سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :16

اٺين آفت

لعنت ڪرڻ

انسان، حيوان، نباتات ( وڻ ٻوٽن) ۽ جمادات (بيجان شيون) سڀ تي لعنت ڪرڻ بڇڙو ڪم آھي. آنحضرت جن فرمائن ٿا تھ، ”مؤمن لعنت ڪرڻ وارو ناھي. يعني مؤمن جو شان ناھي، جو ڪنھن تي لعنت ڪري.“ ۽ فرمايائون تھ، ”الله تعاليٰ جي يا سنس غضب يا جھنم جي ھڪٻئي کي لعنت نھ ڪريو.“ حضرت حذيفه رضھ ٿو فرمائي تھ جنھن قوم ھڪٻئي تي لعنت ڪئي تھ ان تي بيشڪ خدا جي مار پئي ۽ حضرت عمران بن حصين رضھ فرمائي ٿو تھ ھڪ دفعي آنحضرت ﷺ جن سفر ۾ ھئا. ھڪڙي انصار جي عورت ھڪ اچيءَ تي سوار ھئي. ھن (ڏاچيءَ) جو ڪجھھ ڏنگائي ڪئي تھ عورت چيو تھ، ”توتي خا جي لعنت ھجي.“ پاڻ سڳورن ٻڌي حڪم ڏنو تھ انھيءَ ڏاچيءَ جو بار وغيره لاھي خالي ڪريو، ڇاڪاڻ تھ ھاڻي ھوءَ لعون ٿي چڪي ۽ راوي ٿو چوي تھ اھا ڏاچي اڃا تائين منھنجي نظرن ۾ ٿي ڦري تھ اھا اتي ماڻھن جي وچ ۾ گھمندي ڦرندي ٿي وتي ۽ ڪوئي ھن کي تڪليف نٿو ڏئي. حضرت ابو درداء رضھ ٿو فرمائي تھ جڏھن زمين کي ڪو ماڻھو لعنت ٿو ڪري تھ ھوءَ ٿي چوي تھ اسان ٻنھي مان جيڪو وڌيڪ نافرمان الله تعاليٰ جي حڪمن جو ھجي، ان تي لعنت ھجي. حضرت عائشھ رضھ روايت ٿي ڪري تھ ھڪ دفعي آنحضرت ﷺ جن حرت ابوبڪر صديق رضھ جن کي ٻڌو تھ پنھنجي غلام (ٻانھي) کي لعنت پيو ڪري. پاڻ سڳورا ھن طرف متوجھھ ٿيا ۽ فرمايائون تھ اي ابابڪر! صديق بھ لعنت ڪندا آھن ڇا؟ کلا و رب الڪعبته ”ھرگز نھ، قسم آھي ڪعبھ جي رب جو“ ۽ اھو جملو پاڻ ڪيترا دفعا ارشاد فرمايائون. حضرت ابوبڪر صديق رضھ انھيءَ ئي ڏينھن ٻانھي کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيائين تھ اڳتي مان اھڙي خطا وري نھ ڪندس.

ھڪ حديث ۾ حضور ﷺ جن ٿا فرمائن تھ، ”بيشڪ لعنت ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينھن نھ شفيع ٿيندا نھ گواھ.“ ھضرت انس رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙو شخص آنحضرت ﷺ سان ھمرڪاب ھڪڙي اٺ تي پئي ويو. واٽ تي ھن شخص پنھنجي اٺ تي لعنت ڪئي. پاڻ فرمايائونس تھ اي عبدالله! ملعون اڍ تي اسان سان گڏ نھ ھل ۽ انھيءَ ڪري فرمايائون تھ ھن کي معلوم ٿئي تھ پاڻ سڳورن ﷺ کي لعنت وجھڻ برو معلوم ٿيو آھي.

لعنت جي معنيٰ آھي خدا وٽان پري ڪڍي ڇڏڻ، تنھن ڪري ھي لفظ انھيءَ جي مٿان ڪم آڻڻ درست ٿيندا، جنھن ۾ اھا صفت ڏٺي وڃي، جنھن جو سبب الله تعاليٰ کان دوري ٿيندي ھجي ۽ اھا صفت ڪفر ۽ ظلم جي آھي. ائين چوڻ جائز آھي تھ ظالمن تي خدا جي لعنت ھجي يا ڪافرن تي خدا جي لعنت ھجي. مطلب تھ جھڙيءَ طرح شريعت ۾ آيو آھي. تھڙيءَ طرح انھن خاص لفظن ۾ وجھڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ لعنت ۾ خطرو بھ آھي، يعني لعنت ڪرڻ وارو ڄڻ تھ غيب داني جي دعويٰ ڪري رھيو آھي تھ ھن جي ملعون کي خدا تعاليٰ جي ٻيو ڪوئي ڪو نھ ٿو ڄاني سگھي يا خداوند ڪريم پنھنجي رسول ﷺ کي ٻڌائي تھ انھن کي انھيءَ جو علم ٿي ٿو سگھي. ٻئي کي ڪيئن ٿو پتو پئجي سگھي.

ھاڻي ياد رکڻ گھرجي تھ جن صفتن ڪري لعنت ڪئي ٿي وڃي، اھي ٽي آھن: ڪفر، بدعت ۽ فسق ۽ انھن ۾ لعنت ڪرڻ جا ٽي طريقا آھن. پھريون طريقو ھي آھي تھ عام وصف جي نالي سان لعنت ڪئي وڃي. جھروڪ: ڪو چوي تھ ڪافرن، بدعتين ۽ فاسقن تي خدا جي لعنت ھجي. ٻيو طريقو اھو آھي تھ وصف کي ڪجھھ خاص لفظن سان بيان ڪري، جھڙوڪ: چوي تھ يھودي، نصاريٰ، مجوسي، خارجي، رافضي، زاني يا وياج خور تي خدا جي لعنت ھجي ۽ ٻئي طريقا جائز آھن. مگر بدعت تي لعنت ڪرڻ ۾ ڪجھھ تردد آھي. ڇاڪاڻ جو بدعت جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي ۽ حديث شريف ۾ ڪو بھ لفظ انھيءَ لاءِ وارد ٿيل نھ آھي. تنھنڪري عوام کي انھيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ورنھ ماڻھن ۾ نزاع ۽ فساد پيدا ٿي پوندو.

