سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: سچل تي ببليو گرافي

باب: --

صفحو :5

 

ب : سچل جي سوانح ۽ ڪلام تي تحقيق

 

 

48 ـــــ آڏواڻي، ڪلياڻ                            (مصنف)

سچل./ ڪلياڻ آڏواڻي. ـــــــــــــــــــــ بمبئي: ڪلياڻ بي آڏواڻي، پروفيسر جئه هنڌ ڪاليج، دولت پرنٽنگ پريس. 1954ع

7.5 س . م.  ؛         132 ص.

فهرست: سچل صاحب جي حياتيءَ جو احوال. ــــــــــ سچل صاحب جي صورت، سيرت ۽ مذهب. ــــــــــ سچل جو رهبر عطار. ــــــــــ سچل جو طالب نانڪ يوسف. ــــــــــ سچل امن ۽ آزاديءَ جو امير. ــــــــــ سچل جو عاشقانو ڪلام. ــــــــــ سچل جو رندي ڪلام. ــــــــــ سچل جو تمثيلي ڪلام.ــــــــــ سچل جو جوڳين سان عشق. ــــــــــ سچل جي مرشد لاءِ محبت. ــــــــــ سچل جي ڪلام ۾ شاهه وارا مضمون. ـــــــــ ملا ۽ قاضي. ــــــــــ سچل جو سرائڪي، اردو ۽ پارسي ڪلام ــــــــــ سچل جو نظم ۽ ٻولي.

(سچل سرمست تي بنيادي تحقيق واري تصنيف آهي.)

 

49 ــــ اسماعيل خواجه                              (مرتب)

سچل سونهارو./ اسماعيل خواجه، ڊائريڪٽر انفرميشن.ـــــــــــــ حيدرآباد: اطلاعات کاتو مغربي پاڪستان. گورنمينٽ پريس ڪراچي. 1963ع.

23.س. م.      ؛    82. ص.

فهرست: نذرانو (اسماعيل. ايس خواجه ) .ــــــــ سچل سرمست جو نظريهء ڪائنات (مولانا غلام محمد گرامي) .ــــــــ سچل سرمست (رحيم داد خان مولائي شيدائي) .ــــــــ سچل ۽ شاهه (مير شفيع احمد علوي) .ــــــــ سچل جو عارفانه ڪلام(رحيم بخش ميمڻ) .ــــــــ مستيءَ جو مهراڻ (سليم هالائي) .ــــــــ انساني عظمت جو علمبردار (سرور علي سرور) .ــــــــ سڳورو سرمست (مولانا عبدالڪريم چشتي) .ــــــــ درويش درازي (شاڪر مصطفيٰ) .ــــــــ سچل جو مجازي ڪلام (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) .ــــــــ سچل جون ڪافيون (نثار بزمي) .ــــــــ گداز نامه (مترجم: حامي خيرپوري) .ــــــــ عارف بالله (حافظ محمد احسن چنه)

 

50 ـــ بدوي، احمد بخش، فقير                    (مرتب)

سچل سارو سچ./ فقير احمد بخش بدوي .ــــــــ شڪارپور: محل پبليڪيشن. اسٽينڊرڊ پريس، سکر. 1972ع.

12.س. م.      ؛    96. ص.

فهرست: ٻه اکر.ــــــــ سچل سارو سچ.ــــــــ داستان عمر مارئي.ــــــــ داستان سسئي پنهون .ــــــــ داستان سهڻي ميهار .ــــــــ داستان ليلان چنيسر .ــــــــ داستان مومل راڻو.ــــــــ داستان هير رانجھو.ــــــــ داستان جوڳ.ــــــــ متفرقه ڪلام .ــــــــ ابيات.

(ليٿو تي ڇپيل هي پاڪيٽ سائيز ڪتاب سچل جي سوانح ۽ منتخب ڪلام سبب چڱو معلوماتي آهي.)

 

51 ـــــ تنوير عباسي                                 (مرتب)

سرمست.ــــــــ/تنوير عباسي.ــــــــ خيرپور : سچل سرمست يادگار ڪميٽي. ڪمرشل پريس. سکر. 1981ع.

