سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: ستون

صفحو :10

 

ڇا ٻوٽي جي پاڙ جا به قسم ٿين ٿا؟

اوهان جيڪڏهن ڪنهن ٻوٽي کي پاڙن سميت پٽي ڏسندا ته انهيءَ ۾ ڪي ٿلهيون پاڙون هونديون ته، ڪي وري سنهيون پاڙون هونديون آهن. سنهين پاڙن مان وري ٻيون سنهيون پاڙون نڪرن ٿيون، پر جيڪڏهن (Magnifying Glass) وسيلي ڏٺو وڃي ته سنهڙين پاڙن تي اسان کي وار جهريون بناوتون به نظر اينديون آهن، انهن بناوتن کي پاڙ وار (Root Hair) چئبو آهي. ٻوٽن ۾ پاڙون  ٽن قسمن جون ٿين ٿيون، شروعاتي پاڙ (Primary Root) ان مان وري ٻيون ننڍيون پاڙون نڪرن ٿيون، جن کي ٻئي درجي واري پاڙ (Secondary Root) چئبو آهي. ان مان وري ٻيون پاڙون نڪرن ٿيون، جن کي ٽئين درجي واري پاڙ (Tertiary Root) چئبو آهي. هنن پاڙن تي پاڙ وار (Root Hair) ٿين ٿا، جن جو ڪم زمين مان ٻوٽي لاءِ لوڻ ۽ پاڻي چوسڻ آهي. اهي پاڙون زمين ۾ پکيڙي هڪ ته ٻوٽي لاءِ کاڌو حاصل ڪن ٿيون، ٻيو ٻوٽي کي مضبوط جهلي بيهن ٿيون. ابتدائي پاڙ نهايت ٿلهي ٿيندي آهي، ٻئي ۽ ٽئين درجي واريون پاڙون سنهڙيون ٿينديون آهن. هنن پاڙن جي چوٽيءَ ۾ هڪ ٽوپيءَ جهڙي بناوت ٿيندي آهي، جنهن کي پاڙ ٽوپي (Root Cap) چئبو آهي.

 

ڇا ڪي ٻوٽا پاڙن، پنن، گلن ۽ ميون کان سواءِ به ٿيندا آهن؟

برايو فائٽا ٽولي ۾ شامل اهڙا ٻوٽا آهن، جن ۾ پاڙون، پن، گل ۽ ميوو ناهي ٿيندو. هن قسم جا ٻوٽا گهميل زمين، جبلن جي ڇانوَ ۽ گهميل جاين تي اڀرندا آهن. هي اڌ انچ جيترا ڊگها ٿين ٿا. منجهن پاڙ نه ٿئي ۽ نه وري پن ٿين. البت ساون پنن جهڙو نرم بخملي حصو ٿيندو آهي. جن جي وچ ۾ پن جيان وچين رڳ به هوندي آهي. هنن ٻوٽن ۾ پاڙون به نه ٿين. البت ٽارين وانگر تاندورا ٿيندا آهن. هن قسم جي ٻوٽن جو عام مثال دلي مٿان ۽ نلڪي جي هودي ۾ ٿيندڙ سينور آهي. ان کانسواءِ موسز به هن قسم جا ٻوٽا آهن.

هنن ٻوٽن ۾ ميوو به ناهي ٿيندو، البت دمڙا (Spores) ٿيندا آهن، جڏهن دمڙا پچي راس ٿيندا آهن، ته زمين تي ڪري ٽڙي پکڙي ويندا آهن.

جڏهن دمڙا زمين تي ڪرندا آهن، ته تاندرون جهڙو مادو “Protonema”  پيدا ٿيندو آهي. جنهن جي ڪڇ مان هي ٻوٽو نڪرندو آهي.

 

ٻوٽن جي ميون بابت اوهان ڇا ٿا ڄاڻو؟

جهڙيءَ طرح هر ٻوٽي جو گل الڳ نموني جو ٿئي، اهڙي طرح هر ٻوٽي جو ميوو به الڳ الڳ ٿئي ٿو. ڪو ميوو تمام وڏو ٿئي ٿو، جيئن هنداڻو، گدرو وغيره، ته ڪو وري صفا ننڍڙو ٿئي ٿو، جيئن فاروان، انگور وغيره، قادر جي قدرت ته، ڏسو ته ڪهڙي نه ڪارسازي آهي. سڀئي ٻوٽا هڪ جهڙو کاڌو ۽ زمين مان ساڳيو پاڻي استعمال ڪن ٿا ۽ ميون ۾ ذخيرو ڪن ٿا، پر هر ميوي جو ذائقو پنهنجو پنهنجو آهي. ڪو ميوو مٺو جهڙو ماکيء ته ڪو وري کٽو صفا ٽِڙ ۽ ڪو وري ڦڪو جهڙو پاڻي. ڪو ميوو ٻوٽي جي پاڙ ۾ ٿئي ته، ڪو وري ٻوٽي جي چوٽيءَ ۾ ٿئي ۽ ڪو وري ٻوٽن جي ٽارين ۾ ٿئي. ڪن ميون ۾ اندر ٻج ٿئي ته ڪن ۾ وري ٻج بنهه ڪو نه ٿئي. ٻجن وارن ٻوٽن ۾ صوف، ناسپتي، نارنگي، گدرو، هنداڻو، وعيره شامل آهن. هنن ميون جا ٻج تمام گهڻا ٿين، ڪن ٻوٽن جي ميون ۾ وري هڪڙو ٻج ٿئي، جيئن: آلو بخارا، آڙو، اخروٽ، بادام، وغيره.

ڪن ٻوٽن ۾ ميوو بنهه ڪو نه ٿئي. صرف ٻج ٿين، جيئن: نيزو، پستو، وغيره.

آلو بخارا، آڙو، اخروٽ، بادام، ٿڌن علائقن ۾ ٿين، ڪيلو وري گرم آب وهوا ۾ ٿئي. انجير وارياسي علائقي ۾ ٿئي. انگور ۽ صوف وري سرد علائقن ۾ ٿين.

