سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: بين الاقوامي اقتصاديات

باب: --

صفحو :18

اسيمبلي The Assembly

جاتيءَ جي اسيمبلي ڪل 142 ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي. هن ۾ ميمبر مختلف ميمبر ملڪن جي پارليامينٽن مان کنيا ويندا آهن، فرانس، اٽلي ۽ جرمني هر هڪ ملڪ مان 36 ميمبر کنيا ويندا آهن. ۽ باقي 34 ميمبر بيلجيم، نين رليف ۽ لگزمبرگ مان کنيا وينا آهن. هنن جو ڪم جاتيءَ جي سموري ڪم تي ضابطو رکڻ هوندو آهي، هر سال ڪميشن طرفان هن اسيمبليءَ کي سالياني ڪم جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي آهي، جنهن کي خيال ۾ رکي اسيمبلي سموري ڪم تي ضابطو رکندي آهي.

اقتصادي ۽ سماجي ڪميٽي

The Economic and Social Committee

هيءَ هڪ خاص صلاحڪار ڪميٽي آهي، جيڪا مختلف ماهرن تي ٻڌل هوندي آهي، هيءَ ڪميٽي يورپي ڪميشن کي وقت بوقت صلاحون ڏيندي آهي، جيڪي ڪن خاص حالتن ۾ ضرور ٻڌيون وينديون آهن.

يورپي اقتصادي جاتي طرفان ڪيل ترقي

Progress within the E.E.C

اسان مٿي لکي آيا آهيون ته يورپي جاتيءَ هيٺ قائم ڪيل عام مارڪيٽ جي مڪمل تشڪيل ٻارهن سالن جي عارضي عرصي دوران ٿيندي. اهو عرصو چئن چئن سالن جي ٽن مختلف مرحلن ۾ ورهايل هوندو. انهيءَ ڏس ۾ جاتيءَ پهريون مرحلو ڪاميابيءَ سان پورو ڪري 1962ع جي شروع ۾ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي. زرعي پاليسي جهڙي ڏکئي ۽ تڪراري مسئلي بابت 1962ع جي وچ ڌاري فيصلو ڪيو ويو، ٻئي مرحلي جي شروع ٿيڻ وقت ڪيترين ئي ڳالهين ۾ عهدنامي هيٺ ڄاڻايل حد کان به وڌيڪ ترقي ٿي. 1961ع جي آخر تائين صنعتي پيداوار تان 40 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لاٿي وئي ۽ 35 سيڪڙو غير آزاد زرعي پيدائشن تان ۽ 30 سيڪڙو آزاد زرعي پيدائش تان ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي، جيتوڻيڪ عهدنامي تحت پهرئين مرحلي هيٺ هر پيداوار تان 25 سيڪڙو ۽ جملي 30 سيڪڙو ڊيوٽي گهٽ ڪرڻي هئي، جاتيءَ اندر صنعتي سامان جي چرپر تان اصولي طور تي ڪوٽا جي پابندي ختم ڪئي وئي ۽ ڪن چند شين کانسواءِ باقي ٻين سڀني شين تان عملي طور به ڪوٽا جي پابندي هٽائي وئي.

جيتريقدر هڪجهڙن ٻاهرين محصولن جو سوال آهي ته عهدنامي بابت اها حد آخرڪار سواءِ ڪن خاص حالتن جي سڀني ميمبر ملڪن طرفان لڳايل محصولن جي سراسريءَ جي برابر هوندي. انهيءَ ڏس ۾ پهرين جنوري 1962ع کان قدم کڄڻو هو. پر ڪائونسل جي فيصلي مطابق انهيءَ تي پهرين جنوري 1961ع کان عمل درآمد ڪيو ويو، ۽ صنعتي سامان تي محصول جي حالت ۾ 30 سيڪڙو عمل ڪيو ويو. هي سراسريءَ وارو اصول، خاص طور تي رڳو انهن شين سان لاڳو نه هو جن تي محصول، هڪجھڙي محصول جي حد کان اڳ ۾ ئي گھٽ هو. اميد ڪئي وڃي ٿي ته ٻئي مرحلي جي ٻين چئن سالن ۾ محصولن ۾ وڌيڪ لاٿ ايندي. زراعت متعلق وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا، ۽ اڳ ۾ ڪيل فيصلن تي عمل ڪيو ويندو، ان کان علاوه مالي ۽ سماجي پاليسيون به مرتب ڪيون وينديون، ته جيئن وڌيڪ فائدو ٿئي. آمدورفت ۽ پرڏيهي واپار واري پاليسيءَ کي به انهيءَ عرصي دوران مرتب ڪيو ۽ سهيڙيو ويندو. ان کان سواءِ ماهيگيريءَ بابت پاليسيءَ تي به غور ڪيو ويندو.

