سيڪشن؛علميات

ڪتاب: ڏاهون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :11

”جڏھن السيبيادس ڳالھائي بس ڪئي تھ سنس، ان بنا رک رکاءُ جي سڀ ڳالھيون چئي ڏيڻ تي سڀئي ويٺل ڏاڍو کليا. ڇو تھ ڏسڻ ۾ ائين آيو تھ ھي ھمراھھ اڃا تائين سقراط سان عشق ۾ گرفتار ھيو. پوءِ سقراط ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ”السيبيادس، تون تھ بلڪل باھوش آھين، نھ تھ ٻي صورت ۾ تون پنھنجو اصل مقصد لڪائڻ لا٣، پنھنجي ان ون ديوتا جي واکاڻ م اھا ايڏي ڊيگھھ پٽاڻ نھ ڪرين ھا ۽ ڄڻ آخر ۾ چيل ڳالھھ واقعي توکي اجھو ياد آئي ھجي. جڏھن تھ حقيقت ۾ تنھنجي تقرير جو مکيھ مقصد ۽ تنھنجي منشا، منھنجي ۽ اگيٿون جي وچ ۾ وئي وجھڻ آھي. تنھن جو مطلب اھو آھي تھ مان تنھنجو عاشق ھجان ۽ ٻئي ڪنھن سان بھ نھ، پر رڳو توسان پيار ڪريان ۽ اگيٿون تنھنجو ئي معشوق ھجي ۽ ٻيو ڪير بھ نھ پر رڳو تون ساڻس پيار ڪرين. پر تنھنجي ان ون ديوتا ۽ سائلينس ڊرامي جو پلاٽ پڌرو ٿي، پڪڙجي پيو آھي. منھنجا پيارا اگيٿون! کيس ان ۾ ڪامياب ٿيڻ نھ ڏجان پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ڪنھن بھ ماڻھو کي اڻبڻت ۽ ڦڪائي وجھڻ ۽ پاڻ ۾ جھيڙجي پوڻ کان پاسو ڪجان.“

”سقراط! تون بلڪل سچو آھين“ اگيٿون وراڻيو، ”مان تھ سمجھان ٿو تھ ھن جو تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ اچي ويھڻ جو مقصد بھ اھو ئي اسان کي ڌار ڪرڻ ھيو، پر ھي پنھنجي ان چال ۾ ڪامياب ٿي نھ سگھندو، جو مان اٿي، ايڏانھن تنھنجي پرئين پاسي اچي ويھان ٿو.“

”ھا، ھا، اچ- منھنجي ھن پاسي اچي ويھھ.“ سقراط وراڻيو.

”يا خدا!“ السيبيادس چيو“ ڏسو تھ سھي، ھي ھمراھھ مون سان ڪھڙو نھ ورتاءُ ٿو ڪري. ھن ڄن تھ ھتي ئي نھ پر ھر ھنڌ ۽ ھر ڀيري مون تي سوڀارو ٿيڻ جو پڪو پھھ ڪري ڇڏيو ھجي. ڀلا اي آزار! جي تون ائين راضي نھ ئي آھين تھ پوءِ مان توکي منٿ ٿو ڪريان تھ اگيٿون کي پرئين پاسي نھ پر گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ئي ويھڻ ڇڏ.“

”اھو ممڪن نھ آھي“ سقراط وراڻيو، ”ڇو تھ تون ھينئر ھينئر منھنجي واکاڻ ۾ ڳالھايو آھي. ۽ ھاڻي اھو منھنجو وارو آ تھ، مان وري پنھنجي ساڄي پاسي واري ھمراھھ جي ساراھھ ۾ ڳالھايان. سو جيڪڏھن اگيٿون تنھنجي مرضيءَ مطابق اتي اچي ويٺو تھ ھن کي وري ٻيھر منھنجي ساراھھ ڪرڻي پوندي ۽ ائين تقريرن جي ترتيب بگڙجي ويندي. جڏھن تھ واري مطابق اڳ ۾ مون کي ھن جي ساراھھ ڪرڻ گھرجي. سو منھنجي ڳالھھ مڃ ۽ منھنجي، سندس ساراھھ ڪرڻ تي ارھو نھ ٿي، ساڙ نھ ڪر، ۽ ھونئن بھ مون کي ھن جوانڙي جي ساراھھ ڪرڻ جي ڏاڍي سڌ آھي.“

”واھھ واھھ!“ اگيٿون رڙ ڪئي. ”السيبيادس مان تھ ھئي ھن گھڙيءَ ترسي ئي نھ ٿو سگھان. مون کي ھاڻي جو ھاڻي ضرور پنھنجي جاءِ مٽائڻي ئي پوندي، تھ جيئن سقراط طرفان ساراھھ جي سعادت ماڻيان!“

”سدائين ائين ئي ٿيندو آ، ”السيبيادس مان تھ ھتي ھن گھڙيءَ ترسي ئي نھ ٿو سگھان. مون کي ھاڻي جو ھاڻي ضرور پنھنجي جاءِ مٽائڻي ٿي پوندي. تھ جيئن سقراط طرفان ساراھھ جي سعادت ماڻيان.!“

”سدائين ائين ئي ٿيندو آ.“ السيبيادس وراڻيو، ”جتي سقراط ھجي، اتي ٻئي ڪنھن لاءِ ڪو بھ موقعو ڪونھي تھ ھو بھ ڪنھن خوبرو سان سر ملائي يا ياري رکي! ڏسو تھ سھي ھن ڪيئن نھ ات جو اتي اگيٿون کي پنھنجي پاسي ڪرڻ جو بظاھر ھڪ سچو بھانو ھٿ ڪري ورتو!“

اگيٿون، سقراط جي ڀرسان ويھڻ جي خيال کان اٿيو ئي مس تھ اوچتو ھڪ مست، البيلن ۽ نچڻن ٽپڻن جو ٽولو، جيڪو در وٽان پئي لنگھيو، سو گھر جو در کليل ڏسي – جيڪو شايد ٻاھر ويل ڪو ھمراھھ کليل ڇڏي ويو ھو- تنھن مان ٽپي اھي ڪمري ۾ اندر گھڙي آيا ۽ سڄي محفل جو مزو خراب ڪري، ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ائين رولو پئجي ويو ۽ ھل ھنگامو مچي ويو. ڪو بھ تسلسل برقرار رھي نھ سگھيو ۽ مجبورا سڄي سنگت کي جھجھي مئي پيئڻي پئجي وئي.“

ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ اريڪسيميڪس، فيڊرس ۽ ڪجھھ ٻيا ان گھڙيءَ ھليا ويا ۽ ھن کي پاڻ کي بھ ننڊ اچي وئي ۽ جيئن تھ سال جي انھن ڏھاڙن ۾ راتيون ڊگھيون ھيون. سو ننڊ جا ھڪ ٻھ سوپا ھڻي ورتائين. پرھھ ڦٽي مھل، ڪڪڙن جي ٻانگن تي اچي کيس جاڳ ٿي ۽ ھن ڏٺو تھ ٻي سڄي سنگت يا تھ وڃي چڪي ھئي يا ستي پئي ھئي. باقي رڳو ٽي ڄنا، ارسٽوفينز، اگيٿون ۽ سقراط جاڳي رھيا ھئا. ھو ھڪ وڏي صراحي منجھان پي رھيا ھئا، جيڪا ھنن واري تي کاٻي کان ساڄي پاسي پئي ڦيرائي ۽ سقراط ساڻن بحث ۾ رڌل ھيو. ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ ھو بحث  جو گھڻو حصو ياد نھ رکي سگھيو. جو اڃا کيس ننڊ جا جھوٽا اچي رھيا ھئا. باقي اھا ڳالھھ جيڪا ھو ياد رکي سگھيو، سا اھا تھ سقراط ٻين کي اھو مڃڻ لاءِ زوري ڀري رھيو ھو تھ مزاحيھتھ ناٽڪ لکندڙ، ڏک ڀريل ناٽڪ بھ ليک سگھي ٿو ۽ ھڪ قابل ڏک ڀريل ناٽڪ لکندڙ ھڪ ماھر مزاح نويس بھ ھوندو آھي. ھو ھن جي جواب ۾ بس ھائوڪار پئي ڪندا ويا، جو سندن اکيون ننڊ سان ڀريون پئي ويون ۽ ھو سندس دليلن ۽ بحث کي پوري ريت ۽ صحيح نموني نھ سمجھي رھيا ھئا. ائين پھريائين ارسٽوفينز ڦڙھھ ٿي سمھي رھيو ۽ پوءِ جڏھن سج ڪني ڪڍي چڪو ھو تھ اگيٿون کي بھ ننڊ کڻي وئي.

