سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :6

فصل (6)

4، 5 ۽ 6- مارچ: پهرين ٻن تاريخن تي نئين ڳالهه ڪانه ٿي. ڇهين تاريخ نيرن کان پوءِ هندن چٺيون ۽ هنڊيون کڻي آيا، جن تي هنن شُڀ گهڙين ۾ مهرون هنيون هيون ۽ اچي دعائن ۽ پرارٿنائن سان ڪئپتن ڪرسٽيءَ کي ڏنائون. اسان اُٺن کي هڪدم تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. افغان وائڙا ٿي ويا، چيائون ته توهان اسان سان دوکو ڪيو آهي، اسان کي ڇڏي ٿا وڃو. هو باهه ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته خان جي نائب کي ٿا ٻڌايون ته توهان ڀڳا ٿا وڃو. هو پاڻيهي توهان ڏانهن گهوڙا ڀڄائي توهان کي واپس گهرائي وٺندو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي ڊپ ٿيو ته متان انهيءَ دڙڪي تي عمل ڪن، تنهنڪري هن اسان واري هندوءَ کي چيو ته هنن کي ڪا خرچي ڏي، ساڳئي وقت هنن کي خانگي طرح چيائين ته ٻه- ٽي ڏينهن رکي وري کين خرچي ڏجانءِ. اتي هنن جو غصو ڪجهه ڍرو ٿيو ۽ هو سواءِ وڌيڪ تڪليف ڏيڻ جي قنڌار هليا ويا. اسان جي جماعت ۾ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کان سواءِ ٻه هندوستاني نوڪر ۽ چار بروهي اُٺن وارا هئا. اسان کي پنج اُٺ هئا، هڪ وڌيڪ رکيو هوسين ته متان ڪو اتفاق ٿي پوي، باقي ٻين تي ٻه- ٻه ڄڻا گڏ چڙهندا هئاسين، ان لاءِ خاص ٻِٽا پاکڙا ٺهرايا هئاسين. اڄوڪي واٽ ويران ٽڪرين وچان هئي، ٿورو پريان ٻنهي پاسن کان جبل هئا، رستو سٺو هو، مٺو پاڻي جام ۽ ڪٿي ڪٿي ننڍو جهنگ هو، اسان جو ارادو اڳتي وڃڻ جو هو پر شام جو برسات جو رخ نظر آيو، تنهنڪري اسان رستو ڇڏي ساڄي هٿ طرف وڃي گهڙڪ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ترسياسين، جو قلات کان ست ميل اتر- اولهه هو. اهو ڳوٺ ۽ ان جي پاسي ۾ ڪجهه زمين محمود خان جي نوڪر سيد مراد جي آهي، هو ٻيئي ڪڇ گنداوا ويل هئا. اسان سيد جي ڪنهن عزيز کان هڪ خالي گهر ورتو ۽ آرام سان آسائش ڪئيسين. اسان خوش هئاسين جو اسان وري سفر ڪرڻ شروع ڪيو هوسين.[1]

 

7- مارچ: اسان گهڙڪ، اڄ ستين بجي صبح جو ڇڏيو، گذريل رات سخت ٿڌ ۽ مينهوگي هئي، اُٺ سڄي رات ٻاهر بيڍا هئا، جنهنڪري هو اڄ سڄو ڏينهن چڱيءَ طرح نه پئي هليا، ان هوندي به اسان اٺاويهن ميلن جو مفاصلو ڪيو ۽ شام جو هڪ نئين جي پيٽ ۾ ترسياسين. اسان جي ويجهو برسات جي پاڻيءَ جو هڪ دُٻو هو، باهه جي لاءِ ڪاٺيون جام هيون ڪافي گڏڌ ڪيونسين. گهڙڪ کان چئن ميلن تي اتان قلات کان قنڌار جو سڌو رستو وڃي ٿو، سو ٽپياسين، ڏهه ميل پرتي اسان هڪڙي نار تي ويهي کجور ۽ مانيءَ جو ناشتو ڪيو، اتي اسان کي ڪيترائي بروهي گڏيا جي گڏهن تي نوشڪيءَ ڪڻڪ کڻي ٿي ويا. جنهن علائقي مان اسان لنگهياسين سو پهاڙي ۽ غيرآباد هو، اسان ٻه لَڪ ٽپياسين، انهن مان هڪڙو تمام خوفناڪ هو، رستو هيٺ مٿانهين وارو ۽ سوڙهو هو، نهايت ٻه فوٽ ويڪرو، کٻي پاي کان هڪ- پاءُ ميل اونهو اوڙوهه هو. اسان قريباً اولهه جي اتر طرف وئي هلياسين، پر رستي ۾ اهڙا وروڪڙ هئا جو طرف خاطريءَ سان معلوم ٿي نٿي سگهيا. پاڻي فقط ٻن هنڌ تي هو: هڪڙو گهڙڪ کان ٻارهن ميل پري، جتي کوهِي هئي ۽ ٻيو جتي شام جو اسان منزل ڪئي هئي.