نتيجي ۾ اهو مڃڻو پوندو ته يورپي اقتصادي جاتي، اقتصادي ميلاپ طرف هڪ اهم قدم آهي. جنهن جي وسيلي ميمبر ملڪن جي اقتصادي ترقي ۽ سماجي بهبودي گھڻي قدر ٿيندي. يو_ڊبليو_ڪٽزنگر لکي ٿو.

”عام مارڪيٽ جي وجود ۾ اچڻ ڪري نوجوانن ۽  يونيورسٽيءَ جي استادن، وڪيلن ۽ ڪاريگرن، سرڪاري ڪامورن ۽ مزدورن وغيرهه ۾ ڀائپيءَ جي گڏجاڻين جو اتساهه وڌي ويو آهي، ۽ وقت بوقت اهڙيون گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون جن ۾ خيالات جي ڏي وٺ ٿئي ٿي، ۽ هر وقت اهي خيالات جنم وٺن ٿا. ماڻهن جي عام طور اها مرضي آهي ته پراڻي جوڙجڪ کي بدلائي نئون جوڙجڪ ڪيو وڃي، جيڪو نون امنگن جي ترجماني ڪري. جاتيءَ جي وجود ۾ اچڻ ڪري هر ميمبر هر ملڪ پنهنجن ادارن ۽ ڪيل ترقيءَ کي ٻين ملڪن جي ادارن ۽ انهن طرفان ڪيل ترقيءَ سان ڀيٽي ٿو، جنهن ڪري پراڻين بيٺڪن جي جاءِ تي نيون بيٺڪون وجود ۾ اچن ٿيون، جن جون واڳون گھڻو ڪري نوجوان طبقي جي هٿن ۾ رهن ٿيون. ماڻهن ۾ ترقيءَ جو نئون رجحان پيدا پيو ٿئي. جرمن، فرينچ، ڊچن ۽ اٽالين ۾ هڪ نئين سجاڳيءَ جنم ورتو آهي، جيڪا پوري اتساهه ۽ ويساهه سان ڀروپور آهي. هن سجاڳيءَ جي ڪري نيون ايجادون ٿي رهيون آهن، ۽ نوان ادارا جنم وٺي رهيا آهن، جنهن ڪري اهي ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهن، ۽ وقت پٽاندر حالتن کي منهن ڏيڻ جي قابل پڻ آهن.“(1)

 

يورپ جي آزاد واپاري جماعت

(The European Free Trade Association)

يورپي اقتصادي جاتيءَ جي وجود ۾ اچڻ ڪري ٻين مغربي يورپي ملڪن لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي پيا. ڇاڪاڻ ته نه رڳو جاتيءَ وارن ملڪن سان هلندڙ سندن پرڏيهي واپار متاثر ٿيو، پر سڄي الهندي يورپ جي ڪمزور ٿيڻ جو خطرو لاحق ٿي پيو. اهي ملڪ يورپي جاتيءَ  ۾شريڪ ٿي پنهنجي اقتصادي پاليسين ۾ گھڻي تبديلي ڪرڻ لاءِ به تيار نه هئا. خاص طور برطانيه جي ته حالت ئي ٻي  هئي، ڇاڪاڻ ته دولت مشترڪ جي ملڪن سان سندس واپاري تعلقات هئا، جيڪي سندس جاتيءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ٽٽڻ جو انديشو هئو. ڪجھ ٻين اولهه يورپي ملڪن به پنهنجي غير جانبدار حيثيت قائم رکڻ چاهي ٿي، انهيءَ ڪري اهي به جاتيءَ جي ميمبر ٿيڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. برطانيه ڪافي ڪوششون ڪيون ته جاتيءَ جي ميمبر ملڪن ۽ ”يورپي اقتصادي سهڪار ۽ ترقيءَ واري جماعت“ جي ٻين ملڪن درميان خوشگوار واپاري تعلقات قائم ٿين، پر اهي سڀ ڪوششون ناڪام ويون. آخرڪار ڪافي بحث مباحثي ۽ ڳالهين ٻولهين کان پوءِ يورپي اقتصادي سهڪار ۽ ترقيءَ واري جماعت جي ٻين ميمبر ملڪن مان ستن ملڪن آسٽريا، ڊينمارڪ، ناروي، پورچو گال، سوئيڊن، سوئيزرلئنڊ ۽ برطانيه گڏجي هڪ آزاد واپاري جماعت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.