سو سقراط، ساڻس ٻنھي گفتگو ڪندڙن کي ائين ننڊ ڪرائي اٿي کڙو ٿيو ۽ ھلڻ لڳو ۽ ارسٽوڊيمز معمول مطابق سندس پويان لڳو. لائڪيم (30) وٽ ھن تڙ ڪيو ۽ پوءِ روزاني جي معمول مطابق سڄو ڏينھن گذاريائين ۽ شام جو آرام ڪرڻ لاءِ گھر ڏانھن راھي ٿيو. 

ڏاھيون ڏک ڏسن

 

(اپالاجي Apology)

تعارف

سقراط جي عدالت سقراط جي عدالت آڏو ڪيل ھن تقرير جو مفھوم ويچارن / فلسفي جي حوالي سان ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي پنھنجي مھاڳ ۾ مناسب لفظن ۾، بھترين انداز سان واضح ڪري چڪو آھي. پنھنجيءَ پر ۾، پنھنجي عقل مطابق، ان بابت جانٺا مان بھ ھنيا آھن. ”سقراط، سچ ، ڪوڙ ۽ مان“ ۾، خود ھيءَ تقرير ۽ ان جي پٺيان آيل حوالن ۽ وضاحتن ۾ گھربل وضاحتون موجود آھن، مان ھتي رڳو ھڪ ڳالھھ چوندس تھ سقراط تي فرياد ڪيئن ۽ ڪنھن داخل ڪيو.

سقراط تي اصل الزام لڳائيندڙ اينيٽس ھيو، جيڪو ھڪ سياستدان ھو. ھو پاڻ پردي جي پٺيان رھيو ۽ ھي ھڪ ٻئي ھمراھھ ميليٽس کي سمجھايو ۽ سيکاريو، جنھن اچي ڪيس داخل ڪيو تھ سقراط فلاڻي فلاڻن ڏوھن جو ڏوھاري آھي (ڇو تھ سقراط کان ڪجھھ ڪاوڙيل ميليٽس بھ ھيو). اينيٽس جيئن تھ حڪومت ۾ بااثر ھيو، ان ڪري سقراط خلاف الزامن ۽ ڪيس کي ھٿي ۽ حيثيت ملي ۽ ھن اڻڄاڻ (سقراط) کان ڄاڻي واڻي واقعي اھڙا عمل سرزد ٿيندا رھيا، جيڪي مٿانئس الزام ھڻندڙن جي خيال ۾ بدنيتيءَ تي ٻڌل ۽ سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ ھئا. نتيجي ۾ مٿس مقدمو ھليو ۽ کيس سزا ملي. اھو سڀ ڪجھھ ھڪ ۽ ساڳي ڏينھن ٿيو.

بلڪل اھڙا يا ڪجھھ اھڙا واقعا اڄ بھ ٿين ٿا.

 

ڏاھيون ڏک ڏسن

(اپالاجي (Apology

-اي اٿينس جا رھاوسيو! خبر نھ آھي تھ مون تي الزام لڳائيندڙن توھان کي ڪيترو متاثر ڪيو آھي، پر جيتري قدر منھنجي ڳالھھ آھي تھ سچ تھ ھنن ايتري تھ پرفريب انداز ۾ ڳالھايو آھي جو مون کان پاڻ کان ئي اھو وسري ويو آھي تھ مان آھيان ڇا؟- ۽ ايتري ھوندي بھ ھنن جيڪي ڪجھھ چيو آھي، تنھن ۾ ذرو بھ سچ ڪونھي ھنن جيڪي ڪوڙ ڳالھايا تن مان ھڪڙي تھ مون کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون، اھو اھو تھ توھان پاڻ سنڀالجو متان مون جھڙي پراثر ۽ ڀلوڙ ڳالھائني جي ڳالھين ۾ اچي ڌنارجي ۽ ٺڳجي نھ وڃو. مان سوچيان ٿو تھ ھنن کي اھڙو ڪوڙ ڳالھائيندي ۽ غلط بياني ڪندي ڪا لڄ، ڪو شرم بلڪل ئي نھ آيو. ڇو تھ کين خبر ھجي تھ ھو اجھو ئي ڪوڙا ثابت ٿيندا جڏھن مون ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ اھو واضح ٿيندو ويو تھ مون ۾ مقرر ھجڻ جو ذرو بھ ڏانءُ ڪونيھ- پر، ھا، جيڪڏھن پر اثر مقرر مان سندن مراد سنئون سڌو سچ ڳالھائيندڙ جي آھي تھ پوءِ ٺيڪ آھي- جيڪڏھن ھنن جو مطلب اھو ئي ھيو تھ پوءِ مان چوندس تھ مان ھڪ سٺو مقرر آھيان، پر انھن جھرو نھ، ڇو تھ جيئن مون اڳ بھ چيو تھ ھنن ھڪڙو اکر بھ سچ نھ ڳالھايو آھي. جڏھن تھ مون کان اوھان صرف سچ ئي ٻڌندؤ. جيتوڻيڪ انھن وانگر اڳ ۾ ئي ٺھيل ٺڪيل، موتين سان پوئيل مالھا جيان لڀائيندڙ اکرن ۽ انداز ۾ نھ، زيوس ديوتا جو قسم! مون کي ٿڏي تي ئي، دل ۾، جتان آيو ۽ جيئن آيو. تيئن ڳالھائيندو ويندس. ڇو تھ جڏھن مون يک پنھنجي مقصد، دڳ ۽ ويچارن جي سچائي ۾ يين آھي تھ پو٣ جملن جي جڙاءُ ۽ لفظن جي تڪرار ۾ پوڻ جو ڪھڙو ضرور؟- سو مون کان سچ کان سواءِ ٻي ڪنھن بھ شيءِ جي ڪا اميد نھ رکجو. اي اٿينس واسيو! پنھنجي عمر جي ھن حصي مان اوھان آڏو پاڻ کي ڪنھن نوجوان اسڪولي ڇوڪري وانگر، لفظن سان راند ڪندڙ جوشيلي مقرر وانگر پيش ڪري نھ ٿو سگھان.

ھا، معزز شھريو! مان اوھان کان ھڪڙي رعايت وٺڻ لاءِ ضرور عرض ڪندس، اھو تھ جي اوھان مون کي ان ئي لھجي ۾ ڳالھائيندي ب+و، جيئن بازار ۾ ھنڊي وارن (1) وٽ ڳالھائڻ جي ھير اٿم يا شھر جي ڪنھن گھٽ تي يا ڪنھن ٻئي ھنڌ جتي اوھان مون کي ٻڌو ھجي تھ پوءِ مھرباني ڪري انھيءَ سبب ڪري نھ ئي عجب ۾ پئجو ۽ نھ ئي منھنجي ڳالھائڻ ۾ رخنو وجھجو، حقيقت ھيءَ آھي تھ منھنجي عمر ستر سالن کان بھ مٿي ٽپي چڪي آھي ۽ پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيو آھيان، سو عدالت سڳوري ۾ ڳالھائڻ جي انداز، آداب ۽ طور  طريقن کان بلڪل اڻ واقف آھيان، تنھن ڪري مون کي اھڙو اجنبي سمجھندي معاف ڪري ڇڏجو، جيڪو پنھنجي اباڻي وطن جي ريتن ۽ رواج موجب عوامي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو ھجي. ڇا منھنجو عرض واجبي ناھي؟ تھ پوءِ اوھين ان جو فڪر نھ ڪريو تھ منھنجي ڳالھائڻ جو اندازو ڪھڙو آھي – جيڪو ڀلي سٺو ھجي يا نھ، پر اوھان صرف ان ھڪ ئي نقطي بابت سوچ ويچار ڪجو ۽ ان ڏانھن ئي پنھنجو سمورو ڌيان ڏجو تھ- منھنجا دليل واجبي آھن يا نھ، ھڪ منصف جو پھريون فرض ۽ خوبي اھا ئي آھي، جڏھن تھ ڳالھائيندڙ جو فرض وري اھو آھي تھ ھو سچ ئي ڳالھائي.

