سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :37

خليفي عبدالملڪ بن مروان، اسماء بنت خارجھ کان پڇيو تھ مون کي تنھنجي ڪن خصلتن جي خبر پھتي آھي اھي مون کي ٻڌاءِ. مائيءَ چيو تھ اھي ڳالھيون جيڪر ڪنھن ٻئي جي واتان ٻڌو ھا تھ ڏاڍو چڱو، خليفي قسم وڌس تھ، نھ تون ئي ٻڌاءِ. ھن چيو اي امير المؤمنين مان ڪڏھن بھ پنھنجي ھم نشين جي اڳيان پير ڊگھا ڪري نھ ويٺي آھيان. ٻيو تھ جڏھن بھ مان طعام تيار ڪري ماڻھن جي دعوت ڪئي آھي تھ جيتري قدر منھنجو احسان انھن تي ٿيو ان کان وڌيڪ انھن جو احسان ۽ ٿورو مان پاڻ تي سمجھيو آھي. ٽيون تھ ڪوئي بھ مون کان ڪجھھ گھرڻ آيو تھ مان جيڪي بھ ھن کي ڏنو ان کي گھڻو ڪو نھ سمجھيم.

سعيد بن خالد ھڪ سخي مرد ھو. ھن جو دستور ھو تھ جيڪڏھن پاڻ وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجھھ بھ موجود نھ ھوندو ھوس تھ سائل کي ھڪ دستاويز لکي ڏيندو ھو تھ جڏھن بھ مون کي ڪٿان ڪجھھ مليو تھ مان ھيتري رقم توکي ادا ڪري ڏيندس. ھڪڙي ڏينھن ھي شخص خليفي سليمان بن عبدالملڪ وٽ ويو. خليفي ھن جي شڪل ڏسي پڇيس تھ ڪھڙي حاجت درپيش اٿئي. جواب ڏنائين تھ مون تي قرض آھي. خليفي پڇيس تھ ڪيترو چيائين ٽيھھ ھزار دينار. خليفي چيو تھ ٽيھھ ھزار قرض وارا ۽ ٽيھھ ھزار ٻيا بھ توکي ملندا.

روايت آھي تھ قيس بن سعد ھڪ دفعي بيمار ٿي پيو. ڪو بھ دوستن احبابن منجھان ھن کان پڇڻ لاءِ ڪو نھ آيو. جڏھن سبب پڇيائين تھ ماڻھن تي تنھنجو قرض آھي سو انھيءَ شرم کان توڏي ڪوئي ڪو نھ ٿو اچي. اھو ٻڌي ڏاڍو افوس ٿيس ۽ چيائين تھ خدا تعاليٰ شل انھيءَ مال کي ذليل ڪري. ھي ڀائرن کي بھ ملن نٿو ڏئي. ائين چئي ھڪ پڙھيواري کي گھرائي چيائين تھ شھر ۾ وڃي پڙھو گھماءِ تھ قيس بن سعد جو جنھن ڏي بھ ڪجھھ قرض آھي سو معاف ڪيو ويو آھي. اھو ٻڌن سان ماڻھو وٺي ھن جي گھر ڏانھن ڀڳا ۽ ايترا گھڻا آيا جو ھڻي ھن جي گھر جي ڏاڪڻ ئي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.

ابو اسحاق ٿو ڳالھھ ڪري تھ ھڪڙي پنھنجي قرضيءَ جي تلاش ۾ ھڪ دفعي مان فجر جي نماز وڃي ڪوفي جي مسجد ۾ پڙھي. اڃا نماز پڙھي بس ڪيم تھ ھڪ جوڙو ڪپڙن جو ۽ ھڪ جوڙو جتين جو اچي منھنجي اڳيان رکيائون. مان چيو تھ مان ھن مسجد جي دائمي نمازين منجھان ناھيان ماڻھن چيو تھ ڪو مضائقو ناھي. اشعت بن قيس ڪندي ڪالھھ رات مڪي کان ڪوفي ۾ آيو آھي. ھن جو حڪم آھي تھ ھر نمازيءَ کي ھڪ جوڙو ڪپڙن جو ۽ ھڪ جتي ڏني وڃي.

شيخ ابو سعيد خر کوشي نيشاپوري رحھ روايت ٿو ڪري تھ مان محمد بن حافظ محمد کان ٻڌو آھي جيڪو شافعي رحھ مڪھ جي مجاور جي زباني ٿو بيان ڪري تھ مصر م ڪو اھڙو ماڻھو ڪنھن زماني ۾ رھندو ھو جو ھميشه فقيرن لاءِ چندو گڏ ڪندو وتندو ھو. اتفاق سان ھڪڙي ماڻھوءَ کي پٽ ڄائو. ھو سڌو انھيءَ سخص سان گڏجي ڪيترن ئي ماڻھن وٽ ويو مگر ڪجھھ بھ نھ ملين. آخر اچي ھڪ شخص جي قبر جي مٿان ويٺو ۽ چيائين تھ خدا تعاليٰ توکي بخشي. جڏھن تون جيئرو ھئين تھ گھڻو ئي ڏيندو ھئين. مان اڄ گھڻن وٽ ويو آھيان ۽ ھن شخص لاءِ گھڻي ئي ڪوشش ڪئي اٿم تھ ڪجھھ ملي مگر اتفاق سان ساري ڪوشش اجائي وئي آھي. ھيئن چئي ھڪ دينار ڪڍيائين ۽ اھو ڀڃرائي اڌ پاڻ وٽ رکيائين ۽ اڌ انھيءَ پٽ واري ماڻھوءَ کي ڏئي چيائين تھ ھي مان توکي قرض طور ٿو ڏيان. جڏھن ٿئي تھ پوءِ مون کي موٽائي ڏجانءِ. ھو شخص اڌ دينار وٺي گھر ھليو ويو ۽ وڃي پنھنجي ضروري خرچ جو پورائو ڪيائين انھيءَ رات چندي ڪرڻ واري. انھي قبر واري کي خواب ۾ ڏٺو. جنھن چيس تھ جيڪي تو ڪالھھ پئي چيو سو مون سڀ ٿي ٻڌو مگر مون کي جواب ڏيڻ جي طاقت ڪا نھ ھئي. ھاڻي منھنجي گھر وڃ ۽ منھنجي اولاد کي وڃي چئو تھ چلھي جي ھيٺيان کوٽين. اتي ھڪ برتن ۽ پنج سؤ دينار پوريل نڪرندا. اھي وٺي وڃي ھن پٽ واري جي حوالي ڪر. صبح ٿيو تھ قبر واري جي اولاد کي وڃي ٻڌايائين جن اھو برتن کوٽي اچي ھن جي اڳيان رکيو ۽ چيائونس تھ کڻي وڃ. ھن چيو تھ بابا ھي تھ توھان جو مال آھي منھنجي خواب تي ڪھڙو اعتبار. ھنن چيو تھ مال جو جيڪو اصلي مالڪ آھي اھو مرڻ کانپوءِ بھ ٿو سخاوت ڪري تھ اسان جيئري ڇو نھ ڪريون. مطلب تھ تمام گھڻي رد ڪد کانپوءِ ھن شخص دينار کنيا ۽ وڃي پٽ واري جي اڳيان رکيا ۽ سارو قصو بيان ڪري چيائينس تھ ھي مال ھاڻي تنھنجو آھي جيڪو وٿئي سو وڃي ڪر. ھن فقط ھڪڙو دينار کڻي ان کي ڀڃرائي اڌ ھن ماڻھوءَ کي قرض ۾ موٽائي ڏنو ۽ اڌ پاڻ وٽ رکي چيائين تھ بس مون کي ھي ڪافي آھي. باقي رقم فقيرن کي ورھائي ڏيو. ابو سعيد ھن ڳالھھ جو راوي چوي تھ انھن ماڻھن منجھان وڌيڪ سخي ڪنھن کي چئجي اھو مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي.

