سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: برک سائنسي

کوجنائون ۽ ايجادون

باب:  ٽيون

صفحو :6

باب ڏهون

ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ

        دنيا ۾ سڀ کان پهرين ٻاڦ تي هلڻ واري انجڻ ٺاهڻ جي شروعات ”وليم مارڊاڪ“ ڪئي. پر سندس اِهو ڪارنامو ڪنهن کي ڪونه وڻيو ۽ سندس همت افزائي ڪانه ٿي، جنهن جي ڪري هو پنهنجي ايجاد کي وڌيڪ ترقي ڏيئي هلائي نه سگهيو

.

        1802ع ۾ وري ٻي انجڻ ٺهي، جيڪا ”رچرڊ تريوي ٿِڪ“ ٺاهي، اُها انجڻ هلي ۽ سندس رفتار اٽڪل پنج ميل في ڪلاڪ هئي. رچرڊ جا خيال تمام سٺا ۽ اوچا هئا، هُن چاهيو ٿي ته انجڻ ۾ گاڏا ڳنڍي مسافرن جي ويهڻ جهڙو ڪجي، پر سندس ان اِرادي کي پورو ڪرڻ لاءِ هن جو ساٿ ڪنهن به ڪونه ڏنو، ۽ پاڻ 1833ع ۾ وفات ڪري ويو.

        1812ع ۾ ٽي انجڻ به انگلينڊ ۾ ايجاد ٿي، جيڪا ”ميٿيو مري“ ايجاد ڪئي. اُنهيءَ انجڻ ۾ هُن اهڙي اٽڪل رکي هئي، جو اُنهيءَ ڪري هوءَ اڳتي پوئتي هلي سگهي ٿي. اُن کانپوءِ وليم هيڊلي 1813ع ۾ انجڻ ٺاهي، جيڪا سڀني اڳين انجڻين کان بهتر هئي، ۽ اُن جا اوزار به وڌيڪ ڪارائتا هئا، پر اُن جي رفتار اُهائي پنج ميل في ڪلاڪ هئي. آخرڪار اِنهن سڀني جي ڪيل تجربن جو فائدو وٺي، هڪ غريب مزور جي اڻ پڙهيل پٽ جارج اسٽيفن هڪ نئين انجڻ تيار ڪئي، جنهن کي 1814ع ۾ هن پاڻ پَٽڙيءَ تي هلايو.

        1830ع ۾ ريل گاڏيءَ جو باقاعدي افتتاح ٿيو. جنهن ۾ انگلستان جو وزيراعظم پڻ شريڪ هو. اُن ڏينهن اَٺن انجڻين کي هڪ ٻئي پويان گاڏا ڳنڍيا ويا ۽ سڀ کان پهرين انجڻن کي جارج اسٽيفن پاڻ هلائي رهيو هو. اهڙيون ڪوششون ٻين به ڪيون، پر هو ايترا ڪامياب نه ٿي سگهيا. سندن تجربن مان فائدو وٺي جارج اسٽيفن ڪامياب ٿيو ۽ اِهو اعزاز جيڪو سندس ڀاڱي ۾ لکيل هو، سو حاصل ڪيائين.

        اهو عظيم سائنسدان 1781ع ۾ ڄائو. 1848ع ۾ وفات ڪري ويو.

 

باب يارهون

ريڊيو ڪنهن ايجاد ڪيو؟

        ريڊيو 1899ع ۾ ٺهيو، پر اِن جو ٺاهيندڙ ڪو هڪ ڪونه هو. اِن ايجاد جي تحقيق جملي ٽِن ماڻهن ڪئي، جن جا نالا آهن: جيمس ميڪسويل، جيڪو انگلينڊ جو رهاڪو هو. ٻيو جرمنيءَ جو رهاڪو هينرچ هرٽز ۽ ٽيون اٽليءَ جو رهاڪو مارڪوني هو. اُنهن ٽنهي جي گڏيل تحقيق سان ريڊيو ايجاد ٿيو.

        ميڪسويل اِها اڳڪٿي ڪئي ته ڪنهن تار کان سواءِ هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين نياپو پهچائي سگهجي ٿو. هُن اِن جا اصول به ڳولي ورتا. هينرچ وري اُنهن اصولن هيٺ اُهي لهريون هٿ ڪيون، جن جي وسيلي تارن جي مدد کان سواءِ پڻ هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين پيغام پهچائي سگهجي ٿو. هن اهڙو تجربو به ڪري ڏيکاريو. مارڪونيءَ وري اهڙا اوزار ايجاد ڪيا، جن جي وسيلي اِهي سڀ اصول گڏي ڪم آندا ويا ۽ ريڊيو وجود ۾ آيو. ريڊيو ايجاد ٿيو ته ماڻهن کي ڏاڍو عجب لڳو ته آخرڪار هِن مان آواز ڪيئن ٿو اچي؟

        ڪِن جو خيال هو ته ”ان ڊٻي ۾ ڪو ماڻهو لڪل آهي“ يا ڪو ”جن“ آهي! ڪي ته خوف جي ڪري بيهوش پڻ ٿي ويا. پر آهستي آهستي هو سمجهڻ لڳا، ۽ هاڻ ته گهر گهر ۾ ريڊيو ضروري ٿي پيو آهي. اسين اِن مان گهر ويٺي سـڄيءَ دنيا جو حال احوال معلوم ڪري سگهون ٿا.

        مارڪونيءَ پهريون ڀيرو ويهن سالن جي عمر ۾ ريڊيو ٺاهڻ جو تجربو ڪيو، پر ڪامياب نه ٿيو. هُن همت نه ڇڏي، ۽ نيٺ ڪاميابيءَ سندس قدم چميا. اِن وچ ۾ ڪيتريون ئي سختيون ۽ تڪليفون ڏٺيون، ۽ نيٺ هُن اُهو ايڏو وڏو ڪم پورو ڪري ڏيکاريو. هاڻ ته وري اِن ۾ نيون نيون تبديليون آنديون ويون آهن، جنهنڪري اِهو وڌيڪ اهم ۽ ضروري ٿي پيو آهي. پري پري جون خبرون اسين آرام سان گهر ويٺي ٻڌي سگهون ٿا.

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org