سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :4

بيان اٺون

الھام ۽ تعلم جو فرق

ڄاڻڻ گھرجي تھ جيڪي علم بديھي (يعني ظاھري ڳالھين جا اصول ڏسڻ ۽ سمجھڻ وارا علم) ناھن ۽ اوچتو ئي اوچتو غيبي دل ۾ ڪڏھن ڪڏھن اچي وڃن ٿا انھن جو دل ۾ اچڻ گھڻن ئي طريقن سان ٿيئ ٿو. بعضي تھ دل ۾ اھڙيءَ طرح ٿا اچن جو ڄڻ تھ بيخبريءَ ۾ ڪنھن اھي دل ۾ وجھي ڇڏيا آھن ۽ ڪڏھن وري تعليم ۽ دليل دلائل جي ذريعي حاصل ٿيندا آھن. پوءِ جيڪي علم سواءِ اڪتساب (يعني ڪسب يا عمل ڪرڻ) جي حاصل ٿا ٿين انھن کي ”الھام“ سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪي استدلال (يعني دليل دلائل) سان حاصل ٿين ٿا تن کي اعتبار يا استبصار ڪري سڏين ٿا.

ڄاڻڻ گھرجي تھ الھام جا بھ ٻھ قسم آھن. ھڪ اھو قسم جنھن ۾ بندي کي اھا خبر نھ پوي تھ ڪٿان ۽ ڪيئن علم حاصل ٿيو. ھن کي ”الھام“  يا نفخ في القلب (دل ۾ ھڪ ڦوڪ) جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ھي اوليا ۽ اصفيا جي لاءِ ھوندو آھي. ٻيو اھو قسم آھي جنھن ۾بندي کي اھو ذريعو معلوم ٿئي جنھن سان علم حاصل ٿئي ٿو يعني اھو فرشتو جيڪو اھو علم دل ۾ وجھي ٿو اھو نظر اچي. ھن کي ”وحي“ ڪري سڏيندا آھن ۽ ھي نبين جي لاءِ مخصوص آھي.

جيڪو علم اڪتساب (ڪسب) ۽ استدلال (دليل دلائل) سان ٿو حاصل ٿئي اھو عالمن جو حصو آھي. ھققت ڳالھھ جي اھا آھي تھ قلب ۾ اھو استعداد (لياقت جو مادو) رکيو ويو آھي تھ سڀني شين جي سچي حقيقت ھن کي معلوم ٿي وڃي. مگر اھي ئي پنج سبب جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آھي انھيءَ حقيقت جي معلوم ڪرڻ کان روڪي ٿا ويھن گويا اھي شيون قلب جي آئيني ۽ لوح محفوظ جي وچ ۾ حجاب بڻجي ٿيون پون. لوح محفوظ اھو آھي جنھن تي قيامت تائين سڀ ٿيڻ واريون ڳالھيون نقش ڪيل آھن. لوح محفوظ تي اڪريل علمن جي حقيقتن جو قلب تي جلوه گر ٿيڻ اھڙو آھي جھڙو ھڪڙي آئيني جو عڪس ٻئي سامھون واري آئيني تي معلوم ٿيندو آھي. جھڙيءَ طرح ٻنھي آئينن جي وچ وارو حجاب ڪڏھن ھٿ سان سرڪائي وٺبو آھي ۽ ڪڏھن خودبخود ھوا لڳڻ ڪري ھٽي ويندو آھي ساڳيءَ طرح ڪڏھن ڪڏھن الطاف يزداني (خداوند ڪريم جي لطف ۽ ڪرم) جي ھڪ ٿڌي ھير لڳندي آھي ۽ قلب جي اک جي سامھون پڙدو ھٽي ويندو آھي تھ ڪي شيون جيڪي لوح محفوظ ۾ لکيل آھن نظر اچي وينديون آھن. ھي ڪم ڪڏھن تھ خواب ۾ ٿيندو آھي ۽ ان منجھان مستقبل جاو احوال معلوم ٿي ويندو آھي. مگر صفا پڙدي جيو کڄي وڃڻ موت تي ٿو مدار رکي يعني موت کان پوءِ ئي عام طرح پورو پورو انڪشاف (حقيقت جو کلڻ) ٿئي ٿو. بعضي بعضي وري جاڳندي بھ ائين ٿيندو آھي جو پڙدو کڄندي ئي غيب جي پڙدي منجھان وڏيون وڏيون عجيب ڳالھيون علمن جون دل تي کلي وينديون آھن. مگر ھي انڪشاف ڪن وقتن تي ھڪ ٻئي جي پٺيان ڪنھن مقرر حد تائين گذرندو رھندو آھي. ھن جو دائمي ھئڻ تمام ٿورو ٿئي ٿو.

مطلبتھ الھام ۽ اڪتساب ۾ نھ تھ علم جي ذات ۾ ڪو فرق آھي ۽ نھ ان جي محل (جاءِ) ۽ سبب ۾. فرق صرف آھي حجاب يا پڙدي جي ھٽجڻ يا کڄي وڃڻ جو ۽ ھي بندي جي اختيار ۾ ناھي. ساڳيءَ طرح الھام ۽ وحي ۾ بھ ڪجھھ فرق ڪونھي. صرف ايترو فرق آھي تھ وحي ۾ اھو فرشتو جيڪو علم جو ذريعو آھي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ علم جيڪو دلين ۾ حاصل ٿيئ ٿو اھو فرشتن ج ذڙيع ئي ٿو حاصل ٿئي. جھڙوڪ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”وما کان لبَشر ان يڪلمه الله اِلا وحيا او من ورآءِ حِجابِِ او يرسل رسولا فيوحِي بِاِذنه ما يشآءُ“ ۽ (ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ ٿيڻو ناھي تھ الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي تھ وحيءَ سان يا پڙدي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان ڳالھائي. پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حڪم سان ھو پھچائي ڏي).

جڏھن ھي معلوم ٿي چڪو تھ ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ اھل تصوف الھامي علمن ڏانھن راغب ٿا رھن ۽ تعليمي علمن ڏانھن مائل نٿا ٿين. اھو ئي سبب آھي جو صوفي درويش مصنفين جا ڪتاب نھ پڙھندا آھن ۽ قولن ۽ دليلن ۾ بحث نھ ڪندا آھن. بلڪھ ھو فرمائيندا آھن تھ پھريائين مشآھدو ڪرڻ گھرجي ۽ بڇڙين صفتن ۽ دنيا جي تعلقات کي قطع ڪري يا ٽوڙي ھمھ تن پوري ھمت سان خدا تعاليٰ جي طرف متوجه ٿيڻ گھرجي. جڏھن ھيءَ ڳالھھ حاصل ٿي ويندي تھ خداوند ڪريم خود انھيءَ بندي جي قلب جو متڪفل (ذميوار يا ضامن) ۽ متولي يعني سنڀاليندڙ ٿي ويندو ۽ جڏھن ڌڻي تعاليٰ پاڻ سنڀاليندڙ ٿيندو تھ ان بندي تي رحمت جو سايو پوندو. ملڪوت جو راز ھن تي ظاھر ٿي ويندو. قلب جي سامھون حجاب دور ٿي ويندس ۽ امور الھيھ جون حقيقتون ان ۾ روشن ٿي وينديون.