چون ٿا تھ حضرت شافعي رحھ جڏھن موت واري مرض ۾ مبتلا ٿيو تھ وصيت ڪيائين تھ فلاڻو شخص مون کي غسل ڏئي. وفات کان پوءِ ھن شخص کي وصيت ٻڌائي وئي. ھو شخص آيو ۽ حضرت شافعي رحھ جي خرچ جي بندي گھرائي ڏٺي تھ ھن جي ذمي ستر ھزار درھم قرض لکيو پيو ھو. انھيءَ وقت اھو سمورو قرض پنھنجي نالي تي لکي ڇڏيائين ۽ ماڻھن کي ٻڌايئين تھ منھنجي غسل ڏيڻ جي مراد اھا ھئي تھ مان ھن کي قرض جي آلودگيءَ کان ڌوئي صاف ڪريان. ابو سعيد ٿو چوي تھ مان جڏھن مصر ويس تھ انھي شخص جو گھر تلاش ڪيم. ماڻھن جي ڏس ڏيڻ تي ان جي گھر ويس تھ ھن جي اولاد ۽ پوٽن منجھان ڪي مون ڏٺا ۽ لڪان ابوھما صالحا (۽ ھيو پيءُ انھن جو نيڪ صالح بندو) جي آيت موجب انھچھرن منجھان خير ۽ برڪت جا آثار پئي بکيا ۽ انھن جي پيءُ جي خير برڪت انھن تي ڪافي اثر ڪري وئي ھئي.

شافعي رحھ ٿو چوي تھ جڏھن کان مون کي حماد بن ابي سليمان جي خبر پھتي آھي تڏھن کان وٺي مان ھن سان ھميشه محبت ٿو رکان. اھا خبر ھيءَ آھي تھ ھڪڙي ڏينھن ھو سواريءَ تي چڙھيو پئي ويو. چرڻ پرڻ ڪري تڪمو ڇڄي پيو ھيس. واٽ تي ھڪ درزي سبڻ وارو ويٺو ھو. ھن چاھيو تھ ٺھي اھو ٺيڪ ڪرايان مگر درزيءَ قسم وڌس تھ توھان نھ لھو مان اتي ئي ٿو ٽاڪو ھڻي ڇڏيان ۽ بيٺي بيٺي ٽاڪو ھڻي ڇڏياين. انھيءَ محبت جي عيوض ۾ حماد ھن کي ڏھھ دينار ڏنا ۽ ھن کان معافي ورتي تھ اھا رقم مان تمام ٿوري ٿو توکي ڏئي سگھان.

ربيع بن سليمان ٿو ڳالھھ ڪري تھ شافعي رحھ جو رڪاب اچي ڪنھن پڪڙيو. پاڻ ربيع کي چيائون تھ ھن کي چار دينار ڏي ۽ ھن کي منھنجي طرف کان انھيءَ ٿوري رقم ڏيڻ جي معذرت ڪر.

ربيع، حميدي جي زباني ھن طرح ٿو قصو بيان ڪري تھ حضرت شافعي جڏھن صنعاء کان مڪھ معظمھ ڏانھن آيو تھ مڪي جي ٻاھران اچي منزل ڪيائين ۽ ڏھھ ھزار دينار جيڪي پاڻ سان ھيس اھي ھڪ چادر تي کڻي پٿاريائين. پوءِ جيڪو بھ ھن وٽ پئي آيو ان کي مٺ ڀريندو ڏيندو پئي ويو تان جو ظھر جي نماز چادر ڇنڊي اچي ادا ڪيائين.

ابي ثور حضرت شافعي رحھ جو بيان ھن طرح ٿو ڪري تھ جڏھن شافعي رحھ مڪي وڃڻ جو ارادو ڪيو ھو تھ ھو ڏاڍو مالدار ھو مگر پوءِ ھن پاڻ وٽ تمام ٿورو مال ڇڏيو ۽ سخاوت جي ڪري گڏ ڪري نھ سگھندو ھو. ھن دفعي مان چيومان تھ اوھان جيڪر ڪا جائداد خريد ڪري ڇڏيو تھ ڏاڍو چڱو. توھان کي ۽ توھان جي اولاد کي ڪم ايندي. جڏھن مڪي شريف ويا ۽ اتان موٽي آيا تھ مان پڇيومان تھ جائداد جو ڇا ٿيو. پاڻ چيائون تھ مڪي ۾ تھ ڪا جائداد ڪا نھ ملي ڇاڪاڻ تھ اتاھون جي جائداد گھڻو ڪري وقف ڪيل آھي. انھيءَ جو خريد ڪرڻ جائز ناھي. مگر منيٰ ۾ ھڪ ھيٺاھين زمين وٺي آيو آھيان. اسان جا حج وارا ساٿي ھاڻي انھيءَ ۾ وڃي رھندا ڪن ۽ انھيءَ کانپوءِ ھي ٻھ شعر پڙھيائون:

بھت سي کام ھين کي جن کو چاھتا ھي دل،

وليک کافي نھين ميرا مال کيا کيچني،

ھي نفس کو يھ تمنا کبھي نھ بخل کس،

متاع اتني نھين جس سي اب سخا کيجئي.

محمد بن عباده مھلبي ٿو ڳالھھ ڪري تھ منھنجو پيءُ خليفي مامون وٽ ويو. خليفي ھن کي ھڪ لک درھم ڏنا. جڏھن خليفي وٽان اٿيو تھ سڀ خيرات ڪري ڇڏيائين. خليفي کي اھا خبر پئي. پاڻ وٽ گھرائي عتاب ڪيائينس. تنھن تي منھنجي پيءُ عرض ڪيو تھ يا امير المؤمنين موجود شيءِ جي نھ ڏيڻ ۾ پنھنجي معبود جي طرف بدگماني ٿي ٿئي (تھ متان ھي موجوده مال ڏئي ڇڏيان ۽ ٻيو نھ ملي) خليفو ھي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻھ لک  درھم ٻيا بخشش ڪيائينس.

ھڪڙي شخص سعيد بن عاص کان ڪجھھ گھريو. ھن انھيءَ سائل کي ھڪ لک درھم ڏياريا. سائل ھن تي روئڻ لڳو. پاڻ ھن کان روئڻ جو سبب پڇيائون. سائل چيو تھ مان انھيءَ ڳالھھ ٿي ٿو روئان تھ زمين تو جھڙي (سخي مرد) کي بھ نھ ڇڏيندي. ھي ٻڌي ھڪ لک ٻيو بھ ڏئي ڇڏيائينس.

