سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :4

هن نهر تي جي نار آهي سي ساڳئي اصول تي ٺهيل آهن، جنهن تي بلوچستان جا ٻيا نار ٺهيل آهن. اهي نهر جي ڪنڌيءَ هيٺان ٺهيل هوندا آهن، جتي لاهي نه هوندي آهي، ته اتي کوٽي هٿرادو سلامي ٺاهيندا آهن؛ چرخي سڌي هوندي آهي، ان کي پاڻيءَ جي بار موافق هيٺ مٿي ڪرڻ سان تکو يا ڍلو ڪري سگهبو آهي. هي احتياط تمام ضروري اهي، ڇاڪاڻ ته نهرون اڪثر برسات يا برف جي پکڙجڻ ڪري ڦوڪجي وهنديون آهن، ان وقت چرخيءَ کي پاڻيءَ جي سطح تائين مٿي ڪرڻو پوندو آهي، جي ائين نه ڪبو ته نار تمام تکو وهندو. ڪن نارن کي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٻه نيسرون هونديون آهن، پر پاڻيءَ کي قبضي ۾ رکڻ جو عام طريقو مٿيون اهي. قلات جي ماٿريءَ جا گهڻا باغ هاڻوڪي سردار جي پيءُ رکايا هئا، اهي اڃا اهڙا تيار نه ٿيا آهن، جهڙا ٿيڻ کپن. انهن باغن ۾ مڪاني ميوو جام ٿيندو آهي، پر منهنجي رٿ موب هن موضوع جي جاءِ ٻئي هنڌ آهي، تنهنڪري مان ان تي وڌيڪ بحث ائيندي لاءِ مهمل ڪيان ٿو.

قلات ۾ چئن ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا: هڪڙا بلوچي يا بروهي، ٻيا هندو، ٽيان افغان ۽ چوٿان ديهوار. اهي ذاتيون ۽ خاص ڪري پهرينءَ ذات جا ماڻهو ڪهڙين قومن ۾ ورهايل آهن سو هڪ ڊگهو قصو آهي، تنهن تي مان اڳتي هلي وڌيڪ روشني وجهندس.

فصل (4)

بلوچستان جي آباديءَ جو وڏو حصو بلڪ سموري آبادي بلوچ آهن. انهن ماڻهن جو اصل نسل تاربڪ آهي. ٻين اڻسڌريل قومن وانگي هنن جي تاريخ به عجيب قصن، ڪهاڻين ۽ اهڙين ڏند ڪٿائن سان منجهيل آهي جو انهن مان اهو پتو ئي نٿو پوي ته ڪٿي ٿيون پوريون ٿين ۽ تاريخ ڪٿان ٿي شروع ٿئي- هنن جون ٻه مکيه ذاتيون آهن جي بلوچ ۽ بروهي جي نالن سان سڏبيون آهن. اهي وري بي انداز پاڙن ۾ ورهايل آهن، جن جا نالا اهڙن خسيس ڳالهين جي بنياد تي ٻڌل آهن جو انهن جي حقيقت ڏيڻ ئي مشڪل آهي. هو پاڻ کي اڪثر قومي سردار، ضلعي يا ملڪ ۽ نسل جي روايتي نصب جي نالي پٺيان سڏائيندا آهن. انهن ٻن وڏين شاخن جي وچ ۾ مون کي جيڪي اختلاف نظر آيا سي زبان ۽ شڪل جا آهن. لاسڪ اهي اختلاف ساڳي چمڙيءَ ۽ ساڳئي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ نهايت پر معنيٰ آهن. بلوچي يا بلوچڪي زبان جو محاورو گهڻي قدر جديد فارسيءَ جهڙو آهي. ان جا گهٽ ۾ گهٽ اڌ لفظ فارسيءَ جا آهن، جن عجيب نمونن جون بگڙيل صورتون اختيار ڪيون اهن. پر انهن جو آواز ايترو ته هڪٻئي سان ملي ٿو اچي جو مان پنهنجي فارسيءَ جي علم جي زور تي بلوچڪيءَ جو هرهڪ جملو سمجهي سگهيس ٿي. بروهڪي آواز، اُچارن ۾ اهڙو ته مختلف آهي جو مون کي ان جي هڪ به عبارت فارسي محاوري جهڙي معلوم نه ٿي. ان ۾ گهڻي قدر پراڻا هندوي لفظ آهن، جنهن جو ڪارڻ انهيءَ قوم جي تاريخي احوال ۾ ڏنو ويندو. اها زبان[1] ڪن کي پنجابي زبان جهڙي لڳندي آهي، جا هندستان جي ان علائقي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، جنهن کي پنجاب چوندا آهن.

انهن ٻن قومن جي ماڻهن جي شڪلين جو خاڪو به اهڙو ئي متضاد آهي، جهڙي سندن زبان، بشرطيڪ هو پشت بپشت ساڳئي نسل جا هجن. پر هنن ۾ ڪثرت سان هڪٻئي ۾ باهمي شاديون ٿينديون آهن، جنهنڪري هنن جون خصوصيتون هڪٻئي سان اهڙيون ملي ويون آهن جو اهي هاڻي ڪيترن خاندانن بلڪ سڄن پاڙن مان گم ٿي ويون آهن. انهن جي ميلاپ مان هڪ ٽيون طبقو پيدا ٿيو آهي، جو جيتوڻيڪ هڪ نه ٻيءَ قوم ۾ شامل آهي، پر پنهنجن وڏن سان ڪن معمولي ڳالهين ۾ اختلاف رکي ٿو. مان اڳي ئي چئي آيو آهيان ۽ هت وڌيڪ چٽائيءَ سان بيان مناسب ڄاڻان ٿو ته جملي گڏيل آباديءَ کي بلوچ سڏيو ويندو آهي. پر بلوچ ۽ بروهي مختلف قومون آهن، تنهنڪري مان اڳتي انهن جو فرق رکندو ايندس.