ٽيون طريقو ھي آھي تھ ڪنھن مقرر شخص تي لعنت ڪئي وڃي ۽ ھي وڏي خطري جي جاءِ آھي. مثال طور زيد جيڪڏھن ڪافر يا بدعتي يا فاسق آھي تھ ھن کي نھ چوڻ گھرجي تھ زيد تي لعنت ھجي. ھن جو تفصيل ھي آھي تھ جنھن شخص تي شريعت ۾ لعنت ثابت ٿي ھجي. ان تي ڪرڻ ۾ مضائقو ناھي. مثلا ھئين چوڻ تھ فرعون يا ابوجھل تي خدا جي لعنت، ڇاڪاڻ تھ شرعفا ثابت آھي تھ اھي ٻئي ڪفر تي مئا آھن. مگر انھيءَ زماني جي ڪنھن مقرر شخص کي پوءِ کڻي ڪافر بھ ڇو نھ ھجي. لعنت ڪرڻ چڱي ناھي. شايد ھن مرڻ کان اڳ ۾ توبھ ڪئي ھجي ۽ ايمان تي خاتمو ٿيو ھجيس تھ پوءِ ڪھڙيءَ طرح ٿو ھن کي خدا جي رحمت کان دور چئي سگھجي.

جيڪڏھن ڪوئي ھيئن کڻي چوي تھ جھڙيءَ طرح اسلام جي حالت ۾ رحمت الله چئي ٿو سگھجي، تھڙيءَ طرح ڪافر کي بھ جڏھن ڪو ڪفر جي حالت ۾ ھجي لعنت ڪرڻ درست ھئڻ گھرجي ۽ جھڙيءَ طرح ڪافر ۾ شڪ آھي تھ متان مسلمان ٿي مري تھ اھڙيءَ طرح مسلمان ۾ بھ شبھھ آھي تھ ڪافر ٿي مري تھ انھيءَ جو جواب ھي آھي تھ رحمت الله جي مراد ھيءَ آھي تھ خدا ھن کي مرڻ جي گھڙيءَ تائين مسلمان رکي، جنھن جي سببان ھو رحمت جو قابل ٿئي ۽ اھا ڳالھھ لعنت ۾ ممڪن ناھي، يعني ائين نٿو چئي سگھجي تھ خا تعاليٰ فلاڻي کي ڪافر ڪري رکي، جيڪو ھن جي لعنت جو سبب بڻجي، ڇاڪاڻ تھ ھي ڪفر جو سوال آھي ۽ اھڙو سوال خود ڪفر آھي، ھا جيڪڏھن ھيئن چوي تھ البتھ ٿي ٿو سگھي تھ جيڪڏھن ڪفر تي مري تھ الله جي لعنت ھجيس، ورنھ جيڪڏھن اسلام تي مري تھ لعنت نھ ھجيس ۽ ھي طريقو بھ خطري کان خالي ڪونھي، ڇاڪاڻ جو انھيءَ ۾ بھ تردد ئي ٿيو. اھو ڪيئن ٿو معلوم ٿي سگھي تھ ھن جو خاتمو ڪيئن ٿيندو ۽ ھن تي لعنت ڪرڻ ۾ ڪو خطرو ڪونھي.

ھاڻي جيڪڏھن ڪافر جو اھو حال آھي تھ ظاھر آھي تھ فاسق ۽ بدعتيءَ کي تھ بھتر آھي تھ لعنت نھ ڪرڻ گھرجي. انھيءَ لاءِ تھ ماڻھوءَ جو حال ھميشه ھڪ جھڙو نٿو رھي. ڪھڙي خبر تھ انجام يا پڇاڙي الائي ڪيئن ٿئي. البتھ آنحضرت ﷺ جن معلوم ڪري ٿي سگھيا تھ فلاڻي جو انجام ڪھڙو ٿيندو. انھيءَ ڪري جن جو احوال معلوم ٿي ويو ھيو، انھن جي لاءِ بد دعا ڪندا ھئا، ۽ فرمائيندا ھئا تھ، .اي منھنجا الله! ابوجھل بن ھشام ۽ عتبه بن ربيعه کي قھر جي پڪڙ ڪرڻ فرماءِ“ ۽ جيڪي بدر جي لڙائي ۾ ڪافر ماڻھو ماريا ويا ھئا، انھن کي بھ لعنت ۽ بد دعا ۾ شامل فرمائيندا ھئا ۽ جن جو انجام معلوم نھ ھين تھ انھن تي لعنت ڪيائون تھ الله تعاليٰ جي طرف کان منع نازل ٿي.