8- مارچ: اسان جي رات ٿڌ سبب ڏاڍي ڏکي گذري، اسان وٽ گرم ڪپڙا ۽ بسترا ڪونه هئا. ٿڌ ايتري هئي جو اک اک سان نه پئي لڳي. نائين بجي تائين ته اسان چُري نه سگهياسين، سج ڪجهه چڙهي مٿي ٿيو تڏهن اسان جي جسم ۾ جان پئي. پوءِ اسان سوار ٿياسين ۽ شام جو پنجين بجي تائين ايڪٽيهه ميل پنڌ ڪري وياسين. آسپاس وارو علائقو ڪالهه واري علائقي کان به وڌيڪ ويران ۽ غيرآباد بو، ۽ رستو به اهڙو ئي ورن وڪڙن سان هو. اسان کي ڪيترا لَڪ ٽپڻا پيا، پويون لَڪ خاص طرح ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي، اهو ريگستان جي سَنڌي تي آهي، ڄڻ ته قدرت انهن مٿانهن ملڪن لاءِ هڪ اوچي پناهه ٺاهي ڇڏي آهي. اهڙو ڏکيو لَڪ مون ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه ڏٺو آهي. لَڪ کي ڏکڻ- اوڀر يعني قلات واري طرف هڪ سوڙهي ۽ اونهين هيٺانهين، ٻين جبلن کان ڌار ڪري ٿي، جنهن جا پاسا سخت ڪاري پٿر جا ۽ بلڪل اُڀا آهن. انهيءَ هيٺانهين مان اسان هڪ ڏکئي پيچري تان لنگهي اچي لَڪ جي ڏکڻ- اوڀر واري منهن تي چڙهياسين. چوٽيءَ تان سڄو ريگستان نظر ۾ وئي آيو، جيستائين نظر پِئي پَئي، سج جي روشنائيءَ سبب ريگستان ماٺيڻي سمنڊ وانگر پئي ڏيکاريو. منهنجي رفيق توڙي منهنجيءَ دل ۾ ان وقت، جي ولولا ۽ اُمنگ پيدا ٿيا سي قابل رشڪ هئا. ائين پئي ڀانيوسين ته اسان جون اڌ اميدون بر صواب ٿيون آهن. هن مشهور ريگستان متعلق جيڪي اسان کي شڪ شبها هئا سي ختم ٿي ويا. اسان هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ته جنهن مقصد سان اسان هندستان مان ڪهي آيا هئاسون سو هيتريقدر پورو ٿيو هو. انهيءَ ڪاميابيءَ تي اسان کي دل ۾ نيون اميدون ۽ نوان ارادا شامل ٿيا، لَڪ جي اتر- اولهه واري پاسي لهڻ ۾ اسان کي اٽڪل پنج گهنٽا لڳا جو اهو يارهن ميل ڊگهو ۽ تمام اُڀو هو. اسان جبلن جي وچ مان هڪ نئين جو پيت وٺي ٿي هلياسين، جو جبلن جي تري سان ٿي لڳو ۽ ور وڪڙ ڪري وڃي ريگستان ۾ ٿي پيو. اسان جي راهه جو پويون اڌ ميل قيصر نديءَ جي پيٽ مان ٿي هليو. هن موسم ۾ اهو قلات وڃڻ لاءِ سولي ۾ سولو ڊگهو رستو آهي. برسات جي موسم ۾ اها ندي اونهي ۽ تِکي هوندي آهي ۽  گرميءَ جي مئي، جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ۾ بلڪل سڪي ويندي اهي. جڏهن اسان ٽپياسين، تڏهن ندي ٻه- ٽي فوٽ اونهي ۽ ڇهه- ست گز موڪري هئي. اسان ڏٺو ته نوشڪيءَ پهچڻ کان اڳ اوندهه ٿي ويندي، تنهنڪري رات نديءَ جي پرئين ڪپ تي ترسياسين. هڪ قسم جي ننڍي ٻٻر کان سواءِ ٻيا وڻ اسان کي نظر ڪونه آيا. نديءَ جي پيٽ ۾ لئيءَ جا گهڻائي درخت هئا. تعجب جي ڳالهه آهي ته هڪڙو جبل جنهن تان اسان لنگهياسين سو سمورو لاله گل جهڙي ٻوٽي جي گول پاڙن سان ڀريل هو جي ان وقت ڦٽيون پئي اسان سان جي بروهي ساڻ هئا تن چيو ته مهيني کان پوءِ انهن جي خوشبوءِ پري پري تائين محسوس ٿيندي. هن ملڪ ۾ هڪڙي قسم جو گاهه جنهن کي مڪاني ماڻهو خوشئه پٽ چوندا آهن سو به گهڻو ٿيندو آهي. بروهي ماڻهو اهو گاهه موسم تي پنهنجين ٻڪرين ۽ رڍن کي سياري ۾ کارائڻ لاءِ گڏ ڪندا آهن. گاهه جا ٻوڙا سڪل هوندا آهن ان جون ڏانڊيون ٿلهيون هونديون آهن ۽ پتا ڊگها ۽ ڪارائيءَ وانگي ڪُتريل. اهو تمام مٺو ۽ طاقت وارو هوندو آهي. هتي شنز، جنهن کي ايراني خارسَرّ چوندا آهن سو به ٿيندو آهي، پر ايتريقدر نه جيتريقدر هيٺين ملڪن ۾.[3]  [2]

