سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :7

ھيءَ بھ ھڪ روايت آھي تھ نماز جي شيطان جو نالو حزب آھي ۽ وضو واري جو ولھان آھي. جھڙي طرح شيطان گھڻا آھن تھڙي طرح انھن جي مقابلي ۾ فرشتا بھ جام آھن. باب الشڪر ۾ اسين لکي چڪا آھيون تھ انھن جي ڪثرت يعني گھڻائي ۽ ھر ھڪ عمل لاءِ انھن منجھان جدا جدا مقرر ٿيڻ جو سبب ڇا آھي؟

حضرت ابو امامه باھلي رضھ ھي حديث روايت ڪئي آھي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ: ”مؤمن تي ھڪ سو سٺ فرشتا مقرر آھن جي ھجن تان اھي شيون دفع ڪن ٿا جن جو ھن کي تاب ڪونھي. انھن منجھان اک جا ست فرشتا آھن جيڪي ھن جون آفتون اھڙي طرح ٿا دفع ڪن جھڙي طرح گمري جي موسم ۾ ماکي جي پيالي تان مک دفع ڪئي ويندي آھي. جيڪڏھن اوھان کي اھا شيءِ نظر اچي تھ اوھان ڏسو انھن کي جبل ۽ جبل جي ماٿرين ۾ پنھنجا ھٿ ڊگھيڙيل ۽ وات ڦاڙيل ۽ جيڪڏھن سونپيو وڃي ٻانھي کي پنھنجي نفس جي ھٿ ۾ تھ شيطان جيڪر ھنن جي اکين اڳيان زوري سڀ ڪجھھ لٽي کڻي ھليا وڃن.“

ايوب بن يونس رحھ کان روايت آھي تھ مون کي ائين خبر پھتي آھي تھ آدم جي اولاد سان گڏ جن جو بھ اولاد پيدا ٿو ٿئي، جنھن جي پرورش آدم جي اولاد سان ٿي ٿئي.

حضرت جابر بن عبدالله کان منقول آھي تھ جڏھن حضرت آدم عليه السلام جن زمين تي لٿا، تھ ھن جناب الاھي ۾ عرض ڪيو تھ خدايا تو منھنجي ۽ شيطان جي وچ ۾ دشمني ڪري ڇڏي آھي. جيڪڏھن تنھنجي مدد نھ ھوندي تھ مان ھن تي غالب ٿي نھ سگھندس. ارشاد باري ٿيو تھ تنھنجو جيڪو بھ ٻار پيدا ٿيندو ان تي ھڪ فرشتو موڪل مقرر ڪيو ويندو. عرض ڪيائين تھ زياده عنايت ڪئي وڃي. حڪم صادر ٿيو تھ جيڪڏھن ڪو انسان ھڪڙي بدي ڪندو تھ ھڪڙيءَ بدي جي سزا لوڙيندو. مگر جيڪڏھ ڪا ھڪ نيڪي ڪندو تھ ان جو بدلو ڏھوڻ کان مٿي، جيترو مون کي وڻندو اوترو ڏيندومانس، مگر آدم عليه السلام اڃا بھ زياده جي درخواست ڪئي. ارشاد ٿيو تھ انسان کي جيسين روح بدن ۾ ھوندو تيسين ھن جي توبه جو دروازو کليل رھندو. ھي ٻڌي شيطان عرض ڪيو تھ خدايا ھن نبي کي تو مونکان وڌيڪ شرف وارو بڻايو آھي. جيڪڏھن مون سان تنھنجي مدد نھ ھوندي تھ مان ڪيئن غالب ٿيندس. حڪم ٿيو تھ جيڪو ٻار آدم جو پيدا ٿيندو ان سان گڏ تنھنجو بھ پيدا ٿيندو. ھن عرض ڪيو وڌيڪ ڪجھھ عنايت ٿئي. حڪم ٿيو تھ جيئن رت بدن ۾ دورو ڪندي آھي. تيئن تون بھ ھن جر رڳ رڳ ۾ جاري ھوندين ۽ انھن جي سينن تي پنھنجو گھر بڻائيندين. ھن عرض ڪيو تھ وڌيڪ ڪجھھ عنايت ٿئي. حڪم ٿيس تھ ”اجلبُ عليھم بخيلڪ ورجلڪ وشار ڪھم في الاموال والا ولادو عدھم وما يعد ھم الشيطان اِلا غرورا“ – (۽ پنھنجن پيادن ۽ سوارن سان مٿن چڙھائي ڪر ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ کين انجام ڏي ۽ شيطان ٺڳيءَ کان سواءِ کيس دلاسو نھ ڏيندو).