منھنجا سائين! منھنجي لاءِ بھتر ائين ٿيندو تھ پھريائين مان پنھنجي خلاف لڳايل پراڻين تھمتن ۽ پراڻن الزامن لڳائيندڙن جا جواب ڏيان ۽ پوءِ پوين الزامن ۽ الزام مڙھيندڙن جا، ڇو تھ اھڙا کوڙ ماڻھو آھن، جن ھڪ عرصي کان مون تي الزام ھڻي، اوھان کي ڀڙڪيو آھي. جڏھن تھ انھن الامن ۾ ڪا صداقت بھ ڪونھي. مون کي اينيٽس ۽ سنس ساٿارين (2) جي مقابلي ۾ انھن پراڻن کان وڌيڪ خوف ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ خطرناڪ ھي بھ اھي پر وڌيڪ خطرناڪ پراڻا آھن. ڇو تھ اھي اوھان جي ننڍپڻ کان وٺي ئي شروع ٿيا آھن ۽ اوھان جي زھنن تي ان وقت کان وٺي اثرانداز ٿيل آھن. سو بھ ڪوڙ تي ۽ اھو ٻڌائيندي تھ ”سقراط نالي ھڪڙو ھمراھھ آھي، جيڪو ڏاڍو سياڻو آھي، ھو مٿي آسمان جي ڳجھن جون ڳالھيون بھ ڪري ٿو تھ ھيٺ ڌرتيءَ جي گھراين ۽ رازن ۾ بھ وڃي پھتو آھي ۽ جيڪو غلط ڳالھين کي بھ دليلن ذريعي درست ثابت ڪري ٿو.“ اھي جيڪي منھنجي لاءِ اھڙا افواھھ ڦھلائين ٿا. سي منھنجي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ الزام تراش آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن جون اھڙيون ڳالھيون ٻڌندڙ اھو ئي يقين ڪري ويھندا تھ اھڙي قسم جا ماڻھو جيڪي ڄاڻڻ چاھين ٿا، کوجنا ڪرڻ چاھين ٿا، سي ڄڻ خدا جي وجود ۾ ايمان نھ ٿا رکن. ويتر ظلم اھو تھ اھڙا ماڻھو آھن بھ کوڙ ۽ انھن جا الزام بھ پراڻي وقت کان وٺي آھن ۽ اوھان کي اھي ان وقت ٻڌايا ويا جڏھن اوھان پنھنجي عمر جي ان حصي ۾ ھيؤ جڏھن ماڻھو ھر ڳالھھ جھٽ قبولي وٺندو آھي. جڏھن اوھان ٻار ھيو ۽ اوھان مان ڪي ڳڀرو جوان، تڏھن ھنن پنھنجي منشا ۽ مقصد، منھنجي غير حاضري ڪري حاصل ڪري ئي ورتو. وري ڏچو تھ اھو بھ آھي جو مون کي انھن جي نالن جي بھ خبر نھ آھي جو کڻي اوھان کي ٻڌايان. سواءِ ھڪ مزاحيھ ناٽڪ نويس جي (3) انھن جنھن وڏي ڪيني ۽ ساڙ وچان اوھان کي مڃرائي ورتو- انھن پھريون پاڻ کي پاڻ يقين ڏياريو ۽ مڃايو ۽ پوءِ ٻين کي – تن سان منھن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ڇو تھ انھن مان ڪنھن کي بھ نھ تھ ھتي عدالت ۾ آڻي سگھجي ٿو ۽ نتيجي طور نھ ئي کانئن آڏي پڇا ڪري کين ڪوڙو ثابت ڪري سگھجي ٿو. سو مون کي رڳو پاڇولن سيان ئي جھيڙڻو پوندو ۽ دليل ڏيڻا پوندا.

مان ان ڪري ئي اوھان کي بھ چوندس تھ توھان اھا ڳالھھ ذھن ۾ ويھاريو تھ مون تي الزام ھڻندڙ ٻن قسمن جا اھن، ھڪڙا ھي جن تازو مون تي الزام ھنيا آھن ۽ ٻيا پراڻا جن جو مون ھينئر ذڪر ڪيو. منھنجي خيال ۾ مان پھريائين پنھنجن پراڻن الزام ھڻندڙن جا جواب ڏيان. ڇو تھ اوھان الزام بھ اڳ ۾ انھن جا ئي ٻڌا آھن ۽ وڏي ڳالھھ تھ تون الزامن جي مقابلي ۾ جھجھي تعداد ۾، وقت بوقت ۽ گھڻي عرصي کان پڻ.

چڱو، تھ پوءِ مون کي کين جواب ڏيڻ گھرجي. مان ڪوشش ڪندس تھ ھن ٿوري وقت اندر ان بد گماني کي پاڙؤن پٽي ڦٽو ڪيان جيڪا منھنجي خلاف ڪنھن وقت کان وٺي اتي اوھان جي دلين ۾ گھر ڪري ويئي آھي ۽ ائين اوھان جي ذھن کي صاف ڪيان. مان چاھيندس تھ مون کيڪاميابي ٿئي جيڪڏھن اھا ڪاميابي منھنجي ڀلي لاءِ بھ ھجي ۽ اوھان جي ڀلي لاءِ بھ. مان اميد ڪندس تھ مون کي اھو مقصد حاصل ٿئي. پر مان سمجھان ٿو تھ اھو ڪم ايڏو سولو نھ آھي ۽ اھو ڪيترو ڏکيو آھي. تنھن جو اندازو بھ اٿم. بھرحال جيئن خدا کي منظور ھوندو ائين ئي ٿيندو. مون کي ھر حال ۾ قانون جي پوئواري ڪندي پنھنجي وڪالت شروع ڪرڻ گھرجي.

اچو تھ واپس شروعات ڏانھن ھلون ۽ اھو ڏسون تھ آخر اھي ڪھڙيون تھمتون ھيون جن جي ڪري ئي مون يک ھيءَ بدنامي پلئھ پئي آھي ۽ حقيقت ۾ ميليٽس کي بھ ھمٿايو آھي تھ اھي ئي الزام مون تي وري ھڻي، مقدمو قائم ڪري. اچو تھ ڏسون تھ مون تي الزام ھڻندڙ ڇا ٿا چون. مان عدالت ۾ داخل سندن بيان ۾ لڳايل الزامن کي ورجايان ٿو. ”سقراط ھروڀرو جي مداخلت جو ڏوھاري آھي. ڇو تھ آسمان جي اوچاين ۽ زمين جي گھراين ۾ شين بابت ڄاڻڻ گھري ٿو ۽ ڳجھن جي ڳولا ڪري ٿو. ھو غلط ڳالھين کي بھ دليلن سان صحيح ثابت ڪري وڃي ٿو ۽ وري اھي سموريون ڳالھيون ٻين کي بھ سيکاري ٿو.“ مون تي الزام ڪجھھ اھڙي قسم جا آھن ۽ اوھان پاڻ بھ ارسٽو فينز جي مزاحيھ ناٽڪ ۾ ائين ڏٺو آھي جنھن ۾ ھن ھڪ ڪردار سقراط جي نالي سان ڏيکاريو آھي جيڪو جھولا ٿو کائي ۽ چوي ٿو تھ ھو، ھوا تي گھمي رھيو آھي (4) ۽ اھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي واھيات ڳالھيون مون سان منسوب ڪيل آھن جن جي مون کي ٿوري تھ ڇا اصل ڪا خبر ئي ناھي- مون کي اھڙي قسم جي ڪائناتي علم جي ڄاڻڻ جي اھميت کان انڪار ڪونھي ۽ نھ ئي ڪنھن اھڙي ڏاھي کان ڪا نفرت اٿم جيڪو اھڙي ڄاڻ رکي ٿو.مون کي افسوس ئي ٿيندو، جيڪڏھن ميليٽس منھنجي خلاف اھڙو ڪو الزام ھڻي ٿو. پر اي اٿينس واسيو! سچ تھ اھو آھي تھ منھنجو اھڙي علم سان پري جو بھ واسطو نھ آھي. ھتي موجود ماڻھن منجھان ڪيترائي ان جي شاھدي ڏيندا ۽ مان کين اھڙي اپيل بھ ڪندس، تھ پوءِ اوھان اھي سڀئي ڳالھايو جن مون کي گفتگو ڪندي ٻڌو آھي ۽ توھان ۾ کوڙ ئي اھڙا آھن ۽ پنھنجي ڀرسان ٻين ويٺلن کي بھ ٻڌايو تھ اوھان ڪڏھن بھ مون کي انھن موضوعن تي ڪو ھڪڙو اکر، فقرو يا جملو ئي سھي، ڳالھائيندي ٻڌو آھي؟.... (ماڻھو سقراط جي حق ۾ شاھدي ڏين ٿا. سنڌيڪار)..... اوھان انھن جا جواب ٻڌا؟. ۽ مون تي لڳايل الزامن جي ھن حصي جي جواب ۾ ھي جيڪو چون ٿا پيا، ان مان ئي اوھان کي اھا خبر پئجي ويندي تھ مون تي لڳايل باقي الزامن ۾ بھ ڪيتري سچائي ھوندي.