22. س. م.      ؛    95. ص.   ؛   25 تصويرون

فهرست: پنهنجي طرفان (تنوير عباسي). سچل سرمست يادگار ڪميٽي تعارف ۽ پس منظر (هادي بخش لاڙڪ). شاعري (شمشير الحيدري، امداد حسيني، قاضي علي اڪبر، استاد بخاري، نواز علي شوق، قطب الدين تاب، مختيار ملڪ، نظام الدين زائر.) سچل جي شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور (ڊاڪٽر غلام علي الانا). آغا صوفيءَ وارو سچل سرمست جو رسالو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو). ڪجهه غلط رايتون (داڪٽر عطا محمد حامي). وحدت ۽ ڏاهپ (ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو). حضرت سچل سرمست (قاضي علي اڪبر درازي). سچل سرمست جي ڪلام سان ڪيل زيادتين جا ڪجهه مثال (ڊاڪٽر نواز علي شوق) سچل جو مڪتب خيال ۽ ڪردار (رشيد ڀٽي).

(سن 1980ع ۾ سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي درازن ۾ پڙهيل مقالن ۽ شعرن جو مجموعو.)

 

52 ـــــ جگتياڻي، لالچند امر ڏنو مل

سونهارو سچل/لالچند امر ڏنو مل جگتياڻي .ـــــــــ حيدرآباد: سنڌي ساهت سوسائٽي. ڪراچي پرنٽنگ ورڪس، ڪراچي. 1916ع.

 18. س. م.      ؛    4+36. ص.

(هي ڪتاب سنڌي ساهت سوسائٽي جي ٽين ورهه  جو ٽيون ۽ چوٿون ماهوار رسالي (مارچ ـــ اپريل 1916ع) طور شايع ٿيو. هن ۾ سچل سرمست جي ڪلام جي اپٽار دل نشين انداز سان ڪيل آهي.)

 

53 ــــ جويو محمد ابراهيم

شاهه، سچل، سامي (هڪ مطالعو)/ محمد ابراهيم جويو .ــــــــــ حيدرآباد: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ. سردار پرنٽنگ پريس، حيدرآباد. 1978ع.

   21.5. س. م.      ؛    84. ص.

هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي ولادت 1689ع کان ساميءَ جي مرتي 1850ع تائين واري دؤر جو سياسي، مذهبي ۽ تمدني صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي.)

 

54 ــــ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

سچل سرمست/ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي.ـــــــــ حيدرآباد: نئين سنڌي لئبريري.ڀارتواسي پريس حيدرآباد. 1922ع.

18.5. س. م.      ؛    2+110+2. ص.

فهرست: سچل سرمست.ـــــــــ تولد يا ڄم .ـــــــــ اصل نسل.ـــــــــ ٻالپڻ يا جواني .ـــــــــ سچل فقير جو تغيره.ـــــــــ مذهبي چٽاڀيٽي.ـــــــــ منصور.ـــــــــ سچل صوفيءَ جا اصول.ـــــــــ پاڻ سڃاڻڻ ۽ نفي اثبات.ـــــــــ همه اوست .ـــــــــ طلسم.ـــــــــ ذات ۽ صفت.ـــــــــ پڇاڙيءَ جي زندگي. سچل جو ڪلام، ڀاڱو پهريون.ـــــــــ اسين آهيون ڇا.ـــــــــ؟ سچل جو ڪلام ڀاڱو ٻيو. وحدت ۽ حيرت.ـــــــــ سچل جو ڪلام ڀاڱو ٽيون. عاشق مڙس منصور.ـــــــــ سچل جو ڪلام ڀاڱو ڇوٿون. مسڪيني ۽ بندگي.ـــــــــ سچل جو ڪلام ڀاڱو پنجون. گفتا.ـــــــــ سچل جو ڪلام ڀاڱو ڇهون. اڙدو ۽ سرائڪي غزل.ـــــــــ

(هن ڪتاب کي مرزا قليچ بيگ درست ڪيو هو، جيئن مهاڳ ۾ مصنف خود اقرار ڪيو آهي. ڪلام جي متن هيٺان حاشيءَ ۾ ڪجهه ڏکن لفظن جي معنيٰ به ڏنل آهي.)

 

55 ــــ چنا، محبوب علي، پروفيسر

سرمست درازي./ پروفيسر محبوب علي چنا.ـــــــــ حيدرآباد: سچل سرمست اڪيڊمي لميٽيڊ. قرآن پريس حيدرآباد. 1964ع.

 22.5×13.5. س. م.      ؛    28. ص.

