سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :2

بيان سورھون

حسد جو مقدار جيڪو دور

ڪرڻ واجب آھي

ڄاڻڻ گھرجي تھ ايذاءُ ڏيڻ واري تي ماڻھوءَ کي فطري طور غصو ايندو آھي. مثلا جيڪڏھن ڪوئي توکي ايذاءُ پھچائي تھ توکان اھو نھ ٿي سگھندو تھ تون ھن سان بغض نھ رکين يا ھن کي ڪا نعمت ملي ۽ تون انھيءَ کي بڇڙو تھ سمجھين ۽ نيڪي ۽ بدي ٻنھي حالتن ۾ تون ھن کي برابر سمجھين. بلڪھ قدرتي طرح ٻنھي حالتن ۾ تنھجي دل ۾ وڏو فرق رھندو ۽ شيطان بھ موقعو ڏسي ھر دم توکي حسد جي طرف ڇڪيندو رھندو. پوءِ جيڪڏھن شيطان جو اثر غالب ٿي ويو ۽ حسد جو اظھار تنھنجي اختياري قول ۽ فعل منجھان ٿيڻ لڳو تھ تون حاسد ۽ گنھگار ٿي پوندين پر جيڪڏھن پنھنجي ظاھري حالت کي انھن ڳالھين کان روڪيندين (يعني زبان ۽ ھٿ سان ڪجھھ نھ ڪندين) ۽ رڳو باطن ۾ انھن اسبابن لاءِ پيو سوچيندين جن جي وسيلي ٻئي جي نعمت ويندي رھي ۽ انھيءَ ڳالھھ کي دل ئي دل ۾ برو سمجھندين تھ تڏھن بھ گنھگار ۽ حاسد ليکبين. ڇاڪاڻ تھ حسد صفت آھي ”قلب“ جي ۽ نھ ڪنھن ”فعل“ جي جھڙوڪ قرآن شريف ۾ ارشاد آھي ولا يجِدون في صدورھم حاجتهءٌ مما اوتوا (۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجن دلين ۾ ڪا پريشاني نھ لھندا آھن) ۽ ”ودوا لو تڪفرون ڪما ڪفروا فتڪونون سوآءٌ“ (اھي گھرندا آھن تھ جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن تھ سڀ ھڪجھڙا ٿيون). ۽ ”اِن تمسسڪم حسنتهءٌ تسنوءُ ھم“ (جيڪڏھن اوھان کي چڱائي پھچندي آھي تھ ھنن (ڪافرن) کي ڏکوئيندي آھي). يعني جيڪي فعل حسد کان ٿا وجود ۾ اچن جھڙوڪ غيبت، ڪوڙ وغيرھ اھي عين حسد ناھن بلڪھ حسد جي جاءِ قلب آھي. ظاھري عضوا حسد جي جاءِ ناھن. ھان، ھن دل واري حسد ۾ اھو فرق اھي تھ ھن قسم جي حسد ۾ جيڪي قول ۽ فعل ۾ ظاھر نھ ٿيا ھجن ۽ سڀ جذبا دل جا دل ۾ رھيا ھجن انھيءَ ۾ ڪنھن بھ ٻانھي جو ڪو حق مٿان ڪو نھ ٿو رھي جيڪو معاف ڪرايو وڃي بلڪھ ھو فقط خدا تعاليٰ جي اڳيان گنھگار ٿو ٿئي. باقي معافي وٺڻ تڏھن واجب ٿيندي آھي جڏھن ظاھري عضون سان سبب ظاھر ٿيا ھجن.