ابو نمام نالي ھڪ شاعر ابراھيم بن شڪلھ وٽ ھڪ مدح جو قصده ٺاھي کڻي ويو. ابراھيم بيمار ھو.  پنھنجي دربان کي چيائين تھ في الحال جيڪي ڪجھھ انھيءَ شاعر جي شان مطابق توکي نظر اچي اھو ڏئي ڇڏينس ۽ چوينس تھ مان ھن مرض کان شفاياب ٿيس تھ پوءِ ٻي وڌيڪ خدمت ڪندس. شاعر ٻھ مھينا انھيءَ اميد ۾ رھيو پيو ھو. آخر گھٻرائجي گھٻرائجي امير ڏانھن ھي لکيائين: قطعھ

ھي قبول مدح بي اعطائي زرتم پر حرام،

پر تعجب ھي نھين قائل ھو تم اس بات کسي،

گر کرو تاخير ديني مين کسي اتنا دماغ،

ھم ھين بندي اس کي جو اس ھاتھھ لي اس ھاتھھ دي.

جڏھن امير ھي شعر پڙھيا تڏھن دربان کان پڇيائين تھ ھن کي ڪيترو وقت ھتي ويٺي ٿيو آھي. دربان چيو تھ ٻھ مھينا. تنھن تي امير حڪم ڪيو تھ ھن کي ٽيھھ ھزار درھم ڏنا وڃن ۽ قلمدان کڻي ھن جي شعرن جو جواب ھن طرح لکيو، قطعھ

تم ني جلدي کي تو ھم ني بھي ديا جو بن سکا،

اسقدر تھوڙا نھ ھوتا ليتي گر تاخير سي،

تم يھ سمجھو ھم ني کچھھ تعريف مين لکھا نھ تھا،

ھم يھ جانين گي درھم ھم ني نھين ھرگز دي.

روايت آھي تھ حضرت عثمان رضھ جا پنجاھھ ھزار درھم حضرت طلحھ رضھ جي ذمي ھئا. ھڪڙي ڏينھن حضرت عثمان رضھ مسجد ڏانھن ٿي ويا. حضرت طلحھ رضھ چين تھ اوھان جي رقم موجود آھي پنھنجي کڻائي وڃو. جواب ڏنائينس تھ اھا رقم اسان اوھان کي ڏئي ڇڏي آھي انھيءَ لاءِ تھ اھا توھان جي مروت يعني سخاوت ۾ معاون ۽ مددگار ھجي.

سعديٰ بنت عوف تي ڳالھھ ڪري تھ مان ھڪڙي ڏينھن حضرت طلحھ رضھ جي خدمت ۾ ويس. پاڻ کي ڪجھھ منجھيل ڏسي پڇيومان تھ ڇا ڳالھھ آھي. چيائون تھ مون وٽ ڪجھھ مال گڏ ٿي ويو آھي. انھيءَ جو فڪر آھي. مان چيومانتھ  فڪر جي ڪھڙي ڳالھھ آھي. پنھنجي قوم وارن کي گھرائي انھن ۾ ورھائي ڇڏيو. تنھن تري پنھنجي غلام کي موڪلي سڀني کي گھرايائين ۽ مال سارو تقسيم ڪري ڇڏيائين. مان غلام کان پڇيو تھ مال ڪيترو ھو. چيائين تھ چار لک درھم ھئا.

چون ٿا تھ ھڪڙو اعرابي حضرت طلحھ رضھ وٽ ويو. ھن کي ڪجھھ سوال بھ ڪيائين ۽ پنھنجي قرابت يعني مٽي مائٽي جو رشتو بھ ٻڌايائينس. پاڻ فرمايائون تھ مون کان قرابت جي نالي تي اڄ تائين ڪنھن بھ ڪين گھريو آھي. مون وٽ ھن وقت ھڪ زمين جو ٽڪرو آھي جنھن جا حضرت عثمان رضھ جن تي لک درھم ٿا ڏين. ھاڻي تنھنجي مرضي. اھا زمين وٺين تھ اھا زمين وٺ نھ تھ مان توکي انھيءَ جي رقم وٺي ڏيان. ھن رقم طلب ڪئي. پاڻ اھا زمين حضرت عثمان رضھ کي وڪرو ڪري رقم انھيءَ اعرابيءَ جي حوالي ڪئي.

ھڪڙي ڏينھن جناب علي مرتضيٰ رضھ جن ويٺي ويٺي روئڻ لڳا. جڏھن ماڻھن روئڻ جو سبب پڇيو تھ پاڻ فرمايائون تھ ستن ڏينھن کان مون وٽ ڪو مھمان ڪو نھ آيو آھي. مون کي ھي خوف آھي تھ خدا تعاليٰ مون تي ڪو ڏمر تھ ناھي ڪيو.

ھڪڙو شخص پنھنجي ڪنھن دوست جي گھر ويو ۽ وڃي در کڙڪايائين. دوست پڇيس تھ ادا! ڪيئن اچڻ ٿيو آھي. جواب ڏنائينس تھ مون ٽي چار سو درھم قرض چڙھي ويو آھي. ھن پنھنجي دوست کي چار سؤ درھم توري ڏنا ۽ پاڻ گھر ڏي روئيندو آيو. گھر واريءَ چيس تھ جيڪڏھن توکي چار سؤ درھم ڏيڻ ڏکيا پئي لڳا تھ ڏئين ئي نھ ھا. ھن چيو تھ مان پيسن جي ڪري نٿو روئان. مون کي روئڻ انھيءَ ڳالھھ تي ٿو اچي تھ مون کي پنھنجي دوست جو اھڙو احوال ھن جي ٻڌائڻ کان اڳ ۾ معلوم ڇو نھ ٿيو. جيڪڏھن مان ھن جي حال جي خبر پاڻ رکندو اچان ھا تھ اڄ ھن کي من کي سوال ڪرڻ جي ضرورت ئي نھ پوي ھا.

بيان ستون

بخل جي مذمت

الله تعاليٰ جل شانه ارشاد ٿو فرمائي تھ:

1.        ومن يوق شح نفسه فاولائڪ ھم المفلحون (۽ جن کي پنھنجي نفسن جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇوٽڪارو پائڻ وارا آھن).

2.       ولا يحسبن الذين يبلخون بما اتھم الله من فضله ھو خير لھم بل ھو شر لھم سيعلوقون ما بخلوا به يوم القيامته (۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي ائين بنه نھ ڀائين تھ اھو بخل کين چڱو آھي بلڪھ اھو انھن لاءِ بڇڙو آھي. جنھن شيءِ جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبين).

3.       الذين يبخلون ويا مرون الناس بالبخل ويڪتون ما اتاھم الله من فضله (۽ (نڪي انھن کي) جيڪي پاڻ ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي بھ ڪنجوسي ڪرڻ جو حڪم ڪندا آھن ۽ الله تعاليٰ جيڪي پنھنجي فضل سان کين ڏيندو آھي سو لڪائيندا آھن).

آنحضرت ' جن پڻ بخل جي مذمت ۾ ھيٺيون حديثون ارشاد فرمايون آھن:

1.        ”خبردار! بخل کان بچو، ڇاڪاڻ تھ ھن توھان کان اڳين کي ھلاڪ ڪري ڇڏيو. انھن کي انھيءَ ڳالھھ تي اڀاريو تھ ھو پنھنجا خون وھائن ۽ حرام شيون پاڻ تي حلال ڪن.

2.       ”بخل کان بچو، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ جي سبب کان توھان کان اڳيان ماڻھو خونريزي ۽ حرام شين کي حلال سمجھڻ ۽ مٽي مائٽي ڇنڻ ۾ مبتلا ٿي ويا.“

3.       ”نٿو داخل ٿئي جنت ۾ ڪوئي بخيل، نھ ڪوئي مڪار، نھ ڪوئي خيانت ڪرڻ وارو، ۽ نھ ڪوئي بد خلق.“ ڪن روايتن ۾ نھ ڪوئي جبر ڪندڙ ۽ نھ ڪوئي ماڻھن تي احسان جتائيندڙ يا اجايو ٿورو ٿڦيندڙ بھ آيو آھي.“

4.       ”ٽي شيون ھلاڪ ڪندڙ آھن، ھڪ بخل جنھن جي ڪو پيروي ٿو ڪري. ٻيو نفس جي خواھش جنھن جي ڪو تابعداري ٿو ڪري ۽ تيون وڏو ڄاڻڻ آدميءَ جو پاڻ کي.“

5.        ”الله تعاليٰ ٽن ماڻھن سان بغض ٿو رکي ھڪ ڪراڙو جيڪو زنا ٿو ڪري، ٻيو بخيل جيڪو احسان ٿو جتائي ۽ ٽيون فقير جيڪو تڪبر ۽ وڏائي ٿو ڪري.“

6.       ”خرچ ڪرڻ واري ۽ بخيل جو مٿال ٻن ماڻھن جھڙو آھي جن جي بدن تي ڇاتيءَ کان وٺي نڙگھٽ تائين لوھھ جا ڪڙتا يا چولا چڙھيل ھجن. خرچ ڪرڻ وارو جيئن خرچ ڪندو ٿو وڃي تيئن اھو ڪڙتو ويڪرو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڍرو ٿئي ٿو پوي تان جو وڃي ٿو ھٿن جي آڱرين کي پھچي. بخيل وري جيترو خرچ ڪرڻ ۾ بخل ٿو ڪري اوترو انھي ڪڙتي جون ڪڙيون ھن جي بدن تي سوڙھيون ٿينديون ٿيون وڃن. تان جو ھن جي بدن ۾ اندر گھڙي ٿيون وڃن ۽ جڏھن اھي ڪڙيون ھن جي نڙ گھٽ کي وڃي ٿيون گھٽين تھ پوءِ ھو انھن کي ويڪري ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري مگر ھو ويڪريون نھ ٿيون ٿين.“

7.       حضور ' جن اڪثر ھيءَ دعا گھرندا ھئا تھ ”اي منھنجا الله! مان تنھنجي پناھھ ٿو گھران بخل کان، بزدليءَ کان ۽ انھيءَ کان جو مون کي موٽايو وڃي جھور ڪراڙپ واري حقير ۽ رذيل زندگيءَ ڏانھن (يعني پيريءَ جي مرضن ۽ تڪليفن کان)“.

8.       ”ظلم کان بچو ڇاڪاڻ تھ ظلم قيامت جي ڏينھن انڌيرو بڻجي ويندو ۽ فحش کان بھ بچو ڇاڪاڻ تھ خدا تعاليٰ فاحش (بدڪار) ۽ متفحش (بي شرم ۽ بي حيا) ٻنھي کي پسند نٿو ڪري ۽ بچو بخل کان جو ھن توھان کان اڳ وارن ماڻھن کي تباھھ ڪري ڇڏيو ھو. بخل انھن کي ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ چيو تھ ڪوڙ ڳالھايائون ۽ طلم ڪرڻ لاءِ چيو تھ ظلم ڪيائون ۽ مٽي مائٽي ڇني ڇڏڻ لاءِ چيو تھ اھا بھ ڇني ڇڏيائون.“

9.       ”پري ۾ پري شيءِ جيڪا ماڻھوءَ ۾ آھي سا آھي ھٻڇ يا بيحيائيءَ وارو بخل ۽ ڪمال درجي واري بزدلي.“

10.   حضور ' جن جي زماني ۾ ھڪ ماڻھو شھيد ٿيو، ھڪڙي عورت روئيندي ھن لاءِ چيو تھ ھاءِ منھنجا شھيد! حضور ' جن فرمايو تھ مائي، توکي ڪيئن معلوم ٿيو تھ ھن کي شھادت جو درجو ملي ويو آھي. شايد ھن بيسود ڪلام ڪيو ھجي يا اھڙي شيءِ تي بخل ڪيو ھجي جيڪا ڏيڻ سان گھٽ نھ ٿي وڃي ھا (يعني بخيل کي شھادت جو درجو نٿو ملي).

11.    حضرت جبير بن مطعم رضھ ٿو فرمائي تھ حنين جي جنگ تان موٽڻ وقت اسان رسول ڪريم ' جن سان ھمرڪاب ھئاسين. واٽ تي ڪي عرب حضور ' جن کي چوڌاري ورائي ويا ۽ ڪجھھ گھرڻ لڳا. ايتري قدر حضور ' جن کي ڪجھھ ڏيڻ لاءِ تنگ ڪيائون جو حضور ' جن جيئن جو ھڪڙي ٻٻر جي وڻ وٽان لنگھيا تھ سندن چادر ٻٻر ۾ اٽڪي پئي. پاڻ فرمايائون تھ اھا چادر مون کي ڏيو. قسم آھي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن جيھٿ ۾ منھنجي جان آھي. جيڪڏھن ھنن (ٻٻر جي) ڪنڊن جيترا مون وٽ جانور ھجن تھ مان اوھان کي ورھائي ڏئي ڇڏيان ۽ پوءِ اوھان مون کي تھ بخيل سمجھو ۽ نھ ڪوڙو ۽ نامرد.“

12.   حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ حضور ' جن ھڪ دفعي مال تقسيم ڪيو. مان عرض ڪيو تھ ھنن سڀني ماڻھن کان ٻيا ماڻھو وڌيڪ مستحق ھئا. حضور ' جن فرمايو تھ ھنن ماڻھن سان برتاؤ ڪرڻ جا مون کي ٻھ رستا آھن يا انھن جي سخت نموني ڳالھائڻ تي کين ڪجھھ ڏيان يا ھنن کي ڪجھھ نھ ڏيان ۽ پوءِ ھو مون کي بخيل سڏين. پر مان بخيل ناھيان ۽ بخيل سڏجڻ نٿو چاھيان تنھن ڪري مان انھن جي گھٽ وڌ ڳالھائڻ تي صبر ڪري انھن کي ڏيندو ٿو رھان.

13.   حضرت ابو سعيد خدري رضھ ٿ فرمائي تھ ٻھ شخص آنحضرت ' جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ اٺ جي رقم گھري حضور ' جن انھن کي ٻھ دينار ڏنا. جڏھن اھي حضور ' جن وٽان نڪتا تھ حضرت عمر رضھ رستي تي انھن کي مليو. انھن ماڻھن حضور ' جن جي تعريف ڪئي ۽ شڪريھ بيان ڪيو. حضرت عمر رضھ حضور ' جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي جيڪي ڪجھھ انھن ماڻھن کان ٻڌو ھئائين. اھو سمورو عرض ڪيو. حضور ' جن فرمايو تھ باوجود ٿوري رقم ملڻ جي ھنن ائين چيو آھي مگر فلاڻي شخص کي اسان ڏھن کان مٿي ۽ سو کان گھٽ ڏنا مگر ھن ڪجھھ بھ ڪو نھ ڪڇو. توھان منجھان ڪي ماڻھو گھرڻ تھ اچن ٿا مگر جڏھن دل گھري مراد پنھنجي بغل ۾ وجھي موٽن ٿا تھ (شڪريھ ادا ڪرڻ کانسواءِ) ڄڻ تھ دوزخ جي باھھ بغل ۾ کنيون ٿا وڃن. پاڻ فرمايائون تھ گھرڻ کان ھو مڙن ڪو نھ ٿا ۽ ڌڻي تعاليٰ مون کي بخل ڪرڻ جي اجازت نٿو فرمائي.

14.   حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ جود يا سخا الله تعاليٰ جي صفت منجھان آھي. توھان جود ڪريو تھ الله تعاليٰ بھ اوھان تي جود ڪري. سمجھي ڇڏيو تھ الله تعاليٰ بخشش کي ھڪ وڻ جي صورت ۾ پيدا ڪيو آھي. ان جي پاڙ طوبيٰ جي وڻ جي پاڙ سان پڪيءَ طرح ڳنڍي ڇڏي آھي ۽ ھن جي شاخن کي سدرت المنتھيٰ جي شاخن سان ملايو آھي. انھن شاخن منجھان ڪجھھ شاخون دنيا ۾ لڙڪائي ڇڏيون آھن، جيڪو شخص انھن شاخن کي چنبڙيو اھو جنت ۾ داخل ٿيو ۽ ياد رکو تھ سخاوت ايمان منجھان آھي ۽ ايمان جنت ۾ ويندو ۽ خدا تعاليٰ بخل کي غضب منجھان پيدا ڪيو آھي ۽ ھن جي پاڙ دوزخ جي وڻ زقوم يعني ٿھر سان مليل آھي. انھيءَ جي ڪجھھ نارين کي دنيا ۾ لٽڪايو ويو آھي، جيڪو انھيءَ جي ٽاريءَ کي ٿو پڪڙي اھو دوزخ ۾ ٿو وڃي. ياد رکو تھ بخل ڪفر جو ٽڪرو آھي ۽ ڪفر دوزخ ۾ ويندو.“

15.    حضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن بني يان جي قاصدن کان پڇيو تھ اوھان جو سردار ڪير آھي. ھنن عرض ڪيو تھ اسان جو سردار جد بن قيس آھي مگر ھو ٿورو بخيل آھي، پاڻ فرمايائون تھ ”بخل کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي بيماري آھي. توھان جو سردار ھو ناھي بلڪھ اوھان جو سردار عمرو بن جموع آھي.“

16.   حضرت علي ڪرم الله وجھھ ٿو فرمائي تھ حضور ' جن فرمايو تھ ”الله تعاليٰ انھيءَ کي برو ٿو سمجھي جيڪو ساري زندگي ۾ بخيل ھجي ۽ مرڻ وقت سخي ٿئي (يعني پنھنجو مال زوري پٺتي ڇڏي وڃي.

17.   حضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ حضور ' جن فرمايو آھي تھ گنھگار سخي، خدا تعاليٰ وٽ عابد بخيل کان چڱو آھي. ھيءَ حديث بھ ساڳئي راويءَ جي آھي تھ ”بخل ۽ ايمان ڪنھن بھ بندي جي دل ۾ ھڪ جاءِ ڪٺا نٿا ٿين“ ۽ ھي پڻ حصور ' جن فرمايوآھي تھ ”ٻھ عادتون ايماندار ۾ نھ ٿيون ٿين ھڪ بخل ٻيو بد خلقي.“

18.   ”مؤمن کي نٿو جڳائي تھ ھو بخيل يا بزدل ٿئي.“

19.   ”اوھان منجھان ڪي چوڻ وارا ھيئن ٿا چون تھ بخيل بنسبت ظالم جي معذور آھي حالانڪھ خدا تعاليٰ جي نزديڪ بخل کان وڌيڪ ٻيو ڪو ظلم ڪونھي. خداوند ڪريم پنھنجي عزت ۽ جلال جو قسم کڻي ٿو فرمائي تھ نھ بخيل جنت ۾ ويندو ۽ نھ شحيح يعني نھ اھو شخص جنت ۾ ويندو جيڪو پنھنجو مال ٻين کي ڏيڻ کان روڪي ۽ نھ اھو شخص جيڪو ٻين کي ڏيندي ڏسي چلي.“

20.  روايت آھي تھ ھڪڙي ڏينھن حضور ' جن ڪعبھ جو طواف پئي ڪيو، ڏٺائون تھ ھڪ شخص ڪعبت الله جي غلاف کي ورتيون دعا پيو گھري تھ اي منھنجا الله! ھن پنھنجي خانھ ڪعبي جي طفيل منھنجو گناھھ بخش، حضور ' جن انھي شخص کان پڇيو تھ تنھنجو ڪھڙو گناھھ آھي، اسان کي ٻڌاءِ، ھن عرض ڪيو تھ منھنجو گناھھ بيان ڪرڻ کان زياده آھي. حضور ' جن فرمايو تھ تنھنجي خطا زياده آھي يا زمين سڀني طبقن سميت. ھن عرض ڪيو تھ منھنجي خطا زياده آھي. وري پڇيائونس تھ تنھنجي خطا وڏي يا جبل وڏو. عرض ڪيائين تھ منھنجي خطا. وري پڇيائونس تھ تنھنجي خطا وڏي يا سمنڊ وڏو. عرض ڪيائين تھ منھنجي خطا وڏي. وري پڇيائونس تھ تنھنجي خطا وڏي يا سڀ آسمان وڏا. عرض ڪيائين تھ منھنجو قصور وڌيڪ وڏو آھي. وري پڇيائونس تھ تنھنجي طا وڌيڪ يا عرش. عرض ڪيائين تھ منھنجي خطا وڌيڪ. آخر پڇيائونس تھ تنھنجو گناھھ وڏو يا خداوند ڪريم. عر ڪيائين تھ خداوند ڪريم وڏو آھي. پاڻ فرمايائونس تھ افسوس آھي تنھنجي حال تي، پنھنجي خطا بيان تھ ڪر. ھن عرض ڪيو تھ يارسول الله'! مان ھڪ وڏو مالدار ماڻھو آھيان مگر جڏھن سائل ڪجھھ گھرڻ ٿو اچي تھ ائين ٿو معلوم ٿئي تھ ڄڻ باھھ جو الو اچي منھنجي اڳيان بيٺو آھي. پاڻ فرمايائونس تھ مون کان پري ٿيءُ. پنھنجي باھھ سان مون کي نھ جلاءِ. قسم آھي انھيءَ ذات جو جنھن مون کي ھدايت ۽ عزت سان موڪليو آھي تھ جيڪڏھن تون رڪن ۽ مقام جي وچ تي بيھي ڏھھ لک سال نماز پڙھين ۽ پوءِ ايترو روئين جو تنھنجن ڳوڙھن منجھان نھرون وھي ھلن ۽ وڻ سيراب ٿي وڃن ۽ پوءِ بخل جي حالت ۾ تنھنجو موت ٿئي تھ الله تعاليٰ توکي دوزخ ۾ اونڌي ڪنڌ وجھندو تنھنجو برو ٿئي توکي خبر ناھي تھ بخل، ڪفر جو ھڪ ٽڪرو آھي ۽ ڪفر دوزخ ۾ رھندو. توکي خبر ناھي تھ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”ومن ببخل فانما يبخل عن نفسه (۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان ٿو بخيلي ڪري).

آثاره (بزرگن جا قول) حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ جڏھن الله تعاليٰ جنت عدن پيدا ڪئي تھ ان کي ارشاد فرمايو تھ تون سينگار ڪر. پوءِ حڪم ٿيس تھ پنھنجون نھرون ظاھر ڪر. ھن سلسبيل، ڪافور، ۽ تسنيم جي پاڻيءَ جا چشما ڪڍيا جن سان جنت جي باغن ۾ شرابا طھورا. ماکي ۽ کير جون نھرون وھڻ لڳيون. پوءِ حڪم ٿيس تھ تخت ڪرمي زيور، لباس ۽ وڏين اکين واريون حورون طاھر ڪر. ھن ارشاد جي تعميل ڪئي. پوءِ الله تعاليٰ ملاحظو فرمائي ارشاد فرمايو تھ ڪجھھ ٻول ھن عرض ڪيو تھ جيڪو شخص ھتي اچي رھندو اھو ڪھڙو نھ چڱو ھوندو. خدا تعاليٰ فرمايو تھ قسم آھي مون کي پنھنجي عزت جو تھ تو ۾ بخيل کي رھڻ لاءِ جاءِ نھ ملندي.

ام البلنين، حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ جي ھمشيره جو قول آھي تھ ثف ھجي بخيل تي. فرض ڪيو تھ بخل جيڪڏھن ڪڙتو يا چولو ھجي ھا تھ مان ڪڏھن بھ نھ پھريانس ھا ۽ جيڪڏھن ڪو رستو يا واٽ ھجي ھا تھ مان ان سان ڪڏھن بھ نھ ھلان ھا.

محمد بن منڪدر رحھ ٿو فرمائي تھ اڳئين زماني ۾ ھيئن مشھور ھو تھ الله تعاليٰ جڏھن ڪنھن قوم جي تباھي چاھيندو آھي تھ انھن تي بڇڙن ماڻھن کي حاڪم بڻائيندو آھي ۽ انھن جو رزق بخيلن جي ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيندو آھي.

حضرت علي ڪرم الله وجھھ ٿو فرمائي تھ عنقريب ماڻھن تي اھڙو زمانو ايندو جو ايماندار پنھنجي مال کي ڏندن سان پڪڙيندو حالانڪھ انھيءَ جو ھن کي حڪم ڪونھي جھڙوڪ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ولا تنسوا الفضل بينڪم (۽ اوھين پاڻ ۾ نيڪيءَ کي نھ وساريو).

حضرت عبدالله بن عمر رضھ ٿو فرمائي تھ شح بنسبت بخل جي زياده خراب آھي ڇاڪاڻ تھ شھيح اھو آھي جيڪو ٻئي جي مال تي بخل ٿو ڪري يعني ٻين کي بھ مال خرچ ڪندي نٿو سھي. رڳو اھو ٿو چاھي تھ اھو مال بھ مون کي ملي وڃي تھ چڱو ۽ پنھنجو مال بھ خرچ نٿو ڪري. بخيل اھو آھي جيڪو فقط پنھنجو مال خرچ نٿو ڪري ۽ ٻئي جي مال سان ڪو بھ واسطو ڪو نھ ٿو رکي.

شعبي رحھ ٿو چوي تھ مون کي خبر نھ ٿي پوي تھ ڪوڙ ۽ بخل منجھان ڪھڙو دوزخ ۾ زياده ھيٺ ويندو.

روايت آھي تھ نوشيروان عادل وٽ ٻھ سياڻا ماڻھو ھند ۽ روم کان آيا. ھن ھندي حڪيم کي چيو تھ ڪا حڪمت يا ڏاھپ جي ڳالھھ ٻڌاءِ ھن چيو تھ ماڻھن ۾ سڀ کان وڌيڪ چڱو اھو آھي جيڪو ملڻ جلڻ ۾ سخي ھجي، غصي جي وقت ھوش سالم رکي. ڪنھن بھ ڳالھھ ڪرڻ ۾ ڌيرج ڪري. وڏو رتبو حاصل ٿئيس تھ تواضع يعني نوڙت ڪري ۽ سڀني عزيزن قريبن تي شفقت جو ھٿ ڦيري. پوءِ وري روم جي حڪيم چيو تھ بخيل جو مال آخر وڃي ھن جي دشمن کي پھچندو آھي، جيڪو ماڻھو شڪر گذار گھٽ آھي اھو پنھنجو مطلب حاصل نٿو ڪري سگھي. ڪوڙ ڳالھائيندڙ ھميشه ننديل ٿو رھي. چغلخور فقير ۽ نادار ٿي ٿو مري ۽ جيڪو شخص ٻئي تي رحم نٿو ڪري تھ خدا تعاليٰ ھن تي اھڙي ماڻھوءَ کي ٿو مسلط ڪري جو ھن تي رحم نٿو ڪري.

حضرت ضحاڪ رحھ ھن آيت شريف انا جعلنا في اعناقھم اغلالا (بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ وڌا) جي تفسير ۾ فرمايو آھي تھ اغلالا منجھان غرض آھي بخل جنھن سان الله تعاليٰ بخيلن جي ھٿن کي خدا تعاليٰ جي راھھ ۾ خرچ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي ۽ انھيءَ ڪري انھن کي ھدايت جي راھھ جو پتو ئي ڪو نھ ٿو پوي.

حضرت ڪعب رضھ ٿو فرمائي تھ ھر روز صبح جو ٻھ فرشتا ھيءَ ندا ٿا ڪن تھ الھٰي بخيل جو مال جلدي تباھھ ڪر ۽ خرچ ڪرڻ واري کي خرچ ڪرڻ جي عيوض جھجھو مال ڏي.

حضرت اصمعي رحھ ٿو ڳالھھ ڪري تھ مان ھڪ اعرابيءَ کي ھڪڙي ماڻھوءَ جي وصف بيان ڪندي ٻڌو جنھن ۾ ھو پيو چوي تھ فلاڻو شخص منھنجي نظرن ۾ ڏاڍو حقير ۽ نيچ ٿي ويو آھي فقط انھيءَ جي ڪري جو دنيا ھن جي نظرن ۾ تمام وڏي آھي ۽ ڪنھن سائل جو ھن جي اڳيان اچڻ ھن کي اھڙو ٿو معلوم ٿئي جو ڄڻ تھ ملڪ الموت اڳيان اچي ويو اٿس.

حضرت ابو حنيفھ رحھ ٿو فرمائي تھ مان ڪنھن بخيل کي عادل گواھھ چوڻ جائز نٿو سمجھان ڇاڪاڻ تھ بخل جي فطرت جي اثر ھيٺ ھو شخص پنھنجي لاءِ ھميشه زياده ھصو کڻندو آھي تھ متان ڪو ٽوٽو نھ پئجي وڃي. پوءِ جنھن جو ھيءُ حال آھي اھو امانت رکڻ جي قابل نٿو رھي سگھي.

حضرت علي ڪرم الله وجھھ جو قول آھي تھ قسم آھي خدا جو تھ سخي مرد ڪڏھن بھ پنھنجو سمورو حق ڪنھن کان چڪائي ڪو نھ ٿو وٺي. جھڙيءَ طرح خدا تعاليٰ ٿو ارشاد فرمائي تھ عرف بعضه و اعرض عن بعض (تڏھن پيغمبر) ڪجھھ اھا (ڳالھھ بيبيءَ کي) ڄاڻائي ۽ ڪجھھ (چوڻ) کان ٽارو ڪيائين.

حافظ رحمت الله عليه ٿو چوي تھ لذتن منجھان فقط ٽي شيون باقي وڃي بچيون آھن. ھڪ بخيلن جي مزمت ڪرڻ ٻيو ڀڳل گوشت کائڻ ۽ ٽيون خارش کي گنھڻ.

بشر بن حرث رحھ ٿو فرمائي تھ بخيل جي گلا ڪرڻ غيبت ۾ شمار نھ ٿي ٿئي. جيئن تھ حضور ' جن ھڪ شخص کي ارشاد فرمايو ھو تھ ”انھيءَ  صورت ۾ تون بخيل آھي“. پوءِ بخيل کي بخيل سڏڻ انھيءَ حديث منجھان ثابت ۽ جائز آھي.

حضور ' جن وٽ ھڪ دفعي ھڪ عورت جي تعريف ڪئي وئي تھ روزيدار ۽ شب بيدار آھي مگر ان سان گڏ بخيل بھ آھي تھ حضور جن فرمايو تھ اھڙيءَ عورت ۾ ڪائي بھ چڱائي ڪانھي.

بشر رحھ جو قول آھي تھ بخيل جي طرف ڏسڻ سان دل سخت ٿي ٿئي ۽ بخيلن جي ملاقات سان مؤمنن جي دل کي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي.

حضرت يحيٰ بن معاذ رحھ ٿو فرمائي تھ دل سخين جي دوستي ٿي چاھي جيتوڻيڪ ھو بدڪار ئي کڻي ھجن ۽ بخيلن کان دل نفرت ٿي ڪري توڙي ھو نيڪ بھ کڻي ھجن.

ابن معتز جو قول آھي تھ جيڪو شخص سڀني ۾ مال جو زياده بخيل ٿو ٿئي اھو پنھنجي عزت ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخي ٿو ٿئي.

حضرت يحيٰ بن زڪريا عليه السلام شيطان کي جسم ۾ ڏٺو. پڇيائونس تھ توکي سڀ کان وڌيڪ پيارو ڪير آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ بغض وارو ڪير اٿئي. عرض ڪيائين تھ سڀ کان وڌيڪ منھنجو بغض انھيءَ بدڪار سان آھي جيڪو سخي آھي. پاڻ انھيءَ جو سبب پڇيائونس. جواب ڏنائين تھ بخيل کي خراب ڪرڻ لاءِ تھ ھن جو پنھنجو بخل ئي ڪافي آھي. مون کي وڌيڪ تڪليف وٺڻي ڪا نھ ٿي پوي. جيڪو بدڪار سخي ٿو ٿئي انھيءَ لاءِ ھر دم خوف ٿو رھي تھ متان ڪنھن وقت ڌڻي تعاليٰ ھن تي کڻي توجھ فرمائي ۽ پوءِ منھنجي وس ۾ نھ رھي ۽ خا تعاليٰ جو مقبول ٻانھو ٿي وڃي. پوءِ ابليس ھي لفظ چوندو ھليو ويو تھ تون جيڪڏھن يحيٰ نھ ھجين ھا تھ توکي اھڙي (راز واري) ڳالھھ نھ ٻڌايان ھا.

ڪنجوسن جون ڪھاڻيون

روايت آھي تھ بصري ۾ ھڪ مالدار بخيل رھندو ھو.  ڪنھن پاڙيسريءَ ھن جي دعوت ڪئي ۽ قيمون آنن سان پڪل اچي اڳيان رکيائينس. ھو ويو چھر جي زور تي کائيندو ۽ مٿان پاڻي پيئدنو تان جو ھن جو پيٽ سيٽجي ويو ۽ تڪليف ۾ ور وڪڙ کائڻ ۽ مرڻ لڳو. جڏھن ھن جو سخت برو حال ٿيو تڏھن ھن جي ڪيفيت طبيب کي ٻڌائي وئي. طبيب چيس تھ ڪائي وڏي ڳالھھ ڪانھي. ٿوري الٽي کڻي ڪري تھ اھا تڪليف ختم ٿي وڃيس. ھن چيو تھ مرڻ مون کي قبول آھي مگر عمدي غذا جيڪا مون کاڌي آھي اھا آنٽي ھرگز نھ ڪندس.

روايت آھي تھ ھڪڙو اعرابي ڪنھن شخص جي تلاش ۾ نڪتو. جڏھن ھن وٽ پھتو تھ ھن انجير پي کاڌو جنھن کي عربيءَ ۾ تين ڪري سڏيندا آھن. جڏھن اعرابيءَ کي ايندي ڏڍائين تھ انجير کڻي چادر ھيٺان لڪائي ڇڏيائين. ٿوري دير کان پوءِ اعرابيءَ کي چيائين تھ قرآن شريف تھ ڪجھھ پڙھي ٻڌاءِ. اعرابيءَ چيس تھ چڱو ٻڌ ۽ پوءِ بسم الله ڪري پڙھيائين ”والزيتون وطور سينين“ اھو ٻڌي ڪنجوس چيس تھ انھيءَ جي اڳيان جيڪو والتين (يعني قسم آھي انجير جو) ھيو اھو ڪاڏي ويو. اعرابي چيس تھ اھو تين (يعني انجير) تنھنجي چادر جي ھيٺان ھليو ويو آھي.

ھڪڙي شخص ڪنھن پنھنجي برادري واري کي پاڻ وٽ سڏايو. ھن کي نھ ماني کارايائين ۽ نھ ٽيپھريءَ تائين گھر وڃڻ ڏنائينس. ھو ويچارو اچ بک ۾ پاھھ ٿيڻ لڳو ۽ ھن جا حواس باختھ ٿيڻ لڳا. ايتري ۾ گھر جو مالڪ ستار کڻي ويٺو ۽ مھمان کي وڏي سڪ ۽ محبت سان چوڻ لڳو تھ توکي قسم آھي منھنجي سر جو ٻڌاءِ تھ توکي ڪھڙو سر وڻندو آھي تھ اھو توکي ٻڌايان. ھن چيو تھ ادا! مون کي تھ رڳو گوشت جي ڀڄڻ وارو سر ۽ الاپ سڀ کان وڌيڪ وڻندو آھي.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ محمد بن يحيٰ برمڪي ڏاڍو بخيل ۽ بدصورت ھو. ڪنھن ماڻھو اھڙي مائٽ کان ھن جي دستر خواني جو احوال پڇيو جنھن سان برمڪي جي ڪمال الفت ھئي. ھن ٻڌايس تھ ھن جو دسترخوان چار آڱريون کن ويڪرو ٿيندو ۽ ھن جا پيالا ڄڻ تھ خسخس جي داڻن کي ڪوري بڻايا ويا آھن. تنھن تي ھن دريافت ڪيو تھ اھڙي دسترخوان تي ڪير کائيندا ھوندا. ھن جواب ڏنو تھ ان تي فقط ڪراما ڪاتبين کائيندا آھن. پوءِ پڇيائينس تھ ڀلا ھن سان گڏ ڪو آخر کائيندو بھ آھي يا نھ. ھن جواب ڏنو تھ ھائو ھن سان مکيون ضرور گڏ کائينديون آھن. پوءِ پڇيائينس تھ تون تھ ھن جي بلڪل خاص ماڻھن منجھان آھين پوءِ تنھنجا ڪپڙا ڇو ڦاٽا پيا آھن. وراڻي ڏنائينس تھ سئي ڪانھي جو کڻي ڪپڙن کي ٽوپو ڏيان. ڪھڙا ويٺو اوھان کي حال ٻڌايان. فرض ڪيو محمد بن يحيٰ جي ملڪ ۾ ھڪ ڪوٺي بغداد کان وٺي نوبھ تائين ڊگھي ۽ ويڪري سين سان ڀريل ھجي ھا ۽ حضرت يعقوب عليه السلام، حضرت جبرئيل ۽ ميڪائيل عليھم السلام جن سان گڏجي اچي انھيءَ سين جي ڪوٺيءَ منجھان ھڪڙي سئي حضرت يوسف عليه السلام جي انھيءَ قميص کي ٽوپي ڏيڻ لاءِ گھري ھا جيڪا بيگناھھ ۽ زور سان ڦاٽي پئي ھئي تھ بھ بَرمڪي صاحب اميد آھي تھ ھڪ سئي بھ نھ ڏئيس ھا.

روايت آھي تھ مروان بن ابي حفصھ بخل کان گوشت اصلي نھ کائيندو ھو. جڏھن دل تمام گھڻو چاھيندي ھيس تھ غلام کي چوندو ھو تھ ھڪڙي منڊي وٺي اچ ۽ اھا پچائي کائيندو ھو. ماڻھن پڇيس تھ ڪھڙي ڳالھھ آھي جو اوھان سياري توڙي اونھاري منڍي ئي منڍي ٿا کائو. جواب ڏنائين تھ منڍي جي قيمت جي مون کي خبر آھي تنھنڪري انھيءَ جي رقم ۾ غلام مون سان خيانت نٿو ڪر سگھي ۽ مون کي نقصان نٿو پھچائي سگھي. انھيءَ کانسواءِ گوشت ھوندو تھ رڌڻ وقت انھيءَ منجھان ڪڍي کائي ٿو سگھي. منڍيءَ ۾ ائين بھ ڪري نٿو سگھي. منڍيءَ جي جيڪڏھن اک يا ڪن يا ڳلن کي ھٿ بھ لائيندو تھ مون کي يڪدم خبر پئجي ويندي. انھن ڳالھين سان گڏ مون کي ڪيترن قسمن جا مزا ۽ ذائقا ٿا منڍيءَ منجھان ملن. ھن جي اکين جو مزو الڳ آھي، ڪنن جو سواد نرالو اٿس ۽ زبان جو ذائقو تھ وري سڀ کان آور ٿو ٿئيس. ميڄالي جي مزي جي تھ وري ڳالھھ ڪرڻ جھڙي ئي ڪانھي. ازانسواءِ منڍي پڪي پڪائي بھ ملي ٿي وڃي ۽ باھھ وغيره جي خرچ ۽ مصيبت کان بھ ماڻھو آزاد ٿو رھي.

انھيءَ ساڳئي مروان جي ڳالھھ ڪندا آھن تھ ھڪڙي ڏينھن خليفي مھديءَ وٽ پئي ويو. گھر ۾ ڪنھن عورت چيس تھ جيڪڏھن توکي انعام ملي تھ ان منجھان مون کي ڇا ڏيندين. چيائين تھ لک درھم مليا تھ ان منجھان ھڪ درھم توکي ڏيندس. خليفي وٽان انھيءَ ڏينھن ھن کي سٺ ھزار درھم مليا. موٽي اچي انھيءَ مائيءَ کي لک درھمن تي ھڪ درھم جي حساب سان سٺ درھمن تي ھڪ درھم جون ٽي پتيون ڏنيون.

ھڪڙي ڏينھن ھن ساڳئي ماڻھوءَ ھڪ درھم جو گوشت خريد ڪيو. انھيءَ کانپوءِ ڪنھن ھن جي دعوت ڪئي. يڪدم گوشت کڻي وڃي ڪاسائيءَ کي واپس ڏنائين ۽ درھم جي چوٿين پتي ڪاٽي ڏئي چيائين تھ مون کي اسراف ڏاڍو برو ٿو لڳي.

حضرت اعمش رحھ جو ھڪڙو پاڙيسري ڏاڍو بخيل ھو. ھميشه ھن بزرگ کي پيو صلاح ڪندو ھو تھ مھرباني ڪري مون وٽ ھلي ڪو نان نمڪ کائو ھا. بزرگ ھميشه پيا ھن جي انھيءَ دعوت کي ٽاريندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن جو بزرگ کي صلاح ڪيائين تھ اھو بک جو وقت ھو ۽ بزرگ بھ کڻي ھائو ڪئي. جڏھن دستر خوان آيو تھ ان ۾ واقعي اھو ئي نان يعني مانيءَ جو ٽڪر ۽ نمڪ يعني لوڻ جي چپٽي اچي بزرگ جي اڳيان رکيائين. ايتري ۾ ڪو سوالي در تي آيو ۽ مانيءَ جو اچي سوال ڪيائين. انھيءَ ڪنجوس چيس تھ ھتي خير برڪت لڳو پيو آھي. مھرباني ڪري معاف ڪر. سائل وري ٻيو دفعو سوال ڪيو. پر بخيل اھو ئي جواب ڏنس. جڏھن وري ٽيون دفعو سوال ڪيائين تھ بخيل چيس تھ ھاڻي وڃين ٿو تھ واه، نھ تھ کڻان ٿو لٺ! ھضرت اعمش رحھ انھيءَ سائل کي چيو تھ شاھھ جي! مھرناني ڪري ھليو وڃ. خدا ٿو ڄاڻي تھ ھي گھر جو مالڪ ڏاڍو قول جو پڪو آھي. ھن کان وڌيڪ قول جو پڪو مان  ڪو نھ ڏٺو آھي. گھڻي وقت کان وٺي مون کي چوندو ايندو ھو تھ ھلي ماني جو ٽڪرو ۽ لوڻ ذرو کائو. اڄ خدا ٿو ڄاڻي تھ انھن ٻن شين جي وعدي ڪيل مقدار کان وڌيڪ مون کي ڪجھھ بھ نھ کائڻ لاءِ ڪو نھ ڏنو اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org