سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :26

حضرت ابن سيرين رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا جي ڪمن ۾ مان ڪنھن تي حسد نھ ڪندو آھيان. انھيءَ ڪري جو جيڪڏھن ھو جنتي آھي تھ پوءِ ھن تي دنيا جي ٿوري نعمت تي ڇو ڪو حسد ڪري. ھو تھ جنت وارن وڏين نعمتن جو حقدار آھي. جيڪڏھن ھو دوزخي آھي تھ پوءِ تھ دنيا جي ٿوري مھلت واري عرصي لاءِ ھن تي حسد ڪرڻ اجايو آھي. آخر ھو وڃي دوزخ ۾ پوندو.

حضرت حسن رضھ کان ھڪڙي ماڻھوءَ پڇيو تھ مؤمن بھ حسد ڪندو آھي ڇا. پاڻ فرمايائون تھ حضرت يعقوب عليه السلام جي پٽن جو قصو اوھان کان وسري ويو آھي ڇا؟ مؤمن حسد ڪندو آھي مگر بھتر آھي تھ اھو سيني ۾ اندر ئي ھن کي پوشيده رکي ڇاڪاڻ تھ جڏھن زبان ۽ ھٿ سان ڪجھھ زيادتي نھ ڪندو تھ صرف اندر جي حسد کان ڪجھھ نقصان نھ ٿيندو.

حضرت ابودردا رضھ ٿو فرمائي تھ جيڪو موت کي ڪثرت سان ياد ڪندو ھن جو حسد ۽ کلڻ ٻئي گھٽجي ويندا. ڪن سياڻن جو قول آھي تھ حسد ھڪ ڦٽ آھي جيڪو ڪڏھن بھ نھ ٿو ڀرجي ۽ جيڪو ڪجھھ حاسد تي گذري ٿو اھو ئي ھن لاءِ ڪافي آھي (يعني حسد ھڪ باھھ آھي جنھن ۾ حاس ھميشه جلندو ۽ پچندو ٿو رھي).

ھڪڙي اعرابي جو قول آھي تھ ظالم ٿي ڪري مظلوم جي حالت جھڙو سواءِ حاسد جي مان ٻيو ڪو نھ ڏٺو آھي (يعني عام دستور موجب تھ مظلوم جي حالت خراب ھوندي آھي. مگر حسد جي حالت ۾ جيڪو حسد وارو ظلم ڪندڙ آھي انھيءَ جو حال مظلوم جھڙو ٿيو رھي) ڇاڪاڻ تھ جڏھن بھ ٻئي جي نعمت ڏسي ٿو تھ ھن جي دل تي گويا ڇريون ڦري ٿيون وڃن (۽ اھا سزا ڪا ٿوري آھي ڇا).

ڪن بزرگن جو قول آھي تھ حاسد لاءِ ھو طرف کان برائي ٿي پرائي آھي. مجلسن ۽ محفلن ۾ ھن کي ذلت ۽ خواري ٿي نصيب ٿئي. فرشتا ھن سان بغض ٿا رکن ۽ ھن تي لعنت ٿا ڪن، خلق کان ھن کي رڳو غم ۽ غصو ٿو ملي. سڪرات جي وقت دھشت ۽ سختي ٿو سھي ۽ قيامت ۾ عذاب ۽ رسوائي حاصل ٿئيس.

بيان ٻارھون

حسد جي حقيقت ۽ ان جا قسم ۽ درجا

ھي تھ ظاھر آھي تھ حسد ھميشه نعمت تي ئي ڪيو ويندو آھي. جڏھن الله تعاليٰ بندي کي نعمت عطا ٿو فرمائي تھ ٻئي ماڻھوءَ جون ٻھ حالتون ٿيون ٿين. ھريائين تھ اھا نعمت ھن کي بري معلوم ٿي لڳي ۽ ھو چاھي ٿو تھ اھا انھيءَ ماڻھوءَ وٽ نھ رھي. ھن حالت جو نالو آھي ”حسد“.ھن منجھان معلوم ٿيو تھ حسد جي وصف ۽ حقيقت آھي ٻئي جي نعمت کي برو سمجھڻ ۽ انھيءَ جي ھن وٽان وڃڻ جو خواھش ڪرڻ ٻي حالت اھا آھي تھ نڪا نعمت بري لڳي ۽ نھ انھيءَ جي وڃڻ جو ماڻھو خواھشمند ٿئي بلڪھ دل چاھي تھ اھڙي نعمت مون کي بھ ملي. انھيءَ جو نالو آھي غبط (ريس) يا منافست (حرصا حرصي ڪرڻ) ڪڏھن ڪڏھن منافست ۽ حسد کي ھڪٻئي جي جڳھھ تي ڪم آندو ويندو آھي مگر انھيءَ ۾ ڪو مضائقو ناھي جڏھن انھن جون جدا جدا معنائون سمجھھ ۾ اچي ٿيون وڃن. آنحضرت ﷺ بھ فرمايو آھي تھ ”مؤمن غبُط (ريس) ڪندو آھي ۽ منافق حسد ڪندو آھي.“

