سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :2

ڇپائيندڙ پاران

تاريخ ۾ انسان پنهنجي سمجهه ۽ ادراڪ مطابق مختلف ارتقائي سفر طئي ڪري اڄ جي جديد ۽ سائنسي دور ۾ پهتو آهي. جڏهن انسان اڃا پوريءَ ريت ڳالهائڻ به نه سکيو هو، ته ان وقت هن کي ڪائنات جي هر شيءِ عجيب ۽ اڄاتل ٿي نظر آئي. جيئن جيئن هن ڳالهائڻ سکي ورتو، تيئن تيئن هن انهن شين کي پنهنجي سڃاڻپ خاطر نالا ڏيڻ شروع ڪيا. انساني شعور جي کنيل اها پهرين وِک هئي، جڏهن انسان غارن کي الوداع ڪري پنهنجي هٿن سان جايون اڏي هڪ نئين سماج جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ هن آهستي آهستي ڪائنات جي لقائن ۽ مظهرن تي غور ڪرڻ ۽ انهن تي راءِ جوڙڻ جو عمل شروع ڪيو.

ڪتاب نفسيات به انسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جو هڪ علم مهيا ڪري ٿو. نفسيات جو دائرو وسيع آهي، جنهن جو مطلب آهي: هر اها شيءِ جيڪا ساهه رکندي هجي، پر هن ڪتاب ۾ انساني نفسيات کي فوڪس ڪيو ويو آهي. خداوند ڪريم هر جيوَ کي پنهنجو پنهنجو ماحول ڏنو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو بچاءُ ۽ واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو. ڪتاب نفسيات اهڙي ئي علم تي لکيو ويو آهي. هيءُ هڪ دقيق ۽ ڳوڙهو علم آهي، جنهن تي جيتري شرح لکجي، اها گهٽ آهي.

جناب ڊاڪٽر علي احمد قاضي هن ڪتاب جو مصنف آهي، قاضي صاحب هيلٿ سروسز سنڌ ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندي، هن ڪتاب جو مواد تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو هو ۽ بورڊ هن جو پهريون ڇاپو سنه 1969ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ٻيون ڇاپو آهي، جيڪو ڇپجي اڄ اوهان لائق پڙهندڙ حضرات جي هٿن تائين رسيو آهي. ڪتاب جو متن ٻن ڀاڱن ۾ ورڇيل آهي. پهريون ڀاڱو ستن بابن تي ۽ ٻيون ڀاڱو پنجن بابن تي مشتمل آهي. هر باب پنهنجي پنهنجي مـُـنهن، علم جي هڪ کاڻ آهي، جنهن جي مطالعي کان پوءِ ماڻهو ڪافي لاڀ پرائي سگهي ٿو. مصنف نفسيات جو ماهر ۽ ڄاڻو هو، جنهن هن ڪتاب ۾ ساهه جي مڙني حرڪات جو نه رڳو تجزيو ڪيو اٿس، پر انهن بابت پنهنجي فلسفيانه راءِ به قائم ڪئي اٿس، جنهن کي پڙهڻ سان ماڻهن جي ذهن ۾ سوچڻ جي ازخود دلچسپي پيدا ٿي وڃي ٿي. اميد ڪريون ٿا، ته اسان جي ڪيل هيءَ محنت پڙهندڙ حضرات جي خدمت ۾ قبول پوندي.

 

 اعجاز احمد منگي

سيڪريٽري

 سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو، سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org