حضرت ابودرداِ رضھ کان روايت آھي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ ”الله تعاليٰ جنن کي ٽن قسمن ۾ پيدا ڪيو آھي. ھڪڙو قسم نانگ، وڇون ۽ ڪيڙا ماڪوڙا آھن. ٻيو قسم انڌاريءَ وانگر ھوا ۾ آھن ۽ ٽئين قسم تي عذاب ۽ ثواب آھي ۽ انسانن کي بھ الله تعاليٰ ٽن قسمن جو پيدا ڪيو، ھڪڙا اھي جيڪي ڍورن وانگر آھن. جيئن الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”لھم قلوبءٌ لا يفقھون بِھا ولفھم اعينءٌ لا يبصرون بِھا و لھم آذانءٌ لاّ يسمعون اولٰئک کا لانعام بَل ھم اضل (انھن جون اھڙيون دليون آھن جو انھن سان الله جو حڪم نھ سمجھندا آھن ۽ انھن جون اھڙيون اکيون آھن جو انھن سان حقانيت نھ ڏسي سھگندا آھن ۽ انھن جا  ڪن اھڙا آھن جو انھن سان حق کي ٻڌي نھ سگھندا آھن. اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ انھن کان وڌيڪ گمراه آھن) ٻيا اھي جن جا جسم انسانن يعني بني آدم وارا آھن مگر مگر روح شيطانن جھڙا آھن. ۽پٺيان آھي آھن جيڪي قيامت جي ڏينھن الله تعاليٰ جي ساڄي (پاڇي) ھيٺ ھوندا، جنھن ڏينھن سواءِ انھي پاڇولي جو ٻيو ڪو بھ پاڇولو نھ ھوندو.

حضرت وھيب رحھ روايت ٿو ڪري تھ شيطان ھڪ دفعي حضرت يحيٰ عليه السلام وٽ ويو ۽ چيائين تھ مان اوھان کي ھڪ نصيحت ڪرڻ ٿو گھران، حضرت يحيٰ عليه السلام فرمايس تھ مون کي تنھنجي نصيحت جي ضرور ڪانھي. مون کي رڳو آدم جي اولاد جو ڪجھھ حال ٻڌاءِ. ھن چيو تھ اسان جي خيال ۾ انھن جا ٽي قسم آھن: ھڪڙو قسم جيڪو اسان کي سخت ڏکيو ٿو لڳي اھو انھن جو آھي، جن وٽ اسان وڃون ٿا ۽ انھن کي بھڪائي يعني گمراھھ ڪري پنھنجي قبضي ۾ آڻيون ٿا، مگر جلدي ھو استغفار ۽ توبه ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين ۽ اسان جو ڪيو ڪمايو سڀ خاڪ ۾ ملي ٿو وڃي. ٻيو دفعو جيڪڏھن اسان ھنن کي ھٿ ٿا ڪريون تھ وري بھ ائين ئي ٿا ڪن. انھيءَ ڪشمڪش ۾ نھ اسان انھن کان نااميد ٿيون ٿا ۽ نھ وري اسان جو ڪو ڪم ئي ٿو نڪري. انھيءَ تولي جي ادان کي مصيبت ئي مصيبت آھي. بيو قسم اھو آھي جيڪو اسان جي ھٿ ۾ ائين آھي جيئن ٻار جي ھٿ ۾ کينھون ھوندو آھي. انھن کي اسان جاڏي چاھيون ٿا تاڏي ڦيري ٿا سگھون. انھن جو اسان کي ڪو فڪر ڪونھي. ٽيون قسم اوھان جھڙن بزرگن جو آھي جنھن تي انسان جو ڪو بھ وس نٿو ھلي.