يورپي آزاد واپاري جماعت واري لوڪاچار، جنهن کي عام طرح اسٽاڪهوم لوڪاچار سڏجي ٿو، سا 20 نومبر 1959ع تي ٿي، ۽ ميمبر ملڪن طرفان بحاليءَ جي اجازت ملڻ کان پوءِ 30 مئي 1960ع کان عمل ۾ آئي.

يورپي واپاري جماعت جا مقصد

(Objectives of E. F. T. A.)

هن جماعت جا هيٺيان مقصد آهن:*

 

(الف) جماعت واري ايراضيءَ اندر، ۽ هر ميمبر ملڪ اندر اقتصادي سڌارو آڻڻ، مڪمل روزگار مهيا ڪرڻ، وسيلن جي جائز استعمال ذريعي پيداوار وڌائڻ، مالي استحڪام قائم ڪرڻ ۽ ماڻهن جو معيار زندگي بلند ڪرڻ.

(ب) ميمبر ملڪن اندر صحتمند چٽاڀيٽيءَ هيٺ واپار کي قائم ڪرڻ.

(ت) جماعت واريءَ ايراضيءَ اندر ڪچي مال جي رسد جي حالت ۾، مختلف ميمبر ملڪن ۾ ٿيندڙ غيربرابريءَ کي دور ڪرڻ.

(ث) عالمي واپار جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ، ۽ ان تي پيل بندشن کي وڌندڙ رفتار سان دور ڪرڻ.

لوڪا چار جا شرط (The Terms of the Convention)

يورپ جي آزاد واپاري جماعت واري لوڪا چار جي مکيه شرطن جو تت هيٺ ڏجي ٿو.

(i) درآمدي محصول (Import Duties)

ميمبر ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي واپار تي وڌل محصولن ۾ لاٿ جي شروعات پهرين جولاءِ 1960ع ۾ 20 سيڪڙو لاٿ سان ٿي، ۽ وڌيڪ اٺ لاٿون هرهڪ 10 سيڪڙي جي ٿيندي رهندي، تان ته پهرين جنوري 1970ع تائين سمورن محصولن جو خاتمو ٿي وڃي.

(ii) بنيادي قانون ۽ ايراضي اندر محصول متعلق برتاءُ

(Rules of origin and Area Tariff Treatment)

جيئن ته يورپ جي آزاد واپاري جماعت، هڪ آزاد واپاري ايراضي آهي، تنهن ڪري انهيءَ ۾ ڪسٽم ٻڌيءَ وانگر هڪجھڙو بيروني محصول نه آهي، پر هر ميمبر ملڪ کي ڪلي اختيار آهي ته ٻاهرين ملڪن مان گهرايل مال تي پنهنجي مرضيءَ مطابق محصول مڙهي. لوڪاچار ۾ بنيادي قانون شامل آهن، جن هيٺ رڳو انهن شين تي محصولن جي رعايت ڏني ويندي، جيڪي ايراضيءَ اندر پيدا ٿين ٿيون. هن مان ظاهر آهي ته جيڪي شيون سموريون يا گهڻي قدر غير ميمبر ملڪن اندر پيدا ٿين ٿيون، تن جي گهرائڻ لاءِ محصول جون رعايتون نه ڏنيون وينديون، رڳو انهن شين تي رعايت ڏني ويندي، جيڪي هڪ ميمبر ملڪ طرفان ٻئي ميمبر ملڪ ڏانهن موڪليون وينديون ۽ هيٺين شرطن مان ڪنهن به هڪ جو پورائو ڪنديون:

(الف) اهي شيون سموريون جماعت جي ايراضيءَ اندر پيدا ڪيون وڃن.

(ب) اهي ڪنهن طريقهء ڪار سان ايراضيءَ اندر پيدا ڪيون ويون هجن.

(ت) جيڪڏهن غير ميمبر ملڪ مان گهرايل مال شيءِ جي ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي ته پوءِ اهو سندس برآمدي قيمت جي 50 سيڪڙي کان وڌيڪ نه هجي.

(iii) مقداري درآمدي پابنديون

Quantitative Import Restrictions

درآمدي پابندين جو خاتمو ڪوٽا جي مقدار ۾ وڌندڙ رفتار سان واڌ آڻڻ ذريعي ختم ڪيو ويندو. ميمبر ملڪ پهرين جولاءِ 1960ع تي ڪوٽا جو مناسب مقدار مقرر ڪندا ۽ پوءِ هر سال پهرين جولاءِ تي عالمي ڪوٽا ۾ اڳئين سال جي ڪوٽا جي ويهه سيڪڙي جيتري واڌ آندي ويندي.

ٻيا واپاري اُپاءَ Other Commercial Measures

لوڪاچار تحت واپار جي واڌاري لاءِ ٻيا به ڪيترائي واپاري اُپاءَ شامل آهن، جهڙوڪ: آمدنيءَ وارن محصولن ۽ اندروني محصولن ۾ بچاءَ واري جزي جو خاتمو آڻڻ ۽ برآمدي محصولن ۽ مقداري برآمدي پابندين جو جنوري 1962ع تائين خاتمو آڻڻ.

لوڪاچار جي دائره عمل جو لاڳو نه هجڻ

Exceptions to the Operation of the Convention

ڪن خاص حالتن ۾، جهڙوڪ: حفاظتي اسباب، ادائگيءَ جي توازن جون ڏکيائيون ۽ ميمبر ملڪن جي ڪن اقتصادي شعبن ۾ ڏکيائين جي ڪري اهڙن ميمبر ملڪن سان لوڪاچار جا ڪي به شرط لاڳو نه ٿيندا، يعني ته اهي انهيءَ جي دائري عمل کان مستثنى رهندا.

ادارتي جوڙجڪ Institutional Arrangement

جماعت جو مکيه ادارو ڪائونسل آهي، جنهن جي گڏجاڻي سرڪاري يا وزارتي سطح تي ٿي سگهي ٿي. هر ميمبر رياست کي ڪائونسل تي نمائندگي ڏنل آهي، ۽ هر هڪ کي رڳو هڪ ووٽ جو حق آهي، ڪائونسل لوڪاچار مطابق پنهنجون ڪارگذاريون ۽ اختيارات هلائيندي آهي، کيس اها به اختياري آهي ته پنهنجي ماتحت ٻيا به ادارا قائم ڪري، جيڪي کيس مدد ڪندا رهن. ازانسواءِ ڪائونسل فيصلا به ڏيندي آهي، جن تي عمل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪ ٻڌل آهن، فيصلا يا ته هڪراءِ ڪيا ويندا آهن يا وري اڪثريت راءِ سان، پر جيڪي مسئلا نين جوابدارين سان واسطو رکن ٿا، انهن جي حالت ۾ فيصلو يڪراءِ هجڻ گهرجي. ڪائونسل کي اختيار آهي ته سيڪريٽريٽ به قائم ڪري ۽ ڪم ڪار جو طور طريقو به ظاهر ڪري، ان کان علاوه کيس ٻين بين الاقوامي ادارن سان تعلقات قائم ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي.

لوڪاچار تي عمل پيرا ٿيڻ

Implementation of the Convention

ڪائونسل جي هفتي ۾ هڪ دفعو سرڪاري سطح تي گڏجاڻي ٿيندي آهي، جيڪا ميمبر ملڪن جي جنيوا ۾ مستقل نمائندن جي اڳواڻن جي وچ ۾ٿيندي آهي. وزارتي سطح تي ڪائونسل سال ۾ چار دفعا مختلف هنڌن تي ملندي رهي ٿي. ڪائونسل چار مستقل ڪميٽيون قائم ڪيون آهن، جهڙوڪ: ڪسٽم ڪميٽي، واپاري ماهرن جي ڪميٽي، بجيٽ ڪميٽي ۽ صلاحڪار ڪميٽي. ازانسواءِ خاص مقصدن لاءِ ڪيتريون ئي خانگي ڪميٽيون به مقرر ڪيون ويون آهن، ۽ اقتصادي ترقياتي ڪميٽيءَ لاءِ به بندوبست ڪيو ويو آهي.

جنيوا ۾ هڪ مستقل سيڪريٽريٽ آهي. جنهن ۾ اٽڪل 50 ڄڻن تي مشتمل عملو آهي، جن جي مٿان هڪ سيڪريٽري جنرل آهي. سيڪريٽريٽ ۾ ڪل پنج شعبا آهن. جهڙوڪ: واپاري پاليسيءَ وارو شعبو، عام ۽ قانوني معاملن وارو شعبو، اقتصادي شعبو، پريس ۽ معلومات وارو شعبو، ۽ انتظامي ۽ مالي شعبو.

يورپ جي آزاد واپاري جماعت ٻين ڪيترن ڌارين سرڪاري جماعتن سان تعلقات قائم ڪيا آهن. جهڙوڪ: اقتصادي سهڪار ۽ ترقيءَ واري جماعت،. محصولن ۽ واپار بابت عام ٺاهه وارو ادارو، بين الاقوامي ناڻي وارو فند، اقوم متحده جي علائقائي اقتصادي ڪميشن ۽ لاطيني آمريڪا جي آزادي واپاري ايراضي وغيره. اقتصادي سهڪار ۽ ترقيءَ واري جميعت جي قوانين مطابق ”يورپ جي آزاد واپاري جماعت“ جو سيڪريٽري جنرل يا ان جو نمائندو ”اقتصادي سهڪار ۽ ترقيءَ واري جماعت“ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو.

يورپ جي آزاد واپاري جماعت طرفان محصول جي لاٿ جي رفتار اٽڪل روءِ ساڳي يورپي اقتصادي جاتيءَ واري رکي ويئي آهي، محصولن ۾ ٻي لاٿ جنوري 1962ع ۾ آندي ويئي. 1962ع ۾ ٻه ٻيون به لاٿون، هر هڪ 10 سيڪڙي جون آنديون ويون. مطلب ته پنجن سالن بدران ڪل ٽن سالن جي عرصي اندر 50 سيڪڙو لاٿ آندي ويئي. اميد ڪئي پئي ويئي ته صنعتي سان تي جملي محصول 1966ع جي آخر تائين لاٿا ويندا، ۽ اهڙيءَ طرح مقرر وقت کان چار سال اڳ محصول ختم ڪيا ويندا.

يورپ جي آزدا واپاري جماعت جي ڪجهه ملڪن، مقرر وقت کان به اڳ ۾ مقداري درآمدي پابنديون ختم ڪيون آهن. برآمدي محصول ۽ برآمدي پابنديون 1962ع جي شروع ۾ ئي ختم ڪيون ويون. هن مان ثابت آهي ته آزاد واپاري ايراضي عملي طور صحيح ڪم ڪري رهي آهي، ۽ اڳتي هلي سندس ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ آساني ڪئي ويندي.


(1)  Kitzinger, U.W., “Challange of the Common Market”, p. 47. Quoted by Ellsworth, P.T., “The international Economy” 1964, p. 522

*  نوٽ: يورپ جي آزادي واپاري جماعت ۽ فنلئنڊ جي وچ ۾ هيلسنڪي منجهه 27 مارچ 1991ع ۾ هڪ ٺاهه ٿيو. جنهن هيٺ يورپ جي آزاد واپاري جماعت ۽ فنلئنڊ طرفان هڪ نئين آزاد واپاري ايراضي قائم ڪئي ويئي، جيڪا جون 1861ع کان عمل ۾ آئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org