سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :9

لوري مسلمان هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، پر هنن کي مذهب جو گهڻو خيال ڪونه هوندو آهي، هو سُنين ۽ شيعن جي وچ ۾ جي اختلاف آهن تن جي پرواهه نه ڪندا آهن. هو وقت جي مفاد مطابق سُنين يا شيعن جي اصولن عمل ڪندا آهن. مون کي ساڻن انهن ڳالهين متعلق گفتگو ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو آهي، پر پوءِ مون کي پڇا مان معلوم ٿيو ته هو قرآن جي ڪيترن اصولن تي عمل ڪونه ڪندا آهن. چون ٿا ته انسان پيدا ٿيو آهي جيئڻ، مرڻ، ڪي ٿيڻ، ۽ وساري ڇڏڻ لاءِ. جي ڪو حياتيءَ ۾ خوش آهي ته هن کي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهرن کپي، جي هو خوش ناهي ته هن کي اختيار آهي ته عبادت کان ڪنارو ڪري، بلڪ خودڪشي ڪري، پنهنجا ڏک پورا ڪري. جڏهن ڪو لوري مرندو آهي ته هن سان گڏ سندس سڀ ذاتي شيون جهڙوڪ: ڪپڙا، تلوار ۽ بندوقون پوريندا آهن ته جيئن هنن جو وسارڻ متعلق اصول پورو ٿي اچي.

ٻيئي جنسون زالون ۽ مرد واهيات ۽ بيهڳ نموني جا ڪپڙا پائيندا آهن ۽ پاڻ کي کنڀن، کلن، مڻڪن، ڪوڏين ۽ مڻين سان سيگاريندا آهن. هو بي حيا ۽ بيشرم آهن ۽ سڀ قسم جون برايون ۽ بدڪاريون ڪندا آهن. هو شادي ڪونه ڪن. انهن جون زالون سواءِ ڪنهن امتياز جي مردن سان گذارينديون آهن ۽ انهن جي زناڪاريءَ تي ڪابه حد بندي ڪانه هوندي آهي. هنن کي ٻار ورلي ٿيندا آهن، تنهنڪري هو ڇوڪريون چورائڻ پسندا ڪندا آهن ۽ کين پنهنجون عادتون سيکاريندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن زال کي پيٽ ٿيندو آهي ته ٻار ساري عماعت جي گڏيل ملڪيت ڪري سمجهيو ويندو آهي. جڏهن هومقرر عمر جو ٿيندو آهي ته هن متعلق اهڙي قسم جو اعلان ڪيو ويندو آهي.

اڄ مون کي رستي ۾ اها جاءِ ڏيکاري ويئي، جتي جهان خان نالي هڪڙي سيستائي سردار ٻه مهينا اڳ منزل ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ ستن- اٺن سوَن ڌاڙيلن سان گڏ هن علائقي ۾ حملو ڪري سڀڪجهه ڦُري ويو هو. مون سمجهيو ته هن کي گهڻو مال ڦُر ۾ هٿ ڪونه آيو هوندو، پر اهو ٻڌي تعجب ٿيو ته هن ڪيتريون هزارين رڍون ۽ تن کان سواءِ ڪجهه ٻانهان ۽ اُٺ هِت آندا هئا. مون کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽي سيستان ۾ جتي خان جهان خان کان اتي تَر جا ماڻهو ڪنبندا هئا.

اڄ شام سج لٿي مهل مير خداداد خان چوائي موڪليو ته اچي نماز پڙهه. مون معافي گهري ۽ منزل جي جاءِ تان کِسڪي ويس. انهيءَ وچ ۾ ڪابلي فقير بيهي وڏي آواز سان اذان[1] پڙهي. وچينءَ جو وقت ٿورو هو تنهنڪري هو منهنجي ڪڍ ڪونه آيو. نماز بعد مان مگسي ڳوٺ ۾ جو عجيب چهچٽو ڏٺو هو ان تي ويٺي فڪر ڪيم ته هو مون وٽ آيو ۽ ڳالهيون ڪندي چيائين ته مان سمجهي نٿو سگهان ته تون اسان سان نماز ۾ ڇو نٿو شامل ٿين؟

فتح محمد به تو جهڙو ئي ڏوهاري آهي. توهان ٻيئي حج تي وڃو ٿا. توهان تي لازم آهي ته مذهبي احڪامن جي پابندي ڪيو. مون هڪدم خيال ڪيو ته هيءَ جو مراد خان ڪلوگن ۾ ڏيکاري ڏني هئي ته هن اسان تي اعتبار ٿي ڪيو ته اسان حاجي آهيون سو دوکو هو. مون ويهي فرصت ۾ سوچيو ته هو جيترو وقت مون ساڻ هو اوترو وقت اشارن سان ڏيکاريندو آيو هو ته کيس پچ شَڪ آهي، تڏهن مون کي پنهنجي حماقت تي تعجب ٿيو.