(هن ڪتابڙي ۾ محبوب علي چنا مرحوم سچل سرمست جي سوانح ۽ ڪلام تي عالمانه نظر وڌي آهي.)

 

56 ــــ حامي، عطا محمد، پروفيسر                        (مرتب)

منصور ثاني سچل سرمست./ پروفيسر عطا محمد حامي.ـــــــــــ ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشنز. انٽر نيشنل پريس ڪراچي. 1964ع.

 24.5. س. م.      ؛    14+202. ص  ؛   26 فوٽو

فهرست: ٻه اکر (رفيق خاور).ــــــــ حرف اول (حامي) .ــــــــ عقيدت جا گل (شيخ اياز، تنوير عباسي، لطف الله بدوي، پروفيسر شيخ راز ۽ احمد خان واصف).ــــــــ مقدمو (حامي).ــــــــ چونڊ مضمون: سچل سرمست جو خاندان (محمد يعقوب چانگ).ــــــــ سچل سرمست جي حياتي (پروفيسر لطف الله بدوي).ــــــــ سچل سرمست جي سوانح حيات (عبدالحق زيب عاقلي).ـــــــ درازن جو ديدار (قلندر بخش نثار) سچل سائين جا ادبي تبرڪات (قاضي علي مردان).ــــــــ سچل سرمست (پير علي محمد اظهر).ــــــــ سچل سرمست منصور ثاني (شيخ عبدالرزاق راز).ــــــــ سچل سرمست سنڌ جو منصور (مولوي محمد صادق).ــــــــ سچل سرمست جون تصنيفون (فقير رجب علي درازي).ــــــــ سچل سائينءَ جا سوانح نگار (خورشيد احمد علوي).ــــــــ سچل بابت هڪ غلط روايت (مولوي محمد صادق).ــــــــ سچل سرمست جي عظمت (شيخ اياز).ــــــــ سچل سائين جو فارسي ڪلام (شفيع احمد علوي).ــــــــ سچل سائينءَ جو سرائڪي ڪلام (رشيد احمد لاشاري).ـــــــــ فارسي مثنويون .ــــــ منظوم ترجمو از مرتب: ساقي نامو.ــــــــ تار نامو.ــــــــ راز نامو.ــــــــ گداز نامو.ــــــــ عشق نامو.ــــــــ

(هن ڪتاب جي چونڊ مضمونن کان سواءِ مرتب جو مقدمو ۽ فارسي مثنوين جو سنڌي منظوم ترجمو يادگار ادبي ڪاوشون آهن.)

57 ــــ خالد، ڪريم بخش                             (مرتب)

سچل سرمست./ڪريم بخش خالد.ــــــــ ڪراچي: ڊائريڪٽر، محڪمه تعلقات عامه، حڪومت سنڌ، سنڌ گورنمينٽ پريس، ڪراچي. 1970ع.

24. س. م.      ؛    8+48. ص.

فهرست: پيش لفظ (علي احمد بروهي) .ــــــــــ جوڳي آيو جوءِ ۾ (ڪريم بخش خالد) .ـــــــــــ سچو سخنور (بشير مورياڻي) .ــــــــــ سچل جو مطالعو ڪيئن ڪجي؟ (عثمان علي انصاري) .ــــــــــ سچل جي شاعري (مولوي محمد صادق راڻيپوري) .ـــــــــــ سچل جي سنڌي (آغا صوفي) .ــــــــ سچل جو سنيهو (يوسفي عثماني) .ـــــــــــ زندگيءَ جو نظريو (طالب الحق) .ـــــــــ چونڊ ڪافيون.

اردو حصو: سچل عظيم شاعر و مفکر (قاضي علي اکبر درازي) .ــــــــ سچل کا اردو کلام (احسان احمد بدوي) .ــــــــ ديوان آشکار کا مطالعه (اشرف النساء)

(سچل سرمست جي 148 ورسي جي موقعي تي خيرپور ڊويزنل انفرميشن ڊائريڪٽر پاران هي ڪتاب شايع ڪيو ويو.)

 

58 ــــ خالد، ڪريم بخش                     (مصنف)

سچل سرمست./ڪريم بخش خالد.ــــــــ ڪراچي: اطلاعات کاتو،  حڪومت سنڌ، الحفيظ پرنٽنگ پريس، ڪراچي. 1975ع.

24.5. س. م.      ؛     32. ص.