 

فنجائي (Fungi) بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

فنجائي ننڍڙا ننڍڙا ٻوٽا آهن. ماهرن گروهه بندي ڪندي هنن ٻوٽن کي فائلم مائيڪو فائيٽا (Phylum Mycophyta) ۾ رکيو آهي ۽ انهن جا هڪ لک جي لڳ ڀڳ قسم بيان ڪيا آهن.

عام ٻوٽن وانگر هنن ۾ سائو مادو ڪلورو فل ناهي هوندو، تنهن ڪري هي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪري ناهن سگهندا. اهي زندهه يا مئل جاندارن مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪندا آهن.

فنجائي مفت خور (Parasite) به آهن ته گند خور (Saprophyte) به آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هنن جو ميزبان زندهه هجي ته فنجائي کي پيررا سائيٽ چئبو آهي، جيڪڏهن ميزبان مئل هجي ته فنجائي کي گند خور (Saprophyte) چئبو آهي.

فنجائي ٻوٽن مان ڪي هڪ گهرڙي تي مشتمل ٿين ٿا، جن کي خوردبين کانسواءِ ڏسي نٿو سگهجي. ڪي گهڻن گهرڙن تي مشتمل ٿين ٿا، انهن کي خوردبين کان سواءِ ڏسي سگهجي ٿو. کنڀيون، ڦڦونڊي رسٽ، سمٽ وغيره، فنجائي اهڙا قسم آهن، جن کي اسين خوردبين کانسواءِ ڏسي سگهون ٿا.

فنجائي انسان لاءِ فائديمند به آهي ته، نقصانڪار به آهي، جيئن ته فنجائي جا ڪجهه قسم مفت خور (Parasite) ٿيندا آهن، جيڪي ميزبان ٻوٽن يا جاندارن ۾ بيماريون ڦهلائيندا آهن. مثال طور ڪڻڪ، سارين ۽ ڪمند جي فصلن ۾ رسٽ (Rust) ۽ سمٽ (Smut) فنجائي جا قسم انسانن ۽ جانورن ۾ ڪيتريون بيماريون پيدا ڪن ٿا. مثال طور ٻارن ۾ ڏڍ (رنگ ورم (Ring Worm ۽ وڏن ماڻهن ۾ خارش ۽ ڦڦڙن جون بيماريون پيدا ڪن ٿا.

فنجائي جا ڪجهه قسم انسانن لاءِ فائديمند آهن، جهڙوڪ، کنڀيءَ کي کاڌي طور استعمال ڪيو ويندو آهي، فنجائي کي بيڪٽريا ۽ وائرس خلاف پينسلين تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

 

جيڪي فنگيون (Fungus) کاڌي طور استعمال ٿين ٿيون، تن بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

وين لون (Vanloon) پنهنجي ڪتاب ”انساني تاريخ“ ۾ لکيو آهي. موت ۽ انسان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته، هي هڪ بکي مخلوق آهي، جيڪا پنهنجي کاڌي جي ڳولها ۾ سرگردان نظر چي ٿي.

اهڙيءَ طرح اسٽيڪمين (Stakeman) 1958ع ۾ پنهنجي هڪ مقالي ”ٻوٽن جون بيماريون ۽ دشمن“ ۾ لکيو آهي ته، ”انسان هڪ بک جي ماريل مخلوق آهي.“

بهرحال انسان زمين تي قدم رکندي ئي کاڌي جي ڳولا شروع ڪئي ته، ٻين شين کانسواءِ فنگين (Fungus سان به سندس واسطو پيو. انسان هن جي ذائقي ۽ لذت تي موهت ٿي پيو ۽ اڄ  ڏينهن تائين انهيءَ تي موهت آهي. اڄ به ماضيءَ وانگر فنگيون هڪ طرف عام ۽ سادي غريب ماڻهن جي خوراڪ آهن ته، ٻئي طرف اعليٰ درجي جي ماڻهن جي نهايت مهانگي خوراڪ آهن، فنگين کي کاڌي طور استعمال ڪرڻ جو پهريون حوالو يوناني تاريخ ۾ پنجين صدي ق-م ۾ ملي ٿو ۽ سنڌي ۾ ان جو پهريون حوالو ”شاهه جو رسالو“ آهي، منجهس ٿر جي ماڻهن جي خوراڪ فنگيون ٻڌايو ويو آهي. جڏهن هڪ ماڻهو زهريلي فنگي کائڻ جي ڪري مري ويو ته، پوءِ ”ٿرو فاريسٽس“ نالي هڪ نباتات جي ماهر، هن جي خوبين ۽ خاصيتن تي روشني وڌي. ارسطو جي هوشيار شاگرد ۽ ماهر طبيب به هن جي طبعي خاصيتن جو ذڪر ڪيو. يوناني دور ۾ فنگيون نه صرف کاڌيون وينديون هيون، پر ڪيترن يورپي ملڪن ۾ انهن جي برآمد به ڪئي ويندي هئي. روم وارن هن کي اوج ڏنو. هن کي سيزر ۽ ديوتائن جي کاڌي جو درجو ڏنو ۽ هن کي متبرڪ پڻي جو لحاظ رکندي هن کي پچائڻ لاءِ خاص ٿانوَ ”بوليٽيريا“ ٺاهيا. هي هڪ اهڙو ڊش هو، جنهن کي خود ملڪه پچائيندي هئي. هن کي کائڻ لاءِ چانديءَ جا ٿانوَ ۽ امير جا  چاقو استعال ڪيا ويندا هئا. انهن شين جو استعمال  صرف فنگين لاءِ مخصوص هو.

مشهور تاريخدان مارشل (103ع-143ع) لکي ٿو ته، ”انهيءَ زماني ۾ فنگين لاءِ مخصوص ٿانوَ هئا. هن هڪ شهنشاهه جو تذڪرو به ڪيو آهي، جنهن مهمانن جي فنگين جي دعوت ڪئي پر فنگين جو سڄو ڊش پاڻ کائي ويو. انهيءَ تي هڪ مهمان ٽوڪ طور هڪ نظم به لکيو. مارشل لکي ٿو ته، جڏهن فنگين جو ڊش تحفي طور موڪليو ويندو هو ته، خود شهنشاهه پاڻ کڻي ويندا هئا. مصر جي فراعنه (فرعون جي زال) به فنگين جي شوقين هئي، ٽرفل نالي فنگين جو استعمال صرف فرعون ۽ جرنيلن لاءِ مخصوص هو. عام لاءِ هي منع ٿيل هئي ۽ انهيءَ عمل جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن کي تمام وڏي سخت سزا ڏني ويندي هئي. ٽرفل کي تندرستي، ڊگهي عمر ۽ طاقت جو ذريعو سمجهيو ويندو هو.

حديث پاڪ ۾ به انهيءَ جو حوالو ملي ٿو ته، بني اسرائيل کي جلاوطني دوران آسماني کاڌو ”من وسلوا“ ڏنو ويندو هو، ٽرفل فنگي به انهيءَ کاڌي جو حصو هئي، جيڪا اڄ به سينا جي صحرا ۾ قدرتي طور ملي ٿي، وچين دور ۾ به فنگي جي استعمال جا ڪيترائي احوال ملن ٿا. جيراڊ نالي هڪ طبيب پنهنجي نظمن ۾ فنگيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي زهريلن ۽ کائڻ وارين ٻن گروپن ۾ ورهايو آهي.

ڪيترن ملڪنن ۾ فنگيءَ جون فهرستون ۽ انهن جا قسم ڏنا ويا آهن.

مثال طور : فرانس ۾ 13 قسم، سوئٽزرلينڊ ۾ 78 قسم، اٽلي ۾ 6 قسم، جرمنيءَ ۾ 8 قسمن جي فهرست جاري ڪئي ويندي آهي، جيڪي فنگيون ڀاڄي طور کاڌيون وڃن ٿيون، سي هي آهن.

ٽين يا فرنچ فنگي (Buton Mushroom)

شيٽاقي فنگي (Shitake Mushroom)

چيني يا پرالي جي فنگي(Chiness Straw Mushroom)

آسٽر فنگي (Oyster Mushroom)

 

ڇا اوهين ڄاڻو ٿا ته کُنڀين هن وقت تائين انسان ذات جو ڪيترو قتل ڪيو آهي؟

يوناني دور ۾ يوري پائيڊس (Euripides) نالي مشهرو شاعر جو موت زهريلي کنڀي کائڻ جي ڪري ٿيو، تنهن ڪري هي پهريون تاريخي قتل لکيو وڃي ٿو، جيڪو فنگين ڪيو هو.

يوناني، رومي ۽ بني اسرائيل ۾ جڏهن به قحط يا وباجو شڪار ٿيا جڏهن ته ڪڻڪ جي زرد ڪنگي يا ڪنهن به قسم جي فصلن جي بيمارين جي صورت ۾ ته، اهي هڪدم پنهنجي اعمالن جو احتساب ڪرڻ لڳندا هئا.

روم وارا بهار جي مند ۾ هڪ ميلو لڳائيندا هئا، ان جو نالو روبيگيليا (Robigalia) هو. هي ميلو ڪنگي (Rust) نالي بيماريءَ جي ديوتا (Robigus) جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ لڳائيندا هئا. ته جيئن انهن جي فصلن کي ديوتا ڪنهن به قسم جي بيماريءَ کان محفوظ رکي. سندن خيال هو ته فنگيءَ جي بقا جو دارومدار رومي ديوتا ۽ ميلي جهڙي ڏينهن تي آهي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. حقيقت ۾ بهار جي موسم ۾ گرميءَ جو درجو ۽ انهيءَ موسم ۾ فضا ۾ موجود گهم بيماريءَ جي ڦهلاءَ لاءِ نهايت موزون هوندي هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو ڪڻڪ تي بيماري بهار جي مند ۾ لڳندي هئي. هڪ رومي شهنشاهه (Ceasor Cladius) کي سندس زال (Agrippina) کنڀين جي ڀاڄيءَ ۾ زهر ملائي کارايو. هي اهي کنڀيون هيون، جنهن جو هو بي حد شوقين هو. اهڙيءَ طرح بادشاهه جي موت جو الزام فنگين تي لڳو. انهيءَ فنگيءَ جو نالو ئي (Ceasors Mushroom) هو.

فرانس جو بادشاهه چارلس ڇهون ۽ پوپ ڪليمنٽ ستون زهريلي فنگي کائڻ جي ڪري اجل جو شڪار ٿيا. اهڙيءَ طرح فنگيءَ سان ٿيڻ وارن خونن جي فهرست ۾ وڌيڪ ٻن تاريخي ۽ سياسي موتن جو اضافو ٿيو.

1945ع آئرلينڊ ۾ جيڪو تاريخي قحط آيو انهيءَ جو سبب به فنگس کي قرار ڏنو وڃي ٿو. فنگس جي بيماريءَ سان پٽاٽي جو فصل تباهه ٿي ويو، آئرلينڊ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ پٽاٽو کاڌي طور استعمال ٿئي ٿو، جهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اوڀر وارن ملڪن ۾ چانور پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌا ويندا آهن، فنگس جي وسيلي لڳندڙ بيماريءَ سان سڄي يورپ خاص طرح آئرلينڊ ۾ پٽاٽي جو فصل مڪمل طور تباهه  ٿي ويو،  جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو بک ۽ بيماريءَ سان مري ويا، جڏهن ته لکين ماڻهو بک جي خوف کان لڏي پلاڻي براعظم آمريڪا ۾ اچي ويٺا.

هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته، برطانيا، يورپ ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو چانهه جا بيحد شوقين هئا ۽ ڪم جي وچ چانهه جو وقفو ضروري سمجهيو ويندو هو. ايتري تائين جو جنگ دوران به چانهه جو وقفو ٿيندو هو پر اها دلچسپ حقيقت آهي، ته چانهه کي ڇڏي ڪافيءَ جو وقفو ٿيڻ لڳو، جنهن جي ڪري به هڪ فنگس ٺهي، جنهن دنيا جي هڪ حصي جي گهڻن ملڪن  ۾ چانهه کي عادت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. توڙي جو اها حقيقت آهي ته کائڻ پيئڻ جي شين جي عادت ۾ تبديليءَ لاءِ ڪيترا ئي سال لڳي ويندا آهن.