9- مارچ: گذريل رات سخت پارو هو، پر اڳينءَ رات کان نسبتاً وڌيڪ گرمي هئي. اسان صبح جو نائين بجي نوشڪيءَ جي تومن ۾ پهتاسين. ڇهه ميل ريگستان ۾ اولهه- ڏکڻ پنڌ ڪيو هوسين. ريگستان ۾ ڪٿي ڪٿي واريءَ جون ڀٽون ۽ ٽڪريون هيون جي جبلن جي وڏيءَ قطار هتي ڏکڻ- اوڀر طرف لڙي وڃي ٿي. پهچڻ شرط تومن جا سڀ ماڻهو اسان کي ورائي ويا. انهن لاءِ اجنبي ماڻهن جو اچڻ هڪ نئين ڳالهه هئي. اسان سکارام نالي هڪ هندوءَ کي جنهن لاءِ اسان سفارشي خط آندا هئا گهرايوسين. اسان هن کي چيو ته ڪجهه اٽو ۽ کجور آڻي ڏي ته جيئن هڪدم روانا ٿي وڃون. هو اسان جي ارهه زورائي ڏسي مشڪيو ۽ چيائين ته رستي تي ته مارجي ۽ ڦرجي ويندؤ. ساڳئي وقت چيائين ته ڪالهه گرمسيل لاءِ هڪ ڪاروان روانو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن توهان سچ پچ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ڪو سونهون وٺي وڃي ڪاروان کي پهچو. اسان چيوسونس ته سونهون هڪدم ڀاڙي ڪري آءُ. هن جي غير حاضريءَ ۾ اسان لهي ريگستان ۾ ويهي ناشتو ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ هندو هڪ پيرسن آدميءَ کي وٺي آيو جنهن اسان کي گرمسيل پهچائڻ لاءِ چاليهه رپيا گهريا. اهڙي ڳري رقم ڏيڻ کان اسان انڪار ڪيو. پوءِ ته اسان منجهي پياسين ته ڇا ڪجي. سکارام به لاچار ٿي پيو، هو اسان جي ڪا مدد نٿي ڪري سگهيو. سردار ڪاڏي ٻاهر ويل هو ۽ بلوچ جي گڏ ٿيا هئا سي گستاخ ٿيڻ لڳا ۽ تنگ ڪرڻ شروع ڪيائون. اسان انهيءَ تشويش ۾ خيال پئي ڪيو ته هاڻي ڇا ڪجي ته هڪڙو ماڻهو، جو پوشاڪ مان ايراني ٿي معلوم ٿيو، تنهن صلاح ڏني ته مهمانخاني ڏانهن ڇو نٿا وڃو، اتي توهان سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبه توهان جو نالو ڪونه وٺندو. شام جو سردار ايندو ته هو توهان کي ڪو سونهون ڪري ڏيندو. اسان هن جي صلاح ورتي ۽ ماڻهن جي روش ۾ هڪدم ڦيرو اچي ويو. پڇ پڇ اڃا ڪيائون پئي، پر هو هاڻي اسان جي خوشامد ڪرڻ لڳا- فراسي وڇايائون، اسان لاءِ سردار جي گهر مان وهاڻا کڻي آيا. مطلب ته اسان مهمانخاني ۾ پير رکيو ته ان وقت کان وٺي هو سردار جي مهمانن جي حيثيت ۾ اسان جي عزت ڪرڻ لڳا، ۽ بلوچ مهماننوازيءَ جا حق ادا ڪرڻ لڳا. خوشامد ماڻهن تائين محدود نه هئي، بلڪ اسان جي اُٺن کي چارڻ لاءِ به اسان کي هڪ ماڻهو ڏنو ويو.[4]