جڏھن پاڻ سارو مھينو دعاءِ قنوت ۾ انھن ماڻھن کي لعنت ڪندا رھيا، جن بئر معونه جي ماڻھن کي ماريو ھو. انھيءَ وقت ھيءَ آيت نازل ٿي ھئي تھ، ”ليس لک من الامر شيءِ او يتوبَ عليھم او يعذبَھم فاِنھم ظالمون“ (اي پيغمبر) ان ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو ناھي. (خدا) يا مٿن ٻاجھھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو تھ اھي ظالم آھن“. يعني شايد اھي مسلمان ئي ٿي وڃن. توھان کي ڪيئن خبر پئي تھ ھو ملعون آھن. اھڙيءَ طرح جيڪڏھن اسان کي بھ ڪنھن جو حال معلوم ٿي وڃي تھ خاتمو ڪفر تي ٿيو اٿس تھ ھن کي لعنت ڪرڻ ۽ بڇڙو چوڻ درست آھي. بشرطيڪ انھيءَ ۾ ڪنھن مسلمان کي ايذاءُ نھ پھچندو ھجي، ورنھ انھيءَ تي بھ لعنت درست ناھي. جيئن تھ ھڪ دفعي آنحضرت ﷺ طائف ڏي تشريف وٺي ٿي ويا، واٽ تي حضرت ابابڪر رضھ کان ھڪ قبر بابت پڇيائون تھ ھيءَ ڪنھن جي آھي. ھن عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ ھيءَ قبر سعيد بن عاص جي آھي. ھي شخص خدا ۽ خدا جي رسول سان سرڪش رھندو ھو. ھن جو پٽ عمرو بن سعد جيڪو ان وقت موجود ھو، اھو ٻڌي غصي ۾ اچي ويو ۽ عرض ڪيائين تھ يا رسول الله ﷺ ھيءَ قبر انھيءَ شخص جي آھي، جيڪو ابوبڪر رضھ جي پيءُ ابو قحافھ کان زياده ماني کارائيندو ھو ۽ ھن کان وڌيڪ بھادر ھو. تنھن تي حضرت ابابڪر رضھ عرض ڪيو تھ سائين جن ملاحظھ فرمائين تھ ھي مون سان ڪھڙيءَ طرح ٿو ڳالھائي. حضور ﷺ جن عمرو بن سعد کي منع فرمائي ۽ ابابڪر صديق رضھ ڏانھن متوجھ ٿي فرمايائون تھ، جڏھن ڪافرن جو ذڪر ڪريو تھ عام لفظن ۾ ڪندا ڪريو. ورنھ خاص نالن وٺڻ سان انھن جي اولاد کي برو لڳندو. انھيءَ کانپوءِ ماڻھن ڪنھن خاص ماڻھوءَ کي گھٽ وڌ چوڻ ڇڏي ڏنو.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ تعيمان نالي ھڪڙو ماڻھو شراب پيئندو ھو، ڪيترا دفعا حضور ﷺ جن جي ڪچھريءَ ۾ ھن کي سزا بھ ملي. ڪن اصحابن چيو تھ خدا جي لعنت ھن شخص تي، گھڻو ڪري اھو ئي ٿو پڪڙجي اچي. اھو ٻڌي حضور ﷺ جن فرمايو تھ، ”نھ ٿيو توھان مددگار شيطان جا، پنھنجي ڀاءُ جي حق ۾“ ۽ ڪن روايتن ۾ آھي تھ پاڻ فرمايائون تھ، ”ائين نھ چئو، ڇاڪاڻ تھ ھو الله ۽ الله جي رسول کي دوست ٿو رکي.“ مطلب تھ مقرر شخص تي لعنت ڪرڻ کان انھن کي منع فرمايائون. انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ مقرر شخص کڻي فاسق ھجي تھ بھ ان تي لعنت ڪرڻ جائز ناھي.

حاصل ڪلام ھن ساري بيان جو اھو آھي تھ مقرر ماڻھن تي (يعني نالو وٺي) لعنت ڪرڻ ۾ خرابي آھي ۽ انھيءَ کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ جيڪڏھن ڪوئي شيطان تي بھ (نالو وٺي) لعنت نھ ڪري ۽ سڪوت اختيار ڪري تھ ڪوئي مضائقو ناھي. حالانڪھ شيطان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ھوندو. باقي رھيو يزيد جي لعنت جو سوال تھ جيڪڏھن حضرت امام حسين عليه السلام کي قتل ڪيو يا قتل جي اجازت ڏئي تھ ھن تي لعنت درست آھي يا نھ؟ سو انھيءَ جو جواب اھو آھي تھ قتل يا قتل جي اجازت ٻئي ثبوت جي درجي کي نھ پھچي سگھيون آھن. انھيءَ صورت ۾ لعنت تھ ٺھيو پر جيستائين قتل ۽ قتل جي اجازت ثابت ناھن، تيستائين ھن کي قاتل يا قتل جي موڪل ڏيندڙ ئي نٿو سڏي سگھجي. ڇاڪاڻ تھ قتل ھڪ ڪبيرو گناھھ آھي ۽ ڪنھن مسلمان جي طرف قتل جي تھمت بنا ثبوت جي ڪامل ٿي نٿي سگھي (يعني بنا ڪنھن پڪي ثابتيءَ جي، ڪنھن بھ مسلمان کي قاتل نٿو سڏي سگھجي).

آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ، جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن کي ڪافر يا فاسق ٿو سڏي ۽ ھو ائين ناھي تھ اھي الفاظ چوڻ واري کي ئي موٽي لڳندا. بي حديث ۾ آھي تھ، ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻئي تي ڪفر جي شاھدي ٿو ڏئي تھ ڪفر رجوع ٿو ڪري، انھن منجھان ھڪڙي تي. جيڪڏھن ھو واقعي ڪافر آھي تھ جيئن چيائين تھ تيئن ٿيندو (يعني اھو ماڻھو ڪافر چئبو) ۽ جيڪڏھن ائين ناھي (يعني ڪو ڪافر ناھي) تھ چوڻ وارو ڪافر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ٻئي کي (اجايو) ڪافر سڏيائين“ ۽ ھيءَ حالت انھيءَ وقت ٿيندي جڏھن ڪنھن کي مسلمان سمجھي ۽ ڄاڻي ٻجھي ڪافر سڏجي، پر جيڪڏھن بدعت وعيره جي سببان ڪنھن کي ڪافر سڏبو تھ انھيءَ صورت ۾ ماڻھو خطاوار ٿيندو. مگر ڪافر نھ ٿيندو. حضرت معاذ رضھ فرمائي ٿو تھ مون کي آنحضرت ﷺ جن ارشاد فرمايو تھ، مان توکي منع ٿو ڪريان تھ مسلمان کي گار نھ ڏجانءِ ۽ امام عادل جي نافرماني نھ ڪجانءِ ۽ جيڪي مري ويا آھن، انھن جي حال تي اعتراض وٺڻ سخت بري ڳالھھ آھي.

