سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :22

ڪتاب چوٿون

غضب، ڪيني ۽ حسد جي مذمت

خطبو

الحمد لله الذي لا يستّڪل عديٰ عفوه ورحمتِه اِلاّ الراجون – ولا يحذر سوءَ غضبِه وسطوتِه اِلاّ الخائفون – الذي اِستدرج عبَاده من حيث لا يعلمون – وسلط عليھم الشھواتِ وامرھم بِترک ما يشتھون – وابتلاھم بِالغضبِ وڪلفھم کظم الغيظ فيما يغضبُون – ثم حقھم بِالمڪارم واللذاتِ وامديٰ لھم لينظر ڪيف يعملون – وامتحن بِه حبّھم ليعلم صدقھم فيما يدعون – وعرفھم اِنه لا يخفيٰ عليه شيءُ مما يسرون وما يعلنون – وحدرھم ان ياخذ ھم بَغتته وھم لا يشعرون – فقال ما ينظرون اِلاّ صيحته واحِدت تاءَخذ ھم وھم يخِصمون فلا يستطيعون توصيته ولا اِليٰ اھلھم يرجِعون – والصلات عليٰ محمد وسوله الذي يسير تحت لوانه النبِيون – وعليٰ آله واصحابِه الاثمته المھديون – والسادت المرضيون – صلاتءٌ يوازي عدد ھا عدد ما ڪان مس خلق الله وما سيڪون – ويحظي بِبَر ڪاتِھا الاولون ولاخرون وسلم تسليما ڪثِيرا.

سڀ ساراھھ جڳائي انھيءَ مالڪ حقيقيءَ کي جنھن جي بخشش ۽ ٻاجھھ تي سڀني اميد ۽ آسرو رکندڙن جو ڀروسو آھي ۽ جنھن جي غضب ۽ قھر جي سٽ کان سڀ خوف رکندڙ ھر دم حذر ڪندا ٿا رھن. ھو پنھنجن ٻانھن کي اھڙيءَ طرح ٿو درجي بھ درجي درجات بخشي جو انھن کي ڪو بھ پتو ئي ڪين ٿو پوي. ھڪ طرف انھن جي مٿان شھوتن کي مسلط ڪري ڇڏيو اٿس تھ ٻئي طرف وري سخت تاڪيد سان ارشاد ٿو فرمائي تھ خبردار! انھن سڀني سڌن ۽ خواھشن کي ترڪ ڪري ڇڏيو! ساڳيءَ طرح انھن کي غضب جي جذبات ۾ مبتلا ڪري وري حڪم ڪيو اٿس تھ ڪيئن بھ ڪري ڪاوڙ جي وقت پنھنجي غصي جا وڏا وڏا ڍڪ ڀري پي وڃو. انھيءَ کانسواءِ سڀني کي لذتن ۽ موه ۾ چوڌاري وڪوڙي کين ڊگھو رسو ڏئي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ تھ ھو ڏسي تھ اھي ڪھڙي قسم جا عمل ٿا ڪن ۽ انھن کي دنيا جي محبت ڏئي کين آزمائي ٿو تھ ھو پنھنجي پروردگار جي محبت جي دعويٰ ۾ ڪيتري قدر سچا ٿا رھن. انھيءَ سان گڏ اھا ڄاڻ بھ انھن کي ڏئي کين آزمائي ٿو تھ ھو پنھنجي پروردگار جي محبت جي دعويٰ ۾ ڪيتري قدر سچا ٿا رھن. انھيءَ سان گڏ اھا ڄاڻ بھ انھن کي ڏئي ڇڏي اٿس تھ جيڪي ڪجھھ ڳجھيءَ طرح يا ظاھر ظھور ھو ڪن ٿا اھو ھن کان ھرگز لڪل نٿو رھي ۽ اھو چتاءُ بھ سڀني کي پھچي چڪو آھي تھ ھن جي گرفت اھڙي اوچتو اچڻ واري آھي جو ڪنھن کي ئي پتو ڪو نھ پوندو. قرآن شريف ۾ بھ ارشاد اچي چڪو آھي تھ ”اھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن جيڪو انھيءَ حالت ۾ کين پڪڙيندو جو اھي پاڻ ۾ جھڳڙو فساد ڪندا ھوندا پوءِ ھي نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا.“

صلاتون ۽ سلام ھجن محمد ﷺ تي جنھن جي جھنڊي ھيٺ سڀ نبي اچي ٿا وڃن ۽ ھن جي آل تي ۽ اصحابن تي جيڪي اڳواڻ ۽ پيشوا آھن. ھدايت حاصل ڪرڻ وارن ۽ وڏن سردارن جا – اھا صلات جيڪا عدد ۾ خدا تعاليٰ جي موجوده خلق ۽ انھي خلق جي تعداد جي برابر ھجي جيڪا اڃا وجود ۾ اچڻ واري آھي ۽ انھيءَ صلات جي برڪتن جو لطف يا حظ حاصل ڪن سڀ اڳيان ۽ پويان.

ڄاڻڻ گھرجي تھ غضب جنھن کي غصو، ڪاوڙ ڏمر ڪري سڏيندا آھن اھو انھيءَ باھھ جو ھڪ شعلو آھي جنھن جي صفت ۾ ھيءَ آيت آھي ”نار الله المؤقدت التِي تطلع علي الافئدتِ“ (الله جي ٻاريل باھ آھي جيڪا دلين تي پھچندي) ۽ جھڙيءَ طرح سان باھھ رک يا ڇار ۾ لڪي پئي ھوندي آھي تھڙيءَ طرح غصي جي باھھ بھ دل جي تھن ۾ لڪل ٿي رھي ۽ جيئن چقمق لڳڻ سان باھھ ظاھر ٿي پوندي آھي تھڙيءَ طرح ڪاوڙ جي باھھ بھ تڪبر يعني وڏائيءَ کي ٿوري چوٽ لڳڻ سان ڀڙڪو کائي ظاھر ٿي پوي ٿي، جيڪي مڪاشفي جا صاحب آھن انھن اھا ڳالھھ معلوم ڪئي آھي تھ آدميءَ ۾ ھڪ رڳ شيطان جي مشابھت واري بھ آھي. پوءِ جيڪو ماڻھو غصي جي باھھ ۾ ڀڙڪي ٿو اٿي ۽ ھق کان ھن جي دل ڦري ٿي وڃي تھ ھو انھيءَ وقت پنھنجي نسبت يا پنھنجي عزازت (مٽي مائٽيءَ) جا ناتا شيطان جي طرف پڪا ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تھ شيطان بھ تھ ائين ئي چيو ھو تھ ”خلقتني من نار ؤ خلقته من طين.“ (مون کي تو باھ منجھان خلقيو آھي ۽ ھن (آدم) کي مٽيءَ منجھان).