مهمانخانو تارن جو هڪ گهيڏڻ هو. ان جي ڇت هڪ ڪمبل سان ڍڪيل هئي. اندر ڏاڍو ٿڌو هو ۽ ڏاڍي فرحت پئي آئي. اسان ٽي ڪلاڪ ٻاهر ڳاڙهي تتل واريءَ ۾ ٻنوهرن جي سج هيٺان ويٺا هئاسين. اسان پنهنجا هٿيار ڀرسان رکي سمجهي پياسين؛ ڇاڪاڻ ته اتي مال يا جان جو خوف ڪونه هو. شام جو اسان کي سردار جي گهران هڪ گرم مانيءَ جو خونچو موڪليائون، جنهن ۾ گرم ماني ۽ دال سان ڀريل ڪاٺيءَ جو پيالو هو. اسان کائي اٿياسين ته سردار به اسان سان گڏجاڻي لاءِ آيو. دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ چيائين ته تعجب آهي ته توهان قلات يا ڪڇ گنداوا مان مون لاءِ ڪي خط ڪونه آندا آهن، ظاهر آهي ته توهان انهن علائقن مان ضرور لنگهيا هوندؤ. مون کي خان جي دوستي پياري آهي ۽ توهان کي ڀڄڻ ۾ مدد ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. مون کي شڪ آهي ته توهان جي پٺيان ضرور ڪي ماڻهو هوندا. توهان روح الله بيگ بابي تاجر جا پٽ ته نه آهيو؟ پر توهان ڪو خيال نه ڪيو. جيستائين توهان مون وٽ رهندا تيستائين توهان جي حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي. اسان چيس ته ان ڳالهه ۾ تون بلڪل ڀليل آهين. جيڪڏهن اسان کي اهڙي خبر هجي ها ته اسان خود خان کان اجازتنامو وٺي اچون ها. اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون. اسان اصل هڪ ازبڪ تاتاري خاندان جا آهيون، جنهن ڪيترين پيڙهين کان هندستان وسايو آهي. هن وقت اسان هڪ هندوءَ جي نوڪريءَ ۾ آهيون ۽ هن جي پاران گهوڙن خريد ڪرڻ لاءِ هرات وڇي رهيا آهيون. هن ان ڳالهه کي وڌيڪ ڪونه چوريو، پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري موڪلائڻ وقت چيائين ته مان توهان ڏي سکارام هندو، جو اسان ٻنهي جو واقف آهي، ان جي هٿان نياپو ڪندس. توهان جي مرضيءَ مطابق ٿيندو. ڏهن منٽن اندر سکارام موٽي آيو. سردار جو سنيهي جو مقصد ساڳيو هو جو سندس سوالن جوابن مان ظاهر ٿيو هو. اسان وري به ساڳيو جواب ڏنس. اسان هندوءَ کي چيو ته هو اسان ۾ شڪ ڪيئن ٿو رکي. توکي ياد هوندو ته تنهنجي قلات وارن خابرن به اسان متعلق توکي ساڳي خبر موڪلي آهي. هن جواب ڏنو ته توهان برابر آهيو. مون به سردار کي ساڳيا دليل ڏنا آهن. آخر چيائين ته سردار مون کي اختياري ڏني آهي ته مان توهان کي ٻه سونهان فقط رستي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ ڏيان باقي اڳتي ڌڻي نگهبان اَٿوَ. پر جي توهان ٿورو خرچ ڪندؤ ته سردار توهان کي پنهنجو پٽ ۽ ٻارهن هٿياربند سپاهي گڏي ڏيندو جي توهان کي سيستان جي گادي دوشڪ ۾ پهچائيندا. دوشڪ هرات جي (جتي اسان کي وڃڻو هو) اڌ پنڌ تي آهي. اسان جواب ڏنس ته انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪنداسين ۽ صبح جو سردار کي جواب ڏينداسين، پوءِ سکارام پنهنجي گهر ويو.[5]

10- مارچ: رات جو اسان ٻن سونهن کي پاڻ سان وٺي هلڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان سمجهيو ته انهن کي تيار ٿيڻ ۾ دير ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو ڪونه هو. صبح جو سج ڪني ڪڍي، تنهن کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽي سردار کي اسان جي انهيءَ فيصلي جي سڌ ڏيڻ ويو. هن ان وقت اسان جا اُٺ پئي ڏٺا، هو ان تي ناراض ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. چيائين ته سونهان هڪدم تيار ڪيا ويندا. پر ياد رکو ته مان توهان جي سلامتيءَ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ جوابدار ڪونه آهيان. ان ڳالهه تي مان وڌيڪ بحث ڪونه ڪندس جو توهان کي اڳي ئي خبر هوندي. اسان خيال ڪيو ته سردار اسان مان ڪجهه ڪڍڻ لاءِ اسان کي ڊيڄاري ٿو، تنهنڪري اسان پنهنجي فيصلي تي قائم رهياسين. اتي اهو ساڳيو ماڻهو جنهن اڳئين ڏينهن اسان کي مهمانخاني ۾ اچڻ جي صلاح ڏني هئي، جو هاڻي اسان کي معلوم ٿيو ته ٻڌوءَ نالي هڪ سيستاني هندو هو، سو به اتفاق سان اتي اچي پهتو. چيائين ته خيال رکجو فقط ٻن سونهن سان نڪرڻ مصلحت جي خلاف آهي. مان هنن سڀني ملڪن جو واقف آهيان، جي سردار توهان کي پنهنجو پٽ گڏي ڏئي ته دير نه ڪيو. هڪدم قبول ڪيو، معمولي خرچ ٿيندو، نه ته توهان جو مال بلڪ جان خطري ۾ آهي. ٻين ڪن هندن به ساڳي صلاح ڏني. پوءِ اسان ويهي سوچيو ته جيڪڏهن اسان کي ڦريو ويو ته اسان جون سڀ تجويزون ڊهي پونديون. تنهنڪري اها صلاح قبول ڪرڻ گهرجي. پر هي جو ساري خيل (قبيله) کي خيال ويٺل هو ته اسان وٽ ڪو قيمتي اسباب آهي، سو اسان لاهڻ ضروري سمجهيو. تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو ته سمورا لٽا ڪپڙا قلات موڪلجن. باقي پاڻ سان جي جان تي ڪپڙا آهن سي ۽ هڪ ڳوٿري کجور ۽ اَٽي جي پاڻ سان کڻجي. اسان سردار کي ۽ هن جي ماڻهن کي انهن فيصلن کان واقف ڪيو، پر چيائين ته قلات سامان موڪلڻ جي ضرورت نه آهي جو منهنجو پٽ توهان سان آهي. توهان سان جيڪي هوندو، تنهن جي حفاظت ڪندو. پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته هن جو پٽ ۽ ٻارهن تفنگچي اسان کي دوشڪ تائين پهچائين. ان جي عيوض اسان هڪدم قلات لکڻ جو وعدو ڪيو ته هنن کي اوتري رقم ڏني وڃي جيتري هندو فيصلو ڪن.