مسروق ٿو فرمائي تھ مان حضرت عائشه رضھ جي خدمت ۾ ويس. ھن چيو تھ فلاڻي شخص جو ڪھڙو حال آھي، ھن تي خدا جي لعنت ھجي. مان عرض ڪيو تھ ھو مري ويو آھي تنھن تي چيائين تھ خدا تعاليٰ ھن تي رحم ڪري. مان پڇيو تھ ھي ڇا معاملو آھي؟ فرمايائين تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”نھ گاريون ڏيو مئن کي، ڇاڪاڻ تھ ھو پھچي چڪا آھن انھيءَ کي، جيڪي ھنن اڳواٽ موڪليو.“ ٻيو فرمايو اٿن تھ، ”نھ گاريون ڏيو مئن کي متان ايذايو (انھن جي) جيئرن کي“ ۽ اھو پڻ سندن ارشاد آھي تھ، ”اي انسانو! ھفاظت ڪيو منھنجي، منھنجن اصحابن، ڀائرن ۽ نياڻين جي باري ۾ ۽ انھن کي گاريون نھ ڏيو ۽ اي انسانو! جڏھن ڪو ماڻھو مري وڃي تھ ياد ڪريو ان کي چڱين (۽ نيڪ) ڳالھين سان.“

ھاڻي جيڪڏھن ڪو ھي کڻي چوي تھ ھي بھ چوڻ جائز آھي يا نھ، تھ امام حسين عليه السلام جي قاتل يا قتل جي اجازت ڏيندڙ تي لعنت ھجي. ڇاڪاڻ جو اھو شڪ ٿي ٿو سگھي تھ متان توبھھ کان پوءِ مئو ھجي. ڏسو تھ وحشي آنحضرت ﷺ جي چاچي حضرت حمزه رضھ کي ڪافر ھئڻ واري زماني ۾ شھيد ڪيو ھو، پر پوءِ مسلمان ٿي ڪفر ۽ قتل سڀ کان توبھھ ڪئي ھئائين. ھاڻي اھو ھرگز نٿو ٿي سگھي تھ ھن تي ڪو لعنت ڪري. انھيءَ کانسواءِ قتل ھڪ ڪبيرو گناھھ آھي. انھيءَ جي سببان ڪوئي بھ ڪافر مطلق تھ ٿي نٿو سگھي. انھيءَ ڪري جيڪڏھن توبھھ جو شرط نھ لڳائيندؤ تھ لعنت ڪرڻ ۾ خطري جو امڪان آھي ۽ سڪوت ۾ ڪو بھ خطرو ڪونھي. تنھن ڪري سڪوت ئي بھتر آھي. اسان جو يزيد جي لعنت جو ھتي بيان ڪيو آھي، سو انھيءَ ڪري، جو ماڻھو لعنت جي لاءِ جھٽ پٽ ٿا کڻي وات کولن. حالانڪھ حديث شريف ۾ اچي چڪو آھي تھ، ”مؤمن لعنت ڪندڙ نٿو ٿئي.“ تنھن ڪري گھرجي تھ جيڪو شخص ڪفر تي مري ويو ھجي، ان کان سواءِ ٻين تي لعنت جي زبان نھ ھلائجي ۽ جيڪڏھن خوا مخواھ ڪنھن جي دل لعنت ڪرڻ چاھي تھ ڪنھن جو مقرر نالو وٺي نھ ڪري،  رڳو عام وصف تي لعنت ڪري،

جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آھي. مگر سڀ کان بھتر تھ اھو آھي تھ لعنت ڪرڻ بدران ماڻھو ڪجھھ الله جو ذڪر ڪري ۽ جي اھو نھ ٿي سگھيس تھ ڪم از ڪم چپ رھي، ڇاڪاڻ جو چپ ۾ سلامتي آھي.

مڪي بن ابراھيم رضھ ٿو ڳالھھ ڪري تھ اسان ابن عون رضھ وٽ ويٺا ھئاسين. اتي بلال بن آبي برده جو اچي ذڪر ڇڙيو تھ ماڻھو ھن تي لعنت ملامت ڪرڻ لڳا. مگر ابن عون رضھ چپ ڪيون ويٺو ٻڌي. ماڻھن چيس تھ توکي ياد آھي تھ، ھن توسان ڪھڙو معاملو ڪيو ھو، تون ھن کي ڇو نٿو ڪجھھ ڳالھائين؟ جواب ڏنائين تھ قيامت جي ڏينھن اعمالنامي ۾ ٻھ ڳالھيون ٿي پونديون، ھڪ ”لا الٰه الا الله“ ٻيو ”فلاڻي فلاڻي تي لعنت ڪئي.“ مون کي اھا ڳالھھ چڱي ٿي لڳي تھ منھنجي اعمال نامي ۾ صرف پھرين ڳالھھ (يعني ڪلمه طيبه) نڪري ۽ ٻي نھ نڪري. ھڪڙي شخص آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ، مون کي ڪا وصيت فرمايو. پاڻ فرمايائون تھ بس توکي اھا ئي وصيت آھي تھ لعنت گھڻي نھ ڪندو ڪر، ابن عمران رضھ ٿو فرمائي تھ، خدا تعاليٰ وٽ سڀ کان وڌيڪ ناپسند اھو آھي، جيڪو ڪثرت سان لعن طعن ٿو ڪري.

ڪن اڪابرن جو قول آھي تھ مؤمن تي لعنت ڪرڻ ھن کي قتل ڪرڻ جي حد برابر آھي ۽ حماد بن زيد، جيڪو ھن قتول جو راوي آھي. اھو ٿو چوي تھ ھن قول کي جيڪڏھن حديث جو نالو ڏيان تھ بھ ڪو مضائقو نھ آھي ۽ واقعي آبي قتاده رضھ کان انھيءَ ئي مضمون جي حديث بھ آيل آھي تھ، ”جنھن مؤمن تي لعنت ڪئي، تنھن ڄڻ تھ ھن کي قتل ڪيو.“

ڪنھن کي پتڻ يا بد دعا ڪرڻ بھ لعنت کي ويجھو اچي ٿي پوي. انھيءَ حد تائين، جو ظالم جي حق ۾ ھي چوڻ تھ خدا ھن کي چڱو ڀلو يا تندرست نھ ڪري ۽ ھو شل مري وڃي وغيره وغيره، اھو بھ خراب آھي. جيئن ھڪ حديث ۾ آيو آھي تھ، ”مظلوم پٽي ٿو يا بد دعا ٿو ڪري ظالم کي انھيءَ حد تائين، جو پنھنجو بدلو وٺي ٿو چڪي ۽ باقي جيڪي ڪجھھ وڌيڪ ٿو چوي، اھو رھجي ٿو وڃي ظالم (جي فائدي) لاءِ قيامت جي ڏينھن واسطي.“