(سچل سرمست جي سوانح ۽ ڪلام تي هڪ سٺو معلوماتي مقالو.)

 

59 ــــ سنڌي ادبي سنگت                           (ناشر)

سچل سائين./ڪراچي: سنڌي ادبي سنگت. 1954ع.

 18 . س. م.      ؛     24. ص

(چئن صفحن تي سچل سرمست جي سوانح ۽ باقي صفحن تي سچل سرمست جو منتخب سنڌي ڪلام ڏنو ويو آهي.)

 

60 ـــ سومرو، محمد موسيٰ                          (مرتب)

سچل سرمست./محمد موسيٰ سومرو.ــــــــ ڪراچي: اطلاعات کاتو،  حڪومت سنڌ، رشيد اينڊ سنز پريس، ڪراچي. 1974ع.

24×17.5. س. م.      ؛     68. ص.

فهرست: پيش لفظ (محمد موسيٰ سومرو) .ــــــــــ سچل سرمست صوفي ۽ شاعر جي حيثيت ۾ (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ) .ــــــــــ سچل انسان جي عظمت جو علمبردار (شمشير الحيدري) .ــــــــــ  آشڪار، توحيد ۽ رسالت جي روشني ۾ (لطف الله بدوي).ــــــــ سچل وحدت جو وڻجار (شفيع احمد علوي).ــــــــ سچل سرمست جا دوها (محبوب علي چنا) .ــــــــــ سچل جي ورسي(مولانا خير محمد نظاماڻي) .ــــــــــ سنڌ جو سرمست (شيخ عبدالرزاق راز).ــــــــ سچو ادب (ڪريم بخش خالد) .ـــــــــــ بي نظير شاعر  (محمد موسيٰ سومرو) .ــــــــــ

 

61 ــــــ شاڪر مصطفيٰ                               (مرتب)

 درازن جو درويش./ شاڪر مصطفيٰ .ــــــــــــــ خيرپور: محڪمه اطلاعات اولهه پاڪستان. ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس خيرپور. 1965ع.

19. س. م.      ؛     29. ص.

فهرست: نذرانو (شاڪر مصطفيٰ).ـــــــــ سچل سرمست                   (رحيم داد مولائي شيدائي) .ــــــــــــــ درازن جو درويش (شاڪر مصطفيٰ).ــــــــــــــ    مستيءَ جو مهراڻ (سليم هالائي) .ــــــــــــــ

 

62 ـــــ عبدالرحمان، حاجي                                (مرتب)

سچل سرمست./ حاجي عبدالرحمان.ــــــــــــــ خيرپور: اسسٽنٽ ڊاريڪٽر انفارميشن، مغربي پاڪستان. ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس خيرپور. 1966ع.

18. س. م.      ؛     93. ص.

فهرست: پيش لفظ (رفيق عنايت مرزا، ڪمشنر خيرپور) .ـــــــــ ٻه اکر (حاجي عبدالرحمان) .ـــــــــ سچل سرمست، سرتاج الشعراء (قاضي علي اڪبر) .ـــــــــ سرمست درازي (محبوب علي چنا) .ــــــــــ سچل سرمست جي اردو شاعري (حامي خيرپوري) .ـــــــــ سچل سرمست جو سنڌي شعر (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) .ـــــــــ سچل سرمست جي شاعري) رشيد احمد ڀٽو) .ـــــــــ 

(هي ڪتاب سچل سرمست جي 144 ورسي تي اطلاعات کاتي خيرپور طرفان شايع ڪرايو ويو.)

 

63ـ ــــ قاضي، علي اڪبر                                (مصنف)

داتا درازي./ قاضي علي اڪبر درازي.ـــــــــــــ روهڙي: قاضي علي اڪبر درازي. قاضي محلو. ستار پرنٽنگ پريس سکر. ٻيو ڇاپو 1978ع.

17.5 س. م.    ؛   86 ص

فهرست: سچل سرمست، سرتاج الشعراء.ــــــــــــ سچل سرمست، شهنشاهه ِعشق .ـــــــــــــ سچل سرمست، منصور آخر زمان.ــــــــــــ سچل سرمست، پارس حقيقي.ـــــــــــــ سچل سرمست، صاحب حال و خيال.ــــــــــــ سچل سرمست بين الاقوامي شاعر.ـــــــــــــ سچل سرمست، منصف اعظم.ـــــــــــــ سچل سرمست، معلم اعظم.ــــــــــ سچل سرمست، امن جو علمبردار.ـــــــــــ سچل سرمست جو ڪلام الاهي الهام.ـــــــــــ سچل سرمست، فيلسوف اعظم.ـــــــــــ سچل سرمست، آل ورلڊ عاشق .ـــــــــــــ سچل سرمست شاعر هفت زبان.ـــــــــــــ

 

64ــــ قاضي، علي اڪبر                               (منصف)

دولهه درازي./ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ خيرپور: سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ. ڪوآپريٽو پرنٽنگ پريس حيدرآباد. 1961ع.

