ڏاڍيون مضبوط آهن؛ پر مون کي هن ڳالهه ۾ شڪ آهي ته اهي ڪي گهڻو جٽاءُ ڪري سگهنديون، ڇاڪاڻ ته جيئن ئي اندرين ڪاٺين مان ٻه ـــ ٽي کاڄي ڪمزور ٿي پونديون هونديون، تيئن ئي سڄي جاءِ ضرور ڪِري پوندي هوندي. ڪيترائي بهتر قسم جا گهر ڪاٺ جي مَڏ مٿان سرن ۽ گچ سان پڻ ٺهيل آهن؛ ۽ گورنر جي محل کان وٺي غريب کان غريب ماڻهوءَ جي جاءِ تائين، سڀني گهرن کي بادگير ضرور آهن، جيڪي چمنين وانگر هڪ طرح جا روشندان آهن، جن جي وچان انتهائي گرم ۽ ٻوسٽ واريءَ موسم ۾ به نهايت ٿڌي ۽ خوشگوار هير ايندي رهندي آهي؛ اهڙي وقت تي دستور موجب سڄي جاءِ جا در ۽ دريون بند ڪي ويندا آهن ته جيئن ٻاهرين مٽي ۽ گرم هوا اندر داخل ٿي نه سگهن. ٺٽي جي حڪومت انهيءَ ماڻهوءَ کي ’نواب‘ جي سرڪاري لقب سان نوازيندي آهي، جيڪو ان جو انتظام هلائيندو آهي ۽ سن 1809ع ۾ اهو ماڻهو اميرن جو هڪ سؤٽ هو؛ پر انهيءَ عملدار جو عهدو مڪمل طور بي اختيار آهي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي ۾ هڪ ته ڪا مستقل فوج بيهاريل ڪانهي ۽ پوءِ ته اتان جا محصول وغيره هڪ مقامي هندوءَ جي هٿ ۾ رهن ٿا، جيڪو انهن کي جمع ڪرڻ لاءِ پنهنجا قاعدا ۽ قانون پاڻ ٺاهيندو آهي. هن شهر جي ڊگهائي ڦاڪ اتر ۾ 24044 ۽ ويڪرائي ڦاڪ اوڀر ۾ 68017 آهي ۽ اهي ٻيئي پاڪون ڪئپٽن مئڪسفيلڊ طرفان مختلف موقعن تي ڪيل حساب جي بنياد تي مقرر ڪيل آهن. هن شهر جي آسپاس اڪثر علائقو، مڪليءَ جي ٽڪرين کان علاوه، جن تي منهنجي طرفان مٿي بيان ڪيل مقبرا بيٺل آهن، ۽ جن جو سلسلو ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري کان ڪي پندرهن يا ويهه ميل اورتي تائين ڦهليل آهي. لسو ۽ سنئون ميدان آهي. اهي ٽڪريون خواه آسپاس وارو ميدان گهاٽي جهنگ سان ڍڪيل آهن، جن ۾ وڏو تعداد آمريءَ جي وڻن ۽ هڪ قسم جي ٿوهر جو آهي.

انهيءَ وقت تائين برساتون ڏاڍي زورشور سان شروع ٿي ويون هيون ۽ ايڏو ته وڏ ڦڙو مينهن پوڻ لڳو، جو سڀ گهٽيون نهرن وانگر وهڻ لڳيون، جنهن صورتحال اسان جي روزانو صبح ۽ شام جو گهوڙيسواري ڪرڻ جي سلسلي کي بند ڪري رکيو. انهيءَ بارش کان اڳ ۾ گرمي ڏاڍي زوردار پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته فئڪٽريءَ جي ٿڌي کان ٿڌي ڪمري ۾ ٿرماميٽر چوويهه ئي ڪلاڪ 94 ڊگرين کان وٺي 102 ڊگرين جي وچ ۾ رهيو، پر جولاءِ مهيني جي وچ ڌاري موسم ۾ گهڻي قدر ٿڌڪار اچي ويئي، ۽ اسان کي اتر کان بار بار ايندڙ زوردار هوائن لڳڻ تي ڏاڍو اچرج ٿيڻ لڳو، جن مان هڪ اهڙي طوفان اسان جي جهازن کي ڪراچي بندر جي رڪاوٽ کان ٻاهر نڪري وڃڻ ۽ تيز رفتاريءَ سان بمبئيءَ تائين پهچي وڃڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. ساڳئي مهيني جي پوئين اڌ ڌاري، اسان جو وفد ٺٽو ڇڏي حيدرآباد طرف روانو ٿي ويو، جتي ڪئپٽن مئڪسفيلڊ، مسٽر ايلس ۽ آءٌ پاڻيءَ جي رستي کان، ايلچيءَ ۽ سندس عملي کان ڪيئي ڏينهن اڳ ۾ پهچي وياسون، ڇو ته انهيءَ جماعت کي رستي تان ايندي، ايلچيءَ جي طبيعت جي سخت خراب ٿي پوڻ ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين روڪجي رهڻو پيو.


[1] . کورعلي، يعني عليءَ جو بندر بحواله باب 12، ڀاڱو 2،

[2] . برابر 12375 پائونڊ اسٽرلنگ.

[3] . اٽجڪل 52375 پائونڊ اسٽرلنگ.

[4] . اها عمارت ميرزا عيسيٰ ترخان طرفان تعمير ڪرائي ويئي هئي. ڏسو باب 12.

[5] . عزت ماب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان وٺي هڪ تجارتي رهائشگاهه هئي.