نائين آفت

راڳ ۽ شعر (گيت)

سماع (راڳ ٻڌڻ) جي باب ۾ اسان لکي چڪا آھيون تھ ڪھڙو حرام آھي ۽ ڪھڙو حلال آھي. بيھر لکڻ جي ضرورت ڪانھي ۽ شعر جو اھو حال آھي تھ ان ۾ چڱو چڱو آھي ۽ برو برو. مگر ھي چون تھ، ”ماڻھو ھميشه شعر جو ٿي رھي.“ اھا البتھ مذموم (بڇڙي ڳالھھ) آھي. جين جو آنحضرت ﷺ جن فرمائن ٿا تھ، ”جيڪڏھن ڀرجي وڃي پيٽ توھان منجھان ڪنھن جو رت پونءِ سان ايتري قدر، جو ھيءَ پيٽ کي خراب ڪري ڇڏي تھ اھو بھتر آھي انھيءَ کان، جو ھو ڀري (پنھنجو پيٽ يا دماغ) شعر سان.“

مسروق کان ڪنھن ماڻھوءَ ڪو بيت پڇيو تھ ھن کي اھا ڳالھھ ڏاڍي خراب لڳي. ماڻھن جڏھن انھيءَ عجو سبب پڇيس تھ چيائين تھ مان اھو چڱو نٿو ڀانيان، جو منھنجي اعمال نامي ۾ ڪو بيت پڙھڻ لکيل نڪري ۽ ڪن اڪابرن کان ڪنھن ڪو شعر پڇيو تھ انھن جواب ڏنو تھ انھيءَ جي بدران الله تعاليٰ جو ذڪر ڪريو تھ وڌيڪ چڱو آھي.

شعر جو خلاصو ھي آھي تھ شعر پڙھڻ يا ٺاھڻ حرام ناھي، بشرطيڪھ ھن ۾ ڪا بيجا ڳالھھ نھ ھجي، ڇاڪاڻ تھ حديث شريف ۾ خود آيو آھي تھ، ”بيشڪ شعر ۾ حڪمت بھ ھوندي آھي.“ مگر ايتري ڳالھھ ضروري آھي تھ شعر ۾ گھڻي مدح (ساراھھ) ۽ ھجو (عيب ظاھر ڪرڻ) يا عورتن جو بيان ھوندو آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪوڙ کي گھڻي جاءِ ٿي ملي. باقي نھ تھ خود حضور ﷺ جن حضرت حسان بن ثابت رضھ کي ارشاد فرمايو ھو تھ ڪافرن جي ھجو بيان ڪري ۽ اھو پڻ ثابت آھي تھ مدح ۾ جيڪڏھن ٿورو ڪوڙ بھ اچي وڃي تھ مدح حرام نٿي ٿئي.

مثال طور سخاوت جي تعريف ۾ ڪو کڻي چوي، ”جو مانگي جان کوئي اس سي عذر نھ ڪري، ولي ضرور ھي سائل کو بھي خدا کان طرف“ تھ ھن حالت ۾ جيڪڏھن ممدوح، يعني جنھن ماڻھو جي ساراھھ ڪئي ٿي وڃي، اھو سخي ناھي تھ شاعر ڪوڙو آھي، ورنھ جيڪڏھن سخي آھي تھ مبالغو شعر ۾ رڳو مرچ مصالحا ٿو وجھي، انھيءَ ڳالھھ ۾ اعتقاد جو مقصد تھ ھوندو ئي ناھي. انھيءَ کانسواءِ حضور ﷺ جن جي اڳيان بھ اشعار پڙھيا ويا آھن ۽ جيڪڏھن انھن کي ويھي جاچبو تھ ڪيئي مضمون مبالغي جا نڪرندا. حالانڪھ پاڻ سڳورن انھن کان منع ڪا نھ فرمائي.

حضرت عائشه رضھ کان روايت آھي تھ ھڪڙي ڏينھن مان سٽ ڪتي رھي ھيس ۽ آنحضرت ﷺ جن پنھنجي جتي مبارڪ کي ٽاڪو ھڻي رھيا ھئا، مان جو سندن منھن مبارڪ ڏي نظر ڪئي تھ مون کي پيشآني مبارڪ تي ڪجھھ پگھر جا قطرا نظر آيا ۽ اھي قطرا روشنيءَ ۾ ڪھڪشان (تارن جي قطار، جيڪا سڙڪ وانگر، اتر کان ڏکڻ ڏي پکڙيل نظر ايندي آھي) جو بھار لايون بيٺا ھئا. مان ڏسندي ئي انھيءَ خداداد حسن تي حيران رھجي ويس. پاڻ جو منھنجي حيراني ڏٺائون تھ، پڇيائون تھ ايتري قدر حيران ڇو ٿي رھي آھين؟ مان عرض ڪيو تھ اوھان جي پيشانيءَ جي نھر منجھان، جيڪا نور جي ھر اڀري رھي آھي، انھيءَ جي حيرت جي ور وڪڙ ۾ اچي وئي آھيان ۽ جيڪڏھن ابوبڪر ھذلي، سائينءَ جن کي ڏسي ھا تھ سمجھي ھا تھ ھن جي شعر جا مصداق اوھان ئي آھيو. پاڻ فرمايائون تھ ھن جا شعر ڪھڙا آھن؟ مان عرض ڪيو تھ ھي ٻھ بيت آھن: حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي تھ جڏھن مان اھي بيت پڙھي پورا ڪيا، تڏھن پاڻ سڳورن ﷺ پنھنجو ڪم ڇڏي، منھنجي پيشانيءَ تي اچي بوسو ڏنو ۽ فرمايائون جزاڪ الله خيرا يا عائشه، تون مون کان ايتري خوش نھ ٿي آھين، جيترو مان توکان راضي ٿيو آھيان.