هن منجهيل مسئلي ۾ مون کي باريڪ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو آهت ته اصل بلوچ قوم جون ٽي مکيه شاخون آهن جي نهروئي، رندن ۽ مگسين جي نالي سان سڏبيون آهن. نهروئي اڪثر بلوچستان جي ان حصي ۾ رهندا آهن، جو ريگستان جي اولهه طرف آهي ۽ انهن جون ڪي خيلون نوشڪيءَ، جو قلات جي اتر- اولهه ۾ هڪ ڳوٺ آهي ۽ سيستان ۾ آهن. ٻيون ٻه قومون يعني رند ۽مگسي ڪڇ گندوا ۾ رهن ٿيون، جو اوڀر طرف جبل جي تري ۾ هڪ هيٺانهون علائقو آهي. هو انهيءَ زرخيز پٽ ۾ مختلف وقتن تي مڪران مان لڏي اچي ويٺا آهن ۽ جپسين يا ملڪ جي آبادگارن سان ملي قلات جي خان جي رعيت ٿي ويا آهن. انهن مان ڪي ڪڇ گندوا جي اتر- اوڀر ٽڪرين ۾ قلاتجي اُتر ريگستان جي وٽ سان رهن ٿا.[2]

نهروي قوم جا اٺ- ڏهه پاڙا آهن ۽ رندن ۽ مگسين جا انهن کان ٻيڻا يا زيادهه ٿيندا. مان ٽنهي قومن جي پاڙن ۽ سندن سردارن جي نالن جون يادداشتون جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيون آهن، هت ڏيان ٿو. هڪ- هڪ پاڙي مان ڪيترا سپاهي ڀرتي ٿي سگهن ٿا، سي به مون ڏيکاريا آهن، جيتوڻيڪ منهنجي خيال پٽاندر انهن ۾ وڌاءُ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

نهروئي بلوچن جا پاڙا

نالو            تعداد          سردار

1. رخشاڻي        700           محراب خان

2. ساجدي         450           ميرشاهه سوار

3. خاسوگي        150

4. ڪرد يا شهيدي        4500          الفت خان

5. مينگهه يا مند 300           شهسوارخان

6. اربابي          6000         شاهه محراب خان

7. ملڪاهه        250           عيسيٰ خان

قوم جي سردار پهرئين پاڙي يعني رخشاڻين جي پاڙي مان آهي. تنهنڪري سموري قوم اڪثر ان جي پاڙي پٺيان سڏبي اهي. پر محراب خان جو اثر نالي ماتر آهي.

رند بلوچن جا پاڙا

  نالو             تعداد        سردار

1. رنداڻي          8000         سردارخان

2. غلام بوبڪ    700

3. پوگهه           300           ميرصاحب

4. جلباڻي         800

5. ديناري          700           فيض الله خان

6. پوزهي          600

7. ڪلوئي         700

8. جتوئي          75

9. ڊومبڪي

10. بليدي         900           مير سيف الدين

11. دوئانڪي      80

12. خاراڻي        1000          مير عباس

13. عمراڻي        4000         ثابت خان

14. کوسا          150            شمشيرخان

15. چانگ         100           ميربهادر

16. نوشيرواڻي     700           سڪندرخان

17. بگٽي

18. مري

19. گرچاڻي        3000         فتح خان

20. مزاري         2500

21. دريشڪ      500

22. لغاري         5000          جمال خان

23. لورد           1000          محمد خان

24. چاچري       1500

25. مائوندستري  5100          لشڪر خان

مگسي بلوچن جا پاڙا

نالو         تعداد      سردار

1. مگسي 8000         جعفرخان

2. ابڙا     3000         قائم خان

3. لاشاري         20،000               غلام محمد خان

4. ماٽيهي 1000          علي محمد

5. بردي   200           جلال خان

6. انڙ                      درياخان

7. ناري    500

8. جتڪي 4000

9. قلندراڻي        700           نورخان

10. موساڻي       1000          ڪريم خان

11. ڪڪراڻي

12. جکراڻي

13. عيسباڻي

14. جاگراڻي

15. جلاڻي

16. تربندزئي

رند بلوچن جا پويان نوَ پاڙا اهي آهن جي ڪڇ گنداوا جي اوڀر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ رهن ٿا. رندن ۽ مگسين جا شايد ڪي ٻيا ڀاڙا به آهن، جن جو ذڪر مان سنڌ جي صوبي جي احوال ۾ ڪندس.

نهروئي اڪثر هڪ قداور سهڻن ۽ چست ماڻهن جي قوم آهي. هنن کي گهڻي جسماني طاقت نه هوندي آهي، پر هو هوا ۽ موسم جي تبديلين تي هريل آهن ۽ هرقسم جو ڏک ڏاکڙو برداشت ڪري سگهندا آهن. هو موت جي پرواهه نه ڪندا آهن. چون ٿا ته هو لڙائيءَ ۾ ڏاڍيءَ دليريءَ سان وڙهندا آهن. هنن کي هڪ رهبر جي ضرورت هوندي آهي جو کين رستو ڏيکاري ته هنن جي بيباڪ بهادري ظاهر ٿئي. هو خانگي چوريءَ کي بيعزتو ۽ بيماو ڪم ڪري سمجهندا آهن. ساڳئي وقت هو هڪ ملڪ کي ڦري برباد ڪرڻ سندن ذاتي خيالن موجب ان کي نهايت تحسين جوڳو ڪارنامو ڪري ليکيندا آهن. انهن جذبن جي غلبي ۾ هو فخر سان ٻڌائيندا آهن ته اسان اهڙن موقعن تي هيءَ مدد ڪئي، هيترا مرد، زالون ۽ ٻار قيد ڪيا، کڻي آياسين يا مارياسين، هيترا ڳوٺ ڦريا ۽ ساڙياسين ۽ هيترا ڌڻ مال جي ڪاهي نه سگهياسين سي ساڙياسين.