ڄاڻڻ گھرجي تھ مٽيءَ جو شان اھو آھي تھ سڪون ۽ بردباريءَ سان رھي ۽ باھھ جو شان اھو آھي تھ ھو ٻري ۽ شعلا ۽ الا ڪڍي چرپر ۾ اچي ۽ (ٻئي کي جلائڻ لاءِ) بيقرار رھي، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ ۾ بھ ڪاوڙ جي وقت چرپر ۽ بيقراري ڏٺي وڃي تھ سمجھڻ گھرجي تھ ھن جي ساخت يا بناوت يا پيدائش مٽيءَ منجھان ناھي بلڪھ ھن جو خميرو باھھ جو ٿي ويو آھي جنھن جو شيطان ٺھيل آھي.

ياد رکڻ گھرجي تھ غضب جو نتيجو آھي حقد ۽ حسد، حقد جي معنيٰ آھي ڪينو يا بغض يا دشمني ۽ حسد معنيٰ آھي ساڙ يا ٻئي جي برائي چاھڻ ۽ ھنن ٻن شين کان خدا جي گھڻي خلق تباھھ ۽ بربابد ٿي چڪي آھي. ھن غضب جي رھڻ جي جاءِ بھ اھو ئي گوشت جو ٽڪرو يعني دل آھي.

جيئن تھ انسان ھنن ٽن شين (غضب، ڪيني ۽ حسد) ڪري تباھ ٿو ٿئي تنھنڪري اھو نھايت ضروري آھي تھ انسان کي اھڙيون ھلاڪت پھچائڻ واريون شيون ظاھر ڪري چٽيءَ طرح سان ٻڌايون ۽ سمجھايون وڃن. جيئن انھن کان پاسو ڪندو رھي ۽ انھن جي ويجھو ئي نھ وڃي. جيڪڏھن ھن کان اڳ اھي شيون ھن جي دل ۾ ڄمي چڪيون آھن تھ انھن کي بھ صاف ڪري ۽ جيترو ٿي سگھيس انھن جي علاج جي پٺيان پوي.

اھو دستور آھي تھ جيسين ڪنھن خراب ڳالھھ کي انسان نٿو ڄاڻي تيسين ان ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. مگر رڳو ڄاڻڻ بھ ڪافي ناھي. بھتر آھي تھ ان کان بچڻ جو علاج ۽ انھيءَ علاج جو طريقو بھ معلوم ھجيس. تنھنڪري اسان انھيءَ باري ۾ ھن ڪتاب ۾ سورھن بيان لکنداسين. پھرين اٺن ۾ غضب جي برائي، ان جي حقيقت، ان جا اسباب ۽ ان جو علاج ۽ حلم (يعني بردباري) جو ثواب وغيره لکنداسين ۽ باقي ٻين ۾ حقد ۽ حسد جي معنيٰ. انھن جا نتيجا ۽ اھي اسباب ۽ طريقا جيڪي، انھن سان تعلق ٿا رکن، اھي لکنداسين.

بيان پھريون

غصي جي برائي

الله تعاليٰ ٿو فرمائي ”اِذ جعل الذين ڪفروا في قلوبِھم الحميته الجاھليته فانزل الله سڪينته عليٰ رسوله وعلي المؤمنين“ (جڏھن ڪافرن پنھنجي دلين ۾ جاھليت وارو جوش پيدا ڪيو تڏھن الله تعاليٰ پنھنجي پيغمبرن تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو.)

ھن آيت ۾ الله جل شانه ڪافرن جي مذمت انھيءَ ڪري فرمائي آھي جو انھن باطل ڳالھھ تي غيرت جي سببان پاڻ ۾ اتفاق ڪيو ھو (۽ غيرت غصي کان ئي ٿيندي آھي )مونن جي تعريف ۾ فرمايو تھ ھو سڪون ۽ حليمائي جي لائق آھن.

حضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي شخص آنحضرت ﷺ جن کي عرض ڪيو تھ مون کي ڪو ٿورڙو عمل ٻڌائي ڇڏيو. پاڻ فرمايائونس تھ ”لا تغضب“ يعني غصو يا ڪاوڙ نھ ڪر. وري ٻيو دفعو ھن عرض ڪيو تھ بھ ساڳيو جواب فرمايائون.

حضرت ابن عمر رضھ کان بھ قريب قريب انھيءَ مضمون جي حديث بيان ٿيل آھي. ھو فرمائي ٿو تھ مان حضور ﷺ جن کي عرض ڪيو تھ منھنجي لاءِ ڪا ٿورڙي ڳالھھ ارشاد فرمايو جنھن کي چنبڙي پوان ۽ ان تي عمل ڪندو رھان. پاڻ فرمايائون تھ ڪاوڙ يا غصو نھ ڪندو ڪر. مان ٻيو دفعو اھو ئي سوال عرض رکيو مگر حضور ﷺ جن ساڳيو ئي جواب عنايت فرمايو. ھيءُ بھ انھيءَ جو ئي قول آھي تھ مان آنحضرت ﷺ کان پڇيو تھ مون کي خدا تعاليٰ جي غضب کان ڪھڙي شيءِ بچائيندي تھ پاڻ فرمايائون تھ تون پاڻ غصو نھ ڪندو ڪر.

حضرت اِبَن مسعود رضھ روايت ٿو ڪري تھ ھڪ دفعي آنحضرت ﷺ جن پڇيو تھ توھان زبردست پھلوان ڪنھن کي ٿا سڏيو يا سمجھو. سڀني عرض ڪيو تھ انھيءَ شخص کي جيڪو ڪنھن کان بھ نھ دسجي يا ھار کائي. حضور ﷺ جن فرمايو تھ اھو پھلوان ناھي بلڪھ زبردست پھلوان اھو آھي جيڪو غصي جي وقت پنھنجي نفس کي دٻاءَ ھيٺ رکي. حضرت ابوھريره رضھ کان بھ انھيءَ مضمون جي حديث روايت ٿيل آھي جنھن ۾ فرمايو اٿن تھ ”زبردست اھو ناھي جيڪو ٻئي کي دسي بلڪھ زبردست اھو آھي جيڪو غصي ۾ پنھنجي نفس کي قابو ۾ رکي.“

حضرت اِبن عم ررضھ ٿو فرمائي تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ ”جيڪو پنھنجي غصي کي ٿو روڪي الله تعاليٰ ھن جا عيب ٿو ڍڪي.“ حضرت سليمان ابن داؤد عليھما السلام ارشاد فرمايو تھ گھڻي غصي يا وڏي ڪاوڙ کان بچڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ غصي جي گھڻائي حليم ۽ بردبار ماڻھوءَ جي دل کي ھلڪڙو ڪري ٿي وجھي. حضرت عڪرمھ رضھ ھن آيت ”سيدا و حصورا و نبِيا من الصالحِين“ جي تفسير ۾ فرمائي ٿو تھ سيدا منجھان اھو شخص مراد آھي جنھن تي غصو غالب نھ ٿئي.

حضرت ابو دردا رضھ ٿو فرمائي تھ مان آنحضرت ﷺ جي خدمت مبارڪ ۾ عرض ڪيو تھ مون کي اھڙو عمل ٻڌايو جنھن جي ڪرڻ سان مان بھشت ۾ وڃان. پاڻ فرمايائون تھ ”غصو نھ ڪر.“

حضرت يھيٰ عليه السلام حضرت عيسيٰ عليه السلام کي ھدايت ڪئي تھ غصو نھ ڪندو ڪر. حضرت عيسيٰ فرمايو تھ ھي تھ مون کان نٿو ٿي سگھي. مان آخر آدمي آھيان، تنھن تي فرمايائونس تھ چڱو ڀلا مان ڪٺو نھ ڪر. انھيءَ تي ھضرت عيسيٰ فرمايو تھ شايد ھي ٿي سگھندو.

ھڪڙي حديث ۾ آيو آھي تھ حضور ﷺ جن فرمايوتھ غضب يا غصي جي اثر کان ايمان اھڙيءَ طرح ٿو بگڙي يا ڦٽي جھڙيءَ طرح ايلوه (ٽوھ) ماکيءَ کي ڦٽائي ٿو ڇڏي. اھو پڻ فرمايو اٿن تھ جيڪو ڪاوڙ ٿو ڪري اھو جھنم جي ڪناري کي پھچي ٿو وڃي. ھڪڙي شخص آنحضرت ﷺ کان سوال ڪيو تھ سڀني کان زياده سخت ڪھڙي شيءِ آھي تھ پاڻ فرمايائون تھ ”خدا تعاليٰ جو غضب.“ تنھن کان پوءِ ھن عرض ڪيو تھ مون کي ڪھڙي شيءِ انھيءَ کان پري رکندي. پاڻ فرمايائون تھ ”غصو نھ ڪر.“

آثار يعني بزرگن جا قول: حضرت حسن رحھ ٿو فرمائي تھ اي ابن آدم! تون غصي ۾ ايڏا ٿو ٽپا ڏين جو اھو ڀؤ ٿو ٿئي تھ ھن نبي سان سڌو دوزخ ۾ نھ وڃي پوين.

حضرت ذوالقرنين کان روايت آھي تھ ھن سان ھڪ فرشتي جي ملاقات ٿي جنھن کان سوال ڪيائين تھ مون کي ڪوئي اھڙو علم ٻڌاءِ جنھن سان منھنجو ايمان ۽ يقين زياده ٿئي. فرشتي چيس تھ غصو نھ ڪندو ڪر. ڇاڪاڻ تھ شيطان، ماڻھوءَ تي جيترو غصي جي وقت ٿو اختيار رکي اوترو ٻئي ڪنھن وقت بھ نٿو رکي، پوءِ غصي کي پي ويندو ڪر ۽ ڍر ڏيڻ سان ان کي ٺاريندو ڪر ۽ جيترو ٿي سگھي تھ تڪڙ کان بچجانءِ. ڇاڪاڻ تھ تڪڙ ۾ گھڻو فائدو ڪو نھ ٿو پوي. ازانسواءِ پنھنجن ۽ پراون سڀني سان سھولت ۽ نرميءَ سان ھلندو ڪر ۽ جابر ۽ سرڪش ڪڏھن بھ نھ ٿجانءِ.

حضرت وھبُ بِن منبَھ رحھ کان روايت آھي تھ ھڪ راھب پنھنجي عبادتگاھھ ۾ رھندو ھو. شيطان ھن کي گمراھھ ڪرڻ چاھيو مگر ھو پنھنجي ڳالھھ تي پڪو رھيو. شيطان ھڪڙي دفعي ھن جي حجري جي ڀرسان آيو ۽ ھن کي رڙ ڪري چيو تھ دروازو کول. ھن جواب نھ ڏنو. شيطان وري چيس تھ دروازو کول نھ تھ جيڪڏھن مان ھليو ويس تھ پوءِ پڇتائيندين، ھن تڏھن بھ ڪو ڌيان ڪو نھ ڏنس. پوءِ چيائين تھ مان مسيح آھيان. راھب چيس تھ جيڪڏھن مسيح آھين تھ مان ڇا ڪريان. مسيح عليه السلام اسان کي عبادت جو حڪم فرمايو آھي ۽ قيامت ۾ ملڻ جو وعدو فرمايو اٿس. جيڪڏھن وعدي جي خلاف قيامت کان اڳي ايندو تھ اسان ڪٿي ٿا مڃونس. پوءِ شيطان چيس تھ مان شيطان آھيان توکي گمراھھ ٿي ڪيم مگر اھي نٿي سگھيو. ھاڻي تون ڪا ڳالھھ پڇين تھ مان توکي ٻڌايان. ھن چيو تھ مون کي توکان ڪائي ڳالھھ بچڻ منظور ناھي. پوءِ شيطان اتان موٽيو. ايتري ۾ راھب چيس تھ ٻڌين ٿو يا نھ؟ ھن چيو تھ ھائو ٻڌان ٿو. راھب چيس تھ مون کي ٻڌاءِ تھ ماڻھن جي عادتن منجھان توکي سڀ کان وڌيڪ ڪھڙي عادت ٿي مدد ڪري. ھن جواب ڏنو تھ ”تيزي ۽ غصو“ آدمي جڏھن غصي ۾ ايندو آھي تڏھن اسان ھن کي ائين ڪڏائيندا آھيون جيئن ٻار کينھونءَ کي ڪڏائيندا آھن.

خثِيمھ رحھ ٿو فرمائي تھ شيطان جو مقولو آھي تھ آدم جي اولاد مون تي ڀلا ڪيئن ٿي غالب ٿي سگھي. جڏھن ھو رضامندي ۾ ويٺو ھوندو آھي تھ مان ھن جي دل ۾ ويٺو ھوندو آھيان ۽ جڏھن غصو ڪندو آھي تھ ٽپ ڏئي يا اڏامي وڃي ھن جي مٿي تي چڙھي ويھندو آھيان.

حضرت امام جعفر صادق رحھ ٿو فرمائي تھ غضب ھر ھڪ بريءَ جي چاٻي آھي. ڪن انصارن جو قول آھي تھ تيزي بيوقوفي جي پاڙ آھي ۽ ان جو نتيجو آھي غصو  ۽ جيڪو جھالت سان خوش رھي ان کي حلم جي ڪا بھ حاجت ڪانھي ڇاڪاڻ تھ حلم يا بردباري زينت ۽ نفي جي شيءِ آھي ۽ جھالت عيب ۽ ضرر جي ۽ احمق جي جواب ۾ خاموش رھڻ ئي ھن جو جواب آھي يعني ”جواب جاھلان باشد خموشي“.

حضرت مجاھد رصھ ٿو فرمائي تھ شيطان جو قول آھي تھ، بني آدم کان مان نھ ٿڪو آھيان ۽ ٽن ڳالھين ڪري مان ڪڏھن بھ ھن کان نااميد نھ ٿيندس. ھڪ تھ جڏھن ڪو نشو پيئندو تھ ھن جي ناڪيلي اسان جي ھٿ ۾ ھوندي. جيڏانھن ڦيرائينداسينس اوڏانھن ڦرندو رھندو ۽ ھر ڪم اسان جي مرضي مطابق ڪندو. بيو تھ جڏھن ھو ڪاوڙ ۾ ايندو تھ ڳالھھ اھڙي ڪندو جنھن جي ڪا بھ خبر ڪا نھ ھوندس ۽ ڪم اھو ڪندو جنھن منجھان ندامت يا پشيماني حاصل ٿيندس. ٽيون تھ جيڪي ڪجھھ ڪنھن وٽ آھي ان لاءِ ھ کي ھميشه بخل يا ڪنجوسائي جي ترغيب ڏيندا ٿا رھون ۽ اھڙين ڳالھين جو ھن کي ذوق شوق ٿا ڏاريون جيڪي ھن جي وت کان ٻاھر آھن.

ھڪڙي حڪيم يا سياڻي ماڻھوءَ سان ڪنھن ماڻھوءَ ڳالھھ ڪئي تھ فلاڻو ماڻھو خوب پنھنجي نفس تي غالب آھي ۽ ان کي پورو پورو قابو ۾ رکيو اٿس. حڪيم جواب ڏنس تھ جيڪڏھن واقعي ائين آھي تھ ھن کي ھاڻي شھوت رسوا نھ ڪندي، نفساني خواھش ھن کي مات ڪري نھ سگھندي ۽ غصو ھن کي دٻائي نھ سگھندو. ڪن جو وري قول آھي تھ غضب کان بچڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ غصي لھڻ کانپوءِ ضرور معذرت يعني معافي وٺڻ ۽ عذر پيش ڪرڻ جي ذلت برداشت ڪرڻي ٿي پوي.

حضرت ابن مسعود رضھ کان روايت آھي تھ مرد جو حلم (يعني بردباري يا برداشت ڪرڻ جي قوت) غصي جي وقت ڏسڻ يا پرکڻ کپي ۽ امانت کي طمع ۽ محتاجيءَ جي وقت جاچڻ کپي. باقي غصي کانسواءِ ٻين وقتن واري حلم تي ڪھڙو اعتبار يا جنھن کي ڪنھن شيءِ جي طمع يا لالچ يا ضرورت ڪانھي انھيءَ جي امانت واري صفت تي بھ ڪھڙو اعتبار.

حضرت عمر بن عبدالعزيز پنھنجي ھڪ عامل (يعني گورنر) ڏي لکيو تھ غصي جي وقت ڪنھن کي سزا نھ ڏجانءِ. بلڪ جنھن مجرم يا ڏوھي تي غصو اچي ان کي قيد ڪري ڇڏجانءِ. پوءِ جڏھن ڪاوڙ لھي وڃي تھ پوءِ روبڪاري ڪري جرم جي لياقت ۽ قدر آھر سزا جاري ڪجانءِ ۽ معمولي ڏوھن لاءِ پندرھن ڪوڙن کان زياده سزا نھ ھجي. علي بن زيد، حضرت عمر بن عبدالعزيز جي حال جي باري ۾ ٻڌائي ٿو تھ ھڪ دفعي ھڪ قريشي شخص ھن سان سخت ڪالمي ڪئي يعني جوش ۾ اچي گھٽ وڌ ڳالھايو. پاڻ گھڻي دير تائين مٿو ھيٺ ڪري ويٺا ۽ پوءِ فرمايائونس تھ تنھنجي مرضي ھيءَ ھئي تھ حڪومت جي جوش ۾ شيطان جي ھٿان خفيف يعني ھلڪڙو ٿي اڄ توسان اھا ڳالھھ ڪريان جيڪا تون سڀاڻي قيامت جي ڏينھن مون سان ڪرين (يعني مان توتي غصو ڪريان ۽ پوءِ ان لاءِ تون مون کان قيامت ۾ بدلو وٺين).

اڪابرن منجھان ھڪڙي پنھنجي پٽ کي ٻڌايو تھ غصي جي وقت آدميءَ جو عقل جاءِ تي نھ ھوندو آھي جھڙيءَ طرح ٻرندي تنور ۾ زنده جو روح بدن ۾ رھي نھ سگھندو آھي. پوءِ جيڪو ماڻھو ٿوري ڪاوڙ ڪندو زياده عقل وارو اھو ئي سڏبو. غصو جيڪڏھن دنيا واسطي آھي تھ ان جو نالو مڪر ۽ فريب آھي ۽ جيڪڏھن آخرت لاءِ آھي تھ ان کي علم ۽ حلم ڪري ٿو سڏجي.

حضرت حسن رضھ فرمائي ٿو تھ مسلمان جي سڃاڻ اھا آھي تھ ھو دين جو پڪو ھجي. ايمان جو يقين رکندو ھجي، علم، حلم سان ڪٺو ھجيس. سڀني جا حق چڱي طرح ادا ڪندو ھجي. تونگري ۾ وچولي روش، فاقئي (بک) جي وقت تحمل، قدرت ۽ طاقت ھوندي احسان ۽ سختيءَ ۾ صبر ڪري، شھوت ھن تي غالب نھ ھجي. ننگ ۽ غيرت ھن تي سرڪشي نھ ڪن، حرص ۽ پيٽ جي سببان ذليل نھ ھجي، نيت ۾ ڪنھن بھ قسم جو قصور ۽ فتور نھ ھجيس، مظلوم جي نصرت ۽ مدد ڪري، ضعيفن تي رحم ڪري، نھ بخيل ھجي نھ اسراف ڪندڙ، جڏھن ھن تي ڪوئي ظلم ڪري تھ معاف ڪري، جاھلن کي درگذر ڪندو رھي ۽ ھن جو نفس ھن منجھان تنگ ھجي مگر ٻيا ماڻھو سڀ ھن کان راضي ھجن.

حضرت عبدالله بن مبارڪ رحھ کان ڪڇيائون تھ توھان حسن خلق کي مجملا ھڪ لفظ ۾ ارشاد فرمايو، پاڻ فرمايائون تھ غضب کي ترڪ ڪرڻ حسن خلق آھي.

ھڪڙي نبي انبياء عليھم السلام منجھان پنھنجن ساٿين کي چيو تھ ڪوئي اھڙو آھي جو مون سان انھيءَ ڳالھھ جو ذمو کڻي تھ ڪڏھن بھ ڪاوڙ نھ ڪندس ۽ مون سان جنت م درجو وٺي ۽ مون کانپوءِ خليفو ۽ جاءِ نشين بڻجي. ھڪڙي نوجوان چيو تھ مان ڪڏھن بھ ڪاوڙ نھ ڪندس. وري پاڻ ٻيو دفعو ساڳيو سوال پڇيائون تھ وري بھ انھيءَ ساڳي شخص چيو تھ مان اھڙو آھيان ۽ پوءِ پنھنجي ساري زندگيءَ ۾ اھو عھد پورو ڪيائين. انھيءَ نبي جي وفات کانپوءِ ھو ان جو خليفو بنيو. ھي شخص ذوالڪفل عليه السلام ھو يعني ضمانت وارو جنھن ڳالھھ جو ذمو کنيو ۽ پورو ڪيو.

وھب ابن منبھ رحھ ٿو فرمائي تھ ڪفر جا چار رڪن يا ٿنڀا آھن. ھڪ غضب، ٻيو شھوت، ٽيون حمق يعني حماقت يا پاڳلپڻو ۽ چوٿون طمع.

بيان ٻيو

غضب (ڪاوڙ) جي حقيقت

جيئن جو خداوندي ڪريم حيوان کي اھڙو بنايو آھي جو ڪيترن ئي داخلي (يعني اندروني) ۽ خارجي (يعني ٻاھرين) اسبابن ڪري ھو فنا ۽ ھلاڪ يا تباھ ٿي ٿو سگھي. تنھن صورت ۾ پنھنجي انعام جي خزاني منجھان ھن جي مٿان ھڪ اھڙي شيءِ عنايت فرمائي آھي جنھن جي ذريعي مقرر وقت تائين ھر ڪو جاندار فنا کان محفوظ يعني بچيل ٿو رھي. داخلي اسباب يعني انسان جي جسم جي اندر جيڪي اسباب رکيا ويا آھن انھن جي طرف جيڪڏھن غور ڪبو تھ معلوم ٿيندو تھ انسان جي ترڪيب ھرارت (٩گرمي) ۽ رطوبت (تري يا نمي يا آلاڻ) سان ٿيل آھي جن جي وچ ۾ ازخود قدرتي طرح ئي ھڪ ٻئي سان مخالفت، ضد ۽ عداوت رکيل آھي. حرارت ھميشھ رطوبت واري حصي کي تحليل ڪندي يعني ڳاريندي ۽ خشڪ ڪندي يا سڪائيندي ٿي رھي ۽ ان جا جزا بخار جي حالت وٺي اڏامندا ٿا رھن. پوءِ جيڪڏھن طوبت کي غذا کان مدد نھ ملي ۽ جيتري قدر تحليل ۽ خشڪي پيدا ٿي ٿعئي اوتري قدر ھن جي نقصان جو پورائو نھ ٿيو تھ حيوان فنا ٿي ويندو. انھيءَ ڪري الله تعاليٰ حيواني بدن جي موافق غذا پيدا ڪئي ۽ ان ۾ اشتھا بھ رکي ڇڏڌي جنھن سان ھو غذا کائيندو رھي ۽ ھر وقت رطوبت ۾ جيڪا ڪمي ايندي ٿي رھي انھيءَ جو تدارڪ ڪري پاڻ کي فنا يا ھلاڪ ٿيڻ کان بچائيندو رھي.

خارجي يعني بدن کان کٻاھريان اسباب جيڪي حيوان جي فنا يا ھلاڪ ڪرڻ لاءِ ھردم تيار آھن سي آھن لٺ، ڀالو، ترار، بندوق، پستول وغيره جھڙا ھٿيار. ھنن جي مقابلي لاءِ الله تعاليٰ ھڪ قوت پيدا ڪئي آھي جنھن کي غضب جو نالو ڏنو ٿو وڃي. ھيءَ قوت اندر ۾ جوش ٿي کائي ۽ ايذاءُ ڏيڻ يا زيان ڪرڻ وارين شين کي دفع ٿي ڪري. ھن کي الله تعاليٰ باھھ منجھان بڻائي انسان جي سرشت يا خلقت واري خميري ۾ ملائي ڇڏيو آھي. پوءِ جڏھن انسان کي ڪنھن پنھنجي مطلب کان روڪيو ويندو آھي يا ان جي مرضيءَ جي خلاف ڪائي شيءِ ھن کي پيش ايندي آھي تھ اھا باھھ ڀڙڪو کائي اڀامندي آھي. ان جو شعلو اھڙو تيز ھوندو آھي جو دل جي اندر وارو خون جوش کائي رڳن ۾ مٿي ائين ٿو چڙھي جيئن باھ جو شعلو مٿي چڙھندو آھي يا ديڳڙي جو جوش مٿي اڀرندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو غصي وقت ماڻھوءَ جو منھن ۽ اکيون سرخ ٿي وينديون آھن. جيئن جو چھري جي کل تمام نرم ۽ صاف ٿي ٿئي تنھنڪري خون جي جھلڪ ھن ۾ اھڙي طرح چٽي ۽ ظاھر ٿي پوي ٿي، جھڙيءَ طرح آئيني جي اندر ڪا شيءِ معلوم ٿيندي آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي حال تڏھن ٿيندو آھي جڏھن پاڻ کان گھٽ رتبي واري تي ڪاوڙ ايندي آھي ڇاڪاڻ تھ ھن صورت ۾ ماڻھو ڄاڻي ٿو تھ ھن کان مان ڏاڍو آھيان ۽ ھن تي منھنجو غصو ھلي سگھندو. مگر جڏھن پاڻ کان ڏاڍي تي ڪاوڙ ايندي آھي يا اھڙي حالت ھوندي آھي جو ماڻھو انتقام نھ وٺي سگھندو آھي تھ انھيءَ صورت ۾ خون ٻاھرين کل ڏانھن اچڻ بدان قلب يا دل جي طرف رجوع ڪندو آھي ۽ وڏي رنج ۽ غم جو سبب بڻجي پوندو آھي. ھن اثر کان وري چھري جو رنگ زرد يا پيلو ٿي پوندو آھي. جيڪڏھن وري برابر حيثيت واري تي غصو ايندو آھي تھ ٻئ ڪيفيتون ظاھر ٿينبديون آھن. چھري جو رنگ لال ٿي ويندو آھي ۽ دل کي بھ ڏاڍي بيقراري ۽ بي چيني وٺي ويندي آھي.

بھرحال غصب جي جاءِ قلب ۾ آھي ۽ ان جي معنيٰ آھي ”بندلي وٺڻ لاءِ رت جو جوش کائڻ – ھيءَ قوت عام موذي شين جي دفع ڪرڻ لاءِ تھ يڪدم ڏسڻ سان پھريائين ئي متوجھ ٿيندي آھي يعني ايذاءُ پھچڻ کان اڳ ۾ ئي ھن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. جھڙوڪ ڏينڀو ڪتي ۽ نانگ وغيره کي يڪدم مارڻ. مگر جڏھن ڪنھن شيءِ کان ايذاءُ اوچتو پھچي چڪندو آھي تھ انھيءَ حالت ۾ وري ھيءَ قوت انتقام يعني بدلي ۽ دل جي تشفي ۽ تسڪين لاءِ پيدا ٿيندي آھي. ھن قوت جي غذا ۽ اشتھا، انتقام يعني بدلو آھي ۽ انھيءَ بدلي وٺڻ ۾ ھن کي لذت ٿي حاصل ٿئي ۽ سواءِ انھيءَ جي ھن کي قرار اچڻ مشڪل ٿي ٿو پوي.

غضب جا درجا

ڄاڻڻ گھرجي تھ ھن غضب جي قوت جا ابتدائي پيدائش کان وٺي ٽي درجا ٿا ٿين. پھريون درجو تفريط يعني ڪمي يا گھٽتائي جو آھي ۽ ھي ڏاڍو برو آھي، جنھن کي ڪاوڙ يا غصو ناھي تنھن کي ”بي غيرت“ سڏيو ٿو وڃي. حضرت امام شافعي رحھ ٿو فرمائي تھ جنھن شخص کي باوجود غصي ڏيارڻ جو غصو نٿو اچي اھو گڏھھ اھي. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ غصي ۽ غيرت جو بلڪل نھ ھجڻ ڏاڍو نقصان ڪار آھي. الله تعاليٰ پيغمبر ﷺ جي اصحابن جي تعريف ۾ ارشاد فرمايو تھ ”اشداءُ عليٰ الڪفار (سخت آھن ڪافرن تي) ۽ خود نبي ڪريم ﷺ کي ارشاد فرمايو تھ ”جاھدالڪفار والمنافقين واعلظ عليھم“ (ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر)“ ۽ سختي ۽ شدت ھميشه غصي کان پوءِ ٿيندي آھي.

ٻيو درجو افراط يعني زيادتي جو آھي. ھي اھا حالت آھي جنھن ۾ غصو ايترو ھجي جو عقل ۽ دين جي اطاعت سياست کان ٻاھر نڪري وڃي ۽ غصي جي وقت آدميءَ ۾ بصيرت ۽تامل (ڌيرج) ۽فڪر ۽ پنھنجو وس ڪجھھ بھ نھ رھي بلڪل ۽ ھڪڙي بيقراري ۽ بي چيني جي حالت ۾ اچي وڃي. غضب جي ھن غلبي جو سبب يا تھ پيدائشي ٿيندو آھي جو ڄمڻ کان وٺي ماڻھو خوفائتي شڪل وارو زود رنج ۽ زود غضب يعني جلد غصي ۾ اچڻ وارو ٿيندو آھي. اھڙي ماڻھوءَ کي مزاج جي گرمي ويتر وڌيڪ اشتعال ڏيندي آھي ۽ غصو جلد ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويندو اٿس. جيڪڏھن ڪنھن جو مزاج سرد آھي تھ اھو البتھ پيدائشي غصي جي صورت ھوندي بھ ٿورو غصو ٿو ڪري.

ٻيو سبب غصي جي غلبي جو آھي ”عادت“، ھيءَ عادت تڏھن پيدا ٿيندي آھي جڏھن ماڻھو اھڙن ماڻھن سان نشست برخواست ڪندو آھي جن تي عصو ھر وقت غالب ٿو رھي ۽ انتقام وٺڻ۾ ڏاڍا تڪڙا ۽ اڻ ٽر  ٿا ٿين ۽ انھن ڳالھين کي جوانمردي ۽بھادري ڪري ٿا ليکين. ھو فخر سان چوندا آھن تھ اسان ڪٿي ٿا اھڙيون ڳالھيو برداشت ڪري سگھون. اسان سان ڪو ٿوري بھ ڳالھھ ڪندو تھ اسان سھي نھ سگھنداسين. حالانڪ حقيقت ۾ اھي ماڻھو ٻين لفظن ۾ ڄڻ تھ ائين چئي رھيا آھن اسان کي ذرو بھ عقل يا علم ڪينھي. مگر بيوقوفيءَ سببان  ھو انھيءَ ۾ فخر ٿا سمجھن. پوءِ شخص اھڙيون ڳالھيون اھڙن ماڻھن کان ٻڌندو رھندو آھي انھيءَ جي دل ۾ غصي جي خوبي ڄمي ويندي آھي ءَ چاھيندو آھي تھ مان بھ اھڙو ٿي وڃان. انھيءَ ڪري قصو وڌي ٿو وڃي. جڏھن غصي جي باھ ھڪ دفعو ڀڙڪي ٿي اٿي تڏھن اھا غصو واري ماڻھو کي ڦوڪ ڏئي ٿي ڇڏي ۽ نصيحت ٻڌڻ کان ھن کي ٻوڙو ڪري ٿي ڇڏي بلڪھ بعضي بعضي نھ نصيحت سان ويتر غصو وڌندو اٿس. ھن وقت تي جيڪڏھن ماڻھو عقل ۽ نفس کان کڻي ڪا صلاح مصلحت پڇي تھ اھو بھ ڪو نھ ٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ تھ عقل جو نور صفا گل ٿي ٿو وڃي يا غصي جي دونھين ڪري اھڙو ماراٽجي ٿو وڃي جو ڪم جو نھ ٿو رھي.

فطرتي طرح انسان ھميشه دماغ سان فڪر ڪندو ٿو رھي. مگر جڏھن غصي جي ڪري دل ۾ خون جوش ٿو کائي ۽ ھن منجھان ھڪ ڪارو دونھون دماغ ڏانھن چڙھي فڪر جي جاءِ ۾ ڦھلجي ٿو وڃي (بلڪھ ڪنھن وقت نھ حواسن کي بھ وڪوڙي ويندو آھي) ايتري حد تائين جو انھيءَ جوش ۾ ماڻھو نھ اکين کان ڏسي ٿو سگھي ۽ نھ ڪنن سان ٻڌي ٿو سگھي. ساري دنيا ھن جي اڳيان تاريڪ نظر ايندي آھي ۽ ھن کي ڪجھ بھ ڪو نھ سجھندو آھي. ھن حال ۾ دماغ جي اھڙي صورت ٿي ٿي وڃي جھڙو ڪنھن غار ۾ باھھ ٻاري وڃي ۽ ساري غار دونھين ۾ ڀرجي وڃي ۽ زمين بھ گرم ٿي وڃي. اھڙي جاءِ تي فرض ڪيو تھ جيڪڏھن ڪو چراغ يا ڏيئو ٻرندو ھوندو تھ ان جو ڪھڙو سوجھرو ٿيندو. اھو جھڪو ٿي ويندو يا صفا وسامي ويندو.ماڻھو جيڪو انھيءَ غار ۾ ھوندو. اھو نھ اٿي رھي سگھندو ۽ نھ وري ٻئي جي ڳالھھ ٻڌي سگھندو. اھڙو ئي حال دل ۽ دماغ جي غصي جي حالت ۾ ٿو ٿئي. بلڪھ ڪن وقتن تي غصي جي باھھ اھڙي تيز ھوندي آھي جو ان جي تيزيءَ مان اھا رطوبت جنھن سان دل جي زندگي قائم آھي اھا بھ فنا يا ختم ٿي وڃي ٿي ۽ آدمي فوت يا ختم ٿي ٿو وڃي. جھڙيءَ طرح غار جي باھھ ڪڏھن وڌي وڃي غار کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي آھي. ڇاڪاڻ تھ اھا غار جي ساري خال ۾ ھيٺ مٿي ھيڏي ھوڏي پکڙجي غار جي ديوارن ۾ جيڪا قائم رھڻ واري قوت ھوندي آھي اھا جلائي ختم ڪري ڇڏيندي آھي. ساڳيءَ طرح دل جي اندر بھ غصي جي باھھ جي اثر کان قلب جي رطوبت جلي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انسان فوت ٿي ٿو وڃي.

اھا حقيقت آھي تھ سمنڊ جي موجن جي طوفان کان بچڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو ھجڻ نھايت ضروري اھي ڇاڪاڻ تھ ٻيڙيءَ يا جھاز ۾ جيڪي ماڻھو ھوندا اھي ھن کي بيھارڻ ۽ بچائڻ جون ويھھ ڪوششون ڪندا مگر ھتي تھ نفس جي ڪشتيءَ جو ناخدا يا ملاح ھئي دل، جڏھن اھا غضب جي سببان انڌي ٻوڙي ٿي وئي تھ باقي بجاءِ جي تدبير ڪير ڪري.

ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ غصي يا ڪاوڙ جي شدت يا سختيءَ جا ظاھري نشان ھي آھن، رنگ جو بدلجڻ، ھنٿن پيرن جو ڪنبڻ، ڪم بي ڍنگا ۽ وائڙن وارا ڪرڻ، ڳالھائڻ گھتجي وڃڻ، ڳلو ويھجي وڃڻ، بلڪھ واڇن مان جھڳ وھڻ، اکيون لال ٿي وڃڻ، ناسون ڦري وڃڻ ۽ شڪ بدلجي وڃڻ، ايتري قدر جو عصي وارو پنھنجي شڪل عصي ۾ ڏسي تھ شرم کان جيڪو غصو ئي ختم ٿي وڃيس ۽ چوي تھ منھنجي ڪھڙي نھ بڇڙي شڪل بڻجي پيئي آھي.

جيئن جو انسان جي ظاھري شڪل ھن جي باطن جو آئينو ٿي ٿئي، تنھنڪري ھن حالت ۾ جيڪڏھن ظاھر جو اھو ھال آھي تھ باطن جو الائي ڪھڙو برو ۽ بڇڙو حال ھوندو. دستور آھي تھ پھريائين اندر جي حالت بگڙندي آھي ۽ ان جو اثر آھستي آھستي ٻاھر تائين پھچي ويندو آھي. ھن جو مطلب آھي تھ ظاھري صورت جو بدلجڻ ھڪ فرع يا شاخ آھي ۽ باطن جو بگڙڻ اصلي پاڙ يا جڙ آھي تنھنڪري ظاھر جو حال ڏسي اندر جو بھ اھڙو ئي حال يا ان کان بدتر تصور ڪرڻ گھرجي.

مطلب تھ غصي ۾ سري بدن جي حالت ڏاڍي خراب ھوندي آھي. خاص ڪري زبان تي غصي جو اھو اثر ٿيندو آھي جو ماڻھو گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ اھڙا فحش ۽ بڇڙا لفظ ڪم آڻيندو آھي جو سڀاڻي ماڻھوءَ کي ٻڌي شرم اچي وڃي بلڪھ خود گارين ڏيڻ وارو بھ شايد جيڪڏھن ڪاوڙ جي حالت کان ٻاھر ھجي تھ اھڙا لفظ ڳالھائڻ يا ٻڌڻ گوارا نھ ڪري ۽ ڪم آڻيندي شرم اچيس.

باقي ٻين عضون تي غصي جو اثر اھو ٿو پوي جو بنا ڪنھن ڌيرج يا سوچ ويچار جي ماڻھو مارڪٽ، گھل گنداڻ، ڌڪ چنبي ۽ ٻئي  کي وڍي ڪپي زخمي يا قتل ڪرڻ کي لڳي ويندو آھي، جنھن ماڻھوءَ تي ڪاوڙ ايندي آھي. اھو جيڪڏھن سامھون ھوندو آھي تھ ان سان اھي سڀ تعديون ڪيون وينديون آھن مگر جيڪڏھن ھو ڀڄي ويو يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري ھن تي وس نھ ھليو تھ غصو خود غصي ڪرڻ واري تي ٿو موٽي ۽ ھو پنھنجا ڪپڙا ٿو ڦاڙي. ٻوٿ ۾ چنبا ٿو ھڻي، زمين کي ھٿن سان ٿو ڪٽي ۽ نشي وارن يا چرين ۽ وائڙن وانگر وٺي ٿو ڊڪون پائي ۽ ڪڏھن غصي جي حالت ۾ اھڙيءَ طرح ٿو ڪري جو اٿڻ ۽ ڊوڙڻ جي طاقت نٿي رھيس ۽ غشي جھڙي حالت ٿئي ٿي وڃيس. بعضي وٺي ڍورن ڍڳن ۽ بي ساھين شين کي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪري ٿو ڏئي جھڙوڪ گھر جا ٿانو ڀڃڻ، دسترخوان ڦاڙڻ، ڳئون ڏاند يا گھوڙي کي ڌڪ ھڻڻ ۽ گاريون ڏيڻ ۽ انھن سان اھڙيءَ طرح ڳالھائڻ جو ڄڻ تھ ھو سمجھدار آھن ۽ جيڪا تنبيه انھن کي ڪري رھيو آھي اھا ھو سڀ ٿا سمجھن. اتفاق سان جيڪڏھن ڪو جانور انھيءَ وقت اٽ ھڻي ويھندو اٿس تھ پاڻ بھ ھن کي اٽون مڪون ۽ ڌڪ ھڻڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ ھي سڀ ڳالھيون احمقن ۽ پاڳلن جون آھن.

دل تي وري غصي جو اثر اھو ٿو ٿئي جو جنھن تي غصو ٿو اچي ان جي لاءِ ڪينو ۽ حسد پيدا ٿو ٿئي ۽ ھر وقت ھن جي برائي چاھڻ، ھن جي برائي تي خوش ٿيڻ، ھن جي ڀلائيءَ تي رنج رھڻ، ھن جي رازن کي فاش ڪرڻ، ھن جي بي عزتي ڪرڻ جي پٺيان ڪاھي پوڻ ۽ ھر دم ھن کي پاڻ کان نيچو ڏيکارڻ لاءِ انسان مٿو ماريندو ٿو وتي. ھي سڀ غضب جا ڦل آھن.

ٻئي طرف وري غضب جي ضعف يا ھيڻائيءَ جا نتيجا بھ چڱا ڪو نھ آھن ۽ غصي جي ڪمي يا گھٽتائيءَ جو ڦل بيعزتي آھي. مثلا جيڪڏھن ڪا ڳالھھ گھر جي ڀاتين يعني ماءُ، ڀيڻ ۽ زال وغيره جي باري ۾ غيرت ڪرڻ جھڙي آھي ۽ ڪو غيرت نٿو آڻي تھ ھو وڏو بيغيرت ٿو ليکجي ۽ ڪمينن وانگر ذلت ۽ خواري برداشت ڪرڻي ٿي پويس. بي غيرت ماڻھو مخنث يا کدڙي جي برابر آھي. تنھنڪري معلوم ٿيو تھ غيرت نھايت ضروري شيءِ آھي. حضور ﷺ جن فرمائين ٿا تھ ”سعد البتھ غيرت وارو آھي ۽ مان سعد کان وڌيڪ غيرت وارو آھيان ۽ خدا تعاليٰ مون کان وڌيڪ غيرت وارو آھي.“

انھيءَ کان سواءِ غيرت نسلن جي قائم رکڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي آھي. جيڪڏھن غيرت ۾ ماڻھو غفلت ۽ سستي ڪندا تھ نسلن ۾ فتور  ۽ خلط ملط اچي ويندو ۽ انھيءَ بناء تي ھي قول مشھور آھي تھ جنھن قوم جي مردن ۾ غيرت ھوندي آھي انھن جي عورتن ۾ حفاظت رھندي آھي.

بڇڙي ڳالھھ کي ڏسي چپ ڪري يا نٽائي وڃڻ بھ غضب ۽ غيرت جي ضعف يعني ھيڻائي جي نشاني آھي. حضور ﷺ جن فرمائين ٿا تھ ”منھنجي امت ۾ بھترين اھي آھن جيڪي سخت ۽ تيز آھن.“ يعني دين جي ڳالھين ۾ سخت غيرتمند آھن. الله تعاليٰ جو ارشاد آھي تھ ولا تاخذڪم بِھما واقتهءٌ في دين الله - (اوھان کي انھن ٻنھي (زاني مرد ۽ زاني عورت) تي نرمي نھ وٺي يعني نرمي ڪرڻ نھ جڳائي).

انھيءَ کان سواءِ جيڪو شخص پنھنجي نفس جي رياضت نٿو ڪري سگھي يعني شھوتن ۽ خواھشن کي مات نٿو ڪري سگھي تھ اھا بھ انھيءَ ڳالھھ جي علامت آھي تھ ھن ۾ غصي جو مادو گھٽ آھي ڇاڪاڻ تھ رياضت فقط تڏھن ٿي سگھي ٿي جڏھن ماڻھو پنھنجي غصي کي شھوت تي مسلط ٿو ڪري ايتري قدر جو جڏھن بھ نفس نڪمين شھوتن ڏي ٿورو جھڪي تھ اتي جو اتي ان تي غصو ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org