حقيقت ۾ انھن الزامن ۾ ذرو بھ سچ ڪونھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن اوھان کي ائين بھ ٻڌايو آھي تھ مان پاڙھيندو بھ آھيان ۽ ان جي بدلي في بھ وٺندو آھيان تھ اھو بھ نسوري ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ناھي. پر ان ھوندي بھ مان اھ چوان ٿو تھ واقعي جي ڪنھن وٽ اھڙو علم، ھنر ۽ قابليت آھي تھ ھو ٻين کي سيکاري سگھي ۽ ان جي بدلي اجورو وٺي تھ پوءِ منھنجي خيال ۾ اھو ھن لاءِ وڏو اعزاز آھي ۽ اھڙا سافسٽ (5) آھن بھ. مثال طور ليونٽيم شھر وارو گورگياس، ڪوس جو پراڊيڪس ۽ ايلس جو ھپياس، اھي شھرن ۾ ھليا ٿا وڃن ۽ نوجوانن کي اھو بھ مڃائي ۽ ريجھائي ٿا وڃن جو ھو پنھنجي شھر واسين جي ان سنگت کي بھ ڇڏي ٿا ڏين. جيڪا کين مفت ۾ پاڙھي ٿي ۽ ھنن يارن سان اچي گڏجن ٿا، جن کي نھ رڳو في ڏين ٿا پر سندن ٿورائتا بھ ھجن ٿا.

مون کي معلوم ٿيو آھي تھ اڄڪلھھ اسان جي شھر اٿينس ۾ پئروس کان آيل ھڪ ڏاھو رھيل آھي. مون کي ان جي باري ۾ ھپانيڪس جي پٽ ڪيلياس وٽان خبر پئي، جنھن سافسٽن تي خزانا لٽائي ڇڏيا آھن. ھن کي ٻھ پٽ آھن. ”ڪيلياس“ مون ھن کان پڇيو، ”جيڪڏھن تنھنجا ٻئي پٽ کودڙا يا گابا ھجن ھا تھ اسان کي ڪنھن اھڙي ماڻھو جي ڳولھا ۾ تڪليف نھ ٿئي ھا، جيڪو سندن سار سنڀال لھي ھا. اسان ڪنھن سيس يا ھاريءَ کي کڻي وٺي اچون ھا ۽ ھو انھن کي سندن ٿھساب ڪتاب مطابق سکيا ۽ تربيت ڏئي ھوشيار ۽ تيار ڪري ھا. پر ھينئر جيئن تھ ھو انسان ئي آھن، سو تون سندن تربيت لاءِ ڪنھن ماڻھوءَ جي باري ۾ سوچيو آھي؟ ڇا سياسي ۽ سماجي وھنوارن ۽ انساني گڻن ۽ خصلتن جي سکيا لاءِ ڪو اھڙو ماھر آھي؟ تو ضرور ان جي باري ۾ سوچيو ھوندو، ڇو تھ آخر تون بھ پٽن جو پيءُ آھين. ڇا اھڙو ڪوئي ماڻھو آھي؟- يا ڪونھي؟ ”نھ، نھ. اھڙو آھي“ جواب ڏنائين. ”ڪير آ اھو“ مون پڇيو، ”ھن جو نالو ڇا آھي؟ ڪٿان جو آھي ۽ ھن جي في گھڻي آھي؟“ ”ھن جو نالو ايويناس آھي ۽ ھو پئروس کان آيل آھي ۽ ھن جي في گھڻي آھي؟“ ”ھن جو نالو ايويناس آھي ۽ ھو پئروس کان آيل آھي ۽ ھن جي في پنج مينا آھي.“ بختاور آھي ايويناس مون دل ۾ چيو جيڪڏھن واقعي ھن وٽ ڏاھپ ۽ فن آھي ۽ ايتري واجبي في ۾ پڙھائي ٿو. مان واقعي پاڻ ٻڌايان ۽ فخر ڪيان ھا چي مون کي بھ اھڙي ڄاڻ ھجي ھا. پر حقيقت ھيءَ آھي تھ مون وٽ اھڙي ڪا ڄاڻ ڪونھي.

توھان مان ضرور ڪو روڪي، مون کان ائين پڇندو ”پوءِ ڀلا سقراط تون آخر ڌنڌي ڪھري سان آھين؟ تنھنجي ٿان لڳايل تھمتون ۽ الام آخر آيا ڪٿان؟ جي ڪم سان ڪم رکين ھا تھ مڙيئي خير ٿي وڃي ھا. پر ضرور اھڙي ڪا مختلف قسم جي ڳالھھ آھي، جيڪا تون ڪندو رھيو آھيان. ڇو تھ اھي افواھھ ۽ ڳالھين جي جيڪا ڀرمار ۽ چؤپچؤ لڳي پئي آھي. ضرور تڏھن ئي شروع ٿي آھي، جو تون ٻين عام ماڻھن وانگر نھ آھين. سو ٻڌاءِ تھ آخر اھن جو سبب آھي ڇا- تھ جيئن اسان توڏانھن بھ بي خيالا ۽ بي پرواھھ ۽ غافل نھ رھون ۽ پنھنجي ليکي اٻھرا ٿي ڪجھھ ٻيو نھ سمجھي ويھون.“ ۽ اھو بلڪل واجبي آھي بھ جي ڪو ائين پڇي ٿو. پوءِ مان ڪوشش ڪندس تھ اوھان کي اھي سبب ٻڌايان جن جي ڪري مون کي ڏاھو بھ سڏيو وڃي ٿو ۽ مون کي اھا بدنام شھرت بھ ملي آھي، تھ پوءِ ڌيان سان ٻڌو. شايد توھان مان ڪو ائين سمجھي تھ مان ڀوڳ ٺڪاءُ ڪري رھيو اھيان، پر يقين ڪريو تھ مان جيڪو ڪجھھ چوندس، سو سمورو سچ ئي چوندس.

اي اٿينس جا باشندؤ! منھنجي ان شھرت جو ٻيو ڪو بھ سب ڪونھي. سواءِ ھڪ قسم جي ڏاھپ جي، جي اوھان مان ڪنھن پڇيو تھ ڏاھپ جو ڪھڙو قسم؟ تھ منھنجو جواب ھوندو ”اھا سنئين سڌي عام انساني ڏاھپ“ جيڪا ئي انسان وٽ ٿي سگھي ٿي. جڏھن تھ اھي مھان ڏاھا جن جو مون ھينئر ذڪجر ڪيو، انھن وٽ مافوق البشر ڏاھپ آھي، جيڪا عام انساني ڏاھپ ۽ شعور جي حدن کان ٻاھر آھي يا جنھن کي مان بيان ڪري نھ ٿو سگھان. ڇو تھ مون کي اھڙي قسم جي ڏاھپ بابت ڪا ڄاڻ ڪونھي ۽ جيڪڏھن ڪو چوي ٿو تھ مون کي آھي تھ ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي ۽ مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٿو ڳالھائي. (6).

معزز شھريو! مھرباني ڪر ھن وقت منھنجي ڳالھائڻ ۾ رنڊڪ نھ وجھجو. جي کڻي اوھان کي ائين سمجھھ ۾ اچي بھ تھ مان ڪا اڍنگي ڳالھھ ڪري رھيو آھيان يا ٻٽاڪ ٿو ھنان، پر مان جيڪا ڳالھھ چوندس سا منھنجي دلؤن جڙيل ناھي. آءٌ شاھدي طور اوھان کي ھڪ اعتبار جوڳي ھستي جو حوالو ڏيندس. مان پنھنجي ان ڏاھپ – جيڪڏھن واقع اھا ڏاھپ آھي تھ - ۽ ان ڏاھپ جي نوعيت بابت شاھدي طور ڊيلفي جي ديوتا (7) کي پيش ڪيان ٿو. توھان شيرفون کي تھ سڃاڻو. ھو منھنجو بھ ننڍپڻ کان دوست ھيو ۽ اوھان منجھان بھ گھڻن سان سنگت ھيس. جو ھو اوھان سان جلاوطني دوران بھ گڏ ۽ واپس موٽي اچڻ مھل بھ. توھان کي خبر آھي تھ شيرفون ھر ڪم ڪار ۾ ڪيڏونھ تڪڙو ۽ اٻھرو ھيو. ھو ھڪ دفعي ڊيلفي ڏانھن ويو ۽ وڏي جرئت سان اپالو ديوتا کان سوال ڪيائين- مھرباني ڪري گوڙ نھ ڪيو. جيئن مون اڳ ۾ بھ اوھان کي عرض ڪيو – ھن ان کان منھنجي باري ۾ پڇيو تھ ”ڇا سقراط کان وڌيڪ ڪو ڏاھو ڪو ماڻھو آھي؟“ الھام ۾ جواب مليو تھ نھ، ٻيو ڪو بھ ڪونھي.“ شيرفون تھ زندھ نھ آھي، پر سندس ڀاءُ اڄ ھتي عدالت ۾ موجود آھي ۽ ھو انھيءَ ڳالھھ جي تصدق ڪندو.