خير، مان خوش هئس ته مراد خان جي منجهه جي مون کي خبر آهي، پر مون خداداد کي ڪونه ٻڌايو. هو مون کي چوندو رهيو ته توکي دين جي وڌيڪ واقفيت هئڻ کپي ۽ ان جا احڪام مون کان به وڌيڪ ڄاڻڻ کپن. مان گهر کان ٻاهر نماز ڪٿي ڪونه وساريندو آهيان. مون انهيءَ تنبيهه جي جواب ۾ چيومانس ته اسان جي پاڪ ۽ اعليٰ قوت واري رسول محمد ﷺ ڪن حالتن ۾ خدا جي عبادتکان منع ڪئي آهي. هن وقت منهنجي ۽ دوست فتح محمد جي اها حالت آهي جو اسان سڄو مهينو ساڳيا ڪپڙا بُت تي پاتا آهن. توکي خبر آهي ته عبادت کان اڳ هرهڪ مسلمان کي جان ۽ جسم پاڪ رکڻو آهي[2].

مون کي اميد هئي ته اهڙا دليل جي هڪ مسلمان لاءِ لاجواب آهن سي کيس خاموش ڪرائي ڇڏيندا. پر هن پنهنجو بحث جاري رکيو ۽ چيائين ته ياد رک ته ساڳيو حڪم جيڪو تو هينئر مون کي ٻڌايو آهي سو صاف لفظن ۾ چوي ٿو ته مسافرن کي هرڪا سهوليت آهي. خدا ڄاڻي ٿو ته قسمت مون کي ڪير همراهه ڪري ڏنو آهي. ته سمجهي نٿو سگهان ته توهان يهودي، ڪافر، نامراد شيعا آهيو يا ڪير! مون رسول جو قسم کڻي چيو ته اسين سُني مسلمان آهيون ۽ ٻيون ڪجهه به نه. آءٌ پنهنجن اعتراضن جي تائيد ۾ ٻيا وڌيڪ زوردار دليل ڏيڻ وارو هوس ته منهنجي هڪڙي اُٺ واري اچي ٻڌايو ته ماني پچي تيار ٿي آهي. اسان اُٿي کڙا ٿياسون ۽ ماني کائڻ لاءِ هن سان گڏجي وياسين. مان جڏهن فتح محمد سان اها ڳالهه ڪئي ته هن کي ان ڳالهه تي سخت غصو آيو، جو کيس يهودي سمجهيو ويو هو. قسم کڻي چيائين ته ميرخداداد بيوقوف آهي ۽ ٻين کي مذهب جي تلقين ڪري ٿو پر پاڻ کي ڪَک به نه ايندو اٿس. سڀاڻي مان اها ڳالهه سڀني جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريندس. پوءِ ڇا ڪيائين جو مانيءَ ٽڪر مير کي ڏيئي چيائين ته ان مان ايترو کاءُ جو حلال هجي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه. سردار هن جو مقصد نه سمجهيو. فتح محمد چيس ته پاڻ کي پورو علم نه هجي ته ٻين کي سبق نه سيکارجي.

فصل- 11

11- اپريل: مان اڄ هن ويران ۽ غيرآباد علائقي مان جنهن ۾ پهڻن جون ٽڪريون ۽ سُڪل ڪڙيا هئا، پنجويهه ميل پنڌ ڪيو. انهن ڪيترن ڪڙين جي تري ۾ اُٺن جي چاري جو جهنگ ۽ ٿورو پاڻي هو. رستو ور وڪڙ هو ۽ ڪالهه کان به وڌيڪ ڏکڻ جي ڏِس ۾ پئي ويو. شام جو مان جيتريقدر معلوم ڪري سگهيس ته اسان اڳينءَ منزل کان ڏکڻ- اولهه هئاسين ۽ سڌيءَ ليڪ ۾ ۽ ڏهه ميل ان کان پري.

ٻارهين ۽ هڪ بجي جي وچ ۾ مان سرحد (ڪُنرد) جي بلوچن جا ٽي ڪٽنب ڏٺا جي اتان ڀڳا ٿي ويا. هنن چيو ته پنڌرهن ڏينهن اڳ سردار جهان خان جي ڀائيٽي ڳچ سپاهين جي مدد سان سارو ملڪ ڦُري ويران ڪري ڇڏيو هو. هو ان وقت شيخ مراد خان جي عَلم هيٺ نوڪري ڪرڻ لاءِ سڀ ٿي ويا. مان هنن بدبخت پناهه گزينن کان هڪ ٻڪرو خريد ڪيو (جيڪي سب ۾ شيخ مراد جي جهنڊي هيٺ داخل ٿيڻ لاءِ ٿي ويا)، جنهن لاءِ هنن فقط آڌيو گهريو. پر مون وٽ رپئي کان گهٽ ڪو سِڪو ڪونه هو جنهنڪري کين سارو رپيو ڏنم. مير خداداد سرحد بن جي شڪست تي خوشيءَ ۾ گد گد پئي ٿيو ۽ خدا جا شڪرانا بجا آندائين، جو هنن کي ڪلو گن تي حملي ڪرڻ جي عيوض اهڙي سيکت ملي هئي. لاف هڻي چيائين ته جي هنن کي منهنجي ڀائٽي هٿان اها شڪست نه ملي ها ته مون کي هنن کي منهنجي علائقي ۾ ڇاپي هڻڻ ڪري، هنن جو پڻ ڪڍڻو پوي ها. پر هن جيڪي اڳي قبول ڪيو هو، ان مان ظاهر هو ته اهو رڳو اجايو دڙڪو هو.