اهو سودو ٿيو ۽ سردار وعدو ڪيو ته توهان جي رواني ٿي وڃڻ جي جلد تياري ڪئي ويندي، تنهن کان پوءِ اسان مهمانخاني ۾ موٽي اچي مانيءَ ۽ کير جو ناشتو ڪيو جي سردار جي گهيڏڻ مان آيا هئا. اڄ صبح جو هڪ اهڙو واقعو ٿيو جو ڏيکاري ٿو ته هنن ماڻهن ۾ مهمان نوازيءَ جو ڪيڏو ته انگ آهي. اسان جي هڪڙي هندستاني نوڪر مانيون پچائڻ شروع ڪيون هيون، جڏهن هن کي بلوچن ڏسي ورتو، رڙ ڪري چيائونس ته ڇا تون اسان جي تومان کي ٽِڪو ٿو لائين. عيدل خان وٽ مهمانن لاءِ ماني به ڪانه آهي. هن چين ته مون کان خطا ٿي آهي جو مون کي توهان جي رسمن جي خبر ڪانه هئي. هو ان تي خوش ٿيا پر چيائونس ته اسان بَر ۾ ٿا رهون ۽ غريب ماڻهو آهيون، پر اسان نصير خان ۽ هن جي لشڪر جي پنج ڏينهن ساندهه اهڙي خاطرداري ڪئي هئي جو ان کان پوءِ هو هميشه کيس دل ڪشادو سڏيندو هو.[7]  [6]

شام جو سمورو وقت بيڪار بلوچن جا ٽولا اسان وٽ ويٺا هئا، جن اسان کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هڪ ته اچن ته وري وڃڻ جي ئي نه ڪن. ٻيو پيا اجايا سجايا سوال ڪن. اسان انهيءَ سهڻ لاءِ ڪجهه قدر تيار هئاسين، پر هت هو حد کان ٻاهر لنگهي ويا. ڪي ڪي ماڻهو چار- پنج ڪلاڪ ساندهه ويٺا رهيا ۽ سمورو وقت پئي ٻيڙيون ڇڪيائون، ڳالهايائون ۽ راڳ ڳايائون. انهن جو اڳواڻ جمعو خان نالي هڪ واتوڙيو نوجوان هو. اسان کي جلد معلوم ٿيو ته هو سردار جو وڏو پٽ هو جو اسان جو رهبر ٿيڻ وارو هو. هن ۽ هن جي خاٿين کي انهيءَ ڳالهه معلوم ڪرڻ جو ڏاڍو انتظار هو ته اسان سني يا شيعا مسلمان[8]  آهيون. هنن کي اسان جي ڳوريءَ چمڙيءَ ڪري شڪ پيو ته شايد اسان عجمي[9] آهيون. هنن آخر اسان کي سنئون سڌو چيو ته ڪلمو پڙهي ٻڌايو. تنهنڪري اسان کين ڪلمو پڙهي ٻڌايو. شام جو ٻڍو سردار پاڻ اسان سان گڏجڻ آيو. اسان بمبئيءَ مان جا چانهه آندي هئي، تنهن مان ڪجهه اڃا بچيل هئي، تنهنڪري اسان کيس هڪ ڪوپ ٺاهي ڏنو. هو ان تي ڏاڍو خوش ٿيو، تنهن کان پوءِ هو اسان وٽ باقاعدي ايندو هو ۽ اسان سندس عزت ڪندا هئاسين. هو سڀني کي پنهنجي قبضي ۾ رکندو هو. کيس گهڻيون خبرون چارون هونديون هيون ۽ نقل ياد هئس ۽ سوالن جا جواب خوشيءَ سان ڏيندو هو.

11- مارچ: اڄ اسان هڪ چڱيءَ وندر ڏٺي، گذريل رات ڪا ڦر ٿي هئي سردار ان جو فيصلو ٿي ڪيو. مدعي بهادر خان جي تومن جا مينگل بروهي هئا. اهو تومن اتان اٽڪل ٽي ميل پري هو، جوابدار نوشڪيءَ جا بلوچ هئا. ڌُرين پنهنجي وڪالت پاڻ ٿي ڪئي. هنن ۾ خوش ڪلاميءَ جو سليقو ڪونه هو. تنهنڪري هنن ٻنهي جو زور هو ڏاڍيان ڳالهائڻ تي، ٽي ڪلاڪ ساندهه. اهو غلغلو هليو. هرهڪ ڌر پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي خيالن مطابق ٻڌائي، سڀني گڏ ساڳئي وقت پئي ڳالهايو. جنهن جو گلو وڌيڪ زوردار هو تنهن وڌيڪ ڌيان ٿي ڇڪايو. سردار کين نهايت صبر ۽ تحمل سان ٻڌو. جڏهن هو ڳالهائي ساڻا ٿي پيا، تڏهن هن وڏي مخرج سان پنهنجو رايو ظاهر ڪري فتوا ڏني ۽ نشت برخاست ٿي.

جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو ته تڪرار هڪ ويجهي ٽڪريءَ تي چرائيءَ جي خسيس حق متعلق هو. پهريائين بلوچن بروهين سان تون ڇا، تون ڇا ڪئي. جڏهن هو نه مڙيا ته پوءِ سندن ڌڻ کانئن زوريءَ ڦري ورتائون. فتح بروهين کي ٿي. فيصلو اهو ٿيو ته هنن کي به اڳلن جيترو حق هو. ان فيصلي تي ڪا چون چرا ڪانه ٿي. سردار فتوا ڏيندي پنهنجي خيل کي چيو ته ياد رکو ته بروهي اصل نوشڪيءَ جي ڀرسان خان جي اجازت سان اچي ويٺا هئا، تنهنڪري هنن کي سڀني رعايتن ملڻ جو حق هو. مون ڏٺو ته مينگلن جي سردار جو هڪ عزيز پنهنجن ماڻهن سان گڏجي آيو هو ۽ جاچ هلندي عيدل خان ڪيترا دفعا هن ڏانهن مخاطب ٿي ساڻس ڳالهايو هو، اهي فيصلا اڪثر مهمانخاني ۾ ٿيندا آهن جي اهو خالي هوندو آهي. پر هن وقت اهو اسان جي قبضي ۾ هو؛ تنهنڪري قالين ۽ نمدا درجي اڳيان وڇايا ويا هئا ۽ سڄي جماعت بنان اعتراض جي اُس ۾ ويهي رهي.

انهيءَ ڪارروائيءَ هلندي هڪڙو بدبخت ڪوهستاني جوان اچي اتان هڱ جي ٻن گڏهن سان لنگهو. هن هڱ گڏ ڪري وڪري لاءِ آندي هئي. ماڻهو هڱ وٺڻ جي شوق ۾ سڀ گڏجي مٿانئس چڙهي ويا ۽ سندس وکر واريءَ ۾ ڪيرائي وڌائون. اڌ ڪلاڪ سارو گوڙ گهمسان ٿيندو رهيو، سردار ۽ مينگل جي چڱي مڙس کان سواءِ ٻيا سڀ وڃي ان ۾ شريڪ ٿيا. اهي ٻيئي، ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون وانگر کلندا رهيا. آخر ان غريب دهقانيءَ جنهن سان اهڙي تعدي ٿي هئي، تنهن پاڻ ۽ پنهنجن گڏهن کي تڪڙو تڪڙو آزاد ڪيو، ۽ پوءِ اچي سردار کي فرياد ڪيائين ته منهنجو هي حال ڪيو اٿن. سڀني چيو ته ٻورن تي پهريون حملو هندن ڪيو هو جي هڱ ريزڪي وڪڻندا آهن ۽ هڱ جو وڏو حصو به انهن جي ور چڙهيو هو، تنهنڪري هنن کي حڪم ڪيو ويو ته هو روهيءَ جي حق تلافي ڪن ۽ هنن وري بروهيءَ کي تماڪ ۽ کنڊ ڏيئي خوش ڪيو.

ٻيئي بلوچ ۽ هندو هڱ جي ٻوٽي گهڻي پسند ڪندا آهن ۽ ان کي هڪ وڏي نعمت ڪري سمجهندا آهن. هو هڱ جي ڏانڊي پچائيندا يا رڌيندا آهن ۽ گل ۽ پن اڪثر گيهه[10] ۾ تريندا آهن. اها ٻوٽي بلوچستان جي اتر وارن علائقن ۾ پهاڙن ۾ پاڻيهي پيدا ٿيندي آهي، جتان ريڍار کڻي اچي وڪڻندا آهن. پڪل ٻوٽيءَ جو گل گوبيءَ جي گل جهڙو نمونو هوندو آهي ۽ رنگ هلڪو سُڪل گاهه جهڙو هوندو اٿس. ڏانڊي ٻه- اڍائي فوٽ ڊگهي هوندي آهي ۽ ٽي- چار انچ ٿلهي. پن وڏي هندستاني پيٽ جي پنن جهڙا هوندا آهن. ساڳئي قسم جو هڪ مصالحو هر سال وڏي انداز ۾ يورپ مان هندستان ايندو آهي. بلوچ ۽ مان ڀانيان ٿو ته ايراني به ان کي شير هڱ چوندا آهن. اها جڏهن ٻوٽي پچندا آهي، تڏهن پاڙ جي ڀرسان ڏانڊيءَ مان يا بعضي خود پاڙ مان ڪڍندا آهن. ٻوٽي تڏهن پڪل سمجهي ويندي آهي، جڏهن ان جي تِکن ساون پنن جو رنگ بدلجي هلڪو پِيلو ٿيندو آهي. ان وقت پاڙ زمين کان ڇهه انچ مٿي ڪپيندا آهن، پوءِ مِٽي پاسي ڪري پاڙ[11] جي تري ۾ هڪ انچ ڊگهو چير ڏيندا آهن. هڪ پاڙ مان اٽڪل اڌ سير تور يا وڌيڪ هڱ نڪرندي آهي. ڏانڊي وڍڻ کان پوءِ تن ڏينهن اندر هڱ ڪڍي سگهجي ٿي. پاڙ وري ٻئي سال بهار ۾ ڦٽندي آهي.