پوءِ ھن بحث موجب بندي جو ڪم صرف ايترو آھي جو محض تصفيھ يعني قلب جي صفائي ڪري ۽ پنھنجي ھمت کي سچي ارادي سان متوجھھ ڪري ۽ خدا تعاليٰ جي رحمت جي انڪشاف (کلڻ) لاءِ ھر وقت منتظر ۽ پياسي رھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ نبين ۽ ولين تي جو ڪشف ٿو ٿئي ۽ انھن جي دلين تي جيڪو نور ڦھلجي ٿو وڃي اھو ڪنھن سکڻ يا ڪتابن جي لکڻ پڙھڻ سان نٿو اچي بلڪھ دنيا ۾ زھد ڪرڻ، مخلوق سان تعلقات ٽوڙڻ، دنيوي ڪمن کان فارغ ٿيڻ ۽ پوري پوري ھمت سان الله تعاليٰ جي طرف متوجه ٿيڻ سان ٿو اچي. ڇاڪاڻ تھ جيڪو الله تعاليٰ جو ٿي ٿو رھي. الله تعاليٰ ان جو ٿي ٿو وڃي. تصوف وارن جو اھو بھ مقولو آھي تھ تصوف جي طريقي ۾ پھريائين دنيا جي تعلقات کي پوريءَ طرح ٽوڙڻ گھرجي. دل کي انھن کان صفا فارغ ڪري ڇڏجي. ھمت کي اھل عيال، مال، اولاد، وطن، علم، حڪومت ۽ شان شوڪت جي محبت کان مٿي رکي دل کي اھڙي حالت ۾ وجھجي جو ھن جي اڳيان انھن جو ھجڻ ۽ نھ ھجڻ ھڪ جھڙو ٿي پوي تھ پوءِ پاڻيھي وڃي ھڪ گوشي يا ڪنڊ ۾ ويھي ۽ ضروري فرضن ۽ وظيفن کي ڪافي سمجھي سموري ھمت سان غير الله کان آجو ٿي وڃي. انھيءَ حد تائين جو قرآن شريف جي تلاوت ۽ تفسير ۽ حديث جي معنيٰ جي فڪر ۾ بھ پنھنجو ڌيان پريشان نھ ڪري. صرف انھيءَ ڳالھھ جي ڪوشش ڪري تھ خدا تعاليٰ کانسواءِ دل ۾ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ڏسي ۽ خلوت ۾ ويھي قلب جي حضور سان الله الله چوندو رھي. اسم پاڪ جو ورد ايترو ڪري جيئن اھڙي حالت کي پھچي وڃي جو جيڪڏھن زبان پنھنجي چرپر بند ڪري، تھ ائين معلوم پيو ٿئيس تھ زبان منجھان الله الله نڪرندو ٿو رھي. پوءِ انھيءَ حالت ۾ ڪجھھ وقت ترسي انھيءَ لفظ جو اثر زبان تان ھٽائي ڇڏي ۽ قلب سان ذڪر جي ڪثرت ڪري تان جو قلب تان لفظن جي صورت ۽ ھيئت (شڪل) ميٽجي وڃي ۽ رڳو انھن لفظن جي معنيٰ دائمي رھجي وڃي ۽ ڄڻ تھ اھا قلب سان ڪا چنبڙيل شيءِ ٿي پوي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ ھن حد تئين پھچڻ ۾ ھن حالت کي دائمي بنائڻ ۾ بندي جو اختيار آھي ۽ ھي سڀ وسوسن کي پري رکڻ سان حاصل ٿي ٿو سگھي. مگر رح۾ت الاھيءَ جي ڪشش جو اختيار بندي کي ڪونھي باقي ايترو ضرور آھي تھ ھن حالت ۾ اچڻ سان الله تعاليٰ جي رحمت کي جذب ڪرڻ جي لياقت ۽ صلاحيت پيدا ٿئي ٿي پوي. ھن کان پوءِ فقط اھا ڳالھھ رھجي ٿي وڃي تھ ھن درجي کي پھچي. بندو غيبي فتوحات (روحاني رازن کلڻ) جو منتظر رھي تھ جيئن الله تعاليٰ نبين ۽ ولين تي حق جو اظھار ٿو ڪري. تيئن ھن تي بھ اظھار ڪري. ھن حالت ۾ جيڪڏھن ھن جو ارادو سچو ھوندو، ھمت درست ھوندي، مداومت خوب ڪندو. شھوتن جي ڪسش کان بچندو رھندو ۽ دنيا جي تعلقات جي ڪا بھ ڳالھھ دل ۾ نھ ايندس تھ البتھ حق جا ڪرڻا ھن جي دل ۾ چمڪڻ لڳندا. ابتدا (شروعات) ۾ اھي ڪرڻا بجليءَ وانگر گذري جھلڪو ڏيئي ويندا ۽ ذرو بھ نھ ترسندا. اھي چمڪاٽ آھستي آھستي ٿيندا رھندا ۽ ڪنھن ڪنھن وقت جٽاءُ بھ ڪندا. ڪڏھن جٽاءَ جي ٿوري مدت ھوندي تھ ڪڏھن گھڻي – بعضي اھڙيون تجليون لڳاتار ھڪٻئي جي پٺيان جدا جدا قسمن ۾ اينديون رھنديون تھ بعضي ھڪڙي ئي قسم جون تجليون جاري رھنديون. انھن تجلين جي تفاوت جي لحاظ کان اوليائن جي منزلن جي تفاوت جي ڪا حد ئي ڪانھي. جھڙي طرح انھن جي اخلاقن جي تفاوت جي انتھا ڪانھي. مطلب تھ اھل تصوف وارن جي تقريرن جو خلاصو اھو آھي تھ تصفيھ ۽ قلب جو جلاِ (اوجر) بندي جي طرف کان ٿيڻ گھرجي ۽ جڏھن صفائي حاصل ٿي وڃي تھ پوءِ رحمت جو اميدوار رھي. علماِ ظاھر کي ھن طريقي جي امڪان ۾ ۽ منزل مقصود کي پھچي وڃڻ ۾ تھ ڪنھن بھ قسم جو انڪار ڪينھي. ڇاڪاڻ تھ گھڻن نبين ۽ اوليائن جو اھو ئي طريقو رھيو آھي. مگر ھو چون ٿا تھ ھي طريقو نھايت مشڪل آھي ۽ ان جو نتيجو ڏاڍو دير سان ٿو حاصل ٿئي. ازانسواءِ انھن شرطن جو گڏ ٿيڻ بھ ڏاڍو دشوار آھي. ڇاڪاڻ تھ تعلقات جو انھيءَ حد تائين ٽوڙي ڇڏڻ ذري گھٽ ناممڪن آھي. جيڪڏھن اھڙي قطع تعلقات ٿي بھ وڃي تھ بھ وري ان جو جٽاءُ ڪرڻ گھڻو وقت مشڪل آھي. ھن حالت ۾ ٿورئي وسواس يا انديشي کان قلب کي تشويش وٺي ويندي آھي. آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”مؤمن جو قلب ديڳ جي اٻرڻ کان بھ وڌيڪ اٻرندو ٿو رھي ۽ اھو پڻ فرمايو اٿن تھ مؤمن جو لقب خدا تعاليٰ جي آڱرين منجھان ٻن آڱرين جي وچ ۾ آھي يعني ڦرندو رھي ٿو).

انھيءَ کان سواءِ ھن مجاھدي ۾ ڪڏھن مزاج بدمذي ۽ عقل خبط ٿي وڃي ٿو ۽ بدن بيمار بڻجي پوي ٿو. جيڪڏھن مزاج بدمذي ۽ عقل خبط ٿي وڃي ٿو ۽ بدن بيمار بڻجي وي ٿو. جيڪڏھن پھريائين علمن جون حقيقتون پرائي نفس جي تھذيب نٿي ڪئي وڃي تھ دل ۾ سون قسمن جا اھڙآ فاسد يعني گڙ ٻڙ پيدا ڪندڙ خيالات گڏ ٿي ٿا وڃن جيڪي عمر ڀر حل نٿا ٿين ۽ مجاھد ويڄارو انھن کي رفع ڪرڻ بدران انھن جي مونجھاري ۾ مبتلا يا گرفتار رھجي ٿو وڃي ڪيترا صوفي جن ھيءَ راھھ اختيار ڪئي آھي اھي ھڪڙي ئي خيال ۾ ويھي ويھي ورھيھ ڦاٿل رھجي ويا آھن. جيڪڏھن پھريائين علم پڙھن ھا تھ اھڙي قسم جي خيالن جو مونجھارو فورا کلي وڃي ھا. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ علم سکڻ واري طريقي تي مجاھدو ڪرڻ وڌيڪ اعتبار وارو ۽ منزل مقصود کي وڌيڪ ويجھو آھي. ھن باري ۾ علماِ اھا حجت بھ پيش ٿا ڪن تھ تصوف وارن جو مثال ائين آھي جيئن ڪوئي شخص فقه نھ سکي ۽ چوي تھ آنحضرت ﷺ جن فقه ڪا نھ سکي ھئي ۽ وحي ۽ الھام سان فقيه ٿي ويا ھئا تنھنڪري مان بھ رياضت ۽ مواظبت (ھميشگي) ڪندي ڪندي اھڙو ٿي ويندس تھ جنھن بھ اھڙو خيال ڪيو. انھيءَ پنھنجي جان تي ظلم ڪيو ۽ ساري عمر اجائي برباد ڪئي. ھن جو مثال اھڙو آھي جھڙو ڪو ماڻھو پوکي راھي يا ٻيڪا ڪمائي نھ ڪري ۽ اميد رکي ويھي تھ مون کي ڪو ان جو انبار يا خزانو ڪٿان ملي وڃي. جيتوڻيڪ ھيءَ ڳالھھ ممڪن آھي تھ ڌڻي تعاليٰ ھن کي ڪو خزانو بخشي ڇڏي مگر ھيءَ ڳالھھ ذرا ڏکي ۽ سمجھھ کان ٻاھر آھي. تنھنڪري عالمن جو ھن باري ۾ ھي قول آھي تھ بندي کي پھريائين علم جي تحصيل ڪرڻ گھرجي ۽ عالمن جي قولن جي معنيٰ سمجھڻ گھرجي ۽ ان کان پوءِ انھيءَ ڳالھھ جو انتظار رکي تھ جيڪا ڳالھھ ھن کان اڳي علمائن کي معلوم نھ ٿي آھي اھا ھن کي وڌيڪ معڳلوم ٿي وڃي تھ پوءِ شايد مجاھدي ڪرڻ بعد ھن کي اھا ڳالھھ حاصل ٿي وڃي.

 

بيان نائون

ٻنھي مقامن يا عالم ۽ صوفيءَ ۾ فرق

ڄاڻڻ گھرجي تھ قلب جا عجائبات حواسن جي ذريعي سمجھھ ۾ نٿا اچي سگھن ڇاڪاڻ تھ قلب خود حواس جي دائري کان ٻاھر آھي. ڏٺو ويو آھي تھ جيڪا شيءِ حواسن جي ذريعي ادراڪ ۾ نٿي اچي اھا شيءِ جيسين ظاھري مھسوس شين جي مثال سان نٿي سمجھائي وڃي تيسين سمجھھ ۾ نٿي اچي سگھي. انھيءَ ڪري ٿوري سمجھھ وارن لاءِ اسان ٻھ مثال بيان ڪريون ٿا.

پھريون مثال: ھي آھي تھ فرض ڪريو تھ ھڪ حوض زمين ۾ کوٽيو پيو آھي، ھاڻي ھن ۾ پاڻي اچڻ جا ٻھ طريقا آھن. يا تھ مٿان ناليون بڻائي ڪنھن ھنڌان ھن ۾ پاڻي ڀريو وڃي يا زمين کي ايترو کوٽيو وڃي جو خود بخود پاڻي نڪري پوي. ھي ٻئي قسم جو پاڻي صاف بھ زياده ھوندو ۽ ھميشه بھ رھندو ۽ بعضي بعضي زياده بھ ھوندو. ھاڻي قلب کي حوض ڪري سمجھڻ گھرجي. علم کي پاڻي ۽ پنجن حواسن کي پنج ناليون، انھيءَ صورت ۾ قلب جي طرف علم پھچائڻ ھن طرح بھ ٿئي ٿو سگھي تھ پنجن حواسن جي ذريعي جيڪي بھ مشاھدا ٿيندا وڃن ان جو علم ايندو وڃي تان جو قلب علم سان خوب ڀرجي وڃي.

ٻي صورت ھيءَ بھ آھي تھ حواسن واريون ناليون عزلت يا گوشھ نشيني سان بند ڪري ڇڏجن ۽ خود قلب ۾ کوٽائي ڪرڻ جي ڪوسش ڪئي وڃي. خلوت ۾ ويھي ان جي صفائي ڪرڻ گھرجي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي. خلوت ۾ ويھي ان جي صفائي ڪرڻ گھرجي ۽ پڙدن جا طبقا ان جي مٿان دور ڪيا وڃن. تان جو خود ان ۾ علم جو چشمو پيدا ٿي پوي. پر ھن جاءِ تي اھو اعتراض ٿي ٿو سگھي تھ جڏھن دل ۾ علم موجود ناھي تھ ان جي اندران ڪيئن علم جو چشمو نڪري سگھندو. ھن جو جواب ھي اھي تھ قلب جي اسرارن ۾ اھا ھڪ عجيب ڳالھھ آھي (جو اھڙي طرح ازخود ٿئي ٿو وڃي). ھن ڳالھھ جو بيان معاملات جي علم ۾ ھن طرح ٿو ٿئي سگھي تھ سڀني شين جون حقيقتون لوح محفوظ ۾ لکيل آھن بلڪھ فرشتن جي دلين تي بھ اڪريل ٿيون ٿين. جھڙيءَ طرح عمارت بنائڻ واري سادي ڪاغذ تي عمارت جو نقشو ڪڍي ٿو ڇڏي ۽ پوءِ ان جي مطابق عمارت بڻائيندو رھي ٿو، ساڳيءَ طرح آسمان ۽ زمين جي خالق، ھن عالم جو حال اول کان آخر تئين لوح مھفوظ ۾ لکي ڇڏيو آھي ۽ انھيءَ جي مطابق ھر چيز بڻائيندو ۽ ادا ڪندو ٿو رھي.

ھن ظاھري عالم جي شڪل ماڻھوءَ جي حس ۽ خيال ۾ بھ موجود ھوندي آھي. جھروڪ آسمان ۽ زمين ڏانھن نھاري نھاري جيڪڏھن ڪو اکيون بند ڪري تھ انھن ٻنھي جي صورت خيال ۾ اھڙي طرح معوم ٿيندس جو ڄڻ تھ ھو انھن جي طرف ڪڏسي رھيو آھي. جيڪڏھن فرض ڪريو تھ آسمان ۽ زمين نابود ٿي وڇن ۽ ڏسڻ وارو صرف باقي رھجي وڃي تھ تڏھن بھ آسمان ۽ زمين جي صورت پنھنجي خيال ۾ اھڙيءَ طرح ڏسندو جو ڄڻ تھ انھن کي سچ پچ ڏسي رھيو آھي.

تنھن کانپوءِ ياد رکڻ گھرجي تھ خيال جو ھڪ اتر قلب تي ٿو پوي جنھن ۾ سڀني انھن شين جون حقيقتون اچيو ٿيون وڃن جيڪي حس ۽ خيال ۾ موجود آھن. ٻين لفظن ۾ جيڪي ڪجھھ دل ۾ حاصل ٿئي ٿو اھو خيالي صورت جي مطابق آھي ۽ خيالي صورت وري ظاھري وجود جي موافق آھي جيڪو انسان ۽ ان جي قلب ٻنھي کان عليحدا ۽ الڳ موجود آھي ۽ ھي ظاھري عالم وري مطابق آھي انھي نقشي جي جيڪو لوح محفوظ ۾ نقش ٿيل آھي. ھن بيان منجھان معلوم ٿيو تھ ظاھري عالم جا چار وجود آھن:

پھريون وجود لوح محفوظ ۾ آھي ۽ ھي جسماني وجود کان مقدم آھي. ٻيو وجود حقيقي يا ذاتي، جيڪو دنيا ۾ ٿيئ ٿو. ٽيون وجود خيالي، جيڪو حقيقي وجود کانپوءِ ان جي صورت خيال ۾ موجود رھي ٿو. چوٿون وجود عقلي، جيڪو خيالي صورت منجھان قلب ۾ صورت وٺي ٿو. انھن چئني وجودن منجھان ڪي وجود جسماني آھن ۽ ڪي روحاني ۽ روحاني وجودن منجھان ڪن ۾ روحانيت گھڻي آھي ۽ ڪن ۾ ٿور ۽ حقيقت ۾ ان ڳالھھ يعني روحانيت جي گھٽ وڌائي ھئڻ منجھان تھ حڪمت الاھي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڏسو اک جي مالڪي کي اھڙيءَ طرح بڻايو ويو آھي جو باوجود ھڪ تمام ننڍي شيءِ ھئڻ جي ساري جھان جي صورت ۽ زمين آسمان جي شڪل ان ۾ پيدا ٿئي ٿي وڃي ۽ انھن جو ڦھلاءُ وري اھڙي نموني رکيو ويو آھي جو بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي. اک جي ذريعي وري انھن شين جو وجود خيال ۾ ٿو پھچي ۽ خيال وٽان دل ۾ ٿو وڃي ۽ دل ان کي معلوم ٿي ڪري ڇاڪاڻ تھ آدميءَ کي جيسين ڪائي ڳالھھ دل تائين نٿي پھچي پوري طرح معلوم نٿي ٿي سگھي. پوءِ جيڪڏھن خدا تعاليٰ آدمي جي دل ۾ عالم جي صورت نھ بڻائي ھا تھ جيڪي شيون آدمي کان الڳ ھجن ھا تھ انھن جو علم ڪڏھن بھ نھ اچي ھا. سبھان الله! دلين ۽ اکين ۾ ڪھڙيون نھ عجيب ڳالھيون رکيل آھن! ڪن اکين ۽ دلين کي وري ڌڻي تعاليٰ انڌو بھ ڪري ڇڏيو آھي. ايتريق در جو ڪيترن ماڻھن کي پنھنجي نفس بابت ۽ ان جي عجائبات بابت مطلقا ڪا بھ خبر ڪا نھ ھوندي آھي.

ھاڻي اسان وري اصل مطلب جي طرف رجوع ڪريون ٿا تھ قلب ۾ جيڪا حقيقت عالم جي اچي ٿي اھا ڪڏھن تھ حواسن جي ذڙيعي ٿي اچي ۽ ڪڏھن لوح محفوظ کان سڌي ٿي اچي. جھڙي طرح سچ جي صورت ڪڏھن تھ ان جي طرف ڏسڻ سان ٿي اچي ۽ ڪڏھن پاڻي ۾ نھارڻ سان، جنھن ۾ سج جو عڪس ھوندو آھي ۽ ھي عڪس سج جي اصلي ڦوٽو جو ھوندو آھي. اھڙي طرح جڏھن دل جي سامھون حجاب ھٽي ٿو وڃي تھ لوح محفوظ جون شيون سمجھھ ۾ اچڻ شروع ٿي ٿيون وڃن ۽ انھن جو علم دل ۾ داخل ٿئي ٿو وڃي. ھن صورت ۾ جنھن کي سنئون سڌو لوح محفوظ تان علم حاصل ٿيئ ٿو ان جو مثال اھڙو ٿو ٿي وڃي جو ڄڻ تھ زمين کي ايتريق در کوٽيو اٿس جو ان منجھان اندران پاڻي نڪري آيو آھي. ھن مقام تي پھچڻ کان پوءِ جيڪڏھن قلب محسوسات جي طرف توجھھ ڪندو آھي تھ اھو لوح محفوظ جي مطالعي ۾ ھن کي رنڊڪ وجھندو آھي جھڙيءَ طرح پاڻي جڏھن نھر ۾ ڪٺو ٿي وڃي ٿو تھ ھيٺان نڪري نمٿو سگھي يا جھڙي طرح ڪو ماڻھو سج جو عڪس پاڻيءَ ۾ ڏسندو آھي تھ ان وقت ھن کي سج نظر ڪو نھ ايندو آھي.

حاصل مطلب تھ قلب ۾ ٻھ دروازا آھن. ھڪ عالم ملڪوت ۽ لوح محفوظ جي طرف ۽ ٻيو پنجن حواسن جي طرف جيڪي ظاھري عالم کان اتر وٺن ٿا. ھنن ٻنھي عالمن ۾ ھڪ قسم جي مشابھت آھي. ظاھري عالم جي دروازي منجھان جنھن نموني بھ قلب کي حواسن جي ذريعي علم پھچي ٿو انھيءَ جي تھ پوري پوري پروڙ پئجي وڃي ٿي. مگر جيڪو دروازو ملڪوت جي عالم ڏانھن آھي ۽ ان منجھان لوح محفوظ جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو انھيءَ جو بھ يقين ٿئي ٿو سگھي. جيڪڏھن انھيءَ ڳالھھ کي سوچيو ويندو تھ خواب ۾ عجيب عجيب حالتون ڪيئن ٿيون پيش اچن جن ۾ دل کي مستقبل (ايندڙ وقت) ۽ ماضي (گذريل) زماني جا احوال معلوم ٿي ٿا وڃن باوجود انھيءَ جي جو حواسن کي انھيءَ ۾ ڪو بھ دخل ڪونھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي ملڪوت وارو دروازو انھيءَ شخص لاءِ ٿو کلي جيڪو الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مستغرق رھي ٿو.

جھروڪ رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آھي تھ – ”المفردون اڳتي وڌي ويا“ ماڻھن عرض ڪيو تھ المفردون ڪير آھن. پاڻ فرمايائون تھ ”جيڪي خا تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ سان پاڪ ۽ صاف ٿي ويا آھن ۽ خدا تعاليٰ انھن جا ٻوجھھ يا بار لاھي ڇڏيا آھن ۽ اھي پھچندا قيامت ۾ ڏاڍا ھلڪا سلڪا ٿي.“ ھن کان پوءِ وري الله تعاليٰ جو ھي قول ارشاد فرمايائون تھ ”پوءِ مان پنھنجي چھري کي ھڪ طرف ڪري متوجھ ٿيندو آھيان. توکي معلوم آھي تھ ڪنھن جي سامھون پنھنجو چھرو ڪندو آھيان ۽ ڪنھن کي خبر آھي تھ مان ھن کي ڇا ڏيڻ ٿو گھران.“ پوءِ فرمايائون تھ پھريائين اھا ڳالھھ عطا ٿيندي آھي جو انھن جي دل ۾ روشني وجھي ٿو ڇڏيان جنھن تي ھو منھنجي حال جي خبر ڏيڻ لڳي ٿا وڃن، جھڙو مان ٿو انھن جو حال بيان ڪريان ۽ ھن علم جي داخل ٿيڻ جي جاءِ باطني دروازو آھي.

ھن بيان منجھان نبين ۽ اوليائن جي علمن ۽ عالمن ۽ حڪيمن جي علمن جو فرق ظاھر ٿو ٿئي ۽ اھو ھي آھي تھ ولين ۽ نبين جو علم تھ انھيءَ دروازي کان ٿو ٿئي جو عالم ملڪوت جي طرف کليل ٿو رھي ۽ علم ۽ حڪمت وغيره حواسن جي دروازن منجھان ٿا حاصل ٿين جيڪي ظاھري عالم جي طرف کليل آھن. مطلب تھ قلبي عجائبات ۽ انھن جي آمد جا طريقا وغيره عالم غيب يا عالم شھادت واري معلومات جي علم ۾ بند ڪري نٿا سگھجن. ھن مثال منجھان صرف ٻنھي علمن جي داخل ٿيڻ جي جاءِ جو پتو پئجي ويو.

ٻيو مثال: ھاڻي انھيءَ ڪري ٿو بيان ڪيو وڃي تھ ھن منجھان ٻين ولين جي عمل جو فرق معلوم ٿي وڃي يعني علمائن جو عمل تھ ھي آھي تھ علمن جي ذات کي حاصل ڪن ٿا ۽ انھيءَ کي دل جي طرف ڇڪين ٿا مگر صوفي ۽ اولياءَ فقط قلبن جي طھارت جلاءُ (اوجر) ۽ صفائي جي ڪوشش ٿا ڪن. انھن ٻنھي جو مثال ھن طرح اھي تھ چون ٿا تھ ڪنھن بادشاھھ جي ڪچھريءَ ۾ ڳالھھ نڪتي تھ چين ۽ روم وارا نقاشي جي ڪم ۾ ڏاڍا ماھر آھن ۽ تصويرون تمام عمديون ٿا ڪڍن. آخر ٻنھي لڪن جي ماھرن کي گھرايو ويو. بادشاھھ جي دل ۾ خيال آيو تھ ھڪڙي ساڳيءَ جاءِ جو ھڪڙو پاسو روم وارن کي ڏنو وڃي ۽ ٻيو پاسو چين وارن کي، جتي ھو پنھنجي ڪاريگري جو مظاھرو ڪن ۽ ٻنھي جي وچ ۾ اھڙو پڙدو رکيو وڃي جو ھڪ جي ڪم کي ٻيو ڏسي نھ سگھي. جلد اھڙو بندوبست ڪيو ويو. روم وارن بي شمار عجيب عجيب رنگ ڪنا ڪيا ۽چين وارا بنا رنگ جي ڪم کي لڳي ويا. يعني پنھنجي طرف واري پاسي کي ھنن رڳو خوب اوجر ڪرڻ شروع ڪيو. جڏھن روم وارا رنگن جي نقشن کان فارغ ٿيا تھ چين وارن بھ چيو تھ اسان بھ نقش ڪڍي پورا ڪيا. بادشآھھ حيرت ۾ پئجي ويو تھ ھنن الائي ڪھڙي قسم جا نقش ڪڍيا آھن جنھن ۾ رنگ جي ڪا بھ ضرورت ڪا نھ پئي آھي. جڏھن ھنن کان پڇيو ويو تھ ھنن جواب ڏنو تھ اوھان جو انھيءَ ڳالھھ سان ڪھڙو واسطو. پڙدو کڻي ملاحظو ڪري ٿا سگھو. جيئن جو پڙدو کنيائون تھ روم وارن جا سڀ نقش چين وارن جي طرف جلا، يعني اوجر جي سببان معلوم ٿيڻ لڳا بلڪھ چمڪاٽ ۽ رونق ۾ چين وارن جو پاسو وڌيڪ نظر آيو ڇاڪاڻ تھ جلاِ جي سبب چين وارن جو پاسو ھڪ آئيني جي مثال ٿي پيو ھو. انھيءَ ڪري ان ۾ ويتر زياده خوبي معلوم ٿي رھي ھئي. پوءِ ڄاڻن گھرجي تھ اولياءَ الله جو توجھ (ڌيان) بھ چين وارن وانگر قلب جي جلاِ (اوجر) ۽ پاڪائي ۽ صفائي ۾ مصروف ھوندو آھي تان جو امور حق ان ۾ چمڪڻ لڳندا آھن ۽ علماِ ظاھر جو ڌيان روم وارن وانگر رڳو اڪتساب (ڪسب) ۽ علمي نقشن ڪڍڻ ڏانھن رھندو آھي.

بھرحال علم قلب ۾ ڪيئن بھ حاصل ٿئي مگر قلب مؤمن جو فنا ٿيڻ وارو ناھي. نھ ھن جو علم قوت ٿئي ٿو ۽ نھ ھن جي قلب جي صفائي ۾ ڪا ڪدورت اچي ٿي. جھڙيءَ طرح حسن بصري رحھ فرمايو آھي تھ قبر جي خاڪ ايمان جي جاءِ کي نٿي کائي بلڪھ الله تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ٿي ڪري. ڄاڻڻ گھرجي تھ علم جي ذات جيڪا دل ۾ ٿي اچي ۽ انھيءَ علم جي حاصل ڪرڻ جي صفائي ۽ لياقت اھي سڀ نھايت ضروري شيون آھن. ابدي سعادت سواءِ علم ۽ معرفت جي ڪنھن کي بھ نٿي ملي سگھي ۽ ھن سعادت ۾ بھ ڪي ماڻھو ٻين کان وڌيڪ شرف وارا ٿين ٿا. جھڙي طرح تونگري لاءِ مال جي ضرورت ٿي پوي ۽ ٿوري رقم وارو بھ غني سڏائيندو آھي ۽ گھڻي رقم وارو بھ غني سڏائيندو آھي مگر ٻنھي ۾ وڏو فرق ٿو رھي. ساڳئي طرح معرفت ۽ ايمان ۾ بھ درجن جا تفاوت آھن جن جي ڪا انتھا ڪانھي.

معرفت اھو نور آھي جنھن سان ايمان وارا خدا تعاليٰ جي ديدار جي طرف ھلندا. جھڙوڪ خدا تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”نورھم يسعيٰ بين ايديھم وبايمانھم“ (سندن ايمان نور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو).

حديث شريف ۾ بھ آيو آھي تھ ”ڪن کي نور پھاڙن جيڏو عنايت ٿيندو ۽ ڪن کي ان کان درجي بدرجي گھٽ. تان جو سڀ کان پويون اھو شخص ھوندو جنھن کي صرف پيرن جي آڱوٺن تي نور عنايت ٿيندو ۽ اھو ڪڏھن چمڪڻ لڳندو تھ ڪڏھن گل ٿي پيو ويندو. چمڪڻ جي حالت ۾ تھ ھو شخص قدم اڳتي وڌائيندو ۽ گل ٿيڻ جي صورت ۾ بيٺو رھندو. پل صراط تان گذر ڪرڻ بھ نور موافق ئي ٿيندو. ڪو تھ اک ڇنڀ ۾ پار ھليو ويندو. ڪو بجلي وانگر، ڪو ڪڪر وانگر، ڪو شھاب تاري وانگر، ۽ ڪو سر پٽ گھوڙي وانگر، جنھن کي صرف آڱوٺن تي نور ھوندو اھو منھن ڀر يا ھٿن سان پيرن سان اڳتي رڳڙيندو ھلندو. اھڙيءَ طرح جو ھڪ ھٿ تي ھلندو تھ ٻئي کي ساھي پٽائيندو، اھڙي طرح ھٿن پيرن تي ھلي ھلي ھو بار پئجي ويندو،

ھن بيان منجھان ماڻھن جي ايمان جو تفاوت معلوم ٿئي ٿو ۽ ھي جو ھڪ روايت ۾ آيو آھي تھ جيڪڏھن ابوبڪر رضھ جو ايمان سڀني جھانن جو ايمان سان سواءِ پيغمبرن جي توريو وڃي تھ ھن جو ايمان وڌيڪ ڳورو ٿيندو. سو ھن طرح آھي تھ ڪوئي چوي تھ جيڪڏھن سج جي نور کي دنيا جي چراغن يا فانوسن سان مقابلو ڪيو وڃي تھ سج جو نور ئي غالب رھندو. عوام منجھان ڪن جو نور فانوس جيترو ٿو ٿئي تھ ڪن جو ھڪ مشعل جيترو ۽ صديقن جي ايمان جو نور چنڊ ۽ ستارن جي نور جي برابر آھي ۽ انبيائن عليه صلوات والسلام جو نور سج جي نور جھڙو آھي. تنھنڪري جھڙي طرح سج جي نور سان ساري آفاق جي صورت باوجود ايڏي وسعت جي منڪشف ٿئي ٿي وڃي يعني اکين اڳيان کلي ٿي پوي ۽ انھي جي مقابلي ۾ چراغ جي روشنيءَ سان صرف ڪنھن جاءِ جي ھڪ ڪنڊ يا ھڪ ڪوٺي روشن ٿي ٿئي. اھڙي طرح ئي سيني جي انشراح يعني کلڻ جو فرق سمجھڻ گھرجي. عارفن جي قلبن تي معرفت جي سبب سارو ملڪوت جو عالم منڪشف ٿئي ٿو وڃي ۽ انھيءَ بنا تي حديث شريف ۾ وارد آھي تھ ”قيامت جي ڏينھن حڪم ٿيندو تھ دوزخ منجھان انھن ماڻھن کي ڪڍي ڇڏيو جن جي دل ۾ ھڪ مثقال برابر ايمان يا اڌ مثقال بابر يا چوٿائي برابر يا ذرو بھ کڻي ھجي.“ ھن حديث منجھان ڪيئي ڳالھيون نڪرن ٿيون. ھڪ ڳالھھ ھيءَ تھ ايمان جي درجن ۾ تفاوت ٿو ٿئي. ٻي ڳالھھ اھا تھ ايتري قدر (يعني مثقال جيترو) ايمان دوزخ ۾ وڃڻ کان روڪي نٿو سگھي. ٽين ڳالھھ تھ جنھن شخص جو ايمان مثقال کان گھڻو ھوندو اھو دوزخ ۾ داخل نھ ٿيندو ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اھو بھ دوزخ ۾ ھجي ھا تھ ان جي ڪڍڻ جو بھ حڪم اچي ھا. چوٿين ڳالھھ اھا تھ جنھن جي دل ۾ ذري جيترو بھ ايمان ھوندو ۽ اھو جيڪڏھن دوزخ ۾ ويندو تھ بھ ان ۾ ھيمشه نھ رھندو. ساڳيءَ طرح ھن حديث شريف ۾ ”ڪا ئي بھ شيءِ پنھنجي جنس وارين ھزار شين کان بھتر ناھي. سواءِ ھڪ مؤمن انسان جي (يعني رڳو انسانن جي جنس ۾ مؤمن انسان ٻين ھزار انسانن جي برابر يا انھن کان بھتر ٿئي ٿو سگھي).“

ھن مثال ۾ اشارو آھي ھڪ عارف باالله جي قلب جي فضيلت جو جيڪو يقين ڪامل رکي ٿو ڇاڪاڻ تھ اھڙي عارف جو قلب ھزار عامي ماڻھن جي قلب کان بھتر ھوندو آھي. الله تعاليٰ بھ خود فرمائي ٿو تھ ”و انتم الا علون اِن کنتم مؤمنين“ (۽ جيڪڏھن مؤمنن آھيو تھ (رڳو) اوھين غالب (ٿيڻ وارا آھيو). ھن آيت ۾ مؤمنن کي فضيلت ڏني وئي آھي. مسلمانن تي ۽ مؤمن منجھان ھتي مراد آھي تھ ھو ”يرفع الله الذين آمنو منڪم والذين اوتوا العلم درجاتِِ“ (تھ اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن جا مرتبا الله وڏا ڪري). ھن آيت ۾ ”الذين آمنوا“ منجھان اھي ماڻھو مراد آھن جن سواءِ علم جي تصديق ڪئي. انھن ماڻھن کي علم وارن کان عليحده بيان فرمايو ۽ ھن منجھان اھو بھ معلوم ٿو ٿئي تھ مؤمن جو لفظ مقلد تي بھ ڪم آڻي ٿو سگھجي. جيتونيڪ تصديق انھيءَ جي ڪشف ۽ بصيرت سان نھ بھ ھجي.

حضرت ابن عابسي رضي الله عنھما ”والذين اوتوا العلم“ جي تفسير ۾ فرمايو آھي تھ الله تعاليٰ عالم جو درجو مؤمن جي درجي کان مست سو درجا مٿي ڪندو ۽ ھر ھڪ درجي جو فاصلو ايترو ھوندو جيترو زمين آسمان جو آھي. حديث شريف ۾ آھي تھ ”جنت وارا گھڻا ڀالا ڀولا آھن ۽ عليين واري وڏي درجي ۾ عقل وارا ھوندا.“ ھي ارشاد پڻ آھي تھ ”ھڪڙي عالم جي فضيلت عابد تي ايتري آھي جيتري منھنجي فضيلت آھي ھڪ ادنيٰ ماڻھوءَ تي منھنجي اصحابن منجھان.“ ٻي روايت ۾ وري ھن طرح وارد آھي تھ ”جھڙي طرح فضيلت آھي چوڏھين جي چنڊ جي. سڀني تارن تي“ پوءِ ھنن دليلن منجھان واضح ٿو ٿئي تھ اھل جنت جو تفاوت انھن جي معرفت ۽ دليلن مطابق ھوندو. انھيءَ ڪري قيامت جي ڏينھن کي تغابَن يعني گھاٽي يا نقصان يا ٽوٽي جو ڏينھن ڪري ٿا سڏين. ڇاڪاڻ تھ جيتريقدر ماڻھو الله تعاليٰ جي رحمت جي گھٽ درجي ۾ ھوندو اوتريقدر ھن کي ٽوٽو يا نقصان محسوس ٿيندو. اھڙي قسم جو ماڻھو پاڻ کان وڏن درجن وارن کي ڏسندو ۽ ھن جو ڏسڻ اھڙو ھوندو جھڙو ڏھن روپين وارو اھڙي ماڻھوءَ کي ڏسي جيڪو روءِ زمين جو مالڪ آھي. جيتوڻيڪ ٻئي غني آھن (ڇاڪاڻ تھ ذھن روپين واري وٽ بھ آخر ڏھھ رپيا بچت ۾ آھن) مگر ٻنھي ۾ فرق زمين آمان جو آھي. غور ڪرڻ گھجرجي تھ جنھن کي آخرت جي وڏن وڏن درجن ۽ فضيلتن منجھان گھٽ ملندو ان کي ڪيترو نھ گھاٽو پوندو.

صوفين جو بغير تعليم وار طريقو درست آھي

 

بيان ڏھون

صوفين جو بغير تعليم وار طريقو درست آھي

ڄاڻڻ گھرجي تھ جنھن شخص جي دل ۾ ڪا ٿوري شيءِ بھ الھام جي طريقي يا بنا ڪنھن ظآھري اطلاع يا خبر جي دل ۾ منڪشف ٿئي تھ ھو طريقي جي صحيح ھجڻ جي لحاظ کان ”عارف“ سڏيو. ٻي حالت ۾ جيڪڏھن ڪنھن کي ھيءَ ڳالھھ ڪڏھن بھ نھ ٿي ھجي تھ ان کي بھ ھن تي ايمان آڻڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ معرفت جو درجو انسان ۾ ھڪ فطرتي يا جبلي امر آھي ۽ انھيءَ لاءِ شرعي دليل ۽ تجربا ۽ حڪايتون موجود آھن:

دلائل ھي آھن تھ الله تعاليٰ فمرائ يٿو تھ ”والذين جاھدوا فينا لنھدينھم سبُلنا“ (جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسين) يعني حڪمت جو ظھور قلب منجھان دائما عبادت ڪرڻ سان بنا تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪشف ۽ الھام جي ذڙيعي ٿئي ٿو سگھي.

آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”جيڪو شخص پنھنجي علم موجب عمل ڪندو آھي. الله تعاليٰ ھن کي علم انھن شين جو عنايت ڪندو آھي جيڪي ھن کي معلوم نھ آھي ۽ عمل ڪرڻ جي ھن کي توفيق عطا فرمائي تان جو ھو وڃي جنت جو مستحق ٿو ٿئي ۽ جيڪو علم موجب عمل نٿو ڪري. اھو جيڪي ڪجھھ ڄاڻي ٿو ان ۾ حيران ٿو رھي ۽ ان کي عمل جي توفيق نٿي ڏني وڃي تان جو ھو وڃي ٿو دوزخ جو مستحق ٿئي.“

ھڪ بي آيت ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ”ومن يتق الله يجمل له مخرجا و يرزقه من حيت لا يحتسبُ“ (۽ جيڪو الله تعاليٰ کان ڊجندو تنھن جي نڪرڻ جي الله ڪا واٽ ڪندو ۽ کيس اتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نھ ھوندس) يعني شڪن ۽ شيھن کان مخرج يعني نيڪال يا ڇوٽڪاري جي جاءِ نصيب ٿي ٿئي ۽ علم ۽ فطانت (ذھانت) بغير پڙھڻ ۽ تجربي جي عنايت ٿا ٿين. ٻيو فرمان آھي تھ ”يٰا يھا الذين آمنوا اِن تتقوا الله يجمل لکم فرقانا“ (اي ايمان وارو جيڪڏھن الله کان ڊڄندا رھندؤ تھ ھو اوھان لاءِ اوھان جي دلين ۾ حق ۽ باطل کي نکيڙيندڙ نور پيدا ڪندو). ھن ۾ فرقان جي معنيٰ آھي نور جنھن جي ذريعي انسان حق ۽ باطل ۾ فرق معلوم ٿو ڪري ۽ شيھات منجھان نڪري ٿو وڃي ۽ انھيءَ ڪري آنحضرت ﷺ جن پنھنجن دعائن ۾ گھڻو ڪري نور لاءِ ھن طرح دعا گھرندا ھئا. .اللھم اعطني نورا و زدني نورا و اجمل لي في قلبي نورا و في قبري نورا و في بَصري نرا“ (اي منھنجا الله! عطا فرماءِ مون کي نور ۽ زياده ڪر منھنجو نور ۽ منھنجي قلب ۾ نور پيدا ڪر ۽ منھنجي قبر ۾ نور پيدا ڪر ۽ منھنجي اک ۾ نور پيدا ڪر). نور لاءِ ايتري قدر دعا گھرندا ھئا جو ھميشه التجا ڪندا ھوا تھ منھنجي وار ۽ گوشت ۽ کل ۽ رت ۽ ھڏين ۾ نور عطا فرماءِ. جڏھن آنحضرت ﷺ جن کان ھن آيت جي تفسير ۾ ”افمن شرح الله صدرت للاِسلام فھو عليٰ نور من ربِه، (ڀلا جنھن جو سينو دين اسلام لاءِ اللهکوليو آھي ۽ اھو پنھنجي پالڻھار جي نور جي سوجھري تي ھجي) کانئن شرح صدر جي معنيٰ پڇي ويئي تھ ارشاد فرمايائون تھ ان منجھان فراغي جي مراد آھي يعني نور جڏھن دل ۾ وڏو ٿو وڃي تھ انھيءَ لاءِ سينو کلي ٿو وڃي ۽ حضرت ابن عباس رضھ جي لاءِ دعا گھريائون تھ ”اي منھنجا الله ھن کي دين جي سمجھھ عطا فرماءِ ۽ سيکار ھن کي تاويل يعني حققي معنيٰ.“

حضرت علي ڪرم الله وجھھ فرمايو آھي تھ اسان کي حضور ﷺ جن ڪائي ڳالھھ مخفي ڪا نھ ٻڌائي آھي مگر الله تعاليٰ پنھنجي بدي کي ڪلام الله جي سمجھھ رحمت فرمائيندو ۽ اھا ڳالھھ پڙھڻ سان نٿي اچي. ھن آيت ”يؤتي الحِکمته من يشآءُ“ (جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي حڪمت ڏيندو آھي) ۾ ڪن بزرگن حڪمت جو تفسير الله جي فھم يا پروڙ جي معنيٰ ۾ ڪيو آھي ۽ ھن آيت ”ففھمناھا سليمان“ (تڏھن اھو سليمان کي سمجھايوسين) ۾ جيڪا ڳالھھ حضرت سليمان عليه السلام تي ڪشف ذريعي ظاھر ٿي ھئي تنھن کي فھم جي معنيٰ ڏني وئي آھي.

حضرت ابو درداءُ رضھ فرمائيندو ھو تھ مؤمن اھو آھي جنھن کي الله تعاليٰ جي نور جي برڪت سان پڙدي جي پٺيان واري شيءِ نظر اچي ۽ قسم کائي ارشاد ٿو فرمائي تھ ڳالھھ ٺيڪ ھي آھي تھ الله تعاليٰ حق جي ڳالھھ کي مؤمنن جي دلين ۾ وجھي ٿو ڇڏي ۽ انھن جي زبانن تي جاري ٿو ڪري. ڪن اڳين بزرگن جو قول آھي تھ مؤمن جي گمان جو غلبو ڪھانت يا پيشن گوئيءَ جي برابر آھي.

حديث شريف ۾ وارد آھي تھ ”مؤمن جي فراست کان ڊڄندا رھو ڇاڪاڻ تھ ھو الله تعاليٰ جي نور سان ٿو ڏسي.“ ۽ انھيءَ ڳالھھ جي طرف اشارو آھي ھن آيت جو تھ ”اِنفي ذاِلڪ لاياتِِ للمتوسمين“ (بيشڪ ان ۾ عبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن) ۽ ھن آيت جو پڻ تھ ”قد بَينا الاياتِ لقوم توقنون“ (بيشڪ اھي قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون اٿئون جيڪي ويساھھ رکندا آھن).

حضرت امام حسن رضھ آنحضرت ﷺ کان ھن طرح ٿو روايت فرمائي تھ پاڻ ڪريم جن فرمايو تھ ”علم جا ٻھ قسم آھن ۽ علم باطن قلب ۾ آھي ۽ اھو ئي علم نفعي وارو آھي“ – ڪن عالمن کان علم باطن جي معنيٰ پڇي وئي تھ انھن فرمايو تھ اھو ھڪ ڀيد آھي الله تعاليٰ جي اسرارن منجھان جيڪو ھو پنھنجن دوستن جي دلين ۾ وجھي ٿو ڇڏي ۽ ڪنھن بھ فرشتي يا ماڻھوءَ کي انھيءَ کان آگاھھ نٿو فرمائي. حضور ﷺ جن جو فرمان آھي تھ منھنجي امت ۾ ڪي ماڻھو محدث يعني صادق ۽ تعليم ڏيڻ وارا ۽ ڪلام ڪرڻ (يعني دليل دلائل ڏيڻ) وارا آھن ۽ عمر رضھ انھن منجھان آھي. حضرت ابن عباس رضھ ”وما ارسلنا من قبلڪ من رسول ولا نبِي“ (۽ نھ موڪليو اسان توکان اڳ رسول منجھان ۽ نھ نبي منجھان) کان پوءِ ولا محدث بھ پڙھندو ھو ۽ محدثين جي معنيٰ ”صديقن“ جي ڪندو ھو. مطلب تھ محدث ان کي چوندا آھن جنھن تي الھام ٿئي ۽ الھام وارو اھو شخص آھي جنھن کي قلب جي باطن کان شين جو انڪشاف ٿئي ۽ ٻاھرين محسوساتن جي ضرورت نھ پوي.

قرآن شريف ۾ ھيءَ ڳالھھ چٽيءَ طرح آيل آھي تھ تقويٰ ھدايت ۽ ڪشف جي ڪنجي آھي ۽ انھيءَ جو نالو آھي بنا پڙھڻ وارو علم جھڙوڪ ارشاد آھي تھ ”وما خلق الله في السمٰواتِ و الارض لآياتءٌ لقوم يتقون“ (۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن) ۽ ”ھٰذا بَيانءٌ للناس و ھدي وموعظتهءٌ للمتقين“ (ھي ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي) ۾ ھدايت واسطي اھل تقويٰ وارن جي تصخيص فرمائي وئي آھي.

حضرت ابو يزيد وغيره فرمائن ٿا تھ عالم انھيءَ شخص جو نالو ناھي جيڪو ڪتاب منجھان ڪجھھ ياد ڪري ۽ جڏھن اھو وسري وڃيس تھ جاھل بڻجي پوي بلڪھ انھيءَ کي ٿو سڏيو وڃي جيڪو شين جي علم کي خدا تعاليٰ وٽان جنھن وقت گھري سواءِ درس ۽ حفظ جي حاصل ڪري ۽ علم رباني ھن کي سڏيندا آھن ۽ انھيءَ طرح اشارو اھي. ھن آيت ۾ تھ ”وآتيناھ من لدنا علما“ (ڏنوسين ھن کي پاڻ وٽان علم) ورنھ ھر علم انھيءَ مالڪ حقيقي جي طرف کان آھي مگر فرق ھي آھي تھ ڪي علم تعليم جي ذريعي ٿا پيدا ٿين انھن جو نالو علم لدني ناھي بلڪھ علم لدني اھو آھي جيڪو قلب ۾ سواءِ ڪنھن خارجي يعني ٻاھرين سبب جي حاصل ھئي. ھي سڀ نقلي دليل آھن ۽ سڀ آيتون ۽ حديثون جيڪي ھن باري ۾ وارد آھن لکيون وڃن تھ بيشمار ٿي وينديون.

تجربي سان جيڪو مشآھدو ھنن ڳالھين جو ٿيو آھي ھاڻي اھو بيان ڪيو ٿو وڃي ۽ اھو بي انتھا آھي ۽ اصحابن ۽ تابعين ۽ انھن کانپوءِ سڀني کي ٿيو آھي. جھڙوڪ روايت اھي تھ حضرت ابوبڪر صديق رضھ حضرت عائشه رضي الله عنھا کي پنھنجي موت جي وقت فرمايو تھ تنھنجا ٻھ ڀائر ۽ ٻھ ڀينر آھن. حالاڪنڪھ ھضرت جي گھر واري ان وقت حامله ھئي ۽ پوءِ نياڻي ڄائي. يعني ڄمڻ کان اڳ ۾ معلوم ڪيو تھ نياڻي ڄمندي. ٻئي موقعي تي حضرت عمر رضھ عين خطبي جي وچ ۾ ارشاد فرمايو تھ ”يا ساريته الجبَل الجبَل“ (اي لشڪر وارؤ جبل جو پاسو وٺو جبل جو). يعني جڏھن پاڻ کي ڪشف سان معلوم ٿين تھ دشمن جو لشڪر اسلام تي چڙھي آيو آھي تھ پاڻ لشڪر اسلام کي للڪاريون تھ پھاڙ جي طرف وڃو. انھيءَ آواز جو وري لشڪر ۾ پھچي وڃڻ انھيءَ کان بھ وڌيڪ وڏي ڪرامت آھي.

حضرت انس بن مالڪ رضھ کان روايت آھي تھ ھڪڙي ڏينھن مان حضرت عثمان رضھ جي خدمت ۾ ٿي ويس تھ رستي ۾ مون کي ھڪ عورت ملي. مون ھن ڏي نھاريو ۽ ھن جي حسن جو چڱيءَ طرح معائنو ڪيو. جڏھن مان خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيس تھ پاڻ فرميائون تھ توھان منجھان ڪي اھڙا ماڻھو ٿا اسان وٽ اچن جن جي اکين ۾ زنا جو اثر آھي. ڇا توکي اھو معلوم نھ آھي تھ اکين جي زنا آھي بري نظر سان ڏسڻ – توبه ڪر نھ تھ توکي سزا ڏيندس. مان پڇيو تھ آنحضرت ﷺ جن کان پوءِ بھ وحي اچي ٿو ڇا. پاڻ فرمايائون تھ نھ، ليڪن فراست ۽ بصيرت سچيون ھونديون آھن.

ابو سعيد خراز کان نقل آھي تھ ھڪ دفعي مان ڪعبي شريف ۾ ويس. اتي ھڪ فقير ڏٺم جنھن بھ خرقا (اوني ڪرتا) پھريا ھئا. دل ۾ چيم تھ اھڙي قسم جا ماڻھو ٻين تي ٻوجھھ ھوندا آھن. ھن مون کي رڙ ڪري چيو تھ ”الله يعلم ما في انفسڪم فاحذروه، (جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي. سو الله جاڻندو آھي، تنھنڪري کانئس ڊڄو). مان يڪدم پنھنجي دل ۾ استغفار پڙھي. تنھن تي مون کي وري پڪاري چيو تھ ”ھو الذي يقبَل التوبَته عن عبَاده“ (ھو اھو آھي، جيڪو پنھنجي ٻانھن جي توبه قبول ٿو ڪري). ھي لفظ چئي يڪدم منھنجيءَ نظر کان غائب ٿي ويو.

زڪريا بن دائود رحھ کان روايت آھي تھ ابو العباس ابن مسروق رحھ، ابو الفضل ھاشمي رحھ جي عبادت لاءِ ويو. ھي مريض عيال وارو ھو ۽ گذر جو سامان ظاھري ڪجھھ بھ نھ ھوس. ابو العباس اٿڻ مھل دل ۾ چيو تھ يا الله ھي شخص ڪٿان کائيندو ھوندو. انھيءَ وقت ابو الفضل رحھ رڙ ڪري چيو تھ خبردار اھڙي نڪمي ڳالھھ جو ڪڏھن بھ خيال نھ ڪندو ڪر. خدا تعاليٰ جون پوشيده مھربانيون يا لڪل لطف تمام گھڻا آھن.

احمد نقيب رحھ کان روايت آھي تھ ھڪڙي ڏينھن مان حضرت  شبلي رحھ جي خدمت ۾ ويس تھ مون کي فرمايائون تھ اي احمد! الله تعاليٰ اسان سڀني کي سڃاڻڻ لاءِ عقل ڏنو آھي. مون عرض ڪيو تھ ڪھڙو حال آھي، فرمايائون تھ مان ھن وقت ويٺو ھوس تھ منھنجي دل ۾ ھيءَ ڳالھھ گذري تھ تون بخيل آھين. احمد رحھ چوي ٿو تھ مون عرض ڪيو تھ حضرت مان تھ بخيل نھ آھيان. پوءِ مون دل ۾ قصد ڪيو تھ اڄ جيڪي ڪجھھ ملندو ان کي جيڪو فقير پھريائين مون کي ملندو تنھن کي ڏيئي ڇڏيندس. مان انھيءَ فڪر ۾ ھوس تھ ھڪ شخص مون وٽ پنجاھھ اشرفيون کڻي آيو ۽ چيائين تھ انھن کي پنھنجي ڪمن ۾ خرچ ڪر. مان انھن کي کڻي وعدي جي پوري ڪرڻ لاءِ اٿيس. ڏسان تھ ھڪڙو انڌو فقير حجام کان مٿو ٿو ڪوڙائي. مان ھن جي سامھون وڃي اشرفيون ھن کي ڏيڻ لڳس. ھن جواب ڏنو تھ ھن حجام کي ڏيئي ڇڏ. مون عرض ڪيو تھ پنجاھھ آھن (يعني سڀئي حجام کي ڏيان ڇا) ھن جواب ڏنو توکي چيم ڪين تھ تون بخيل آھين. حجام کي ڏيئي ڇڏ. جڏھن حجام کي ڏيڻ لڳس تھ ھن چيو تھ جنھن مھل کان وٺي ھي فقير مٿو ڪوڙائڻ ويٺو آھي تھ مون عھد ڪري ڇڏيو آھي تھ اجرت نھ وٺندس. پوءِ مون اھي اشرفيون وڃي درياءَ ۾ ڦٽي يون ۽ چيم تھ جيڪو توھان جي عزت ٿو ڪري خدا تعاليٰ ان کي ذليل ٿو ڪري.

حمزه بن عبدالله کان روايت آھي تھ مان ھڪ دفعو حضرت ابو الخير جي گھر ويس ۽ دل ۾ عھد ڪيم تھ ھن وٽ ماني نھ کائيندس. جڏھن مان ھن جي گھر کان نڪري ٻاھر ٿيس تھ ڏسان تھ ھو مون ڏانھن ھڪ طباق کنيو پيو اچي ۽ فرمايائين تھ وٺ، ھاڻي کاءُ، ھتي تھ منھنجو گھر ڪينھي. ھن بزرگ جون ٻيون بھ ڪرامتون مسھور آھن. جھروڪ ابراھيم رقي کان روايت آھي تھ ھڪ دفعي ھن جي زيارت لاءِ ويس. شام جي نماز انھن پڙھائي تھ الحمد بھ پورو پڙھي نھ سگھيا. مون دل ۾ خيال ڪيو تھ ناحق مان ھن وٽ آيس. جڏھن نماز ختم ٿي تھ مان استنجا لاءِ ٻاھر ويس. ھڪ شينھن مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو مون اچي حضرت ابوالخير سان احوال ڪيو. اتاھون شينھن کي رڙ ڪري چيائين تھ ڇو اسان توکي چيو ناھي تھ اسان جي مھمانن کي تڪليف نھ ڏيندو ڪر. ھي ٻڌندي ئي شينھن پٺتي ھٽي ويو. مان طھارت ڪري جڏھن موٽيس تھ مون کي ارشاد فرمايائون تھ تو پنھنجي ظاھر کي ٺيڪ ڪيو آھي يا سڌاريو آھي انھيءَ ڪري شينھن کان ڊڄي وئين. اسان پنھنجي باطن کي ٺيڪ ڪيو آھي انھيءَ ڪري شينھن اسان کان ڊڄي ٿو.

ھن قسم جون بي انتھا حڪايتون آھن، جن منجھان مشائخن جي فراست جو، ماڻھن جي دلين جي حال معلوم ڪرڻ جو ۽ انھن جي اعتقاد وغيره جو ثبوت ملي ٿو. بلڪھ مشائخن جيڪا حضرت خضر عليه السلام سان ملاقات ڪئي آھي ۽ ان کان سواءِ پڇيا اٿن ۽ ھاتف جا آواز ٻڌا اٿن ۽ ٻين قسمن جون ڪرامتون ايتري قدر آھن جو انھن جو بيان قلمبند ٿي نٿو سگھي.

ھا، مگر منڪر لاءِ حڪايتون ڪافي ناھن، جيسين ھن جي نفس جو ھن کي مشاھدو نھ ٿي وڃي. جيڪو شخص خود ھن ڪيفيت جو منڪر ھوندو. اھو ساري تفصيل جو بھ منڪر ھوندو. مگر اھو قاطع دليل جنھن جو ڪو بھ انڪار نھ ڪري. اھو ٻن ڳالھين ۾ آھي. پھريون عجيب و غريب سچا خواب، جن منجھان غيب جو حال کلي ٿو پوي. ھاڻي جڏھن اھو ممڪن آھي تھ خواب ۾ غيب جو احوال منڪشف ٿو ٿئي تھ جاڳندي بھ ان جو کلي پوڻ ناممڪن ناھي. ڇاڪاڻ تھ فرق ٻنھي ۾ صرف ھي آھي تھ خواب م حواس ساڪن ٿي ٿا وڃن ۽ ظاھري محسوسات جي طرف مشغول نٿا رھن ۽ ھيءَ حالت ڪيترا دفعا بيداريءَ ۾ ٿي پوي ٿي. جيڪڏھن ماڻھو ڪنھن ڳالھھ ۾ خوب عور ندو آھي ۽ ھمھ تن محو ٿي ويندو آھي تھ ان وقت نھ ھو ڪو آواز ٻڌندو آھي ۽ نھ ڪا شيءِ ڏسي سگھندو آھي. ھو فقط پنھنجي ئي ڌن ۽ خيال ۾ لڳو پيو ھوندو آھي.

ٻيو قاطع دليل آھي رسول ڪريم ﷺ جي غيب جي ڳالھين ۽ آئينده ٿيڻ واري ڳالھين جي خبر ڏيڻ بابت، جھڙي طرح قرآن شريف منجھان ثابت آھي. جڏھن ھيءَ ڳالھھ نبيءَ کان ثابت آھي تھ غير نبيءَ کان بھ ممڪن ٿي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ نبي انھيءَ کي چيو وڃي ٿو جنھن کي ڳالھين جا حقيقي راز مڪاشفي سان معلوم ٿين ۽ خلق جي اصلاح جو ڪم ان کي سونپيو وڃي. ممڪن آھي تھ ڪو ٻيو شخص ب اھڙو ھجي جنھن کي ڳالھين جا حقيقي راز مڪاشفي منجھان معلوم ٿيندا ھجن مگر اصلاح خلق جو ڪم ھن کي سونپيل نھ ھجي. اھڙي شخص کي نبي نھ چئبو پر ولي ضرور سڏيو ويندو. ھاڻي جيڪو ماڻھو انبيائن کي مڃيندو ۽ سچن خوابن جي پڻ تصديق ڪندو ان کي ضرور اقرار ڪرڻو پوندو تھ قلب جا ٻھ دروازا آھن. ھڪ ٻاھريون يعني حواسن جي طرف، ٻيو اندروني يعني عالم ملڪوت جي طرف جنھن کي الھام ۽ وحي وارو دروازو ڪري سڏجي ٿو. جھن ھن ٻن دروان جو اقرار ڪندو تھ پوءِ ھي نٿو چئي سگھي تھ علمن جو مدار صرف پڙھڻ ۽ عادتي اسبابن تي آھي. اھو بھ ممڪن آھي تھ علم جو ذريعو صرف مجاھدو ھجي. ھن بيان منجھان قلب جي آمدرفت جي حقيقت عالم ظاھري ۽ عالم ملڪوت جي طرف صاف ظآھر ٿي چڪي. مگر ھيءَ خواب ۾ ڳالھھ جو انڪشاف ڇو ٿو ٿئي، جاڳندي ڇو نھ ۽ انبيائن ۽ اوليائن جي لاءِ فرشتا جدا جدا صورتن ۽ حالتن ۾ ڇو ٿا اچن، ھڪ جھڙا ڇو نھ، تھ اھي سڀ ڳالھيون قلب جي رازن يا ڳجھي عجائبن جون آھن ۽ ان جو علم مڪاشفي سان عٿو تعلق رکي. انھيءَ ڪري اسان فقط ايتري بيان تي اڪتفا ٿا ڪريون ڇاڪاڻ تھ مجاھد جي ترغيب واسطي ۽ ان جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آھي.

ھڪڙي بزرگ، مڪاشفي جي صاحب کان منقول آھي تھ مون کي ڪراما ڪاتبين (ٻھ فرشتا جيڪي انسان جي ڪلھن تي ٿا رھن ۽ عمل لکندا ٿا رھن) ظاھر ٿي مون کي چيو تھ ترون پنھنجو خفي ذڪر ۽ توحيد جو مشآھدو ڪجھھ لکي ڏي ڇاڪاڻ تھ اسان تنھنجو ڪو بھ عمل ڪو نھ ٿا لکون ۽ اسان ڏسون ٿا تھ توکي الله تعاليٰ جو قرب حاصل آھي تنھنڪري اسان انھيءَ ڳالھھ جي آرزو ٿا رکون تھ جنھن ڪم سان تون ڌڻي تعاليٰ جي ويجھو ٿو پھچين اھو اسان پاڻ سان آسمان تائين کڻي وڃون. مان پڇيو مان تھ توھان منھنجا فرض نٿا لکو ڇا. جواب ڏنائون تھ ھائو فرض لکندا آھيون. تنھن تي مان چيومان تھ لکڻ لاءِ فقط اھو ڪافي آھي. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ ڪراما ڪاتبين کي بھ قلب جي اسرارن جو پتو ڪو نھ ٿو پوي. اھي بھ رڳو ظاھري اعمالن جو اطلاع ٿا رکن.

ھڪڙي عارف کان نقل آھي تھ مان ھڪ ابدال کان يقين جي مشاھدي بابت ھڪ مسئلو پڇيو. ھو پنھنجي کپي طرف متوجھ ٿي چوڻ لڳو تھ ٻڌاءِ، ڀائي، ڇا ٿو چوين. پوءِ وري سڄي پاسي تي ۽ تنھن کانپوءِ وري سيني جي طرف گردن جھڪائي ساڳيا لفظ چيائين. ھن کان پوءِ ھڪ وڏو عجيب ۽ غريب جواب ڏنائين جيڪو مان ڪڏھن بھ نھ ٻڌو ھو. پوءِ مان عرض ڪيومان تھ تروھان جي يھيڏي ھوڏي متوجھ ٿيڻ جو ڪھڙو سبب ھو. جواب ۾ چيائين تھ مون کي تنھنجي سوال جو جواب معلوم نھ ھو. پھريائين مان کبني پاسي واري فرشتي کان پڇيو ھن جواب ڏنو تھ مون کي خبر ناھي. پوءِ وري مان سڄي پاسي واري کان پڇيو جو ھن کي گھڻي خبر ھوندي آھي. ھن بھ لاعلمي ظاھر ڪئي تڏھن مان پنھنجي دل جي طرف ڏٺو ۽ ان کان دريافت ڪيم تھ انھيءَ اھو جواب ڏنو جيڪو مان توکي ٻڌايو. انھيءَ منجھان ثابت ٿيو تھ دل ٻنھي ڪاتبن کي زياده ٿي ڄاڻي. پوءِ ھي صاحب گويا ھن حديث شريف جي مصداق آھي تھ ”تحقيق منھنجي امت ۾ محدثين آھن ۽ تحقيق عمر رضھ انھن منجھان آھي.“

ھڪ حديث قدسي ۾ آھي تھ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”جنھن بندي جي دل ۾ جھاتي پا؟يندو آھيان ۽ ڏسندو آھيان تھ ھن جو لاڳاپو منھنجي ذڪر سان غالب آھي تھ مان ھن جي سياست جو منتظم ٿي ويندو آھيان ۽ ھن جو ھمنشين ۽ ھمدم ٿي ويندو آھيان.“

ابو سليمان داراني رحھ فرمائي ٿو تھ ”قلب ھڪ برج وانگر آھي. جنھن جي چئني طرفن کان دروازا بند آھن، انھن منجھان جيڪو دروازو کلي ٿو اھو ان ۾ ڪم ٿو ڪري.“ مطلب تھ ھن بيان منجھان ظاھر ٿيو تھ قلب جي دروازن منجھان ملڪوت جي طرف بھ ھڪ دروازو آھي ۽ اھو مجاھدي، پرھيزگاري ۽ دنيوي شھوتن جي ٽوڙڻ سان ٿو کلي. انھيءَ سبب ڪري تھ حضرت عمر رضي الله عنه پنھنجي لشڪر جي رئيسن کي لکيو ھو تھ خدا تعاليٰ جا مطيع يا فرمانبردار بندا جيڪي توھان کي چون ان کي ياد رکندا ڪريو ڇاڪاڻ تھ انھن تي سچيون ڳالھيون متڪشف ٿينديون آھن.

ڪن علمائن فرمايو آھي تھ حڪيمن جي وات تي الله تعاليٰ جو ھٿ آھي، اھا ئي ڳالھھ ئي انھن جي وات منجھان نڪري جيڪا الله تعاليٰ انھن جي لاءِ ھڪ سچي ڳالھھ تيار ڪري ڏيندو آھي. ٻئي بزرگ جو وري قول آھي تھ الله تعاليٰ خاشعين (ڊڄندڙن) کي پنھنجي ڪن اسرارن کان مطلع فرمايو آھي يعني انھن کي ڪي ڳجھيون ڳالھيون ٻڌايون آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org