12- اپريل: مان اڄ صبح جو پنجين بجي نڪتس ۽ ڏيڍ ميل اولهه- ڏکڻ اولهه جبلن تان لنگهي هڪ اڀي ٽڪريءَ تان لهي، هڪ نديءَ جي تري ۾ پهتس، جا ٻه سؤ گزن کان به مٿي جبل تائين موڪري هئي. منجهس لئي[3]، تاغود، ٻٻر ۽ خربي جو گهاٽو جهنگ هو. پاڻي به جام هو. ٻٻر ۽ خربي جا هت وڏا درخت ٿين ٿا. ان وقت انهن وڻن ٻور ڪيو هو. انهن ۽ ٻين ننڍن جهنگلي ٻوٽن جي خوشبوءِ جي گورکڌنڌي ۾ رستو اهڙو منجهيل هو جو اسان سمجهيو ته اجهو ٿا ڀلجي وڃون. اسان ڪو ورلي پندرهن- ويهن گزن کان وڌيڪ هڪ ڏِس ۾ هليا هونداسين. سواءِ هن منزل جي. پوين چئن ميلن ۾ هتي نديءَ جو پيٽ سخت ڀِت وانگر هو ۽ منجهس ٻوٽا ۽ ننڍا وڻ هئا. مان سج لٿي مهل هن پٽ ۾ جو ست ميل ويڪرو آهي ۽ پاسن کان ٽڪريون اٿس. هڪ ابادي ۽ آسمان آباد نالي هڪ ڦٽل ڳوٺ جي ڀرسان لهي پيس. ڳوٺ جا ماڻهو سواءِ ٻن- ٽن گهرن جي ٻيا هفتور ۽ پهرا ڏانهن لڏي ويا هئا.

منهنجي ڪَٿ مطابق اڄ اسان ٻٽيهه ميل سفر ڪيو هو ۽ ڪالهوڪيءَ ڏِس ۾ نديءَ جي پيٽ ۽ ان جي ڏاکڻي ڇيڙي ۾ جو پٽ هو، تنهن مان ظاهر هو ته هتي سخت ٻوڏون ٿينديون آهن.

نديءَ جي ورن وڪڙن ۾ ڪاٺين پٿرن ۽ گند ڪچري جا وڏا ڍير هئا ۽ وڻن جي مٿين ٽارين ۾ زمين کان ڏهه- پندرهن فوٽ مٿي اهڙيءَ طرح گاهه ۽ ڪک اٽڪيا پيا هئا جو ان مان ظاهر هو ته اُهي پاڻي لهڻ ڪري اُتي رهجي ويا هئا. رات جو اسان کي گدڙن، چراغن، بگهڙن ۽ ٻين جانورن پنهنجي موسيقيءَ سان وندرايو. هو اسان جي ويجهڙائي کان پري هئا، پر ان ۾ شڪ نه آهي ته ويجهو اچن ها، پر ڳوٺاڻن ڪيڪون ۽ آواز پئي ڪيا ته جيئن جهنگلي سوئر نه اچي سندن ڪڻڪن ۾ پون. هن تر ۾ اهي بکيا جانور گهڻائي آهن. هو اڪثر اهڙن جهنگلن ۾ رهندا آهن، جنهن مان اڄ شام جو اسين لنگهيا هئاسين. هو ٽيهه- چاليهه گڏجي نڪرندا آهن ۽ ٿوري وقت ۾ ايڪڙن جا ايڪڙ ڀيلي ناس ڪندا آهن. هن ملڪ جي ماڻهن کي خيال ويٺل آهي ته سوئرن کي شڪار ڪرڻ حرام آهي، تنهنڪري هو انهن جي نسل کي ناسل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آهن. هو ايترو ته تڪڙو وڌندا ٿا وڃن ۽ وڌندا رهندا. جو پوءِ جلد ماڻهن کي خبر پوندي ته هو هڪ وڏي غلطي ڪري رهيا آهن.