ڄاڻڻ گھرجي تھ حسد ھر حال ۾ بڇڙو آھي مگر اھڙ: نعمت جيڪا ھڪڙي فاجر يا ڪافر کي ھٿ لڳي ھجي ۽ ان سان فتنو فساد ۽ ايذاءُ رسائي ڪندو ھجي تھ اھڙي نعمت کي انھيءَ شخص تي برو سمجھڻ ۽ انھيءَ جي زوال لاءِ خواھان ٿيڻ ۾ ڪجھھ بھ گناھھ ناھي ڇاڪاڻ تھ ھن حالت ۾ خود نعمت تي حسد نٿو ڪيو وڃي پر انھيءَ ڳالھھ کي برو سمجھيو ٿو وڃي جو اھا نعمت سبب ٿي بڻجي فتنھ ۽ فساد جو. جيڪڏھن ھو فتنو ۽ فساد نھ ڪري تھ پوءِ انھيءَ نعمت تي بھ حسد ڪرڻ جائز ناھي توڙي کڻي ھڪ ڪافر وٽ ھجي.

حسد جي حرام ھجڻ ۾ جيڪي حديثون آيون آھن اھي اسان مٿي بيان ڪري چڪا آھيون. انھن منجھان صاف ظاھر آھي تھ حسد لاءِ سواءِ حرام ھجڻ جي ٻي ڪا بھ فتويٰ نٿي ٿي سگھي. انھيءَ کان سواءِ ٻئي جي نعمت کي برو سمجھڻ گويا خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڪاوڙ ڪرڻي آھي تھ ھن پنھنجن ڪن بندن کي ٻين تي فضيلت جو ڏني. ڄاڻڻ گھرجي تھ ھيءَ ھڪ اھڙي ڳالھھ آھي جو نڪا انھيءَ تي اسان جي ڪا حجت ٿي ھلي سگھي ۽ نھ وري انھيءَ تي حجت ڪرڻ جي اجازت ئي آھي. (ڌڻي تعاليٰ ساري ڪائنات جو اڪيلو مالڪ آھي جيڪي چاھي سو ڪري ٿو سگھي. چون چرا ڪرڻ بلڪل فضول آھي.) غور ڪرڻ جي ڳالھھ آھي تھ انھيءَ کان وڌيڪ وڏو گناھھ ڪھڙو ٿو ٿي سگھي جو ماڻھو ڪنھن ٻئي مسلمان جي راحت کي برو سمجھي. حالانڪھ انھيءَ ۾ ھن جو ڪو پنھنجو نقصان بھ نھ ٿو ٿئي. الله جل سانه بھ حسد جي برائي قرآن شريف ۾ جا بجا ڪرڻ فرمائي آھي جھڙوڪ:

1.        ”اِن تمسسکم حسنتهءٌ تسسؤھم واِن تصبڪم سيئتهءٌ تّغر حوابِھسا“ (اي مؤمنو! جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي تھ کين ڏکوئيندي آھي ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏک پھچندو آھي تھ ان سببان سرھا ٿيندا آھن) اھا خوش سماتت ڪري ھئي ۽ شماتت ۽ حسد پاڻ ۾ لازم ملزوم آھن.

”ود ڪثِيرءُ من اھل الکتابِ لو يردولکم من بَعد اِيمانکم کفارا من عند انفسھم“ (ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن تھ جيڪو اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ بھ، ساڙ يعني حسد سببان جيڪو انھن جي دل ۾ آھي. موٽائي اوھان کي ڪافر ڪن). ھن ۾ ھي ٻڌايو ويو آھي تھ ڪافر جيڪي ايمان جي نعمت جي زوال جا خواھان ھئا اھي محض حسد جي ڪري ھئا.

2.       ”ودوا لو تڪفرون ڪما ڪفروا فتڪونون سوآءَ“ (اھي گھرندا آھن تھ جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن تھ سڀ ھڪ جھڙا ٿيون).

3.       حضرت يوسف عليه السلام جي ڀائرن جي حسد جو جتي ذڪر فرمايو ويو آھي تھ انھن جي دل جي ڀيد کي ھن طرح ظاھر فرمايو ويو آھي ”اِذ قالوا ليوسف واخوه احبّ اِليٰ ابِينا منا ونحن عصبَتهءٌ اِن ابَانا لفي ضلال مبِينن اقتلوا يوسف او اطرحوه ارضا يخل لڪم وجه ابِيڪم“ (جڏھن پاڻ ۾ چيائون تھ بيشڪ يوسف ۽ سندس سڳو ڀاءُ اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسان گھڻا ڄڻا ڏاڍي ٽولي آھيون. بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀل ۾ آھي. ھاڻي گھرجي تھ يوسف کي ڪھو يا ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو تھ اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي) يعني جڏھن پيءُ جي محبت حضرت يوسف جي ڀائرن کي چڱي معلوم نھ لڳي تھ ان جي زوال جو فڪر ڪري ھن کي ھن جي نظرن کان غائب ڪري ڇڏيو.