22 س. م.    ؛   80+206 ص.

فهرست: ڪلام بيدل سائين.ــــــ سرمست درازي جو اصل نسل.ــــــ ولادت خواجه محمد حافظ.ــــــ سوانح خواجه عبدالحق.ــــــ سخي قبول محمد اول.ــــــ تولد سچل سرمست حافظ درازي.ــــــ سچل سرمست جي صورت ۽ سيرت.ــــــ رياست جي حاڪمن سان تعلقات.ــــــ سرتاج الشعراء جون تصنيفات.ــــــ دولهه درازي جي درٻار جا در لاثاني.ــــــ حافظ درازي جو مذهب.ــــــ بين الاقوامي نظريات.ــــــ سرتاج الشعراء جو ڪلام الاهي الهام.ــــــ سرتاج الشعراء جي ڪلام جون روحاني خوبيون.ــــــ سچل سرمست جو فلسفو.ــــــ قابل ترديد.ــــــ فاروقي خاندان جي خصوصيات.ــــــ درگاهه جو ديدار فرحت ِآثار.

    (هي ڪتاب قاضي صاحب جي مڙين ئي ڪتابن جو بنياد آهي.)

 

65ــــ قاضي، علي اڪبر                         (مولف)

دولهه درازيءَ جي درٻار جا در./ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ قاضي علي اڪبر، قاضي عبدالسميع محله، همدرد پريس سکر. 1977ع.

18 س. م.    ؛   90 ص.

  (هن ڪتاب ۾ سچل سرمست ۽ سخي قبول محمد اول جي خاص مريدن جو احوال ڏنل آهي.)

   

66ــــ قاضي، علي اڪبر                         (منصف)

سچل سرمست، سرتاج الشعراء./ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ خيرپور: سچل سرمست ميموريل ڪاميٽي. انقلاب پرنٽنگ پريس سکر. 1971ع.

17.5 س. م.    ؛   60 ص.

فهرست: سچل سرمست، شهنشاهه ِعشق.ـــــــــــــ حالات بيخودي.ـــــــــــــ شاعر هفت زبان.ـــــــــــــ منصور آخر زمان.ـــــــــــــ ڪلام الاهي الهام.ـــــــــــــ امن جا علمبردار.ـــــــــــــ منصف اعظم.ـــــــــــــ معلم اعظم.ــــــــــــ فيلسوف اعظم.ـــــــــــــ پارس حقيقي.ـــــــــــــ عاشق رسول الله.ـــــــــــــ بين الاقوامي شاعر.ـــــــــــــ بقاباالله عاشق.ـــــــــــــ

(مختصر مضمونن جو مجموعو)

 

  67  ــــــ قاضي، علي اڪبر                         (مصنف)

سچل سرمست، صاحبِ شريعت./ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ روهڙي: قاضي علي اڪبر، همدرد پريس سکر. 1979ع.

17.3 س. م.    ؛   48 ص.

(اصل مضمون ڪتاب جي 16 صفحي کان 26 صفحي تائين آهي. شروعات ۾ ’ضروري گذارش‘ ۾ ديوان آشڪار جي سنڌي ترجمي کي اوقاف کاتي طرفان شايع ڪرائڻ لاءِ اپيل آهي. ’قابل توجهه حقيقت‘ واري سري هيٺ سچل سرمست کي عالم اسلام جو پهريون نمبر شاعر نه مڃڻ وارن تي ڇوهه ڇنڊيل آهن. آخري صفحن تي قاضي صاحب جي تعريف ۾ مختلف خط ۽ اخبارن جا اقتباسات آهن.)

 

69 ــــ قاضي، علي اڪبر                  

سچل سرمست، عاشق رسول الله./ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ روهڙي: محله قاضي عبدالسميع ، ستار پرنٽنگ پريس سکر. 1979ع.

17 س. م.    ؛   34 ص.

(ماه ربيع الاول جي ڪنهن ٽي ــ وي پروگرام ۾ آنحضرت صلعم جي ثنا خوانن جي ذڪر ۾ سچل سرمست جو نالو نه ٻڌي، پنهنجي مرشد سان پرجوش محبت جي اظهار ۾ هي ڪتاب لکيو ويو آهي.)

 

70 ــــ قاضي، علي اڪبر                           (منصف)                 

سدا حيات شاعر ۽ ولي الله./ قاضي علي اڪبر درازي.ـــــــــــ روهڙي: محله قاضي عبدالسميع ، ستار پرنٽنگ پريس سکر. ڇاپو ٻيو 1978ع.

18 س. م.    ؛   36 ص.

فهرست: شهنشاهه ِعشق .ـــــــــــ  سدا حيات شاعر.ـــــــــــ سچل سرمست جي دعوت عام.ـــــــــــ منصف اعظم جا ڪتاب.ـــــــــــ

(مضمونن جو مجموعو)

71 ــــ قاضي، علي اڪبر                               (منصف)                 

شاعرِ اعظم./ قاضي علي اڪبر درازي.ـــــــــــ روهڙي: قاضي علي اڪبر درازي، ستار پرنٽنگ پريس سکر. ڇاپو ٻيو 1979ع.

18 س. م.    ؛     60 ص.

فهرست: گذارش.ـــــــــــ خراج عقيدت بارگاه حضرت عشق.ـــــــــــ سچل سرمست جي سنڌ کي دعا.ـــــــــــ ضروري ترديد.ـــــــــــ سچل سرمست امن جو علمبردار.ـــــــــــ سرتاج الشعراء ڪنهن کي سڏجي؟.ـــــــــــ سچل سرمست جو ڪلام الاهي الهام.ـــــــــــ سچل سرمست شهنشاهه ِعشق .ـــــــــــ

(هن ڪتاب جي آخر ۾ قاضي صاحب جي ڪلام سان قاضي صاحب جي تعريف ۾ اشعار ۽ خطوط به ڏنل آهن.)

 

72 ــــ قاضي، علي اڪبر                             (منصف)                 

شاعر هفت زبان، فخر پاڪستان./ قاضي علي اڪبر درازي.ـــــــــــ روهڙي: محله قاضي عبدالسميع. حبيب پرنٽنگ پريس سکر. ڇاپو دفعو 1976ع.

18 س. م.    ؛   72 ص.

(53 صفحن تائين قاضي صاحب جا سچل سرمست متعلق اٺ مضمون آهن. جيڪي ٻين ڪتابن ۾ به ڏنل آهن. باقي صفحن تي قاضي صاحب جو ڪلام ۽ قاضي صاحب متعلق مختلف اديبن جا تعريفي خطوط آهن.)

 

73ــــ قاضي، علي اڪبر                           (منصف)

عشق ِ حبيب./ قاضي علي اڪبر درازي.ــــــ خيرپور ۽ روهڙي: سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي. همدرد پريس سکر. 1969ع.

17.5 س. م.    ؛   154 ص.

   (حضور صلعم جن سان عقيدت جو اظهار قاضي صاحب سچل سرمست جي شعرن جي وضاحت سان ڪيو آهي.)

74ــــ قاضي، علي اڪبر                             (منصف)                 

مڪمل سوانح حيات حضرت سچل سرمست./ الفقير زوار قاضي علي اڪبر درازي.ـــــــــــ روهڙي: محله قاضي عبدالسميع. حبيب پرنٽنگ پريس پراڻو سکر. 1976ع.

17.4 س. م.    ؛     148 ص.

فهرست: گذارش.ـــــــــــ خراج عقيدت (بيدل).ـــــــــــــ سچل سرمست جي سنڌ کي دعا.ـــــــــــ سچل سرمست جي ڪافيءَ جو فني تجزيو (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) .ــــــــ سچل سرمست جي شاعرانه عظمت (اظهر گيلاني) .ـــــــــــــ سچل سرمست جي ڪلام ۾ محاورا، تشبيهون، ترڪيبون، تمثيلون.ـــــــــــــ عظيم ترين اديب.ـــــــــــــ عظيم ترين اولياء.ـــــــــــــ بين الاقوامي شاعر.ـــــــــــــ فيلسوف اعظم.ـــــــــــــ معلم اعظم.ـــــــــــ نڪته تصوف از سچل سرمست.ـــــــــــــ عاشق رسول الله.ـــــــــــــ حيات شاعر.ـــــــــــــ سچل سرمست جو حياتيءَ ۾ بيدل تي عشق جو فيض.ـــــــــــــ حضرت سخي قبول محمد دوم.ـــــــــــــ پيشنوگوئي.ـــــــــــــ