مذهب ۾ مشرب جي طرف چند ماڻهن کان سواءِ ٻيا سڀ سُني مسلمان آهن ۽ شيعن[3] لاءِ سخت نفرت ۽ ڌڪار اٿن. شيعن لاءِ بلوچستان ڪرستانن کان به وڌيڪ جو کائتو آهي.

بلوچن جي مهماننوازي مشهور آهي، ۽ مان ملڪ جي هر حصي ۾ مهمان نوازي ڏٺي، هو چوري هڪ ذليل پيشو سمجهندا آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن کي گهرڻ تي يا پاڻمرادو پناهه ڏيندا يا پناهه جو وعدو ڪندا آهن ته هو مري ساهه ڏيندا، پر وعدي جي بيوفائي نه ڪندا. هو پنهنجي سردارن جي سرجوشيءَ ۽ خوشيءَ سان اطاعت ڪندا آهن، پر مون ڏٺو ته هنن کي يقين آهي ته سرڪار جي حڪم جي پيروي ڪرڻ چڱو ڪم آهي. تنهن کان سواءِ هنن کي قوم جي عزت ۽ تعظيم تي آهي، مون ڪيترا دفعا ڏٺو ته هو سردارن جي اکين اڳيان بلڪل آزاديءَ ۽ بيپرواهيءَ سان پئي هليا. بلوچن جون گهرو رسمون ۽ رواج خانه بدوش ماڻهن جهڙا آهن. هو اڪثر گهيڏڻن يا رنوٽين ۾ رهندا آهن جي گز يا لئيءَ جي ٽارن مان ڄاهيندا آهن، ۽ مٿان ڪاري ڏاس يا اُنّ جو ڪنبل چاڙهي ڇڏيندا اٿس. انهن گهيڏڻن جي ميڙ کي تومن يا ڳوٺ چئبو آهي، ۽ انهن جي رهاڪن کي خيل يا پاڙو. ظاهر آهي ته هڪ قوم ۾ بي انداز پاڙا ٿي سگهن ٿا. مون کي ذاتي خبر آهي ته اٽڪل اٺ درجن قومن ۾ ويهن- ٽيهن کان به وڌيڪ پاڙا اهن، خيل جي اڳيان ڪو القابي لفظ ڏئي پاڙي کي امتياز لاءِ نالو ڏنو ويندو آهي، مثلاً اميري خيل دائودي خيل، وغيره. هي قومن جي خيلن ۾ ورهاست هڪڙي رهگذر ماڻهوءَ لاءِ نهايت منجهائيندڙ هوندي آهي. خصوصاً جڏهن هو پنهنجا القابي نالا ڦيري انهن جي بدلي مڪاني نالا رکندا آهن. مان جڏهن نوشڪيءَ ۾ ريگستان جي وٽ تي هوس، تڏهن اتي مينگل بروهين جي هڪ خيل ٻه ميل پرتي رهندي هئي، جن جو اصل ملڪ قلات جي ڏکڻ طرف آهي، مون خيل جي هڪڙي ماڻهوءَ کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو، جواب ڏنائين ته مينگل، خيل نوشڪئي. اهو چوڻ واجب آهي ته ڪي بلوچ خاص ڪري نهروئي خيلون تنبن کان پڪن گهرن ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪنديون آهن، بلڪ مٽيءَ جي ڪوٽن ۾ رهنديون آهن. بلوچستان جي اولهه ۾ اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو ته خيل جو اڌ گهيڏڻن ۾ ٿو رهي ته اڌ پکن ۾، مان سمجهان ٿو ته هو ٿڌ سبب پکن ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن.