ھاڻي جيڪڏھن ڪو چوي تھ انھيءَ جو ڪھڙو سبب آھي تھ ڪن کي تھ شيطان صورت وٺي اچي پاڻ ڏيکاري ۽ ڪن کي اصلي معلوم ڪو نھ ٿو ٿئي يا جڏھن نظر اچي ٿو تھ اھا شڪل سدنس اصلي صورت آھي يا عڪس آھي ۽ جيڪڏھن اصلي صورت آھي تھ پوءِ ھن جون جدا جدا صورتون ڇو ٿيون معلوم ٿين ۽ ھڪڙيئي وقت ۾ ٻن جڳھن تي جدا جدا صورت ٻن ماڻھن کي ڪيئن ٿي معلوم ٿئي تھ انھيءَ جو جواب اھو آھي تھ شيطان ۽ فرشتن کي اصلي صورتون بھ آھن مگر انھن جي اصلي صورت مشاھدي سان يعني ظاھر ظھور ڏسي نٿي سگھجي بلڪھ انھن جو ڏسڻ نبوت جي انوارن سان ٿيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو حضرت جبرئيل عليه السالم کي حضور ﷺ جن ھن جي اصلي صورت ۾ صرف ٻھ دفعا ملاحظھ فرمايو ھو. ھڪ دفعو خود حضور ﷺ ھن کي خواھش ڏيکاري تھ پنھنجي اصلي صورت مون کي ڏيکاريو. ھن وعدو ڪيو تھ چڱو سائين ۽ پوءِ حرا جبل تي اصلي شڪل ۾ نمودار ٿيا تھ اوڀر کان اولھھ تائين ساري آفاق کي ڍڪي ڇڏيو ھئائون. ٻيو دفعو وري معراج جي رات سدرت المنتھيٰ تي ھن کي اصلي صورت ۾ ڏٺو ھئائون. باقي نھ تھ گھڻو ڪري قلبي وحي جي صورت ۾ ملاحظو فرمائيندا ھئا. ھي فرشتو نھايت خوبصورت آھي.

