سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :31

ڪن اڪابرن ڪنھن بادشاھھ کي ٻڌايو تھ دنيا جي مذمت ۽ دشمني ڪرڻ سڀ کان زياده انھيءَ ماڻھوءَ کي ٿي ٺھي جنھن کي اھا ڪثرت سان ملي ھجي ۽ ھن جي ڪائي بھ ضرورت پوري ٿيڻ کان نھ رھجي وئي ھجي. اھا حقيقت آھي ڇاڪاڻ تھ اھڙي ماڻھوءَ کي ھميشه اھو خوف ھوندو آھي تھ ڪنھن نھ ڪنھن آفت کان متان منھنجو مال ضايع ٿي وڃي ۽ منھنجي دل جو ھي سرور ختم ٿي وڃي. متان منھنجي سلطنت کي زوال اچي يا منھنجو جسم حادثن ۽ مرضن ۾ پامال ٿئي. يا وري اھڙي شيءِ جي وڃڻ جو رنج سھڻو پوي جيڪا مان دوستن کان بھ لڪائي ٿي رکي. مطلب تھ دنيا جي ھجڻ ڪري ھن کي اھي آفتون پيش ٿيون اچن. تنھنڪري انھي مالدار لاءِ ئي وڌيڪ بھتر آھي تھ ھو دنيا کي برو سمجھي. ھيءَ اھا بلا آھي جيڪا جيڪي ڏئي ٿي اھو ساڳيو واپس وٺي ٿي ڇڏي. جيڪڏھن صفا ظاھر ظھور ھبھ (بخشش) ڪري تھ ان کان بھ ڦري وڃي. ھن جون حالتون بدلبيون ٿيون رھن. ھڪ دم ۾ ڪنھن کي کلائي ٿي تھ اتي جو اتي وري ھن تي ٻيا ماڻھو پيا کلن. جيڪڏھن ھڪڙو ٻئي تي روئي ٿو تھ ستت ئي روئڻ واري تي ٻيو ماتم ڪرڻ وارو تيار ٿئي ٿو وڃي. جيڪڏھن ڪنھن کي ڪجھھ ڏنو اٿس تھ ٿوري وقت کان پوءِ موٽائي وٺڻ لاءِ ھٿ ڊگھيڙيا اٿس. اڄ جنھن جي مٿي تي تاج آھي سڀاڻي اھو خاڪ جي حوالي ٿو ٿئي. ڪوئي اچي تھ ڇا ڪوئي وڃي تھ ڇا، دنيا لاءِ ٻئي ڳالھيون ھڪ جھڙيون آھن.

حضرت حسن بصري رحھ، حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ ڏي خط لکيو تھ بعد حمد ۽ صلوات جي واضح ھجي تھ دنيا گذرگاھھ آھي ۽ نھ رھڻ جو گھر. حضرت آدم عليه السلام کي جو جنت کان لاھي دنيا ۾ آندو ويو تھ اھو فقط عقوبت ۽ سزا جي لاءِ رکيو ويو ھو. اي امير المؤمنين! ھن کان ڊجندو رھھ ۽ ھن کي ترڪ ڪر، دنيا ئي آخرت جو توشو آھي ۽ ھن ۾ محتاج رھڻ سان ئي ماڻھو غني ۽ آسودو ٿو رھي. ھر وقت ھڪ نھ ٻئي کي فنا ڪندي ٿي رھي. جيڪو ھن کي عزيز ٿو رکي تنھن کي ذليل ٿي ڪري ۽ جيڪو ھن کي ڪٺو ٿو ڪري تنھن کي فقير ٿي بڻائي. ھن جو مثال زھر جھڙو آھي، جنھن کي ان جو پتو ڪونھي اھو کائي ٿو ويھي ۽ ھلاڪ ٿي ٿو وڃي. ھن ۾ اھڙيءَ طرح رھڻ گھرجي جھڙيءَ طرح ڪو مريض پنھنجي زخم جي علاج ڪرڻ لاءِ ٿوري دير واسطي پرھيز ٿو ڪري انھيءَ لاءِ تھ متان گھڻو وقت تڪليف نھ ڀوڳڻي پوي ۽ ٿورا ڏينھن ڪوڙي دوا پيئڻ برداشت ٿو ڪري تھ ھتان درد گھڻا ڏينھن نھ ھلي. ناپائيدار، فريبي، مڪار ۽ جفاڪار کان بچندا رھو. ھن جي ظاھري صورت فقط دوکو آھي ۽ ماڻھن کي ڦاسائڻ لاءِ ھڪ وڏو فريب آھي، جيڪو ھن جي سڌن ۾ مبتلا ٿيو تنھن کي تباھھ ڪرڻ کان سواءِ نٿي ڇڏي ۽ سڀني کي دم دلاسا ڏيندي ٿي رھي. ھن جي شڪل ۽ صورت ھڪ ڪنوار وانگر آھي. اکين جو گھورون، دلين جو سڪون ۽ نفس جون سڌون سڀ انھي ڪنوار جي مٿان ھونديون آھن. مگر ھن ڪنوار ڪيئي گھوٽ گھائي ڇڏيا آھن. افسوس تھ وري اھو آھي جو پوين کي اڳين گھايلن منجھان ڪا عبرت حاصل نٿي ٿئي. جيڪي ماڻھو خدا تعاليٰ کي مڃن ٿا افسوس جو توڙي خدا تعاليٰ دنيا جو حال ٻڌائي ڇڏيو آھي تڏھن بھ انھن کي اھا نصيحت اثر نٿي ڪري. ڪيترا ھن جا عاشق اھڙا آھن جو جنھن وقت ئي ھنن جي حاجت پوري ٿي ٿئي ۽ دل جي خواھش موجب دنيا ملي ٿي وڃي تھ اتي جو اتي مغرور ۽ سرڪش ٿي آخرت کي وساري ويھي ٿا رھن ۽ پنھنجو عقل ايترو ٿا انھيءَ ۾ لڳائن جو انھن جا پڪا پختا قدم بھ ترڪي ٿا پون ۽ پوءِ ساھھ نڪرڻ مھل سڪرات جي حالت ۾ وڏي ندامت ۽ حسرت آڏو ٿي اچين. جيڪو شخص ھن سان رغبت ٿو رکي اھو پنھنجو مطلب ڪڏھن بھ حاصل نٿو ڪري ۽ ھن جو نفس ھميشھ مشقت ۾ لڳو ٿو رھي تان جو ھن دنيا منجھان بنا توشي ھليو ٿو وڃي. امير المؤمنين! توھان ھن کان ڊڄندا رھو ۽ جنھن وقت اوھان کي ھن ۾ خوسي ٿئي تنھن مھل خاص طرح ھن کان گھڻو ڊپ ڪندا ڪريو. فرض ڪيو تھ خدا تعاليٰ دنيا جي خير نھ ٻڌائي ھا ۽ ھن جا مثال بيان نھ ڪيا وڃن ھا تڏھن بھ دنيا جا ظاھري اسباب ۽ تجربا اھڙا آھن جيڪي ستل کي جاڳائي ۽ غافل کي ھوشيار ڪري ڇڏن ھا. مگر انھن سڀني تجربن مٿان جو الله تعاليٰ بھ منع فرمائي آھي تھ پوءِ تھ ويتر وڌيڪ ھوشيار ٿيڻ گھرجي. ھن فاني شيءِ جو الله تعاليٰ وٽ ڪو بھ قدر ڪونھي ۽ جڏھن کان وٺي ان کي پيدا ڪيو اٿس تھ ان جي طرف شفقت جي نگاھھ ڪا نھ ڪئي اٿس. ھن ڳالھھ کي سوچو تھ ھي اھا ئي پليد شيءِ آھي جيڪا توھان جي نبي ' کي خزانن ۽ چاٻين سميت پيش ڪئي وئي ھئي. جيڪڏھن حضور ' جن قبول ڪرڻ فرمائن ھا تھ خدا تعاليٰ جي اڳيان حضور ' جن جي رتبي ۾ مڇرجي پر جيتري بھ ڪمي نھ ٿئي ھا مگر تنھن ھوندي بھ پاڻ قبول نھ فرمايائون ڇاڪاڻ تھ خدا تعاليٰ جي حڪم جي مخالفت خراب معلوم ٿي ۽ جنھن شيءِ سان ڌڻي تعاليٰ جو بغض ھجي ان سان محبت رکڻ کي چڱو نھ سمجھيائون. پوءِ ياد رھي تھ خدا تعاليٰ جو دنيا کي نيڪ پختن کان پري رکيو آھي. صرف آزمائش ۽ امتحان لاءِ ائين ڪيو آھي ۽ دشمن کي ايتري قدر وڌائي ڏني وئي آھي سا محض انھن جي فريب ۽ دوکي لاءِ آھي. اھو ئي سبب آھي جو جنھن کي دنيا تي قبضو حاصل ٿئي ٿو وڃي اھو ماڻھو اھو گمان ٿو ڪري تھ ڌڻي تعاليٰ منھنجي وڏي عزت ڪئي آھي. ھن شخص کي اھو معاملو ياد نھ ٿو اچي جيڪو الله تعاليٰ پنھنجي پيغمبر آنحضرت ' جن سان ڪيو ھو جو بک کان پنھنجي پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌا ھئائون.