هو مهمانن جي سادي پر سهڻي نموني ۾ آڌرڀاءُ ڪندا آهن. جڏهن تومن ۾ ڪو مسافر ايندو آهي ته مهمانخاني جي در اڳيان هڪ فراسي وڇائيندا اهن. بلوچستان جي هرهڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ مهمانخانو هوندو آهي. خيل جو سردار مهمان جي اچڻ جي خبر ٻڌي هڪدم اتي ايندو آهي، هو ڀاڪر پائي هڪٻئي جا هٿ چمندا آهن. تنهن کان پوءِ مهمان جا نوڪر چاڪر ويجهو ايندا آهن. سردار کين هٿ ڏيندو آهي جو هو وٺي پيشاني ۽ چپن تي رکندا (چمندا) آهن. انهيءَ حد تائين استقبال خاموشيءَ سان ڪيو ويندو آهي. پوءِ ڌريون ويهي رهنديون اهن ۽ سردار مسافر کان چار دفعا پڇندو آهي ته ڪيئن آهين؟ اڳلو انهيءَ سوال جو رواج مطابق موزون جواب ڏيندو آهي، پوءِ وري ساڳئي نموني ۾ هن جي ٻارن ٻچن، دوستن ۽ حاضر ساٿين جي صحت سميت پڇا ڪندو آهي، مهمان پنهنجن ساٿين ڏي منهن ڪري تصديق لاءِ ڏسندو آهي، هو سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا آهن ته ها سڀ ٺيڪ آهي. مهمان پڻ ساڳئي نموني ۾ اوترائي دفعا سردار جي ٻارن ٻچن خيل، نوڪرن چاڪرن ۽ دوستن جي خيريت متعلق پڇا ڪندو آهي ۽ خوش خيرعافيت ختم ڪندو آهي. بلوچ طبعاً نهايت سست آهن. جي ڪا خاص مشغولي نه هوندي اٿن ته هو ڏينهن جا ڏينهن گهيڏڻن گهمڻ، تماڪ ڇڪڻ ۽ هوا ۾ گذاريندا آهن. انهن مان گهڻن کي آفيم ۽ ڀنگ[4] کائڻ جي مضر عادت آهي. پر مون اهڙو ماڻهو ڪونه ڏٺو يا ٻڌو جو شراب يا داروءَ جو عادتي يا پياڪ هجي. هنن ماڻهن ۾ شراب جو رواج بلڪل ڪونه آهي. هو ڪڻڪ ۽ ٻاجهريءَ جي ماني، چانور، کجور، پنير، کير ۽ ڏڌ کائيندا آهن. هنن کي ڏڌ گهڻو پسند هوندو آهي. انهن شين کان سواءِ هو ڳارهن مرچن ۽ گرم مصالحن پيل دال ۽ وقتي گوشت، ۽ اُٺ جو گوشت ۽ هرقسم جو شڪار کائيندا آهن. ڀاڄين ۾ هو بصر، ٿوم ۽ سرنهه جا ڳنر ۽ پن پسند ڪندا آهن. ڀاڄي ۾ هو بصر، ٿوم ۽ سرنهه جا ڳنر ۽ پن پسندس ڪندا آهن. ڀاڄي اڪثر مکڻ يا گيهه ۾ پچائيندا آهن. هو اڪثر هڪ يا ٻن کان وڌيڪ شاديون به ڪندا آهن. سردار چئن تائين ڪندا آهن، پر هيءَ ڳالهه هرهڪ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. مون رواجي ماڻهو ڏٺا، جن کي ست يا اٺ زندهه زالون هيون. رخشاڻين جي سردار محراب خان سورهين شادي ٿي ڪئي، جڏهن مان هن جي شهر ۾ لٿل هوس. هو پنهنجن زالن کي عزت ۽ شان سان هلائيندا آهن. هو ٻين مسلمانن وانگر پردي جا گهڻو پابند نه آهن، پر هو زالن کي هروقت ٻاهر وڃڻ جي اجازت به ڪونه ڏيندا آهن.

بلوچ گهڻا ئي ٻانها ۽ ٻانهيون رکندا آهن جي کين ڇاپن ۾ هٿ ايندا آهن. هو انهن کي رحم ۽ فراخدلي سان هلائيندا آهن جي ڏسي دل خوش ٿيندي آهي. غلام جڏهن پهرين پڪڙيا اهن، تڏهن هو پاڻ کي دنيا ۾ سڀ کان بدبخت انسان ڪري سمجهندا آهن. سچ پچ انهن سان جا ان وقت روش اختيار ڪئي ويندي آهي سا نهايت سخت ۽ مايوس ڪندڙ هوندي آهي. هنن جون اکيون بند ڪري اٺ تي ٻڌي وٺي ايندا اٿن ته جيئن وري وطن ورڻ جي نه ڪن. پر ٿوري ئي وقت ۾ هو قسمت جي ڪئي تي راضي ٿي وفادار نوڪر ٿي رهندا آهن. هت مان هڪ نقل ڏيندس جو ڏيکاري ٿو ته هنن جا سندن مالڪن سان ڪهڙا تعلقات اهن. هڪڙي ڏينهن ڪئپٽن ڪرسٽيءَ، نوشڪيءَ جي سردار، عيدل خان رخشانيءَ کي چيو ته تعجب آهي ته تنهنجا ايترا ٻانها سواءِ ڪنهن نظرداريءَ جي اهڙيءَ جانفشاني سان ڪم ڪن ٿا؟ جواب ڏنائين ته ڇو نه ڪن. هنن کي گهر جي ڀاتين وانگر پهرايو، کارايو ۽ هلايو وڃي ٿو، جي ڪم نه ڪندا ته خبر اٿن تي روزي گهٽ ٿيندي ۽ هو به بک مرندا ۽ اسان به بک مرنداسين. هنن جي فائدي وٽان آهي ته اسان وٽ رزق ججهو هجي. هنن کي خبر آهي ته اسان جي قسمت ۾ سندن حصو آهي. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته تنهنجو چوڻ بجا آهي پر هو ڀڄي ڇو نٿا وڃن؟ چيائين ته بلڪل نه، هو اهڙا اياڻا نه آهن جو ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪن: پهريون ته هنن کي پنهنجي ملڪ جي رستي جي خبر نه آهي. پر کڻي فرض ڪجي ته خبر هجين به ته هو ڇو ڀڄڻ جي ڪندا. هو هتي خوش آهن ۽ جنسار جو گهٽ فڪر اٿن. گهر ۾ به ايتروئي ڪم ڪرڻو پوندن. ان کان سواءِ ڪپڙن، گهرن ۽ کاڌي جو خيال ڪرڻو پوندو. هاڻي هو انهن سڀني ضروري ڳالهين لاءِ مون ڏانهن ٿا نهارين، تون پاڻ ويچار ڪري ڏس ته انهن جي دلين جا ڪهڙا جذبا آهن. اسان وڌ ۾ وڌ سزا کين اها ڏيندا آهيون جو کين سندن ڪمن سان لائي ڇڏيندا آهيون.