[6] . لونگيون اهي ڪپڙا آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڪمرپٽن، پٽڪن وغيره لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. ڪي سڄيون ريشمي هونديون آهن، ته ڪي ريشم ۽ سٽ، ٻنهي مان گڏي ٺاهيو وينديون آهن؛ انهن مان گهڻيون انتهائي قيمتي ۽ مهانگيون هونديون آهن ۽ منجهن زريءَ جي ڌاڳي سان تمام گهڻا گل ۽ ٻوٽا اُڻيل هوندا آهن.

[7] . سن 677ع.

[8] . ڏسو باب 12، حصو 2.

[9] . اهو واقعو سنه 1742ع جو آهي.

[10] . جيئن ته اهو انگ مقامي ماڻهن طرفان ڪٿيل آهي، ان ڪري ان ۾ وڌاءَ جي گنجائش ”“شايد“ رکڻي پوي. آءٌ ”شايد“ چئي رهيو آهيان، ڇو ته اسان وٽ انهيءَ شهر جي گوناگون آباديءَ متعلق ڪئپٽن هئملٽن جي شهادت موجود آهي، جيڪو سنه 1699 ع ۾ ٺٽي ۾ آيو هو. مون کي هن جي سفرنامي جو نسخو دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري آءٌ ان جي جلد يا صفحي جو حوالو  ڏيئي نٿو سگهان؛ پر هڪ دوست طرفان مون کي انهيءَ ڪتاب جا جيڪي چند اقتباس موڪلي اويا اهن، تن ۾ هو چوي ٿو ته هتان جي قلعي ۾ ايتري گنجائش هئڻ، جو ان ۾ پنجاهه هزار سپاهي ۽ گهوڙا رهي سگهن؛ ۽ هڪٻئي هنڌ هو چوي ٿو ته برسات نه وسڻ جي نتيجي ۾ اتي هڪ خوفناڪ ويا ڦهلجي ويئي هئي، جنهن ۾ اُنهن ماڻهن منجهان اَسي هزار ڄڻا اجل جو سڪار ٿيا هئا، جيڪي ڪپهه ۽ ريشم مان ڪپڙو ٺاهيندا هئا؛ يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اهو تعداد انهن ماڻهن جو هو، جيڪي لونگيون ۽ گربيون ٺاهيندا هئا، ڇاڪاڻ ته جيئن  مون بار بار انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي، لونوگيون انهن ٻنهي شين کي ملائي يا فقط اڪيلي ريشم مان ٺاهيون وينديون آهن.

[11] . نادرشاهه جي باري ۾ هڪ عجيب و غريب روايت ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن مان سنڌ جي قدرتي وسيلن بابت ثبوت ملي ٿو ۽ ٺٽي جي انهيءَ زماني واري خوشحالي ۽ آسودگيءَ بابت مون جيڪي ڪجهه بيان ڪيو آهي، تنهن جو مثال ملي ٿو. جڏهن اهو بادشاهه انهيءَ شهر ۾ وارد ٿيو، تڏهن هن صوبي جي گورنر مير نور محمد کي پاڻ وٽ ڪوٺايو. جڏهن هو سندس حضور ۾  حاضر ٿيو، تڏهن پنهنجي ڳچيءَ ۾ پَٽڪو وجهي ۽ وات ۾ گاهه جي مُٺ رکي آيو، جيڪي سڀ نيازمنديءَ جون دستوري علامتون هيون ۽ جيڪي فاتح کي گهربيون هيون. جڏهن هو تخت جي اڳيان سجده ريز ٿيو، تڏهن نادر هن کي وڏي آواز ۾ مخاطب ڪندي پڇيو ته ڇا، تو وٽ سون سان ڀريل کوهه آهي؟ گورنر ادب سان چيو ته ”هڪ نه، ٻه!“ ان کان پوءِ نادر هن کان پڇيو ته ڇا، هن وٽ سنڌ جي اميرن وارو مشهور لعل هو؟ مير نور محمد وري به هن کي ساڳيو جواب ڏنو. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجو رومال مٿي اڇلايو ۽ اها خواهش ظاهر ڪيائين ته مير  کي ان ۾ چِتائي ڏسڻ سان ڇا ٿو نظر اچي؟ هن جواب ۾ چيو ته هٿيارن ۽ فوجن کان سواءِ ٻيو ڪجه به نه؛ ۽ اهي ئي خيال يقيناً هن جي دماغ ۾ سڀني کان مٿي تَري رهيا هئا. پوءِ نادر حڪم ڪيو ”پنهنجو سون ۽ يا قوت پيش ڪر!“ ان تي گورنر هڪ تمام وڏي ٽوڪري  آڻڻ جو حڪم ڪيو، جنهن ۾ جدا جدا خانا ٺهيل هئا، جيڪا اَنّ ۽ اَٽي رکڻ لاءِ ڪم آندا ويندا هئا، ۽ هن انهن کي اڳيئي ڀري پنهنجي ساڄي هٿ طرف رکي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ هن حڪم ڏنو ته سندس ڏائي هٿ واري پاسي تي صاف ٿيل سچي گيهه جي کَلي رکي وڃي؛ جنهن کان پوءِ هن شاهه کي چيو ”آءٌ زمين کيڙڻ وارو آبادگار آهيان، ۽ منهنجو سون ۽ هيرا جواهر اجهي هي آهن، جيڪي پهچائڻ ۾ آءٌ ڪڏهن ڪوتاهي ڪانه ڪندس.“ بادشاهه هن جا اهي صاف جواب ٻڌي هن جي سڄي لشڪر ۽ ٻئياٽالي (500،000 کان وڌيڪ ماڻهن کي سورهن ڏينهن تائين نهايت شاهاڻي انداز ۾ دعوت کارائي ۽ انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شيءِ جي قلت جي علامت ظاهر نه ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: