سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: ڏهون

صفحو :13

 

اوهين ڪلورو فارم (Chloroform) بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

سترهين صدي عيسوي ۾ هڪ انگريز جان ري ڳاڙهين ڪِولين جي هڪ جٿي کي پچائي هڪ پاڻياٺ حاصل ڪئي. انهيءَ کي هن فارمڪ ائسڊ (Formic acid) جو نالو ڏنو. هي لفظ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ فارميڪا (Formica) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”ڪول“. ڪول جي چڪ پائڻ وقت جيڪو  سور ٿيندو آهي. اهو اصل انهيءَ ٿورڙي فارمڪ ائسڊ جي ڪري ٿيندو آهي، جيڪو چڪ پائڻ وقت ڪول جسم ۾ داخل ڪندي آهي. فارمڪ ائسڊ هڪ تيزاب آهي ۽ اهو ايترو طاقتور تيزاب آهي، جيڪو جسم ۾ داخل ٿيڻ تي سخت ساڙو ۽ تڪليف جو ڪارڻ بڻجندو آهي.

فارمڪ ائسڊ جي ماليڪيول ۾ ڪاربان جو صرف هڪ ائٽم هوندو آهي. هن ائٽم جي هڪ پاسي هائڊروجن جو هڪ ائٽم ۽ ٻئي پاسي آڪسيجن جو هڪ ائٽم هوندو آهي. جڏهن ته ٽئين پاسي هڪ هائڊروجن ۽ هڪ آڪسيجن جو مجموعو، جنهن کي هائڊرو آڪسل گروپ چئبو آهي. لڳل هوندو آهي. اڪيلو ڪاربان آئٽم سان ڳنڍيل انهن گروهن ۾ جيڪڏهن ٿورڙي تبديلي اچي ته، مختلف نوعيت جا مرڪب پيدا ٿين ٿا. عام طور تي انهن سڀني مرڪبن جي نالن ۾ فارم “Form” لفظ رکيو ويندو آهي. ڪيميا جي اصلاح ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته هڪ مرڪب پنهنجو نالو ڪنهن ٻئي مرڪب کي ڏيندو آهي ۽ پوءِ وقت سان گڏوگڏ نالي جو اصل ماخذ نظرن کان اوجهل ٿي ويندو آهي.

مثال طور: جيڪڏهن فارمڪ ائسڊ جي  فارمولي مان هائڊرو آڪسل گروپ کي هٽائي هائڊروجن جو هڪ ائٽم لڳايو وڃي ته حاصل ٿيڻ واري ماليڪيول ۾ ائٽمن جي ترتيب ايلڊيهائيڊ مرڪبن وانگر ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري قدرتي طرح هن مخصوص ايلڊيهائيڊ جو نالو فارم ايلڊيهائيڊ (form aldehyde) ٿيندو. هن فارم ايلڊيهائيڊ جو 40 سيڪڙو آبي ڳار فارمالين (Formalin) ٿيندو آهي. اهو ئي فارمالين حياتياتي تاندرون کي ڳرڻ ۽ سڙڻ کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

فارمڪ ائسڊ جي انهيءَ ئي هائڊرو آڪسل گروپ جي جاءِ تي جيڪڏهن ڪلورين جو هڪ ائٽم ۽ آڪسيجن جي هڪ ائٽم جي جاءِ تي ڪلورين جا ٻه وڌيڪ ائٽم لڳايا وڃن ته نتيجي ۾ جيڪو فارمڪ ائسڊ حاصل ٿيندو، اهو ڪلورين مليل (Chlorinated) هوندو. هن مرڪب کي مختصر طور ڪلورو فارم چئبو آهي.

 

ڪيفين (Caffeine) بابت ڄاڻ ڏيو؟

هڪ ٻوٽو، جنهن جو اصل وطن اٿوپيا آهي. ان جي ٻجن کي ڀُڃي پوءِ پيهين اٻاريل پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان هڪ سٺو مشروب تيار ٿئي ٿو. هن مشروب کي ڪافي (Coffee) چيو و ڃي ٿو. هڪ راءِ مطابق هن جو نالو اٿوپيا جي هڪ صوبي ڪاڦا (Kaffa) مان ورتل آهي، چيو وڃي ٿو ته هي ٻوٽو سڀ کان پهرين اتي پوکيو ۽ اپايو ويو.

هي مشروب اٿوپيا مان نڪري عرب ۾ پهتو ته هتي به هن جي مقبوليت ۾ نهايت تيزيءَ سان اضافو ٿيو. سترهين صدي عيسوي ۾ هي مشروب عرب کان يورپ ۾ پهتو ۽ هتي فرانسيسين ان کي ڪيفي (Café) جو نالو ڏنو. جڏهن ته انگريزن ان کي ڪافي (Coffee) چيو ۽ ڪافي وڪڻڻ جا اڏا ٺهيا، جن کي ڪيفي ٽيريا چيو ويو. هي لفظ سنڌي ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

1820ع ۾  جرمني جي هڪ ڪيمييادان ايف رُنگ، ڪافيءَ جي ٻجن مان هڪ الڪلائڊ حاصل ڪيو، جيڪو ڪافيءَ جو اصل محرڪ جزو هو، تنهن ڪري انهيءَ نسبت سان ڪيفين (Caffeine) نالو رکيو.

چينين اٻرندڙ پاڻيءَ ۾ هڪ ٻوٽي وجهي انهيءَ کي خوشبودر بڻايو. انهيءَ ٻوٽيءَ کي چانهه (Chia يا Tse   يا  Te چوندا هئا، چين جي مختلف صوبن ۾ اهي ٽئي نالا استعمال ٿيندا هئا.

 

اوهين بينزين (Benzene) بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

انڊونيشيا ۾ هڪ وڻ آهي، جنهن جو نالو  Benzoin يا Benjoin آهي. هي لفظ اصل ۾ عربي ترڪيب ”لوبان جاوي“ مان نڪتل آهي. هن وڻ جي کل ۾ سواخ ڪيو ويندو آهي، جنهن مان رس وارو مادو نڪرندو آهي، جنهن کي بينزوئن کئونر Gum Benzoin چئبو آهي، انهيءَ رس مان هڪ تيزاب حاصل ڪيو ويندو آهي، جنهن کي بينزوئڪ ائسڊ چئبو آهي.

1834ع ۾ هڪ جرمن ڪيميادان ايلهرٽ ميحرلخ Eilhart Mitscherlich بينزوئڪ ائسڊ کي هڪ هائڊرو ڪاربان ۾ تبديل ڪيو ۽ انهيءَ جو نالو بينزن (Benzin) رکيو. پوءِ هڪ جرمن ڪيميادان جستوس ليبگ انهيءَ تي اعتراض ڪيو ته “in” پڇاڙي اهڙن مرڪبن لاءِ استعمال ٿئي ٿي، جن ۾ نائٽروجن موجود هجي،  ۽ جيئن ته مٿئين مرڪب ۾ نائٽروجن جو هڪ به ائٽم ناهي، تنهن ڪري انهيءَ جو نالو درست ناهي. هن انهيءَ جو نالو بينزول (Benzol) رکيو. ان ۾ “ol” پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍي. ol پڇاڙيء اصل ۾ جرمن ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جي معني آهي: ”تيل“. جرمنيءَ ۾ هن کي صحيح سمجهيو وڃي ٿو، پر اهو صحيح ناهي. ڇاڪاڻ ته “ol” پڇاڙي الڪوحل لاءِ استعمال ٿئي ٿي. جيئن ته بينزول ڪو الڪوحل ناهي، تنهن ڪري هن مرڪب کي بينزين (Benzene) نالو ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته “ene” پڇاڙي هائڊرو ڪاربان لاءِ مقرر آهي.

 

الفا ڪرڻن (alpha Rays) بابت اوهان  کي خبر آهي؟

تابڪاري ايجاد سائنس جي دنيا ۾ انقلابي تبديليون آنديون آهن ۽ هن ايجاد جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ ۽ عجيب آهي. اها هن طرح آهي ته، هڪ ڏينهن  هڪ فرانسيسي فرڪس جو ماهر انتوان هينري بيڪرل (Antoine henri Becqueral) پنهنجي تجربيگاهه ۾ يورينيمن جي لوڻن جو سج جي روشنيءَ ۾ دکڻ يا چمڪڻ جو مطالعو ڪري رهيو هو. هن کان هڪ سال پهرين ايڪس ريز دريافت ٿي چڪو هو. هن کي گمان ٿيو ته ڪٿي چمڪڻ جي هن عمل ۾ به ايڪس ريز ئي نه خارج ٿين، تنهن ڪري هن يورينيم جي لوڻ کي سج جي روشنيءَ ۾ رکي ان جي تمام ويجهو احتياط سان هڪ ويڙهيل (Wrapped) فوٽو گرافڪ پليٽ رکي ڇڏي ۽ پوءِ هن جي گمان جي عين مطابق فوٽو گرافڪ پليٽ ويڙهيل هئڻ جي باوجود ڌنڌلي ٿي ويئي. هاڻي هن جي ويجهو هڪ اونداهي دريءَ ۾ يورينيم جا ڪجهه مرڪب رکيا ۽ ويجهو ٻاهر ڪجهه ويڙهيل پليٽون رکيون. پوءِ جڏهن هن فوٽو گرافي ڪئي ۽ انهن پليٽن کي ڊويلوپ ڪيو ته انهن تي پڻ ڌنڌلاڻ اچي ويئي. ائين معلوم ٿي ٿيو ته يورينيم مان ڪجهه شعاع خارج ٿين ٿا ۽ سج جي روشنيءَ ۾ رکڻ يا نه رکڻ  سان انهن تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. هن وڌيڪ هڪ مشاهدو ڪيو ته اهي شعاع ايڪس ريز وانگر عام روشنيءَ جي شعاعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تکائي جي قوت رکن ٿا.

1899ع ۾ بيڪرل ۽ ٻين ماڻهن محسوس ڪيو ته چقمق جي مدد سان يورينيم جي ڪجهه شعاعن کي ڪنهن خاص طرف ۾ موڙي سگهجي ٿو. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته، يورينيم مان نڪرندڙ شعاعن جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه قيمتون آهن. هاڻي جيئن ته انهن جي اصليت بابت اسان کي ڪا ڄاڻ ڪا نه هئي، تنهن ڪري انهن جي ڄاڻ خاطر انهن کي اي (A) ۽ بي (B) چيو ويو. پوءِ نيوزيلينڊ ۾ ڄايل برطانوي فزڪسدان ردر فورڊ انهيءَ ۾ تبديلي آندي ۽  يوناني ٻوليءَ جي الفابيٽ جي حوالي سان الفا ۽ بيٽا حرف ڏنا. اهڙيءَ طرح انهن جا نالا الفا ڪرڻا (Alpha rays) ۽ بيٽا ڪرڻا (Beta rays) پئجي ويا.

1900ع ۾ هڪ فرانسيسي فزڪسدان پي ويلارڊ (P Villard) يورينيم مان نڪرندڙ هڪ نئون شعاع دريافت ڪيو. ان کي گيما شعاع (Gamam rays) نالو ڏنو. هي نالو به ردر فورڊ رکيو، جيڪو يوناني ٻوليءَ جي الفابيٽ جو ٽيون حرف آهي.

 

اوهان کي خبر آهي ته الڪوحل ڇا آهي؟

عربي ٻوليءَ ۾ الڪوحل لفظ جي معنيٰ آهي ”سرمي وانگر سنهڙو“ اصل ۾ عورتن ۾ پنبڻين کي ڪارو ڪرن جو رواج ڪيترين صدين کان هلندو اچي. ان جو مقصد آهي اکين کي سهڻو ۽ خوبصورت بنائڻ. هن مقصد لاءِ هڪ سنهڙو پيٺل پائوڊر استعمال ڪيو ويندو هو. اهو پائوڊر ايترو ته سنهڙو پيٺل هوندو هو جو انهيءَ کي محسوس ئي نه ڪري سگهجي.

سورهين صدي عيسوي جي شروع واري زماني ۾ ڪيميادانن هن اصطلاح کي اهڙن بخارن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جن کي مخصوص  پاڻياٺن مان ٻاهر ڪڍي سگهجي پيو. اهي  بخار به محسوس ڪرڻ جي قابل نه هئا. اهڙيءَ طرح جڏهن وائين (Wine) يعني شراب کي گرم ڪيو ويندو هو ته انهيءَ مان بخار نڪرندا هئا. پهرين انهن بخارن کي ”الڪول آف وائين“ چيو ويندو هو. پوءِ آهستي آهستي تبديل ڪري صرف ”الڪوحل“ ئي چيو وڃڻ لڳو.

هاڻي ڪيميادان “Alcohol”  لفظ ۾ ايندڙ پڇاڙي “ol” کي الڪوحل جهڙن سڀني مرڪبن جي نالن سان استعمال ڪن ٿا. انهن مرڪبن جي ماليڪيولن ۾ هڪ هائيڊروآڪسل گروپ ٿيندو آهي. اهو هائڊروڪسل گروپ اصل ۾ هائڊروجن آڪسيجن جي هڪ هڪ ائٽم جي مجموعي تي مشتمل هوندو آهي. هاڻي (Wine) جي الڪوحل جي ماليڪيول ۾ ايٿر وانگر ڪاربان جي ٻن  ائٽمن جو هڪ گروپ هوندو آهي. انهيءَ ڪري هن کي ايٿائيل الڪوحل (Ethyl Alcohol)  يا ايٿانول (Ethanol) چئبو آهي.

موجوده دور ۾ الڪوحل لاءِ اسپرٽ لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اصل ۾ انگريزي لفظ آهي. 

 

باهه ڪيئن ايجاد ٿي؟

انسان شروع کان ئي باهه بابت  ڄاڻ رکندو هو، جتي جتي غارن ۾ رهائش جا اهڃاڻ ملن ٿا، اتي باهه جا اهڃاڻ، سڙيل ڪاٺي ۽ ڪوئلي جي صورت ۾ ملن ٿا. اسين اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته، شروع ۾ شايد انسان آسماني بجليءَ کي ڪرندو ڏٺو ۽ ان جي ڪرڻ سان ٽٽل وڻ سڙي خاڪ ٿي ويو. انسان انهيءَ ٻرندڙ وڻ مان باهه کنئين.

چيو وڃي ٿو ته، انسان غارن ۾ رهندي باهه ٻارڻ سکي ورتو. ان  بابت به هڪ اندازو آهي ته، انسان سڀ کان پهرين ٻه پٿر پاڻ ۾ ٽڪرايا ۽ باهه جي چڻنگ پيدا ٿي. اتان انسان باهه ٻارڻ سکي ۽ هو ٻن پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي باهه ٻاريندو هو.

مختلف قبيلن ۾ باهه ٻارڻ جا مختلف طريقا رائج هئا، جيئن الاسڪا ۾ ڪجهه مخصوص قبيلا ٻن پٿرن تي سلفر مَلي، انهن کي پاڻ ۾ گسائيندا هئا، سلفر جي ٻرڻ تي انهن پٿرن کي سڪل گاهه وغيره تي اڇليندا هئا ۽ باهه ٻري پوندي هئي.

چين ۽ هندستان ۾ ڀڳل ٽٽل ٿانون جا ٽڪرا بانس جي لٺ تي هڻندا هئا، بانس جو ٻاهريون تهه تمام گهڻو سخت ۽ آتش گير ٿيندو هو.

قديم يوناني ۽ رومين وٽ هڪ ٻيو طريقو هو. اهو طريقو اهو هو ته. اهي آتشي شيشي جي مدد سان سج جي روشني کي فوڪس ڪندا هئا، جنهن سان سُڪل ڪاٺين کي باهه لڳي پوندي هئي.

باهه ٻارڻ جي حوالي سان هڪ دلچسپ روايت اها به ملي ٿي ته : قديم قومون هيمشه باهه کي ٻاري رکندا هئا. وسامڻ نه ڏيندا هئا. باهه جي وسامڻ کي بد سَوڻُ سمجهيو ويندو هو. سنڌ ۾ به اهڙا آثار ملن ٿا ته هميشه باهه کي ٻريل رکندا هئا. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”هن جي دونهين دکيل رهي ٿي“ اهڙي نوعيت جا ٻيا ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته اهي هميشه باهه کي ٻريل رکندا هئا. سنڌ جي ٻهراڙين جي گهرن ۾ اڄ به دونهين دکيل رهندي آهي، اهي ڪڏهن به باهه کي وسائيندا ناهن. ماني ٽڪي ڪرڻ کان پوءِ باهه جي اڱرن کي ڍڪي ڇڏيندا آهن ۽ وري ٻئي ويلي انهيءَ کي کولي، مَچُ مچائي ماني ٽڪي ڪري وري پوري ڇڏيندا آهن.

 

ماچيس ڇا آهي. انهيءَ مان باهه ڪيئن ۽ ڇو ٻرندي آهي؟

ماچيس جديد دور جي هڪ ايجاد آهي، جنهن جي وسيلي ڪڏهن به ڪٿي به آسانيءَ سان باهه ٻاري سگهجي ٿي. ماچيس ۾ فاسفورس نالي هڪ مادو استعمال ٿيندو آهي. انهيءَ مادي جي خاصيت اها آهي ته، ان کي تمام ٿورڙي گرمي پد تي باهه وٺندي آهي.

1681ع ۾ رابرٽ نالي هڪ انگريز ڪاٺيءَ جي هڪ ننڍڙي ٽڪري کي سلفر لڳائي ۽ پوءِ فاسفورس جي ڳار ۾ ٻوڙيو ته کيس ايترو ته آسانيءَ سان باهه وڪوڙي ويئي جو ايجاد عملي صورت نه اختيار ڪري سگهي.

پهريون ماچس جان واڪر نالي هڪ همراهه ٺاهيو، انهيءَ کي ٻارڻ لاءِ ڪاغذن جي تهن تي رکيو ويندو هو. 1883ع کان پوءِ آسٽريا ۽ جرمني ۾ فاسفورس ٽپ وارو ماچس ٺاهيو ويو، جنهن کي گسائي ٻاريو ويندو هو، پر هڪ مسئلو هو. اڇو يا پيلو فاسفورس ماچس ٺاهڻ وارن مزدورن لاءِ ايترو ته خطرناڪ هو  جو 1906ع ۾ هڪ بين الاقوامي معاهدي تحت انهيءَ کي ممنوع قرار ڏنو ويو. آخرڪار هڪ اڻ زهريلو ڳاڙهو فاسفورس متعارف ڪرايو ويو، جنهن محفوظ ماچيسن جي ايجاد کي ممڪن بنايو. پهريون ڀيرو اهڙو محفوظ ماچيس 1846ع ۾ سويڊن ۾ تيار ڪيو يو.

ٻي عالمي جنگ دوران، جڏهن آمريڪي فوجون منطقا حارا جي علائقن ۾ وڙهي رهيون هيون ته ڊگهين بارشن عام قسم جي ماچيسن کي بيڪار بڻائي ڇڏيو. ريا مونڊ ڪيڊي نالي هڪ همراهه ماچيسن تي ڪوٽنگ (Coating) جو طريقو ايجاد ڪيو، جنهن سان ماچيس اٺن ڪلاڪن تائين ڀِنو رهڻ کان پوءِ صحيح ڪم ڪري سگهيو ٿي.

 

نائلون ڇا آهي؟

انسان مڪمل طور پنهنجي ڪوشش سان جيڪو پهريون فائبر بڻايو اهو نائلو آهي. نائلون 1938ع ۾ ٺاهيو ويو.

هي وڏن ماليڪيولن جي ميلاپ سان ٺهي ٿي. نائلون ٺهڻ جو احوال هن طرح بيان ڪيو وڃي ٿو: ”هڪ ڏينهن هڪ اهڙو مٽيريل تيار ڪيو ويو، جيڪو گرم، چاڪليٽ وانگر ڇڪجي سگهيو ٿي، ٿَڌو ٿيڻ تي ان کي اڃا به وڌيڪ ڇڪڻ ممڪن هو ۽ انهيءَ کي جيترو وڌيڪ ڇڪيو ويندو هو. اهو اوترو لچڪدار ۽ مضبوط ٿي ويندو هو. تجربو ڪرڻ وارا ڪيميادان سوچڻ لڳا ته هن نئين مٽيريل کي هڪ ٽيڪسٽائل فائبر بنائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو يا نه. هنن ڪوشش ڪري ڏسڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مسلسل اٺن سالن کان پوءِ نائلون تيار ٿيو.

نائلون چئن عنصرن مان ٺاهيو ويندو آهي. اهي آهن: هائڊروجن، نائٽروجنن، ڪاربان ۽ آڪسيجن قدرت طرفان اهي چارئي عنصر وسيع مقدار ۾ موجود آهن. مثال طور ڪاربان ڪوئلي ۾، نائٽروجن ۽ آڪسيجن هوا ۾ ۽ هائڊروجن پاڻيءَ ۾ ملي ٿي. اصل ۾ نائلون جي تياريءَ ۾ بنيادي مٽيريل قدرتي گئس پيٽروليم ۽ مڪئي جا سنگ استعمال ڪيا ويندا آهن.

ٻن مختلف قسمن جي ماليڪيولن کي وڏي ماليڪيولن جي صورت ۾ ملائي نائلون ٺاهي ويندي آهي. اهي ٻه ماليڪيول ملڻ سان هڪ مٽيريل ”نائلون لوڻ“ ٺاهن ٿا.  جڏهن انهيءَ نائلون سالٽ کي هڪ وڏي پريشر ڪڪر ۾ گرمي ڏني وڃي ته ”لوڻ“ جا ماليڪيول پاڻ ۾ ٻڌجي هڪ ڊگهي لڙهه (پوليمر) ٺاهين ٿا. پوليمر گرم ڪرڻ سان گهاٽي پاڻياٺ ٺهي ٿي. انهيءَ گهاٽي پاڻياٺ کي ننڍن ننڍن سوراخن واري ڊسڪ مان گذارڻ سان تاندورا  ٺهن ٿا، جيڪي ٿڌا ٿي سخت ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهن تاندورن کي پاڻ ۾ ملايو وڃي ٿو. انهيءَ ڌاڳي کي ڊيگهه ۾ ٽيڻو يا چئوڻو ڇڪڻ سان مضبوط ۽ لچڪدار بڻجي وڃي ٿوي. اها ئي نائلون آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org