12، 13، 14، ۽ 15 مارچ: گذريل چئن ڏ0ينهن ۾ سردار سان ڪيترا دفعا مشورو ڪرڻ ممڪن نه آهي. تنهنڪري اسان ڪوشش ڪري بلوچستان ۽ مڪران جي وڌيڪ ڏاکڻين علائقن جي رستن ۽ واٽن جون پڇائون ڪرڻ لڳاسين.

14- تاريخ: شام جو سردار جو پٽ ۽ هن جو ڀائيٽو مراد خان اتفاق سان اسان وٽ ويٺا هئا. دستور موافق گفتگو اسان جي سفر متعلق ڦيرو کاڌو. هنن ٻنهي زوردار لفظن ۾ عيدل خان جي تائيد ڪئي ته سيستان جو رستو نه وڃجي. مراد چيو ته توهان ڪيچ[12] ۽ ڀنڀور کان ڪرمان ڇو نٿا وڃو يا هتان سرحد[13] ۽ اتان نرمنشير مان لنگهي ڪرمان وڃو جتان ڪنهن به وقت هرات وڃي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان انهن ٻنهي طريقن مان هڪڙو اختيار ڪيو ته مان پاڻ توهان کي شاهه[14] جي حڪومت جي سرحد تي وٺي هلي پهچائيندس. اسان جو دوست جڏهن هليو ويو، تڏهن ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي. اسان فيصلو ڪيو ته هڪٻئي کان جدا ٿي بيابان مان مختلف واٽن سان سفر ڪجي. هندستان ڇڏڻ وقت اسان کي جيڪي هدايتون مليون هيون، هي فيصلو انهن جي برخلاف هو. پر اسان خيال ڪيو ته ڪٺي وڃڻ کان وڌيڪ اسان کي هن طرح جن ملڪن جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ نڪتا هئاسين تن جي معلومات جاگرافيءَ جي نقطہ نگاهه کان ۽ ٻيا انگ اکر ملندا، جن مان اسان جو مقصد سڌ عيندو. تنهنڪري ٻئي ڏينهن سيستاني هندو ٻُڌو، جو هڪ چالاڪ آدمي هو ۽ جنهن کي اسان سکارام جي بدلي پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيو هو، جڏهن اسان وٽ آيو ته اسان خيال ڪيو ته هن سان مشورو ڪجي، بشرطيڪ ائين نه سمجهي ته اسان اڳي ئي اها سِٽ سٽي آهي. خوشقسمتيءَ سان هن اچڻ شرط اها ڳالهه پاڻيهي ڇيڙي ته سيستان جي واٽ وارڻ کان مُڙي وڃو. چيائين ته مان عيدل خان سان ڳالهايو آهي. هو چئي ٿو ته رستي ۾ ايترا نه خطرا ۽ مشڪلاتون آهن جو توهان مارجي يا ڦُرجي ويندؤ. ٻڌوءَ وڌيڪ چيو ته مان توهان کي قنڌار ۾ پنهنجن گماشتن ٻڌوءَ وڌيڪ چيو ته مان توهان کي قنڌار ۾ پنهنجن گماشتن لاءِ خط ڏيندس. توهان کي خبر آهي ته قنڌار کان هرات جو رستو آهي، سو وهندڙ آهي. ساڳئي وقت چيائين ته توهان کي قنڌار وڃڻ کپندو هو. اسان هن کي سنئون سڌو انڪار نه ڪيو، پر چيوسونس ته اسان سندرداس جا نوڪر آهيون. اسان کي فيصل ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونه آهي، پر شايد اسان جو قاصد قلات مان ڪو نياپو آڻي ته سرحد ۽ نرمنشير رستي ڪامان وڃو. اسان سمجهيوسين ته هي ماڻهو اها ڳالهه ضرور ٻين کي ٻڌائيندو ۽ ٿيو به ائين. سڄي تومن ۾ افواهه ڦهلجي ويو ۽ اسان کي انهيءَ رٿ تي عمل ڪرڻ لاءِ بنانو ملي ويو.