ھڪ روايت حديث قدسي جي آنحضرت ' جن کان آھي تھ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي ارشاد فرمايو تھ جڏھن تون تونگري کي ايندو ڏسين تھ سمجھھ تھ توکي ڪنھن گناھھ جي سزا جلد ملي وئي آھي ۽ جيڪڏھن مفلسي کي ايندو ڏسين تھ چئو تھ ڏاڍو چڱو ٿيو، ھي نيڪ پختن جي نشاني آھي. وڌيڪ فرمايايئون تھ جيڪڏھن چاھيو تھ روح الله ٿيون تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيروي ڪريو. ھو سڳورا فرمائيندا ھئا تھ منھنجو ٻوڙ بک آھي ۽ منھنجي پوشاڪ ان آھي ۽ سياري ۾ منھنجون باھھ ٻرڻيون سج جي آس آھي. منھنجو چراغ (ڏيئو يا فانوس) چنڊ آھي ۽ سواري لاءِ ٻھ پير اٿم ۽ مون لاءِ کاڌو ۽ ميوه وغيره وڻ ٻوٽا آھن. رات جو سمھندو آھيان تھ ڪجھھ بھ نھ ھوندو اٿم ۽ صبح جو اٿندو آھيان تھ تڏھن بھ ڪجھھ نھ ھوندو اٿم ۽ زمين جي تختي تي مون جھڙو تونگر ٻيو ڪو بھ ڪونھي.

حصرت وھب بن منبھ رحھ ٿو فرمائي تھ جڏھن خداوند ڪريم حضرت موسيٰ ۽ ھارون عليه السلام کي فرعون لعين ڏانھن موڪليو تھ انھن کي ارشاد فرمايائين تھ توھان ھن جي دنيوي لباس کان نھ ڊڄجو. ھن جي ساري ڪل منھنجي ھٿ ۾ آھي. منھنجي ڪم کان سواءِ نھ ڳالھائي ٿو سگھي. نھ اکيون بند ڪري ٿو سگھي ۽ نھ ساھھ کڻي ٿو سگھي ۽ توھان ھن جي دنيوي ٺٺ تي ڪو بھ تعجب نھ کائجو. ھي صرف دنيا جي ٽيپ ٽاپ آھي ۽ دولتمندن جي ھڪ ظاھري زينت جيڪڏھن مان چاھيان تھ دنيا جي زيب و زينت سان توکي بھ اھڙو سينگاري ڇڏيان جو فرعون بھ ڏسي تھ چوي تھ مون کان ايتري زيب زينت ٿيڻ مشڪل آھي. مگر مان تنھنجي لاءِاھا ڳالھھ پسند نٿو ڪريان ۽ توکان ھي سڀ آرائشون الڳ رکندس. مان پنھنجن دوستن اسن اھڙي طرح ڪندو آھيان يعني ھنن کي دنيا جي نعمتن کان پري رکندو آھيان جھڙي طرح ھڪڙو شفيق ۽ رحمدل ريڍار پنھنجي رڍن جي ڌڻ کي زھريلي گاھھ واري چراگاھھ کان بچائيندو وتندو آھي يا ڪوئي مشفق جت پنھنجي اٺن کي گر واري بيماري وارن اٺن کان پري رکندو وتندو آھي ۽ ھيءَ ڳالھھ انھيءَ ڪري نٿو ڪريان تھ مان انھن پرھيزگار ٻانھن کي ذليل رکان بلڪھ انھيءَ نظر سان تھ ھو منھنجي آخرت واري عزت ۽ انعام کي صحيح ۽ سالم توقير سان پوري طرح حاصل ڪن. منھنجا دوست جيڪي مون کي خوش ڪرڻ لاءِ زينت ڪندا آھن تھ اھا زينت انھن جي انڪساري نوڙت. خوف، عاجزي ۽ تقويٰ واري ھوندي آھي. ھي ڳالھيون انھن جي دلين تي ڄميل ھونديون آھن ۽ سندن ظاھري جسمن منجھان بھ نمايان رھنديون آھن ۽ انھن ئي نشآنين سان انھن کي سڃاڻبو آھي. جڏھن بھ اھڙا شخص توھان کي ملن تھ انھن جي تعظيم ڪجو ۽ زبان جي انڪساريءَ سان انھن کي پيش اچجو. ياد رکو تھ جيڪو شخص منھنجي ڪنھن دوست کي ڊيڄاري ٿو اھو ڄڻ تھ مون سان ھڪ کليل لڙآئي ٿو ڪري ۽ مان ھن ان قيامت ڏينھن بدلو وٺندس.

ھڪڙي ڏينھن حضرت علي ڪرم الله وجھھ خطبو پڙھندي فرمايو تھ اي انسانو! اھا ڳالھھ سمجھي ڇڏيو تھ اوھان کي مرڻو آھي ۽ مرڻ کانپوءِ وري اٿي پنھنجي اعمالن کان واقف ٿي انھن جي سزا ۽ جزا ڀوڳڻي آھي. پوءِ دنيا جي زندگيءَ تي نھ ڦونڊجي وڃو ۽ ھنن ڳالھين کي نھ وساريو. دنيا مصيبت جو گھر آھي فنا ٿيڻ ھن جي وصف آھي ۽ دوکو ڏيڻ ھن جو ڌنڌو آھي. ان جي ھر ھڪ شيءِ جي پڇاڙي زوال آھي ۽ ھن جو ڪنھن وٽ بھ دائما رھڻ محال آھي. نھ ھن جون حالتون ئي ڦيرين ڦارين کان بچي ٿيون سگھن ۽ نھ ان جا باشندا آفتن کان امن وٺي ٿا سگھن. جڏھن بھ ڪنھن ماڻھوءَ کي ان ۾ خوشي ۽ راحت ٿي پھچي تھ يڪدم مٿان اچي ٿي ڪا نھ ڪا مصيبت ڪڙڪيس. نھ ھن جي عيش کي قيام (بيھڪ) ۽ نھ ھن جي راح تکي دوام (ھميشگي) آھي. دنيا جا رھاڪو دنيا جي تيرن جو ھدف (نشانو يا تيرن ھڻڻ واري جاءِ) آھن جن کي پئي ٿي چٽي ۽ نشانو بڻائي ۽ آخر موت سان ٿي انھن جي خاڪ کي اڏاري. موت جو ھر ھڪ جي مٿان بيٺو آھي ۽ ان جو چکڻ لازمي آھي. اي الله تعاليٰ جا بندو! اڄ دنيا ۾ اوھان جو اھو ئي حال آھي جيڪو اوھان کان اڳي وارن جو ھو جيڪي اوھان کان عمر ۾ زياده. قوت ۾ قوي ۽ آدم شماريءَ ۾ گھڻا ھئا ۽ انھن جا گھر بھ تمام وڏا عاليشان ھئا. مگر دنيا جي ھن ڊگھي انقلاب جي ڪري انھن جو آواز نٿو نڪري. انھن جا جسم سڙي ڳري ويا آھن ۽ شھر اونڌا ٿي ويا اٿن ۽ محلاتون ڊھي ڪري خاڪ ۾ ملي ويون اٿن. يا تھ اھي عاليشان محلاتون، عمدا فرش ۽ نرم نرم وھاڻا ھئا يا تھ اڄ پٿر، سرون، قبر جي خاڪ ۽ اڪيلي ڪنڊ آھي. قبرون تھ ھڪٻئي جي بلڪل ويجھيون آھن مگر انھن ۾ رھڻ وارا ھڪ ٻئي کان اجنبي ۽ ڌاريا ٿا ڏسجن. وڏين وڏين محلاتن وارا اھڙي محلي ۾ اچي پيا آھن جو نھ تھ اتي جي رھڻ لاءِ ڪنھن کي آنس آھي ۽ نھ ڀائي برادري يا پاڙيسرين واري ھڪ ٻئي سان رغبت يا ميل ميلاپ آھي. گھر يا رھڻ جون جايون (يعني قبرون) تھ ڏاڍيون ويجھيون ويجھيون آھن مگر ميل ملاقات جي ڪا بھ صورت ڪانھي ڇاڪاڻ جو تمام پراڻي ۽ طول طويل زماني انھن کي پيھي ڇڏيو آھي ۽ پٿرن ۽ مٽيءَ انھن جو ڪچومر ڪڍي وڌو آھي. زندگيءَ کان پوءِ موت جي چنبي ۾ اچي قيد ٿيا آھن ۽ نازڪ ۽ نازنين بدن راحت ۽ آسودگيءَ کان پوءِ خاڪ ٿي وڃي پنھنجن خاڪ وارن يارن ۽ جزن سان مليا آھن. اھي سڀ وڃڻ کان ويا آھن ۽ وري موٽڻ محال اٿن. موٽڻ جي تھ ڪا صورت ئي ڪانھي، جنھن صورت ۾ الله تعاليٰ خود ٿو فرمائي تھ ”کلاّ اِنھا ڪلمته ھو قئلھا ومن ورائھم بَرزخءٌ اِليٰ يوم يبعثون“ (ائين يعني انھن جو موٽڻ ڪڏھن بھ ٿيڻو) نھ آھي. بيشڪ اھا (فقط) ھڪ ڳالھھ آھي جا ھو چوندي آھي ۽ سندن اڳيان ھڪ پڙدو اٿارجڻ واري ڏينھن تائين رھندو) ھاڻي توھان بھ قطعي طور سمجھي ڇڏيو تھ جھڙو انھن جو حال ٿيو آھي اوھان جو بھ اھڙو ئي ٿيندو. اھا ئي تنھائي (اڪيلائپ) ھوندي ۽ اھو ئي خاڪ ۾ ڳرڻ انھي جھڙي ئي خواب گاھھ ۾ سمھڻو پوندو ۽ انھن جھڙي ئي گھر ۾ رھڻو پوندو. انھيءَ کانسواءِ ان وقت اوھان جو ڇا حال ٿيندو جڏھن ھي سڀ ڳالھيون اوھان جي نظر جي اڳيان ھونديون قبرن منجھان ٻاھر ڪڍيا ويندو ۽ اندر جون ڳجھيون ڳجھيون ڳالھيون تحقيق ھيٺ اينديون ۽ بادشآھھ حقيقي جي اڳيان حاضري ٿيندي، جيڪي گناھھ اوھان کان ئي ٿي چڪا آھن انھن جي خوف کان جگر ڦاٽي پوندا ۽ دليون ڪنبڻ لڳنديون. اوھان جا پڙدا فاش ٿيندا ۽ عيبن ۾ ڳجھين ڳالھين کي سامھون اندر ويندو. جيئن جو الله تعاليٰ ٿو فرمائي ”ليجزي الذين اسآءُوا بِما عملوا و يجزي الذين احسنوا بِالحسنيٰ“ (تھ جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي نيڪ بدلو ڏئي) ٻي آيت ۾ ٿو فرمائي تھ ”ووضع الکتابُ فتوي الٰمجرمين مشفقين مما فيه ويقولون يٰويلتنا مال ھٰذا الکتابِ لايغادر صغيرت ولا کبِيرت اِلاّ احصاھا ووجدوا ما عملوا حاضرا.“ (۽ اعمالنامو رکيو ويندو. پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي (ڏڪندو ۽) ڊڄندو ڏسندين ۽ چوندا تھ اسان لاءِ ارمان آھي (يا اسان سان تھ ويل ٿي ويو). ھن اعمالنامي جو (الائي) ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھھ) نڪي وڏي (گناھھ) کي ڳاڻاٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس) خداوند ڪريم کي التجا آھي تھ اسان کي ۽ توھان کي پنھنجي ڪتاب جو تابع (فرمانبردار) ڪري احبابن جي پيروي عطا فرمائي انھيءَ وقت تائين جو اسان سڀني کي پنھنجي فضل ۽ ڪرم سان ھميشه رٿھڻ واري جاءِ يعني آخرت تائين پھچائي. اھو ئي ساراھ جي لائق ۽ بزرگي جو مالڪ آھي (انتھيٰ).