مان اوھان کي اھو قصو ڇو ٻڌايو؟ رڳو ان ڪري جو مان اوھان کي پنھنجي بدنامي جو اصلي ڪارڻ ٻڌائڻ چاھيان ٿو. مون جڏھن اھو جواب ٻڌو تھ پنھنجو پاڻ کان پڇيم. ”ديوتا جو ان مان ڇا مطلب آھي؟ ان پرولي جي معنيٰ ڇا آھي؟ ڇو تھ مون کي پوري ريت خبر آھي تھ مان بلڪل ڏاھو نھ آھيان، ڪنھن بھ معاملي ۾ پوءِ ٿورو يا گھڻو. پوءِ ھن جي ان چوڻ جو مطلب ڇا آھي تھ مان سڀني ماڻھن کان ڏاھو آھيان، جيئن تھ ھو ديوتا آھي. سو پڪ سان ھو ڪوڙ بھ نھ ٿو ڳالھائي سگھي، کيس قطعي طور ڪوڙ ڳالھائڻ ئي نھ گھرجي. ڪو وقت تھ مان ان جي معنيٰ تي سوچيندو رھيس. پر ڪجھھ ڪين وريو. نيٺ مان ان سوال کي آزمائڻ لاءِ، آخر ھڪ طريقو ڳولي ئي ورتو. مون سوچيو تھ ڪنھن اھڙي ڏاھي کي ڳولي ھٿ ڪيان، جيڪو مون کان وڌيڪ ڏاھو ھجي ۽ رڳو ائين ئي مان ديوتا کي ڪوڙو ڪري سگھان ٿو. سو، پوءِ وڃي کيس چوان ”اجھو ھي آھي اھو ماڻھو جيڪو مون کان وڌيڪ ڏاھو آھي، پر تون تھ چيو پئي تھ مان سڀني کان وڌيڪ ڏاھو آھيان.“

سو اھو خيال ڪري مان نڪري پيس ۽ ھڪ اھڙي ھمراھھ وٽ وڃي پھتس، جنھن جي ڏاھپ جي ڏاڍي ھاڪ ھئي. جڏھن مون ان ماڻھو کي پرکيو – ھن يار جي نالي ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ڪونھي. پر ھو ھڪ سياستدان ھيو- تھ منھنجي تجربي ڪجھھ ھيئن ٻڌايو. مون جڏھن ھن سان گفتار شروع ڪئي تھ مون کي لڳو تھ جيتوڻيڪ ھو ٻين گھڻن لاءِ ڏاھو ھيو ۽ خاص ڪري پنھنجيءَ پر ۾ پاڻ کي مھا ڏاھو پئي سمجھيائين. پر اصل ۾ ڏاھو ھيوئي ڪونھ. ۽ پوءِ جڏھن مان ھن کي اھو ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ جيتوڻيڪ ھن پنھنجو پاڻ کي ڏاھو پئي ڄاتو. پر حقيقت ۾ ھو ڪو نھ ھيو تھ نتيجو ڇا نڪتو تھ اٽلندو ھو مون تي ڪاوڙجي پيو ۽ مون کان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ ٻيا جيڪي اتي موجود ھئا، تن منجھان بھ ڪيترائي منھنجا دشمن بنجي پيا. خير مان ھن کان موڪلائي موٽڻ لڳس. مون دل ۾ چيو، مان ھن کان وڌيڪ ڏاھو آھيان. اصل م حقيقت تھ ھيءَ آھي تھ اسان ٻنھي مان ڪنھن کي بھ سونھن ۽ سٺائي بابت ڪا ڄاڻ ڪونھي پر ھو سمجھي ٿو تھ ھو ڄاڻي ٿو تھ جڏھن ھقيقت ۾ ھو ڪجھھ نھ ٿو ڄاڻي. جڏھن تھ مان نھ ئي ڄاڻان ٿو ۽ نھ ئي اھو سمجھان ٿو تھ مان ڪو ڄاڻان ٿو، سو مان ان خسيس فرق ڪري ئي ھن کان ڏاھو آھيان تھ، مان اھو ڄاڻان ٿو تھ مان ڪجھھ بھ نھ ٿو ڄاڻان.

ان کان پوءِ مان ٻئي ھمراھھ وٽ ويس، جنھن اڳين کان بھ وڌيڪ ڏاھي ھجڻ جي دعويٰ پئي ڪئي. ۽ مونکي وري بھ ساڳيو تجربو ٿيو. رھندوسھندو ھڪ ٻيو دشمن بھ پيدا ڪري ورتم ۽ ان ان گڏ ڪيترائي ٻيا بھ. ان بعد مان ھڪ کانپوءِ ٻئي وٽ ويندو رھيس. جيتوڻيڪ سمجھيم پئي تھ ائين ڪندي، مون پنھنجي لاءِ وڏي دشمني پيدا ڪري ورتي آھي. اھڙي صورتحال ۾ مان ڪنھن پل ۾ دلگير بھ پئي ٿيس تھ خوف ۽ ڏک بھ پئي ٿيو. پر مون سوچيو تھ اھو منھنجي مٿان لازم آھي تھ ديوتا جي الھام کي اھميت ڏيان. مون دل ۾ چيو: مون کي انھن سڀني وٽ وڃن گھرجي، جيڪي بھ ڄاڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ الھام جي معنيٰ ڳولي ڪڍجي. ۽ مان توھان آڏو قسم سان ٿو چوان تھ اي اٿينس واسيو!- مون کي ڪتي جو قسم آ (8)- ڇو تھ مونکي، اوھان کي سچ ئي ٻڌائڻ گھرجي. مون کي ڪجھھ ھيئن تجربو ٿيو:

پنھنجي جاچ جوچ دوران مون ڏٺو تھ جن پنھنجي مھا ڏاھي ھجڻ جي دعويٰ پئي ڪئي. سي نسورا ڄٽ نڪتا. جڏھن تھ اھي جن جي ھاڪ تھ گھٽ ھئي، پر انھن وٽ اڃا سرس ڄاڻ ۽ ذھانت ھئي. مان اوھان کي پنھنجن انھن مسافرين جا احوال ڏيندس، جن کي مان ”ھر ڪولس وارا پورھيا“ چوندس. ڇو تھ مون اھي جاکوڙن ۽ رولھڙا ان ڪري ئي ڪيا تھ جيئن ان الھام جي سچائي ۾ باقي ڪو شڪ شبھو نھ رھي. سياستدانن کان پوءِ مان شاعرن وٽ ويس. مرثيا لکندر، دلڪش ۽ جذباتي گيت ۽ ٻين سمورن قسمن جي شعر لکندڙن وٽ، مون اھو پئي کسوچيو تھ ڄاڻ ئي مان پڌرو ٿي پيس. ڇو جو مان ان معاملي ۾ ان ڄاڻ ھئس. مان سندن شعرن منجھان ڪجھھ اھڙا چونڊي کنيا، جيڪي انھن وڏي محنت سان لکيا ھئا ۽ کانئن انھن جي معنيٰ پڇيم، اھا بھ اميد رکيم تھ، انھيءَ بھاني سان ساڳئي ئي وقت ڪجھھ سکي پوندس. توھان مون تي يقين ڪندؤ؟ صاحبو! مان اوھان کي سچ ٻڌائيندي بھ ڏاڍو لڄي ٿو ٿيان (1). پر مون کي ضرور ٻڌائڻ گھرجي. اتي موجود سڀئي ماڻھو، سواءِ ڪو ھڪ اڌ جي، انھن شعرن جي معنيٰ ۽ مطلب شاعرن کان وڌيڪ بھتر سمجھاڻي سان سمجھائي سگھيا. مون اھو محسوس ڪيو تھ اھي پنھنجا شعر پنھنجي ڄاڻ ۽ ڏاھپ جي بنياد تي نھ ٿا لکن. پر ڏات يا الھام جي بنياد تي. جيئن ڪيترائي اولياءَ ۽ پيغمبر، جيڪي ڪيتريون ئي نصيحتون ۽ حڪمت ڀريون سھڻيون سھڻيون ڳالھيون چوندا تھ آھن، پر کين انھن ڳالھين جي معنيٰ جي خبر بھ نھ ھوندي آھي. مون کي شاعرن جي حالت بھ ڪجھھ اھڙي ئي ڏسڻ ۾ آئي. مون اھو بھ ڏٺو تھ ھو پنھنجي شاعريءَ جي بنياد تي. پاڻ کي ڪيترينئي ٻين موضوعن ۽ مضمونن ۾ بھ مھاڏاھو ۽ ڪامل سمجھڻ لڳا ھئا. جيتوڻيڪ کين انھن ميدانن ۾ ذري جي بھ ڄاڻ ڪو نھ ھئي. سو مان اتان بھ اٿي روانو ٿيس. اھو سمجھندي تھ مان انھن کان مٿانھون آھيان ۽ انھن ئي سببن جي ڪري، جن جي بيناد تي مان سياستدانن کان مٿانھون ھيس.