انهيءَ جو پسمنظر اهو آهي ته برطانيا ۽ يورپ ۾ استعمال ٿيڻ واري چانهه جي سڄي ضرورت سريلنڪا مان پوري ڪئي ويندي هئي ۽ هتي موجود سڀئي چانهه جا فارم لپٽن ۽ بروڪ بانڊ وغيره جهڙين ڪمپنين جي ملڪيت هئا، جيئن ته سريلنڪا ۾ چانهه جي فصل کي فنگس جي بيماري وبا جي صورت ۾ لڳي، چانهه جا سڀئي فارم تباهه ٿي ويا. نتيجي ۾ هتي چانهه بجاءِ ڪافي پوکجڻ شروع ٿي. اهڙيءَ طرح ڪافي جو رواج پيو.

يورپ ۾ ڪڻڪ سان گڏ رائي (Rye) به پوکي ويندي هئي. انهيءَ جي پيداوار ۽ کپت ڪڻڪ جي برابر هئي. وچين زماني ۾ رائي جي فصل تي ارگٽ نالي بيماريءَ جو حملو ٿيندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ فنگس داڻا نه پر ميوا ٺاهڻ لڳا ۽ اهي ميوا زهريلا هوندا هئا. انهيءَ ميون جي ڪري اٽو زهريلو ٿي ۽ زهريلي اٽي جي استعمال سان بيشمار ماڻهو مري ويا. هن بيماريءَ کي ماڻهو پاڪ باهه (Holy Fire) يا سينٽ انٿوني جي باهه جي نالي سان سڏيندا هئا. پوءِ سائنس ثابت ڪيو ته اٽي کي زهريلو بنائڻ ۾ اصل ۾ فنگس جو ڪم آهي. هڪ ڀيري بادشاهه پيٽر حملو ڪرڻ وارو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ زهريلي رائي جو اٽو کائڻ جي ڪري هزارين فوجي مري ويا. بادشاهه کي مجبور ٿي حملو ملتوي ڪرڻو پيو. اهڙيءَ طرح هي فنگس هڪ نهايت خطرناڪ جنگ کي روڪڻ جو سبب بڻي.

اها تاريخي حقيقت آهي ته برطانيا جو هڪ بحري ٻيڙو سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. تحقيق ڪرڻ تي خبر پئي ته فنگس سڄي جهاز جي تختن کي کائي ويا ۽ ان ۾ سورراخ ٿي پيا، جنهن جي ڪري ٻيڙي ۾ پاڻي ڀرجي ويو، ۽ اوچتو ٻيڙو ٻڌي ويو. اهڙيءَ طرح فنگس برطانوي ٻيڙي کي ٻوڙڻ جو ڪارڻ بڻيا.

1932ع ۾ ويلز جي شهر ۾ ڪيترائي ماڻهو سوا ڪنهن سبب جي پنهنجي گهرن ۾ مرڻ لڳا. وڏي پيماني تي قتل ٿيڻ وارن جي تحقيق هڪ ڳجهارت بڻجي ويئي، تنهن ڪري پتو لڳائڻ وارن کي ڪو به ثبوت ۽ ظاهري سبب معلوم نه ٿي ٿيو. پر تمام گهڻي کوجنا کان پوءِ معلوم ٿيو ته انهيءَ وڏي پيماني تي قتل جو اصل ذميوار هڪ فنگس (Scopulariopiss) هو. هي فنگس ڀتين جي سائي رنگ جي ڪاغذ تي ڦٽندو هو ۽ اهڙيءَ طرح اهو قتل جو ڪارڻ بڻبو هو. انهيءَ جو سائنسي سبب اهو هو ته، اهو ڪاغذ جي سائي رنگ ۾ موجود آرسينڪ جي مرڪب (Arsenic Compound) جيڪي بي حد زهرريلا هوندا آهن، سان ملي زهريلي گئس ۾ تبديل ڪندو هو، جنهن کي ٽراءِ ميٿائيل آرسين (Trimethyle Arsen) چئبو آهي. اها زهريلي گئس ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو سبب بڻي.

 

اوهين انهيءَ ٻوٽي بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ جنهن کي موت جو فرشتو (Amanitarirasa) چيو وڃي ٿو.

جي ها! اهڙو ٻوٽو ڦنگي آهي. هي ٻوٽا مائيڪو فائيٽا ۾ شامل آهن. هنن ٻوٽن جا ٻه گروهه آهن. گپ سينور (Slime Mould) ۽ ٻيو لعابي کنڀي. ڪجهه ڦنگيون پنهنجي نشونما دوران ڪيميائي مادا ٺاهينديون آهن، جيڪي انسانن ۽ جانورن لاءِ نقصان جو ڪارڻ بڻجن ٿا، انهن زهريلن مادن کي Toxin چئبو آهي. مختلف فنگين ۾ مختلف قسمن جا زهريلا مادا ٺهندا آهن. اهي مادا پنهنجي عمل ۽ ڪيميائي جزن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن. انهن مان ڪن جو تفصيلي ذڪر هن هيٺ ڏجي ٿو.

ڪلئويسيپز نالي ڦنگي پنهنجو ميوو رائي (Rye) ، (جيڪو ڪڻڪ جو هڪ قسم آهي) ٺاهي ٿي. اهي ڦنگس ننڍي آڱر جيترا ڪاري رنگ جا هوندا آهن، جن کي اسڪليرو ٽيم (Sclerotim) چئبو آهي. ان ۾ الڪيلائيڊ (Alkaliod) ٿيندو آهي، جيڪو انسانن ۽ جانورن لاءِ نقصانڪار آهي. انهيءَ جي استعمال سان ارگوٽزم نالي بيماري ڦهلجندي آهي. هن جي کائڻ سان گوڏن، ٻانهن، ٽنگن، نڪ ۽ ڪن تي ماس کائيندڙ ڳوڙهيون ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ سواءِ رت وهڻ جي جسم جو حصو ڇڻن لڳندو آهي. جانورن ۾ انهيءَ کانسواءِ سڱ ۽ کُرَ وغيره ڇڻي ڪري پوندا آهن، انهيءَ سان موت واقع ٿي ويندو آهي.

عام ڦنگي چراگاهن، گاهه يا اناج جي ٻوٽن جي سڙيل ۽ ڳريل پنن تي ٿيندي آهي. هن سان هڪ قسم جو زهر اسپوروڊ سمن پيدا ٿيندو آهي، جيڪڏهن جانور اهڙو زهريلو گاهه کائن ته ڳوڙهيون ٿي پونديون اٿن. انهيءَ کان سواءِ اهو زهر جيري کي نقصان پهچائي ٿو.

ڪجهه ڦنگيون وري مهمان طور اُڀرنديون آهن ۽ مائڪو ٽاڪسن نالي زهر پيدا ڪنديون آهن. ڪي وري ايپلا ٽاڪسن نالي زهر پيدا ڪنديون آهن. جيڪو تمام گهڻو ۽ سخت زهر سمجهيو وڃي ٿو. اهو سڀ کان وڌيڪ مال جي واڙن ۽ پولٽري فارمن کي نقصان پهچائي ٿو. ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۾ زهريلي پولٽري خوراڪ جي استعمال جي نتيجي ۾ هزارين پولٽري فارم خالي ٿي ويا  تحقيق ڪرڻ تي خبر پئي ته مل جي پيٺل مڪئي ۾ Aspergillus نالي فنگي تمام گهڻي هئي، جنهن جي ڪري Aplatoxin پيدا ٿيو، ۽ خوراڪ زهريلي ٿي ويئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال مينهن تمام گهڻو پيو هو. گهم جي ڪري انهيءَ ۾ ڦنگي پيدا ٿي، ڇاڪاڻ ته ڦنگيون گهم ۾ پيدا ٿينديون آهن.

فنگين انسان جي تاريخ جي ابتدائي ڏينهن کان انسان کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي. 3000 قبل مسيح کان انسان ۽ جانورن ۾ ان جو زيان جاري آهي. هي ٻن قسمن جا زهر پيدا ڪري ٿي. پهريون ”گهرڙيائي زهر جنهن سان هاضمي جو سرشتو متاٿر ٿئي ٿو، جنهن سان مريض کي دست الٽيون ۽ پيٽ سور جي تڪليف ٿيندي آهي.“ جڏهن ته ٻئي قسم جو  زهر (Nervous Poison) آهي، جيڪو انسان جي ”اعصابي سرشتي کي متاٿر ڪري ٿو.ان جي استعمال سان متاثر ماڻهوءَ کي ساهه بيهڻ، دل تيز ڌڙڪڻ ۽ غير متوازن ٿيڻ جي ڪري موت به واقع ٿي سگهي ٿو.

تنهن ڪري هن کي موت جو فرشتو نالو ڏنو ويو آهي. ”شاهه لطيف پنهنجي شعر ۾ ڦنگي جو ذڪر آندو آهي، ۽ ٻڌايو اٿس ته ٿرين جي خورراڪ آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته، ٿر واسي ڦنگيءَ مان چڱيءَ طرح واقف آهن. ڇاڪاڻ ته ڦنگن جا ڪجهه قسم ئي ترڪاريءَ طور کائي سگهجن ٿا. باقي گهڻي ڀاڱي زهريليون ٿين. يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾  کائجڻ وارين ۽ زهريلين ڦنگين جي رنگين تصويرن سان مشروم گائيڊز“ نالي ڪتاب ملن ٿا، جنهن وسيلي ڦنگين جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.

 

ڇا ٻج به ننڊ ڪندا آهن؟

سائنس جي لحاظ کان ٻج جيستائين ڦٽي نه ٿو، تيستائين اهو عرصو ان جو ننڊ جو زمانو چئبو آهي. ٻج جڏهن زمين تي ڪري ٿو ته، اهو هڪدم ناهي ڦٽندو، ڇاڪاڻ ته اهو ستل هوندو آهي. ٻج جي ننڊ واري زماني کي سائنس ۾ (Dormacy) چئبوآهي، جنهن دوران ٻج جيئرو ته هوندو آهي، پر ڦٽندو نه آهي. انهي ننڊ واري وقت گذرڻ کان پوءِ ٻج ۾ ڦٽڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي. مختلف ٻجن ۾ ننڊ جو زمانو مختلف هوندو آهي. اهو زمانو ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪيترن مهينن تائين ٿي سگهي ٿو.

توهان گهرن ۾ رکيل بصر ته ڏٺا ئي هوندا، جيڪڏهن اهي ٽڪري ۾ پيا هجن يا فرش تي ڇهن ستن مهينن کان پوءِ پاڻ مرادو ڦٽي پوندا آهن. گونچ ٻج جي ايمبريو مان ٺهندو آهي.

ٻج ڦٽڻ جي لحاظ کان ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا اهي جيڪي پوکڻ کان پوءِ زمين کان ٻاهر نڪري ايندا آهن. اهڙي ڦوٽهڙي کي اپي جيل (Apigeal) چئبو آهي. هيرڻ جو ٻج انهيءَ جي ڦوٽهڙي جو عام مثال آهي. ٻيا اهي ٻج آهن، جيڪي زمين ۾ اندر ڦٽن ٿا. اهڙي قسم جي ڦوٽهڙي کي هاءِ پوجيل (Hypogeal) چئبو آهي.

اهڙن ٻجن جي جسامت ۾واڌ آهستي ٿئي ٿي. چڻن ۽ مٽرن جا ٻج انهيءَ جو مثال آهن.

 

بند ٻج ٻوٽن (Angio Sperms) بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

ٻوٽن جي دنيا ۾ بند ٻج ٻوٽن جو گروهه نهايت اهم گروهه آهي. هن گروهه ۾ ٻوٽا، گلدار ۽ ميويدار وڻن ۽ ٻوٽن جا لاتعداد قسم اچي وڃن ٿا. هنن ٻوٽن ۾ بيضي داڻي ۾ بيضا هوندا آهن. جيڪي جنسي ميلاپ کان پوءِ ٻج جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، ۽ بيضي داڻي ميوي جي شڪل اختيار ڪري وٺندي اهي. مادي گيميٽ ٺاهڻ وارو نسل مختصر جسامت وارو ٿيندو آهي. ڪاٺيءَ ۾ رڳون هونديون آهن، ۽ انهن جي ڪاٺي Hard wood ٿيندي آهي. آسٽرو گهرڙا بيليا کان سواءِ سڀني ٻوٽن جي فلوئم ۾ ساٿي گهرڙا ٿيندا آهن. هنن ٻوٽن جا ٻج (Endosperm) مرڪزن جي، ٽيڻي ميلاپ سان ٺهندا آهن ۽ بيضن ۾ گهڻو ڪري سخت جَهليون هونديون آهن.

هن ٻوٽن جي گروهه بندي ۾ موجوده دور ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون ويون آهن. هڪ عرصي تائين اينگلر (Angler)، بينٿم (Bnetham) ۽ هوڪر (Hooker) جي گروهه بندي جو سرشتو رائج رهيو. موجوده دور ۾ رائج سرشتو اصل ۾ ٻن سائنسدانن جي پيش ڪيل سرشتي تي مشتمل آهي، جيڪو پاڻ ۾ تام گهڻي هڪ جهڙائي رکي ٿو. انهن مان هڪ روسي سائنسدان تختا جان (Takhtajan) ۽ ٻيو آمريڪي ڪرونڪوئسٽ (Cronquist) آهي. ڪتابن ۾ موجود جيڪا گروهه بندي آهي. اها به انهن ٻنهي سائنسدانن يعني تختا جان ۽ ڪرونڪوئسٽ جي هلي ٿي، جٿي جٿي ضرورت محسوس ڪئي ويئي اتي پراڻي سرشتي مان نالا کنيا ويا آهن.

 

بند ٻج ٻوٽن(اينجيو اسپرم) جي ميون جي ڄاڻ ڏيو؟

بند ٻچ ٻوٽن وارن ميون جا مثال هن طرح آهن؛

سنڌي نالو

نباتاتي نالو

خاندان

سيتا ڦل

هنداڻو

نارنگي

ليمون

چڪون

مالٽو

ناريل

گدرو

کيرو

لوڪاٽ

ڄمون

فاروان

انب

ڪيلو

آلو بخارا

زيتون

صوف

ناسپتي

ڏاڙهون

انگور

اينونااسڪيوموسا

سٽرولس ولگيرس

سائٽرس اورانٽيم

سائٽرس سٽرون

سائٽرس ڊيڪيومانا

سائٽرس سائننس

ڪوڪس نيو سيفيرا

ڪيوڪومس ميلو

ڪيوڪومس سئٽائوس

اريبوٽراياپونيڪا

يوجينيا جمبولانا

گريويا اشياٽيڪا

مئنگيفيرا انڊيڪا

مساپيراڊيسڪا

پرونس بخارنس

سائڊم گوا آوا

پائرس ميلس

پائرس پائريفوليا

پيونيڪا گرنيٽم

وائٽس روٽنڊيفوليا

اينونيسي

ڪيوڪر ڊايسي

روئٽيسي

روئٽيسي

روٽيسي

روئٽيسي

پالميسي

ڪيوڪربٽيسي

ڪيوڪربٽيسي

روزيسي

مائرٽيسي

ٽيلي ايسي

ايناڪار ڊائيسي

مسيسي

روزيسي

مائرٽيسي

روزيسي

روزيسي

مائرٽيسي

وائٽيسي

سبزيءَ وارن بند ٻج ٻوٽن بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟ عام سبزين جا نباتاتي نالا ۽ خاندان ٻڌايو؟

ٿوم

بصر

ڪچنار

گوگڙو

بند گوبي

 

گل گوبي

مرچ سائو گول

سائو مرچ

ڪدو

توري

ٽماتو

ڪريلو

 

مٽر

پٽاٽو

پالڪ

ايليم اسٽاوئم

ايليم سيپا

بوهينيا ويريگيٽا

براسيڪانئپين

براسيڪا ريسيا (ڪيپيٽيٽا)

براسيڪا ريسيا

ڪپسيڪم اينم

ڪپسيڪم انڊيڪم

ڪيوڪر بيٽاپيپو

ليگينيريا ولگيرس

لائڪوپر اسيڪيولم اليسڪولنٽم

ممورڊيڪا چراشيا

پائم اسٽائوم

سولانم ٽيوبروسم

اسپنيسيا اوليريسيا

للائيسي

للائيسي

لگيومينوسي

ڪروسي فري

ڪروسي فري

 

ڪروسي فري

سولنيسي

سولنيسي

ڪيوڪر بٽيسي

ڪيوڪر بٽيسي

سولنيسي

ڪيوڪر بٽيسي

 

ليگيومينوسي

سولنيسي

چينوپوڊ

ڇا توهان کي دالين ۽ اناج جي نباتاتي نالن جي ڄاڻ آهي؟

چڻا

سويابين

مانهه

منڱ

جَوَ

ٻاجهري

چانور

ڪڻڪ

مڪئي

سائسرايريٽنيم

گلائيسن سويا

لينزا اسڪيولنٽا

فيولس منگو

هورڊيم ولگير

پني اسيٽيم ٽائفوڊيم

رائزهه اسٽاوا

ٽريٽيڪم ولگير

زياميز

ليگيومينوسي

ليگيومينوسي

ليگيومينوسي

ليگيومينوسي

گريميني

گريمني

گريمني

گريمني

گريمني

ڇا اوهين گرم مصالحي جي شين جا نباتاتي نالا ڄاڻو ٿا؟

ڪارا مرچ

زيرو(ڪارو)

زيرو (سفيد)

ڌاڻا(خشڪ)

هنگ

دارچيني

هيڊ

لونگ

ڦودنو

پائر نگرم

ڪيرم ڪيپٽيڪم

ڪيومينيم ساميميم

ڪوري انڊرم اسپٽائوم

فيريولا ايسزي فوٽائيڊ

سامومم زيلينيڪا

ڪيوڪومالونگا

يوجينيا اروميٽيڪا

مينٿاوريڊس

پائپريسي

امبلي فري

امبلي فري

امبلي فري

امبلي فري

لوريسي

زنجيبريسي

مائرٽيسي

ليبي ايٽي

اوهين خشڪ ميون جي نباتاتي نالن ۽ انهن جي فيملين بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

منڱيرو

کاڄو

پسته

بادام

ڪشمش

انجير

توت خشڪ

اريڪس هائپوجيا

ايناڪارڊيم اوسيڊينٽل

پسٽيڪيا ويرا

پرونس ايمگڊيلس

وائٽس روٽنڊيفوليا

فائڪس ڪاريڪا

مورالبا

ليگيومينوسي

ايناڪارڊيسي

اينا ڪارڊيسي

روزيسي

وائٽسي

موريسي

موريسي

 

جيمنو اسپرو (Gymnosperms) ڇا کي چئبو آهي؟

جيمنو اسپرم  (Gymnosperms) لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن (Gymos) ۽ (Sperm) سان ملي ٺهيو آهي، جيمنوس جي معنيٰ آهي: اگهاڙا ۽ اسپرم جي معنيٰ آهي: ٻج. يعني اگهاڙي ٻج ٻوٽا.

اهڙا ٻوٽا جن ۾ ميوو نه هجي پر بنا ميووي اگهاڙا ٻج هجن، انهن ٻوٽن کي جيمنو اسپرم ٻوٽا چيو وڃي ٿو.

جيمنو اسپرم کي ٽن ذيلي گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جتي جيمنو اسپرم جي حيثيت ڊويزن واري هجي اتي انهن کي ذيلي گروهن کي جماعت جو نالو ڏنو ويندو. انهن جماعتن جا نالا آهن.

سائيڪيڊ وپسڊا

ڪونيفر وپسڊا

جمني ٽوپسڊا

جيڪڏهن انهن کي ذيلي ڊويزن چيو وڃي ته انهن جا نالا هن طرح هوندا:

سائڪيڊئسي يا سئيڪيوڊو فائيٽا

پنيسي يا ڪونيفرو فائيٽا

جني ٽيسي يا نيٽو فائيٽا

جيڪڏهن انهن کي هڪ گروهه مڃيو وڃي ته انهن جا نالا هن طرح ٿيندا:

سائيڪيڊ وفائيٽنا

ڪونيفروفائيٽنا

ميگنيلو فائيٽنا

جيمنو اسپرم ٻوٽا نڍن ٻوٽن کان وٺي تمام وڏن وڻن تائين ٿين ٿا.هنن ٻوٽن ۾ بيضو (Ovule) اگهاڙو يعني بيضي داني (Ovary) ناهي ٿيندي. مادي گيمٽ ٺاهڻ واري نسل  ۾ 500 کان وڌيڪ گهرڙا هوندا آهن.

مادي گيميٽ ٺاهڻ واري نسل مان مختصر تخمڙي خانو پيدا ٿيندو آهي. انهن وڻن جي ڪاٺي جنهن ۾ رڳن جي جاءِ تي صرف ڪاٺ ناليون (Tracheide) هجن، ته ان کي نرم ڪاٺي (Soft wood) چئبو آهي. انجي فلوئم ۾ ساٿي گهرڙا ناهن ٿيندا. انهن ۾ ٻٽي بار آوري ناهي ٿيندي. تخم مادي گيميٽ بنائڻ واري نسل مان ٺهندو آهي. ۽ هي هيڪوڻو (Haploid) هوندو آهي. هر هڪ بيضي ۾ هڪ اندروني جهلي هوندي، پر اها ٽن تهن تي مشتمل هوندي آهي.

هي ٻوٽا آزاد ڪشمير، دير سوات، گلگت ۽ اترين علائقن ۾ ٿين ٿا.

چيڙ، چلغوزو، ڪيل ديودار، مورپنک وغيره هن قسم جا ٻوٽا آهن.

 

ڇا ٻوٽن لاءِ سج جي روشني ضروري آهي؟

ٻوٽن جي حياتيءَ لاءِ روشنيءَ جو هئڻ نهايت ضروري آهي ۽ ٻوٽن جي حياتيءَ جو دارومدار ئي روشنيءَ تي آهي ۽ ٻوٽن لاءِ روشنيءَ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو سج آهي.

ٻوٽا سج جي روشنيءَ جي موجودگيءَ ۾ لوڻ، پاڻي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ميلاپ سان گلوڪوز ٺاهيندا آهن، جيڪو ٻوٽن جو کاڌو آهي. انهيءَ عمل کي روشنائي ترڪيب جو عمل چئبو آهي. هوند اهو عمل روشنيءَ کان سواءِ ممڪن ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ٻوٽن کي گلوڪوز ٺاهڻ لاءِ توانائي جي ضرورت پوندي آهي، جيڪا سج جي روشنيءَ مان حاصل ڪندا آهن. روشنيءَ جي ستن رنگن مان روشنائي ترڪيب جي عمل لاءِ نيرن ۽ ڳاڙهن ڪرڻن جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهي ٻئي شعاع گهڻي کان گهڻا ستعمال ٿيندا آهن.

روشنائي ترڪيب لاءِ به روشني جو هئڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته روشنيءَ جي موجودگيءَ ۾ سائو مادو ڪلورو فل ٺهندو آهي. انهيءَ سائي مادي لاءِ سج جي روشني ضروري آهي. هوند اهو مادو جيڪڏهن نه ٺهي ته ٻوٽي جو کاڌو تيار ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي.

ماهرن سج جي روشنيءَ جي استعمال کي مساوات جي ضرورت ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي.

پاڻي + ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سج جي روشني، سائو مادو، کنڊ + آڪسيجن.

 

ڪونڊيءَ ۾ رکيل ٻوٽا جيڪڏهن ڇانوَ ۾ رکجن ته ڪومائجي ويندا آهن. ان جو ڪهڙو سبب آهي؟

ٻوٽن يا وڻن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪي شيون ضروري هونديون آهن. مثال طور، پاڻي آڪسيجن، گرميءَ جو درجو، سج جي روشني وغيره وغيره

اصل ڇاهي ته، سج جي روشنيءَ جي موجودگي وڻ ۽ ٻوٽا. ڦوٽو سينٿيسز وسيلي خوراڪي مادا ٺاهن ٿا، جيڪي ٻوٽن جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهن، جڏهن اسين ڪونڊيءَ واري ٻوٽي کي ڇانو يا ڪمري ۾ رکندا آهيون ته توڙي ڏينهن هوندي به ٻوٽي کي سج جي روشنيءَ جو گهربل مقدار نه ملڻ ڪري ٻوٽي ۾ روشنائي ترڪيب جو عمل (Photosynthesis) نه ٿو ٿئي ۽ ٻوٽو پنهنجي لاءِ گهربل کاڌو تيار ڪر نٿو سگهي، جنهن جي ڪري پهرين، ٻوٽي جا پن نيسائجڻ يا ڪومائجڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ سڙڻ شروع ٿيندا آهن.

اهڙي قسم جي ٻوٽي ۾ واڌ ويجهه جو عمل نٿو ٿئي، تنهن ڪري ٻوٽو قد بت نٿو وڌائي.

بيڪٽريا بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

بيڪٽيريا هڪ گهرڙي (Unicellutor) تي مشتمل سادو ٻوٽو آهي. هن جو قد 1/5 مائڪران ميٽر جي برابر ٿيندو آهي. هي ايترا ته ننڍڙا ٿيندا آهن، جو  طاقتور خوردبين کان سواءِ نظر ناهن ايندا.

ماهرن ٻوٽن جي گروهه بندي ڪندي بيڪٽيريا کي فائلم شائزو مائيڪو فائيٽا (Schizomycophyta) ۾ رکيو آهي. اهي مختلف صورتن، جهڙوڪ: ڊگها، گول، بيضوي ۽ اسپرنگ نما ٿين ٿا. هي ٻوٽا آهن، پر سادا ٻوٽا آهن. هن ۾ ڪلوروفل ناهي ٿيندو، تنهن ڪري پنهنجي خوراڪ پاڻ تيار ڪري ناهن سگهندا. خوراڪ لاءِ ٻين جاندارن تي گذارو ڪندا آهن، انهيءَ ڪري کين مفت خور (Parasite) چئبو آهي. ڪي بيڪٽيريا اهڙا به آهن، جيڪي مخصوص طريقي جنهن کي ڪيموسنٿيسس (Shemosynresis) وسيلي پنهنجي خوراڪ تيار ڪندا آهن.

بيڪٽيريا پنهنجي نسل جي واڌ ٻيڻ واري طريقي (Binary Fission) وسيلي ڪندا آهن. هن طريقي ۾ بيڪٽيريا وچ مان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو اهي. سازگار حالتن ۾ اهي ٻئي حصا اڌ ڪلاڪ ۾ وڌي مڪمل بيڪٽيريا ٿي ويندا آهن ۽ ٻيهر ورهائجڻ جي قابل ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن حالتون سازگار نه هجن، جهڙوڪ: سخت سيءَ هجي، يا سخت گرمي هجي، ته ننڊ ۾ رهندو آهي. جڏهن وري حالتون سازگار هجن، ته هو اهو غلاف ڦاڙي ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ معمول مطابق پنهنجي زندگي گذاريندو آهي.

ڪي بيڪٽيريا جانورن لاءِ نقصانڪار هوندا آهن. اهڙي قسم جا بيڪٽريا مئل جانورن ۽ ٻوٽن تي زندگي گذاريندا آهن ۽ انهن ردوبدل ڪري انهن کي سادن مرڪبن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن بيڪٽريا کي گند خور (Saprophytic) چئبو آهي. هي بيڪٽريا جانورن جي جسم ۾ زهريلا مادا پيدا ڪندا آهن، جنهن جي ڪري  مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندا آهن.

ڪجهه بيڪٽريا انسانن ۾ مختلف بيماريون، جهڙوڪ:  نمونيا، ٽائفائيڊ، ٽي بي، پيچش وغيره پيدا ڪن ٿا. پر ڪي وري فائديمند به ٿيندا آهن.

مثال طور: بيڪٽيريا جو هڪ قسم کير کي ڏهي ۾ تبديل ڪري ٿو. ڪجهه بيڪٽيريا پنير ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ڪجهه وري ڪمند جي رس مان خمير ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

 

بي پاڙي (Cascuta) جنهن وڻ ۾ ٿئي، اهو وڻ سڪي ڇو ويندو آهي؟

بيپاڙي، هيڊي رنگ جو ٻوٽن جي دنيا جو هڪ رڪن آهي، هيءَ خا طرح ٻير، ٻير ۽ ٻين وڻن جي ٽارين تي ٿيندي آهي. هي اهڙو ٻوٽو آهي، جنهن ۾ نه ته ڪو پن ٿئي نه پاڙ ٿئي ۽ البت گل ۽ ميوو ٿيندو اٿس. هن ۾ تارن جهڙا ڊگها ڌاڳا ٿيندا آهن. هي مفتخور (Parasite) ٻوٽو آهي.

هن ٻوٽي ۾ جيئن ته پن ڪو نه ٿين، تنهن ڪري هي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ناهي ڪري سگهندو. هي پنهنجو کاڌو ٻين وڻن مان  حاصل ڪندو آهي، تنهن ڪري هن کي مفتخور ٻوٽو چئبو آهي.

هيءَ ميزبان ٻوٽي جي ٿڙ ۽ ٽارين مان پنهنجي مخصوص بناوت وسيلي پنهنجو کاڌو حاصل ڪندو آهي، جيئن ته، ٻوٽو جيڪو کاڌو پنهنجي لاءِ تيار ڪندو آهي سو اها بي پاڙي چوسي وٺندي آهي ۽ اصل ٻوٽي لاءِ کاڌو بچندو ئي ناهي. اهڙيءَ طرح اهو ٻوٽو، جنهن تي اها بي پاڙي ٿيندي آهي، سو سڪندو ويندو آهي ۽ آخرڪار سڪي صفا ختم ٿي ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org