سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: ٻارهون

صفحو :15

 

ڪوهويا ڪوهيڙو ڇا آهي؟

اوهين گهڻو ڪري سردين ۾ رات جو ۽ صبح جو پاڻيءَ جي مٿان يا روڊن رستن تي ڌنڌ ڏسندا آهيو. اهو گهڻو ڪري مٿان کان اچڻ واري ٿڌي هوا جي زمين يا پاڻيءَ جي گرم سطح سان ٽڪرائجڻ سان پيدا ٿيندو آهي. رات جو جڏهن زمين ٿڌي ٿيندي آهي ته، زمين جي تري ۾ هوا ٿڌي ٿي ويندي آهي، جنهن جاءِ تي ٿڌي هوا پنهنجي مٿينءَ گرم گهم واري هوا سان ملندي آهي ته ڌنڌ پيدا ٿيندو آهي.

عام اصول مطابق شهر جو ڌنڌ ڳوٺاڻي علائقي جي ڌنڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهاٽو هوندو آهي. شهر جي هوا مٽيءَ جي دز سان ڀريل هوندي آهي، جيڪا پاڻيءَ جي ذرڙن سان ملي هڪ ٿلهو تهه ٺاهيندي آهي، نيو فائونڊلينڊ دنيا جي انهن علائقن ۾ شامل آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ ڪوهيڙو پوندو آهي. هتي پاڻيءَ جي ٿڌ هوا جي گهم کي پاڻيءَ جي ننڍن  ننڍن ڦڙن ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. اهي ڦڙا ايترا وڏا ناهن  هوندا جو مينهن بڻجي وسن. اهي هوا ۾ ئي ڪوهيڙي جي صورت ۾ رهندا آهن. انهيءَ جي ابتڙ سانفرانسسڪو ۾ صبح جي وقت يخ هوا واريءَ جي گرم دڙن تان گذرندي آهي ۽ جيڪڏهن مينهن واريءَ کي هڪ ٻه ڏينهن اڳ ۾ آلو ڪيو هجي ته ڪوهيڙي جي گهاٽي چادر ڇانئجي ويندي آهي.

ڌنڌ گهڻو ڪري بادلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهاٽو هئڻ ڪري ڪوهوءَ ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا تمام ننڍڙا هوندا آهن. ننڍڙن ننڍڙن ڦڙن جو وڏو مقدار وڏن ڦڙن جي گهٽ مقدر جي مقابلي ۾ وڌيڪ روشني جذب ڪندو آهي ۽ وڌيڪ نظر ايندو آهي.

 

زمين جي بناوت ڪيئن آهي؟

زمين هڪ وڏو گولو آهي، جيڪو گهڻو ڪري پٿرن سان ملي ٺهيو آهي. زمين ۾ اندر پٿر پگهريل پر ٻاهران سخت آهي. زمين جو 1/3  کان به گهٽ حصو خشڪي ۽ 2/3 کان وڌيڪ حصو پاڻيءَ تي مشتمل آهي.

زمين جي ٻاهرين پاسي گهڻو ڪري 10 کان 30 ميل ٿلهو پٿر جو کوپو ي ياتهه آهي، انهيءَ کوپي کي  Litho Sphere يعني پٿر منڊل چئبو آهي.

انهيءَ جي مٿين حصن تي براعظم ۽ هيٺين حصن تي سمنڊ ۽ ڍنڍون آهن. سمنڊن، ڍنڍن، دريائن وغيره سميت سڄي پاڻيءَ کي (Hydrosphere) يعني پاڻي منڊل چئبو آهي.

ماڻهو زمين گولي يا زمين منڊل جي ٻاهرين حصي کي ئي ڏسي وائسي سگهي ٿو. زمين اندران ڪيئن آهي؟ ته ڪنهن کي خبر ناهي. کوهه کوٽڻ ۽ سرنگهون کوٽڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سوراخ جيترو هيٺ ٿيندو ويندو گرميءَ جو درجو اوترو ئي وڌندو ويندو. زمين جي مٿينءَ سطح کان ٻه ميل هيٺ گرميءَ جو درجو ايترو آهي، جيترو پاڻيءَ اُٻارڻ لاءِ هجي ٿو.

آتش فشان جي اندرين حصن جو مطالعو ڪرڻ وسيلي سائنسدانن زمين جي اندر جو ڪجهه حال ڄاڻي سگهيا آهن. انهن کي يقين آهي ته زمين جي اونهائي جو گرميءَ جو درجو ايترو تيزيءَ سان نٿو وڌي، جيترو ٻاهر وڌي ٿو، تنهن ڪري انهن جو خيال آهي ته، زمين جي گولي جي مرڪز جو گرميءَ جو درجو 10000F درجا فارن هائيٽ تي پٿر پگهرجي وڃي ٿو.

زمين جي کوپي جا ٻه تهه آهن. مٿيون تهه گرينائيٽ جو ٺهيل آهي، جنهن تي اسان جا براعظم آهن. گرينائيٽ جي تهه  هيٺان ”سالٽ“نالي نهايت سخت پٿر جو ٿلهو تهه آهي، سائنسدانن کي يقين آهي ته، زمين جي وچ ۾ پگهريل لوهه جو هڪ وڏو گولو آهي، جنهن جو قطر 4000 ميل آهي، مرڪزي گولي ۽ پٿر واري کوپي جي وچ ۾ گهڻو ڪري 2000 ميل ٿلهو هڪ ٻيو کوپر آهي، جنهن کي Mnatle چئبو آهي. هي Olivine نالي پٿر جي قسم جو ٺهيل آهي.

 

اوهان کي خبر آهي ته مٽي ڪيئن ٺهي؟

عام طرح ”مٽي“ انهيءَ دز يا ڀُريل مادي کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻوٽا ڦٽن ٿا. اها پٿر جي ننڍن ننڍن ٽڪرن، ڳريل سڙيل ٻوٽن ۽  جانورن سان ملي ٺهي آهي، اهي پٿرن جا ذرڙا ڪڏهن وڏا وڏا پهاڙ هوندا هئا.

 ڪو به پٿر ايترو سخت ناهي هوندو، جو وقت انهيءَ کي ذرا ذرا نه ڪري سگهي. پٿرن ۾ ٽٽڻ جو عمل هر وقت جاري رهي ٿو. گليشيئر وڏن وڏن جبلن کي اڳتي ڌِڪين ٿا.

پاڻيءَ ۾ موجود ڪيميائي مادا ڪجهه قسم جي پٿرن کي حل ڪري ڇڏيندا آهن يا ٽوڙي ڦوڙي ڇڏيندا آهن. گرمي پد جي تبديلي به اڪثر پٿرن کي ننڍن ننڍن ذرڙن ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. جبلن ۾ گهڻي ٿڌ يا گرمي جي ڪري ڏار پئجي ويندا آهن. ٻوٽن جون پاڙون به پٿرن کي ٽوڙي وجهنديون آهن. هوا به جبلن تي واري وسائي ڳاٺ پيدا ڪندي آهي، پر اهو مٽي ٺهڻ جو عمل  شروعاتي آهي. حقيقي مٽي ٺاهڻ لاءِ واري يا پٿر جا ننڍڙا ذرڙا (Humus) آهن. يعني نباتاتي ڀاڻ به شامل ٿيڻ ضروري آهن.

نباتاتي ڀاڻ هڪ نامياتي مادو آهي، جيڪو ٻوٽن ۽ جانورن جي جسمن مان نڪرندو آهي. گهڻو ڪري ٻوٽن ۽ جانورن جا جسم مٽيءَ جو جزو بڻجي وڃن ٿا. هي عمل بيڪٽيريا سرانجام ڏين ٿا.

بيڪٽيريا جي ڪري ٻوٽا ۽ جانور ڳري سڙي مٽيءَ کي زرخيز بڻائيندا آهن. زميني سانپا ۽ مختلف قسمن جا جيت مٽيءَ کي زرخيز بنائن ۾ مدد ڏيندا آهن. مٽيءَ جو سڀ کان ٻاهريون تهه تمام گهڻو زرخيز ٿيندو آهي.

 

توهان کي خبر آهي ته جبل ڪيئن ٺهيا؟

اوهين وڏا وڏا جبل ڏسي حيران ضرور ٿيندا هوندا. هيڏيون وڏيون بناوتون زمين جي گولي تي هميشه ائين هونديون هيون؟ ائين هرگز ناهي. اهي هميشه هڪ جهڙا ناهن رهيا.

زمين جي سطح ۾ مخصوص تبديلين جبلن کي پيدا ڪيو. اهي مسلسل تبديل ٿيندا رهيا آهن. برف جون ڇپون جبلن جي ڪنارن کي ڀَڃن ٿيون. وڏيون برساتي ناليون ۽ درياءَ مٽيءَ جي ذرڙن ۽ پٿرين کي وهائي کڻي وڃن ٿا. وڏي ۾ وڏيون جابلوئي چوٽيون به وقت گذرڻ سان ميدانن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿيون.

زمين جي ماهرن جبلن جا چار قسم ٻڌايا، اهي قسم هن طرح آهن:

تهدار جبل

گنبذ نما جبل

بلاڪن وارا جبل

آتش فشان جبل

تهدار جبل:

هن قسم جا جبل پٿر جي هيٺين مٿين تهن سان ملي ٺهيا آهن. هن قسم جا جبل ڪيترين ئي جاين تي زمين جي سطح جي داٻ جي ڪري ٺهيل آهن. اهي تهن جي صورت ۾ ڳنڍيل آهن. انهن تهن کي ڏسي سگهجي ٿو. يورپ جو جبل آلپس تهدار جبلن هڪ  عمدو مثال آهن.

گنبذ نما جبل؛

هن قسم جا جبل پٿر جي مٿئين پاسي داٻ جي ڪري وڏن وڏن گنبذن جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا. گهڻين ئي صورتن ۾ زمين جي سطح جي هيٺان زبردست داٻ سان نڪرندڙ ٻرندڙ ڳاري (Lava) انهن جبلن کي مٿي کنيو آهي. ڏکڻ ڊڪوٽا جا ڪارا جبل انهن جبلن جو مثال آهن.

بلاڪ نما جبل:

هي جبل زمين جي مٿئين تهه ۾ ٽوڙ ڦوڙ يا خرابين جو نتيجو آهن. زمين جي سطح جا گهڻا وڏا حصا، جبل جي سڄي جو سڄا بلاڪ ڪنهن زماني ۾ مٿي اڀريا هئا.

ڪيليفورنيا جو سيرانيواڊا (Sirra Nevada) جابلو سلسلو 400 ميل ڊگهو ۽ 80 ميل موڪرو بلاڪ آهي.

آتش فشان جبل:

زمين مان نڪرندڙ ٻرندڙ ڳارو (Lava) خاڪ ۽ ڪوئلي (Cinders) سان ٺهن ٿا. عام آتش فشان جبل مخروطي شڪل جا هوندا آهن ۽ انهن جي چوٽيءَ ۾ هڪ وڏو کڏو ٿيندو آهي. آمريڪا، جاپان ۽ اٽلي ۾ هن قسم جا جبل ملن ٿا.

 

اوهان کي خبر آهي ته، جبلن ۾ غار ڪيئن ٺهيا؟

غار انسان جي تاريخ سان گڏوگڏ دلچسپ حوالن سان لاڳاپيل آهن. اسان کي خبر آهي ته، اوائلي زماني ۾ ماڻهو سيءَ کان بچڻ لاءِ غارن ۾ پناهه وٺندا هئا. گهڻي عرصي کان پوءِ انسان غارن کي گهرن طور استعمال ڪيو ۽ پوءِ وري انهن کي ڇڏي ڏنو.

قديم زماني جي ماڻهن جي عقيدن بابت گهڻيون ئي عجيبو غريب ڳالهيون رائج آهن. يونانين کي يقين هو ته، غار سندن ديوتائن ”زئيس“ ، ”پان“ ، ”ڊايونيسس“ ۽  ”پليٽو“ جون عبادت گاهون آهن.

رومي وري غارين کي پرين جا گهر چوندا هئا. قديم فارسين وٽ غارن کي وڏن روحن جي پوڄا لاءِ مخصوص رکيو ويو. موجوده دور ۾ سڄي دنيا ۾ وڏا وڏا ۽ خوبصورت غار سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز آهن.

غار جبلن ۽ پهاڙن ۾ اونهيون خالي جايون آهن، غارن ٺهڻ جا ڪيترائي سبب آهن. گهڻا غار جبلن سان گڏ سامونڊي لهرن جي مسلسل ٽڪرائجڻ جي ڪري ٺهيا آهن. اهي اڪثر زمين ۾ دريائن جا پراڻا وهڪرا آهن، ڪجهه وري زلزلن دوران جبلن ٽٽڻ يا گرم ۽ ٻرندڙ ڳاري وهڻ جي ڪري ٺهي ويا. آمريڪا ۾ عارن جا عام قسم لائم اسٽون جا ٿلها تهه آهن، جن جي ٽٽڻ سان اهي وجود ۾ آيا. اهو ڪم ڪاربان  ڊاءِ آڪسئيڊ واري پاڻيءَ جو آهي. انڊيانا ۽ ڪينڪٽي وغيره ۾ اهي گهڻا آهن.

ڪن غارن جي ڇتين ۾ سوراخ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جن کي “Sink Hole” چئبو آهي. اهي انهيءَ جاءِ تي ٺهندا آهن، جتي مٿينءَ سطح تي پاڻي گڏ ٿي سمڻ لڳوهجي. ڪجهه غارن ۾ ورانڊا يا گئلريون به ٺهيل آهن، زمين ۾ درياءَ ڪن غارن مان ور وڪڙ ۽ ڪٻ کائي گذرن ٿا. البت گهڻين صورتن ۾ جڏهن ڪو غار ٺهي  پوندو آهي ته، درياءَ اونهائيءَ يا هيٺانهين سطح ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي.

گهڻين صورتن ۾ غارن جي ڇت مان ٽمڻ وارا ڦڙا ٿورڙا نرم هوندا آهن،  انهن ۾ ڪو نه ڪو معدني مادو هوندو آهي، جڏهن پاڻيءَ بخار بڻجي اڏندو آهي ته، باقي مادو رهجي ويندو آهي. اهو آهستي آهستي ڇت سان لٽڪندو ڊگهين سيخن جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي شيخون ڊگهيون ٿي زمين تائين پهچي وينديون آهن ۽ هڪ ٿنڀو ٺهي پوندو آهي.

 

برفاني دور بابت اوهين ڇا ٿا  ڄاڻو؟

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، برفاني دور ايتري ته پراڻي ڳالهه آهي، جو هن دور ۾ ان جو نالو نشان به باقي ناهي رهيو. پر اوهين ڄاڻو ٿا ته، زمين جي ماهرن جو انهيءَ بابت ڪهڙو خيال يا نظريو آهي. زمين جا ماهر چون ٿا ته، اسين هن وقت برفاني دور جي آخري دور مان گذري رهيا آهيون ۽ گرين لينڊ جا رهندڙ اڃا تائين برف جي دور ۾ آهن.

اندازو آهي ته، 25،000 پهرين وچ اتر آمريڪا ۾ آباد ماڻهو سڄو سال برف وسندي ڏسندا هئا. هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين برف جي هڪ وڏي ڀت ڦهليل هئي. سڀني کان آخري برفاني دور ۾ سڄو ڪينيڊا، آمريڪا ۽ اتر- اولهه يورپ کي هزارين فوٽ ٿلهي برف جي چادر ڍڪي ڇڏيو هو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته، هميشه سخت سيءُ رهندو هو. گرميءَ جو درجو هڪ اندازي مطابق 10 ڊگريون رهندو هو يعني موجوده اتر آمريڪا کان ڪجهه گهٽ، برف جو دور انهيءَ ڪري آيو، ڇاڪاڻ ته گرميون تمام ٿڌيون هيون، تنهن ڪري گرمين ۾ ايتري گرمي نه پوندي هئي، جو ٿڌ جي مند ۾ پوندڙ برف ڳري سگهي. برف مسلسل گڏ ٿيندي رهي ۽ اترين علائقن تي ڇانئجي ويئي.

اصل ۾ برف جو دور چئن حصن ۾ آيو يا چار ڀيرا آيو چئجي ته بهتر. هر ڀيرري دوران برف وڌندي رهي ۽ پوءِ ڳري اتر قطب ڏانهن واپس هلي ويندي هئي. سائنسدانن کي يقين آهي ته، ائين چار ڀيرا ٿيو.

برف جي آخري ڀيري يا هر دور ۾ هر جاءِ برف جي ڳرڻ ۽ رجڻ جو انداز هڪ جيترو نه هو. مثال طور: موجوده وسڪونسن جي ماڳ تي پهچندڙ برف گهڻو ڪري 40،00 سال پهرين ڳرڻ ۽ رجڻ شروع ٿي. پر نيو انگلينڊ تي ڄميل برف 28،000 سال پهرين ڳرڻ ۽ پگهرڻ لڳي ۽ هڪ اندازي مطبق 15،000 سال پهرين تائين موجوده ”مني سوٽا“ جي علائقي ۾ برف ئي برف هئي.

يورپ ۾ جرمني 17،000 ۽ سويڊين 13،000 سال پهرين برف هيٺان نڪتو.

 

ڇا اڄ به گليشيئر موجود آهن؟

اتر آمريڪا ۾ برف جو دور شروع ڪرڻ واري برف جي وڏي ڍير کي ”براعظمي گليشيئرز“ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي پنهنجي مرڪز ۾ هڪ اندازي مطابق 15000 فوٽ ٿلهو هوندو هو. هي برف جي دور دوران اندازي مطابق چار ڀيرا ٺهيو ۽ ڳريو. دنيا جي ٻين علائقن ۾ اچڻ وارن برفاني دورن کي پگهرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. مثال طور گرين لينڊ هاڻي به براعظمي گليشيئرز جي هيٺان آهي ۽ صرف اردگرد جي هڪ سوڙهي پٽي، خالي آهي. اندرئين پاسي هن گليشيئر جي اوچائي اڪثر جاين تي 10000 فوٽن کان وڌيڪ آهي. انٽارڪٽيڪا کي به 10 کان 12 هزار فوٽ اوچن گليشيئرن ڍڪي رکيو آهي.

هاڻي به دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر موجود هئڻ جو سبب هي آهي، ته انهن کي اڃا تائين رجڻ ۽ ڳرڻ جو موقعو ناهي مليو. اڄ ڪلهه موجود گليشيئرز گهڻو ڪري موجوده زمانن ۾ ئي ٺهيا آهن. اهي گليشيئرز گهڻو ڪري ماٿري قسم جا آهن. اهي هڪ موڪري جابلو ماٿري ۾ شروع ٿين ٿا. مٿين چوٽين جي برف اُڏي انهيءَ جاءِ تي گڏ ٿي ويندي آهي. اها برف گرمين دوران پگهرندي ته آهي، پر هر سال وڌيڪ گڏ ٿيندي ويندي آهي. آخرڪار وڌندڙ بار برف کي هيٺين طرف ڍڌڪيندو آهي، انهيءَ ڌڪيندڙ برف کي ماٿريءَ جو گليشيئر چئبو آهي.

يورپ جي آلپس جبل ۾ هن قسم جا 1200 کان وڌيڪ گليشيئر موجود آهن. يورپ جي ٻين جبلن ڪارپاٿيان ۽ ڪاڪيشش (ڪوهه ڪاف) کان سواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ به  گليشيئر ملن ٿا. ڏکڻ الاسڪا ۾ انهن جو تعداد ڪيترائي لک ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ته 25 کان 50 ميل ڊگها آهن.

 

توهان کي خبر آهي ته، موسم ڇو بدلجندي آهي؟

قديم زماني جو انسان موسمن جي تبديل ٿيڻ بابت تجسس جو شڪار رهيو آهي. سردين ۾ ٿڌ ۽ گرمين ۾ گرمي ڇو ٿي ٿئي؟ بهار جي مند ۾ ڏينهن آهستي آهستي ڊگها ڇو ٿيندا ويندا آهن؟ سيءَ جي مند ۾ راتيون ڊگهيون ڇو ٿينديون آهن؟

اسين ڄاڻون ٿا ته، زمين سج جي چوڌاري گهمي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي محور (Axis) تي به  گهمي رهي آهي. سج جي چوڌاري گهمڻ دوران اها لاٽونءَ وانگر به چڪر کائي ٿي. جيڪڏهن زمين جو محور (Axis) سج جي مدار سان 90 درجن جي ڪنڊ تي هجي ها ته، اسان وٽ موسم نه بدلجي ها ۽ سال جي سڀني ڏينهن جي ڊيگهه هڪ جيتري هجي ها، پر زمين جو محور ٿورو ٽيڏو آهي. انهيءَ جو  ڪارڻ اهو آهي ته، ڪجهه قوتون زمين کي متاثر ڪري رهيون آهن. انهن قوتن مان هڪ قوت سج جي ڪشش آهي، ٻي قوت چنڊ جي ڪشش ۽ ٽين قوت خود زمين جو گهمڻ آهي. زمين سڄو سال هڪ ئي حالت رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو زمين جو محور (Axis) هميشه هڪ ئي طرف ۾ يعني قطب تاري ڏانهن هوندو آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته، سال جي هڪ حصي دوران اتر قطب سج ڏانهن ۽ باقي حصي دوران پرئين پاسي جهڪاءُ رکي ٿو. انهيءَ جهڪاءَ جي ڪري ڪڏهن سج جا شعاع سڌو سنئون زمين تي خط استوا جي اتر تي پون ٿا ۽ ڪڏهن ڏکڻ تي پون ٿا. سج جي شعاعن جو زمين تي پوڻ ۾ جيڪو فرق آهي، اهو ئي دنيا جي مختلف علائقن ۾ موسم جي تبديليءَ جو سبب يا ڪارڻ آهي.

جڏهن اڌ اُتر گولو سج جي سامهون هجي ته خط استوا جي اتر وارن ملڪن ۾ گرميون ٿينديون  آهن ۽ ڏکڻ وارن ملڪن ۾ ٿڌيون پونديون آهن. سج جا سڌا سنوان ڪرڻا ڏاکڻي اڌ گولي تي پون ته معاملو ابتو ٿي ويندو آهي. هر سال جو وڏي ۾ وڏو ڏينهن 21 جون ۽ ننڍي ۾ ننڍو ڏينهن 22 ڊسمبر تي ٿيندو آهي. انهن کي گرمي سردي جا “Solstice” چئبو آهي. سال ۾ ٻه ڏينهن اهڙا به ايندا آهن، جڏهن سڄي دنيا ۾ ڏينهن ۽ رات هڪ جيترا ٿي ويندا آهن. اهي 23 سيپٽمبر ۽ 21 مارچ آهن.

 

ڌاڳائين معدنيات (Asbestos) ڇا آهي؟

عام ماڻهن لاءِ هيءَ نئين ايجاد يا نئون نالو آهي، پر حقيقت ۾ اها هزارن سالن کان استعمال ٿي رهي آهي. پراڻي زماني ۾ بتن ۽ قربان گاهن ۾ انهيءَ کي مشعل ۾ روشنيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.

“Asbestos” يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي. ”اڻ وسامندڙ“. اڄ ڪلهه انهيءَ کي ڌاڳائين معدنيات (Fibrous Minerals) طور ڄاتو وڃي ٿو. اهي باهه کي روڪڻ جي صلاحيت رکندا آهن. “Asbestos” کي ٺاهڻ واري معدنيات پنهنجي ترتيب ۾ تمام گهڻو مختلف آهن، ۽ هر هڪ پنهنجي مختلف طاقت ۽ لچڪ  ۾ خاصيت رکي ٿو. ڪيميائي لحاظ کان “Asbestos” ۾ چوني ۽ ميگنيشيا جا سليڪيٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن لوهه به شامل هوندو آهي.

“Asbestos” ڌاڳن سان ملي ٺهڻ جي ڪري ڪپهه ۽ اُنَ جهڙو آهي. پر هي گرمي ۽ باهه جي مدافعت جو واڌو فائدو رکي ٿو. اها خاصيت هن کي صنعت ۾ قدر وارو بڻائي ٿي.

اسان کي اهڙي ڪا به معدنيات معلوم ناهي، جيڪا ڌاڳن جي صورت ۾ ملي هجي. يا جنهن مان ڌاڳو، يا ڪپڙي وانگر اُڻي يا چادرون ٺاهي سگهجن. پلانٽس ۾ باهه جي خطري واري هنڌ ڪم ڪرڻ وارا مزدور ڪڏهن ڪڏهن مڪمل طور “Asbestos” مان ٺهيل لباس، هيلمٽ، دستانا ۽ بوٽ پائيندا آهن. 2000 Asbestos کان 3000 ڊگري فارنهائيٽ گرمي پد برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ انهيءَ جا ڪجهه قسم ته 5000 ڊگري فارنهائيٽ گرمي پد برداشت ڪري سگهن ٿا.

“Asbestos” مخصوص قسم جي پٿرن جي تهن ۾ ملن ٿا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ٽن Asbestos ڌاڳو پيدا ڪرڻ لاءِ 50 ٽن پٿر کوٽي ڪڍڻو پوندو آهي.

 

رُڃ (Mirage) ڪيئن ٺهندي آهي؟

ٿورڙو تصور ڪريو بيابان ۾ سخت اڃ لڳڻ کان پوءِ پاڻيءَ لاءِ ماڻهو پري پري نظر ڊوڙائيندو آهي ۽ وڻن ۾ گهيريل هڪ ڍنڍ نظر ايندي اٿس. هو اوڏانهن رخ ڪندو ڌوڪيندو ويندو پر اهو منظر آهستي آهستي غائب ٿي ويندو آهي ۽ چئني پاسي واري ئي واري نظر ايندي اٿس.

انهيءَ پري کان نظر ايندڙ ڍنڍ کي رُڃ چئبو آهي. اها رُڃ ڪيئن پيدا ٿيندي آهي؟ رُڃ  هڪ راند آهي، جيڪا قدرتي طرح موسم مخصوص حالتن ۾ اسان جي اکين سان کيڏندي آهي. پهرين اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسين ڪنهن شيءِ کي انهيءَ ڪري  ڏسي سگهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته روشنيءَ جا شعاع  انهيءَ سان ٽڪرائجي اسان جي اکين ۾ داخل ٿين ٿا. عام طور تي اهي شعاع سڌو اسان جي اکين ۾ اچن ٿا، تنهن ڪري توهان پري کان نظر وجهندا ته، توهان کي فقط اهي ئي شيون نظر اينديون، جيڪي آسمان تي هونديون. هاڻي اسين روشنيءَ جي شعاعن سان موسم جي راند جي وضاحت ڪنداسين. بيابان ۾ زمين جي سطح کان مٿي گهاٽي هوا جو هڪ ٿلهو تهه آهي، جيڪو آئيني جو ڪم ڪري ٿو. هڪ شيءِ نظر کان ٻاهر اُفق کان گهڻو  هيٺ ٿي سگهي ٿي، پر جڏهن انهيءَ مان نڪرڻ واري روشنيءَ جا شعا هوا جي ٿلهي تهه سان ٽڪرائجن ٿا ته اسان کي اها شيءِ اُفق کان مٿي ۽ پنهنجي نظر جي پهچ ۾ لڳي ٿي. اسين حقيقت ۾ اهي شيون ڏسي رهيا   هوندا آهيون، جن کي اسان جون اکيون ڏسي نٿيون سگهن. جڏهن پرانهون آسمان انهيءَ  آئيني ۾ عڪس وجهندو  آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن اهو ڍنڍ جهڙو لڳندو آهي. شايد اها ئي ”رُڃ“ آهي.

ڪنهن گرم ڏينهن ۾ جبل جي چوٽيءَ تي وڃجي شايد توهان کي سامهون واري سڙڪ آلي لڳي. اها به ”رُڃ“ آهي. اصل ۾ توهان آسمان کان اچڻ واري اها روشني ڏسي رهيا هوندا آهيو، جيڪا سڙڪ يا روڊ کان ڪجهه ئي مٿي گرم هوا سان ٽڪرائجي مڙي وڃي ٿي، ۽ خود سڙڪ کان ئي ايندي معلوم ٿئي ٿي.

سمنڊ ۾ به اسان کي آسمان تي سفر ڪندي جهازن جي رُڃ نظر ايندي آهي.انهن صورتن ۾ پاڻيءَ جي ويجهو ٿڌ ۽ انهيءَ کان مٿي گرم هوا هوندي آهي، افق جي هُنَ پار، گهڻو پري کان ايندڙ جهازن کي انهيءَ ڪري ڏسي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن سان ٽڪرائجي اچڻ واري روشني جا شعاع گرم هوا جي تهه ۾ منعڪس ٿيندا  آهن ۽ اسان کي آسمان تي بحري جهاز ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

دنيا ۾ رُڃ جو مشهور مثال ”آبنائي ميسينا“ کان پري سِسلي ۾ واقع آهي. هتي آسمان تي ميسينا شهر جو عڪس نظر ايندو آهي.

 

ڇا سڀ براعظم ڪڏهن گڏ هئا؟

دنيا جي نقشي تي نظر وجهي ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا ٻنهي براعظمن کي ڏسو ته، توهان کي محسوس ٿيندو ته، جنهن جاءِ تي برازيل ۾ واقع آهي، ڏکڻ آمريڪا اتان کان ساڄي طرف ٻاهر نڪتل آهي، جڏهن براعظم آفريڪا کاٻي پاسي اندر جهڪيل آهي، ڇا اهو ممڪن ناهي ته، توهان کي ڪا پرولي (Puzzle) ٺاهڻ وانگر، انهن کي به گڏ ڪرڻ لاءِ بلاڪ ملائي هڪ ڪجن.

اندازا 75 سال پهرين هڪ جرمن سائنسدان ايلفرڊويگز اهو ئي ڪم ڪري رهيو هو. هن لکيو آهي ته، ڏکڻ بحر اوقيانوس جي سامهون وارن سمنڊن تي غور ڪرڻ واري کي برازيل ۽ آفريڪا جي ڪنارن جي مشابهت حيرت انگيز محسوس ٿيندي.برازيلي ڪناري تي جيڪو حصو ٻاهر نڪتل آهي، اهو ئي آفريڪي ساحل آهي، جيڪو اندر گهيريل آهي.

ويگز کي اهو به معلوم ٿيو ته فطرت پسندن، ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا جي تاريخ کان اڳ وارن ٻوٽن ۽ جانورن تي تحقيق ڪئي، کين انهيءَ ۾ گهڻيون ئي هڪ جهڙايون مليون. اهڙيءَ طرح هو قائل ٿي ويو ته، ٻئي براعظم ڪنهن زماني ۾ هڪ هئا ۽ آهستي آهستي هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويا.

ويگز جيڪو نظريو پيش ڪيو انهيءَ مطابق زمين جا مختلف ٽڪرا ڪنهن زماني ۾ گڏ هوندا هئا. درياءَ ڍنڍون ۽ خليج موجود هئا. پوءِ ڪن نامعلوم سببن جي ڪري اها زمين ٽڻ لڳي. ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا کان ٽٽي پري هليو ويو. اتر آمريڪا اولهه  يورپ کان الڳ ٿي ويو ۽ اولهه ڏانهن سُري ويو. اهڙيءَ طرح براعظم وجود ۾ آيا.

ڇا اهو سڀ ڪجهه ائين ئي ٿيو هو، جيئن ويگز چيو آهي؟ پر اسين نه ٿا ڄاڻون هي هڪ نظريو آهي، نظريو غلط به ٿي سگهي ٿو، پر نقشي تي نظر وجهڻ سان اسان کي انهيءَ نظريي جي  حمايت ۾ ڪجهه ثبوت ملي ٿو ۽ تاريخ کان پهرين جا ٻوٽا ۽ جانور به انهيءَ نظريي کي ڪنهن حد تائين ثابت ڪن ٿا. انهيءَ کان سواءِ زمين جو ٻاهريون کوپو سُرڪي رهيو آهي.

 

آبشار ڪيئن ٺهيا؟

جڏهن ڪنهن درياءَ يا نالي جو پاڻي ڪنهن ديوار نما ٽڪر تان گذري ته، آبشار ٺهي پوي ٿو. نياگرا آبشار انهيءَ ڳالهه جو مثال آهي. نياگرا جي ماڳ وٽ پٿر جا مٿيان تهه ڊولو مائيٽ مان ٺهيل ۽ سخت آهن. نياگرا درياءُ ڊولومائيٽ جي ٽڪريءَ کان  هيٺ هڪ وڏو تلاءُ آهي ۽ درياهه انهيءَ تلاءُ ۾ ڪري ٿو. ٿورڙي ٿورڙي عرصي کان پوءِ ٽڪريءَ جو ٿورو حصو ٽٽي ڪِري پوي ٿو، جنهن جي ڪري آبشار سڌو رهي ٿو. هن قسم جي ٻين آبشارن ۾ سخت پٿر سينڊ اسٽون يا لاوا ٿيندو آهي.

دنيا جا سڀني کان مشهور ابشار نياگرافال، آفريڪا ۾ وڪٽوريا فال ۽ ارجنٽائن، برازيل ۽ پيرا گوئي جي وچ ۾ اگواسوفال آهن.

’دنيا جي  اوچن آبشارن ”اينجل فالز“  وينزويلامين آهي، جيڪو 3300 فوٽن جي اوچائي تان ڪري ٿو. هي آبشار سڀ کان پهرين ”جمي اينجل“ 1935ع ۾ هوائي سفر دوران ڏٺو هو ۽ 1948ع ۾ اتي ويو هو.

ڪجهه آبشار بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت ڪارگر آهن. اهي بجلي فيڪٽريون هلائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا.

 

اوهان کي خبر آهي ته هوا جي رفتار

ڪيئن ماپي ويندي آهي؟

ڪڏهن ڪڏهن تيز هوا گهلندي آهي، ۽ ڪڏهن وري تيز طوفان ايندا آهن. اوهان جو جيڪڏهن خبرن ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو  هجي ته، توهان ٻڌو هوندو ته اڄ جي طوفان جي رفتار 10 کان 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي وغيره. هاڻي سوال آهي ته، آخر هوا جي اها رفتار ڪيئن ماپي ويندي آهي؟

هوا جي ماپڻ جو پهريون اوزار 1667ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان رابرٽ هُڪ ايجاد ڪيو. هن اوزار کي اينيمو ميٽر چيو وڃي ٿو. اينيمو ميٽر ڪيترن ئي قسمن جو ٿئي ٿو. پر عام قسم ۾ هڪ ڌري (Spindle) تي گهڻا ئي اليومينم جا ڪپا استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي هوا سان گڏوگڏ ڦرندا رهندا آهن. مقرر وقت ۾ چڪرن جو تعداد ڳڻي هوا جي رفتار ماپي ويندي آهي.

جڏهن انسان اُڏڻ شروع ڪيو ته، اوچائين تي هوائن جي رفتار ڄاڻڻ ضروري ٿي پيو هو. اهو ڪم ڪرڻ لاءِ موسمياتي غبارا ڇڏيا ويندا آهن، جتي هڪ قسم جي دوربين ”ٿيوڊو لائيٽ“ وسيلي نظر رکي ويندي آهي، پر بادل ، اچڻ جي صورت ۾ هي طريقو ڪارامد ناهي رهندو. 1941ع ۾ موسمياتي ريڊار ايجاد ڪيو ويو. هاڻي هڪ ريڊار سيٽ وسيلي بادلن ۾ گهريل غباري تي به نظر رکي ويندي آهي ۽ مٿين هوائن جي رفتار ماپي ويندي آهي.

 

ڇا هوا ۾ وزن به ٿيندو آهي؟

اُسريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ جا اڪثر ماڻهو هوا کي ڪجهه به ناهن سمجهندا پر حقيقت ۾ ائين ناهي. هوا مخصوص گئسن سان ملي ٺهيل هوندي آهي، گئس جي ڪا مخصوص شڪل ته نه هوندي آهي، پر  اها هر جاءِ کي گهيري رکندي آهي.

زمين جي گولي تي هوا جو ڪيترائي ميل گهاٽو سمنڊ آهي، جيڪو ڪشش ثقل جي ڪري زمين کان الڳ نٿو ٿئي. تنهن ڪري هوا ۾ وزن ٿيندو آهي، جيئن ته هوا اسان جي چوڌاري آهي، تنهن ڪري، هي جنهن شيءِ ۾ به هجي انهيءَ جو وزن وڌائيندي آهي. مثال طور: هڪ ڦوڪڻي ۾ هوا ڀريو ۽ ٻيو ڦوڪڻو خالي کڻو ۽ انهن ٻنهي جو وزن ڏسند ته هوا واري ڦوڪڻي جو وزن وڌيڪ ٿيندو.

هوا جو وزن  داٻ وجهي ٿو، هوا توهان جي سڄي جسم تي داٻ وجهي ٿي. زمين جي گولي تي هوا جو داٻ 14.7 پائونڊ في چورس انچ يا هڪ اندازي موجب 15 پائونڊ آهي. توهان جي هٿ جي تريءَ جي ايراضي ٻارنهن چورس انچ هوندي آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته، اوهان پنهنجي هٿ تي 180 پائونڊ هوا کڻي ڦرندا وتو ٿا. انهيءَ ڳالهه جي خبر نه پوڻ جو ڪارڻ هوا جو اوهان جي هٿ جي هيٺان اوترو ئي داٻ آهي. اوهان جي مٿي تي هوا جو داٻ 600 پائونڊ آهي، پر اهو بار محسوس نه هئڻ جو سبب اهو آهي ته، اوهان جي اندر جسم ۾ موجود هوا به اوترو ئي داٻ وجهي ٿي.

توهان جيتري اوچائي (ڪنهن جبل وغيره) تي ويندا ته توهان تي هوا جو داٻ اوترو ئي گهٽجي ويندو. 20 هزار فوٽن جي اوچائي تي اهو داٻ 6.4 پائونڊ في چورس انچ رهجي وڃي ٿو. زمين کان 65 ميل مٿي داٻ گهڻو ڪري نه هئڻ جي برابر آهي.

 

جيڪڏهن ”دز“ نه هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟

”دز“ مٽيءَ يا ٻين نهرن مادن جا ذرڙا آهن، جيڪي ايترا ته هلڪا هوندا آهن، جو هوا ۾ اُڏامندا رهندا آهن. اهي ذرڙا ڪٿان ايندا آهن؟ اهي مئل ٻوٽن ۽ جانورن، سامونڊي لوڻ، صحرائي يا آتش فشاني واريءَ ۽ خاڪ مان پيدا ٿي سگهن ٿا.

”دز“ ڪا چڱي شيءِ ناهي، پر هڪ لحاظ کان دنيا کي خوبصورت بنائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

صبح ۽ شام جي وقت آسمان تي خوبصورت رنگن جو دارومدار ڪنهن حد تائين هوا ۾ موجود ”دز“ تي آهي.

مٿينءَ هوا ۾ موجود ”دز“ جا ذرڙا سج جي شعاعن کي منعڪس ڪن ٿا، تنهن ڪري سج لهڻ کان پوءِ به هڪ ٻن ڪلاڪن تائين سوجهرو رهندو آهي. سج جي روشنيء دز ۽ آبي بخارن سان ٽڪرائجي مختلف ڪنڊن تي منعڪس ٿيڻ سان مختلف رنگ پيدا ٿيندا آهن. سج لهڻ وقت ڳارهاڻ ڦهلجڻ جو سبب به دز آهي. ”دز“ جا ذرڙا سج جي ڳاڙهن شعاعن کي اهڙي اندازي سان موڙيندا آهن جو اهي سڀني کان آخر ۾ نظر ايندا آهن.

دَز جو هڪ ٻيو فائدو به آهي. اُهو اِهو آهي ته دز جي ڪري هوا ۾ موجود آبي بخار جلدي ۾ پاڻياٺ جي صورت اختيار ڪري وٺندا آهن، جڏهن ”دز“ نه هجي ها ته آبي بخار ايترو جلدي پاڻياٺ جي صورت اختيار نه ڪري سگهن ها.

 

ڍنڍن تي ڌنڌ ڇو ٿيندو آهي؟

ڌنڌ جا ذرڙا نهايت ننڍڙا هوندا آهن. هڪ انچ جي 25 هين هزارئين حصي جيتري اڌ قطر جيترا هوندا آهن. جڏهن ڌنڌ گهڻو گهاٽو هجي ۽ آڏو ڪجهه به نه ڏيکارجي ته، هڪ مڪعب انچ ۾ اهي 20000 ذرڙا موجود هوندا آهن.

ڌنڌ جي ٺهڻ لاءِ ضروري آهي ته گهم هوا مان خارج ٿي گهاٽي ٿي وڃي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته، ڪنهن به طريقي سان ٿڌ هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته، ٿڌي هوا ۾ گرم هوا جيتري گهم ناهي ٿيندي. ڌنڌ ٺهڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته ٿڌي هوا ۽ گرم هوا پاڻ ۾ ملي وڃن، جيڪڏهن هوا بيٺل هجي ته، ٿڌاڻ صرف زمين جي ويجهو ئي ٿيندي ۽ ماڪ پوندي. جڏهن هوا گهڻو تيز گهلندي هجي ته هوا ۾ ٿڌاڻ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ بادل ٺهندا آهن، تنهن ڪري ڌنڌ ٺاهڻ لاءِ گرم ۽ ٿڌي هوا جي جهوٽن جي رفتار مناسب هئڻ گهرجي.

هي عمل انهيءَ صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو، جڏهن  گرم هوا ٿڌي علائقي يا ٿڌي سمنڊ وٽان گذري يا پوءِ ٿڌي هوا گرم پاڻيءَ مٿان گذري. خزان ۾ گهڻو ڪري صبح وقت ڍنڍن ۽ تلائن جي مٿان ٿڌي هوا گذرندي آهي ۽ اتي ڌنڌ  نظر ايندو آهي.

 

ڇا هوائن جا به مختلف نالا آهن؟

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته گهڻين هوائن جا ڪي به نالا ڪونهن، انهن هوائن لاءِ اسين صرف اهو چوندا آهيون ته، هوا گهلي رهي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته اڄ اتر ٿو گهلي، اڄ ڏکڻ ٿو گهُلي، پر ڪن هوائن جا مخصوص نالا آهن.

هوائن جا نالا مختلف سببن جي ڪري مختلف آهن. اتر کان هيٺ خط استوا ڏانهن هلڻ وارين هوائن کي تجارتي (Trade) هوائون چئبو آهي. انهن طاقتور هوائن کي هي نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيڙن واري زماني ۾ اهي هوائون تمام گهڻو مددگار ثابت ٿينديون هيون.

ڪجهه خاص هوائون به آهن، جهڙوڪ: ”مون سون“ هوائون وغيره، جيڪي موسم سان گڏوگڏ پنهنجو رخ بدلائينديون آهن. هندستان ۽ پاڪستان ۾ ”مون سون“ هوائون سردين جي مند ۾ ڏکڻ ڏانهن ۽ گرمين جي مند ۾ اتر ڏانهن هلنديون آهن. جولاءِ، آگسٽ ۾ پوندڙ مينهن هنن هوائن جي ڪري پوندا آهن.

ڏکڻ فرانس ۾ يخ خشڪ اترين هوا کان هر ڪوئي ڊڄندو آهي. اها سمنڊ واري طرف کان ايندي آهي ۽ سخت حُٻس پيدا ڪندي آهي. عربستان ۾ ”بادِ سموم“ کي نهايت موتمار سمجهيو ويندو آهي.

 

خط استوا تي گرمي ڇو ٿيندي آهي؟

جڏهن به اسين نقشي يا گلوب تي نظر وجهنداسين ته خط استوا (Equator) ايتري تائين نمايان نظر ايندو آهي جو انهيءَ جي فقط خيال ايندي يقين نٿو اچي. خط استوا فقط هڪ خيالي لڪير آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته توهان ڪيترائي ڀيرا انهيءَ کي پار به ڪيو هجي. لفظ Equator لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ آهي: ”برابر ڪرڻ“ خط استوا زمين جي گولي کي اتر ۽ ڏکڻ اڌ گولي (Hemispheres) ۾ ورهائي ٿو. اها هڪ خيالي لڪير آهي، جيڪا گلوب جي  برابر وچ  تي ڪڍي ويئي آهي.

خط استوا جي برابر زميني گولي جي چوڌاري ڪڍيل خيالي لڪيرن کي “Parallels” چئبو آهي. لڪير جي مٿان ۽ هيٺان واريون لڪيرون مختلف جاين جي نشاندهيءَ لاءِ ويڪرائي ڦاڪ (Latitude)  آهن.

اسان کي خبر آهي ته نقشن ۾ زمين کي مختلف خطن ۾ورهايو ويو آهي. مٿي يا اتر ۾ آرڪٽڪ ليڪ، پوءِ اتر ۾ گرم خطو (ٽراپيڪل) ڏکڻ گرم خطو ۽ انٽار ڪٽيڪا خطو اچي ٿو.

ٽراپيڪل ليڪ، خط استوا کان ½23 درجا اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ½23 درجا ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ کان پري تائين وڃي ٿي. انهيءَ خطي ۾ سج جا شعاع عمود ۾ پون ٿا. انهيءَ ڪري هتي هميشه گرمي پوي ٿي.

اچو ته ڏسون ته ائين آخر ڇو ٿو ٿئي. جيئن ته توهان ڄاڻو ٿا ته، زمين جي محور “Axis” جو جهڪاءُ پنهنجي مدار (سج جي چوڌاري) ڏانهن آهي. انهيءَ ڪري خط استوا به هڪ طرف ڏانهن آهي. انهيءَ جهڪاءَ جي ڪري جڏهن زمين سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي. ته سج جا سڌا سنوان شعاع ڪڏهن خط استوا جي اتر ۾ ۽ ڪڏهن خط استوا جي ڏکڻ تي پون ٿا.

انهيءَ جي وضاحت هن طرح ٿيندي ته استوائي خطو ئي زمين جو اهو واحد خط ڇو آهي. جتي سج جا شعاع عمودي پون ٿا. هاڻي توهان کي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته خط استوا جي ويجهو هميشه گرمي ڇو ٿيندي آهي.

 

سمنڊ جو پاڻي لوڻياٺو ڇو ٿيندو آهي؟

اڄ ڏينهن تائين جيڪا به معلومات اسان تائين پهتي آهي، انهيءَ جي آڌار تي اسين انهيءَ جو جواب هن طرح ڏئي سگهون ٿا ته، جڏهن مينهن وسي ٿو ته، زمين جي لوڻياٺ پاڻيءَ ۾ ڳرندي حل ٿي وڃي ٿي. اهو پاڻي ندين ۽ دريائن وسيلي سمنڊ تائين پهچي ٿو. ۽ سمنڊ جو پاڻي لوڻياٺو ٿي وڃي ٿو.

سمنڊ ۾ لوڻ جو ڪيترو مقدار آهي، انهيءَ بابت ماهرن جو خيال آهي ته، جيڪڏهن سڀ سمنڊ خشڪ ٿي وڃن ته ايترو لوڻ ٺهندو يا بچندو جو انهيءَ مان 180 ميل اوچي ۽ هڪ ميل موڪري ڀت ٺاهي سگهجي ٿي ۽ ڀت خط استوا کان زمين جي چوڌاري هڪ چڪر جيتري ٿيندي. يا سڀني سمنڊن کي خشڪ ڪيو وڃي ته سڄي براعظم کان پندرهوڻون وڌيڪ مقدار ۾ لوڻ حاصل ٿيندو.

اسين جيڪو  عام لوڻ استعمال ڪريون ٿا. اهو سمنڊ جي پاڻي يا لوڻياٺين ندين،  ڍنڍن، چشمن ۽ لوڻ جي جبلن مان حاصل ٿئي ٿو. سمنڊ ۾ گڏ ٿيل لوڻ جو مقدار گهڻو ڪري ٽي کان ساڍا ٽي في سيڪڙو آهي، خشڪيءَ ۾ گهيريل سمنڊن مثال طور : بحيره روم ۽ بحيره احمر ۾ کليل سمنڊن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لوڻ آهي. 340 چورس ميلن تي ڦهليل بحيره مردار (Dead sea) ۾ هڪ اندازي مطابق 11 کرب ڪروڙ ٽن لوڻ موجود آهي.

سراسري طرح هڪ گيلن سامونڊي پاڻيءَ ۾ اڌ پاءُ لوڻ هوندو آهي. دنيا جي مختلف حصن ۾ ملندڙ لوڻ جا جبل اصل ۾ لکين سال پهرين سامونڊي پاڻيءَ جي بخارن سان ٺهيا، جيئن ته اهو لازمي هو ته، سمنڊ جي پاڻيءَ جو 90 سيڪڙو حصو بخارن ٿيڻ سان ئي پٿر جو لوڻ ٺهيو، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو  ته، لوڻ جا ملندڙ ٿلها تهه انهن ئي سمنڊن ۾ جمع ٿيا، جيڪي زمين ۾ گهريل هئا. انهيءَ جا بخار تيزيءَ سان ٺهيا هئا.

گهڻو ڪري کائڻ وارو لوڻ جبلن مان حاصل ڪيو ويندو آهي. عام طريقي مطابق لوڻ جي Beds ۾ کوهه کوٽيا ويندا آهن. پوءِ هڪ پائيپ وسيلي پاڻي هيٺ پمپ ڪيو ويندو آهي. پاڻي لوڻ کي ڳاري حل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ حل ٿيل لوڻ هڪ ٻئي پائيپ رستي ٻاهر ڪڍيو  ويندو آهي، ۽ انهيءَ کي ٽهڪائي پاڻي ٻاڦ جي صورت ۾ خارج ڪيو ويندو آهي ۽ لوڻ جا قلم حاصل ڪيا ويندا آهن، جن کي خشڪ ڪيو ويندو آهي.

 

سڀني سمنڊن ۾ اونهو سمنڊ ڪهڙو آهي ۽ اهو ڪيترو آهي؟

ڪجهه عرصو اڳ تائين سمنڊ اسان لاءِ ڳجهارت بڻيل هئا. ڪيترين ڳالهين کان اسين ناواقف هئاسين ۽ اڄ اسين ڪيتريون ئي حقيقتون ڄاڻي چڪا آهيون، پر پوءِ به ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي اڃا تائين اسان لاءِ پراسرار ۽ تجسس جو ڪارڻ آهن.  جن جي اسان کي ڪا به خبر ڪانهي، جيئن اسين نٿا ڄاڻون ته سمنڊ  ڪيئن وجود ۾ آيا، البت اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته، زمين جي ابتدائي مرحلن ۾ سمنڊ جو  وجود ڪين هو.

اڄ جڏهن سائنس اوج تي آهي ۽ هر طرف انسان ڪاميابي ماڻي چڪو آهي، اتي هن سمنڊن جي علم جي ميدان ۾ به ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون آهن. انسان مختلف سمنڊن جون اوناهيون ماپڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، يا ڪوشش ڪري رهيو آهي. سمنڊن جي تري ۾ 12000 فوٽ اونهي گپ ڦهليل آهي، اها ننڍن ننڍن سامونڊي جانورن جي ڍانچن سان ملي ٺهي آهي. سمنڊ جي اونهاين ۽ اونداهن علائقن ۾ جتي سمنڊ جو پاڻي چئن ميلن کان به اونهو آهي، انهن ۾ ڳارهي مٽيءَ جو گارو ڦهليل آهي. اهو سامونڊي جانورن جي ڍانچن، ننڍن ننڍن ٻوٽن ۽ آتش فشان جي خاڪ تي مشتمل آهي.

موجوده دور ۾ سمنڊن جي اونهائي ماپڻ لاءِ آواز جي لهرن کان ڪم ورتو وڃي ٿو، جيڪي سمنڊ جي تري سان ٽڪرائجي واپس اچن ٿيون. آواز جي لهر جيترو وقت وڃن ۽ موٽڻ ۾ وٺي ٿي، انهيءَ کي ٻن سان ونڊ ڪري اونهائي معلوم ڪئي ويندي آهي.

انهيءَ کي ٻن سان ونڊ ڪري اوناهئي معلوم ڪئي ويندي آهي.

انهيءَ ماپن جي بنياد تي اسان کي مختلف سمنڊن جي سراسري اونهائي معلوم ٿي ويندي آهي. انهيءَ طريقي سان اونهي کان اونهي هنڌ يا جاءِ جو به گهڻي هد تائين اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي نموني جي اندازي مطابق سڀني کان وڌيڪ سراسري اونهائي وارو سمنڊ بحرالڪاهل (Pacific Ocean) آهي. انهيءَ جي اونهائي 14048 فوٽ آهي، انهيءَ کان پوءِ بحرالهند جو نمبر اچي ٿو. انهيءَ جي سراسري اونهائي 13002 فوٽ آهي، ٽئين نمبر تي بحر الاوقيانوس (Atlantic) ۽ چوٿين نمبر تي بالٽڪ سمنڊ آهي. اهي ترتيبوار 12880 ۽ 180 فوٽ آهن.

سڀني سمنڊن ۾ اونهي کان اونهي جاءِ بحر الڪاهل ۾ Guam جي ويجهو آهي، يعني انهيءَ جي اونهائي 35400 فوٽ آهي. انهيءَ کان پوءِ اوقيانوس جو ”پيو ترويڪو“ جي ويجهو 30246 فوٽ ماپي ويئي آهي.

 

اوهانکي خبر آهي ته پاڻيءَ ۾ لهرون ڇو پيدا ٿينديون آهن؟

اوهان پاڻيءَ جي ويجهو ويهي، پاڻيءَ جومشاهدو ڪريو ته، توهان کي پاڻيءَ ۾ لهرن جي خبر پئجي ويندي، جيڪڏهن پُرسڪون ماحول هوندو، هوا گهٽ هوندي، ته اوهان ڏسندا ته پاڻيءَ بنهه خاموش هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڪا به چرپر ناهي هوندي، پر جيڪڏهن ٿوري هوا هجي ته، پاڻيءَ ۾ ٿورڙيون لهرون پيدا ٿينديون آهن، پر جيڪڏهن هو ا تيز هجي يا طوفان هجي ته پوءِ پاڻيءَ ۾ تمام گهڻيون لهرون ٺهنديون آهن.

انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته پاڻيءَ ۾ لهرن جو ڪارڻ هوا آهي. لهرن وسيلي توانائي جي هڪ صورت هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين منتقل ٿئي ٿي. پاڻيءَ ۾ لهر شروع ڪرڻ لاءِ تمام ٿورڙي يا تمام گهڻي قوت گهربل هوندي آهي. اها توانائي هوا مهيا ڪري ٿي.

جڏهن اوهين هڪ کان پوءِ ٻي لهر ٺهندي ڏسندا ته، معلوم ٿيندو ته پاڻي اڳتي وڌندي نظر اچي ٿو، پر جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ڪو ڪاٺيءَ ٽڪرو ترندو هجي ته، اهو لهرن سان گڏ اڳتي ناهي ايندو. اهو هيٺ مٿي ٿيندو رهندو آهي. اهو فقط تڏهن چرپر ڪندو آهي، جڏهن هوا يا ڪا شيءِ انهيءَ کي حرڪت ڏئي .

لهر جي اها حرڪت ڪهڙي قسم جي حرڪت آهي؟ پاڻيءَ جي لهر گهڻو ڪري پاڻيءَ جي ذرڙن جي هيٺ مٿي حرڪت جي ڪري ٿيندي آهي. مثال طور توهان وٽ، هڪ رسي آهي، ته توهان انهيءَ ۾ هڪ قسم جي لهر پيدا ڪري سگهو ٿا ۽ هيٺ مٿي حرڪت رسيءَ سان گڏ هلندي آهي.

پاڻيءَ جي لهر جو هيٺيون حصو ڪناري تي اچي ختم ٿي ويندو آهي. توهان ڪجهه 

گهڙيون ڪناري تي لهرن جي وچ ۾ بيهي ڏسندا ته جلد ئي انهن جي قوت جو اندازو ٿي ويندو. پاڻيءَ جي لهر ۾ پاڻيءَ جا جزا هوا جي طاقت سان گولائي ۾ هيٺ مٿي ۽ اڳتي حرڪت ڪندا آهن. پوءِ اهي ڪشش ثقل جي ڪري گڏجي پاڻيءَ کي هيٺ مٿي ۽ پوئتي آڻيندا آهن. اها هيٺ مٿي حرڪت لهر کي اڳتي وڌائيندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org