ياد رکڻ گھرجي تھ گھڻو ڪري اھل دل وارن جو مڪاشفو ھن طرح ٿيندو آھي جو اصلي صورت جو ھڪ نمونو سامھون اچي تھ ھو ھن کي ڏسن بھ ٿا ۽ ھن جي ڳالھھ بھ ٻڌن ٿا ۽ اھا صورت ھڪ قائم مقام يا نمونو اصلي صورت جو ٿئي ٿي وڃي جنھن جو صالحين کي گھڻو ڪري خواب ۾ ڏسڻ جو اتفاق ٿيندو آھي ۽ ڪشف جو صاحب ان کي چوندا آھن جيڪو اھڙي درجي کي پھچي وڃي جو باوجود حواسن جي مشغوليءَ جي دنيا ۾ ھن جي مڪاشفي ۾ خلل يا بگيڙو نھ اچي يعني ھن کي جاڳندي اھا ڳالھھ معلوم ٿي وڃي جا ٻين کي خواب ۾ ڏسڻ ۾ اچي. جھروڪ ھضرت عمر بن عبدالعزيز کان روايت آھي تھ ھڪ شخص رب العزت کان ھي دعا گھري تھ مون کي اھا جاءِ ڏيکاريو جتي انسان جي قلب تي شيطان ٿو رھي. ھن شخص خواب ۾ ڏٺو تھ ھڪڙي آدمي جو جسم بلور جي صورت جو آھي يعني ھن جي اندر واري شيءِ ٻاھران معلوم پئي ٿئي ۽ شيطان ڏيڏر جي شڪل ۾ ھن جي کٻي ڪلھي تي ڪنڌ ۽ ڪن جي وچ ۾ ويٺو آھي ۽ ھن کي سنھي ۽ ڊگھي سونڊ آھي جيڪا آدمي جي دل ۾ وجھي پيو ٿو ھن ۾ وسوسوا پيدا ڪري. جڏھن اھو آدمي ذڪر الاھي ٿو ڪري تھ پري ھٽي ٿو وڃي. اھڙي قسم جو نمونو ڪڏھن بيداريءَ ۾ بھ ھوبھو معلوم ٿيندو آھي. جيئن جو ڪن ڪشف وارن ڏٺو تھ شيطان اھڙي شڪل ۾ نظر اچي رھيو آھي جو ڄڻ تھ ھڪڙو ڪتو مردار تي بيٺو ٿو گھوري ۽ ماڻھن کي انھيءَ مردار طرف سڏي يعني ھتي دنيا مردار جي صورت ۾ معلوم ٿي ۽ اھو ئي طريقو آھي اصلي صورت جي قائم مقام يا نموني جي نظر اچڻ جو. ڇاڪاڻ تھ اھو تھ اڳي ئي بيان ٿي چڪو آھي تھ قلب کي ٻھ پاسا آھن، ھڪ اھو آھي جيڪو عالم ملڪوت جي طرف ھوندو آھي ۽ اھوئي دروازو آھي وحي ۽ الھام جي داخل ٿيڻ جو، جڏھن قلب جي ھن پھرين پاسي تي عالم ملڪوت کان ڪنھن شيءِ جي اصلي حقيقت ظاھر ٿي ٿئي تھ ان جي اثر کان اھو پاسو جيڪو عالم ظاھري جي طرف آھي انھيءَ ۾ بھ چمڪ اچي ٿي وڃي انھيءَ ڪري جو ٻئي پاسا ھڪ ٻئي سان گڏوگڏ آھن. ھن منجھان ظاھر آھي تھ ھن پاسي ۾ جيڪو ظاھر عالم جي طرف آھي جيڪا شيءِ نظر ايندي اھا ھڪ خيالي قوت جي صورت ھوندي ڇاڪاڻ تھ سارو ظاھري عالم خيالي قوتن ۾ ئي داخل آھي. فرق فقط ايترو آھي تھ آدمي جو خيال جيڪو ظآھري حسن منجھان ٿو ٺھي انھيءَ ۾ اھو ممڪن آھي تھ سيرت مطابق صورت نھ ھجي ڇاڪاڻ تھ عالم ظاھري ۾ فريب ۽ دوکو تمام گھڻو ٿو ٿئي. مثلا ممڪن آھي، جيڪو شخص ظاھر ۾ خوبصورت ٿو نظر اچي اھو اندر ۾ خبيث ھجي مگر جيڪا صورت عالم ملڪوت جي چمڪ سان دل کي حاصل ٿي ٿئي اھا بعينه صفت ۽ سيرت جي مطابق ھوندي آھي. ڇاڪاڻ تھ عالم ملڪوت ۾ صورت صفا سيرت جي مطابق ٿيندي آھي. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ جنھن شيءِ جو باطن برو ھوندو اھا اھڙيءَ طرح پري ئي نظر ايندي. انھيءَ ڪري شيطان جڏھن اھڙي طرح نظر اچي ٿو تھ ڪتي ۽ ڏيڏر ۽ سوئر وغيره جي صورت ۾ ئي ٿو نظر اچي (جيڪي ھن جون اصلي باطني شڪليون آھن). انھيءَ جي برعڪس فرشتي جي صورت وري ھميشه ڪنھن سھڻي شيءِ جي شڪل ۾ نظر ايندي (ڇاڪاڻ تھ فرشتي جي اصلي باطني شڪل نھايت سھڻي ٿي ٿئي).

ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي بدليل صورت جيڪا نظر اچي ٿي اھا حقيقت ۾ باطن جو عنوان آھي (يعني اھا شيءِ جنھن کي ڏسي اندر جو حال معلوم ٿي وڃي) ۽ اھا شڪل باطني حالت جو ھڪ سچو پچو نقشو آھي، تنھن ڪري جيڪڏھن خواب ۾ ڪو ماڻھو باندر يا سوئر ڏسندو آھي تھ ان جو تعبير ھڪ خبيث انسان جي ڏسڻ سان ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن ٻڪري يا رڍ وغيره ڏسندو آھي تھ ان جو تعبير ھڪ سليم الطبع انسان جي ڏسڻ سان ڪيو ويندو آھي. خواب جي سڀني تعبيرن جو اھو حال آھي (يعني خواب ۾ ھر شيءِ جي اصلي ۽ حقيقي تصوير نظر ايندي آھي. ظاھري ملاوٽ ۽ بناوٽ ھن ۾ ھرگز ڪا نھ ھوندي آھي).

مطلب تھ ھيءَ ڳالھھ بھ قلب جي راز ۽ ڳجھن منجھان ھڪ عجيب راز آھي. ھن جو بيان ڪرڻ علم معاملات ۾ مناسب ناھي. ھتي رڳو اھو مقصد اھي تھ انھيءَ ڳالھھ جو يقين ڪيو وڃي تھ شيطان توڙي فرشتو اھل دل کي منڪشف ٿو ٿئي. ڪڏھن ڪنھن حڪايت يا مثالي صورت ۾ جيئن خواب ۾ ٿيندو آھي ۽ اھا مثالي صورت باطن جي تشبيه ھوندي آھي مگر حقيقي صورت اھا آھي جا کليل اک کي نظر اچي ۽ انھيءَ کي فقط ارباب مڪاشفھ ئي ڏسي ٿا سگھن. ٻين جو ڏسڻ محال آھي.

 

بيان تيرھون

قلب کان ڪھڙن وسوسن، وھمن وغيره جو مواخذه ٿيندو ۽ ڪھڙا معاف آھن

واضح رھي تھ ھن باري ۾ آيتون ۽ حديثون مختلف آيون آھن. سواءِ ڪامل علمائن جي انھن قلبي حالتن جي پوري تفريق ڪوئي ڪري نھ ٿو سگھي تھ ڪھڙين لاءِ گرفت يا پڪڙ پڇاڙ ٿيندي ۽ ڪھڙيون معاف ڪيون وينديون. ھڪڙي ھديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”منھنجي امت جا اھي گناھھ معاف ڪيا ويا آھن، جيڪي پنھنجي دل ۾ چوي ۽ عمل ۾ نھ آڻي.“ ٻي روايت حضرت ابوھريره رضھ کان آھي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ ”الله تعاليٰ ڪاراما ڪاتبين کي ارشاد ٿو فرمائي تھ منھنجو بندو ڪنھن گناھھ جو قصد (ارادو) ٿو ڪري تھ اھو نھ لکو. پوءِ جيڪڏھن اھو گناھھ ڪري تھ فقط ھڪ گناھھ لکو ۽ جڏھن نيڪي جو ارادو ڪري تھ (يڪدم) ھڪڙي نيڪي لکي ڇڏيو ۽ جڏھن (سچ پچ) نيڪي ڪري تھ ڏھھ نيڪيون لکو.“ ھي حديث بخاري ۽ مسلم ٻنھي ۾ آھي. انھيءَ منجھان صاف معلوم ٿو ٿئي تھ قلب جو ارادو يا قصد ۽ ان جو لاڙو بڇڙائي ڏانھن معاف آھي. ٻي روايت ۾ وري ھن طرح آھي تھ ”جيڪو ارادو ٿو ڪري نيڪيءَ جو ۽ ڪري نٿو تھ ان لاءِ فقط ھڪڙي نيڪي لکي ٿي وڃي ۽ جيڪو ارادو ٿو ڪري ۽ اھا عمل ۾ بھ ٿو آڻي تھ انھيءَ لاءِ ھن جون ڏھن کان وٺي ستن سون تائين نيڪيون وڌائي لکيون وينديون ۽ جيڪو قصد ٿو ڪري برائيءَ جو ۽ عمل ۾ نھ ٿو آڻي تھ اھا برائي نٿي لکي وڃي ۽ جڏھن عمل ۾ ٿو آڻي تھ پوءِ اھا ھڪڙي لکي ٿي وڃي. اھو پڻ حديث شريف ۾ وارد آھي تھ ”جڏھن بندو دل ۾ گناھھ ڪرڻ لاءِ چوندو آھي تھ مان ھن کي مغفرت ڪندو آھيان جيسين ھو انھيءَ گناھھ جو ڪندڙ نھ ٿيندو آھي.“ ھنن سڀني حوالن منجھان معافيءَ جو بيان ٿو معلوم ٿئي. مواخذه يعني گرفت جي باري ۾ وري ھي آيتون آھن:

(1)  واِن تبدوا ما في انفسڪم او تخفوه يحاسبَڪم بِه الله فيغفر لمن يشاءُ و يعذبُ من يشاءُ – (۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي، سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڙي لڪايو تھ بھ الله تعاليٰ توھان سان ان جو حساب ڪندو. پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو).

(2) ولا تقف ما ليس لڪ بِه علمءٌ – اِن السمع والبَصر والفؤاد کل اولٰئڪ کان عنه مستولا. (۽ اي ٻانھا! جنھن شيءِ جي توکي ڪا سڌ نھ آھي، ان جي پويان نھ لڳ ڇو تھ ڪن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني عضون کان ان بابت بلڪل پڇا ٿيندي) يعني قلب جو عمل اک ۽ ڪن جي عمل وانگر آھي ۽ معاف نھ ڪيو ويندو.

(3) ولا تڪتموا الشھادت ومن يڪتمھا فاِنه اٰثِمءٌ قلبُه (۽ شاھدي نھ لڪايو ۽ جيڪڏھن ڪو لڪائيندو تھ بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي).

لا يؤاخِذڪم الله بِاللغو في ايمانکم ولٰڪن يوءَ اِخذکم بِما کسبَت قلوبُکم (الله اوھان کي اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ نھ وٺندو آھي، پر اوھان جي دلين جيڪا نيت ڪئي آھي تنھن تي پڪڙيندو آھي).

ھن سڀني آيتن منجھان ھر دل جي عمل لاءِ مواخذه يعني گرفت ۽ پڪڙ بيان ڪئي ويئي آھي. تنھن ڪري ھن مسئلي ۾ بھتر ائين آھي تھ جيسين قلب جي اعمالن جو تفصيل نيت يا قصد جي شروعات کان وٺي واقعي عضون جي گناھھ ڪرڻ جي حد تائين معلوم نھ ٿئي تيسين معافي يا مواخذه جي فتويٰ جاري ڪرڻ نھ گھرجي.

(1)  خاطر يا حديث نفس: ھاڻي اسان ٻڌايون ٿا تھ قلب تي جيڪا پھرين شيءِ وارد ٿي ٿئي تنھن کي ”خاطر“ ۽ ”حديث نفس“ جو نالو ڏنو ويندو آھي. مثلا ھڪ عورت جي تصوير دل ۾ اچي جيڪا ڪنھن ماڻھوءَ جي پٺيان پئي اچي ۽ جيڪڏھن ھو چاھي تھ پٺتي نھاري ھن کي ڏسي سگھي.

(2) ميل طبع: ٻي ڳالھھ ڏسڻ جي رغبت جو ھيجان (يا جوش) آھي يعني اھا شھوت جيڪا انسان جي فطرت ۾ موجود آھي ان جو تحرڪ ۾ اچڻ. ھي تحرڪ خاطر جي سبب کان پيدا ٿيندو آھي ۽ ھن کي ”ميل طبع“ يعني طبع جو لاڙو ڪري سڏيندا آھن.

(3) ٽين ڳالھھ آھي دل جي اجازت انھيءَ رغبت جي تعميل ڪرڻ جي باري ۾. مثلا: مٿئين مثال ۾ عورت ڏي ڏسڻ جي اجازت، ڇاڪاڻ تھ ڪيترا دفعا طبيعت جي رغبت تھ ھوندي آھي تھ ڏسجي مگر ڪن رنڊڪن جي حجاب ڪري دل اجازت نھ ڏيندي آھي، مثلا حيا جي ڪري نٿو ڏسي سگھي يا منھن ڦيري ڏسڻ ۾ خوف ٿو ٿئيس.

(4) اعتقاد: ڄاڻڻ گھرجي تھ ھنن رنڊڪن ۽ حجاب جو ٽارڻ تامل يعني فڪر ۽ غور سان ٿو ٿئي جو بھرحال عقل جي اجازت سان ئي ڪيو ويندو آھي ۽ ھن جو نالو آھي ”اعتقاد، ۽ ھي انھن ٻن مٿين ڳالھين کان پوءِ ٿو ٿئي.