جاڻڻ گھرجي تھ ظاھري عضون کي ڪنھن بھ عمل کان روڪڻ سان گڏ جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي نفس جي انھيءَ حالت کي بھ برو ڄاڻي تھ ٻئي جي نعمت جو زائل ٿيڻ ڇو ٿو پسند ڪري ۽ ھن جو اھو برو سمجھڻ انھيءَ حد تي وڃي جو پنھنجي نفس تي سچ پچ غصو يا ڪاوڙ ڪرڻ شروع ڪري ۽ ھن کي تنبيه ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي تھ اھو پنھنجي نفس کي برو سمجھڻ ۽ ان کي تنبيه ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ انسان جي پنھنجي ”عقل“ جو ڪم آھي يعني طبيعت ۾ جيڪا خواھش ٻئي جي نعمت جو زوال ٿي چاھي ان کي برو سمجھڻ عقل جي طرفان ٿيندو ۽ جڏھن ھي حالت سچ پچ ٿي گذري (يعني عقل نفس کي برو سمجھيو) نھ توتي جيڪا ڳالھھ واجب ھئي ۽ جنھن تي تنھنجو وس ھلي پي سگھيو اھا تون پوري ڪري چڪين. ھن کان وڌيڪ ڪجھھ بھ انسان جي اختيار ۾ ڪينھي. باقي جيڪڏھن ڪو چاھي تھ طبيعت کي اھڙيءَ طرح بدلايو وڃي جو ان جي اڳيان ايذاءُ ڏيڻ وارو ۽ ڀلائي ڪرڻ وارو ھڪ جھڙو نظر اچي يا جيڪڏھن رقيب تي ڪا مصيبت ڪڙڪي يا خوشي حاصل ٿئيس تھ ھن لاءِ ساڳي ڳالھھ ھجي تھ اھا ڳالھھ ھڪ بشر جي طبيعت جي طاقت کان ٻاھر آھي جيستائين جو ھو دنيا جي لذتن جي ڄار ۾ ڦاٿل آھي. باقي جيڪي دنيا جي لذتن ۽ خواھشن کان دور آھن ۽ خدا تعاليٰ جي محبت ۾ غرق ٿا رھن ۽ حقيقي عشق جا پيالا پي متوالا بڻيا ٿا وتن تھ انھن جو سو اھڙو حال ٿي ٿو سگھي تھ ھو خدا تعاليٰ جي بندن جي جدا جدا حالتن کان متاثر نھ ٿا ٿين سڀني کي ھڪ اک سان ٿا ڏسن يعني سڀني تي مھر جي نظر ٿا ڪن. سڀ کي خدا تعاليٰ جي مخلوق ٿا سمجھن ۽ انھن جي افعالن کي خدا تعاليٰ جا افعال ٿا سمجھن يعني ساري خلق کي خدا تعاليٰ جي حڪم ھيٺ مطيع ٿا ڄاڻن.

مگر ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي حال تمام ٿورن کي ٿو نصيب ٿئي ۽ جيڪڏھن نصيب بھ ٿئي ٿو تھ اھو حال مستقل نٿو رھي. بجليءَ جي تجلي وانگر وقتي وقتي تجلا ڏئي ٿعو وٺي ۽ قلب ساڳيو وري پنھنجي اصلي فطرتي حالت جي طرف موٽ ٿو کائي ۽ انسان جو جاني دشمن شيطان لعين وري اھي ئي وسوسا وجھڻ شروع ڪري ٿو ڏئي. پوءِ جيڪڏھن انھيءَ مردود جي مقابلي ۾ عقل جي زور سان انھيءَ ڳالھھ کي انسان برو سمجھندو تھ جيڪي ڪم ھن جي ذمي ھو اھو ھو ادا ڪري چڪو.

ڪن بزرگن جو قول آھي تھ جيستائين حسد جو ظھور ظاھري عضون (يعني زبان ھٿ وغيره) منجھان نٿو ٿئي تيستائين گناھھ نٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ حضرت حسن رضھ کان ڪنھن حسد بابت پڇيو تھ پاڻ فرمايائون تھ ان کي پوشيده رکڻ گھرجي. ھن منجھان ڪو بھ نقصان نٿو ٿئي جيسين تائين توھان ھن کي (عملا يا فعلا) ظاھر نٿا ڪريو. ڪن وري ھن روايت کي حضور ' جن جي انھيءَ حديث سان موقوف ۽ مرفوع ڪيو آھي جنھن ۾ ارشاد آھي تھ ”ٽي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کان ڪو بھ مؤمن خالي نٿو رھي مگر ھن لاءِ انھن منجھان نڪرڻ جي صورت آھي پوءِ حسد منجھان نڪرڻ جي صورت اھا آھي تھ حد کان تجاوڙ نھ ڪري (يعني حد کان وڌيڪ ڪا ڳالھھ نھ ڪري) مگر بھتر ھي آھي تھ انھيءَ منجھان مرد اھا ئي ورتي وڃي جيڪا انسان مٿي بيان ڪئي آھي يعني پنھنجي دل جي اندر جيڪو جذبو انسان کي رھي ٿو ان کي دين ۽ عقل جي زور سان برو سمجھي ۽ انھي بري سمجھڻ کان پوءِ ايذاءُ پھچائڻ يا ٻي ڪا زيادتي ڪرڻ کان پري رھي ڇاڪاڻ تھ جيڪي بھ حديثون حسد جي برائي ۾ بيان ٿيون آھن اھي ظاھر ظھور انھي ڳالھھ جي دلالت ٿيون ڪن تھ سڀني قسمن جا حاسد گنھگار آھن. انھيءَ کان سواءِ حسد قلب جي صفت جو نالو آھي ۽ نھ افعالن جي صفت جو. انھيءَ ڪري جيڪو ٻئي مسلمان جي برائي چاھي اھو حاسد آھي.

خلاصو ھي نڪتو تھ آدمي جيڪڏھن دل سان حسد ڪري ۽ ظاھر ۾ ان جو ڪو بھ اثر ڏسڻ ۾ نھ اچي تھ اھڙي قسم جي حسد جي گناھھ ٿيڻ ۾ اختلاف آھي مگر ظاھري آيتن ۽ ھديثن منجھان اھو ئي ٿو معلوم ٿئي جيڪي اسيان لکي چڪا آھيون. اشارن ۽ معنائن منجھان بھ اھو ڪجھھ معلوم ٿو ٿئي ڇاڪاڻ تھ اھا ڳالھھ سمجھھ کان بعيد ٿي نظر اچي جو ھڪڙو ماڻھو ڪنھن ٻئي مسلمان ڀاءُ جي برائيءَ جو. دل سان خواھان ھجي ۽ انھيءَ خواھش کي برو نھ ڄاڻي ۽ پوءِ بھ معاف ڪيو وڃي. ھن بيان منجھان ھي ظاھر ٿيو تھ انسان جون پنھنجي دشمن سان ٽي حالتون ٿيون رھن.

1.        پھرين حالت اھا آھي تھ انسان پنھنجي طبيعت جي فطرتي جذبي ھيٺ ڪنھن ماڻھوءَ سان حسد ڪري مگر انھيءَ حسد ڪرڻ ۽ ھن جي لاءِ خراب نيت رکڻ کي برو سمجھي بلڪھ پنھنجي نفس تي انھيءَ لاءِ غصو ڪري ۽ ھميشه اھڙيون ڪي ڳالھيون تلاش ڪندو رھي جن سان ھن جو اھو حسد ھليو وڃي تھ ھن قسم جو حسد قطعا معاف آھي. معاف ھجڻ جو سبب اھو آھي تھ انسان ويچاري جي اختيار ۾ انھيءَ کان وڌيڪ ڪجھھ بھ ناھي.

2.       ٻي حالت اھا آھي تھ دل سان ٻئي جي نعمت جو دور ٿيڻ چاھي ۽ ھن جي نقصان يا گھٽ وڌائي تي زبان سان يا ڪنھن عضوي سان خوشي ظاھر ڪري تھ ھي حسد يقينا منع ٿيل آھي.

3.       ٽين حالت اھا آھي تھ انسان فقط دل ۾ حسد رکي ۽ ان کي نھ برو سمجھي ۽ نھ پنھنجي نفس تي انھيءَ لاءِ ڪو غصو ڪري ۽ ظاھري عضون سان بھ حسد جو اظھار نھ ڪري تھ اھڙي قسم جي حسد ۾ مختلف رايا آھن. مگر ظاھر ۾ اھو ٿو معلوم ٿئي تھ ھن قسم جي حسد ۾ ٻئي جي نعمت جي زائل واري خواھش جي درجي تي گناھھ مقرر آھي. جيتري قدر ھن جي نيت بڇڙي يا بد ھوندي اوتري قدر ھن کي گناھھ ٿيندو ، گھڻي نيت خراب ھوندس تھ گھڻو گناھھ ٿيندس ۽ جيڪڏھن ٿوري خراب ھوندس تھ ٿورو گناھھ ٿيندس. والله اعلم والحمد لله ربِ العالمين وجسبُنا الله ونعم الوڪيل.

ڪتاب پنجون

دنيا جي مذمت

خطبو

الکتاب السادس من المھلڪات من احياءِ علوم الدين

الحمد لله عرف اؤلياءَ عوائل الدنيا وافاتِھا ه وکشف لھم عن عيوبِھا وعوراتِھا ه حتّي نظروا في شواھدھا واٰياتِھا ه ووزنوا بِحسناتِھا سيئاتِھا ه فعلموا انه يزيد منکرھا عليٰ معروفھا ه ولا يفي مرجوھا بِمخوفھا ه ولا يسلم طلوعھا من کسوفھا ه ولٰکنھا في صورتِ اِمرءَتِ مليحته تستميل الناس بِجمالھا ه ولھا اسار سوءِ قبَائح تھلک الراغبِين في وصالھا ه ثم ھي فرارتءٌ عن طلاّبِھا ه شحِيحتهءٌ بِاِقبَالھا واِذا اقبَلت لم يؤمن شرھا ووبَالھا ه اِن اّحسنت ساعته اساعت سنته ه واِن اماءَت مرته جعلتھا سنته ه فدوائر اقبَالھا علي النقاربِ دائرتءٌ ه وتِجارت بَنيھا خاسرتءٌ بَائرتءٌ ه وآفاتھا علي التّوالي لصدور طلاّبِھا راشقتهءٌ ه ومجاري احوالھا بِذل طالبيھا ناطقتءٌه ه وڪل مغرور بِھا اِلي الذل مصيره ه وڪل متڪبِر بِھا اِلي التّحسر مسيره ه شانھا الھربُ من طالبِھا والطلبُ لھاربِھا ه ومن خدمھا فانته ومن اعرض عنھا واتته ه لا يحخلو صفوھا عن شوائبِ الکدوراتِ ه ولا ينفک سرورھا عن منغضاتِ ه سلامتھا تعقبُ السقم و شبَابُھا يسوق اِلي الھرم ونعيمھا لايشمر اِلاّ الحسرت والندم ه فھي خدآعتهءٌ مکارتءٌ طيارتءٌ فرارتءٌ ه لا تزان تتزين لطلاّبِھا ه ھتّيٰ اِذا صاروا من احبَابِھا کشرت لھم عن انيابِھا ه وشؤشت عليھم مناظم اسبَابِھا ه وکشفت لھم عن مکنون عجائبِھا ه فاِذا اقتھم قواتِل سمامھا ه ورشقتھم بِصوائبِ سھامھا ه بَينما اصحابِھا منھا في سرور وانعام اِذا ولت عنھم ڪانھا اضغاثّ احلام ه ثم عکرت عليھم بِدواھيھا فطحنتھم طحن ثم عکرت عليھم ڪانھا اضغاثّ احلام ه ثم عکرت عليھم بِدواھيھا فطحنتھم طحن الحصيد و وارتھم في اکفانھم تحت الصعيد ه اِن ملکت واحِدا منھم جميع ما طلعت عليه الشمس ه جعلته حصيدا کان لم بَغن بِالامس ه تمني اصحابُھا سرورا وتعدھم غرورا ه حتّيٰ ياملون کثِيرا ويبُنون قصورا ه فتصبح قصورھم قوبُورا وجمعھم بَورا ه وسعيھم ھبَاءَ منشورا ه ودعانھم ثبُورا ه ھٰذه صفتھا وڪان امر الله قدرا مقدورا هوالصلات عليٰ محمد عبده ورسوله المرسل اِليٰ العالمين بَشيرا و نذيرا وسراجا منيرا ه وعليٰ من ڪان من اھله واصحابِه له في الدين ظھيرا وعلي الظالمين نصيرا ه وسلم تسليما ڪثِيرا ڪثِيرا.

سڀ ساراھھ جڳائي الله تعاليٰ کي جيڪو پنھنجن دوستن کي دنيا جي پاپن ۽ مصيبتن کان آگاھھ ڪندو ٿو رھي * ۽ دنيا جا سڀ عيب ۽ بيحيائي جا ڪم کولي انھن اڳيان پڌرا ڪر ٿو ڇڏي * انھيءَ لاءِ تھ ھن جا دوست ظاھري توڙي باطني نشانين کي غور جي نظر سان جاچيندا ۽ دنيا جي نيڪين ۽ براين جي باقاعدي تور تڪ ڪندا رھن * پوءِ اوھان کي معلوم ھجي تھ دنيا جون برايون دنيا جي نيڪين کان زياده آھن * ھن ۾ اميد جا گھر ٿورا آھن ۽ خوف جا گھر گھڻا آھن * ھن جو سج ڪيترو بھ کڻي چلڪندڙ ۽ چمڪندڙ ھجي مگر ان تي گرھڻ جو گرھھ ضرور ٿو چڙھي. پر انھن ھقيقتن ھوندي بھ دنيا ھڪ حسين جميل عورت جي صورت وٺي انسان ذات کي پنھنجي طرف جھڪائيندي ۽ مائل ڪندي ٿي رھي * ھن ۾ ايترا تھ لڪل ۽ پوشيده ۽ برا ۽ بڇڙا راز آھن جيڪي ھن سان رغبت رکندڙن کي تباھھ ڪري ٿا ڇڏين. پھريائين تباھھ ڪندڙ وصال ڏئي پوءِ ھوءَ پنھنجن طالبن کان ڀڄي پري ٿئي ٿي بيھي * اندروني طرح ھوءَ ھر دم ڍاھي ٿي تھ انسان رڳو منھنجي طرف متوجھ ھجن ۽ ھڪ دفعو جيڪو ھن ڏي توجھ ٿو ڪري اھو ھن جي شرارت ۽ وبال کان بچي ڪو نھ ٿو سگھي * جيڪڏھن ھن جي ھڪڙي گھڙي ڪا نيڪي جي آھي تھ سارو سال براين ئي براين سان ڀرپور ٿو ٿئيس ۽ جڏھن ڪنھن کي ڪنھن برائيءَ ۾ مبتلا ٿي ڪري تھ پوءِ ان لاءِ انھي برائيءَ کي ھڪ روز جو وھنوار بنائي ٿي ڇڏي * ھن جي مصيبتن ۽ آفتن جا حلقا ھر دم چڪر کايئندا ٿا رھن ۽ ھن جي پٽن (يعني طالبن) جي تجارت ھميشه گھاٽي ۽ ٽوٽي واري ٿي ٿي * ھوءَ پنھنجي طالبن جي سينن ي پنھنجن آفتن جي تيرن سان ھميشه نشانو بڻائيندي ٿي رھي ۽ ھن جي حالتن جي رواني ھن جي طالبن جي ذلت ۽ خواري جا قصا بيان ڪندي ٿي رھي * پوءِ دنيا تي غرور ڪرڻ وارن جي واٽ ذلت ڏانھن آھي ۽ ھن تي تڪبر ڪرڻ وارن جو پنڌ ھميشه حشرت ۽ ارمان جي طرف جاري آھي. ھن جو مکيھ ڌنڌو اھو آھي جو جيڪو ھن جي طلب رکندو آھي ان کان ھميشھ پري ڀڄندي آھي ۽ جيڪو وري ھن کان ڀڄندو آھي تنھن جي ھر وقت طلب ھوندي اٿس * جيڪو ھن جي خدمت ٿو ڪري ان کي ڦٽو ڪري ٿي ڇڏي ۽ جيڪو ھن کان منھن ٿو موڙي تنھن تي ڏي وري وري ٿي رخ رکي * ھن جي صفائيءَ ۾ ڪافي گندگيون مليل ٿيون ٿين ۽ ھن جي مسرت رنج ۽ خلل کان خالي ناھي * ھن جي تندرستيءَ جي ڪڍ ھميشه بيماري لڳي ٿي رھي ۽ ھن جي جواني ھر وقت پيريءَ جي طرف ڌوڪيندي ٿي رھي. مطلب تھ ھن جي نعمتن جو آخري ڦل ارمان ۽ پشيمانيءَ کانسواءِ ٻيو ڪي ڪينھي * انھيءَ ڪري ھوءَ ھڪ وڏي دوکيباز، مڪار، فريب ڏيندڙ ۽ ڀاڄوڪڙ ليکي ويندي آھي * ھميشه ھوءَ پنھنجي طالبن کي زيب زينت جا جلوا ڏيکاريندي آھي تان جو اھي ھن جي احبابن جي ٽولي منجھان بنجي ويندا آھن. تنھن کانپوءِ ھوءَ انھن جي سامھون ٿي انھن کي ڏند ڏيکاريندي آھي ۽ دنيوي اسبابن جي انتظام ۽ جوڙ جڪ جي خيال ۾ انھن کي تشويش ۾ وجھي ڇڏيندي آھي ۽ انھن جي اڳيان پنھنجا عجائبات کولي ظاھر ڪري رکندي آھي ۽ پوءِ انھن کي ڪيترا موتمار زھر چکائڻ ڪري رکندي آھي ۽ پوءِ انھن کي ڪيترا موتمار زھر چکائڻ شروع ڪري ڏيندي آھي ۽ مصيبتن جا تير چٽيندي رھندي آھي. جڏھن ھو دنيا جا ساٿي ھوندا آھن تھ ڏاڍين خوشين ۽ نعمتن ۾ گذاريندا آھن ۽ جڏھن ھوءَ کين پٺي ڏيندي آھي تھ اھي سڀ حالتون ھڪ پريشان خواب وانگر ڏسڻ ۾ اينديون اٿن * پوءِ وري انھن تي حملو ڪندي آھي سخت مصيبتن جي لشڪر سان ۽ انھن کي لتاڙي ۽ چيڀاٽي کٽل ناڙ بڻائي ڇڏيندي آھي ۽ آخر ۾ انھن کي ڪفنن ۾ ويڙھي زمين ھيٺان ڏئي ڇڏيندي آھي * جيڪڏھن مالڪ ٿي بڻائي ڪنھن کي سڀني انھن شين جو جنھن تي سج اڀري ٿو تھ ستت ئي وري انھيءَ ساري ملڪيت ۽ مملڪت کي اھڙو نيست ۽ نابود ڪري ٿي ڇڏي جو ڄڻ تھ اتي ڪجھھ ھيو ئي ڪين * ھوءَ پنھنجي پيارن کي ھميشه خوشيءَ جي تمنائن ۾ مشغول ٿي رکي ۽ ھر دم انھن کي دوکي وارا واعدا ٿي ڏئي * تان جو ھو ڪيترين ئي ڊگھين اميدن ۾ پئجي ٿا وڃن ۽ محل ماڙيون اڏائڻ شروع ڪري ٿا ڏين * مگر ستت ئي انھن جون محلاتون قبرستان بنجي ٿيون وڃن ۽ انھن جون جماعتون درھم برھم ٿي ٿيون وڃن * انھن جون سموريون ڪوششون خاڪ ۽ دز وانگر اڏامي ٿيون وڃن ۽ جڏھن انھن کي عذاب ٿو اچي وٺي تھ اھي دعائون ٿا گھرن تھ ھنن عذابن کان تھ جيڪر صفا نيست نابود ٿي وڃون تھ بھتر * اھا آھي دنيا جي صفت ۽ ان بابت الله تعاليٰ جو ٺھرايل يا فيصلو ڪيل حڪم مقرر ٿي چڪو آھي * صلوات ھجي محمد ' تي جيڪو ال تعاليٰ جو ٻانھو ۽ رسول آھي ۽ سڀني جھانن لاءِ بشارت ڏيندڙ، ڊيڄاريندڙ ۽ ھڪ روشن چراغ ڪري موڪليو ويو آح: * ڦڻ صلوات ھجي ان تي جيڪو حضور ' جن جي آل اولاد ۽ اصحابن منجھان دين جي پٺڀرائي ڪندو ھيج ۽ ظالمن کي مات ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ھجي * ۽ سلام ھجن ھن تي گھڻي کان گھڻا.

اما بعد! واضح ھجي تھ دنيا، الله تعاليٰ جي، الله تعاليٰ جي دوستن جي ۽ الله تعاليٰ جي دشمنن جي مطلب تھ سڀني انسانن جي دشمن آھي. ال تعاليٰ جي دشمن انھيءَ ڪري ٿي ليکجي جو ھوءَ الله تعاليٰ جي بندن کي الله جي راھ تي ھلڻ نٿي ڏئي ۽ رھزني يعني خدا تعاليٰ جي راھھ تي ھلندڙن جي ڦرلٽ ٿي ڪري. انھيءَ ڪري جڏھن کان وٺي الله تعاليٰ ھن کي پيدا ڪيو آھي تھ ھن جي طرف ڪرامت يعني شفقت ۽ عزت جي نظر ڪا نھ فرمائي آھي.

خدا تعاليٰ جي دوستن جي انھيءَ ڪري دسمن شمار ڪئي ٿي وڃي جو انھن جي سامھون وڏي شان شوڪت ۽ ھار سينگار سان ٺھي جڙي اچي ٿي آڏو بيھي ۽ پنھنجا فربيندڙ تجلا ڏيکاري تھ ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان خدا تغآلله:ق جا دوست بھ ھن جي فريب ۾ اچي عاشق ۽ مدھوش ٿي وڃن. انھن ويچارن کي ھن بلا کي ٽارڻ لاءِ وڏو صبر ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪئي مشقتون ۽ تڪليفون سھڻيون ٿيون پون.

خدا تعاليٰ جي دشمنن جي دشمن وري ھيئن آھي جو ھوءَ پنھنجي فريب ۽ مڪر ۾ انھن کي آھستھ آھستھ ايترو ٿي ڦاسائي ڇڏي جو ھو ھن تي اعتماد ۽ پورو پورو ڀروسو رکي ٿا ويھن. مگر ٿوري ئي وقت ۾ انھن کي اھڙو لاچار ۽ بيوس ڪري ٿي ڇڏي جو سواءِ حسرت (ارمان) ۽ ندامت (پشيماني) جي ٻيو ڪجھھ بھ پاڻ سان کڻي نٿا وڃن ۽ ھڪ ھميشه ھميشه رھڻ واري سعادت ۽ نيڪ بختيءَ کان محروم رھجي ٿا وڃن. دنيا جي جدائي جو داغ ھڪ طرف تھ آخرت جون مصيبتون وري انھن کي ٻئي طرف ڳلي ۾ پئجي ٿيون وڃن. جيڪڏھن حشر ۾ فرياد ڪندا تھ جواب ٻڌندا تھ ”اخسئوا فيھا ولا تڪلمون“ انھيءَ (دوزخ) ۾ خراب خوار ٿي پيا رھو ۽ مون سان نھ ڳالھايو) ۽ انھيءَ کانسواءِ ھن آيت شريف جا مصداق بڻبا (اولَٰئک الذين اشتروا الحيٰوت الدنيا بِالآخِرتِ فلا يخفف عنھم العذابُ ولاھم ينصرون، (اھي ماڻھو، اھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي خريد ڪئي.پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نھ ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي).

ھاڻي جڏھن دنيا جي آفتن ۽ شرارتن جو ھي حال آھي تھ پھريائين دنيا جي حقيقت ۽ بناوت جو ڄاڻڻ نھايت ضروري آھي ۽ باوجود ھن جي ايڏي عالمگير عداوت جي بھ ھن جي خلقڻ ۾ ڪھڙي حڪمت آھي اھو پڻ معلوم ڪرڻ گھرجي. انھيءَ کانسواءِ ھن جي فريب ۽ مڪر جي جدا جدا رستن ۽ واٽن کان بھ واقف ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ جنھن ماڻھوءَ کي بَديءُ جي خبر ئي ڪانھي تھ ھوءَ ڪھڙي بلا آھي اھو ماڻھو بديءَ کان ڪيئن ٿو پاڻ کي بچائي سگھي. بلڪھ انھيءَ ۾ تعجب ناھي جو ھو ان ۾ اوچتو ئي اوچتو بي خبريءَ ۾ وڃي مبتلا ٿئي. تنھنڪري اسان ھت دنيا جي مذمت جا مثال ۽ ان جي ”حقيقت ۽ معنيٰ“ پوري تفصيل سان بيان ڪري رھيا آھيون ۽ اھو پڻ چٽيءَ طرح ٻڌائي رھيا آھيون تھ ڪھڙين ڳالھين ڪري دنيا جي ضرورت آھي ۽ ڪھڙين ڳالھين ڪري ماڻھو ھن جي فضول ڳالھين ۾ مشغول ٿي خدا تعاليٰ کان ڦري ٿا وڃن.

بيان پھريون

دنيا جي مذمت بابت

قران مجيد ۾ دنيا جي مذمت جي باري ۾ گھڻيئي آيتون آھن ۽ انھن منجھان ڪيترين ۾ انسان کي دنيا کان پاسو ڪرڻ يا منھن موڙڻ ۽ آخرتجي طرف رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. بلڪھ انبياء عليھم السلام جي موڪلڻ جو مقصد بھ صرف اھو ئي ھيو تھ اھي وڃي ماڻھن کي دنيا جي رغبت کان روڪين. انھيءَ ڪري دنيا جي خلاف ڪلام الله منجھان سند پيش ڪرڻ جي ايتري ضرورت ڪانھي. اسان ھتي صرف ڪي حديثون جيڪي ھن باري ۾ بيان ٿيون آھن اھي ٿا لکون.

روايت آھي تھ آنحضرت ' جن ھڪ مردار ٻڪريءَ وٽان اچي لنگھيا ۽ اصحابن سڳورن کان سوال  پڇائون تھ ھيءَ ٻڪري پنھنجي مالڪ وٽ ھاڻي ذليل آھي يا نھ. اصھابن جواب ڏنو تھ سائين! جيڪڏھن ذليل نھ ھجي ھا تھ ھتي ڇو ڦٽي ڪري وڃنس ھا. پاڻ فرمايائون تھ قسم آھي اسان کي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن جي قبض: ۾ اسان جي جان آھي تھ دنيا الله تعاليٰ جي نزديڪ ھن مردار ٻڪريءَ کان بھ وڌيڪ زليل آھي ۽ (ياد رکو تھ) جيڪڏھن دنيا خدا تعاليٰ وٽ مڇر جي پر جيتري بھ وقعت يا حيثيت رکي ھا تھ ڪافر کي ھن منجھان ھڪ ڍڪ پاڻي جو بھ نھ ملي ھا. ٻي حديث ۾ فرمايو اٿن تھ ”دنيا مومن جو قيد خانو ۽ ڪافر جي جنت آھي“ ۽ ”دنيا ملعون آھي ۽ جيڪي شيون ان ۾ آھن سي بھ ملعون آھن سوآءِ انھن شين جي جيڪي انھن منجھان خدا ج واسطي آھن“.

حضرت ابو موسيٰ اشعري رضھ کان ھيءَ حديث مروي آھي تھ ”جيڪو پنھنجي دنيا سان محبت ٿو رکي اھو پنھنجي آخرت کي نقصان ٿو پھچائي ۽ جيڪو پنھنجي آخرت کي پيارو ٿو رکي اھو پنھنجي دنيا کي نقصان ٿو رسائي. پوءِ ترجيح ڏيو باقي شيءِ (يعني آخرت) کي فاني شيءِ (يعني دنيا) تي (يعني پيارو رکو پنھنجي آخرت کي. دنيا کي نقصان پھچي تھ پيو پھچي، اھو نقصان ٿعورا ڏينھن ھلندو).

حضور ' جن جو ٻيو قول آھي تھ ”دنيا جي محبت ھر ھڪ خطا جي پاڙ آھي.“ زيد بن ارقم ٿو فرمائي تھ اسان حضرت ابوبڪر صديق رضھ وٽ ويٺا ھئاسن تھ انھن پاڻي گھريو. ماڻھو ماکي مليل پاڻي کڻي آيا. جڏھن پاڻ وات سان لڳايائون تھ ڏاڍو وٺي زار زار رنا، ايتري قدر جو سڀ ساٿي بھ روئڻ لڳا. مگر ساٿي روئي روئي چپ ڪري ويا ۽ حضرت صديق اڪبر رضھ بس نھ ڪئي. بربر روئندو رھيو تان جو ماڻھن خيال ڪيو تھ اڄ اسان انھيءَ روئڻ جو سبب بھ پڇي ڪين سگھنداسين. مگر ٿوري دير کان پوءِ پنھنجون اکيون اگھيائون. ماڻھن عرض ڪيو تھ اي نائب رسول '! توھان ڇا جي ڪري ايترو رنا آھيو؟ پاڻ فرمايائون تھ مان ھڪڙي دفعي آنحضرت ' سان گڏ ھوس. مان ڏٺو تھ پاڻ ڪريم ' جن ڪنھن کي چئي رھيا ھئا تھ مون کان پري ٿي وڃ، حالانڪھ اتي ٻيو ڪو بھ نظر ڪو نھ پي آيو. مان عرض ڪيو تھ حضور ' جن ڪنھن کي ٿا پري ڪن. پاڻ فرمايائون تھ ھن وقت دنيا جسم وٺي منھنجي سامھون آئي ھئي. انھيءَ کي چيم تھ مون کان پري ٿي. مگر ھوءَ ٻيو دفعو آئي ۽ چيائين تھ توھان تھ مون کان بچيل رھندو. مگر توھان کان بعد ۾ اچڻ وارا تھ نھ بچندا. (اھو ھو سڀ روئڻ جو).

ھي پڻ حديث ۾ آيو آھي تھ ”وڏو تعجبن آھي. انھيءَ تي جيڪو ھميشه رھڻ وري گھر يعني آخرت کي سچو بھ ٿو سمجھي پر سموري ڪوشش رڳو ٺڳي ۽ فريب واري گھر يعني دنيا لاءِ ڪندو ٿو وتي.“ روايت آھي تھ آنحضرت ' جن ھڪڙي گند جي ڍير تي بيھي رھيا ۽ ماڻھن کي ارشاد فرمايائون تھ اچو اچي دنيا ڏسو. پوءِ انھيءَ ڍير تان ھڪ کٿل ڪپڙو يا اڳڙي ۽ ڪجھھ ڳريل ھڏا کڻي فرمايائون تھ ھٰذه الدنيا يعني دنيا تھ اجھا ھيءَ آھي! ھن منجھان اشارو ھو انھي ڳالھھ ڏانھن تھ دنيا جو زيب زينت ۽ ھار سينگار سڀ ھن اڳڙيءَ وانگر جلد پراڻو ٿي کسي ويندو ۽ جيڪي جسم ۽ بدن دنيا ۾ عمدي پرورش ٿا پائين ۽ خوش خوراڪون ٿا کائن اھي بھ ھنن ھڏن وانگر جلد ڳري سڙي خاڪ ٿي ويندا.

ٻي حديث ۾ آھي تھ ”دنيا مٺي ۽ سرسبز آھي ۽ الله تعاليٰ توھان ي ان ۾ خليفو ٿو بڻائي تھ ڏسي تھ اوھان ڪھڙا ڪم ٿا ڪريو. بني اسرائيل وارن لاءِ دنيا جڏھن ڪشادي ۽ آرام ۽ آسائش واري ٿي تھ اھي زيورن، عورتن، خوشبودار شين (پٽ پٽيھرن جي) پوشاڪن ۾ حيران ٿي ويا.“

حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ارشاد آھي تھ دنيا کي پنھنجو مالڪ نھ بڻايو متان ھوءَ توھان کي پنھنجو ٻانھو بڻائي ڇڏي ۽ پنھنجو خزانو انھيءَ ھستيءَ وٽ جمع ڪريو جيڪا ھن کي تلف يا برباد نھ ڪري (يعني دنيا وٽ خزانو امانت ڪري رکبو تھ ھر وقت ڪنھن نھ ڪنھن آفت جو خوف طاري پيو رھندو. باقي جنھن جو خانو خدا تعاليٰ وٽ ھوندو ان کي ڪنھن بھ آفت جو خوف يا انديشو نھ رھندو).

ھي بھ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ارشاد آھي تھ ”اي حوارين جا گروھ! مان توھان جي لاءِ دنيا کي اونڌي ڪنڌ ڪري ڇڏيو آھي. ائين نھ ٿئي جو مون کانپوءِ اوھان ان کي سڌو ڪري اٿاري کڙو ڪري بيھاريو. (ياد رکو تھ) اھا ڳالھھ دنيا جي خباثتن منجھان آھي جو ماڻھو دنيا خاطر ڌڻي تعاليٰ جي نافرماني ڪري. جيسين دنيا ھٿ مان نٿي ڇڏي وڃي تيسين آخرت نٿي ملي. دنيا کي گذر گاھھ ڪري سمجھو ۽ مسافرن وانگر ان تان گذر ڪندا ھليا وڃو. عمارت وغيره نھ بڻايو ۽ اھو سمجھي ڇڏيو تھ سڀني خرابين ۽ براين جي پاڙ دنيا جي محبت آھي. گھڻو ڪري ڏٺو ويو آھي تھ نفس جي سڌ يا خواھش جي ھڪڙي گھڙي ڪيترن ڏينھن جي تڪليف ۽ رنج جو باعث ٿي بڻجي.“

ھي پڻ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ارشادات منجھان آھي تھ ”توھان جي لاءِ دنيا اونڌي ڪنڌ پئي آھي ۽ توھان ان جي پٺيءَ تي چڙھيا ويٺا آھيو. پوءِ ڏسو متان دنيا جي باري ۾ بادشاھھ ۽ عورتون توھان جو مقابلو ڪن. يعني بادشاھن سان دنيا واسطي جھڳڙو فساد نھ ڪريو. ڇاڪاڻ تھ جڏھن توھان انھن مان ۽ انھن جي دنيا سان ڪو واسطو نھ رکندؤ تھ ھو بھ توھان جي پٺيان نھ پوندا ۽ اوھان لاءِ عورتن کان بچاءَ جي صورت باقاعدي نما ادا ڪرڻ ۽ روزي رکڻ سان ٿي ٿئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org