اسان وارو دوست ڪابلي فقير، اڄ اسان کان موڪلائي. مڪران جي ڪنهن بندر جو رستو وٺي راهي ٿيندو رهيو. جتان هن کي مسقط، جدي ۽ مڪي وڃڻ جو ارادو هو. مان هن جي وڃڻ تي ڏاڍو خوش ٿيس، ڇاڪاڻ ته هن ٿوري وقت کان وٺي نماز جي باري ۾ مون کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو، ايتريقدر جو قرآن جي هڪ آيت مون کي ٻڌايائين جنهن جو مطلب هو ته جو مسلمان الاهي احڪامن جي ڪنهن بهاني تي پابندي نٿو ڪري تنهن کي مارڻ جائز آهي. دراصل اهو درڪو ظاهر ظهور منهنجي لاءِ هو. تنهنڪري مان سمجهيو ته هاڻي ڪنهن عملي قدم کڻڻ جو وقت آهي سو ۽ جهٽ پٽ اُٿي اُٺ تي پيل پاکڙي جي ڳوٿريءَ مان پستول ڪڍي چيومانس ته خبردار، جي وري اهڙي گستاخي ڪئي اٿئي! منهنجي انهيءَ قدم جو ايترو اثر پيو جو هن کي وري کليو کلايو اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي جرات ئي نه ٿي. پر هو مير خداداد کي چرچ ڏيندو رهيو ته هو مون کي هدايت ڪري ۽ وعظ ٻڌائي.

13- اپريل: اڄ صبح جو ڇهين بجي مان آسمان آباد ڇڏي هڪڙي سرسبز ميدان مان لنگهي هفتور پهتس جو ڇهه ميل اولهه- ڏکڻ طرف هو. مان اڃا مهمان خاني ۾ اچي مس لٿس ته هڪڙي بلوچ اچي فراسي وڇائي، نالو ۽ اچڻ جو مقصد پڇيو. جواب ڏنومانس ته مان پيرزادو آهيان ۽ مشهد جي مقدس شهر[4] ڏانهن وڃڻ جو ارادو اٿم ناشتي کان پوءِ سردار مون سان ملڻ آيو. هو گهر جي پوشاڪ ۾ هو: ململ جو پهراڻ ۽ نيري رنگ جي ريشمي سٿڻ پيئي هيس، مٿي تي پڳ جي بدران هڪ شال ويڙهيل هيس، اها پوشاڪ کيس ڏاڍي ٺهي ٿي 7 ان جي اٿ ويهه جو نمونو نهايت وڻندڙ ۽ شاندار هو. فارسي اهڙي پيئي ڳالهايائين جو مون اهڙي بلوچستان جي ڪنهن به باشندي کان ڪانه ٻڌي هئي. چيائين ته صبح جو تو مون کي نياپو موڪليو هو ان ۾ پنهنجي صحيح سڃاڻپ ڪانه ڪرائي هُئي. مون کي قوي شڪ آهي ته تون ڪو چمڙا پوش (ويس بدليل) ۾ شهزادو آهين. مهرباني ڪري حقيقت ٻڌايو ته توهان جي جوڳي عزت ڪئي وڃي. جڏهن مون ڏٺو ته هو منهنجي ڳالهه تي مطمئن نٿو ٿئي، تڏهن ڳالهه بدلائڻ لاءِ مون پنهنجا پستول ڪڍي ڏيکاريامانس. هن انهن جي تعريف ڪئي ۽ مون انهن مان هڪڙو کيس آڇيو. هو انهيءَ تحفي تي ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ ايتري تميز ڏيکاريائين جو اها ڳالهه وري ڪانه ڇيڙيائين، جنهن کان مون ڪن پئي هنيو.

قائم خان کان ڪجهه سيڌو سامان ۽ سندس ڀاءُ پهرا جي خان لاءِ چٺي وٺي مان ٻين بجي شام جو هفتور ڇڏيو ۽ ڇهين بجي کان اڳ پهرا ۾ پهچي ويس. رستو تمام سٺو هو. اٽڪل يارهن- ٻارهن ميلن جو مفاصلو ٿيندو. رستو هڪ پٽ مان هو جنهن تي ڪڪري پيل هئي ۽ ڪٿي ڪٿي کجين جا جهڳٽا هئا. ستين ۽ نائين ميل تي ٻه عاليشان نهرون هيون.