ڪن سياڻن جو قول آھي تھ زمانو تير انداز آھي ۽ آدمي ان جو نشانو آھن. زمانو ھر روز عمر جي رات ڏينھن کي پنھنجن تيرن سان اڏاريندو (کپائيندو) ٿو رھي تان جو ساري حياتي ختم ٿئي ٿي وڃي پوءِ اھڙي طرح ڏينھن جي گذرڻ ۽ رات جي جلدي ختم ٿيڻ سان انسان ڪيترو سلامت رھي ٿو سگھي. جيڪڏھن اسان کي پاڻ تي وقت جي تاثير جي پروڙ پوي تھ ھو گھڙي گھڙي جي گذرڻ سان عمر ۾ قطر وجھندو ٿو وڃي تھ ھن کي جيڪو ڏينھن گذرڻ تي ھيبت طاري ٿئي ۽ گھڙين گذرڻ تي وحشت وٺي وڃيس. مگر الله تعاليٰ جي حڪمت آھي جو انھيءَ ڳالھھ جو خيال ڪو نھ ٿو اچي. اھو ياد رکڻ گھرجي تھ انسان کي غلطي کان دنيا جي آفتن جي طرف کان اطمينان ٿو رھي تنھنڪري ھن کي دنيا جي لذتن منجھان مزو ٿو اچي مگر حقيقت ۾ اھي لذتون ٽوھ جي ميوي کان بھ وڌيڪ ڪڙيون آھن بشرطيڪ ڪوئي داناءُ ۽ سمجھھ وارو انھن کي چکي (نادان کي تھ ڪو پتو ئي نٿو پئجي سگھي). دنيا جا ظاھري اسباب ڏسي ڪوئي بھ بيان ڪرڻ وارو ھن جا عيب بيان ڪري نٿو سگھي ۽ ان جون عجيب عجيب ڳالھيون جيڪي روز مره نمايان ٿيون ٿين اھي وعظ ڪرڻ وارن جي تقرير جي دائري کان زياده ۽ ٻاھر آھن. ڌڻي تعاليٰ شل راھھ راست تي ھلڻ نصيب فرمائي.

ڪن ڏاھن کان جڏھن دنيا جي وصف ۽ ان جي بقا جو مقدار پڇيو ويو تھ جواب ڏنائون تھ دنيا انھيءَ وقت جو نالو آھي جنھن ۾ انسان اک ٿو ڇنڀي. ڇاڪاڻ تھ جيڪو زمانو اک ڇنڀڻ کان اڳ ۾ ٿو گذري اھو وري ھنکي ملي و نھ ٿو سگھي ۽ جيڪو وقت آئنده اچنو آھي انھيءَ جو حال ھن کي معلوم ناھي تھ (ايندو يا ايندو ئي نھ يا) ملندو يا ملندو ئي ڪين. وقت جو اھو حال آھي تھ ڏينھن جڏھن گذري ٿو وڃي تھ رات ان جي ماتم ۾ ڪاري پوشاڪ ٿي پھري ۽ گھڙي گھڙي ٿيندي ٿيندي گذرندي ٿي رھي. انھيءَ جا حادثا انسان تي برابر ايندا ٿا رھن ۽ وڏي تبديلي ۽ نقصان ٿا پھچائين. زماني جو تھ ڪم ئي اھو آھي تھ جماعتن کي توڙي ۽ جٿن کي ڇروڙڇڙ ڪري ۽ دولت کي ھڪڙي ھٿ کان ٻئي ھٿ تائين پھچائي. ھن جي اميد ڏاڍي ڊگھي آھي ۽ انسان جي حياتي تمام ٿوري. آخر سڀ جو موٽڻ رب جليل جي طرف ٿيندو. خدا تعاليٰ شل ايمان سان موٽائي!

حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ پنھنجي خطي ۾ ارشاد فرمايو تھ اي انسانو! جنھن ڳالھھ جي لاءِ اوھان پيدا ٿيا آھيو انھيءَ جي جيڪڏھن توھان تصديق ٿا ڪريو تھ بيوقوف ٿا بڻجو ۽ جيڪڏھن ان کي ڪوڙو ٿا چئو تھ ھلاڪ ٿا ٿيو. يعني توھان کي ھميشه رھڻ واسطي پيدا ڪيو ويو آھي مگر رڳو ھڪڙي عالم (جھان) منجھان ٻئي عالم (جھان) ڏانھن موڪليا ويندو. اي بندگان خدا! توھان ھاڻي انھيءَ جاءِ تي آھيو جو جيڪڏھن کاڌو کائو تھ نڙيءَ ۾ ٿو اٽڪي جيڪڏھن پاڻي بيٺو تھ ٻي نڙيءَ ۾ ھليو ٿو وڃي. ڪنھن ھڪڙيءَ نعمت سان اوھان جي خوشي پوري ٿي نٿي ٿئي تھ ٻئي نعت جي جدائي مٿي تي اچي ٿي وڃي جنھن کان اوھان کي رنج ٿو پھچي. ھاڻي توھان پنھنجي موٽڻ واري جاءِ بابت سوچو تھ ڇا ٿو بڻجي ۽ ڪٿي ھميشه لاءِ رھڻو آھي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ کي چون ٿا تھ ھن قول تي ايترو روئڻ غالب ٿيو جو منبر تان ھيٺ لھي آيا.