آخر مان ھنرمند ۽ ڪاريگرن وٽ ويس. مون پوري ريت ڄاتو پئي تھ مون کي انھن ميدانن ۾ ڪا ڄاڻ ڪانھي ۽ پڪ ھيم تھ ھنن ڪيتريون ئي بھتر شيون ڄاتيون پئي. ھن ڀيري تھ مون کي اھو يقين ھيو تھ مان ڀليل نھ آھيان ڇو تھ ھنن کي گھڻين اھڙين ڳالھين جي خبر ھئي جن کان بلڪل اڻ واقف ھيس ۽ انھيءَ ڪري ھو مون کان وڌيڪ ڏاھا بھ ھئا. پر جيوري جا صاحبو! سٺن ڪاريگرن ۾ اھا ئي خرابي ھئي، جيڪا شآعرن ۾ ھئي، انھن مان ھر ھڪ جيئن تھ پنھنجي فن ۾ ماھر ھيو، ان ڪري اھو بھ پئي سمجھيائين تھ ٻين تمام اھم ميدانن ۾ ۽ ڌنڌن ۾ بھ ماھر آھي، جن سان سندس واسطو بھ نھ ھيو. سندن ان خامي، انھن جي اصلي ۽ حقيقي ڏاھپ کي بھ لڪائي، غير اھم پئي بڻائي ڇڏيو. مان پنھنجي اندر کان پاڻ ئي ان الھام جي پاران پڇيو، ڇا مان جھڙو بھ آھيان اھڙو ئي ھجان، نھ ئي ڏاھو انھن جھڙي ڏاھپ سان ۽ نھ ئي اڻڄاڻ انھن جھڙي اڻڄاڻائي سان، يا انھن وانگر اھي ٻئي ھجنک. (يعني ھجان نادان، سڏايان داناءُ). ۽ منھنجي اندر مون کي ۽ ان الھام کي اھو جواب ڏنو تھ منھنجي لاءِ اھو ئي بھتر آھي تھ مان جھڙو آھيان، اھرو ئي رھان.

منھنجا سائين! منھنجي ان پڇا ڳاڇا ۽ تحقيق منھنجي لاءِ بدترين ۽ خطرناڪ دشمن پيدا ڪيا آھن ۽ وڏي بدنامي بھ ملي اٿم. ۽ مون کي ڏاھو سمجھيو ٿو وڃي، جو منھنجي ٻڌندڙن سدائين ائين پئي سمجھيو آھي تھ مون وٽ اھا ڏاھپ آھي، جيڪا مون سان بحث ۽ گفتگو ڪندڙن ۾ کٽل آھي ۽ جنھن جي بنياد تي مان سندن ڏاھپ جي معنيٰ کي ڪوڙو ڪري سندن ناداني ظاھر ڪري ٿو وجھان. پر اٿينس واسيو! سچ تھ اھو آھي تھ ڏاھو فقط خدائي آھي ۽ ھن جي ان الھام يا اشاري جو مطلب اھو ئي ھيو تھ انساني ڏاھپ جي حيثيت ۽ وقعت ٿوري يا ڪجھھ بھ ناھي.“ جڏھن ھو چوي ٿو تھ ھي سقراط – تھ منھنجو نالو رڳو مٿال طور استعمال ڪري ٿو. ڄڻ ھينئن چوندو ھجي تھ، ”اي انسانو! اوھان مان اھو سڀني کان ڏاھو آھي، جيڪو سقراط وانگر اھو ڄاڻي ٿو تھ ڏاھپ جي نسبت ۽ ھوالي سان ھو بلڪل بيڪار ۽ ڪجھھ بھ نھ آھي.“ ۽ ان ڪري مان ان الاھي فرمان جي فرمانبرداري ڪندي، اڃا بھ پنھنجي تحقيق جاري رکيو اچان ۽ چؤگرد دنيا ۾ اھڙن انسانن جي ڳولا ۾ آھيان، جيڪي ڏاھا ليکجن ٿا. پوءِ ڀلي اھي ھتان جا شھري ھجن يا پرديسي، مان سندن ڏاھپ کي پرکيان ٿو ۽ جي ھو ڏاھو نھ آھي تھ پوءِ ان غيب جي ڪلام جي سچائيءَ کي ثابت ڪندي، کيس ٻڌايان ٿو تھ ھو ڏاھو نھ آھي، پنھنجي ان ڪرت ۾ مان ايتور ھت مشغول رھان ٿو جو نھ ئي مون کي وقت آھي تھ عام خلق جي ڪنھن وھنوار ۾ ھجان.“ يا کڻي پنھنجي ئي ڪا سنڀال لھان ۽ خيال رکان. سو خدا جي بندگي ۾ ھجڻ جي ڪري ئي اھڙي انتھائي غربت واري حال ۾ آھيان.

منھنجي بدنامي ۽ ناپسنديدگي جو ھڪڙو ٻيو بھ سبب آھي، اھو اھو تھ شاھوڪار پيئرن جا نوجوان پٽ، جيڪي ون سان سنگت ڪن ٿا، سي پنھنجي مرضيءَ سان ئي مون ڏانھن اچن ٿا، ڇو تھ کين واندڪائي بھ گھڻي آھي ۽ جڏھن ھو ماڻھن کان سوال جواب ۽ پڇا ڳاڇا ٿيندي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا تھ ڏاڍو خوش ٿين ٿا ۽ مزو وٺن ٿا. ايتري قدر جو ھو اڪثر منھنجي اھل ڪن ٿا ۽ وڃي ٻين کان ان ئي انداز ۾ آڏي پڇا ۽ سوال جواب ڪن ٿا. ھنن کي پنھنجي ان شغل لاءِ کوڙ اھڙا ھمراھھ ھٿ لڳي ٿا وڃن، جيڪي پنھنجي پر ۾ تھ وڏا ڏاھا آھن، پر ڄاڻن ڪجھ بھ نھ ٿا ۽ اھي ھمراھھ جن سان ھو ٻحث مباحثو ۽ سوال جواب ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ تي ڪاوڙ کائڻ بدان، اٽلندو مون تي ڪاوڙجي ٿا پون. چئي: ”اھا برائي، اھا نھ جيڪا وبا سقراط نالي سان آھي، تنھن ئي نوجوانن کي بگاڙيو آھي.“ ۽ جڏھن ڪو ھنن کان پڇي ٿو تھ ڀلا ھو کين بگاڙڻ لاءِ ڪري ڇا ٿو، سيکاري ڇا ٿو تھ اتي سندن وات سبجي ٿا وڃن، ڇو تھ اھو تھ کين سمجھھ ۾ ئي نھ ٿو اچي. پر ان ڪري جو پڇندڙ مٿان اھو سمجھي ۽ سھي ڪري وڃي تھ يار اچي ڦاٿا ۽ سوڙھا ٿيا آھن، سو اڳ ۾ ئي ٺھيل ٺڪيل الزام، جيڪي سڀني فلسفين لاءِ ھميشه کان تيار ٿيا پيا ھوندا آھن، سي ورجائڻ شروع ٿي ويندا آھن تھ ”آسمان جي اوچاين ۽ ڌرتي جي گھراين ۽ انھن جي ڳجھن ۾ ھٿ ٿو ھڻي“ ”خدائن کي نھ ٿو مڃي“، ”خراب ڳالھين کي بھ ائين ٿو ٺاھيو وڃي جو اھي سٺيون ٿيون لڳن.“ پر ھو ڪڏھن بھ اھا سچي نھ ٿا ڪن تھ سندن نام نھاد ڏاھپ ظاھر ٿي پئي آھي، سڳ سوڌي چور جيان پڪڙجي پيا آھن- اھڙا ھمراھھ آھن بھ گھڻا ۽ برجستا ۽ شوخ بھ آھن، جن پنھنجن ترڪتالن، چاپلوسي ۽ رنگ ڍنگ سان منھنجي خلاف کڻي جنگ جوٽي آھي ۽ ڪنھن وقت کان وٺي، منھنجيءَ گلا سان اوھان جا ڪن ڀريا اٿائون ۽ انھن سببن ڪري ئي ميلٽيس، اينٽيس ۽ لائڪون منھنجي خلاف ٿي بيٺا آھن.

ميليٽس مون سان جھيڙڻ آيو آھي شاعرن جي پاران، اينيٿس ڪاريگرن ۽ سياستدانن جي پاران ۽ لائڪون مقررن جي پاران ۽ جيئن مون شروعات ۾ بھ چيو تھ منھنجي لاءِ اھو ڏاڍو ڏکيو آھي جو ھيترين سارين تھمتن ۽ بدنامين کان، ھت ٿوري وقت ۾ چند ڇڏائي سگھان. اٿينس واسيو! اھو ئي سچ ۽ سمورو سچ آھي. مون ڪنھن بھ ڳالھھ تي ڪک نھ رکيا آھن، ڪجھھ بھ نھ لڪايو آھي. مان ڄاڻان ٿو تھ منھنجي ان ئي رويي، ان بنا رک رکاءُ جي ڳالھائڻ، منھنجي خلاف نفرت پيدا ڪئي آھي ۽ انھن جي اھا نفرت ئي ان جو ثبوت آھي تھ جيڪي ڳالھايان ٿو سو سچ ئي آھي – انھيءَ ڪري ئي منھنجي بدنامي ٿي آھي ۽ ان جا سبب بھ اھي ئي آھن، جيڪي مون ٻڌايا. توھان ھاڻي يا مستقبل ۾، جڏھن بھ جانچ ڪئي تھ توھان کي اھي ئي ساڳيا سبب معلوم ٿيندا.

مون کي پنھنجن پراڻن الامن لڳائيندڙن طرفان لڳايل الامن جي جواب ۾ بس اھو ئي چوڻو ھيو. ھاڻي مان پوين الزام ھڻندڙن جي الزامن جا جواب ڏيندس. انھن جو مک ميليٽس آھي، جيڪو پنھنجو پاڻ کي اصول پرست ۽ سچو محبِ وطن سڏائي ٿو، مان ھن کي بھ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. اچو تھ ھڪ دفعو وري ھنن پاران عدالت ۾ داخل دستاويز پڙھي ڏسون تھ ڇا ٿا چون، ڄڻ ھي بلڪل نوان ۽ ٻيا الزام لڳائيندڙ ٿي آيا آھن. ان ۾ ڪجھھ ھيئن چيل آھي ”سقراط نوجوانن کي بگاڙڻ جو ڏوھاري آھي. ھو رياست جي موجوده ديوتائن کي نھ ٿو مڃي، پر پنھنجا نوان ديوتا ٺاھيا اٿس. اھڙي ئي قسم جا الزام آھن. ھاڻي اچو تھ انھن جو لفظ بھ لفظ جائزو وٺون.

ھو چوي ٿو تھ مان نوجوانن کي بگاڙڻ جو ڏوھاري آھيان، پر معززو! مان چوندس تھ ميليٽس ڏوھي آھي. ان ڪري تھ ھو معاملن ۾ ڏيکاءُ طور پاڻ کي سنجيده ظاھر ڪندو آھي. پر اصل ۾ مسخري ڪندو آھي. ھو ماڻھن کي ھروڀرو عدالت ۾ گھليندو آھي ۽ انھن ڳالھين ۽ معاملن ۾ وڏي چاھھ ۽ اتساھھ جو ڏيکاءُ ڏيندو آھي. جن لاءِ ھن – سچ تھ ڪڏھن بھ، ذرو بھ خيال ۽ چاھھ ڪو نھ ڏيکاريو آھي. ۽ مان ثابت ڪندس تھ واقعي اھو ائين آھي.

ميليٽس، ھيڏانھن منھنجي سامھون اچي بيھھ ۽ مون کي ھن سوال جو جواب ڏئي، ڇا توکي واقعي ان جو ڏاڍو اونو آھي تھ اسان جا نوجوان بھتر کان بھتر ھجن؟

ھائو مون کي آھي.

تھ پوءِ ڀلا جج صاحبن کي ٻڌايو تھ انھن جو سڌاريندڙ ڪير آھي؟ ظاھر آ تھ توکي تھ خبر ھوندي، توکي انھن جو اونو جو آھي ۽ جيئن تون چوين ٿو تھ تون ان ھمراھھ کي بھ ڳولي لڌو آھي – يعني مون کي – جيڪو کين بگاڙي ٿو ۽ مون کي ھتي عدالت ۾ ڇڪايو بھ اٿئي ۽ الام بھ لڳايا اٿئي. ڪڇ ڀلا - ۽ ججن کي ٻڌاءِ تھ سندن سڌاريندڙ ڪير آھي؟ (ميليٽس ائين ڪجي جيئن ڀت).... ميليٽس، ڏسندو وڃجان تو واري وات کي مھر لڳي وئي آھي. ڇو تھ تو وٽ چوڻ لاءِ ڪجھھ آھي بھ تھ ڪونھ. ڇا تنھن جي اھا چپ، تنھنجي لاءِ شرم جي ڳالھھ ۽ منھنجي لاءِ مناسب ثبوت نھ ٿيندو. ان ڳالھھ جو جيڪا مون اڳ بھ چئي تھ توکي ھن معاملي سان حقيقت ۾، ڪو بھ چاھھ ڪونھي. منھنجا پيارا ٻڌاءِ نھ تھ اسان جي نوجوانن جو سڌاريندڙ ڪير آ؟

قانون.

پر منھنجا سائين! اھو تھ منھنجي سوال جو جواب ئي ناھي، مون ائين پئي پڇيو تھ اھو ڪھڙو ”ماڻھو“ آھي، سو ٻڌاءِ تھ اھو ڪھڙو ماڻھو آھي، جيڪو قانون ڄاڻي ٿو؟

”ھي جج صاحب سقراط – جيڪي ھتي عدالت ۾ موجود آھن.“

تنھنجي چوڻ جو مطلب ڇا آھي؟، ميليٽس اھي نوجوانن کي پاڙھي ۽ سڌاري سگھن ٿا؟

ھائو يقينا.

ڇا اھي سڀئي يا انھن مان رڳو ڪجھھ ڄڻا ۽ ٻيا نھ.

اھي سڀئي.

تو تھ سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي! پوءِ تھ ھتي سڌاريندڙن جا انبوھھ لڳي ويا. ڀلا تنھنجو ھنن حاضرين جي باري ۾ ڇا خيال آھي؟ ڇا اھي بھ کين سڌارين ٿا؟ اھي بھ کين سڌارين ٿا.

۽ ڀلا ڪائونسلر / سينيٽر بھ؟

ھائو اھي بھ.

پوءِ شايد اسيمبلي ميمبر کين بگاڙين ٿا – يا اھي بھ کين سڌارين ٿا؟

اھي بھ کين سڌارين ٿا.

پوءِ اھو ائين ٿو لڳي تھ ڄڻ سڄو اٿينس نوجوانن کي سڌاري ۽ سلجھائي ٿو. سواءِ منھنجي، مان اڪيلو ئي آھيان، جيڪو کين بگاڙيان ٿو. ڇا تنھنجو مطلب اھو آھي؟

منھنجو مطلب بلڪل اھو ئي آھي.

ڪيڏا نھ برا نصيب چئبا منھنجا! ھاءِ ھاءِ! ميليٽس تو تھ منھنجي وڏي ۾ وڏي بدنصيبي ڳولي ورتي. خير – مون کي ڀلا ھن سوال جو جواب ڏي، ڇا تنھنجي خيال ۾ اھو گھوڙن تي بھ لاڳو ٿئي ٿو تھ انھن کي سمورا ماڻھو سڌارين ٿا ۽ رڳو ھڪڙو ڄڻو ئي انھن کي بگاڙي ٿو؟ ڇا سچ ان جي بلڪل ابتڙ نھ آھي؟ اھو ھي تھ ھڪ ڄڻو يا ڪي ٿورا ڄڻا، انھن کي سکيا ڏيندڙ (سيس) ھوندا آھن. جڏھن تھ اڪثريت ماڻھن جي، جن کي اھي استعمال ۽ ڪم ڪار لاءِ ڏنا وڃن تھ اھي انھن کي بگاڙي ڇڏيندا. ڇا ميليٽس اھو اين ناھي، پوءِ کڻي گھوڙا ھجن يا ڪي ٻيا جانور؟ - يقينا اھو ائين ئي آھي، ڀلي کڻي ”تون ۽ اينيٿس“ ھا، ڪيو يا ”نھ“. سچ پچ تھ نوجوانن جي اھا ڪيڏي نھ خوشنصيبي چئبي، جي کين بگاڙڻ وارو رڳو اڪيلو، ھڪڙو سر ھجي، جڏھن تھ ٻئي پاسي کين سڌارڻ لاءِ ساري دنيا ھجي!