بلوچن جي رواجي پوشاڪ هڪ ٿلهي اڇي يا نيري ٿلهي سوٽي ڪپڙي جي قميص هوندي آهي، جا اٽڪل چوڏهن انچ اڳيان کليل هوندي اهي. ڳچيءَ جي چوڌاري بٽڻ هوندا اٿس ۽ گوڏن کان هيٺ پهچندي آهي. هنن جون سٿڻيون به ساڳئي ڪپڙي يا سُوسي نالي هڪ ليڪا ليڪا ڪپڙي جون هونديون آهن ۽ پانچا سوڙها هوندا اٿن. هو مٿي تي هڪ ننڍي ريشمي يا ڪپهه سان ڀريل ٽوپي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ورلي پائيندا آهن. ان جي مٿان هو خانا خانا يا نيري رنگ جي پڳ ۽ ساڳئي رنگ جو ڪمربند ٻڌندا آهن. اها هنن جي مڪمل پوشاڪ آهي. سردار ۽ هنن جا رشتيدار سياري ۾ ڇيٽ جو الخليق پائيندا آهن، جنهن کي اندران ڪپهه جو ڀريل استر هوندو آهي. غريب ماڻهو هڪ قسم جو جبو ويڙهي ٻاهر نڪرندا آهن جو ٻڪريءَ جي ڏاس ۽ دنبي جي اُن مان ٺهيل هوندو آهي. زالن جي پوشاڪ غالباً مردن جي پوشاڪ جهڙي هوندي آهي. هنن جا گهگها اڪثر سوٽي ڪپڙي جا ڳاڙها يا ناسي هوندا آهن. اهي ڊگها کڙين تائين هوندا آهن ۽ اڳيان ڇاتيءَ هيٺان کليل هوندا آهن. هو گهگهي هيٺان ڪجهه ڪونه پائينديون آهن، جنهنڪري سندن جسم جو گهڻو حصو ڏيکاربو آهي. هنن جون سٿڻيون حد کان زياده ويڪريون هونديون آهن. اهي ريشمي يا هٿرادو پٽ جون ٺهيل هونديون آهن. جوان زالون، پرڻيل خواه ڪنواريون پنهنجا وار هڪ عجيب نموني ۾ ٺاهينديون اهن. ڇا ڪنديون آهن جو وارن جون چڳون ٺاهي مٿي کي چوڌاري ويرهينديون اهن ۽ چڳن جون پڇڙيون گڏ ڪري مٿي جي مٿان ڳنڍ ٻڌي ڇڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح وار ڏاڍا سٺا ۽ صفا نظر ايندا آهن. پريان ائين ڏيکاريا آهن ڄڻ ته ٽوپي آهي. ٻڍيون زالون مٿي کي ريشمي گلدار رومال ٻڌنديون آهن. وڏيون توڙي ننڍيون زالون ٻاهر منهن ڍڪي نڪرنديون آهن. پر گهر ۾ جيئن مون اڳي ئي چيو آهي هو خاص خيال ڪونه ڪنديون آهن. نوشڪيءَ ۾ مان اڪثر سردار جي گهيڏڻ ۾ هوندو هوس، جڏهن هن جو سارو ڪٽنب اتي هوندو هو.

هڪ بلوچ سپاهي هٿيارن پنوهارن سان ڏاڍو جبرو ۽ ٺاهوڪو نظر ايندو آهي. هو پاڻ سان بندوق، ترار، ڀالو، ڪٽاري ۽ ڍال کڻندو آهي. تنهن کان سواءِ هن کي ڪيتريون ئي داروءَ جون دٻيون، سِڱ ۽ ڳوٿريون هونديون آهن. ڳوٿريءَ ۾ گوليون، ڇيرا، چقمق باهه ٻارڻ جا اوزار ۽ ٻيون فوجي ضرورت جون شيون هونديون آهن، جي لڙائيءَ جي وقت ۾ سخت تڪليف جو باعث هونديون؛ پر هنن کي پرواهه ڪانه هوندي آهي. جوڌن جي طاقت جو اندازو اڪثر هنن جي هٿيارن جي وزن مان لڳايو ويندو آهي. هو سڀ نشان جا پڪا آهن، تنهنڪري جنگ ۾ هو ڪوشش ڪري دوبدو مقابلو نه ڪندا آهن. پر جڏهين دوبدو وڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوندو اٿن، تڏهن هو پنهنجون بندوقون اڇلائي يا سواريءَ واري اُٺ تڏهن هو پنهنجون بندوقون اڇلائي يا سواريءَ واري اُٺ يا گهوڙي جي پاسي کان ٻڌي ڇڏيندا آهن. هنن جا سٺي ۾ سٺا ۽ قيمتي هٿيار گهڻو ڪري ولائتي ٺهيل هوندا آهن. هو بندوقون، تلوارون ۽ ڪٽاريون ايران، خراسان ۽ هندستان کان گهرائيندا آهن، ۽ ڍالون هندستان کان، هو ڀالا گهڻو ڪري پنهنجن پاڙيسرين سنڌين کان وٺندا آهن. فلات ۾ بندوقن، ترارين ۽ ڀالن ٺاهڻ لاءِ خان جو هڪ ڪارخانو آهي، پر ان جو ڪم ٿلهو موٽو ۽ بي زيبو آهي.