4.       ”لا يجِدون في صدورھم حرجا بِما اوتوا (اھي نٿا ڏسن پنھنجن دلين ۾ تنگي انھيءَ تي جيڪي ٻين کي ڏنو ويو آھي) ھن ۾ حسد نھ ڪرڻ وارن جي تعريف آھي يعني انھن جي دل تنگ نھ ھوندي آھي ۽ انڪار واري جاءِ تي وري ارشاد ٿيو تھ ”ام يحسدون الناس عليٰ مآ اٰتٰھم الله من فضله“ (ويتر ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله کين پنھنجي فضل سان ڏنو آھي).

5.        ”وما تفرقوآ اِلاّ منءُ بَعد ماجآءَھم العلم بَغيفا بَينھم“ (۽ نھ جدا ٿيون امتون مگر ازروئي سرڪشي جي پاڻ ۾. بعد ان جي جو آيو انھن وٽ علم.) يعني علم انھن کي انھيءَ لاءِ عطا ٿيو ھو تھ الله تعاليٰ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري بجا آڻڻ ۾ متفق ٿي پاڻ ۾ مانوس ۽ مالوف (مليل) رھن ھا مگر انھيءَ جي ابتڙ حسد ۽ اختلاف ڪرڻ لڳا.

ھر ھڪ کي اھا ڳالھھ پسند آئي تھ رياست يا حڪومت مون کي ملي ٻئي وٽ نھ وڃي. سڀ ماڻھو منھنجو ئي فرمان مڃن. انھيءَ ڇڪتاڻ ۾ پئجي ويا.

حضرت ابن عباس رضھ فرمائي ٿو تھ آنحضرت ﷺ جن کي رسالت ملڻ کان اڳ ۾، يھودي جڏھن بھ ڪنھن ٻي قوم سان لڙائي ڪندا ھئا تھ ھن طرح دعا گھرندا ھئا تھ ”الاھي! انھيءَ پيغمبر جي طفيل جنھن جي موڪلڻ جو تو اسان سان وعدو ڪيو آھي ۽ انھيءَ ڪتاب جي طفيل جيڪو تون ان تي لاھيندين اسان کي دشمن تي فتح ڏي ۽ انھن جي فتح ٿيندي رھندي ھئي. مگر جڏھن آنحضرت ﷺ جن حضرت اسماعيل جي اولاد منجھان پيدا ٿيا تھ ڄاڻي واڻي حضور ﷺ جن جي نبوت کان انڪار ڪري ويا. جيئن تھ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”وڪانوا من قبل يستفتِحون علي الذين ڪفروا َلما جآءَھم ما عرفوا ڪفروا بِه“ (ھن کان اڳ ڪافرن تي سوڀ جون دعائون گھرندا ھئا. پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون) ۽ وري انھيءَ کان اڳتي باري تعاليٰ جو ارشاد ٿيو تھ بِما انزل الله بَغيا“ (تھ نھ مڃيائون ساڙ کان جيڪي الله تعاليٰ لاٿو يا موڪليو) يعني حسد ڪيائون.