جڏھن حنين جي لڙائيءَ ۾ آنحضرت ﷺ جن غنيمت جو مال تقسيم فرمايو تھ، عباس بن مروان کي چار اٺ مرحمت فرمايائون. ھو ھليو ويو ۽ وڃي ھڪ قصده، پنھنجو حق وڌيڪ جتائڻ لاءِ ۽ حضور ﷺ جن جي شڪايت ۾ لکيائين. پاڻ سڳورن ﷺ ماڻھن کي فرمايو تھ ھن جي شڪايت دور ڪريو. حضرت ابابڪر صديق رضھ ھن کي وڌيڪ اٺن ڏيڻ لاءِ پاڻ سان وٺي ويو ۽ ھن وڃي سؤ اٺ پسند ڪيا. پوءِ تھ سڀ کان وڌيڪ راضي ۽ خوش ٿي ويو. حضور ﷺ جن وري ڪڏھن کانئس پڇا ڪرڻ فرمائي تھ اڃا شعر ٺاھيندو آھين؟ ھن وٺي عذر معذور شروع ڪيا ۽ عرض ڪيائين تھ منھنجا پيءُ ماءُ توھان تان قربان ھجن، مان پنھنجي زبان تي شعر کي ائين سمجھندو آھيان، جيئن ڪا ڪول ھلندي ھجي. ھو جڏھن ڪول وانگر منھنجي زبان ۾ چڪ پائڻ لڳندو آھي تھ ڪجھھ نھ ڪجھھ چئي ويھندو آھيان. بنا چوڻ جي ٻيو ڪو چارو ئي نظر ڪو نھ ايندو آھي. پاڻ سڳورا ﷺ مرڪيا ۽ فرمايائون تھ عرب جا ماڻھو شعر گوئي نھ ڇڏيندا، جيسين اٺ رڙندا رھندا (يعني ھميشه سعر پيا ٺاھيندا رھندا).

ڏھين آفت

(ٽھڪ ڏئي) کلڻ

ٽھڪ ڏئي کلڻ بھ ھڪ بڇڙي ۽ منع ٿيل شيءِ آھي. مگر ٿوري کلڻ يا خوشي ڪرڻ ۾ مضائقو ڪونھي. حديث شريف ۾ آيو آھي، ”پنھنجي ڀاءُ جي ڳالھھ کي رد نھ ڏي ۽ نھ ھن سان کل مسخري ڪر.“ ھاڻي  جيڪڏھن ڪو کڻي چوي تھ ڳالھھ کي رد ڏيڻ ۽ اعتراض اٿارڻ ۾ تھ ايذاءُ پھچڻ جو انديشو آھي. جو ٻئي کي ڪوڙو يا جاھل ثابت ڪرڻو ٿو پوي، پر کل مسخريءَ ۾ تھ اھا ڳالھھ ئي ڪانھي. ھن ۾ تھ فقط دل وندرائڻ جون ڳالھيون ھونديون آھن. پوءِ ھن جي ڇو منع ڪئي وئي آھي. انھيءَ لاءِ ياد رکڻ گھرجي تھ گھڻي انداز ۾ ۽ ھر وقت کلڻ منع آھي. ھميشه کل مسخري ڪرڻ ۾ دل راند روند ۽ بيھوده ڳالھين ۾ رڌل ٿي رھي. راند توڙي مباح آھي. مگر ھميشه ان ۾ مشغول رھڻ ممنوع آھي ۽ گھڻي کلڻ ۾ ماڻھو وڃي ٽھڪ ڏيڻ ۾ ٿو پوي، جنھن جي سببان دل مري ٿي وڃي. دل ۾ بغض پيدا ٿو ٿئي ۽ انسان جي ھيبت ۽ وقعت (عزت ۽ حيثيت) صفا ختم ٿي ٿي وڃي. ٻي صورت ۾ جيڪڏھن کلڻ انھن عيبن کان پاڪ آھي تھ پوءِ خراب ناھي. ٻي حديث شريف ۾ آھي تھ، ”مان کلڻ ۽ دل وندرائڻ جون ڳالھيون ڪندو آھيان، مگر سواءِ سچ جي ڪجھھ نھ چوندو آھيان.“ مگر ھي تھ فقط سندن ئي ڪمال ھو، جو کل ۽ وندر جي ڳالھين ۾ بھ حق کي نھ ڇڏيندا ھئا. بيو ماڻھو تھ اھي ڳالھيون ڪندو ئي انھيءَ ڪري آھي تھ ٻين کي ڪيئن بھ ڪري، يعني سچ ڪوڙ ڳالھائي ضرور کلائي. ھالانڪھ حديث شريف ۾ آھي تھ، ”ماڻھو اھا ڳالھھ ڪندو آھي، جنھن جي سببان ھن جي ڀر وارا کلن. مگر ائين ڪرڻ ڪري ھو دوزخ ۾ ثريا کان بھ پري وڃي ٿو پوي.“

حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ جيڪو گھڻو کلندو آھي، تنھنجي ھيبت گھٽجي ويندي آھي، جيڪو مسخري ڪندو آھي، اھو ماڻھن جي نظرن ۾ ھلڪو لڳندو آھي، جيڪو ڪنھن ھڪڙي شيءِ کي ڪثرت سان ڪندو آھي تھ، ان جي نالي سان مشھور ٿيندو آھي، جيڪو گھڻو ٿو ڳالھائي، اھو گھڻيون غلطيون ٿو ڪري، جيڪو گھڻيون غلطيون ٿعو ڪري، اھو حيا گھٽ ٿو رکي، جنھن جو حياءُ گھٽ آھي، تنھن جي پرھيزگاري بھ گھٽ آھي ۽ جنھن جي پرھيزگاري گھٽ آھي، ان جي دل مري ٿي وڃي. ٻيو ھڪرو سبب ھي بھ آھي تھ کل مسخري ڪرڻ ۾ آخرت کان ماڻھو غافل ٿو رھي.

حضور ﷺ جن فرمائين ٿا تھ، ”جيڪي مان ٿو ڄاڻان، اھو جي اوھان ڄاڻو تھ جيڪو رئو گھڻو ۽ کلو ٿورو.“ ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي ھڪ ڀاءُ کان ڇيو تھ توکي اھا خبر آھي تھ دوزخ ۾ وڃڻو پوندو؟ جواب ڏنائينس تھ ھائو مون کي خبر آھي. وري ڪپڇيائينس تھ اھو بھ پتو اٿئي تھ ان منجھان نڪرڻ بھ نصيب ٿيندو يا نھ؟ جواب ڏنائين تھ اھو پتو ڪونھي. چيائينس تھ باقي ھيءَ خوشي ڇا جي ٿو ڪرين؟ چون ٿا تھ وري مرندي گھڙيءَ تائين ھن کي ڪنھن کلندي ڪو نھ ڏٺو.