ان وقت شاهه محراب خان ڳوٺ جي ڳچ ماڻهن سان مسجد ڏانهن وڃي رهيو هو. مون کي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي مون انڪار ڪيو. نماز کان پوءِ خان مهمانخاني جي در تي هڪ پنج- ڇهه فوٽ اونچي ٿلهي تي (جنهن تي فرش وڇائيا ويا هئا) چڙهي اچي بيٺو. اچڻ سان پڇيائين ته ڪٿان آيو آهين ۽ ڪهڙي مقصد سان؟ خداداد اسان جو اڳواڻ ٿيو. قائم خان کي شاهه جواب ڏنو هو سو کيس چئي ٻڌايائين، وڌيڪ چيائين ته هن کي ڪو سونهون، سيڌو سامان کپي جو نرمنشير[5] وڃڻو اٿس. اتي خان جي هٿن ۾ مون اهو خط ڏنو جو هفتور مان آندو هئم. هن هڪ مرزا (مفتي) کي سڏي چيو ته ڏاڍيان پڙهي، سڀ ماڻهو ڌيان سان ٻڌڻ لڳا.خط جي پڇاڙيءَ ۾ قائم خان لکيو هو ته مون کي شڪ آهي ته هي ماڻهو پنهنجو سچو عهدو لڪائي ٿو، جو ٻڌي منهنجي دل دهلجي ويئي پر اهو چوڻ مناسب آهي ته هن اهي اکر دوستاني مقصد سان لکيا هئا. مطلب هوس ته جيئن ڀاڻس مون ۾ دلچسپي وٺي.

انهيءَ اوچتي انڪشاف ڪري ڪجهه وقت سناٽو ڇانئجي ويو. سڀ مون ڏي نهارڻ لڳا. هڪ ڏهن- ٻارهن ورهين جينينگر دانهن ڪري چيو ته ڪيئن[6] هيءُ پاڻ کي پيرزادو ٿو سڏائي! پوءِ قسم کڻي چيائين ته هو فرنگي گرانٽ، جو گذريل سال ڀنڀور آيو هو، تنهن جو عزيز يا ڀاءُ آهي. مون ڇوڪري جي لفظن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو پر هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ خان نهايت نرميءَ سان چيو ته جي اها حقيقت آهي ته پوءِ لڪائڻ جي ضرورت نه آهي. تنهنجو هتي ڪو وارو به ونگو نه ٿيندو. اهڙيءَ خاطريءَ ملڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته هاڻ گوٿناٿي ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. تنهن تي چيومانس ته مان يورپي آهيان ۽ هڪ هندوءَ جي نوڪريءَ ۾ آهيان، جنهن جي ڪم سان ڪرمان وڃان ٿو.

مير خداداد کي هن انڪشاف تي جو تعجب ۽ غُصو ٿيو، تنهن جي بيان ڪرڻ کان منهنجو قلم قاصر آهي. پنهنجي دعوا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ چيم ته مان گرانٽ جنهن جي ڇوڪر ڳالهه ڪئي هئي تنهن جو ڀاءُ نه آهيان مگر هن جو ويجهو عزيز ضرور آهيان. مير چيو ته منهنجي لاءِ ته هيءَ هڪڙي ڳجهارت آهي. شاهه محراب خان ڏي نهاري وري ماڻهن ڏي مخاطب ٿي چيئين ته اسان ڪلوگن ڇڏڻ کان پوءِ مذهبي بحث ڪيا. مون هن جي مذهبي دليلن جا رد ڏنا، ۽ مون کي تنبيهه ڪيائين. منهنجي ڄاٽي مراد خان مون کي هن جي عابد هئڻ جون مقابلي سان جيڪي ثابتيون ڏنيون آهن، اهي سڀ ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته هن جي دعوا ڪوڙي آهي. خان اهو قصو ٻڌي کلي کلي کيرو ٿي پيو ۽ ڪاوڙيل جوان کي چيائين ته فقط توسان ڌوڪو ڪونه ٿيو آهي. (هن جو اشارو شايد سندس ڀاءُ ڏانهن هو). خداداد پوسرجي جواب ڏنو ته ها اها مون کي خبر آهي. پر مان جيترو وقت هن سان گَهرو گذاريو آهي اوترو ٻئي ڪنهن به ڪونه گذاريو آهي ۽ مون کي اڄ تائين خبر نه پئي آهي ته هيءُ ڪير آهي، اتي هڪڙي ماڻهوءَ دانهن ڪئي ۽ مون ڏٺو ته هو منهنجي جتن مان هڪ هو. چيائين ته مان هن ماڻهوءَ سان ٻه مهينا گڏ گذاريو آهي، مون کي خبر هئي ته هو به سيد [7] آهي نه پيرازادو آهي. پر خدا خير ڪيو ته مون کي به توهان وانگر اهو علم ڪو نه هو ته هو فرنگي يا يورپي آهي اتي هن جي غصي وري ٻيو رخ اختيار ڪيو. چيائين ته لعنت آهي نامراد بي اصول مراخ خان تي جو اهڙي پاپي ڌوڪي ۾ هن جو ڀاڱي ڀائيوار آهي! اتي اوندهه اچي ٿي، تشست برخواست ٿي. خان پنهنجي گهر وڃي آرامي ٿيو، ۽ مان مهمانخاني جي هڪ ڪُنڊ تي وڃي قبضو ڪري ويٺس. جتي خوب عاليشان کاڌو جنهن ۾ گوشت جو شوروو، ڀلاءُ ۽ ڪڻڪ جون مانيون هيون، کائي ڍؤ ڪيم.