 

75 ـــــ محمد عباس ۽ نظام الدين جتوئي              (مرتب)

سچل سرمست./محمد عباس ۽ نظام الدين جتوئي.ــــــــ خيرپور: اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، خيرپور ڊويزن. سنڌ گورنمينٽ پريس، خيرپور. 1970ع.

24. س. م.      ؛    94 ص.

فهرست: وادي مهراڻ جو سرمست (شيخ عبدالرزاق راز).ــــــــ سچل ، شهنشاهه ِعشق.(علي اڪبر درازي) سچل سرمست جي ڪافيءَ جو فني تجزيو (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) .ـــــــ سچل سرمست جي شاعرانه عظمت (سيد اظهر گيلاني) .ـــــــ سچل سائين ـــ نظم (فيض بخشاپوري) .ـــــــ سچل سراپا سوز (نظام الدين جتوئي) .ـــــــ سچل، جيئن مون سمجھيو (اين.اي. منگي.)

حصو ٻيو: سخنهائه سچل

حصو ٽيون: سچل سرمست (ايس.بخت) .ـــــــ سچل سرمست سنده کا اردو شاعر (قاضي علي اکبر درازي) .ـــــــ حضرت سچل سرمست کي اردو شاعري (اکبر زيدي) .ـــــــ سچل سرمست (سبطين اثر) .ـــــــ سچل (عالم زيدي) .ـــــــ سنده کا ايک صاحب حال بزرگ (ناطق بدايوني) .ـــــــ سائين سرمست (زخم بدايوني) .ـــــــ سچل کا اردو کلام (آفاق صديقي) .ـــــــ سچل ايک آفاقي شاعر (محمد عباس) .ـــــــ

 

76 ـــــ مولوي، عبدالحي                              (مرتب)

داتا درازي عرف ذڪر سچل سرمست./ مولوي، عبدالحي.ــــــــــــــــ شڪارپور: مولوي محمد عظيم اينڊ سنز. محمدي پرنٽنگ پريس شڪارپور. ٻيو ڇاپو. 1670ع.

    17.5 . س. م.      ؛    12+212 ص.

(هن ڪتاب ۾ ڏهن صفحن تي سچل سرمست جي سوانح حيات ڏنل آهي. باقي سندس منتخب ڪلام درج آهي.)

 

77 ــــ ميمڻ، رحيم بخش                          (مصنف)

سچل سرمست./رحيم بخش ميمڻ.ــــــــــ خيرپور: ڊويزنل انفرميشن آفيس. ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس خيرپور.

(سچل سرمست جي ڪلام تي مقالو.) 

 

78 ــــ ميمڻ، رحيم بخش                          (مرتب)

سچل سرمست./ ميمڻ رحيم بخش.ــــــــــ رياستي ۽ منگي محمد اسماعيل .ـــــــــــــ کهڙا؛ خيرپور اسٽيٽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن. الوحيد پرنٽنگ پريس ڪراچي. 1956ع.

18 . س. م.      ؛    102 ص.

فهرست: پيش لفظ.ـــــــــــــ سچل سرمست جي سوانح (لطف الله بدوي).ـــــــــــــ نذر عقيدت (بيدل).ـــــــــــــ شاهه ۽ سچل (اياز قادري).ـــــــــــــ سچل ۽ فقير محمد يوسف (عبدالعلي قلباڻي) .ـــــــــــــ سچل سائين جي اردو شاعري (رحيم بخش رياستي).ـــــــــــــ سچل ۽ شاهه (شفيع محمد علوي).ـــــــــــــ سچل سرمست ۽ خواجه غلام فريد (سيد حسن ملتاني).ـــــــــــــ سچل سرمست جو فارسي ڪلام (شفيع احمد علوي).ـــــــــــــ سچل سائين جو سرائڪي ڪلام (رشيد احمد لاشاري).ـــــــــــــ سچل سائين دولهه درازي.ـــــــــــــ سچل جا سوانح نگار.ــــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org