يوسف بن اسباب ٿو چوي تھ حسن رضھ ٽيھن سالن تائين نھ کليو ھو ۽ عطاء سلمي رحھ جي ڳالھھ ڪندا آھن تھ ھو چاليھن سالن تائين ڪو نھ کليو ھو. وھيب بن الورد رحھ ڪن ماڻھن کي ڏٺو تھ عيدالفطر ۾ کلي رھيا ھئا. فرمايائين تھ جيڪڏھن انھن جي مغفرت ٿي وئي آھي تھ ھي فعل (يعني کلڻ) شڪر ڪرڻ وارن جي فعل جھڙو ناھي ۽ جيڪڏھن مغفرت نھ ٿي آھي تھ ھي ڪم (يعني کلڻ) خوف ڪرڻ وارن جو ناھي. حضرت عبدالله بن ابي يعلي رحھ ٿو فرمائي تھ ميان کلو ڇا تي ٿا. شايد ڪفن ڌوٻيءَ وٽان ڌوپي اچي ويو ھجي، يعني موت اچي در تي بيٺو ھجي.

حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ جيڪو گناھھ ڪري کلي ٿو، اھو دوزخ ۾ رئندو ويندو ۽ محمد بن واسع ٿو چوي تھ، جيڪڏھن ڪو جنت ۾ وڃي روئي تھ اھا خواھ مخواھھ تعجب جي ڳالھھ آھي. مگر جيڪو دنيا م کلي ٿو ۽ پنھنجي خاتمي ۽ پڇاڙيءَ جو حال نٿو ڄاڻي تھ ھي جنت ۾ روئڻ کان بھ وڌيڪ عجيب ڳالھھ آھي.

ھي آھن کلڻ جون آفتون، مگر کلڻ جو اھو قسم برو آھي جيڪو آواز (ٽھڪ) سان ھجي. يعني مرڪڻ کان زياده ھجي ۽ مرڪڻ، جنھن کي تبسم ٿو سڏجي ۽ بنا آواز جي ٿو ٿئي، اھو چڱو آھي ۽ حضرت رسول ڪريم ﷺ جن بھ تبسم فرمائيندا ھئا.

حضرت قاسم رضھ کان روايت آھي تھ ھڪ اعرابي ھڪ سرخ اٺ تي چڙھي، حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سلام ڪيائين، جڏھن ھن اٺ کي ڪجھھ اڳتي وڌائڻ جو ارادو ڪيو تھ جيئن ڪجھھ عرض ڪري، تھ اٺ پٺتي ڀرڪڻ شروع ڪيو. ڪيترا دفعا ائين ٿيندو رھيو ۽ اصحاب سڳورا ھي ڏسڻ کلڻ لڳا. آخر اٺ ايترو ڀرڪيو، جو سوار ھيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. آنحضرت ﷺ جن کي اصحابن اچي ٻڌايو تھ اٺ انھيءَ اعرابيءَ کي ڪيرائي وڌو ۽ ھو مري ويو. پاڻ فرمايائون تھ ھو تھ مري ويو. مگر اوھان جو وات ھن جي خون (رت) سان ڀريو پيو آھي.

جنھن کلڻ سان ھيبت ۽ وقار ھليو وڃي، اھو بھ مذموم (بڇڙو) آھي. حضرت عمر رضھ فرمائي ٿو تھ، جيڪو کلي ٿو، اھو (ماڻھن جي نظرن ۾) ھلڪو ٿي ٿو پوي ۽ محمد بن مشڪدر رحھ ٿو فرمائي تھ، منھنجي ماءُ مون کي نصيحت ڪئي آھي تھ ٻارن سان کل مسخري نھ ڪجانءِ، نھ تھ انھن جي نظرن ۾ ھلڪو ٿي ويندين ۽ سعيد بن العاص پنھنجي پٽ کي ھدايت ڪئي تھ شريف آدمي سان کل نھ ڪجانءِ. متان ھو توسان دشمني ڪري ۽ نھ ڪميني سان کل، جو متان ھو توتي جرات ڪري (گھٽ وڌ چوي) ۽ حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ ٿو فرمائي تھ، خدا کان ڊڄو ۽ کلڻ کان ڪوھ پري ڀڄو. ڇاڪاڻ جو ان منجھان ڪينو ٿو پيدا ٿئي ۽ ان جي پڇاڙي خراب ٿي ٿئي. انھيءَ جي بدران قرآن جو ذڪر ڪندا ڪريو ۽ جيڪڏھن اھو گران لڳي تھ ماڻھن جا عمدا حالات بيان ڪندا ڪريو.

ھڪڙي دفعي حضرت عمر رضھ فرمايو تھ توھان کي خبر آھي تھ کل جو نالو مزاح ڇو ٿيو؟ عرض ڪيائون تھ اسان کي خبر ناھي. فرمايائين تھ ھن سبب ڪري، جو مزاح نڪتو آھي زيح منجھان، جنھن جي معنيٰ آھي، ”دوري يا پري ڪرڻ.“ انھيءَ ڪري ٿو کل کي مزاح سڏجي، جو کل حق تعاليٰ کان دور ڪري ٿي ڇڏي ۽ ھر شيءِ جو ٻج ٿيندو آھي ۽ دشمنيءَ جو ٻج آھي مزاح (کل چرچو ڪرڻ). ڪن اڪابرن جو قول آھي تھ مزاح جي ڪري عقل سلب ٿي ٿو وڃي ۽ دوست الڳ ٿي ٿا وڃن.