ھاڻي منافست جو حڪم ٻڌڻ گھرجي تھ اھا حرام ناھي جھڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ ارشاد آھي تھ .وفي ذالڪ فليتنافس المتنافسون“ )۽ ان ۾ ھڪ ٻئي کان وڌيڪ شوق رکندڙ شوق رکن) ۽ ”سابِقوا اِليٰ مغفرتِِ من ربِڪم“ (پنھنجي پالڻھار جي بخشش ڏانھن اڳرائي ڪريو) ھن ۾ مبھ منافست ئي مراد آھي انھيءَ لاءِ تھ سبقت يعني اڳتي وڌڻ اتي ترندو آھي جتي ڪنھن شيءِ جي ھليو وڃڻ جو خوف ھوندو آھي. مثلا ٻھ غلام يا ٻانھا جيڪڏھن پنھنجي آقا جي خدمت لاءِ ھڪ ٻئي تي سبقت ڪرڻ گھرن ٿا تھ مقصد ٻنھي منجھان ھر ھڪ جو اھو ھوندو آھي تھ ائين نھ ٿئي جو منھنجو ساٿي آقا جي سامھون اول وڃي اھڙي ڪا شيءِ وٺي جيڪا پوءِ مون کي ملي نھ سگھي. حديث شريف ۾ بھ ھن جي تشريح ۽ توضيح موجود آھي. ھضور ﷺ جن فرمائين ٿا تھ ”حسد نھ ڪجي مگر ٻن سان، ھڪڙو انھيءَ شخص سان جنھن کي ڏنو ھجي الله تعاليٰ مال ۽ ھو خرچ ڪندو ھجي حق جي راھھ ۾ ۽ ٻيو انھيءَ ماڻھو سان جنھن کي ڏنو ھجي الله تعاليٰ علم ۽ ھو عمل ڪنود ھجي ان تي ۽ سيکاريندو ھجي (اھو علم) ٻين کي. ”وري ھن حديٿ جي تفسير، ابي ڪبشه انصاري ھن طرح فرمائي تھ ”ھن امت جو مثال چئن آدمين جھڙو آھي. ھڪ اھو جنھن کي ڏنو ھجي الله تعاليٰ علم ۽ مال ۽ ھو پنھنجو مال پنھنجي علم مطابق عمل ڪندو ھجي ۽ ٻيو جيڪو ڏنو ھجي الله تعاليٰ ھن کي علم ۽ نھ ڏنو ھجي ھن کي مال تھ علم وارو چوي تھ جيڪڏھن مون وٽ فلاڻي شخص جھڙو مال ھجي ھا تھ مان بھ جيڪر اھڙو ئي عمل ڪريان ھا تھ ٻئي ثواب ۾ برابر ٿيندا.“ انھيءَ لاءِ تھ ھو صرف اھا ڳالھھ ٿو چاھي تھ فلاڻي جھڙو مال مون کي بھ گھرجي اھو نٿو چاھي تھ ھن وٽان ھليو وڃي. وڌيڪ انھيءَ حديث جو خاتمو ھن طرح آھي تھ ”ٽيون ماڻھو اھو  جنھن کي ڏنو ھجي الله تعاليٰ مال ۽ پوءِ ھو خرچ ڪري ان کي خدا تعاليٰ جي نافرمانين ۾ ۽ چوٿون اھو ماڻھو جنھن کي نھ ڏنو ھجي الله تعاليٰ مال ۽ پوءِ ھو چوي تھ جيڪڏھن مون وٽ بھ ھن جھڙو مان ھجي ھا تھ مان بھ جيڪر ھن جھڙا (عيش عشرت وارا) عمل ڪيان ھا تھ انھن ٻنھي جو گناھھ ھڪ جيترو ٿيندو. ڄاڻڻ گھرجي تھ آنحضرت ﷺ جن جو انھيءَ مفلس جي مذمت ڪرڻ جو سبب اھو آھي تھ ھن مال جي تمنا گنھگاريءَ لاءِ ڪئي ۽ نھ انھيءَ ڪري تھ ھن ٻئي جھڙو مال ڇو گھريو.

ھن منجھان معلوم ٿيو تھ جيڪو ٻئي جي نعمت تي غبط (ريس) ٿو ڪري ۽ پنھنجي لاءِ بھ ساڳيو ٿي ٿو چاھي ۽ ٻئي وٽان انھيءَ جو دور ٿيڻ نھ ٿو چاھي ۽ نھ ھن کي انھي نعمت جو دائمي ھن وٽ رھڻ برو معلوم ٿو ٿئي تھ انھيءَ ۾ ڪوئي حرج ڪونھي. ھا باقي ھتي اھا ڳالھھ رھي تھ مٿي ذڪر ڪيل حديث ۾ ”حسد“ جو لفظ آھي حالانڪھ بيان منافست (ھڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ) جي مباح ھئڻ جو پئي ھليو تھ انھيءَ جي تشريح اسان اڳيئي ڏئي چڪا آھيون تھ حسد ۽ منافست ھڪٻئي جي بدران ڪم ايندا آھن. منافست جي جاءِ تي حسد جو استعمال ھن حديث ۾ آھي ۽ حسد جي جڳھھ منافست جو لفظ ھن روايت ۾ موجود آھي تھ جڏھن قثم بن عباس ۽ فضل چاھيو تھ اسان آنحضرت ﷺ جي خدمت مبارڪ ۾ درخواست ڪريون تھ ”صدقات“ جو ڪاروبار اسان جي حوالي ڪرڻ فرمائين تھ حضرت علي ڪرم الله وجھھ جن انھن کي فرمايو تھ اوڏانھين وڃڻ فضول آھي. حضور ﷺ جن اھو عھدو اوھان کي عطا نھ ڪندا. انھن چيو تھ اھا ڳالھھ توھان منافست (يعني حسد) کان ٿا چئو حالانڪھ جڏھن آنحضرت ﷺ جن اوھان کي پنھنجي نياڻي فاطمه رضي الله عنھا نڪاح ۾ ڏني تھ اسان اوھان تي منافست يعني حسد نھ ڪيو ھو.

ھاڻي اھو معلوم ڪرڻ گھرجي تھ جنھن نعمت تي آدمي غبط (ريس) ٿو ڪري جيڪڏھن اھا نعمت ديني ۽ واجب آھي مثلا ايمان، نماز، زڪوات وغيره تھ ان تي غبط ڪرڻ واجب آھي يعني ھي چاھڻ تھ مون کي اھا نعمت حاصل ٿئي اھو مناسب آھي ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن واجب ۽ فرض شين لاءِ ڪو خواھش نھ ڪندو تھ گويا ھو خدا تعاليٰ جي نافرماني ۾ خوش آھي ۽ اھا ڳالھھ حرام آھي (جو ماڻھو خدا تعاليٰ جي نافرماني ۾ خوش ٿئي).

ٻيو تھ جيڪڏھن نعمت مٿي ذڪر ڪيل فضائلن جي قسم منجھان آھي جھڙوڪ پيسي جي عمدين ڳالھين ۾ خرچ ڪرڻ وغيره تھ اھڙين ڳالھين ۾ غبط مستحب آھي. جيڪڏھن وري نعمت اھڙي قسم جي آھي جو ان منجھان فقط مباح جي قدر جيترو فائدو يا لذت حاصل ٿئي ٿي سگھي تھ پوءِ ان حالت ۾ غبط جي بھ فقط مباح واري حيثيت آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ ھنن سڀني ڳالين جو خلاصو اھو آھي تھ آدمي ھميشه ھي ٿو گھري تھ مان ڪم از ڪم ٻين جھڙو ٿي رھان ۽ نعمتن ۾ ٻين سان شريڪ ھجان ۽ نعمت کي خراب سمجھڻ جو تھ ھن ۾ سوال ئي ڪونھي. يعني ھر ھڪ نعمت يا ٻھ پاسا ٿا ٿين، جنھن کي نعمت حاصل ٿي ٿئي ان کي آرام ۾ سک ٿو ملي ۽ جنھن کي نٿي حاصل ٿئي اھو پاڻ ۾ ھڪ نقصان يا ڪمي يا گھٽائي ٿو مھسوس ڪري. ھن حالت ۾ غبط يا ريس ڪرڻ وارو پھرين ڳالھھ سان واسطو نٿو ريک مگر ھو فقط چاھي ٿو تھ منھنجي اھا ڪمي ۽ گھٽتائي ختم ٿي وڃي ڇاڪاڻ تھ سڀني کان پٺتي رھجي وڃڻ ھن کي برو ٿو لڳي ۽ برداشت نٿو ڪري سگھي. ھن ڳالھھ ۾ تھ ڪو مضائقو ناھي جو ماڻھو مباح جي شين جي حاصل نھ ٿيڻ کي خراب سمجھي. جيتوڻيڪ ايترو ضرور آھي تھ اھي ڳالھيون سڀ دنيا جي لذتن ۾ شامل ھئڻ سبب جيڪڏھن ڪو بھ ماڻھو انھن جو خواھان ٿيندو تھ ھن جو اعليٰ فضيلتن وارو رتبو ناقص رھجي ويندو ڇاڪاڻ تھ اھا ڳالھھ زھد، تقويٰ، توڪل ۽ رضا الاھي تي رھڻ جي خلاف آھي ۽ روحاني درجن جي وچ ۾ ھڪ وڏو حجاب ٿئي ٿو پوي.

ھن جاءِ تي ھڪ ٻيو باريڪ ۽ ڳوڙھو مسئلو پيدا ٿو ٿئي. اھو ھي آھي تھ جڏھن ماڻھو ھن ڳالھھ کان نااميد ٿو ٿئي تھ مون کي بھ ڪا ٻئي ماڻھوءَ جھڙي نعمت ملي سگھندي ۽ ساڳي وقت پنھنجو گھٽ ٿي رھڻ بھ ھن کي ڏاڍو خراب ٿو لڳي تھ پوءِ اھا قدرتي ڳالھھ آھي تھ ھو گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي انھيءَ نقصان يا ڪمي جو علاج ضرور سوچيندو. ھن جي انھيءَ نقصان پوري ڪرڻ جون ٻھ صورتون آھن. يا تھ بئي کان اھا نعمت ھلي وڃي ۽ ٻئي ھڪجھڙا ٿين يا ھن وٽ بھ اھڙي نعمت اچي ۽ ٻنھي جو حال ھڪ جھڙو ٿئي. مگر جڏھن ھڪري ڳالھھ يعني ساڳي نعمت جو ساڳي انداز ۾ ميسر ٿيڻ ناممڪن ٿي پوندو آھي تھ پوءِ بشريت جي تقاضا موجب ماڻھو چاھيندو آھي تھ ٻئي جي نعمت جو خاتمو ٿيڻ کپي. بصيرت وارن جو چوڻ آھي تھ ڪي تمام ٿوريون دليون اھڙن خيالن کان خالي ٿيون رھن نھ تھ گھڻو ڪري سڀڪو ائين چاھيندو آھي تھ مون کي ملي يا نھ ملي مگر ھن وٽان ضرور اھا نعمت ختم ٿئي. ھن منزل تي حسد ۽ غبط ٠ريس) جي وچ ۾ ھن طرح فرق ڪرڻ گھرجي. انسان تصور ڪري تھ ٻئي ماڻھوءَ جي نعمت تي جيڪڏھن مون کي پوري پوري اختياري ھجي تھ جيڪر مان ڇا ڪريان. جيڪڏھن اھا ڳالھھ دل ۾ گذري تھ مان جيڪر ھن کان اھا نعمت يڪدم دور ڪري يا کسي يا وڃائي ڇڏيان تھ معلوم ڪرڻ گھرجي تھ اھو صاف صاف ”حسد“ آھي. مگر جيڪڏھن انھيءَ وس ۽ اختيار واري حالت ۾ بھ پرھيزگاري ۽ تقويٰ ھن کي منع ڪري تھ خبردار ٻئي جي نعمت ختم ڪرڻ نھ گھجرجي تھ پوءِ جيڪڏھن جي دل ۾ ڪو بھ خيال انھيءَ نعمت جو آھي تھ غبط يا ريس سڏيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ پنھنجي عقل ۽ دين جي زور تي ھو نٿو چاھي تھ ڪا ٻي جي نعمت ھلي وڃي. ھن جي آرزو فقط اھا ٿي رھي تھ مون کي بھ جيڪر اھڙي نعمت ملي وڃي. ھن حديث شريف ۾ شايد انھيءَ ڳالھھ ڏانھن اشارو آھي تھ ”ٽن ڳالھين کان مؤمن خالي نٿو رھي. ھڪ حسد بيو گمان ۽ ٽيون سرڻ“ ۽ تنھن کان بعد وري فرمايائون تھ ”ھن لا انھن منجھان نڪرڻ جي جاءِ آھي تھ ھو پنھنجو عمل جاري رکي“. (يعني عقل ۽ دين جي مدد سان انھن کي ٽاريندو رھي).

بھرحال ھسد يا منافست يا غبط (ريس) جنھن ۾ انسان ٻئي جي نعمت جي ختم ٿيڻ جي خواھش ٿو رکي ان جي ھرگز اجازت ناھي بلڪھ اھي حرام آھن خواه دنيا جي ڪمن ۾ ھجي يا دين جي ڪمن ۾. ھا جيڪڏھن رڳو دل جي اندر اندر اھا ڳالھھ گذري تھ فلاڻي وٽ جيڪر نعمت نھ رھي ۽ ظاھري قول ۽ فعل ۾ ان جو ڪو بھ عمل يا اثر نھ ڏيکارجي تھ اميد آھي تھ اھو ڌڻي تعاليٰ وٽ معاف ٿي وڃي. ھتي اھو بھ ڄاڻڻ گھرجي تھ اھڙن وسوسن ۽ حسد جي خيالن جو ڪفارو اھو آھي تھ ماڻھو پنھنجي عقل ۽ دين جي زور سان ٻين جي نعمتن جي تباھي چاھڻ کي نھايت برو سمجھي. جڏھن زور مس ڪري اھڙا خيال دل تان ٽاريندو تڏھن وڃي ڪا پنھنجن ٻين نيڪين جي سلامتي ٿيندس. ٻي صورت ۾ حسد انھن کي خشڪ ڪاٺين وانگر ساڙي ٻاري خاڪ ڪري ڇڏيندو.

ھاڻي ھسد جا درجا يا ڊگريون معلوم ڪرڻ گھرجي، جيڪي عدد ۾ چار آھن. پھرين درجي جو حسد اھو آھي تھ ماڻھو ٻئي جي نعمت جو زوال چاھي توڙي کڻي اھا نعمت ھن وٽان نڪري پاڻ وٽ بھ نھ اچيس. ھي درجو سڀ کان وڌيڪ خراب آھي. ٻيو درجو اھو آھي تھ ماڻھو انھيءَ نعمت جو پاڻ وٽ اچڻ طلبي. مثلا ڪنھن وٽ ڪا عمدي جاءِ يا خوبصورت عورت ھجي ۽ ھو چاھي تھ جيڪر اھي مون وٽ ھجن. ھي درجو بھ برو آھي مگر پھرين کان گھٽ. ٽيون درجو آھي تھ ماڻھو خاص انھيءَ نعمت کي نٿو چاھي مگر دل ٿي چويس تھ جيڪر انھي جھڙي ٻي نعمت مون وٽ ھجي ۽ جيڪڏھن مون وٽ ٻي نعمت نٿي اچي تھ ھن کان بھ اھا نعمت ويندي رھي. ھن ۾ پھرين ۽ ٻئي درجي کان گھٽ برائي آھي مگر برائي آھي ضرور – چوٿون درجو اھو آھي تھ مانھو ٻئي جي نعمت جھڙي نعمت طلبي مگر ٻئي جي نعمت جو زائل ٿيڻ اصلي نھ گھري ھيءَ پوئين صورت جائز ۽ معاف آھي. جيڪڏھن اھا حالت دنوي نعمتن بابت آھي. جيڪڏھن دين جي نعمتن بابت آھي تھ اھو مستحب آھي يعني ديني نعمتن لاءِ ھر وقت خواھش جاري رکجي ۽ ٻين سان ريس ڪري پنھنجي حالت سڌاريندو رھجي. ياد رکڻ گھرجي تھ ٻئي جي جنسي نعمت پنھنجي لاءِ چاھڻ لاءِ قرآن شريف ۾ خود منع آئي آھي جھڙوڪ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”ولا تتمنوا ما فضل الله بِه يبَعضڪم عليٰ بَعض“ (۽ جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻين کان فضيلت ڏني آھي تن جي تمنا نھ ڪريو).

بيان تيرھون

حسد ۽ منافقت جا سبب

منافقت جو سبب تھ محض ڪنھن شيءِ جي محبت ھوندو آھي. جيڪڏھن اھا شيءِ ڪو ديني ڪم آھي تھ ان جو سبب الله تعاليٰ جي اطاعت ۽ محبت آھي ۽ جيڪڏھن اھا شيءِ ڪو دنيا جو ڪم آھي تھ ان جو سبب دنيا جي جائز شين جي محبت ۽ انھن منجھان لذت حاصل ڪرڻ جو چسڪو آھي. مگر اسان جو غرض فقط مذموم حسد سان آھي ۽ ھن حسد جا سبب تمام گھڻا آھن پر انھن منجھان ست مکيھ آھن جن ۾ ٻيا سڀ اچي ٿا وڃن. جھروڪ پھريون عداوت يا دسمني، ٻيو ھڪجھڙي ماڻھو جي عزت ناگوار لڳڻ، ٽيون ٻئي جي حقارت، چوٿون تعصب پنجون گھربل مقصد جي فوت ٿي وڃڻ جو خوف، ڇھون حڪومت جي محبت، ستون نفس جي خيانت ۽ بخل.

ڄاڻڻ گھرجي تھ ماڻھو جو ٻئي جي نعمت کي برو سمجھندو آھي سو گھڻو ڪري انھيءَ سبب کان جو ھو ھن جو دشمن آھي. پوءِ دسمن جي خيريت ڪوئي ڇچو گھرندو ۽ دشمني وارو ھي سبب ٻين سببن جي مقابلي ۾ ڏاڍو سخت آھي. اھو دستور آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪو ستائيندو آھي يا ھن جي مطلب ۾ خلل وجھندو آھي تھ ھو ھن لاءِ دل ۾ ڪينو ۽ بغض رکندو آھي. ھن تي ھر وقت ھن جي ڪاوڙ رھندي آھي ۽ ڪيني ۾ ڪاوڙ جي سبب کان ھر دم انتقام جي تاڙ ۾ رھندو آھي. جيڪڏھن پاڻ انتقام وٺڻ کان عاجز ھوندو آھي تھ پوءِ ائين ئي پيو سوچيندو آھي تھ من زمانو ھن کان بدلو وٺي. پوءِ جيڪڏھن ھن جي مٿان ڪا ازغيبي مصيبت اچي ڪڙڪندي آھي تھ ھو سمجھندو آھي تھ اھا مصيبت ھن تي، مون تي ظلم ڪرڻ جي ڪري نازل ٿي آھي ۽ چوندو وتندو آھي تھ خدا حق وڪيل آھي نيٺ منھنجي دانھن ٻڌي اٿس. مطلب تھ بغض جي اثر کان جھالت جي زور تي ھو انھيءَ مصيبت جي اچڻ کي پنھنجي ڪرامت ڪري سمجھندو آھي. ٻي حالت ۾ وري جيڪڏھن انھي دشمن کي ڪا وڌيڪ نعمت ملي وئي يا اصلي نعمت ۾ ڪو نقصان نھ ٿيس تھ انھيءَ حالت ۾ وري وسوسا پيو ڪندو آھي تھ افسوس آھي جو خدا تعاليٰ وٽ بھ منھنجو ڪو داد فرياد ڪو نھ ٿيو جو منھنجي دشمن کان. مون کي ايتري ايذاءُ ڏيڻ تي بھ ڪو انتقام نھ ورتو ويو. ھٿئون ھن کي وڌيڪ انعام ڏنو ويو. مطلب تھ بغض ۽ عداوت سان حسد لازمي آھي. ھن ۾ حيثيت جو ڪو بھ شرط ڪينھي تھ رڳو ھڪ جھڙي رتبي واري تي حسد ھئڻ گھرجي. ادنيٰ ڪمينو آدمي بھ ھڪ وڏي بادشاھھ سان حسد ڪري ٿو سگھي يعني بغض سببان ھر وقت اھو پيو چاھيندو تھ خا تعاليٰ جلد ھن جي حڪومت جو خاتمو ڪري. ھڪ پرھيزگار ۽ احتياط واري ماڻھوءَ کي گھرجي تھ اھڙي قسم جي حسد ي دل سان برو ڄاڻي ۽ ھيءَ اھا شيءِ آھي جيڪا الله تعاليٰ ڪافرن جي صفت ۾ بيان ڪئي آھي جھڙوڪ: ”واِذا لقوکم قالا آمنا واِذا خلوا عفوا عليکم الانامل من الغيظ قل موتوا بِغيظکم“ (۽ جڏھن اوھان کي ملن ٿا تھ چون ٿا تھ مڃيوسين ۽ جڏھن ھيڪلا ٿين ٿا تڏھن اوھان تي ڪاوڙ کان آڱريون چٻين ٿا. کين چئو تھ اوھين پنھنجي ڪاوڙ سببان مرو). ۽ ٻي آيت شريف ۾ آھي تھ ”اِن تمسسکم حسنتهءٌ تسوھم وان تصبِڪم سيئتهءٌ يفرحوا بِھا“ (اي مؤمنو! جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي تھ کين ڏکوئيندي آھي ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڏک پھچندو آھي تھ ان سببان سرھا ٿيندا آھن) ۽ ٽين آيت شريف ۾ آھي تھ ”ودوا ما عنتّم قد بَدتِ البَغضآءُ من افواھھم وما تخفي صدورھم اڪبَر“ (اوھان جي ڏک کي درست رکيائون. بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي ۽ جيڪي (ضد) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي). ھي حسد عداوت جي سبب کان آھي. ھن منجھان ڪڏھن قتل ۽ خون ۽ جھيڙي کي وڃي ڳالھھ پھچندي آھي ۽ سڄي عمر دشمن جي نعمتن جي دور ڪرڻ جي تدبيرن سوچڻ ۾ گذري ويندي آھي يا ھميشه چغلي يا پرده دري ۽ ٻيون اھڙي قسم جون واھيات ڳالھيون ڪيون وينديون آھن.

ڪڏھن ڪڏھن حسد انھيءَ ڪري ڪيو ويندو آھي جو حاسد کي گمان ھوندو آھي تھ جيڪڏھن منھنجي ھمعصر يعني ساڳي درجي ۽ لياقت واري وٽ نعمت ھوندي تھ ھو انھيءَ جي اثر کان مون تي وڏائي ڪندو رھندو ۽ ھن جي انھيءَ وڏائي ۽ فخر جي برداشت ڪرڻ جي طاقت ھن ۾ ڪا نھ ھوندي آھي. ھي حسد جو ٻيو سبب آھي ۽ ان کي ”تعزز“ ڪري سڏيندا آھن. مثلا جيڪڏھن ڪو برابري وارو شخص ڪنھن حڪومت يا مال يا علم تي حاوي ٿي وڃي تھ حاسد کي خوف ٿيندو آھي متان ھو انھن ڳالھين تي فخر يا تڪبر نھ ڪرڻ لڳي. ھن کي اپڻ تھ تڪبر ڪرڻ پسند نھ ھوندو آھي مگر ٻئي جي ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ ھن کان برداشت نھ ٿي ٿي سگھي. انھيءَ ڪري حسد ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي تھ ٻيو شخص خواھ مخواھ مون کان وڌيڪ ڇو ليکيو وڃي.

بعضي وري حسد انھيءَ ڪري ڪيو ويندو آھي جو ٻئي کي ماڻھو حقير ۽ ذليل سمجھندو آھي ۽ ھن منجھان ھن کي ھر وقت خدمت ۽ فرمانبرداري جي توقع ھوندي آھي. جڏھن اوچتو ھن کي ڪا نعمت ملي ويندي آھي تھ حاسد کي ھي خوف ٿيندو آھي تھ شايد ھو شخص ھاڻي منھنجي ڳالھھ نھ ب+ي يا برابريءَ جو دم ڀري نھ پوءِ منھنجي وڏائپ ختم ٿي ويندي. ھي ٽيون سبب حسد جو آھي جنھن کي تڪبر ڪري ٿا سڏين ۽ انھن ٻن سببن يعني وڏ ماڻھپي ۽ تڪبر ڪري آنحضرت ﷺ جن سان گھڻا ڪافر حسد ڪندا ھئا جھڙوڪ قرآن شريف شاھد آھي تھ ”وقالوا لولايزل ھٰذا القرآن عليٰ رجل من القريتين عظيم“ (۽ چيائون تھ ھنن ٻن ڳوٺن وارن مان ڪنھن وڏي سردار مڙس تي ھيءُ قرآن ڇو نھ لاٿو ويو). يعني ڪافرن جو چوڻ ھو تھ اوھان جيڪڏھن وڏا ماڻھو ھجو ھا تھ اسان کي تابعداري ۽ فرمانبرداري ڏکي نھ لڳي ھا. ھڪ يتيم ٻار جي اڳيان ڪير ٿو سر جھڪائڻ گوارا ڪري. ھنن نامعقولن انھي در شھوار جو قدر نھ ٿي ڄاتو تھ در جيئن يتيم ھوندو آھي تيئن انھيءَ جي قيمت ۽ قدر تمام گھڻو ٿيندو آھي ۽ ھو بي بھا ھوندو آھي. ساڳيءَ طرح قريش وارن جو قول بھ الله تعاليٰ ارشاد ٿو فرمائي تھ ”اھآولاءِ من الله عليھم من بَيننا اليس الله بِاغلم بِالشڪرين“ (ڇا ھي ئي ماڻھو آھن جن تي الله فضل ڪيو اسان سڀني منھنجا ڇا الله کي معلوم ناھن حق کي مڃڻ وارا). ھي قول اھي حقارت ۽ پنھنجي عزت کان چوندا ھئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org