14- اپريل: ناشتي کان پوءِ  مان محراب خانب وٽ ويس هن جو غريباڻو خراج پيش ڪيم، جنهن ۾ ٿورو بندوق جو سنهون دارون، پستول جا چقمق تير، چاڪون ۽ قئنچي هئا. تنهن کان پوءِ عرض ڪيومانس ته مون کي جلد روزانو ڪري ۽ ڪجهه اَٽو به ڏي. مون وٽ اٽو ۽ کجور فقط اهي بچيا هئا جي هفتور ۾ قائم خان ڏنا هئا. وعدو ڪيائين ته صبح جو سونهون توسان هلڻ لاءِ تيار هوندو  ۽ پنهنجي ديوان کي چيائين ته هن کي ڏهه مڻ (اٽڪل ست سير) ٻاجهريءَ جو اٽو ڏي، جو ان وقت ڪڻڪ جو اَٽو ڪونه ٿي ملي سگهيو. وڌيڪ صلاح ڏنائين ته سڌو پهرا کان باسمان وڃو ته چڱو ٿيندو، جو ائين ڪرڻ سان ڀنڀور به نه ڏسڻي پوندوَ ۽ ٻن منزلن جو سفر به گٽ ٿيندو. هي مشورو منهنجي فائدي ۾ آرام لاءِ هو. جنهن لاءِ مون سندس شڪر گذاري ڪئي، پر چيومانس ته ڪئپٽن گرانٽ کان ڀنڀور جي سردار محراب خان جي سخا جي ايتري تعريف ٻڌي هئم جو مون کي اتي هن سان ملڻ جو ارادو آهي.

خان اهو عذر سواءِ چون چرا جي قبول ڪيو ۽ چيائين ته اها ڳالهه توتي ڇڏيل آهي، پر حقيقت هيءَ هئي ۽ مون خيال ڪيو ته جي ڀنڀور جي سردار جو فائدو نه وٺندس ته منهنجو سيڌو ريگستان يعني ايران جي علائقي، نرمنشير ۾ پهچڻ کان اڳ خلاص ٿي ويندو.

انهيءَ فيصلي کان پوءِ مان مهمانخاني ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي آيس، ۽ باقي ڏينهن سُست ۽ فسادي بلوچن جي حشام ۾ گذاريم، جي مون کي واهيات ۽ اجاين سوالن جوابن سان تنگ ڪندا رهيا. شام جو سرحد کان هڪ گوسائين[8] آيو، جنهن سڄي ڳوٺ کي وندرائڻ جوبار پاڻ تي کنيو ۽ مون کي ڪجهه آرام مليو. اڌ تماشبين وڃي هن سان شامل ٿيا ۽ کانئس سرحد جون تازيون خبرون پڇڻ لڳا. جنهن خاص ڪري سرحد جي ڳوٺ کي خان جهان جي هٿان لُٽجڻ جي خبر، کين نهايت شدمد سان ۽ اثرائتي نموني ۾ ٻڌائي. فرصت وقت مون پنهنجي همنوا کان پڇيو ته تون ڪير آهين؟ معلوم ٿيو ته هن پنهنجو دورو ملتان کان شروع ڪيو هو ۽ ڪشمير، ڪابل، قنڌار ۽ سيستان مان ٿيندو سونمياڻيءَ جي ڀرسان سِڌَ ۾ جو هنگلاج جو تيرٿ آهي، اتي مٿي ٽيڪڻ جي ارادي سان سيستان مان نڪتو هو. پر پوءِ خيال بدلايو هئائين ۽ ايران مان لنگهي، سمنڊ جي ڪناري تي جو مشهور جوالامکي[9] آهي، تنهن جي ڏسڻ جو ارادو ڪيو هئائين. هو يارباش ماڻهو نظر ٿي آيو ۽ پنهنجي طبقي جي ٻين پوڄارين وانگر تعصبي ۽ بڪبڪيو نه هو. تنهنڪري مون کيس پاڻ سان گڏ اُٺ تي ڪرمان ڳوٺ ڏي هلڻ جي صلاح ڪئي جا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. پر اُٺ بيمار ٿي پيو ۽ گوسائينءَ کي فراموش ڪرڻو پيو.ويچارو فقط ڀنڀور تائين پهتو.

شام جو خان دستور موافق مهمانخاني اڳيان هڪ دڙي تي ڪچهري ڪئي، جتي ڳوٺ جي ماڻهن جو وڏو حصو موجود هو. مون به مڪاني معلومات حاصل ڪرڻ جي ارادي سان موقعي جو فائدو وٺي، اتي ويس. ۽ چڱو ڪامياب ٿيس. آخر اوندهه ٿي ۽ موڪلائڻ جو وقت آيو. اسان هڪٻئي سان ڏاڍو گهائل مائل ٿي وياسين. هڪ مَلان صلاح ڪئي تهمانيءَ کان پوءِ وري مهمانخاني ۾ گڏجي ها؟ ڳالهه سڀني خوشيءَ سان قبول ڪئي. خان به خوشيءَ سان اچڻ قبول ڪيو.