بلوچن جا شغل اهڙائي آهن جڪي هڪ اڻسڌريل قوم جا هئڻ کپن. هو هرڪنهن قسم جي شڪار جا شوقين آهن. هو گهڻو وقت بندوق هڻڻ، جانور مارڻ ۽ ڪتن سان شڪار ڪرڻ ۾ صرف ڪندا اهن. هو تازي ڪتن جي تربيت تي گهڻو ڌيان ڏيندا آهن. هڪ چڱي ڪتي جي قيمت ٻه- ٽي رپيا يا اڃا به زياده اٺ رپيا هوندي آهي. مون بڌو ته قلات جي خان هڪ ڪتي لاءِ چار سؤ روپيا ڏنا هئا. نشان چٽڻ، لٺ بازي، ڪشتي، تلوار بازي ۽ ڀالو اڇلڻ پڻ هنن جا خاص شغل آهن. پاڙي جون خيلون هڪٻئي سان اهي رانديون ڪنديون آهن. پونين چئن مشقن جو ته کين اصولي علم آهي. بندوقبازيءَ ۾ ته هو اهڙا ڀڙ آهن جو چون ٿا ته هو تيز ڀڄندڙ گهوڙيءَ تان تريءَ جيترو نشانو چٽي سگهندا آهن. مان خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته سونهان، جي مسافريءَ تي مون سان ساڻ هئا سي سواءِ گسڻ جي گولي سان ننڍا پکي جهڙوڪ چنڊول ۽ جهرڪيون ماري سگهندا هئا. ۽ هو ان ڳالهه کي ڪو خاص هوشياريءَ جو نشان ڪري ڪونه سمجهندا هئا. مان هنن جي شغلن جو شمار پورو ڪيان، تنهن کان اڳ هنن جي هڪڙي خطرناڪ مشق جو ذڪر ڪندس، جنهن جو هر طبقي جي ماڻهن ۾ رواج آهي، اهو آهي نيزي بازي. هو نيزي بازي گهوڙي تان ڪندا آهن. هڪ چڱي ٿلهي ڪاٺي زمين ۾ کوڙي گهوڙيسوار تکو تکو ڀڄندو نيزي جي چهنب سان ڪاٺي زمين مان ڪڍي اڳتي کڻي ويندو آهي. هن مشق ۾ جيتري ڪاٺي اونهي زمين ۾ کتل هوندي آهي، اوتري مشڪلات ۽ خطره زياده هوندو آهي، پر معمولي طرح به ان ۾ ٻانهن ۽ ڪرائيءَ جو سخت زور لڳائڻو پوندو آهي؛ گهوڙي ۽ نيزي کي ساڳي ئي وقت چالاڪيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان سنڀالڻو پوندو آهي.

بلوچن جون مرڻي ۽ پرڻي جون رسمون، سواءِ ڪن معمولي شاديءَ جي رسمن جي اهي ئي آهن جي قرآن ۾ ڏنل آهن، تنهنڪري اهي ٻين ملڪن جي مسلمانن جهڙيون آهن ۽ انهن جي هٿ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. جڏهن ڪنهن مريض جي حالت خراب ٿي ويندي آهي ته هڪ ملان کي گهرائيندا آهن جو کيس قرآن پڙهي ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو آهي. ملان اهڙيءَ طرح قرآن پڙهندو رهندو آهي، جيستائين مريض صحتياب ٿئي يا گذاري وڃي. مرڻ جي حالت ۾ مٽ مائٽ گهرائي هڪدم ماتم شروع ڪندا اهن. فاتحه خواني لاءِ جي دوست ايندا آهن، انهن لاءِ فوتيءَ جي گهر ۾ ٽي ڏينهن ۽ راتيون ساندهه کانو تيار ٿيندو آهي. فاتحه خواني[5] ڪرڻ به ملان جو فرض آهي. فوتي شاهوڪار هجي خواهه غريب، عزيزن کي هميشه خيال هوندو آهي ته فاتحه خواني لاءِ گهڻا مهمان هجن. جيڪي حاضر هوندا آهن، انهن کي جوش ڪرڻ جي هو ڏاڍي ڪوشش ڪندا آهن.

مون کي جيڪو هن رسم جو احوال ڏنو ويو هو تنهن مان ڏسجي ٿو ته اها هوبهو برطانيا جي ”اوجاڳي ڪڍڻ“ جي رسم جهڙي آهي، جنهن ۾ ميت جي مٿان رات ويهي گذاربي آهي.

هنن جي شادين ۾ ڪا خاص ڳالهه ڪانه هوندي آهي. انهن ۾ به مرڻي جي رسمي وانگر ڪا خاص دلچسپي ڪانه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جوان جي هڪ بلوچ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ يا ٻئي ڪنهن ويجهي عزيز کي ڳالهه چورڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ ڏي موڪليندو آهي. جيڪڏهن پيءُ کي مائٽي پسند آئي ته هو ها ڪندو ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏيڻ وٺڻ جون ابتدائي رسمون هڪدم ادا ڪيون وينديون آهن. انهيءَ دوطرفي عهد کي مڱڻو يا وعدو چئبو آهي. وڏن ماڻهن ۾ ته بعضي بعضي طرفين مڱڻي کان اڳ هڪٻئي کي ڏسندا به نه آهن، تنهن هوندي به اهو وعدو اهڙو هو ته درست ڪيو ويندو آهي جو ڪنهن به حالت ۾ ڀؤ نه ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اتفاق سان مڱيل ڇوڪرو گذاري وڃي ته هن جي ڀاءُ کي رواج ۽ رسم مطابق نينگريءَ سان شادي ڪرڻي پوندي آهي. گهوٽ کي اڪثر اُٺ، رڍون، ٻڪريون يا ٻيو مال ڀيٽا طور ڏيڻو پوندو آهي، اهو مال سڱ کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر سهري جي گهر موڪليو ويندو آهي. جيڪڏهن هو ٻارن سان سگهرو هوندو آهي ته مال سان گڏ کيس ايترو رڌل کاڌو به موڪلڻو پوندو آهي جو سموري خيل کي پورو ٿي اچي. بعضي بعضي ڇوڪر اڃا شادي نه ڪئي هوندي آهي ته ان جو سڱ ڪيو ويندو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ مڱيدن کي هڪٻئي کي ڪنواريتي گهر ۾ ڏسڻ ايندا آهن. گهوٽ، ساهري گهر گهر جي ڀاتين وانگر ويندو آهي، ڇوڪريءَ کي ڪنهن به صورت ۾ سندس ساهرن وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا آهن، نه وري طرفين کي هڪٻئي سان گستاخ[6] ٿيڻ يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڇوڪري زال جي فرضن ادا ڪرڻ جي لائق ٿيندي آهي ته ملان گهوٽ ڪنوار جي عزيزن جي روبرو عروس، يعني نڪاح پڙهندو آهي. گهوٽ وري خيل وارن کي پنهنجي پڄنديءَ آهر کارائيندو آهي. مٿاميڙ کان پوءِ هو ڪجهه ڏينهن سهري جو مهمان رهندو آهي، پوءِ سس کيس زال وٺي وڃڻ جي اجازت ڏيندي آهي[7]. موڪلائڻ وقت کيس نڪاح ۾ مقرر ڪيل ڪابينو ڏنو ويندو آهي. ڪابيني ۾ اڪثر گهوٽ جي بروقت ڏنل مال جيترو مال، ڪپڙا، غاليچا ۽ ٻيو گهرو سامان پڻ ڪنواريتن جي وت آهر ڏنو ويندو آهي.