ميليٽس،  تو بلڪل واضح ڪري ڇڏيو تھ تون نوجوانن لاءِ ھڪ گھڙي لاءِ بھ نھ سوچيو آھي، تنھنجي لاپرواھي ان مان ئي ظاھر آھي تھ تون انھن ڳالھين بابت بھ لاپرواھھ آھين، جن جي بنياد تي تون مون کي ھتي عدالت ۾ وٺي آيو آھين.

۽ ھاڻي مان توکان ھڪ ٻيو سوال پڇندس – ميليٽس خدا کي مڇ ڏيان ڏئي ٻڌ، ڇا ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ٿيندو تھ ھو سٺن شھرين سان گڏ رھي يا خراب ۽ مڪار شھرين جي وچ ۾ ھجي؟- ٻڌاءِ منھنجا سائين! مون توکان ڪو ڏکيو سوال نھ پڇيو آھي. ڇا پنھنجي پاڙيسرين سان، سٺا ماڻھو سٺائي ۽ بڇڙا ماڻھو بڇڙائي سان پيش نھ ٿا اچن؟

بيشڪ.

۽ ڀلا اھڙو ڪو انسان ھوندو، جيڪو ائين چاھيندو ھجي تھ ھن جا سنگتي کيس فائدي بجاءِ جوکو رسائين؟ منھنجا مٺا دوست جواب ڏي. ڇو تھ قانون توکي جواب ڏيڻ لاءِ پابند ڪري ٿو. ڇا اھڙو ڪو آھي، جيڪو ائين چاھي تھ کيس نقصان رسي؟

نھ، بلڪل نھ.

۽ ڀلا، جڏھن تون مون تي الزام ھڻين ٿو تھ آءٌ نوجوانن کي بگاڙيان ۽ خراب ڪيان ٿو، تھ تنھنجو ڇا مطلب آھي تھ آءٌ اھو ڄاڻي واڻي ڪيان ٿو يا اڻڄاڻائيءَ ۾؟

بلڪل اھو سڀ ڪجھھ ڄاڻي واڻي ڪرين ٿو.

ميليٽس پوءِ ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ ڇا تون پنھنجي ننڍي عمر ۾ ئي ايترو سياڻو آھين، جو اھو سچ سمجھي سگھين ٿو تھ سٺا ماڻھو پنھنجي سنگت سان سٺائي ۽ بڇڙا ماڻھو ساڻن بڇڙائي ڪن ٿا ۽ مان ڄن تھ اس ۾ وار اڇا ڪيا ھجن. جو پيرسنيءَ ۾ بھ ايترو تھ اونداھي ۽ جھالت ۾ ھجان، جو اھ بھ سمجھي نٿو سگھان تھ مان جنھن سنگت سان گڏ آھيان، ان کي جي جوکم رسايم تھ اھي بھ موٽ ۾ مون کي نقصان پھچائي سگھن ٿا. ۽ جھالت جي اھا انتھا چئبي جو، تنھنجي چواڻي تھ اھو سڀ ڪجھھ ڄاڻي واڻي ويٺو ڪيان. ڀلا راڻا!- ميليٽس، نھ ئي مان ۽ نھ ئي ڪو ٻيو تنھنجي اھڙي سوچ ۽ ڳالھھ تي پت ڪندو. يا تھ مان نوجوانن کي بگاڱڙيان ئي ڪو نھ ٿو يا جيڪڏھن کين بگاڙيان ٿو تھ پوءِ اھو اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي ڪيان ٿو ۽ تون ٻنھي صورتن ۾ ڪوڙوٿو ٽئين. ھاڻي جيڪڏھن مون انھن کي اڻڄاڻائي ۾ بگاڙيو آھي تھ قانون توکي ان جي اجازت نھ ٿو ڏئي تھ ماڻھن کي اڻڄاڻائي ۾ بگاڙيو آھي تھ قانون توکي ان جي اجازت نھ ٿو ڏئي تھ ماڻھن کي اڻڄاڻائيءَ وچان ٿيل غلطين جي ڪري کين عدالت ۾ وٺي اچجي. پر کين پنھنجي منھن وٺي وڃي سمجھائجي. سيکارجي ۽ سٺن ڪمن لاءِ تاڪيد ڪجي، ڇو تھ جيڪڏھن مون کي بھ سٺي نموني سمجھايو وڃي ھا تھ مان بھ اھي ڪم ڇڏي ڏيان ھا، جيڪي مون کان اڻڄاڻائي وچان سرزد پئي ٿيا اھن. پر تون تھ مون سان ملڻ ئي نھ چاھيو آ ۽ نھ ئي مون کي سمجھايو ۽ سيکاريو. پر ھتي عدالت ۾ ڇڪايو اٿئي، جيڪا سيکارڻ ۽ سڌارڻ جي نھ، پر سزا ڏيڻ جي جاءِ آھي.

اي ٿاينس جا رھواسيو! مون جيڪو اڳ پئي چيو سو نيٺ سچ ئي نڪتو تھ: ميليٽس کي ھنن معاملن سان گھڻو يا ٿورو. اصل ڪو چاھھ ئي ڪونھي. پر ميليٽس! ان ھوندي بھ مان اڃا بھ ڄاڻڻ چاھيندس تھ مان آخر ڪھڙي حساب سان نوجوانن کي بگاڙيان ٿو. منھنجي خيال ۾ جيئن تنھنجي بيان مان ظاھر آھي تھ، مان انھن کي اھو سيکاريان ٿو تھ اھي انھن ديوتائن کي نھ مڃين، جن کي رياست مڃي ٿي، پر ٻين نون ديوتائن کي مڃين – تون اھو ئي ٿو چوين  نھ تھ، مان کين اھو سيکاري بگاڙيان ٿو؟

ھا، مان بلڪل اھو ئي ٿو چوان.

تھ پوءِ ميليٽس، توکي انھن ئي ديوتائن جو قسم، جن جي باري ۾ اسين ڳالھائي رھيا آھيون، مون کي ۽ عدالت سڳوري کي سولي نموني ۾ سمجھاءِ تھ تنھنجو مطلب ڇا آھي؟ ڇو تھ مان اڃا تائين اھو نھ سمجھي سگھيو آھيان تھ تون ائين ٿو چئين تھ مان اھو پرچار ڪري رھيو آھيان تھ ڪجھھ ديوتا آھن. ان جو مطلب تھ منھنجو ديوتائن ۾ يقين آھي ۽ مان بلڪ دھريو نھ آھيان- تون منھنجي خلاف اھڙو الام ھنيو بھ نھ آھي، پر تون صرف اھو چئين ٿو تھ اھي ديوتا ساڳيا تھ آھن، جن کي رياست مڃي ٿي پر ٻيا آھن- پوءِ مون تي الزام رڳو اھو بيھي ٿو تھ مان ٻين نون ديوتائن کي مڃان ٿو. يا تنھنجو مطلب اھو آھي تھ مان ديوتائن کي مورڳو مڃان ئي ڪو نھ ٿو ۽ ماڻھن کي بھ اھو سيکاريان ٿو.

”منھنجو مطلب اھو آھي، جيڪو تون آخر ۾ چيو تھ، تون ديوتائن جي وجود جو ئي انڪاري آھين.“

”او عجيب مخلوق ميليٽس! تون ائين ڇا جي ڪري ٿو چئين؟ ڇا تنھنجو مطلب اھو آھي تھ مان ائين نھ ٿو مڃان. جيئن عام طور سڄي انسان ذات مڃي ٿي تھ سچ ۽ چنڊ ديوتا آھن؟

زيوس ديوتا جو قسم! جج صاحبان، ھي ائين نھ ٿو مڃي، ھي چئي ٿو تھ سچ پٿر جو ٺھيل آھي ۽ چنڊ مٽيءَ جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com