سڄو مهمانخانو ڀرجي ويو، اڌ رات تائين مجلس هلي. خان جي موجودگيءَ ۾ هرڪوماڻهو بافضيلت ويٺو هو هرڪنهن نقل ٻڌائي پنهنجو هنر ظاهر ٿي ڪيو، ۽ مجلس جي رونق وڌائي. سڀني کان وڌيڪ خان، مجلس جو مور هو.

مون کي اتفاق سان معلوم ٿيو ته هو بلڪل اڻپڙهيل هو. مون هن کي ٻڌايو ته مان نوشڪيءَ مان عيدل خان کان، جن سردارن جي حد مان مون کي لنگهڻو آهي، تن لاءِ خط آندا آهن، پر مون اهي کين ڪين ڏنا آهن. تنهن تي پڇيائين تهمان اهي خط ڏسي سگهان ٿو؟ مو خطن جو سرنامو پڙهي ٻڌايو مانس. ٻڌي عجب و‎ٺي ويس. چيائين ته تون مُلان ته ناهين جو لکڻ پڙهڻ ڄاڻين! مون چيومانس ته مون کي پنهنجي زبان جو چڱيرڙو علم آهي، تنهن کان سواءِ ڪجهه فارسي ۽ هندي به ڄاڻان. انهيءَ جواب تي چيائين ته مون کي سمجهاءِ ته فارسيءَ ۾ لکيل انگريزيءَ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ آءٌ زباني طرح هن کي خاطريءَ جي جهڙي سمجهاڻي ڏيئي نه سگهيس، تنهن تي مَس قلم ۽ پنو گهرائي مون کان ڪيترا جملا لکارايائين، جنهن ۾ پڇاڙيءَ جو سندس نالو ۽ القاب هئا. پوءِ ليلائي چيائين ته هاڻي پنهنجو نالو، پيشو، منهنجي ڳوٺ ۾ اچڻ جو عيسوي سال ۽ توسان جنهن به قسم جي خاطرداري ڪئي ويئي آهي خواهه چڱي هجي يا خراب، سي به ان ۾ درج ڪر. اهو رقعو پوءِ سندس مرزا يا منشيءَ جي حوالي ڪيو ويو. چيائين ته هاڻي جيڪو ٻيو فرنگي هتي ايندو، تنهن کان پڙهايو ويندو. جيڪو تو ان ۾ منهنجي باري ۾ لکيو هوندو تنهن مان مون کي خبر پوندي ته تون ڪهڙي قسم جو انسان آهين. مون خيال ڪيو ته مون جنهن نموني جو هن کي ڌوڪو ڏنو آهي، تنهن هوندي به هو مون سان نهايت مروت ۽ مراد و نديءَ  سان هليو آهي. تنهنڪري مون به هن جي باري ۾ مناسب لفظ لکيا.

مان اڄوڪي ڪاروائيءَ تي مجمل تبصرو ڪيو آهي، جو شايد ڪِن کي مناسب نظر نه اچي. مون هِت ۽ هُن تذڪري ۾ ٻين ڪيترن هنڌن تي اهڙا تفصيلوار بيان ڏنا آهن جن مان نه فقط فردن جي پر سڄي قوم جي طبع ۽ ذهن جي خبر پوي ٿي، جن جيمدار تي مون هن ڪتاب ۾ بلوچن جي تصوير جو خاڪو چِٽيو آهي. هتي توهان ڏسندؤ ته هڪڙو سردار آهي، جنهن جي پيدائش ۽ رياست جي ايراضي ڀر وارن سردارن جي مقابلي ۾ شاهاڻي آهي. هو پنهنجي ادنيٰ ۾ ادنيٰ رعايا سان محبت ڪري ٿو ۽ انهن کي آزاديءَ سان سندس خلاف پنهنجا رايا ظاهر ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو ۽ ساڳئي وقت هن ماڻهوءَ کي علم جي لاءِ اهڙي حقارت آهي جو هو لکي پڙهي به نه ڄاڻي. هن وقت فقط ايشيا ئي هڪڙو اهڙو ملڪ آهي، جتي اهڙي قسم جا جهالت جا مثال ملن ٿا. پر هنن ماڻهن جون عادتون ۽ آئين، انهن وحشي قومن سان هوبهو ملي اچن ٿا، جن رومي سلطنت جو خاتمو ڪيو هو.