حضرت علي ڪرم الله وجه پنھنجي ھڪڙي ٻئي خطبي ۾ ارشآد فرمايو تھ مان توھان کي وصيت ٿو ڪريان تھ خا تعاليٰ کان ڊڄو ۽ دنيا کي ترڪ ڪريو. جيتوڻيڪ ان جو ڇڏن اوھان کي چڱو نھ لڳندو مگر ھوءَ پاڻ اوھان کي ضرور ڇڏيندي. توھان ھن کي نئون ڪرڻ ٿا چاھيو ۽ ھر روز ٿا تازگي بخشيوس مگر ھوءَ اوھان جي جسمن کي باقاعدي پراڻو ڪندي ٿي رھي. توھان جو ۽ ھن جو مثال اھڙو آھي جھڙو ڪھ مسافر ڪنھن راءِ ۾ پيا پنڌ ڪن. راءِ تھ ھلندي ھلندي ڪنھن حد تي ضرور ختم ٿيڻ واري آھي. اڪٿر ائين ڏٺو ويو آھي تھ دنيا ۾ جنھن جو ڪم ٺھيو ٺڪيو پيو ھلندو آھي ان جي پٺيان موت جو تڪڙو سوار ھميشه ڪڍ لڳو وتندو آھي جيسين ھو دنيا کان جدا ٿي وڃي. پوءِ گھرجي تھ دنيا جي تڪليف ۽ نقصان تي ماڻھو بيقرارر نھ ٿئي ڇاڪاڻ تھ آخر ھي سڀ ڪجھھ ھن کان جدا ٿيڻو آھي ۽ نھ وري ھن جي دولت ۽ مال متاع تي خوشي ڪرڻ گجھرجي ڇاڪان تھ اھي بھ آخر ختم ٿيڻ واريون شيون آھن، مون کي دنيا جي طالب تي وڏو تعجب آھي جو ھو دنيا جو طالب آھي ۽ موت وري ھن جو طالب آھي. ممون کي غافل تي اھو تعجب آھي تھ ھن کي غفلت آھي مگر ھن جي چڱي يا مٺي حالت کان سزا ۽ جزا ۾ غفلت نھ ڪئي ويندي. (يعني جيڪي ھو گھٽتايون ڪري ٿو ان جي ھن کي معافي نھ ملندي. انھن جو حساب ڪتاب وڏي ھوشياريءَ سان ورتو ويندو).

حضرت محمد بن حسين رحھ ٿو فرمائي تھ جڏھن عاقلن، عالمن، عارفن، ۽ اديبن کي معلوم ٿيو تھ خدا تعاليٰ دنيا جي حقارت ڪئي ۽ ان کي پنھنجي دوستن لاءِ چڱو نھ سمجھيو ۽ ھوءَ ھن جي اڳيان سخت حقير ۽ انديٰ شيءِ آھي ۽ رسول ڪريم ' جن بھ ان کان زھد فرمايو ۽ پنھنجن يارن کي انھيءَ جي فتني کان ڊيڄاريو تھ انھن سڀني بزرگن دنيا منجھان وچٿرو کاڌو پيتو ۽ زيادتي کي ترڪ ڪري آخرت جو توشو بڻايو، جيڪي پاڻ لاءِ ڪافي سمجھيائون اھو ورتائون باقي کي ترڪ ڪيائون. پوشاڪ رڳو ستر يا اوگھڙ ڍڪڻ واري اختيار ڪيائون ۽ غذا منجھان بھ رڳو بک لاھڻ جيتري واپرايون. دنيا کي انھيءَ نظر سان ڏٺائون تھ فاني آھي ۽ آخرت کي سمجھيائون تھ باقي آھي. انھيءَ ڪري دنيا منجھان ايترو توسو يا سمر ورتائون جيڪو ھڪ مسافر کي کپي. اھڙيءَ طرح دنيا کي اجاڙيائون ۽ آخرت کي آباد ڪيائون. آخرت کي دل جي اک سان ڏٺائون ۽ سمجھيائون تھ جلد ظاھري اک سان بھ ڏسنداسين. انھيءَ ڪري ھن کي دل سان ڪوچ ڪيائون. انھيءَ خيال سان تھ آخر جسم سان بھ اوڏاھين وڃڻو پوندو. ٿوري مشقت دنيا ۾ برداشت ڪري گھڻن ڏينھن جو عيش حاصل ڪيائون. ھي سڀ ڳالھيون انھن کي الله تعاليٰ جي توفيق سان مليون اھڙيءَ طرح جو جيڪي ڪجھھ ڌڻي تعاليٰ انھن لاءِ محبوب سمجھيو اھو انھن بھ محبوب سمجھيو ۽ جنھن شيءِ کي ڌڻي تعاليٰ برو سمجھيو ان کي ھنن برو سمجھيو.

بيان ٽيون

دنيا جي ڪيفيت جا مثال

ياد رکڻ گھرجي تھ دنيا ڏاڍي جلد گذري وڃڻ واري شيءِ آھي. وعدو تھ سڀ سان بقا جو ٿي ڪري مگر ھر ڪوئي ھن جي انھي وعدي جي خلاف ورزي کان تنگ آھي. ظاھر ۾ ڏسو تھ ھڪ ھنڌ کتي بيٺي آھي مگر دراصل ھڪ وڏي تيزي رفتاريءَ سان ڊوڙي رھي آھي. ھن جي حرڪت يا چرپر ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿي رو سالن ۽ مھينن جي پوري ٿيڻ منجھان ٿو وڃي انسان محسوس ڪري تھ سچ پچ دنيا حرڪت ۾ آح:” حڻ ٻآڙ: ۾ دنيا جو مثال پاڇولي جھڙو آھي. اھو بھ ظاھر ۾ حرڪت ڪندي نظر نٿو اچي مگر حقيقت ۾ ھو چرندو ٿو رھي، ھن جي حرڪت اک سان سمجھھ ۾ نٿي اچي مگر عقل جي ذريعي معلوم ٿي وڃي ٿي. دنيا کي پاڇولي سان مشابھت گھڻن اڪابرن ڏني آھي. حضرت حسن بصري رحھ جي اڳيان جو دنيا جو زڪر نڪتو تھ چيائون تھ ھوءَ ھڪ لڙندڙ پاڇولو آھي يا پريشان خواب. حضرت امام حسن عليه السلام گھڻو ڪري دنيا جي تشبيه ۾ ھڪ شعر پڙھندا ھئا جنھن جو ترجمو آھي.

”اي دنيا جي لذتن وارو! دنيا کي بقاِ ڪينھي. لرندڙ پاڇولي تي دوکو کائڻ بيشڪ حماقت آھي.“

ھن طرح بھ مشھور آھي تھ ھي شعر حضرت علي ڪرم الله وجه جو آھي.

روايت آھي تھ ھڪڙو اعرابي ڪنھن وٽ اچي مھمان ٿيو. ميزبان ھن کي ماني کارائي ۽ ھو ماني کائي ھڪ تنبو جي پاڇولي ۾ سمھي پيو. جڏھن ماڻھن اھو تنبو پٽيو تھ ھن کي اس لڳي ۽ ھو اٿي کڙو ٿيو. انھيءَ مھل ھڪرو شعر پڙھيائين جنھن جو ترجمو آھي تھ ”دنيا ھڪ پاڇولي جي مثال آھي، جنھن کي ھڪڙي ڏينھن ضرور لڙڻو آھي.“ جيئن جو دنيا پنھنجي خيالن سان ماڻھوءَ کي دوکو ٿي ڏئي ۽ انھن خيالن منجھان نڪرڻ کان پوءِ انسان وٽ ڪجھھ بھ ساڻ نٿو رھي انھيءَ لحاظ کان ھن جو مثال خواب جي خيالن جھڙو آھي. جھڙوڪ حديث شريف ۾ آھي تھ ”دنيا ھڪ خواب آھي ۽ ھن جي ماڻھن کي جزا ۽ سزا ڏني ويندي.“ يونس بن عبيد رحھ ٿو چوي تھ مان پنھنجي دل ۾ دنيا کي ھيءَ تشبيه ڏني آھي تھ جھڙيءَ طرح ستل ماڻھو خواب ۾ ڪنھن بڇڙي يا چڱي ڳالھھ کان رنجيده يا خوش ٿيندو آھي. اھڙيءَ طرح ماڻھو بھ گويا خواب ۾ دنيوي رنج ۽ راحت ڏسي رھيا آھن. مرڻ کانپوءِ جو اک کلندن تھ ھو پنھنجي اڳيان ڪجھھ بھ نھ ڏسندا.

حضرت عسيٰ عليه السلام جي اڳيان دنيا ھڪ ڦدي ڪراڙي جھور عورت جي شڪل ۾ آئي مگر اھا ھڪ اعليٰ درجي جي ھار سينگار ۾ ھئي. پاڻ پڇيائونس تھ تو ڪيترا مڙس ڪيا آھن. ھن چيو تھ مون کي ڳاڻاٽو ياد ڪينھي. پاڻ فرمايائونس تھ اھي سڀ توکي ڇڏي مري ويا يا توکي طلاق ڏنائون. ھن عرض ڪيو تھ مان انھن کي ذبح ڪري ڇڏيو. پاڻ فرمايائونس تھ پوءِ اھا تنھنجن باقي مڙسن جي بڇڙائي آھي جيڪي اڳين جو حال ڏسي عبرت نٿا وٺن. تون ھڪ ھڪ ڪري انھن کي ماريندي ٿي وڃين ۽ ھو تکان خوف نٿا ڪن. ياد رکڻ گھرجي تھ دنيا جو ظاھر ھڪڙو ۽ باطل ٻيو ڏسي ان جو مثال ھي تصور ڪرڻ گھرجي تھ ھڪ ٻڍي بد صورت عورت عمدي پوشاڪ ۽ زيور کڻي ڍڪي ۽ منھن تي برقعو پائي ماڻھن کي فريب ڏئي ۽ جڏھن انھن کي ھن جو حال معلوم ٿئي ۽ ھن جو گھونگھٽ کولي ڏسن تھ ھن جي پٺيان پوڻ تي ڏاڍا شرمندا ۽ پشيمان ٿين ۽ پنھنجي ڪم عقلي ۽ دوکي کائڻ تي لڄي لڄي پيا لڳن.

علاء بن زياد رحھ ٿو فرمائي تھ مان خواب ۾ ھڪ ٻڍي عورت ڏٺي جنھن جي گل گھنجيل ھئي مگر زيورن ۽ لباس سان سٿي پئي ھئي ۽ خلق خدا جي، ھن ڏي تعجب سان نھاري رھي ھئي. مان جو ويجھو وڃي ھن کي ڏٺو تھ ماڻھن جي ھن کي تعجب سان ڏسڻ تي مون کي ڏاڍي حيرت لڳي تھ ھو ڇو ھن ڏي مائل ٿيا آھن. آخر مان وڃي ھن کان ڇيو تھ تون ڪير آھين. جواب ڏنائين تھ تون مون کي نٿو سڃاڻين مان دنيا آھيان. اھو ٻڌي مان چيو تھ خدا تعاليٰ سل تنھنجي شر ۽ مڪر کان بچائي. تنھن تي چيائين تھ جيڪڏھن منھنجي شر کان بچڻ گھرين ٿو تھ روپين پيسن کي بڇڙو ڪري سمجھجانءِ.

حضرت ابوبڪر بن عياش رحھ ٿو فرمائي تھ بغداد ۾ پھچڻ کانپوءِ اڳ ۾ مان دنيا کي خواب ۾ ھڪ ٻڍي جھور بدصورت عورت جي شڪل ۾ ڏٺو جيڪا تاڙيون وڄائي رھي ھئي ۽ ڪيئي انسان ھن جي پٺيان جي طلب ۾ ھئا ۽ اھي بھ سڀ تاڙيون پيا وڄائن ۽ ناچ پيا ڪن. جڏھن ھوءَ منھنجي ويجھو آئي تھ مون ڏي متوجھھ ٿي چيائين تھ جيڪڏھن مون کي ڪو موقعو مليو تھ تنھنجو بھ اھڙو ئي حال ڪنديس جھڙو ھنن جو ڪيو اٿم. اھو خواب ٻڌائي حضرت ابوبڪر روئڻ لڳي ويو.

ھضرت فضيل بن عياض رحھ ٿو فرمائي تھ حضرت ابن عباس رضھ فرمايو تھ قيامت ۾ دنيا ھڪ ڪراڙي بدصورت ڳاڙھين اکين واري شڪل ۾آندي ويندي. ھن جا ڏند اڳتي نڪتل ھوندا. ماڻھن جي اڳيان بيھاري کانئن پڇيو ويندو تھ ھن کي سڃاڻو ٿا. جواب ڏيندا تھ خدا پناھھ ڏي. اسان کي ھن جي ڪھڙي خبر. حڪم ٿيندو تھ ھي اھا ئي دنيا آھي جنھن لاءِ اوھين فخر، حسد، بغض مائٽي ڇنڻ، مڪر ۽ فريب ڪندا ھئا ۽ ھن جي ڦندي ۾ ڦاٿل ھئا. پوءِ انھيءَ عورت کي دوزخ ۾ وڌو ويندو. ھوءَ عرض ڪندي تھ اي منھنجا الله! منھنجي پيروي ڪرڻ وارا ٽولا ڪٿي آھن، حڪم ٿيندو تھ انھن کي بھ ھن سان گڏي ڇڏيو.

ياد رکڻ گھرجي تھ دنيا جو عرصو حقيقت ۾ ڪائي حقيقت ئي نٿو رکي ڇاڪاڻ تھ انسان جي حال جو سلسلو ٽن ڏاڪن ۾ ورھايل آھي. ھڪ اھو زمانو جنھن ۾ ھو پيدا ڪو نھ ٿيو ھو (يعني ازل منڍ) کان وٺي ڄمڻ جي وقت تائين. بيو مرڻ کان پوءِ ابد (ھميشه ھميشه) تائين ۽ ٽيون حياتيءَ وارو زمانو جنھن جو نالو دنيا آھي. پوءِ ھن دنيا جي زندگيءَ کي ازل ۽ ابد جي مقابلي ۾ ڏسبو تھ ايتري بھ نظر نھ ايندي جيتري ھڪ دور دراز سفر ۾ ڪا ٿورڙي مانجھاندي ڪرڻ واري جاءِ. جيئن جو ھديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”منھنجو دنيا سان ڪھڙو واسطو. منھنجو ۽ دنيا جو مثال اھڙو آھي جھڙو ڪوئي سوار گرمي جي ڏينھن ۾ سفر ڪري ۽ ھن کي ڪو وڻ ملي وڃي ۽ ھو ان جي پاڇي ۾ ھڪ گھڙي سمھي پوي ۽ جلد ئي ان کي ڦٽو ڪري پوءِ اٿي ھليو وڃي.“ جيڪو دنيا کي ھن نظر سان ڏسندو اھو ھن ڏانھن ھرگز رغبت نھ ڪندو ۽ نھ وري اھا پرواھھ ڪندو تھ ڏينھن ڪيئن ٿا گذرن. رنج ۾ يا راحت ۾، تنگي ۾ يا فراخي ۾ ۽ ھو سر جي مٿان سر بھ نھ رکندو. جيئن جو دنيا جي ڪيفيت آنحضرت ' جن کي نيڪ روشن ھئي. انھيءَ ڪري ساري زندگي ۾ پاڻ ڪريم ' جن نھ سرن جو گھر بڻايو نھ ڪاٺ جو. بلڪھ ڪن اصحابن کي ڪاٺ جا گھر ٺاھيندي ڏٺائون تھ فرمايائون تھ ”مان ڏسان ٿو (خدا تعاليٰ جي امر (يعني موت) کي (ايندو) ھن کان جلد“ يعني ھن جاءِ جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ خدا تعاليٰ جي طرف کان موت جو حڪم جاري ٿي چڪندو. يعني اصحابن جو گھر ٺھرائڻ پاڻ ڪريم ' جن کي ڏاڍو برو لڳو ۽ انھيءَ ساڳي ڳالھھ ڏانھن حضرت عيسيٰ عليه السلام ارشاد فرمايو آھي تھ دنيا ھڪ پل آھي اتان رڳو گذر ڪري وڃو ۽ عمارت نھ بڻايو. پل تي عمارت بڻائڻ ۽ ان کي زيب زينت سان آراستھ ڪرڻ ۽ پوءِ ھن کي ڇڏي وڃن ڪھڙو نھ جھالت ۽ ذلت جو ڪم آھي. مگر جيئن جو دنيا ۾ غورڪرڻ ڏاڍو اسان ۽ سھنجو آھي انھيءَ ڪري دنيادار سمجھندو آھي تھ ھن منجھان سلامتيءَ سان نڪري وڃن بھ آسان ۽ مزيدار ھوندو. مگر ائين ھرگز ناھي. دنيا ۾ ڦاسجي وڃڻ ڏاڍو سولو آھي مگر سلامت نڪرڻ بلڪل مشڪل آھي. ھن جو مثال حضرت علي ڪرم الله وجھھ حضرت سليمان فارسي رضھ ڏانھن ھن طرح لکيو ھو تھ دنيا ھڪ نانگ جي مٿال آھي ٻاھران ھن کي ھٿ لايو تھ نرم ۽ لسو پيو لڳندو مگر ھن جي اندر جيڪو لڪل زھر آھي اھو ماڻھوءَ کي ماري ٿو وجھي. پوءِ توھان کي جيڪا شيءِ چڱي لڳي ان کان منھن ڦيريو ڇاڪاڻ تھ ھوءَ توھان وٽ تمام ٿورو وقت رھندي ۽ جيئن جو اوھان کي ھن جي جدائيءَ جو يقين آھي تھ، انھيءَ ڪري ھن جي مونجھاري وارين ڳالھين کي ڇڏي ڏيو. ۽ ھن جي سڀ کان وڌيڪ خوشي واري حالت سڀ کان وڌيڪ خوف جي جاءِ آھي ڇاڪاڻ تھ دنيا ۾ جڏھن بھ ڪنھن کي خوشي پھتي آھي تھ انھيءَ کانپوءِ اوترو رنج بھ پھچندو اٿس.

دنيا ۾ ڦاسي ان جي آفتن کان بچڻ جو مثال ھن حديث ۾ آھي تھ ”دنيادار ماڻھو جو مثال ھڪ پاڻيءَ ۾ گھمندڙ ماڻھوءَ جھڙو آھي. پوءِ اھو ٿي سگھي ٿو ڇا تھ جيڪو ماڻھو پاڻيءَ ۾ گھمي ۽ پنھنجا ٻئي پير آلا نھ ڪري.“ ھن حديث منجھان انھن ماڻھن جي جھالت ثابت ٿي ٿئي جيڪي چون ٿا تھ رڳو اسان جا جسم دنيا جي لذتن کان فائدو وٺي رھيا آھن ۽ اسان جون دليون پاڪ ۽ صاف آھن. دلين کي انھن جو ڪو اثر ڪونھي. مگر ياد رکو ھي ھڪ شيطان جو دوکو آھي جنھن سان ماڻھن کي فريب ڏيندو ٿو رھي. حقيقت ۾ انھن جي اھا دعويٰ ڪوڙي آھي جيڪڏھن انھن کي انھيءَ عيش ۽ لذت کان پري ڪيو ٿو وڃي تھ ڪيڏو نھ رنج راڙو ٿا ڪن. جيڪڏھن دل تي اثر ناھي تھ اھو درد ۽ رنج پوءِ ڇا جو ٿو ٿئي. مطلب تھ آنحضرت ' جن جو اھو ارشاد بلڪل صحيح آھي تھ جھڙيءَ طرح پاڻيءَ ۾ ھلڻ کان پير ضرور آلا ٿيندا تھڙيءَ طرح دنا جي ڌنڌن ۾ رل مل ٿيڻ کان بھ دل تي اثر ۽ اونداھي ضرور پيدا ٿيندي. بلڪھ انھيءَ دنيوي تعلقات جي ڪري دل ۾ عبادت جو مزو بھ نھ ٿو اچي.

حضرت عيسيٰ عليه السلام ٿو فرمائي تھ مان سچ ٿو چوان تھ جھڙيءَ طرح بيمار ماڻھو درد ۽ سور جي شدت ڪري کاڌي جو مزو ۽ لطف حاصل نٿو ڪري سگھي تھڙيءَ طرح جنھن کي نديا جي بيماريءَ جو روڳ لڳل آھي اھو عبادت جو ميٺاج حاصل ڪري نٿو سگھي. ۽ ھي بھ سچ ٿو چوان تھ جھڙيءَ طرح قابل سوار نھ ھجڻ ڪري ۽ پوريءَ طرح نھ گھمائڻ ڪري گھوڙو بگڙي ويندو آھي ۽ پورو ڪم نھ ڏيندو آھي تھڙي طرح جيڪڏھن دل کي بھ موت جي ياد گيري ۽ کعبادت جي منشقت سان نرم ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ آماده نٿو ڪيو وڃي تھ ھوءَ سخت ۽ بيڪار ٿئي ٿي پوي. ۽ ھيءَ بھ سچي ڳالھھ آھي تھ مشڪ جيسين ڦاٽي يا سڪي خشڪ ٿي نٿي وڃي تيسين ان جي اندر ماکي سولائي سان وڌي ويندي آھي. ساڳيءَ طرح جيسين دل شھوتن ۽ نفساني خواھشن سان ڦاٽي نھ ٿي ۽ طمع سان ناپاڪ لذتن سان سخت نھ ٿي ٿئي تيسين حڪمت ۽ نصيحت ان ۾ اچي ٿي سگھي.

حديث ۾ آھي تھ ”دنيا ۾ صرف بلاءِ (آزمائش) ۽ فتنو وڃي بچيو آھي ۽ اوھان منجھان ھر ھڪ جو مثال ھڪ برتن وانگر آھي. جيڪڏھن ھن جو ٻاھر چڱو ھوندو تھ ھن جو اندر بھ چڱو ھوندو ۽ جيڪڏھن ھن جو ٻاھر خراب ھوندو تھ ھن جو اندر بھ خراب ھوندو.“ ٻي حديث ۾ حضرت انس رضھ کان روايت آھي تھ ”مثال ھن دنيا جو اھڙو آھي جھڙو ڪوئي ڪپڙو اول کان آخر تائين ڦاٽل ھجي ۽ ھڪڙو ڌاڳو اٽڪيل رھجي وڃي ۽ جلد ئي اھو ڌاڳو بھ ٽٽڻ وارو ھجي.“ ھن حديث ۾ حضرت انس رضھ کان روايت آھي تھ دنيا جيتري قدر باقي رھيل آھي. اھا گذريل جي نسبت ۾ تمام ٿوري آھي ۽ جيئن جو دنيا جو ھڪڙو لاڳاپو ٻئي لاڳاپي جو ۽ ھڪڙو ڳانڍپو ٻئي ڳانڍاپي جو سبب ٿو بڻجي ۽ مرڻ تائين ھو سلسلو جاري ٿو رھي. انھيءَ جو مثال حضرت عيسيٰ عليه السلام ھن طرح ارشاد فرمايو آھي تھ دنيا جي طلب ڪندڙ جو مثال اھڙو آھي جھڙو ڪوئي ماڻھو ڏاڍي اڃ کان کارو پاڻي پيئي جو جيترو زياده پيئندو ويندو اوتري اڃ وڌندي ويندس تان جو پيئندي پيئندي آخر ھو مري ويندو. ڏٺو ويو آھي تھ دنيا جي اڳياڙي چڱي ٿي ٿئي ۽ پڇاڙي پليد ۽ بُري ٿي ٿئيس. انھيءَ ڪري ھن جي تشبيه عام طرح غذا سان ڏني ويندي آھي. شھوتون ۽ نفساني خواھشون شروع ۾ دل کي چڱيون لڳنديون آھن مگر مرڻ جي وقت انھن شھوتن ۽ خواھشن کان ماڻھوءَ کي ڪراھت ۽ بدبوءِ معلوم ٿيندي آھي جھڙي ڪنھن غذا کان ٿيندي آھي جڏھن ھوءَ آنڊي ۾ پھچي پنھنجي ڪمال کي پھچندي آھي (يعني پاخاني ۽ پيشاب جي حالت اختيار ڪندي آھي). جيتري قدر عذا لذيذ، مزيدار، سڻڀي ۽ مٺي ھوندي آھي اوتري قدر ھن ۾ بدبوءِ ۽ گندگي بھ گھڻي ٿيندي آھي. ساڳيءَ طرح دل جي خواھشن ۽ شھوتن منجھان جيڪا خواھش مضبوط لذيذ ھوندي ان جي ڪراھت ۽ بدبوءِ مرڻ جي وقت زياده ٿيندي آھي. بلڪھ ھيءَ ڳالھھ ھن دنيا ۾ ئي کڻي ڏسو. جيڪڏھن ڪنھن جو گھر ٻار کسيو وڃي ۽ مال، اولاد، زال ۽ پٽ وغيره لٽجي يا ڦرجي وڃن تھ ھن کي انھن شين منجھان وڌيڪ صدمو ۽ مصيبت يا درد انھيءَ شيءِ جو ٿيندو جنھن سان محبت زياده ھوندس جنھن کي وڌيڪ لذيذ ڄاڻي ان جو گھڻو حرص ڪندو ھوندو. مطلب تھ جنھن شيءِ جو ھجڻ جيتري قدر چڱو لڳندو آھي اوتري قدر وري ھن جو نھ ھجڻ صدمو ڏيندو آھي ۽ موت جي معنيٰ بھ آھي دنيا جي نعمتن جو ختم ٿيڻ.

روايت آھي تھ آنحضرت ' جن ضحاڪ بن سفيان ڪلابي کي فرمايو تھ تون پنھنجو کاڌو مرچ لوڻ سان کائي پوءِ پاڻي ۽ کير پيئندو آھين. ھن عرض ڪيو تھ ھا، پاڻ فرمايائونس تھ پوءِ انھيءَ غذا منجھان ڇا ٿو بڻجي. ھن عرض ڪيو تھ اھو تھ سائينءَ جن ڄاڻن ٿا. پاڻ فرمايائون تھ الله جل شانه دنيا کي انھيءَ شيءِ جي مشابھت فرمائي آھي جيڪا غذا مان ٿي بڻجي. حضرت ' جن فرمايو آھي تھ ”بيشڪ دنيا جو مٿال آدم جي اولاد يعني انسانن سان ڏنو ويو آھي پوءِ ڏسو جيڪي انسان منجھان نڪري ٿو. جيتوڻيڪ ھن ۾ مصالا ۽ لوڻ وڌو ٿو وڃي (تھ بھ ان جي پڇاڙي ڪيڏي گندي ٿي ٿئي).“ ۽ ٻي حديث ۾ آھي تھ ”تحقيق الله تعاليٰ دنيا کي انسان جي غذا سان ۽ انسان جي غذا کي دنيا سان مشابھت ڏني آھي توڙي غذا ۾ ڪيترا بھ کڻي ڪو لوڻ ۽ مصالحا ملائي.“ يعني جھڙي طرح غذا باوجود مصالحن جي اھڙي حالت ۾ اچي ٿي وڃي تھڙيءَ طرح دنيا بھ ڪيترن ئي مصلحتن ۽ نيڪ سببن ھوندي بھ خراب ٿئي ٿي وڃي. حصرت حسن رحھ ٿو فرمائي تھ مان ڏسان ٿو تھ پھريائين تھ ماڻھو غذا ۾ مصالحھ ۽ خوشبو ٿا وجھن ۽ پوءِ ان کي ڪڍي ڦٽي ڪري ٿا اچن. قرآن ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”فلينظر الاِنسان اِليٰ طعامه“ پوءِ انسان کي گھرجي تھ پنھنجي طعام ڏي نظر ڪري). انھيءَ جي تفسير ۾ حضرت ابن عباس رصھ ٿو فرمائي تھ ”طعام“ منجھان مراد آھي طعام يا غذا جي پڇاڙي واري صورت (يعني پيشاب پاخانو وغيره). ھڪڙي شخص حضرت ابن عمر رضھ کي عرض ڪيو تھ مان اوھان کان ڪجھھ پڇڻ ٿو گھران مگر پڇندي شرم ٿو اچي. پاڻ فرمايائونس تھ شرمائڻ نھ گھرجي، پڇي وٺ. ھن عرض ڪيو تھ جڏھجن انسان پاخانو ڪري فارغ ٿو ٿئي تھ پوءِ ان ڏي نھاري يا ان کي ڏسي ڇا؟ پاڻ فرمايائونس تھ ھائو. ھڪڙو فرشتو ھن کي چوي ٿو تھ جنھن شيءِ جي ڪنجوسي ڪندو ھئين اھا ڏس تھ پڇاڙيءَ ۾ ڪھڙي حالت کي وڃي رسي آھي.

حصرت بشر بن ڪعب رضھ فرمائيندو ھو تھ اي انسانو! ھلو تھ اوھان کي دنيا ڏيکاريان. انھن کي ڪنھن ڍير تي وٺي وڃي فمرائيندو ھو تھ ”ھي انھن جا ميوا ۽ ڪڪڙيون ۽ ماکيون ۽ گھھ آھن.“ آخرت جي دنيا سان جيڪ انسبت آھي ان لاءِ حديث شريف ۾ آھي تھ آنحضرت ' جن فرمايو تھ ”دنيا جو مقدار آخرت جي مقابلي ۾ ايترو آھي جيترو ڪو ماڻھو سمنڊ منجھان آڱر ٻوڙي ڏسي تھ پاڻي آڱر تي ڪيترو چڙھيو آھي (يعني آخرت جي سامھون دنيا ذري کان بھ گھٽ آھي).

”جيڪي دنيا وارا ماڻھو دنيا جي لذتن ۽ عيش عشرت ۾ مبتلا ٿي آخرت کي وساري ٿا ڇڏين ۽ پڇاڙيءَ ۾ وڏيون حسرتون برداشت ٿا ڪن انھن جو حال ھيٺين مثال ۾ چٽيءَ طرح بيان ڪيو ويو آھي. چون ٿا تھ ڪي ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ۽ ھڪ ٻيٽ ۾ وڃي پھتا. اتي پھچي ملاح انھن کي اجازت ڏني تھ جنھن کي پاخانو ڪرڻو آھي اھو ھن پيٽ ۾ لھي وڃي. مگر ياد رکو ھي خوفناڪ جڳھھ آھي. اتان جلد پنھنجو ضروري ڪم پورو ڪري واپس اچجو نھ تھ ٻيڙي ڇٽي ويندي. ھي ماڻھو ٻيڙيءَ تان لھي پيا ۽ ٻيٽ ۾ ھيڏي ھوڏي پکڙجي ويا ۽ پوءِ ڪن تھ ٻيڙي واري جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ قضاء حاجت (پاخانو) ڪندي ئي ٻيڙيءَ ڏي موٽي آيا ۽ ھڪ فراغت واري، خاطر خواھ ۽ آسائش واري جڳھھ وٺي ويھي رھيا ۽ ڪن وري ٻيٽ تي ترسي ان جي غنچن، ٻوٽن، ميدانن، پکين جي لاتن ۽ فرحت انگيز چھچھٽن، رنگا رنگي جواھرن، قسمين قسمين ڌاتن ۽ عجيب ۽ غريب نقشن ۽ شڪلن جو سير ڪيو. مگر ٻيڙيءَ جي نھ ملڻ جي خوف کان سير ڪري فورا موٽي آيا. ھنن کي جيتوڻيڪ ايتري ويڪري جڳھھ تھ ڪا نھ ملي تنھن ھوندي بھ چڱيءَ طرح خلاصا ٿي ويھي رھيا. انھن منجھان ڪن جو مٿيون شيون ڏٺيون تھ ويچارا ورچجي ويا ۽ سون ۽ ميوا جواھر ۽ گلن جي خوشبوءِ وغيرھ ھنن جي دل ۽ دماغ ۾ اھڙي کپي وئي. جو انھن کي ڇڏڻ دل نھ پئي چوين ۽ انھن منجھان ڪجھھ پاڻ سان کڻي آيا. مگر ٻيڙيءَ ۾ جو کڻي ڏسن تھ ايتري جاءِ بھ ڪانھي جو پاڻ چڱي طرح ويھي سگھن باقي سامان رکڻ جي تھ ڪا ڳالھھ ئي ڪا نھ ھئي. مجبور ٿي انھن آندل سوکڙين کي مٿي تي رکي ٻيڙيءَ ۾ ويھي رھيا. مگر پنھنجي انھيءَ ڪئي تي ڏاڍا پشيمان ٿيڻ لڳا تھ ناھق انھن کي کنيوسين ۽ مفت ۾ مٿي جو سور ۽ وبال ملھھ ورتوسين. ڪي ماڻھو تھ وري صفا جنگلن ۾ اندر ھلي اويا ۽ ٻيڙيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيائون ۽ ايترو سير ۾ محو ٿي ويا جو ٻيڙي واري جون رڙيون بھ نھ ٻڌائون مگر باوجود انھيءَ جي درندن (بگھڙ ۽ شينھن وغيره) جو دل ۾ خوف ھين ۽ سمجھيائون ٿي تھ ھن ھيٺ مٿاھين ٻيٽ ۾ ترڪڻ ۽ ھلاڪ ٿيڻ جون جايون بھ ھونديون ۽ وڏي مصيبت برداشت ڪرڻي پوندي. پيرن ۽ ڪپڙن ۾ ڪنڊا لڳندا، ٽاريون بدن کي چير ڏينديون. خوفناڪ آواز کان جگر ڏڪندو. ڪنڊين ۽ ڪنڊن ۾ ڪپڙا اٽڪي ڦاٽي پوندا ۽ اگھاڙا نانگا رھجي وينداسين ۽ پوءِ جي انھيءَ حالت ۾ موٽڻو پيو تھ ڳالھھ نھ ٺھندي. ايتري ۾ ٻيري واري جي للڪار ٻڌي بار مٿي تي کڻي ڪناري تي پھتا تھ ٻيڙيءَ ۾ جاءِ لڀيئي ڪا نھ مجبور ٿي ڪناري تي رھيا ۽ اتي ڪافي بک اڃ ۾ گذاري موت کي منھن ڏيڻو پين. ڪن تھ وري رڳو ٻيڙيءَ جو آواز ٻڌو ئي ڪين ۽ ٻيڙي رواني ٿي ويئي. انھن جو حال اھو ٿيو جو ڪي تھ درندن (بگھڙن وغيرهؤ جي خوراڪ ٿيا ۽ ڪي حيران پريشان ٿي ڀٽڪي ڀٽڪي مري ويا. ڪي وڃي ڌٻڻ ۾ پيا تھ ڪن کي وري نانگن ۽ وڇن کاڌو. غرض تھ سڀ اھڙيءَ طرح خراب خوار ٿي مئا. ٻئي طرف وري جيڪي ماڻھو ٻوجھھ سميت سوار ٿيا ھئا انھن کي اچي انھن شين جي حفاظت جي فڪر ورتو. جاءِ تھ اڳيئي تنگ ھئي. ڪجھھ عرصي کان پوءِ گل ڪومائجي ويا ۽ پٿرن وغيره جو رنگ بگڙڻ لڳو. ميوا وغيره خراب ٿي ويا ۽ بدبوءِ ڪرڻ لڳا. يڪ نھ شد دوشد وارو معاملو بڻجي ويو. پھريائين تھ رڳو انھن کي رکڻ جي ڏکيائي ھئي. ھاڻي تھ بدبوءِ بھ ستائڻ لڳي. پوءِ تھ ڪوئي علاج نظر نھ آين سواءِ انھيءَ جي جو انھن کي درياھھ ۾ اڇلايو وڃي. اھڙي طرح بار کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ بھ انھن شين جي کائڻ جو ايڏو اثر رھيو جو گھر پھچڻ تائين بيمار ٿي پيا ۽ ڪيترا ڏينھن ٻئي پيچ ويٺا. جيڪي انھن کان اڳ ۾ آيا ھئا انھن کي ويھڻ جي جاءِ چڱي خاطر خواھ آسائش واري ڪا نھ ملي سگھي مگر گھر پھچي صحيح ۽ سالم رھيا. باقي اھي جيڪي اول اول آيا ھئا اھي ٻيڙيءَ ۾ بھ چين سان رھيا ۽ وطن ۾ بھ راحت ۽ آرام ۾ اچي پيا. جيڪڏھن غورسان ڏٺو ويندو تھ اھو ئي حال آھي دنيا جي ماڻھن جو جيڪي اصلي وطن کي وساري ھن ٻيٽ جي گلزارن، پٿرن ۽ سون چانديءَ ۾ اھڙا محو ۽ غافل ٿي ويا آھن جو پڇاڙيءَ جي ڳڻتي ڪوئي ڪو نھ ٿو ڪري. اھو پتو نٿو پوين تھ مرڻ جي وقت اھي زيب زينت جون شيون گردن تي وبال ٿي پونديون. ھن مصيبت ۾ سڀ گرفتار آھن. سواءِ انھن ٿورڙن جي جن کي خدا تعاليٰ بچايو آھي.

ٻي حقيقت اھا آھي تھ خلقت دنيا جي فريب ۾ اچي ٿي وڃي ۽ باوجود خدا تعاليٰ جي خوف ڏيارڻ جي الله تعاليٰ جي قول تي ضعيف اعتقاد ٿي رکي. ھن ڳالھھ جو مثال انھيءَ حديث ۾ آھي جيڪا حضرت حسن رضھ کان مروي آھي تھ آنحضرت ' جن پنھنجن اصحابن کي فرمايو تھ منھنجو ۽ توھان جو ۽ دنيا جو مثال اھڙو آھي جھڙو ڪنھن قوم جا ماڻھو ڪنھن جنگل ۾ انڌي ۾ اچي وڃن ۽ ھلندي ھلندي ھيءَ نوبت پھچي وڃين جو اھو پتو بھ نھ پوين تھ جيترو پنڌ ڪري چڪا آھيون اھو زياده آھي يا جيڪو اڃا ڪرڻو آھي اھو زياده آھي. اوچتو ھن جي کاڌي خوراڪ جو سامان ۽ پاڻي وغيره ختم ٿي وڃي ۽ انھيءَ جنگل ۾ ڪمر پٽو کولي بنا سمر جي ليٽي پون ۽ جيئڻ تان ھٿ ڌوئي ويھن. جڏھن انھن تي اھا نوبت پھچي تڏھن پري کان ھڪ ماڻھوءَ جي صورت ڏسن تھ لباس پھريون اچي ٿو پيو ۽ ھن جي ڪپڙن منجھان پاڻي ٿو پيو ڳڙي. ھن کي ڏسي گمان ڪن تھ ھي شخص نھن سر سيز ۽ زرخيز زمين کان ٿو اچي ۽ اھا جڳ ھتان ويجھي ٿي معلوم ٿئي. جڏھن اھو ويجھو اچي انھن کان پڇي تھ ميان توھان جو ڪھڙو حال آھي تڏھن ھن کي چون تھ جيڪو حال آھي سو اوھان جي اڳيان ظاھر آھي. عيان راجھ بيان (ھٿ جي ڪنگڻ کي ڪھڙي آرسيءَ جي ضرورت). ھو جواب ۾ چوين تھ ڀلا جيڪڏھن مان اوھان کي پاڻي ۽ باغ جو ڏس ڏيان تھ اوھان ڇا ڪندؤ. اھي جواب ڏين تھ اسان تنھنجي اطاعت (فرمانبرداري) ڪنھن بھ شيءِ ۾ نھ ڇڏينداسين. تنھن تي ھو چوين تھ جيڪڏھن اھو سچ ٿا چئو تھ انھيءَ عھد کي پڪو ڪريو. اھي خدا جو قسم کڻي عھد پڪو ڪن تھ اسان ڪنھن بھ ڳالھھ ۾ ھرگز نافرماني نھ ڪنداسين. غرض تھ ھن عھد کانپوءِ ھو عمدي پاڻي ۽ سبز باغ جو ڏس وعدي موجب ڏين ۽ ڪجھھ ڏينھن انھن سان گڏ پاڻ بھ اتي رھي پوي. ٿورن ڏينھن کانپوءِ چوين تھ ڀائرو ٻڌو ٿا، ھو جواب ڏين تھ ھائو! چئو جيڪي چوڻو اٿو. ھو چوين تھ ھاڻي ھتان ھلو. اھو ٻڌي چونس تھ ڪيڏانھن ھليو؟ ھو چوين تھ اھڙي چشمي ۽ باغ ۾ جيڪو ھن کان گھڻو بھتر ۽ اعليٰ آھي. ھي ٻڌي انھن منجھان ڪي تھ ھي چون تھ خدا خدا ڪري تھ ھيءَ نعمت جي جڳھھ ملي آھي. انھيءَ کان بھتر وٺي اسان ڇا ڪنداسين. پوءِ تمام ٿورا ماڻھو چون تھ صاحبو! اوھان ھن سان عھد ڪري چڪا آھيو تھ ڪنھن بھ ڳالھھ ۾ نافرماني نھ ڪندو. پھريائين جيئن ھن چيو تھ تيئن ٿيو ۽ ھاڻي بھ ھن جو قول بلڪل درست آھي ۽ اھو خيال ڪري ڪيترا ھن کي ساٿ ڏين ۽ باقي ماڻھو اٿيئي رھجي وڃن. صبح جو دشمن حملو ڪري ڪن کي قتل ڪري ۽ ڪن کي قيدي بڻائي. (ھن حديث ۾ جنھن شخص جو بيان آھي ان مان مراد حضرت محمد ' جن آھن جيڪي امت کي آخرت جي طرف ٿا سڏين). پوءِ جنھن قرآن شريف جي ھن آيت ”وللآخِرت خيرءٌ لڪ من اواوليٰ“ (۽ بيشڪ آخرت تو لاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي) کي سچو سمجھيو ۽ دنيا تان دل کڻي ھن جو اتباع پيروي ڪئي اھو تھ سلامت رھيو باقي ٻيا ماڻھو، انسان جي جاني دشمن يعني شيطان جي ٽولي ۾ داخل ٿي ”دنياي ۽ آخرت جي ٽوٽي ۽ گھاٽي“ ۾ پئجي ويا.

ڪي ماڻھو وري پھريائين تھ دنيا ۾ ڏاڍا خوش ھوندا آھن ۽ خوب مزا وٺندا آھن مگر جڏھن اھي مزا انھن جا ختم ٿي ويندا آھن تھ انھن کي خوشين ۽ لذتن جي جدائي جو نھايت ناقابل برداشت درد ۽ صدمو سھڻو پوندو آھي. انھن جو مثال ھي آھي تھ جيئن ڪو ماڻھو نئون گھر ٺھرائي ۽ انھيءَ کي خوب سينگاري ۽ پوءِ ھڪ قوم کي جدا جدا پاڻ وٽ سڏائي دعوت ڪري. جڏھن ھڪڙي قوم ھن وٽ گھر ۾ اچي تھ ھو ان کي ھڪ سوني عطر داني ۽ ھن جي سماھون ڪجھھ عطر وغيره رکي انھيءَ خيال سان تھ ھو انھيءَ منجھان خوشبو وٺي عطرداني ساڳي جاءِ تي رکي تھ ٻيا واري سان اچي پيا خوشبو وٺن. مگر مھمانن رسم کان ناواقف ھئڻ ڪري ھي خيال ڪيو تھ ھي عطر برتن سميت اسان کي مليو آھي انھيءَ ڪري ان سان خوب دل جو لاڳاپو( ڳنڍيائون. مگر جڏھن گھر جي مالڪ اھا عطرداني انھن کان پري ڪري ٻي قوم جي اڳيان رکي تھ پھرين لاءِ اھا ڳالھھ وڏي رنج جو باعث بڻجي وئي. ٻي قوم وارن کي رسم رواج جي واقفيت ھئي تنھن ڪري انھن خوشبو بھ سنگھي ۽ مالڪ جو شڪريو بھ ادا ڪيو ۽ خوشيءَ سان عطرداني مالڪ جي حوالي ڪئي. اھڙيءَ طرح جيڪو شخص دنيا ۾ خدا تعاليٰ جي مقرر ڪيل دستور کان واقف آھي اھو ڄاڻي ٿو تھ ھي دنيا ۾ خدا تعاليٰ جي مقرر ڪيل دستور کان واقف آھي اھو ڄاڻي ٿو تھ ھي دنيا ھڪ مھمان خانو آھي ۽ جيڪي ھن مھمان خاني ۾ ٿوري وقت لاءِ اچڻ وارا آھن تن لاءِ ھي وقف ٿيل آھي ۽ وقف ٿيل شيءِ ڪنھن جي ملڪيت ڪانھي. ھن مھمان خاني منجھان صرف آخرت جو سمر تيار ڪرڻو آھي ۽ ھن ۾ جيڪي اسباب ۽ شين آھن انھن کي ھڪ مسافر وانگر رڳو ٿوري وقت لاءِ استعمال ڪري پنھنجو فائدو حاصل ڪرڻو آھي. دل جو لاڳاپو انھن سان ھرگز ڳنڍڻو ناھي نھ تھ خواھ مخواھ جدا ٿيڻ وقت ھڪ وڏي دلي ۽ دماغي ڪوفت سھڻي پوندي. ھي آھن دنيا جا مثال ۽ ان جي آَٽڻ ۽ فتنن جون تشبيھون، خداوند ڪريم شل اسان کي بھ انھن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org