انهيءَ نڪتي ۽ ان سان ٻين تعلق رکندڙ ڳالهين جي جانچ ڪندي، مون کي معلوم ٿيو ته بلوچن ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي مذهب جا گهڻا رواج آهن، ايتري قدر جو انهن جا شاديءَ متعلق اخلاقي قانون سمورا انهيءَ پيغمبر مقدس کان ورتل آهن. ۽ هنن جو اعتقاد اهڙو ته پختو آهي جو هنن ۾ ورلي ڪا بيوفائي ٿيندي آهي. مان چئي نٿو سگهان ته هي رسمون ۽ فائدا هنن ماڻهن اتفاق سان اختيار ڪيا آهن، يا ان جو ڪو ٻيو ڏورانهون سبب آهن. ڇاڪاڻ ته مون کي هنن ماڻهن جي اصل نسل جو گهڻو علم ڪونه آهي.

جيڪڏهن ڪا شاديءَ واري عورت مڙس کي ڇڏي ڀڄي وڃي، يا ڪا مڱيل دوشيزهه پيءَ جي گهر مان نڪري ڪنهن سان هلي وڃي ته اها ڳالهه عزت ۽ فرض جي خلاف سمجهي ويندي آهي ۽ هنن جي نظر ۾ ان جو فقط هڪ ئي عيوضو ٿي سگهي ٿو، سو هي ته زال ۽ بدڪار ٻنهي کي ماريو وڃي، پر خاص ڪري بلوچستان ۾ انهن ٻنهي ڏوهن جو نالو نشان به نه آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي زال ڇڏڻ جو اختيار آهي، جيڪڏهن هن کيس ڪنواري سمجهي ساڻس شادي ڪئي هجي، بشرطيڪ هو ثابت ڪري سگهي ته هوءَ ڪنواري نه آهي[8]. پر هن قاعدي کي عمل ۾ آڻڻ جو ورلي ڪو اتفاق ٿيندو آهي: هڪ ته اها تهمت ثابت ڪرڻ ڏکي آهي، ٻيو خاندانن جي وچ ۾ خوفناڪ جهيڙن ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهنڪري بي بنياد تهمت ڪنهن تي ڪانه رکي ويندي آهي.

هاڻي باقي رهيا بروهي، جي بلوچستان جي ٻي وڏي قوم آهن. پر بلوچن جي احوال ۾ پيش ڪندي مان انهن جون خصوصيتون اڳيئي ڏنيون آهن، تنهنڪري مون کي انهن جي احوال ۾ گهڻو اضافو ڪرڻو ڪونه آهي. بلوچن وانگر هو به گهڻن ئي پاڙن ۽ خيلن ۾ ورهايل آهن، هو اڃا هڪ خانه بدوش قوم آهن، هو اونهاري ۾ هميشه ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندا اهن ۽ سياري جي موسم ۾ ٻئي حصي ڏانهن لڏي ويندا آهن. تنهن کان سواءِ هو پنهنجي مال جي چاري جي سانگي پنهنجي رهڻ جا ماڳ هر سال ڪيترا دفعا بدلائيندا آهن. اهو رواج بلوچن ۾ ورلي نظر ايندو آهي، چستي، طاقت ۽ همت ۾ بروهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هو جهڙو بلوچستان جي پهاڙي علائقي جي ٿڌ تي هريل اهن، توڙوئي ڪڇ گنداوا جي پٽن جي گرميءَ تي. هو ٻاهرينءَ شڪل ۾ بلوچن کان نرالا آهن، ايتري قدر جو انهن ٻنهي ۾ ڪوبه ڀُل نه ڪندو. بروهين کي سندن هموطنين جي درازقد، ڊگهي منهن ۽ نتڪل هڏن جي بدران ننڍا ٿلها هڏا، گول منهن ۽ ٿلها عضوا اهن. تحقيق، مان اهڙي ڪا ايشيائي قوم ڪانه ڏٺي آهي جنهن سان هو مشابهت رکندا هجن. هنن مان ڪيترن کي ناسي وار ۽ ڏاڙهيون آهن. راهڪي ۽ ٻين گهرو ڪمن ۾ هو تمام سخت پورهيت آهن، جي قلات جي ڏکڻ وارن پوٺن جي ويجهو رهندا آهن، سي زمين جا وڏا ٽڪر آباد ڪندا آهن، ۽ پنهنجي پيدائش کي نڪال لاءِ قلات، ٻيلي ۽ خضدار جي هنڌن ڏانهن موڪليندا آهن. بروهي فقط مال جو پنير ۽ گيهه، ٿلها ڪنبل، غاليچا ۽ نمدان وڪڻڻ کان سواءِ ٻيو واپار ڪونه ڪندا آهن. انهن جو کاڌو بلوچن جهڙو آهي؛ سواءِ ان جي ته هو گوشت ٻين سڀني شين کان وڌيڪ پسند ڪندا آهن، ۽ هو اڌ ڪچو گوشت سواءِ مانيءَ، لوڻ يا سبزين جي کائيندا آهن. هو پيٽرڙي آهن. هنن وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جا وڌندڙ ويجهندڙ  ڌڻ آهن، جنهنڪري هو پنهنجو شوق پورو ڪندا آهن، ۽ ڍؤ تي گوشت نه کائين ته هوند سياري ۾ هو ٿڌن جبلن ۾، جن ۾ رهندا آهن مري وڃن. هو سمجهندا آهن ته گوشت نه فقط هڪ مقوي غذا آهي، پر ان ۾ اها گرماش به آهي جا يورپي ماڻهن جي خيال مطابق شراب ۽ دارونءَ ۾ هوندي آهي. هو انهيءَ ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سرءُ جي پڇاڙيءَ ۾ گوشت اُس ۾ سڪائي؛ آلين ڪاٺين جي دونهيءَ تي پچائي رکندا آهن. اهو گوشت نهايت لذيذ هوندو آهي ۽ روس مان جي ڦاڙهن جون زبانون اينديون آهن، انهن جهڙو سواد هوندو اٿس. اهو ڪيترا مهينا رکي سگهبو آهي، فقط هڪڙو احتياط ڪبو اهي، ته جيئن هڪ ٽڪرو ٻئي سان نه لڳي.