ھاڻي اھا ڳالھھ ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ڪو اھڙو شخص ھجي، جيڪو مزاح ۾ سچ کانسواءِ ڪجھھ نھ چوي، ڪنھن کي ايذاءُ نھ پھچائي ۽ نھ زيادتي ڪري، بلڪھ ڪڏھن ڪڏھن ڪندو ھجي، جھڙيءَ طرح حضور ﷺ جن ۽ انھن جي اصحابن جو دستور ھو، تھ اھڙ: مزاح ۾ ڪو مضائقو ناھي. مگر وڏي غلطي جي ڳالھھ آھي، جو ماڻھو مزاح کي پنھنجو دائمي پيشو بڻائي ۽ خوب زيادتيءَ جي درجي کي پھچائي، پوءِ بھ دعويٰ ٿو ڪري تھ مان تھ حضور ﷺ ۽ انھن جي اصحابن جي پيروي ٿو ڪريان. انھيءَ جو مثال ھن طرح آھي تھ ڪو ماڻھو سارو ڏينھن حبشين سان گڏ گھمي ڦري ۽ ناچ ڏسي ۽ چوي تھ، پاڻ ڪريم ﷺ جن بھ حضرت عائشه رضھ کي عيد جي ڏينھن ناچ ڏسڻ جي اجازت ڏني ھئي. حالانڪھ اھا وڏي غلطي آھي، ڇاڪاڻ تھ صعيره گناھھ ھر ھر ڪرڻ سان ڪبيره ٿي ٿو پوي، بلڪھ مباح شين تي اصرار ڪرڻ بھ بعضي بعضي صغيره گناھھ بڻجي ٿو پوي. ھن ڳالھھ کي چڱيءَ طرح يا ڪرڻ گھرجي. باقي رھيو حضور ﷺ جن جو مزاح فرمائڻ، سو جھڙيءَ طرح پاڻ سڳورا مزاح ڪرڻ فرمائيندا ھئا، اھو اسان لکون ٿا تھ ھتان ماڻھو ڪنھن دوکي ۾ نھ رھن.

حضرت ابوھريره رضھ کان روايت آھي تھ حضور ﷺ جن کي ماڻھن عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ توھان اسان سان مزاح ڪندا آھيو ڇا؟ پاڻ فرمايائون تھ البتھ جيڪڏھن ڪنھن وقت مزاح ڪندا آھيون تھ سچي ڳالھھ کان سواءِ ڪجھھ نھ چوندا آھيون. عطار رضھ روايت ٿو ڪري تھ ھڪ شخص حضرت ابن عباس رضھ کان پڇيو تھ حضور ﷺ جن مزاح بھ ڪندا ھئا يا نھ؟ جواب ڏنائون تھ ڪندا ھئا. ھن پڇيو تھ ڪھڙيءَ طرح ڪندا ھئا؟ جواب ۾ ٻڌايائين تھ ھڪڙي ڏينھن پاڻ سڳورن پنھنجن بيبين سڳورين منجھان ھڪڙيءَ کي ھڪ ڪپڙي جو ٿان ڏنو ۽ ارشاد فرمايو تھ ھن کي پھريو ۽ خدا تعاليٰ جو شڪر ڪريو ۽ انھيءَ منجھان ڪنوار جي چادر يا شال بھ تيار ڪريو ۽ حضرت انس رضھ ٿو فرمائي تھ حضور ﷺ جن پنھنجي پاڪ اھلين سان ٻين ماڻھن کان گھڻو کل مذاق ڪندا ھئا ۽ ھيءَ بھ روايت آھي تھ پاڻ گھڻو ڪري تبسم فرمائيندا ھئا.

حضرت حسن رضھ کان روايت آھي تھ ھڪڙي ٻڍي عورت حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي، حضور ﷺ جن ھن کي فرمايو تھ جنت ۾ ڪائي ٻڍي عورت ڪا نھ ويندي. ھوءَ روئڻ لڳي. پاڻ فرمايائونس تھ ان وقت تون ٻڍي نھ رھندينءَ، ڇاڪاڻ جو خدا تعاليٰ ٿو فرمائي تھ، ”اِنا الشاناھن اِنشاءَ ھن ابکارا“ ”بيشڪ اسان انھن (حورن) کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي. پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسين.“

زيد بن اسلم رحھ روايت ٿو ڪري تھ ھڪڙي عورت ام ايمن نالي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين تھ توھان کي منھنجو مڙس ٿعو سڏي. پاڻ سڳورن فرمايس تھ تنھنجو مڙس اھو ناھي، جنھن کي اک ۾ سفيدي آھي. ھن عرض ڪيو تھ ھن جون اکيون تھ چڱيون ڀليون آھن، انھن ۾ سفيدي ڪاڏھون آئي، پاڻ فرمايائون تھ نھ بيشڪ اٿس. ھن عورت قسم کڻي چيو تھ نھ سائين سفيدي ڪانھيس. پوءِ پاڻ فرمايائونس تھ مائي ڪو بھ اھڙو انسان ڪونھي، جنھن کي اک ۾ سفيدي نھ ھجي. يعني ھر انسان جي اک جي تاري ۾ سياھي (ڪاراڻ) ۽ سفيدي (اڇاڻ) ٻئي موجود آھن.

ھڪڙي عورت حضور پاڪ ﷺ جن وٽ آئي ۽ عرض ڪيائين تھ مون کي ھڪ اٺ سواريءَ لاءِ عنايت ٿئي. پاڻ فرمايائونس تھ توکي ھڪ اٺ جو ٻڻچو ڏينداسين. عورت عرض ڪيو تھ سائين مان ٻچو وٺي ڇا ڪنديس. حضور ﷺ جن فرمايو تھ جيڪو اٺ ھوندو آھي، اھو اٺ جو ئي ٻچو ھوندو آھي. بس حضور ﷺ جن جو مزاح ھن نموني ھوندو ھو ۽ حضرت انس رضھ پڻ فرمائي ٿو تھ حضرت ابوطلحھ رضھ جو ھڪ پٽ ھو، جنھن جو نالو ھو ابو عمير. ھڪ ننڍڙو ڳاڙھو پکي ھن پاليو ھو ۽ ھن سان راند ڪندو ھو. جڏھن بھ حصور ﷺ جن انھن جي گھر تشريف فرما ٿيندا ھئا تھ انھيءَ ڇوڪري کي فرمائيندا ھئا تھ يا ابا عمير! (اي ابو عمير!) ما فعل النفير؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org