فصل- 12

15- اپريل: مان اڄ شام، ذري گهٽ ڏهين بجي تائين انتظار ۾ ويٺو رهيس. جڏهن هڪڙي ماڻهوءَ اچي چيو ته خان توسان پنهنجي گهر ۾ ڳالهائيندو. مون اهو حڪم خوشيءَ سان مڃيو. خان مرزا کي به خط ويٺي لکايا. اهي پورا ڪري منهنجي حوالي ڪيا ويا. انهن مان هڪڙو ڀنڀور جي سردار محراب خان لاءِ هو ۽ ٻيو باسمان جي سردار مراد خان لاءِ. خان، سونهي کي تاڪيد ڪيو ته هن (مون) کي ڀنڀور ۾ ڪو پنهنجو ماڻهو وٺي ڏي ڪنهن به حالت ۾ کيس سندس اجازت کان سواءِ ڇڏي نه وڃي. مون انهيءَ عنايت لاءِ وري سندس شڪر گذاري ڪئي. آخر منجهند ڌاري کانئس موڪلائي پنهنجي اُٺ تي سوار ٿيس. سورهن ميل ڏکڻ- اولهه هڪ ڪانڊيرن واري پٽ ۽ ٻن- ٽن زمين جي آباد ٽڪرن مان پنڌ ڪري اتڪل ساڍي چئين بجي ڀنڀور ۾ پهتس. ٻن مختلف جاين تي اسان هڪ نهر جو ڪپر ڏئي پنڌ ڪيو، مون کي معلوم ٿيو ته انهيءَ ساڳيءَ نهر تان اسان هفتور ۽ پهرا جي وچ ۾ ٽپيا هئاسين، انهيءَ ساڳيءَ نهر جو پاڻي آسپاس جا ماڻهو نه فقط گهرو ڪمن لاءِ، پر آباديءَ لاءِ پڻ ڪم آڻيندا آهن.


[1] . اذان، عربي لفظ آهي. لاءِ مون کي ڪو انگريزي اصطلاح ڪونه ٿو نظر اچي. ان جو مطلب آهي نماز جي تياريءَ جو چتاءُ يا سڏ. اذان پڙهندڙن کي مؤذن چوندا آهن. اذان وڏي ۾ وڏي مناري جي چوٽيءَ تان پڙهي ويندي آهي. جي مؤذن جو آواز صاف ۽ بلند هوندو آهي ته اڪثر ائين ئي هوندو آهي ته اها دل تي اثر ڪندي آهي.

[2]. قرآن جي سَنَد سان.

[3] . لئي، انگريزي نالو. تاغود، لئيءَ جو هڪ قسم، ٻٻر، انگريزي نالو. خربو، انگريزي نالو يا بادامي جو گل.

[4] . مشهد جو شهر، خراسان ۾ هڪ زيارت جي جاءِ آهي جو اتي امام موسيٰ رضا جو مقبرو آهي. ان کي شرف ڏيڻ لاءِ مشهد مقدس چوندا آهن. ايرانين ۽ افغانن جو ان شهر تي هميشہ تڪرار هوندو آهي، اهو شهر ٻنهي حدن جي وچ ۾ آهي، تنهنڪري محاصري ڪري شهر ڏتڙجي رهيو آهي، شهر تي گوليباري يا حملو ڪرڻ گناهه سمجهيو ويندو آهي.

[5] . ايران جو ڏکڻ- اولهه وارو علائقو جو ڪرمان جي سرڪار جي ماتحت آهي.

[6] . بنگال جي ڏيهي پيادل فوج جو سابق ڪئپٽن گرانٽ هي سرويچ عملدار 1809ع ۾ گوادر وٽ لهي ڀنڀور، جو پهرا کان سورهن ميلن تي آهي، جي خطي تائين وڃي، سمنڊ جو ساحل وٺي ٻئي رستي کان بندر عباس مان اچي سمنڊ رستي بمبئيءَ موٽي آيو هو. انهيءَ ڏاکڻي سفر جي دوران ۾ هن وسيع ۽ صحيح معلومات گڏ ڪئي هئي. مون کي خبر هئي ته هو ڀنڀور جي سردار جو دوست ٿي ويو هو جنهن ڪري مون پاڻ کي هن جو عزيز سڏايو.

[7]. سيد، اهي مسلمان آهن، جي رسول جي اولاد مان هجڻ جي دعوا ڪندا آهن. پيرازادي جي معنيٰ، مون اڳئي 4 اپريل جي روزنامچي جي حاشي ۾ ڏني آهي.

[8]. گوسائين، هندو فقيرن جو هڪ طبقو آهي.

[9] . هي جوالا مکي بدڪو يا باڪوءَ ۾ آهي. جو سمنڊ جو هڪ بندر آهي. جوالا مکي، ڇاڪاڻ ته تيل نظر ٿو اچي جو اتي جام نڪرندو آهي. ڏسو ڪينئر جو ايران جي جاگرافيءَ متعلق مضمون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: