سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: بدن ۽ ان جو ڪم

باب: --

صفحو :2

مشڪون ۽ گوشت

مان رڳو هڏائون پڃرو يا هڏا ئي هڏا نه آهيان. مان ماس وارو، گھڻو ئي ڀريل ۽ گوشت سان ڍڪيل آهيان. مان( گوشت) جانڻ جي جسم تي هڪ يڪي تهه وانگر لڳل نه آهيان، پر ڌار ڌار ٽڪرن ۾ ورڇيل آهيان ۽ هر اهڙي ٽڪري کي مشڪ به سڏين. جانڻ جي جسم ۾ اسين ڇهه سؤ کن مشڪون آهيون. اسان مان ڪي پٽيءَ وانگر ڊگھيون، ڪي اِٽيءَ وانگر ٿلهيون، ڪي پني وانگر پٿريل ته ڪي سوئن وانگي اڀريل آهن. اسين ڌار ڌار تندن جي مچن جو ٺهيل آهيون، اصل اهڙا مچا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن گوشت کائيندي توهان جي ڏندن ۾ به ڦاسي ۽ اٽڪي پونديون آهن.

جانڻ جيڪو به ڪم ڪندو آهي، اسان سان ڪندو آهي. سندس اٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، گھمڻ ڦرڻ، بار ۽ ساهه کڻڻ لاءِ اسين ئي کيس ڪم اينديون آهيون.

اکيون

آءٌ جانڻ جي اک آهيان. اسين ٻه آهيون، منهن ۾ هڪ کٻي پاسي ۽ ٻي سڄي پاسي کان. آءٌ دنيا جي ٻين ساهوارن جي اکين کان سهڻي اک آهيان. آءٌ گول بال وانگي آهيان ۽ مون کي چورڻ ۽ ڦيرائڻ لاءِ ڇهه مُشڪون آهن. آءٌ چئن حصن يا تهن جي ٺهيل آهيان. منهنجو پهريون تهه يا پردو هڪ مضبوط اڇي ڇيڇڙي جو ٺهيل آهي، جيڪو ڪاري تاري جي چوڌاري ۽ ان جي مٿان به چڙهيل آهي، پر هي انهيءَ جاءِ تي روشني اندر نيئڻ لاءِ بلڪل شفاف آهي.

 

انهيءَ ڪري هي توهان کي ڏسڻ ۾ نه ايندو. هي مون کي سنڀالي محفوظ ٿو رکي ۽ اهڙو سخت آهي جھڙو پٿر. هن کان پوءِ هڪ ٻيو پردو آهي، جيڪو سڄو رت نلين جو ‎ٺهيل آهي، اهو مون کي خوراڪ پهچائي ٿو. هن ۾ ئي اندرئين پاسي هڪ ڪارو تهه گهڻي روشنائي کي کائي وڃڻ لاءِ اٿم، جيئن گهڻي روشني مون کي نقصان نه پهچائي سگھي. منهنجي اڳئين پاسي ۽ پهرئين پردي جي هيٺان، هي پردو تارو يا پُتلي ‎ٺاهي ٿو. جيڪي ماڻهو گرم ملڪن ۾ رهندا آهن، انهن ۾ هيءَ ڪاري هوندي آهي ۽ ٿڌن ملڪن جي ماڻهن جي اکين ۾ وري شيري، پر مان جيئن ته جانڻ سان گڏ گرم ملڪ ۾ رهان ٿي، انهيءَ ڪري ڪاري آهيان. الله سائينءَ ڄڻ ته جانڻ کي هيءَ هڪ ڪاري عينڪ ڪري ڏني آهي.

پتليءَ جي وچ ۾ روشني اندر موڪلڻ لاءَ ماڻڪي اٿم. پوءِ جڏهن آءٌ اوندهه ۾ ڏسندي آهيان  ته اها ويڪري ٿي ويندي آهي ۽ سوجھري ۾ سوڙهي ٿي ويندي آهي. اهو هن لاءِ ته جيئن گھڻي روشنائي منهنجي نازڪ تَنتي_ پردي تي پئي مون کي نقصان نه پهچائي.

منهنجو ٽيون پردو تمام نازڪ تنتن جو ٺهيل آهي، جنهن سان آءٌ شڪلين جا فوٽو ۽ عڪس کڻي مغز تائين پهچائيندي آهيان. مان جي تيز روشنائي ۽ سج ڏانهن ڏسان ته هوند هي پردو ناس ٿي وڃي ۽ جانڻ انڌو ٿي پوي؛ ڇاڪاڻ ته هي تمام نازڪ آهي. هن پردي جي اڳيان ۽ پتليءَ جي پٺيان هڪ شفاف چڌي جھڙو بلور لٽڪيل آهي، جيڪو نظر کي چٽو ڪري ٿو. جانڻ  جڏهن نوجوان هو، تڏهن هي بلڪل صاف ۽ شفاف هو، ان ڪري ٺيڪ ڪم ڪندو هو، پر هاڻي جانڻ پوڙهو ٿي ويو آهي، ان ڪري هي ٿورڙو ميرو ۽ غير شفاف ٿي پيو اٿس، ان ڪري کيس موتيو پاڻي ٿي پيو آهي ۽ نظر گھٽجي ويئي اٿس.

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org