بروهي به بلوچن جهڙائي وعدي جا سچا ۽ مهمان نواز آهن. بلڪ مون کي ته هنن مان گهڻا پسند آهن. مون جيڪي اڳي ئي هن موضوع تي لکيو آهي، ان مان ظاهر آهي ته هو وڌيڪ سانتيڪا ۽ محنتي ماڻهو آهن ۽ هنن جون عادتون يقيناً بلوچن وانگر ڦرلٽ ۽ خونريز طريقي ڏانهن مائل نه آهن. هيءَ روش فقط نيڪ جذبن جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ بهادري، تڪليفن ۽ سختين برداشت ڪرڻ جو سڀني پاڙيوارن ملڪن جي ماڻهن کان زياده حوصلو آهي. هنن جي سردارن جي پنهنجن پاڙن ۽ خيلن تي بلوچن کان زيادهه اختياري هلندي آهي. ماڻهن بلوچن جهڙائي خوددار آهن، جيتوڻيڪ هو ٻين سببن ڪري سندن فرمانبرداري ڪندا آهن. هو حليم ۽ ڪم آزار طبع جا آهن ۽ ساڳئي وقت اڻسڌريل ۽ بي ڍنگا آهن. پر هو اڍنگا ان ڪري آهن جو هنن ۾ دنيوي علم ۽ حرفت ڪانه آهي؛ تنهنڪري جڏهن هو بي سليقي ڍنگ ۾ ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته خراب نه لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ خود غرضي ڪانه هوندي آهي. هو فطرتاً چاهيندا آهن ته ڀل ڪنهن جي دل خوش ٿئي. بروهي جي ڪنهن تي احسان يا سندس خدمت ڪندا ته ان جو عيوضو نه طلبيندا. هو هميشہ لاءِ احسانمند رهندا آهن. هو اهڙا ته وفادار آهن جو هنن کي بلوچ سردار به پنهنجن خانگي ۽ اعتماد وارين جاين تي نوڪر ڪري رکندا آهن.


[1] . مان هتي فقط آواز جي ڳالهه ٿو ڪريان. مان ان ٻنهي زبانن کان جن جو مقابلو ڪبو اٿم، اڻواقف آهيان.

[2] . مان سمجهان ٿو ته روزنامچي ۾ سمجهاڻيون ڏيڻ ضروري آهن، پر جيڪڏهن هڪ هڪ ڳالهه تي حاشي ڏبي ته پوءِ قصو ختم ئي نه ٿيندو.

[3] . سني اهي مسلمان آهن، جن جي نظر ۾ محمد صلم جا حقي وارث چار خليقا ابوبڪر، عمر، عثمان ۽ علي هئا. شيعن جو چوڻ آهي ته، رسول جو ڀائيٽو ۽ ڄاٽو علي ئي فقط ان مڙني جو سچو حقدار هو.

[4] . Connalus Sativs ٻوٽي جو نالو.

[5] . فاتحه خواني معنيٰ دعا گهرڻ ، فاتحه يعني دعا ۽ خوانده، فارسي ۾ پڙهڻ.

[6] . چون ٿا ته افغانن ۾ بعضي ڇوڪريءَ جي ماءُ گهوٽ کي شاديءَ کان اڳ چشمپوشي ڪري محبت ڪرڻ جو موقعو ڏيندي آهي. انهيءَ ميلاپ کي نامزد بازي چوندا اهن. لفظن جي معنيٰ آهي نالو ڏيڻ، ان کان پوءِ ماءُ سمجهندي آهي ته ڇوڪري گويا شادي ڪري چڪي. بلوچ انهيءَ رواج کي حقارت سان ڏسندا آهن. ڇوڪريءَ جي پيءُ کي به اها ڳالهه پسند نه هوندي آهي، پوءِ هو ڀل ته افغان هجي.

[7] . سس مٿاميڙ جي ثابتي گهرندي آهي، اَرمينا جي ماڻهن ۾ به اهڙو رواج آهي، پر اهو زياده فاحش آهي. اهو رواج اصل يهودين جو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

[8] . يهودين جو ڪتاب ڊبوتر نامي، فصل 22، آيت 13، 14، 15 وغيرهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: