سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: شعور

باب: --

صفحو :5

 

 

باب اٺون

سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين

ڇا ٿيون پهچائن؟

 

سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين شين، لقائن، عملن، اثرن ــــــــــ حقيقتن ــــــــــ جو اولڙو، عڪس، احساس ٿيون پهچائن.

اچو ته ڪجهه مثال وٺون.

هن وقت توهان پنهنجي چوڦير ڇا پيا ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهو؟

توهان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ (ڪرسيءَ، کٽ يا پٽ) تي ويٺل يا ليٽيل آهيو ۽ توهان جي جسم جو ڪو نه ڪو حصو ويهڻ جاءِ کي ڇهي رهيو آهي، هوا (ڪوسي، ٿڌي يا وچٿري) اوهان جي جسم کي ڇهي رهي آهي، اوهان جو هٿ هن ڪتاب کي ڇهي رهيو آهي ۽ توهان جون نظرون ڪتاب جي اکر اکر، لفظ لفظ ۽ جملي جملي کي، ڪتاب کي ۽ ڏيکارجندڙ پسمنظر کي ڏسي، محسوس ڪري رهيون آهن، توهين ڪنهن نه ڪنهن ڪمري، جاءِ يا باغ ۾ آهيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو وڻ، گل، ٻوٽو، ڪا ٻي جاءِ به ڏيکاربي هجي يا ڪنهن پکي پکڻ، جانور يا گيت گاني جو آواز اوهان جي ڪنن تائين پهچندو هجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن گل جي سڳنڌ يا کاڌي جو سواد به اوهين محسوس ڪري رهيا هجو. ٿي سگهي ٿو ته توهين ڪنهن سواريءَ تي سفر ڪري رهيا هجو ۽ توهان جي چوڌاري لقاءَ بدلبا رهندا هجن. توهان جتي به آهيو پر ڌرتيءَ تي آهيو ۽ ڌرتيءَ جا سمورا لقاءَ به موجود آهن. ڌرتي هن وقت به پنهنجي وچ چوڌاري لاٽونئڙي چرپر ۽ سج چوڌاري گولائي چرپر ڪري رهي آهي. سج پنهنجن سمورن سيارن سميت پنهنجي مخصوص گس ۾ ڦري رهيو آهي، اهو گس پنهنجي مها-گس سرشتي ۾ ڪنهن نه ڪنهن واٽ تي ڊوڙي پيو ــــــــــ مطلب ته سڄي ڪائنات ۽ ان جي لقائن جو هڪ ذرڙو اوهين به آهيو.

ڇا اهو سڀ ڪجهه توهان جي دماغ ۾ ان ڪري موجود آهي جو اوهان انهن بابت اڳواٽ سوچي رکيو آهي، ته اهي آهن؟

جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته اهي سڀ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ لائق شيون ۽ جيڪي به شيون ۽ لقاءَ اسان جي پهچ کان پري آهن، اهي سڀ سندس دماغ ۾ موجود آهن ته پنهنجي خيال موجب هو ڪا عقلمنديءَ واري ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري، پر هو نج ناسمجهيءَ واري ڳالهه پيو ڪري. عقلمنديءَ واري ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ شيون ۽ لقاءَ اسان جي سمجهه جا محتاج ناهن، پر ان کان آزاد وجود رکن ٿا.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوال ڪري ته مظلوم قومون، مظلوم طبقا، مظلومن جي ڇوٽڪاري لاءِ هلايل جدوجهدون، ظالم قومون، ظالم طبقا ۽ ظالمن جون ظلم قائم رکڻ لاءِ ڪوششون، سازشون ۽ ٺڳيون، سماجي اوسر جي مختلف سطحن تي رهندڙ ماڻهوءَ سماج ــــــــــ سوشلسٽ، عوامي جمهوري، سرمائيداري، جاگيرداري، غلامداري ۽ ابتدائي راڄوڻي سماج جا رهاڪو، سائنسي ايجادون ۽ انهن جا ڪرشما وغيره يا اڃا به ڪجهه تفصيل ۾، مثال طور سنڌي سماج کي وٺجي، ته ان جي رهڻي ڪهڻي، سڌ سماءُ، ٻولي ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ڪردار، نفسيات ۽ جذبا، اسرندڙ سرمائيداري، ڇانيل جاگيرداري ۽ ٽٽندڙ غلامداري سماج جا اثر، اسان جي ٿيندڙ قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ، سنڌي سماج مٿان ڇانيل ڌاريا ۽ انهن جي حيثيت، سنڌ جي ايشيا توڙي دنيا ۾ حيثيت وغيره ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪي اهڙيون شيون ناهن جن کي رڳو ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهجي. اهي لقاءَ آهن مختلف نمونن جا، اصطلاح آهن مختلف لقائن بابت. ظلم ڪا نهري شيءِ ناهي، ان کي ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي نه ٿو سگهجي، ته به ظلم هڪ خاص عمل، لقاءَ بابت مخصوص ڪيل لفظ آهي. ساڳيءَ طرح آزادي به هڪ خاص لقاءَ بابت هڪ مخصوص ڪيل لفظ آهي. ڇا اهي سڀ شيون، سڀ عمل، سڀ لقاءَ رڳو اسان جي ذهن ۾ وجود رکن ٿا؟ ڇا انهن جو اسان جي دماغ کان آزاد، پاڻ مرادو ڪو وجود ڪونهي؟ ڇا اهي رڳو ان ڪري آهن جو اسين سوچيون ٿا؟ جيڪڏهن اسين نه سوچيون يا انهن جي وجود کان انڪار ڪريون ته ڇا اهي اڻ موجود ٿي پوندا؟ ڇا جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته مصر ۾ ڪنهن به فرعون ڪا به حڪومت نه ڪئي يا هن ڪو به ظلم نه ڪيو، يا اٿينس ۾ سقراط زهر جو پيالو نه پيتو يا بکين غلامن ڪا به بغاوت نه ڪئي، ته ڇا ان جي سوچ کي درست، ٺيڪ، سچو چونداسون؟ ڇا اڄ کان اڳ گذري ويل، ٿي چڪل هر لقاءَ، هر عمل، هر سماج ۽ هر سماج ۾ ٿيل هر ڪم، ويڙهه، آزاديءَ، ڦرلٽ، غلاميءَ وغيره  جو وجود رڳو ان ڪري آهي جو اسين ان بابت سوچيون ٿا، نه ته انهن جو ڪو به وجود نه هو، ته ڇا اهو سچ چئبو؟

اهي سڀ شيون، سڀ عمل، سڀ لقاءَ، سڀ اثر اسان جي سوچڻ جا محتاج ناهن، انهن جو پنهنجو وجود آهي. اسين انهن بابت سوچيون يا نه سوچيون، پر اهي موجود آهن ۽ انهن بابت اسان جي دماغ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو حقيقتن جو عڪس آهي، احساس آهي، اولڙو آهي، فوٽو آهي، تصور آهي، سوچ آهي. جاءِ، باغ، وڻ، گل، لات، سڳنڌ، هوا، پاڻي، جبل، ڌرتي، قوم، وطن، دنيا، سامراج، طبقو، ويڙهه، خونريزي، جدوجهد، ڇوٽڪارو، پاڻ وهيڻائي، خوشحالي وغيره سڀ تصور آهن ٻاهرين حقيقتن جا. جيڪڏهن اهي ٻاهريون حقيقتون موجود نه هجن ها ته اسان وٽ انهن بابت ڪو به تصور ٿي نه پئي سگهيو. دنيا، ڪائنات، مادو اسان جي سوچن جو محتاج ناهي، انهن کان آزاد وجود رکي ٿو، اسان جون سوچون انهن جو عڪس، اولڙو، احساس آهن ۽ ٻاهرين حقيقتن جون محتاج آهن.

مثال طور، جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو گل، تڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪهڙو اولڙو ٺهي ٿو؟

توهان جي ذهن ۾ هر ان گل جو تصور ٺهندو جيڪو توهان ڏٺو هجي. ڪنهن به مخصوص گل جو عڪس نه ٺهندو، ڇو؟ ان ڪري جو مون ڪنهن به خاص گل جي نشاندهي نه ڪئي آهي، پر جڏهن ڪنهن خاص گل جي نشاندهي ڪندس، ته هڪدم باقي سمورن گلن جا اولڙا اوهان جي دماغي پردي تان هٽي ويندا ۽ رڳو ان ئي خاص گل جو اولڙو ٺهي ويندو، جنهن جو هينئر آءٌ نالو کڻڻ وارو آهيان. تيستائين توهان سوچي وٺو ته جڏهن مون گل لفظ ٻوليو تڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪهڙي ڪهڙي گل جو عڪس اڀري آيو هو؟

گل.

ڌيانَ سان پنهنجو دماغ جاچيو (ماڻهوءَ ۾ ئي اها وڏي ۾ وڏي خوبي آهي جو هو پنهنجي ڄاڻ ــــــــــ منطقي ڄاڻ، ادراڪي ڄاڻ، نفسي ڄاڻ، نظرياتي ڄاڻ ــــــــــ کي ذهن جي پردي تي وري اٿاري به سگهي ته جاچي به سگهي). ڪهڙن گلن جو عڪس آهي اوهان جي دماغ ۾؟

ڇا هر ان گل جو اولڙو ناهي جيڪو اوهان ڏٺو هجي؟

پڪ سان ايئن آهي. (اها مون کي خبر ڪيئن پئي، پوءِ ٻڌائيندس.)

هاڻي آءٌ گل جو خاص نالو کڻڻ وارو آهيان، سوچجو ته توهان جي دماغ ۾ ڪهڙي گل جو عڪس وڌيڪ نمايان ٿئي ٿو. گل جو نالو آهي:

گمي!، گمي جو گل!

ڏٺوَ! توهان جي دماغ ۾ ڪهڙو عڪس ٺهيو؟

ڪو به نه! آهه! ايئن ڇو ٿيو؟ چئبو، ته توهان نالي پڙهڻ ۽ سوچڻ ۾ ئي منجهي پيا! شايد اهو لفظ گَمِي آهي الائي گُمِي، يا وري گِمِي آهي يا گِمي، الائجي گَمي آهي يا گُمي آهي! سمجهو ڪري ته اهو لفظ گـِمِي آهي ــــــــــ گِمِي جو گل! ڇا ڪو تصور ٺهيو؟ نه! ڇو؟

ان ڪري جو اهو لفظ، اهو گل توهان ڏٺو ئي ناهي، ٻڌو ئي ناهي، سنگهيو، چکيو يا ڇهيو ئي ناهي، ان ڪري توهان جي دماغ ۾ ڪو به خاص عڪس نه ٺهيو.

گلاب جو گل.

ڇا هاڻي ڪو عڪس ٺهيو؟

پڪ سان گلاب جي گل جو عڪس ٺهيو. اوهان جي ڏٺل هر ٻي گل جو تصور ڊهي ويو، هاڻي رڳو گلاب جي گل جو ئي عڪس دماغ تي رهجي ويو، ڇو؟

ان ڪري جو توهان اهو گل ڏسي، ان بابت ٻڌي يا ان کي سنگهي ۽ ڇهي چڪا آهيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن چکي به ڏٺو هجي. هاڻي ڇا ٿيو؟ گلاب جي گل جو اولڙو پنهنجي هر ان جز ۽ تفصيل سميت توهان جي ذهن ۾ تري آيو جنهن کان اوهين واقف آهيو. هر شاعر، سائنسدان، فيلسوف، فنڪار يا چترڪار وغيره ان کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سمجهي سگهندو. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاعر به هجي ۽ ڪلاڪار به، فيلسوف به هجي ته چترڪار به، پوءِ ان جون سوچون ڪيئن هونديون... اهو ئي سمجهي سگهي ٿو.

پر منهنجي ذهن ۾ جنهن گلاب جو گل جو تصور آهي اهو ٻُڪ جيڏو، روايتي ڳاڙهو گلابي گلاب نه آهي پر ڪارو گلاب آهي. ڇا توهان ڪارو گلاب ڏٺو آهي، ان جي سڳنڌ کان واقف آهيو؟ جيڪي ڄاڻندا هوندا انهن جي ذهن ۾ تصور به ٺهيو هوندو، پر جيڪي نه ڄاڻندا هوندا اهي عام رواجي گلاب جي گل کي ڳاڙهي گلابيءَ بدران ڪاري رنگ ۾ سوچيندا هوندا. ايئن ڇو ٿيو؟

ان ڪري جو گلاب جي گل جو عام رواجي ڳاڙهو گلابي رنگ ڦيرائي ڪارو رنگ ڏٺو ويو. ڪارو گلاب چوڻ سان ڇا ٿيو؟

گلاب جي گل جو تصور ۽ ڪاري رنگ جو تصور پاڻ ۾ ملي پيا.

هاڻي اچو ته گگارينو تي سوچيون.

ڇا گگارينو ٻڌڻ (پڙهڻ) سان اوهان جي ذهن ۾ ڪو عڪس، ڪو اولڙو ٺهيو؟

نه!

ڇو؟

توهان جو ڏٺل، ٻڌل، سنگهيل، چکيل، ڇهيل ناهي! توهان ان کان اڻ واقف آهيو!

توهان کي آءٌ ٿو ٻڌايان.

(1) گلاب جي گل کي ئي چئبو آهي گگارينو، جرمن ٻوليءَ ۾.

هاڻي ڇا ٿيو؟

گلاب جي گل جو عڪس ٺهيو!

پر هاڻي رڳو عڪس نه ٺهيو، ان سان گڏ جرمن ٻوليءَ بابت به سوچ اڀري آئي! معنى هاڻي تصور ڪجهه وڌيڪ ٿيو ــــــــــ گلاب جو گل ۽ جرمن ٻولي (جرمن ٻولي وري پاڻ ٻه تصور آهن ــــــــــ جرمن ماڻهو ۽ انهن جي ٻولي).

توهان کي سچ ٻڌايان؟ سچ اهو آهي ته جرمن ٻوليءَ ۾ گلاب جي گل کي گگارينو نه چئبو آهي. گگارينو ڪا ٻي شيءِ آهي. وري سوچيو!

هاڻي وري توهان جي ذهن ۾ ڪو تصور، ڪو عڪس، ڪو اولڙو، ڪو احساس ڪونهي!

(2) ويٽنام ۾ رونبي ڪرڻ کي گگارينو چئبو آهي.

هاڻي ڇا ٿيو؟ توهان جي ذهن ۾ ويٽنام ۽ رونبي ڪرڻ جا تصور ٺهيا. خود رونبي ڪرڻ جي تصور ۾ ڪيترائي تصور آهن ۽ ويٽنام سان لاڳاپيل ڪي تصور به ذهن ۾ اڀري سگهن ٿا. پر مون کي افسوس آهي ته ويٽنام ۾ رونبي ڪرڻ کي گگارينو نه چئبو آهي ۽ گگارينو اڃا به ڪا ٻي شيءِ آهي.

هاڻي ڇا ٿيو؟

گگارينو بابت توهان جو تازو تصور به ڊهي ويو. توهان جي ذهن ۾ هن وقت وري به گگارينو بابت ڪو به عڪس ڪونهي. پوءِ نيٺ گگارينو ڇا کي چئبو آهي؟

(3) پٿر جو گهڙيل هڪ هاٿي، جنهن جي پنيءَ مٿان پوين ٻن ڄنگهن تي اُڀو بيٺل پٿريلو گهوڙو، جنهن جو منهن ۽ اڳيان سنب اڀ ڏانهن اٿيل آهن. يونان جي هڪ جابلو شهر کيٿنس ۾ ٺهيل آهي ۽ هڪ اهڙي شهزادي جي ياد ۾ ٺاهيو ويو جنهن کي هاٿيءَ ۽ گهوڙي جي سواري ڏاڍي پسند هئي.

ڇا توهان ڄاڻي ورتو ته گگارينو ڇا کي چئبو آهي؟

هن ڳالهه ۾ توهان ڏٺو ته ڪيترا تصور پاڻ ۾ مليل آهن؟

پٿر، گهاڙ، هاٿي، اڀو بيٺل، گهوڙو، سنب، اڀ، يونان، جابلو، شهر، شهزادو، سواري، پسند وغيره.

حقيقت هيءَ آهي ته اهڙو ڪو به مجسمو ۽ شهر يونان ۾ موجود ناهي.

پوءِ نيٺ گگارينو ڇا آهي؟

(4) مينهوڳيءَ ۾ مست ٿي، ڇٽ کولي، کنڀ پکيڙي جهمريون هڻندڙ مور کي گگارينو چئبو آهي.

ڪهڙو تصور ٺهيو؟ ڪهڙا ڪهڙا عڪس مليل آهن؟

(5) پنهنجي بت مان جهمڪو ڪري سوجهرو ڪڍندڙ مڇيءَ جو هڪ قسم آهي گگارينو، جيڪا سمنڊ جي هيٺين (ترائين) سطح ويجهو گَهپ ٻاٽ ۾ رهندي آهي.

ڪهڙو عڪس ٺهيو ۽ ڪهڙا تصور پاڻ ۾ مليل آهن؟

(6) ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌندڙ ڪوئي کي گگارينو چئبو آهي.

(7) سڙي سڪي کاڄي ويل وڻ جي ٿوڻيءَ کي گگارينو چئبو آهي.

(8) وارياسي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمي کي گگارينو چئبو آهي.

(9) دئوس قسم جي ٿلهي پهلوان کي گگارينو چئبو آهي.

جيڪڏهن آءٌ ايئن سڄو ڏينهن ويٺو ڳالهايان ۽ اوهان ٻڌندا رهو ته توهان جو ذهن گگارينو بابت رڳو اهو ئي تصور، عڪس، اولڙو ٺاهي سگهندو، جنهن جو ذڪر آءٌ ڪريان، نه ته توهان پنهنجي ليکي گگارينو جو ڪو به عڪس ٺاهي نه ٿا سگهو، ڇو ته توهان وٽ ان بابت ڄاڻ ڪانهي، توهان ڪڏهن به ان کي نه ڏٺو آهي ۽ نه ئي ان بابت ڪجهه ٻڌو آهي، نه ئي ان کي سنگهيو، چکيو يا ڇهيو آهي. جيڪڏهن توهان کي مون تي پت هوندي، ته توهان ان ئي تصور کي سچو سمجهندو جيڪو توهان کي ٻڌايان. جيڪڏهن منهنجي ڄاڻ ئي غلط، وهمي، اڻڄاڻائيءَ واري هوندي ۽ توهان کي ان جي پروڙ پئجي ويندي ته پوءِ توهان ئي مون کي ڪوڙو، وهمي يا اڻڄاڻ سمجهڻ شروع ڪندَو ۽/يا توهان حقيقت ڄاڻي وٺندَو ۽ گگارينو بابت توهان جي ذهن ۾ ويهاريل غلط ڄاڻ ختم ٿي ويندي.

جيئن توهان جي ذهن ۾ گگارينو بابت ڪو به عڪس ڪونهي، اها ساڳي ڳالهه هاتاموسي، ڇاتوڪا، واشامو، ناڪولي، بلادو، ماگوري، ويناتو، ڇڇموري، گدناڪ، واگهاوَ، وڪيما، طوشاٽا، ڇماڪو، وانروڪي وغيره بابت به ٿيندي. ڇا انهن مان ڪنهن به لفظ بابت اوهين ڪجهه ٻڌائي سگهو ٿا؟ توهان جي ذهن ۾ هر هڪ لفظ سان لاڳاپيل ڪهڙو تصور آهي؟

ڪو به نه.

ڇو؟

ان ڳالهه مان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو؟

هن ڳالهه مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته جيڪڏهن اسين ڪنهن به حقيقت بابت نه ٿا ڄاڻون ته ان حقيقت جو اسان جي دماغ ۾ ڪو به تصور نه ٺهندو. حقيقت اڳ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي، ان جو اولڙو، عڪس، تصور پوءِ ئي ٺهي سگهي ٿو. جيستائين آئيني سامهون ڪا به شيءِ نه آئي آهي تيستائين آئيني ۾ ڪو به عڪس نه ٺهندو. آئيني سامهون بيٺل ماڻهو هٽي وڃي ته ان جو عڪس به گم ٿي ويندو. ماڻهو مادي جو ٺهيل آهي، حقيقت مادو آهي، مادي جو ڪو به روپ آهي ۽ عڪس ان جو پاڇو، اولڙو، تصور، احساس آهي. اڳ ۾ حقيقت آهي ۽ پوءِ ئي ان جو عڪس آهي. حقيقت نه هوندي ته عڪس به نه هوندو. عڪس غير مادي شيءِ آهي، اهو رڳو اولڙو آهي ڪنهن مادي شيءِ جو، حقيقت هٽي ويندي ته عڪس به هٽي ويندو، پر آئيني جي عڪس ۽ ڪنهن به ساهواري جي عڪس ۾ گهڻو فرق به آهي. ماڻهوءَ جي دماغ (ڪنهن به ساهواري) ۾ جيڪو ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، ڇهڻ، چکڻ وسيلي عڪس ٺهي ٿو، اهو آئيني جي عڪس جيان ناهي. آئينو رڳو سامهون آيل لقاءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو پر ان جو آواز، بوءِ، ذائقو يا ڇهاءُ عڪسي نه ٿو سگهي، جبلُ واڪي جو عڪس (پڙاڏو) اولڙائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڏٺ، چک، لذت ۽ بوءِ اولڙائڻ جي خاصيت ڪانهي. بي ساهه شيون عڪس جو رڳو هڪ پاسو، ڪو محدود پهلو اولڙائي سگهن ٿيون، جڏهن ته ساهواري ۾ ڪنهن به پيش ٿيل حقيقت بابت ڪيتريون ئي حقيقتون اولڙائڻ جون خاصيتون آهن ۽ ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اتم آهي جو هن پاڻ وٽ منطقي ۽ نظرياتي ڄاڻ پيدا ڪري ورتي آهي تنهنڪري هو حقيقت کي گهڻ پاسائون اولڙائي سگهي ٿو ۽ بيشڪ حقيقت هٽي به وڃي پر ان جو عڪس دماغ جي جيو گهرڙن ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين محفوظ رهجي وڃي ٿو ۽ وقت سر ان کي ياد ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته سوين هزارين عڪس ان منجهان ميٽجي (وسري) به وڃن ٿا. توهان جڏهن پهرين درجي جو ڪتاب پڙهيو تڏهن اهو توهان کي ڪهڙي ترتيب سان ياد هو، ڇا هاڻي جو هاڻي ساڳي ترتيب سان بيان ڪري سگهو ٿا؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي ماڻهو الف-ب به ترتيب سان ياد ڪري نه سگهن، پر انهن تصورن کي، يادگيري کي، وري تازو به ڪري سگهجي ٿو. توهان کي پنهنجي حياتيءَ جا سوين واقعا ياد هوندا. ماڻهوءَ دماغ (ساهوارن جي دماغ) ۾ سوين عڪس هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجن پورن تفصيلن سميت ياد رهي سگهن ٿا ۽ جياپي لاءِ لازمي ڪيترا ئي اولڙا هن جي جبلت ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.

حقيقت جو عڪس اسان جي حواسن (تنتن) وسيلي هلي اسان جي دماغ تائين پهچي ٿو. حقيقت ۽ ان جو عڪس ساڳي شيءِ ناهن. حقيقت مادو يا مادي جو روپ، لقاءُ، ڏيک، عمل، اثر آهي ۽ عڪس، اولڙو، احساس مادو ناهي، مادي جو فوٽو آهي، شبيهه آهي، تصور آهي. اسان جي دماغ ۾ پاڻ جهڙو جيئرو جاڳندو ماڻهو، کاڌا، شيون، جايون، وڻ، پکي، ڌرتي، ڪائنات ويٺل ڪانهي پر انهن جو رڳو عڪس آهي، اولڙو آهي.

ماڻهو پنهنجن حواسن وسيلي جيڪي عڪس وٺي ٿو انهن مان ئي کيس ڄاڻ ملي ٿي. حقيقتن کي پرکيندي سوين هزارين قسمن جا عڪس ماڻهوءَ دماغ تائين پهچندا رهن ٿا. مخصوص مند ۾ مخصوص فصل، گاهه، ميوي جو پيدا ٿيڻ اهڙو ئي پنهنجو عڪس ڇڏي ٿو، وڍ ٽڪ، گهاڙ گهاڙيتو ڪندي به ماڻهو حقيقتن جا ڪيترائي عڪس پرائي ٿو. هڪڙي قسم جي عمل مان ماڻيل ڄاڻ کي ٻي قسم جي حقيقتن سان لاڳو ڪري وري نوان عڪس پرائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سڄي ٻولي لفظن جي صورت ۾ لکين عڪس آهي. انهن عڪسن مان ئي اسان جي ڪل ڄاڻ ٺهي ٿي ۽ ڄاڻ جو واهپو ڪندي عمل ۾ آڻيندي وري نئين ڄاڻ ملي ٿي ــــــــــ اهڙيءَ طرح ڄاڻ جي ذخيري ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو.

سڄي دنيا جي فاتح سڪندر اعظم (سڪندر مقدوني، يوناني) کي وري جيئاري، رڳو ٽي وي ڏيکارجي يا هوائي جهاز تي ٻه ڦيريون ڏيارجن ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ بٽڻ هيٺ ڪرڻ سان بلب ٻري پوي (يا جيئن ريموٽ ڪنٽرول جو ڪرشمو هلي پيو)، ته ڇا اهو ڏسي اڪبر بادشاهه پاڳل نه ٿي ويندو، جيڪو پاڻ کي خدا جو پاڇو پيو سڏرائي.

ڇا ڀلا ايئن نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪن ٻن چئن شين بابت ڄاڻ ڪن ٻين ٻن چئن شين سان لاڳو ٿي وڃي؟ پٿر گَهڙڻ جو عمل ڪاٺيءَ سان لاڳو ڪري ان کي گهڙيو وڃي، پاڻيءَ کي اوٻارڻ بدران پاري کي اوٻارڻ جي ڪوشش ڪجي، ٽامي کي رجائڻ بدران لوهه کي رجائجي، وغيره، ته ڇا ٿيندو؟ هر عمل اسان کي نئين ڄاڻ ڏيندو. سوين تجربن ۽ تعليمن نسل در نسل تبديل ٿي اسان جي ڄاڻ ٺاهي آهي. چهنبدار پٿر جي ايجاد کان اڄوڪي هر ايجاد تائين ماڻهوءَ اهو ئي ڪم ته ڪيو آهي ته ڪنهن به لقاءَ، عمل، اثر، شيءِ وغيره کي ڪنهن به ٻي لقاءَ، عمل، اثر يا شيءِ سان ڀيٽائي، پرکي، پرجهي سگهي. ڪکائين جهوپڙيءَ کان آسمان ڇهندڙ جاين تائين، اڻ گهڙيل پٿرائين ڳوڙهي (ڦيٿي) کان اڄوڪي جديد صنعتي ڦيٿي تائين، ڪني گاهه ڇيڻي جي ڀاڻ کان جديد ڪيميائي ڀاڻ تائين، گاري کان سيمينٽ تائين، پيچرن کان روڊن تائين اهو ئي عمل هلندو پئي رهيو آهي.

ماڻهوءَ نرم مٽيءَ جو گهگهڙو (رانديڪو) ٺاهيو، جيڪو اس ۽ هوا ۾ سڪي سخت ٿيو، باهه ۾ پچي پڪو ٿيو. قسمين قسمين گهگهڙا ٺهيا: هڪ گهگهڙي جو اڌ، مُنُ، چوٿاڙ، مٿو، منڍي، ٻانهون يا ڄنگهون ٻي گهگهڙي سان ڳنڍيون ويون ــــــــــ ماڻهوءَ بت تي شينهن جي منڍي ٺاهي وئي ــــــــــ شينهن-مُنڍيو ماڻهو ٺهي پيو. جيڪو ماڻهو جهنگلي سانَ جي منڍي واري کل اوڍي جانورن جي ڌڻ ۾ گهڙي ويو پئي، ان لاءِ ٻن چئن تصورن  کي هڪ ٻي سان ڳنڍڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي. آءٌ اڄوڪي دور جو ماڻهو به ان ڀڃ گهڙ کان واقف آهيان ۽ في الحال رڳو گگارينو جهڙي هٿ-گهڙي تصور تي ڪيترو ئي گهڻو لکي سگهان ٿو، ته ڇا ڪو ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون ماڻهو هڪ ٻي جي پورهيي، عمل، تجربي، تعليم، تخليق، وغيره جا سوين تصور هڪ ٻي سان ملائي ڪا ٽين شيءِ ٺاهي نه ٿو سگهي؟

ڪهڙو به تخيل هجي، ان جو جيڪڏهن ڇيد ڪبو ته اهو ڪجهه اڳوڻن تصورن جو ميڙ هوندو ۽ هر تصور ڪنهن نه ڪنهن حقيقت جو عڪس، اولڙو. ياد ڪري ڇڏيو ته هر ڄاڻ عڪسن جو ميلاپ آهي ۽ ان جو هر تصور ڪنهن نه ڪنهن حقيقت جو اولڙو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

باب نائون

غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي؟

 

حقيقت جو اولڙو غلط نموني پرجهيو ويندو ته سوچ به غلط ٺهندي ۽ ڄاڻ به غلط هوندي.

اچو ته اها ڳالهه ڪجهه مثالن سان سمجهون:

 

(1) آسمان (اُڀ) ڇا آهي؟

جنهن به شيءِ کي روشنيءَ جا ڪرڻا لڳي موٽي اچي اسان جي اک تائين پهچندا، ان کي ڏسي سگهنداسون. پراهين پنڌ واري شيءِ جيترو اسان کان پري هوندي، اوترو ننڍي نظر ايندي. جيڪڏهن روشنيءَ ڪرڻا رنڊائي موٽائڻ، اولڙو ڪرڻ واري شيءِ وچ تي نه هوندي ته نظرون پولار ۾ پيهي ڪٿي نه ڪٿي کٽي وينديون، اسان کي ڪجهه به نظر نه ايندو ۽ اهو هنڌ اونداهو يا ڪارو نظر ايندو.

جيڪڏهن اونداهي ڏاڍي ڊگهي ڪمري ۾ وچ تي اڌ-ڍڪيو بلب رکيو هجي، ان جو روشن پاسو اوهان طرف هجي ته ان جي اونداهي پاسي اوهان کي ڪارهه کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو، پر جيڪڏهن بلب اڌ-ڍڪيو نه هجي ته پوءِ اوهان کي هلڪو ڌنڌ پيو محسوس ٿيندو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بلب جي تيز روشني اک جي ماڻڪيءَ کي سسائي ڇڏي ٿي ۽ جڏهن ماڻڪي سسيل هجي ۽ روشني گهٽ ته صاف نظر نه ايندو.

وشال، اڻکٽ ڪائنات ۾ سج اسان جي ويجهو ۽ ڏاڍو روشن آهي، ان ڪري اسان جي نظر جتي کٽي ٿي اتي آسماني رنگ نظر اچي ٿو ۽ اسان ان کي اڀ يا آسمان سمجهون ٿا.

اهو سڀ ڪجهه اسان سائنس جي نعمتن جي ڪري ڄاڻي ورتو آهي.

اڳوڻو ماڻهو ڪا اڄوڪي جهڙي نسبتاً وسيع ڄاڻ نه رکندو هو، ان ڪري هو ان کي دونهاٽيل، جهڙالي ۽ ٺوس ڇت سمجهي ويٺو ۽ اهڙيءَ طرح اڀ بابت جهوني جاهل ڄاڻ اسان جي لوڪ ڪٿا ۽ ڏند ڪٿا ۾ شامل ٿي وئي.

اڄوڪي سائنس ڏسڻ جا اهي اوزار ٺاهي ورتا آهن جو چنڊ ۽ سج ڄڻڪ سائنسدانن جي ڪَڇن ۾ آهن. لکين نوري سالن جي پنڌ تي نگاهه وجهي سگهجي ٿي، پر آسمان اڃا به پراهون آهي!

 

(2) سج ۽ چنڊ بابت غلط سوچ

ٻڌايو پئي ويو ته سج پهرين آسمان ۽ چنڊ چوٿين آسمان تي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سج ويجهو ۽ چنڊ پري آهي. جڏهن ته اڄوڪو ٻار به ڄاڻي ٿو ته چنڊ رڳو 9-لک 30-هزار ميل پري آهي ۽ سج ساڍا نو ڪروڙ ميل پري. جيڪڏهن چنڊ چوٿين آسمان تي آهي ته پوءِ سج گهٽ ۾ گهٽ هڪ سَو پنجين آسمان تي هئڻ گهرجي.

ماڻهوءَ کي اها ڄاڻ به سائنس ڏني ته سج ڌرتيءَ کان ساڍا تيرهن لک ڀيرا وڏو آهي ۽ چنڊ ڌرتيءَ کان ڪيئي ڀيرا ننڍو، نه ته اڳوڻي اڻڄاڻ ماحول ۾، اهي ٻئي، ماڻهوءَ کان پري ۽ عام حالتن ۾ هڪ جيترا ڏيکارجندڙ هئا ۽ جيترو انهن جو قد ڏيکارجي ٿو اوتري قد واري ماڻهوءَ وٽ کاڌي پيتي ۾ ڪم ايندڙ شيءِ ٿالهه (پاٽڙو، پاٽَ يا پليٽ) آهي. ان ڪري ماڻهن سمجهيو پئي ته انهن کي ماڻهوءَ جي ٻنهي ڪَڇُن ۾ ايئن ئي کڻي يا ڪڇن هيٺان ٽپائي سگهجي ٿو جيئن ڪنهن به عام ٿالهه کي. جيڪڏهن ماڻهن کي سج ۽ چنڊ جي صحيح قد بت جي ۽ سجُ باهه جو گولو هجڻ واري، جنهن ۾ ڪيترن ئي شعلن جو قد ٽيهه لکن کان به وڌيڪ ڊگهو آهي، سڌ هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به انهن کي پنهنجن هٿن تي کڻڻ يا ٻانهن هيٺان ٽپائڻ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿو ته اصطلاحي معنى ۾ سوچي سگهي ها، حقيقي معنى ۾ نه.

 

(3) سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ

سج جي چوڌاري ان جا نــوَ ئي گرهه (سيارا) ڦرندا رهن ٿا. پهرين نمبر تي عطارد، ٻي نمبر تي زهرا ۽ ٽين نمبر تي ڌرتي آهي. ڌرتي سج چوڌاري چڪر 365-ڏينهنِ ۽ ڇهن ڪلاڪن (هڪ سال) ۾ پورو ڪري ٿي. چنڊ وري ڌرتيءَ جو گرهه آهي جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو. جڏهن سجُ، ڌرتي ۽ چنڊ هڪ ليڪ ۾ بيهن ۽ ڌرتي وچ ۾ هجي ته چنڊ تي ڌرتيءَ جو پاڇو ٺهندو ۽ چنڊ (جيئن ته سج جو اولڙو موٽائي نه سگهندو تنهنڪري) اونداهو نظر ايندو ــــــــــ اها آهي چنڊ گرهڻ.

پر جيڪڏهن سجُ، چنڊ ۽ ڌرتي (چنڊُ سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اچي) هڪ ليڪ ۾ بيهن ته سج جي روشني سنئين سڌي ڌرتيءَ تائين نه پهچندي ۽ سجُ چنڊ جي اوٽ ۾ اچي ويندو، پر جيئن ته سج ڏاڍو وڏو آهي تنهنڪري پورو لڪي ڪو نه ٿو ۽ وچ ۾ آيل چنڊ جي ٻي پاسي ڳاڙهسرو نظر اچي ٿو ــــــــــ اها آهي سج-گرهڻ.

هيءَ سڄي ڄاڻ اسان کي سائنس ڏني آهي.

اڳوڻي اڻڄاڻ ماحول ۾ ماڻهوءَ کي اهو اسرار سمجهه ۾ نه پئي آيو. ماڻهو جڏهن پاڻ تڪليف، اهنج ۽ ڪاوڙ ۾ هوندو هو تڏهن سندس منهن مهانڊو به بگڙي ويندو هو. سج-گرهڻ وقت سج ۽ چنڊ-گرهڻ وقت چنڊ کي به تڪليف هئي، تنهنڪري  انهن کي ڦاسيءَ تي ٽنگيل، مصيبت ۾ مبتلا، ڪروڌ ۾ ڀريل وغيره سمجهيو ويو. سج سجاڳيءَ جو اهڃاڻ، روشنيءَ جو ذخيرو، فصل جي حياتي ۽ حياتيءَ جو جوهر ته آهي ئي، ان ڪري ان کي اوٿ مان ڪڍڻ يا پرچائڻ لاءِ عجيب قسم جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جنم ورتو، جن جي اوهان کي خبر آهي.

 

(4) تارا ــــــــــ لوهي ٽِڪَ

سج لهي وڃڻ کان پوءِ لکين چاندي-رنگ ٽمڪندڙ ٽٻڪا، ڪي ننڍا ڪي وڏا، ڪي هڪ ٻي جي ويجهو، ته ڪي هڪ ٻي کان پري، سياري ۾ هڪ نموني جا، ته اونهاري ۾ ٻي نموني جا، مقرر وقت موجب پنهنجون جايون بدلائيندڙ ـــــــــ تارا ـــــــــ اُڀ جي ويڪري سيني تي پکڙجي پئي ويا ۽ ڏينهن ٿيندي گم پئي ٿيا. ڇا اُڀ ۾ تارا رڳو رات جو ئي هوندا آهن ۽ ڏينهن جو نه هوندا آهن؟ اها خبر اڳوڻي اڻڄاڻ ماڻهوءَ کي ڪا نه هئي. اڀ ۾ تارا ڏينهن جو به هوندا آهن، پر سج جي تيز روشنيءَ سبب سج-ڪرڻن پٺيان اهي نظر نه ايندا آهن.

ماڻهن ڏٺو پئي ته جيئن اڀ لسي ڪُٻَ“ ۾ پکڙيل آهي، تيئن تارا به ان ۾ ساڳيءَ سنوت سان ٽنبيل آهن، تنهنڪري انهن سمجهيو ته اهي روشن لوهي ٽڪون (ڪليون، ڪوڪا) اڀ ۾ کتل آهن. جيڪڏهن کتل آهن ته پوءِ اهي هڪ مخصوص واٽ تي هلندا ڇو ٿا رهن، اها ڳالهه کين سمجهه ۾ نه پئي آهي، تنهنڪري تارن بابت ٻٽو تصور ٺهيو ته اڀ ۾ کتل به آهن ۽ هلندا به رهن ٿا.

اُنهن ماڻهن وٽ جيڪڏهن اڄوڪن وسيلن جهڙا جديد سائنسي وسيلا هجن ها ته اهي سولائيءَ سان ڄاڻي وٺن ها ته اهي روشن ٽمڪندڙ ٽڪون ـــــــــ تارا ـــــــــ هڪ ٻي کان ڪروڙين، اربين، کربين، پدمين ميلن جي مفاصلي تي، ڪي هيٺ (اوري)، ڪي مٿي (پري)، اڻکٽ ڳڻپ ۾ پکڙيل آهن. ڪيترائي وڏا تارا پري هجڻ سبب ننڍا ۽ ڪيترا ئي انهن جي ڀيٽ ۾ ننڍا تارا ويجهو هئڻ سبب وڏا نظر اچن ٿا ۽ پدمن جي ڳڻپ ۾ اهڙا به آهن جيڪي کين عام ديد سان نظر نه پئي آيا تڏهن شايد اهي حقيقت تائين پهچي وڃن ها.

عيسوي سن جي شروعات کان چار سَو سال کن اڳ يونان ۾ اهڙا ڏاها به پيدا ٿيا جن سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ ۽ آسمان تي غور فڪر ڪيو. ڪي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سج ديوتا ناهي پر باهه جو گولو آهي، ڪي انهيءَ تي ته چنڊ ۾ ڪا به آئٽ ڪتڻ واري ناني ڪانهي جنهن جي اڏايل ڪاتَ (ڌاڳي، پوڻين) سبب ڪڪر ٺهي پيا، ۽ ڪي ان نتيجي تي پهتا ته ڏينهن رات جو ڦيرو سج جي لهڻ چڙهڻ سبب نه پر ڌرتيءَ جي پنهنجي مرڪز چوڌاري لاٽونئڙي ڦيري سبب آهي پر انهن سوچن کي هوري هوري وڌندي ۽ پراڻين جاهل ڏند ڪٿائي سوچن سان مقابلو ڪندي، سچو ثابت ٿيڻ ۾، سوين سال لڳي ويا. عمر خيام به پاڻ ملهايو پر گوءِ گيارنو برونو ۽ گليلو گليلي کٽي ويا (شايد ان ڪري به جو سندن پچار گهڻي ٿي). برونو کي ساڙيو ويو ۽ گليلو کي گهر-بند ڪيو ويو جتي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ اڀياس ڪندي ۽ لکندي اکين کان ويهجي ويو. بهرحال، اڄ اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڌرتيءَ جي لاٽونئڙي ڦيري سبب ڏينهن رات ۽ سج چوڌاري ڦيري سبب سيارو ۽ اونهارو ٿئي ٿو. سج اُڀري ۽ لهي ڪو نه ٿو، پر ڌرتيءَ جو جيڪو پاسو جيئن جيئن سج سامهون ايندو وڃي ٿو اتي تيئن تيئن صبح، منجهند ۽ شام ٿئي ٿي ۽ جڏهن اهو پاسو سج آڏو ڦري اوجهڙجي وڃي ٿو ته رات ٿئي ٿي.

 

(5) ڌرتي

ماڻهو لکين سالن کان ڌرتيءَ تي رهندو، ان کان کاڄ وٺندو، ان کي کوٽيندو ۽ لاڀ پرائيندو رهيو آهي. ڌرتيءَ سان ماڻهوءَ جو ناتو ايئن آهي جيئن ٿڃ پيئاڪ ٻار جو ماءُ سان، ان کان وڌيڪ سيبتي، سلڇڻي، سٺي، سوادي، سچي ۽ سونهن ڀري ڪائنات جي ٻي ڪا به شيءِ ناهي.

ماڻهو جيستائين ڌرتيءَ تي نگاهه وجهي سگهيو پئي تيستائين اها سنئين سڌي سنوت ۾ هئي تان جو ديد وڃي اڀ سان ٽڪرائي. اڀ جيئن ته ڇت وانگر تاڻيل هو تنهنڪري ان جي ٽيڪ لاءِ ڪا ڀت، ٿوڻي ۽ ٿنڀو هئڻ ئي گهرجي ڇو ته ٽيڪ کان سواءِ ڪا به ڇت بيهي نه ٿي سگهي، پر اڀ کي ٽيڪ ڏيندڙ ڪا به ٿوڻي يا ڪو به ٿنڀو نظر نه پئي آيو تنهنڪري ڪو اهڙو ٿنڀو هئڻ گهرجي جيڪو ڏسڻ ۾ نه اچي ـــــــــ ٻن ٽن ديوتائن جو تصور اوڌارو وٺي، انهن کي ٿوڻيءَ طور بيهاريو ويو ـــــــــ هيءَ آهي پراڻي ڏند ڪٿا، غير حقيقي سوچ.

جيئن ته سج اڀري ۽ لهي پيو تنهنڪري سمجهيو ويو ته سج ڌرتيءَ چوڌاري ڦري ٿو. ڌرتيءَ جي سنئين پاسي سوجهرو هو تنهنڪري جتي سج گم ٿي پئي ويو ۽ ڌرتيءَ جي ٻي پاسي کان ڦري وري اچي اوڀر ۾ پئي پهتو تنهنڪري ان پاسي اوندهه هئڻ گهرجي ـــــــــ بحرِ ظلمات، اونداهين جو سمنڊ تصور ڪيو ويو جنهن ۾ سج گم ٿي پئي ويو.

پندرهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي تائين ماڻهن کي اها خبر ڪا نه هئي ته بحرِ ظلمات ۾ سڄو سارو آمريڪي کنڊ (هاڻي ٻه کنڊ: اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا) ۽ ٻيا سوين ننڍا وڏا ٻيٽ موجود آهن. ان وقت تائين ڌرتي ڪل اها هئي جيڪا سڄي سمنڊ جي گهيري ۾ اڄوڪن ٽن کنڊن ــــــــــ ايشيا، آفريقا ۽ يورپ ـــــــــ تي پکڙيل هئي. سمنڊ کي ٻيو ڪنارو هو ئي ڪو نه.

سامونڊي ڪناري تي بيهي اوهين ڌيان سان پري کان ايندڙ پاڻيءَ جهاز يا سڙهه واري ٻيڙيءَ کي ڏسو ـــــــــ ايندي ايندي پهريائين ٻيڙيءَ جو سڙهه يا پاڻيءَ جهاز جي ڪنٽرول ٽاور جو چوٽ ظاهر ٿيندو ۽ پوءِ هوري هوري ويندو سڀ ڪجهه ظاهر ٿيندو. پاڻي ته سنوت ۾ بيهندو آهي پوءِ پراهين جهاز جو چوٽ ڇو ٿو ظاهر ٿئي، سڄو ڇو نه؟ ان ڪري جو ڌرتي گول آهي، جيئن جيئن جهازُ ڍڍ جي اوٽ مان اڀرندو ايندو تيئن تيئن ظاهر ٿيندو ويندو.

جيڪڏهن ڌرتي سنئين هجي ها ته هماليا ۽ قراقرم جبلن جون اوچيون چوٽيون جن مان هڪ جي اوچائي 29-هزار فوٽ آهي، ضرور نظر اچي ها، پر اها به ڌرتيءَ جي ڍڍ جي اوٽ ۾ هئڻ سبب نظر نه ٿي اچي.

اڳوڻي گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ جي دنيا رڳو پنهنجي اوڙي پاڙي تائين سوڙهي هئي، هو سڄي ڌرتيءَ تي نظر وجهي نه پئي سگهيو ۽ جتي به ويو پئي ته هن رڳو سنوت پئي ڏٺي ـــــــــ ڌرتي گول هجي ها ته ماڻهو ترڪي ڪري نه پئي ها! ـــــــــ تنهنڪري هن جي ڌرتي رڳو اوتري ئي هئي جيتري هن ڏٺي.

گول ڌرتي جيڪڏهن ماڻهوءَ يا ڪنهن ڇپ جيتري هجي ها ته هلندڙ هر شيءِ ضرور ترڪي ها، پر ڌرتي ته ماڻهوءَ کان ڪروڙين ڀيرا وڏي آهي.

 

(6) ٻه دنيائون

اڳوڻي گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ ڏٺو پئي ته ڌرتيءَ تي پکڙيل لقائن، نظارن ۽ شين جو ڏيک ئي نرالو آهي. سڄي ڌرتي رنگارنگ روپن سان ڀري پئي آهي. سمنڊن، جبلن، وڻن، پکين، جانورن ۽ ٻين شين جي ڪا کوٽ ئي ڪانهي. هر شيءِ، هر لقاءَ جو پنهنجو مزو ۽ رنگ روپ آهي. اوچائيءَ تان هيٺ وهي ايندڙ واهه جي پاڻيءَ ۽ اوچائيءَ تان هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ (جهرڻي) جو پنهنجو ڏيک ڏيکاءُ ۽ پنهنجو ساز سنگيت آهي، سوين نمونا ۽ رنگارنگ پکي پکڻ، وڻ ٻوٽا ۽ ٻيا ساهوارا ـــــــــ جڳ سڄو جنسار لڳو پيو هو. هيءَ هڪ نرالي دنيا هئي.

ٻي دنيا مٿي آسمان ۾ هئي. ان جو رنگ روپ، منهن مهانڊو، ڏيک ويک وري پنهنجي قسم جو هو. ان ۾ تارا هئا، تارن جا مختلف جهرمٽ جهڳٽا هئا، ڪَتِي، ٽيڙو ۽ گس هو، کَٽ، وڇون، قطب تارو ۽ وهائو تارو (زهرا گرهه) هو. ان ۾ سج هو ۽ چنڊ هو. اها دنيا ڌرتيءَ کان ويڪري ۽ ان مٿان ڇانيل هئي.

جيڪڏهن انهن کي خبر هجي ها ته ڌرتي سج چوڌاري، سج (پنهنجن سمورن سيارن سميت) گس ۾، ننڍو گس وڏي گس ۾ ۽ وڏو گس اڃا به اڻکٽ ڪائنات ۾ ڦرندو رهي ٿو ۽ آسمان ڪو ٺوس لسو ڪٻ نه پر ديد جي کوٽ آهي، لکين نوري سالن جي پنڌ تائين ڪائنات کي ڇاڻيو ويو آهي پر اڃا ڪٿي به ڪائنات جو ڪنارو ڪو نه مليو آهي. ڪائنات ۾ ملندڙ ڌرتيءَ سميت هر جسم، ننڍو توڙي وڏو، هيٺ توڙي مٿي، کاٻي توڙي ساڄي، چمڪندڙ توڙي دونهاٽيل، رنگين توڙي روشن پنهنجي منهن مهانڊي، ڏيک ويک جي حساب سان بيشڪ فرق وارو هجي پر بنيادي طرح هڪ آهي، مادي جو ٺهيل آهي، ته کيس ”ٻه دنيائون سوچڻ جي ڪا گهرج ئي نه پوي ها.

 

(7) جُهڙ، مينهن، ڳڙو ۽ اوٿر، آنڌاري

جهوني جڳ جي گهٽ ڄاڻ ماڻهن لاءِ جهڙ، مينهن، ڳڙي ۽ اوٿر آنڌاري جي مام پروڙڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي. جڏهن جهڙ ظاهر پئي ٿيو تڏهن ڪنهن مهل ته هلندو پئي رهيو ۽ ڪنهن مهل ٽڪ ٻڌي بيهي ٿي رهيو، ڪنهن ويل ان ۾ اڇا، ڪارا، پيلا، ڳاڙها ڪڪر هئا ۽ ڪنهن مهل وري يڪو هڪ رنگو، ڪڏهن ٻوسٽ پئي ڪيائين ته ڪڏهن ٿڌڪار، ڪڏهن وسيو پئي، ڪڏهن گجيو پئي، ڪڏهن چمڪيو پئي ۽ ڪڏهن ٺڪاءَ پئي ڇڏيائين، ڪڏهن ڪَڻِ پئي وسي ته ڪڏهن ڦــڙ ڦــڙ، ڪڏهن وڏ ڦڙو، ڪڏهن ڇوهو ته ڪڏهن مورڳو ڳڙو، ڪڏهن ٻڪر وال، ڪڏهن واڇڙ، ڪڏهن اترائون، ڪڏهن اولهائون ته ڪڏهن چوماسو، ڪڏهن رڳو ڌرتي آلي ڪري ته ڪڏهن ٻوڙ ٻوڙان، ڪڏهن وڻ ڌوئي چهچ ساوا ڪري پئي ڇڏيائين ته ڪڏهن مورڳو پاڙَون پٽي پئي اڇلايائين، ڪڏهن اوندهه انڌوڪار ڪري پئي وسيو ته ڪڏهن تيز طوفان سان ـــــــــ ڪڏهن سک، سڪر، سڻائي هو ته ڪڏهن ڏک، ڏڪر، ڏهائي هو.

ماڻهوءَ اهو سڀ ڪجهه ايئن پئي سمجهيو جيئن هو پاڻ هجي. هن جي لاءِ هر چرندڙ شيءِ ساهواري هئي: ان ۾ روح هو، هو ڪو ديوتا هو. گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ هر ڪم، هر عمل، هر شيءِ، هر لقاءَ جا ٻه چار ديوتا ٺاهي ڇڏيا ـــــــــ جهڙ جو ديوتا، مينهن جو ديوتا، ڳڙي جو ديوتا، اوٿر (آنڌاري) جو ديوتا، سڪر سڻائي ساوڪ جو ديوتا، ٻوڏ جو ديوتا، اڀ کي ٽيڪ ڏئي کڻي بيهڻ وارا ديوتا، گجڻ جو ديوتا، سونهن جو ديوتا يا ديوي، عشق جو ديوتا، غضب (ڪاوڙ، ڪروڌ) جو ديوتا، ڪرم، رحم جو ديوتا، اَنَ جو ديوتا، رزق ڏيندڙ ديوتا وغيره. ڪي ديوتا ننڍا ته ڪي وڏا، ڪي هيڻا، لاچار ۽ ڳيجهو ته ڪي ڏاڍا، سگهارا ۽ ڏيندڙ وغيره.

ماڻهوءَ وٽ ديوي يا ديوتا جو تصور ڇو ٺهيو؟ اهو جاچڻ کان اڳ اچو ته ساهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

 

(8) ساهه ڇا آهي؟

توهين ڄاڻو ٿا ته ماڻهو جهنگلي ماحول مان نڪري جابلو، ميداني ۽ پاڻياٺي علائقن ۾ پکڙجي ويو، جن مان ڪي ڪوسا هئا ته ڪي ٿڌا. هر هڪ جٿو جنهن به علائقي ۾ ويو ان ئي علائقي جي طبعي ماحول ۾ رچي وسي ويو. ڪنهن کي کائڻ لاءِ گانگٽ، ڏيڏر، مڇي، ڪڇون مليا ته ڪنهن کي جهنگلي سانَ، ٻار-سڱا، گهوڙا، هاٿي، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيا جانور، ڪنهن کي ميوا، ڀاڄيون ۽ جيت جڻيا ته ڪنهن کي سڀ قسم جون شيون.

هر هڪ راڄ کي پنهنجي پنهنجي گهرجن موجب هٿيار، اوزار گهڙڻا پيا. ڪٿي چهنبدار پٿر، ڪاتي، ڀالي، نيزي، تير ڪمان وغيره جي وڌيڪ گهرج هئي ته ڪٿي ونگوڙي، ڇلي ۽ رڇ جي، ڪٿي باهه جي وقتي گهرج هئي ته ڪٿي هر گهڙي، ڪٿي غار يا ڇپر آڏو ڀِت، اوٽ ٻڌڻ جي گهرج هئي ته ڪٿي جهوپڙيءَ جي، ڪٿي مينهن پاڻيءَ جي ته ڪٿي گهلندڙ هوا جي...

هر راڄ جي هر ماڻهوءَ جو هر ڏينهن ڪيترن ئي قسمن جي ساهوارن سان واسطو هو ـــــــــ ڪو سگهارو هو ته ڪو نٻل، ڪو وڏو هو ته ڪو ننڍو، ڪو تيز ڊوڙندڙ هو ته ڪو ڊڊو، ڪو اڏامڪ هو ته ڪو پاڻيءَ منجهه. جڏهن جانور جو شڪار ٿيو پئي تڏهن جانور جي ويڙهه، ڀاڄ، ڦٿڪي جي سگهه هوري هوري ختم پئي ٿي. اهڙيءَ طرح گهايل ماڻهوءَ، پوڙهي، ٻارڙي وغيره جي به ڪڏهن گهائن کان ته ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندڙ سور (بيماريءَ، تپ ٻري) سبب هر چرپر ختم ٿي پئي وئي ـــــــــ نه کائي پيو، نه پيئي پيو، نه ئي وري ڳالهائي پيو.

سوين سالن جي ڪم ۽ پرک نيٺ ماڻهوءَ کي پروڙ ڏني ته جيئرو اهو آهي جنهن ۾ ساهه آهي، جيڪو ساهه کڻي-ڪڍي ٿو، جيڪو چري پري کائي پيئي ٿو، ۽ مئل اهو آهي جنهن جو کائڻ پيئڻ چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ بند آهي. وڌيڪ جاچ اهو به ڏيکاريو ته خود کائڻ پيئڻ چرڻ پرڻ به ان وٽ آهي جنهن وٽ ساهه آهي، جنهن وٽ ساهه ناهي اهو مئل آهي.

جڏهن ساهه جو کڄڻ نڪرڻ بيهجي پئي ويو تڏهن سيني جي ڌنوڻ به بند پئي ٿي وئي ۽ پوءِ ڪهڙا به حيلا وسيلا ڪتب آندا پئي ويا پر ستل سجاڳ نه پئي ٿيو ۽ بهرحال اهو سمجهيو ويو ته اهو مري ويو. جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن ساهه کڻي ٿو (جي ساهه نه کڻي ڪڍي ته مئل) ۽ جڏهن مري ٿو تڏهن مرڻ جي نشاني آهي ساهه جو بيهڻ (باقي ته سڀ ڪجهه ساڳيو هو). جڏهن ساهه جي پروڙ تي وڌيڪ ڌيان ڏنائين تڏهن کيس سڌ پئي ته ساهه ته هوا آهي. ان ڪري سمجهيو ويو ته جيئرو اهو آهي جنهن ۾ هوا هجي ۽ جنهن ۾ هوا نه آهي اهو مئل. ماڻهوءَ اهو به ڏٺو پئي ته اڄ نه سڀان ڪو ماڻهو، ڪو جانور، ڪو پکي، ڪو جيت وغيره مري پئي ويو ۽ اهڙيءَ طرح ساهواري ٻي ساهواري کي جنم پئي ڏنو ـــــــــ جياپي لاءِ هوا اڻٽر شرط ٿي پئي.

ماڻهو، جانور ته مري مٽيءَ ۾ پورجي يا سڙي کاڄي پئي ويو، پر هوا نڪري پئي وئي ۽ هوا موٽي ٿي آئي (جيئرو)، هوا هر حالت ۾ هئي، هوا ڪا نه ٿي مئي.

لاڳيتي عمل سبب ئي اهو تصور ٺهي سگهيو ته ماڻهو، ساهوارو سڙي، ڀري ختم ٿي وڃي ٿو يعني فاني آهي (۽ ان ڪري مادو آهي) ۽ هوا، ساهه، روح لافاني آهي، دائمي آهي جيڪو جسم (مادي) جي مرڻ کان پوءِ به وجود رکي ٿو. حقيقت ۾ ساهه هوا جي تصور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي پر گهٽ ڄاڻ واري ماحول، وهم، ويساهه، عقيدي ان کي هڪ غير مادي ۽ لافاني هستي بنائي ڇڏيو آهي.

جيڪا به شيءِ چرپر ڪندي نظر پئي آئي، ان بابت اهو تصور جڙيو ته ان ۾ ساهه آهي، ڇو ته ساهه کان سواءِ ڪا به شيءِ چري پري، ڳالهائي ٻولائي ڪا نه ٿي سگهي. ان ڪري ئي اهو وهم، ويساهه يا عقيدو ٺهيو ته ڀڙڪندڙ باهه، وهندڙ پاڻي، گهلندڙ هوا، اپائيندڙ مٽيءَ، ٻرندڙ جبل، گجندڙ جهڙ، کنوندڙ کنوڻ، چمڪندڙ چنڊ، ٻرندڙ سج، ٽمڪندڙ تارن وغيره ۾ به ساهه آهي (جڏهن ته اڄوڪو ٻار به ڄاڻي ٿو ته انهن مان ڪنهن به شيءِ ۾ ساهه ڪونهي).

ڇا عقيدو ٻڌائي سگهندو ته سينوَر ۾ ساهه آهي يا نه (سينور هڪ گهرڙي وڻ جو ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ ميڙو يا جهڳٽو آهي)، جيوڙن (مَڻي جهڙا، انگور جهڙا، ونگوڙيا، لٺڙيا، پڇڙيا ـــــــــ سوين جنسون ۽ اربن کربن ۾ ڳڻپ)، جيتامڙن (وائرس... ٽٻڪڙيا، گُلڙيا وغيره ـــــــــ سوين جنسون ۽ کربن پدمن ۾ ڳڻپ) ۾ ساهه آهي يا نه؟ ۽ مثال طور، هڪ گلاس ۾ پئجي سگهندڙ سلهه (ٽِي بِي) جي لٺڙين جيوڙن (جيڪي قد بت ۾ گهڻن ئي جيوڙن کان وڏا آهن) جي ڳڻپ ئي وڃي ڪروڙن ۾ ٿيندي. هڪ گهرڙا جانور جيئن ايميبا، پئراميشم وغيره (سوين جنسون کربن پدمن ۾ ڳڻپ) ساهه، روح رکن ٿا يا نه؟ انهن ۽ اهڙين ٻين هزارين جنسن ۾ ڪي به عقيدا، ويساهه، وهم يا ڏند ڪٿائون ڪنهن به قسم جي ساهه يا روح هجڻ جي نشاندهي نه ٿيون ڪن، ڇو ته اڳوڻي زماني جي ماڻهوءَ نه ته انهن بابت ڄاتو پئي، نه ته انهن وٽ پرک جا وسيلا هئا ۽ نه ئي انهن بابت ڪو تصور ـــــــــ انهن اهي ساهوارا نه ڪڏهن ڏٺا، نه ڪڏهن ٻڌا ۽ نه ئي ڪڏهن انهن کي چکي، سنگهي يا ڇهي سگهيا. ماڻهن سيءَ-تپ جي بيماري گذريل صديءَ تائين خراب هوا (مليريا) سبب سمجهي پئي. هنن وٽ مڇر مان رت ۾ داخل ٿيندڙ جيوڙن (چوسڻن، ڪينئنِ) بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي.

 

(9) ديوي ۽ ديوتا جو تصور ڪيئن ٺهيو؟

ابتدائي راڄ ۾ جڏهن هڪ خاص ساهواري جنس ماڻهو (سمجهه ڀري) ٺهڻ شروع ٿي تڏهن ان وٽ ڪنهن به طرح ماءُ پيءُ بابت اهو تصور ڪو نه هو جيڪو اڄوڪي ماڻهوءَ وٽ آهي. ٻار لاءِ اهو ممڪن ئي ڪو نه هو ته هُو پنهنجي پيءُ کي سڃاڻي سگهي. راڄ جا سڀ نوجوان هن جا وڏا هئا پر هن کي جنهن ماءُ ڄڻيو هو، جنهن جي ٿڃ پيتي هئائين، ان کي سڃاتائين پئي. ابتدائي راڄ جي ابتدا ۾ سمورا رشتا ماءُ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا (۽ اڄ به بنيادي طرح ماءُ جي حوالي سان سڃاڻجن ٿا ڇو ته ماءُ ئي آهي جيڪا پيءُ جي نشاندهي ڪري سگهي).

سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، جهونِي ماءُ سڄي راڄ جي ماءُ هئي. اها ئي سڀني جي کاڌي پيتي، ڏک سک، رهڻي ڪهڻيءَ، اٿا ويٺيءَ جو لحاظ ۽ خيال ڪندي هئي ۽ هر هڪ جي گهرج جو سڌ سماءُ رکندي هئي، ٻيون جوان مائرون به رکنديون هيون، پر انهن جي وڏي به اها ئي پوڙهي ئي ماءُ هئي. سڀ ان جو اولاد هئا. ابتدائي راڄ جي ان قسم کي اَماڻو (مائاڻو، ماءُ وارو) راڄ سڏجي ٿو.

مائن جي ماءُ گهڻي قدر سٺي، سٻاجهي، مٺي، مهربان، سيبتي، سلڇڻي، پرو ۽ پرگهور رکندڙ هئي ۽ هن جي انهن خصلتن جون يادگيريون سندس مئي پڄاڻا به پيون هلنديون هيون ۽ ڳڻ پيا ڳائبا هئا.

توهان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته گذريل واقعي جو بيان عام طرح ساڳي ان نموني نه ٿي سگهندو آهي جيئن اهو ٿيو هجي. ڪو ماڻهو وڇون (ڀٽون) ماريندو ته بيان ٿيندو هيڏو، هٿ جيڏو، سائو هيڊو، زهريلو وڇون هو. گهوڙو ڊوڙيو ته ڪو نه پئي، هوا سان ڳالهيون ٿي ڪيائين. ير! ماڻهو ته ڪو گبر شينهن آهين، ڀاڙيو ڪنهن جاءِ جو، ڌڪ ئي نه جهليائين وغيره. انهن راڄ-مائن بابت به قصو گهٽ وڌ پيو هلندو هو.

نيڪ سيرت، خوب خصلت، چڱيءَ چلت واريون مائرون نيڪيءَ، سونهن، سلڇڻائيءَ ۽ مهربانيءَ ۾ سڀني کان سرس هيون (اهي ٿيون نيڪيءَ جو نشان) ۽ ڪاوڙيل، ساڙيليون، بخيل ۽ جهيڙاڪر مائرون شر جو نان.

هر نيڪي، چڱائي، سلڇڻائي، پنهنجائپ، پيار، انس (لڳاءُ)، سڪ، ساڃاهه ۽ (ڪردار جي) سونهن رکندڙ ماءُ مهربانيءَ (ٻاجهه) جو حوالو هئي ۽ راڄ جو هر چڱو ڪم انهن جي ڳالهين، سوچن ۽ عملن موجب پرکيو ويندو هو. ماءُ کان پوءِ ممتا حد آهي، مٺڙيون ڳالهيون ته منهنجيءَ امڙ جون، سڀ جي پيٽ جي کيس خبر هئي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ايڏي اڪير رکي وغيره. لاڳيتيون يادون، يادن ۾ وسندڙ خاڪو، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ جو ماءُ سان واسطيدار تصور، پيار ۽ سڪ جو انساني عڪس، هڪ مٺيءَ ماءُ جو اولڙو ـــــــــ ماءُ جي انساني روپ وڌي ياد ۾ خيالي روپ کي پختو ڪيو. ماتا ديويءَ جو تصور ايئن ٺهيو.

ماڻهوءَ جي ياد ماءُ جي روپ تي ماتا ديويءَ کي جنم ڏنو. ڌرتيءَ به پنهنجي سيني تي سڀ کي سانڍيو، پاليو ۽ پناهه ڏني پئي. هوءَ به ماتا جيان سٻاجهي ۽ سهڻي آهي. ڌرتي ماتا ۽ ماتا ديويءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. پيار جي ديوي، سونهن جي ديوي، آباديءَ جي ديوي، ساوڪ جي ديوي، اوسيئڙي جي ديوي، امن (شانتيءَ) جي ديوي، وغيره.

هر برائي، بڇڙائي، ڪلڇڻائي، اوپرائپ، نفرت (ڌڪار)، چڙ، بيزاري ۽ ڪوجهائپ رکندڙ ماءُ اٻاجهه (ڪُٻاجهه) جو حوالو هئي ۽ راڄ جي هر غليظ ڪم جي ڀيٽ ان جي حوالي سان ٿيندي هئي: ڪِني رَن نه مري ٿي ۽ نه ئي جند ٿي ڇڏي، ٻانڀ اچي ٿي آهي، بڇڙائيءَ کان پاسو نه ٿي ڪري، ٻه ويڙهائو ڌُوتي جتي ڪٿي باهه لڳايو ويٺي آهي، سڀ شيءِ تي بڇڙي نظر، سڀ جو کاڌو ويٺي تڪيندي، وغيره. ڪروڌي، بري، ڌڪار ۽ بد چل مائيءَ سان واسطيدار يادن، ان بابت ڳالهين جي ورجاءَ، ٿيندڙ براين جي ان جي براين سان ڀيٽ، ماڻهوءَ جي ذهن ۾ انهيءَ عڪس کي پڪو ڪيو جيڪو نسبتاً وڌيڪ بڇڙو هو ـــــــــ اهو ئي تصور هو جنهن برائيءَ جي ديويءَ، ڪروڌ جي ديويءَ، ساڙيلي ديويءَ، نفرت جي ديويءَ، غضب جي ديويءَ وغيره کي جنم ڏنو.

هر جوانيءَ کي پنهنجي جسم جي ڇڪيندڙ سونهن آهي، ڪنهن جي جهلڪ ڏسڻ جي اوسيئڙي، قرب جي خاص خوبيءَ، اندر ٺاريندڙ ادا، ٻهلور ويندڙ جذبي، جذباتي ٺار بخشيندڙ هستيءَ، جنهن جي ٽور تي مور وائڙا ٿي پئي ويا، جنهن دلبر کي ديکيندي سورج شاخون جهڪيون پئي ٿيون ۽ قمر ڪوماڻو پئي ـــــــــ پرين ـــــــــ پرينءَ جي ادا، هر ناز، هر روپ، هر گهڙيءَ جي دلبري ڏيک، پنهنجو پنهنجو تصور پئي ڏنو ۽ روح ۾ راحت ٿي پيدا ڪئي. ان بابت يادون، جوانيءَ جون يادون، جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار يادون، سڪون ۽ سانت ڀريون يادون، عشق، محبت، پيار، پريم جي ديويءَ جي جنم جو ڪارڻ بڻيون ـــــــــ سونهن جي ديويءَ، عشق جي ديويءَ، پيار جي ديويءَ، جنس جي ديويءَ، جوش جي ديويءَ، بيوفائيءَ جي ديويءَ، وڇوڙي جي ديويءَ، اوسيئڙي جي ديويءَ وغيره جنم ورتو.

ابتدائي راڄوڻي سماج جي ابتدائي اماڻو دور هوري هوري اباڻي دور ۾ بدلجي ويو. پهريائين اپت گهٽ ٿيڻ سبب راڄ جا سمورا ماڻهو پنهنجي وت ۽ وس آهر شڪار ۾ حصو وٺندا هئا. ان ۾ زناني مرداڻي جو فرق ڪو نه هو، اَگهو پوڙهو ۽ جهور پوڙهيون پنهنجين جهوپڙين ۾ شڪار تي ويل سورهين ۽ سورمين جو انتظار ڪنديون هيون. شڪار لاءِ زبري سگهه گهربل هئي، جانور وڏا ۽ هٿيار هيڻا هئا، پر پوءِ به خاص طرح ڳڀري (ڍڪي، پيٽ سان) عورت لاءِ پويَن، ڀريَن مهينن ۾ شڪار لاءِ هٿ ونڊائڻ اوکو ڪم هو. انهن کي گهرن ۾ ٻارڙن ۽ وڏڙن سان رهڻو پوندو هو. نئين ڄاول ٻار جي پرگهور لاءِ به کيس ئي سيڙجڻو پوندو هو.

گهر ۾ رهندڙ عورتن آڱر (اڱڻ) ۾ آندل گاهه ٻوٽن کي نئين مند ۾ نئين سر ڦٽندي، سلو ڪندي، وڌندي، انگورجندي ۽ سنگ جهليندي ڏٺو. سوين سالن تائين ٿيندڙ رهندڙ ان عمل اهو تصور پڪو ڪيو ته گاهه ٻوٽي ۾ ڪا اهڙي شيءِ سگهه آهي جو اهو زمين ۾ پيهي نئين سر ڦٽي پوي ٿو. ارادي سان ٻج ڇٽيو ويو ۽ نيٺ اهو ڦٽي پيو. مينهن نه پوڻ سبب، ڌرتيءَ جي سخت هئڻ سبب سلو پاڙون وٺي نه پئي سگهيو پر آلي ڌرتيءَ ۾ هڪدم پئي اڀريو ـــــــــ پوکيءَ، فصل جي ابتدا ٿي.

چهنبدار ڪاٺين سان ڌرتي چيري (کيڙي) ان ۾ ٻج وجهي پاڻي ڏنو ويو ته سلو ڦٽي آيو. پوکيءَ جو هنر گهريلو عورت پاران لاڳيتي جاچ، پرک ۽ پروڙ جو نتيجو آهي.

نوَن نوَن سخت پٿرن جي ڳولا، انهن جي گهاڙ، هٿيارن جي تکائيءَ ۽ ججهائيءَ سِڱن کي هٿيار طور ڪتب آڻڻ نيزي، ڀالي، تير ڪمان جي ايجاد به شڪار ۾ سهولتون پيدا ڪري ورتيون.

ڳرو، سخت، ٿڪائيندڙ ۽ گهڻي سگهه گهرندڙ ڪم مرد جي حوالي ٿيو ۽ نسبتاً هلڪو، نرم، سولو (سهنجو) ۽ گهٽ سگهه گهرندڙ ڪم عورت جي حوالي ٿيو ـــــــــ پورهيي جي پهرين ورڇ ٿي.

جڏهن پوکيءَ جي هنر واڌ کاڌي ۽ ان لاءِ هر، جانور وغيره ڪم اچڻ لڳا تڏهن اهو ڪم به مرد جي حوالي ٿي ويو. جنهن گهڻو ڪم پئي ڪيو اهو هوري هوري راڄ مٿان ڇائجندو ويو ۽ نيٺ راڄ ۾ مردن جي مٿيرائي قائم ٿي ـــــــــ اباڻو سماج ٺهي پيو.

کاڌي پيتي، پال پوس، سار سنڀال، هنري سکيا ۽ تجربن جي تعليم وغيره ۾ جيتوڻيڪ مرد ۽ عورت ٻنهي حصو پئي ورتو پر پوءِ به هلندي، سرندي، مٿيرائي مرد جي هئي. هاڻي ماڻهوءَ کي گهرج پئي ته هو پنهنجي آڪهه ـــــــــ پنهنجن ٻارن ٻچن ـــــــــ جي نشاندهي ڪري. گهر، آڪهه، ڪهول، ڏاڏنگ، قبيلي ٺهڻ شروع ڪيو ۽ قوم جون نشانيون اسرڻ لڳيون.

پَڪن پوڙهن وٽ تعليم، تجربو ۽ تدارڪ وڌيڪ هئڻ فطري هو. انهن پنهنجي نوجوان پود کي شڪار جي ٽلن، بِلن ۽ چالاڪين جي، شڪار کي وٺڻ، پڪڙڻ ۽ جهلڻ جي هنرمندين جي، ان کي گهلڻ، ڌوڪو ڏيڻ، ڪوڙڪيءَ (ڄار) ۾ آڻڻ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. ڪي وري مختلف قسم جي اوزارن، هٿيارن، شين (ٿانون، سِرُن، جهوپڙين) جي ڪم ۾ وڌيڪ مهارت هٿ ڪري ويا ۽ انهن وري اهڙين شين جي سکيا ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ـــــــــ پورهيي جي ورڇ شروع ٿي وئي. هڪ قسم جي هنرمندي ڪندڙ ماڻهن ٻي قسم جي هنرمندي ڪندڙ ماڻهن سان پنهنجي پورهيي (يا ان جي حصي) جي بدلي ٻي جي پورهيي (يا ان جي حصي) سان مٽا سٽا شروع ڪئي. ماڻهو مختلف هنرن ۽ پورهيي جي ورڇ ۽ مٽا سٽا جي بنياد تي مختلف ڌنڌن ڌاڙين ۾ جنبي ويا.

اباڻي راڄ ۾ بابا (يا بابا جو بابا) سڀ کان وڌيڪ لائق. فائق، اهل ۽ بزرگ هو. هن جهڙن ڀلارن پنهنجي اولاد، راڄ، قبيلي، قوم جي سار سنڀال پئي ڪئي ۽ پرگهور پئي لڌي (امڙ به گهٽ ڪا نه هئي، گهر ۾ سڀني عورتن کان وڌيڪ هئي، پر بابا ان کان به مٿير هو ۽ گهر کان ٻاهر ته بابا ئي گهڻو ڪجهه هو). ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سٺا، سيبتا، سلڇڻا، سٻاجها ۽ سگهارا  پريا مڙس هئا ۽ ڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن وٽ نسبتاً وڌيڪ سٺا گڻ هئا. ان جي جيئري يا مُئي پڄاڻان ان جون ڳالهيون، سوچون، تجربا، تعليمون، ڪم ڪاريون ماڻهن لاءِ مثالي بنجي پئي ويون. ڪوپا، ڪٽ مست، ڪونڌر ماڻهو، جوڌا، جُنگ، جوان ماڻهو، مٿير، مرد، مهائي ماڻهو سڀني لاءِ مثالي هئا ـــــــــ انهن جي تصورن، انهن جي يادن، انهن جي شبيهن، انهن جي منهن مهانڊن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ پڪي حيثيت اختيار ڪري ورتي. بابا، بهادر، ڇڳير شهمير وڌي ديوتا جو روپ ورتو ـــــــــ ديوتا انساني خصلتن جو خيالي روپ آهي، سمورا ديوتا ماڻهوءَ جي منهن مهانڊي ۽ ڪردار جو خيالي روپ آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org