اسان کي نوشڪيءَ ۾ پنج ڏينهن ٿي ويا هئا. قاصد جي موٽڻ جو سخت انتظار هو. اسان جو ارادو هو ته هو موٽي ته اسان جلد روانا ٿي وڃون. اسان جي ميزبان جي مهمان نوازيءَ ۾ ڪابه ڪمي ڪانه هئي. هر روز صبح جو ايتري ماني، ڏُڌ ۽ پنير موڪليو ويندو هو جو اسان جي صڄي جماعت کپائي نه سگهندي هئي. هن جا ٻانها وهنجڻ لاءِ پاڻي کڻي ايندا هئا. شام جو به ساڳيوئي دستور عمل ۾ آندو ويندو هو. ٻه دفعا اسان پَهِرُو وٺي پاتا، ران سردار ڏي موڪليسين ۽ ڪجهه گوشت مختلف هنڌن ڏي. پر اسان ائين ڪري پڇتايو، ڇاڪاڻ ته هو ان کي هڪ فضول خرچي ڪري پيا سمجهن، جيتوڻيڪ پهروءَ جي قيمت هڪ رپيو هئي. هڪ ڏينهن شام جو مانيءَ وقت ٻُڌو انهيءَ گوشت جي سڌيءَ جي عيوض هڪ شيءِ کڻي آيو جا هن جي نظر ۾ سڀ زياده لذيذ لقمو هئي. هڪ پيٽوڙي وانگي اچي ان جي تعريف ۾ پيو. ساراهه مان ڍاپي ئي نه. اها شيءِ هئي کٽي مکڻ ۾ تريل هڱ جي هڪ سائي ۽ ڪچڙي ٻوٽي اسان چيس ته اهو لقمو اسان کان ڪونه کاڌو ويندو ته اعتبار ئي نه اچيس. سچ پچ ته اها شيءِ اسان جي کائڻ کان زور هئي. سائي ٻوٽيءَ ۾ سڪل هڱ کان به وڌيڪ بانس هوندي آهي، اهو اسان جو ذاتي آزمودو آهي. بروهيءَ جڏهن هڱ آندي هئي، تنهن جو تومن جي هرهڪ آدميءَ کي حصو مليو هو ۽ سڀني کائي خوب مزا ڪيا هئا. ماڻهن جي وات مان ته بانس پئي آئي، پر خود هوا ۾ به هڱ جي بوءِ هئي.


[1] . قلات جا هندو، ستارن ۽ واقعن جي ڳڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه ڪندا آهن. جي ڪا ڳالهه هيٺ مٿي ٿيندي آهي ته چوندا اهن ته هي معاملو غفلت سبب نه آهي.

[2] . ٻٻر جو انگريزي نالو.

[3] . لئي جو انگريزي نالو

[4] . نوشڪيءَ جي اتر ۾ هڪ علائقو، ڇهن- ستن ميلن جي مفاصلي تي.

[5] . ڪئپٽن ڪرسٽي پوءِ دوشڪ مان لنگهيو هو. ڏسو نقشو.

[6] . سردار جو نالو.

[7] . هاڻوڪي قلات جي خان جو پيءُ. هي حقيقت آهي ته هو ايرانين جي خلاف ڪابل جي بادشاهه جي مدد ڪرڻ لاءِ خراسان ڏانهن مشهہ تائين ويو هو ۽ سندس گهر سيستان ۾ برپٽ جي رستي کان هو.

[8] . مسلمانن جا ٻه وڏا فرقا، ڏسو بلوچن جي مزهب تي حاشي چوٿين فصل ۾.

[9] . ايراني، جي سڀ شيعا آهن.

[10] . پگهاري، صفا ڪيل مکڻ.

[11] . هندستان ۾ جا هڱ ايندي آهي، سا بلوچستان جي پيدائش نه آهي. بلوچستان ۾ ايتري هڱ مَس ٿيندي آهي جا مڪاني ماڻهن کي پوري ٿئي. خراسان ۾ هرات جي ڀرسان اها ٻوٽي گهڻي انداز ۾ ٿيندي آهي. ڪئپٽن ڪرسٽي هن سفر جي پنهنجي تذڪري، جو هن وقت منهنجي اڳيان آهي. هڪ فقري ۾ لکي ٿو ته اهي ٽڪريون جنهن جي وچان هن جو رستو ٿي لنگهيو، سي هڱ جي ٻوٽيءَ سان ڀريون پيون هيون. هو ائين به لکي ٿو ته هڱ هرات جو هڪ عام وکر آهي. مون ٻڌو آهي ته ڏانڊيءَ کي جيڪڏهن کير ڪڍڻ لاءِ پوري وقت تي نيش نه ڏبو ته ڏانڊي ڦاٽي پوندي ۽ کير وهي ايندو، پر انهيءَ قدرتي طريقي سان سال ٿورو نڪرندو آهي. کير ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ هوا تي ڄمي پوندو آهي. سٺي هڱ هلڪي پِيلي رنگ جي ۽ سڪل ٿيڻ کپي. واپاري تور وڌائڻ لاءِ ان کي اڪثر گيهه سان ملائيندا آهن.

[12] . مڪران صوبي جي گاديءَ جو هنڌ.

[13] . بلوچستان جي اولهائينءَ سرحد تي هڪڙو ڳوٺ.

[14] .ايران جو بادشاهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: