سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: سچل تي ببليو گرافي

باب: --

صفحو :4

 

ڇپيل سنڌي مواد

 

الف: سچل جو ڪلام

 

29 ــــ آغا صوفي، غلام نبي گل حسن                       (مرتب)

سچل سرمست/ آغا غلام نبي گل حسن صوفي ــــــ شڪارپور

ڀوراڻي رام اليڪٽرڪ پريس شڪارپور. 1933ع.

22.5 س. م.    ؛    843 ص

فهرست: درازن جي فاروقي خاندان جو شجرو ــــ صورتخطيءَ ۾ انقلاب ـــــ يادگار ــــــ هڪ نظر هيڏانهن ـــــ شڪريه ــــ سنڌ ملڪ ۾ علم جي بيقدري ــــــــــ سچل سرمست جو فارسي شعر ـــــــ فقيري ۽ شاعري ـــــــ شاهه ڀٽائيءَ ۽ سر مست درازي ــــــــ تصوف ۽ ويدانيت ــــــ حيات سرمست ــــــــ راڳ ـــــــ ڪلام سرمست.

(آغا صوفي مرحوم پنهنجي مرشد سان والهانه عقيدت جو مظاهرو ڪندي خوب پاڻ ملهايو آهي. ايستائين جو هن ڪتاب جي باب شاهه ڀٽائي ۽ سرمست درازيءَ جي رد ۾ لطف الله بدوي مرحوم پنهنجي مشهور تصنيف تذڪره لطفي ڀاڱو پهريون ۾ شاهه ۽ سچل جو موازنو ڪيو آهي.)

 

30 ـــ اداره سچل سرمست ڪاليج

سچل جا بيت/اداره سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد؛ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد؛

22 س. م.    ؛    184 ص

(سچل سرمست ڪاليج جي اداره طرفان شيخ رحيم بخش مرحوم جي اهتمام هيٺ هي بيت شايع پئي ٿيا. غالبا سچل سرمست جو رسالو انهيءَ اهتمام سان شايع ڪيو وڃي ها مگر شيخ صاحب جي وفات سبب اشاعت جو سلسلو بند ٿي ويو.)

 

31 ـــــ انصاري، عثمان علي                         (مرتب)

رسالو سچل سرمست (سنڌي)/ عثمان علي انصاري ــــــــــــ

حيدرآباد؛ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد. پهريون ڇاپو. 1958ع.

22 س. م.    ؛    429 ص

فهرست: عرض ِحال ـــــــــــ مقدمو ـــــــــــ وحدت نامو ـــــــــــ حقيقت سسئي ـــــــــــ نوري ـــــــــــ مارئي ـــــــــــ مومل راڻو ـــــــــــ بيت پورب جا ـــــــــــ بيت روجھن جا ـــــــــــ سارنگ ـــــــــــ هير رانجھو ـــــــــــ جوڳ ـــــــــــ مالڪوس ـــــــــــ متفرق ڪلام

 

32 ـــ انصاري، عثمان علي                         (مرتب)

رسالو سچل سرمست / عثمان علي انصاري ــــــــــــ حيدرآباد؛

سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت. افرو ايشيا پرنٽنگ پريس. ڪراچي. 1978ع

21.3 س. م.    ؛  0 +388 ص

(ناشر طرفان ’گذارش‘ کان سواءِ باقي سمورو متن  ادبي بورڊ واري رسالي جو عڪس آهي.)

 

33 ـــ در محمد ميان ۽ ٻيا                          (مرتب)

داستان وڏو، رسالو سچل سائينءَ جو / ميان در محمد ۽ مسٽر هيمراج ۽ ٻيا ـــــــــــ شڪارپور؛ پوڪر داس ٿانور داس تاجر ڪتب آريه آسٽيم پريس لاهور. 1910ع.

25 س. م.    ؛  2+16+30 ص

(هن ڪتاب جا پهريان ٻه صفحا ’ٽائيٽل‘ ۽ ’شڪراني‘ لاءِ مخصوص آهن. بعد ۾ سورهن صفحن تي ڪتاب ۾ ڏنل ڪافين جا منڍ فهرست طور ڏنل آهن ۽ باقي 304 صفحن تي سچل سرمست جون سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ڪافيون ۽ سي حرفيون ڏنل آهن. هر ڪافيءَ جي نمبر سان گڏ ڪافيءَ جي سُر جو نالو به ڏنو ويو آهي.)

 

34 ـــــ شوق، نواز علي، ڊاڪٽر                     (مرتب)

ڪلام حضرت سچل سرمست/ڊاڪٽر نواز علي شوق ـــــــــــ

ڪراچي: ڪافي پبليڪيشن. حامد ناز پريس ڪراچي. 1981ع.

22 س. م.    ؛    60 ص

(هن ڪتاب ۾ جيڪي 82 سنڌي ۽ 33 سرائڪي چونڊ ڪافيون ڏنيون ويون آهن، سي زياده تر خيرپور پبلڪ لئبريري واري قلمي نسخي ۽ چند قلمي نسخن جي آڌار تي ڏنل آهن. ڪافين کان اڳ شوق صاحب تعارف طور ٻه اکر ۽ مقدمو به لکيو آهي.)

 

35 ــــ قاضي، علي اڪبر درازي                    (مرتب)

انتخاب ڪلام سچل سرمست / قاضي علي اڪبر درازي ــــــــ

روهڙي: قاضي علي اڪبر درازي. انقلاب پرنٽنگ پريس سکر. 1972ع.

17.5 س. م.    ؛   50 ص

(21 صفحن تائين مرتب جا مضمون آهن. باقي صفحن تي سچل سرمست جا بيت ۽ ڪافيون درج آهن.)

 

36 ـــــ قاضي، علي اڪبر درازي                         (مترجم)

تار نامو/ قاضي علي اڪبر درازي . ـــــــ خيرپور: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ. اتحاد پريس سکر. 1963ع.

2.5 س. م.              ؛ 24 ص

(فارسي مثنوي تار نامه جي سامهون نثر ۾ سنڌي معنيٰ ڏنل آهي.)

 

37 ــــ قاضي، علي اڪبر درازي                        (مترجم)

ديوان خدائي./ قاضي علي اڪبر درازي. ــــــــــــــــــ روهڙي: قاضي، علي اڪبر درازي. ٻيو ڇاپو 1979ع.

21.5 س. م.     ؛ 16 ص

(ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب جو مضمون ’تاثرات‘ ۽ قاضي صاحب جي مضمون ’شهنشاهه عشق‘ سان گڏ سچل سرمست جا 9 فارسي غزل سنڌي نثر ۾ معنيٰ سميت ڏنل آهن.)

 

38 ــــ قاضي، علي اڪبر درازي                      (مترجم)

درد نامو/ قاضي علي اڪبر درازي.ـــــــــــــ خيرپور: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ.  اسٽينڊرڊ پريس سکر. 1963ع.

21.5 س. م.    ؛   16 ص

(فارسي متن جي سامهون واري صفحي تي سنڌي نثر ۾ ترجمو ڏنل آهي.)

 

39 ــــ قاضي، علي اڪبر درازي                        (مترجم)

راز نامو معه ديوان خدائي/ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ خيرپور: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ. اسٽينڊرڊ پريس سکر. 1968ع.

21.5 س. م.    ؛   80+154 ص

(پهريائين راز نامه جا 922 اشعار ۽ 9 غزل ديوان خدائي جا 80 صفحن تي درج آهن. بعد ۾ 159 صفحن تي فارسي متن جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ڏنل آهي.)

 

40 ــــ قاضي، علي اڪبر درازي                        (مترجم)

رهبر نامه. / قاضي، علي اڪبر درازي. ــــ خيرپور ميرس: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي. اتحاد پريس سکر. 1964ع.

21.5 س. م.      ؛     2+ 77 ص

(522 اشعار جي هن فارسي مثنوي جو متن هڪ صفحي تي درج آهي ۽ ان جي سامهون واري صفحي تي سنڌي نثر ۾ ترجمو ڏنل آهي.)

 

41 ـــ قاضي، علي اڪبر درازي                        (مترجم)

عشق نامه / قاضي، علي اڪبر درازي. ــــ خيرپور ميرس: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ. اتحاد پريس سکر. ڇاپو پهريون 1962ع. ڇاپو ٻيو 1975ع.

 (قاضي صاحب سچل سرمست جي اشعار جو سنڌي نثر ۾ ترجمو به ڏنو آهي.)

42 ـــ قاضي، علي اڪبر درازي                      (مترجم)

گداز نامه / قاضي، علي اڪبر درازي. ــــ خيرپور: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ. اتحاد پريس سکر. 1962ع..

 (مثنوي جو سنڌي نثر ۾ قاضي صاحب ترجمو به ڏنو آهي.)

 

43 ــــ لاشاري، رشيد احمد                            (مرتب)

سچل جو رسالو (سنڌي ۽ سرائڪي)/ رشيد احمد لاشاري . ــــــــــ حيدرآباد؛ آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس. اسٽينڊرڊ پريس حيدرآباد. 1958ع.

22 س. م.     ؛     16+308+108  ص.

(هن ڪتاب ۾ 16 صفحن تي سچل سرمست جي سوانح 308 صفحن تي سنڌي ڪلام ۽ 108 صفحن تي سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام ڏنو ويو آهي.)

 

44 ــــ مرزا علي قلي بيگ                            (مرتب)

رسالو سچل سائين جو./ مرزا علي قلي بيگ حيدرآبادي. ــــــــــــــ سکر؛ ماستر هريسنگ بوڪ سيلر. ابو العلائي پرنٽنگ پريس آگرهه. پهريون ڇاپو، 1902ع.

24 س. م.    ؛   384 ص

(هن رسالي ۾ 23 صفحن تي ديباچو ۽ سوانح درج آهي. فهرست 54 صفحن تي مشتمل آهي. باقي صفحن تي سچل سرمست جون 1340 ڪافيون ڏنل آهن، جيڪي سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ آهن.)

 

45 ـــــ مرزا علي قلي بيگ                           (مرتب)

رسالو ميان سچل فقير جو (ڀاڱو ٻيو)./ مرزا علي قلي بيگ؛ صاحب اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر حيدرآباد. ــــــــــــ سکر؛ هريسنگ پبلشر ۽ تاجر ڪتب. مصطفيٰ ئي پريس لاهور. ڇاپو پهريون. 1903ع.

24 س. م.    ؛   140 ص

(ليٿو پريس لاءِ هي ڪتاب قنبر علي شاهه سکر واري لکيو. هن ۾ سچل جون ڏهه سي حرفيون، ڏوهيڙا پنجابي ـــ مرغ نامو ــــ وحدت نامو ــــ سسئي، مارئي، مومل، نوري، تماچي، روجھن، پورب، حقيقت ۽ جھولڻو بابت بيت ڏنل آهن.)

 

46 ــــــ مولوي محمد عظيم                         (مولف)

تحفئه سچل./ مولوي محمد عظيم. ـــــــــــ شڪارپور؛ مولوي محمد عظيم اينڊ سنز. محمدي پريس شڪارپور. 1972ع.

17.5 س. م.            ؛    20 ص

 

47 ـــــ نماڻو فقير                                (مرتب)

سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام./نماڻو فقير.ــــــ بڙودا: نماڻو فقير بي وطن. سنڌ پرنٽنگ پريس بڙودا. 1952ع.

24 س. م.           ؛          500+46 ص.

فهرست: انتساب.ـ ـــــــــ ٻه اکر ـــــــــ تصوف ـــــــــ تفصيلوار باب (1 ـــــــــ عجزِ نيزاري ـــــــــ 2. مرشد جي محبت ـــــــــ ستگر مهما 3. عاشقي آلاپ ـــ اُڪير ـــــــــ 4. فراق ـــــــــ 5. عاشقن جو مذڪور ـــــــــ 6. روحاني رهبري هدايت ـــــــــ 7. عشق، درد ـــــــــ 8. معرفت، پاڻ سڃاڻ ـــــــــ 9. وصال، ديدار ـــــــــ 10. وحدانيت، هيڪڙائي ـــــــــ 11. حيرت، عبرت ـــــــــ 12. صوفي ـــــــــ 13. سي حرفيون ـــــــــ 14. سنڌي ڏوهيڙا ـــــــــ 15. پنجابي ڏوهيڙا ــــــــــــ فهرست. شڪريه ـــــــــ ڌڻي در وينتي ـــــــــ التجا ـــــــــ مهاڳ (عاشق الله سچل سرمست) متن ـــــــــ ڏکين اکرن جي معنيٰ.

(ڪاري/ ڳاڙهي ٻه رنگي ڇپائي سان هن دلڪش ڪتاب ۾ سچل سرمست جون 700 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون. 5 سي حرفيون. 131 سنڌي بيت ۽ 53 پنجابي (سرائڪي) بيت ڏنل آهن. هي ڪتاب سچل سرمست جي اصل شڪارپوري مريدياڻي رڪي ٻائي عرف نماڻو فقير جو پنهنجي مرشد سان والهانه عقيدت جو هڪ عمدو مثال آهي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org