(5)  نيت، قصد، ارادو يا عزم: پنجين ڳالھھ آھي پڪو ڪرڻ ارادي جو متوجھ ٿيڻ کانپوءِ. ھن کي نيت ۽ قصد ۽ ارادو ڪري سڏيندا آھن. ھن ارادي جو بنياد ڪڏھن ضعيف ھوندو آھي. مگر پھرين خاطر جي رور جي لحاظ کان نفس کي اڏي ڪشش ٿيندي آھي جو ھي ”ارادو مصمم يا موءَکد يا پڪو پختو ٿي ويندو آھي. ھن ارادي جي مصمم يا پڪي ٿيڻ کان پوءِ بھ بعض آدمي ندامت يا پشيماني سبب بھ اھو ڪم نھ ڪندو آھي ۽ بعضي انھيءَ ڪري نھ ڪندو آھي جو ڪنھن سبب ڪري ھو غافل ٿي ويندو آھي ۽ انھيءَ ڪم جي طرف توجھھ يا ڌيان نھ رھندو اٿس ۽ ڪڏھن وري اھڙي ڪا اچي رنڊڪ پوندي اٿس جو انھيءَ ڪم جو ڪرڻ عذر جھڙو ٿي پوندو آھي.

(6) مطلب تھ دل جي لاءِ عضون جي پھرين عمل کان چار حالتون ٿي ٿيون وڃن. پھريائين ”حديث نفس“ پوءِ ”ميل طبع“ پوءِ ”اعتقاد“ ۽ پوءِ ”عزم“ يعني ارادو. انھن چئن جي باري ۾ فتويٰ ٻڌڻ گھرجي تھ حديث نفس ۽ ميل طبع تي تھ مواخذه ڪونھي ڇاڪاڻ تھ انھن ڳالھين تي ڪنھن جو وس ڪونھي. اھي ڳالھيون آدمي جي اختيار کان ٻاھر آھن ۽ ھن حديث ۾ تھ ”معاف ڪيو ويو منھنجي امت تان جيڪي انھن جي نفس ڳالھايو“ اھي ٻئي شيون يعني حديث نفس ۽ ميل طبع مراد آھي. ڇاڪاڻ تھ ”حديث نفس“ انھيءَ کي ٿو سڏجي جيڪا دل تي گذري ۽ انھيءَ جي ڪرڻ جو ارادو نھ ھجي ۽ عزم ۽ ارادي کي حديث نفس نھ سڏبو آھي. بلڪھ حديث ھي آھي جھڙو عثمان بن مظعون رضي الله عنه کان روايت آھي تھ ھن آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ يا حضرت! منھنجي دل ۾ ائين ٿو اچي تھ مان پنھنجي زال خوله کي طلاق ڏيئي ڪڇڏيان. حضور  ”ائين نھ ڪر، منھنجي سنت منجھان آھي نڪاح ڪرڻ“. ھن عرض ڪيو تھ منھنجي دل ائين ٿي چاھي تھ خصي ٿيوڃان. حضور ﷺ جن فرمايو تھ ”ائين نھ ڪر منھنجي امت ۾ خصي ٿيڻ ھميشه روزو رکڻ آھي“. ھن عرض ڪيو تھ منھنجي دل ٿي چاھي تھ راھب يعني گوشھ نشين ٿي وڃان. ھضور ﷺ جن فرمايو تھ ”ائين نھ ڪر راھب ٿيڻ منھنجي امت جو جھاد ۽ حج ڪرڻ آھي.“ ھن عرض ڪيو تھ منھنجي دل ٿي چاھي تھ گوشت کائڻ ڇڏي ڏيان. حصور ﷺ جن فرمايس تھ ”ائين نھ ڪر. مان ھن کي پسند ٿو ڪريان ۽ جيڪڏھن ملندو آھي تھ کائيندو آھيان ۽ جيڪڏھن مان ھن کي سوال ڪريان تھ ھو مون کي گوشت کارائي“ پوءِ معلوم ٿيو تھ جن خواطر سان عزم يا ارادو گڏ ناھي اھو حديث نفس ۾ داخل آھي جھڙوڪ ھن اصحابي جا خواطر ھئا. ھن انھيءَ ڪري آنحضرت ﷺ کان انھن جي باري ۾ مشورو ڪيو جو عزم انھن جي ڪرڻ جو ڪو نھ ھوس.

ٽين ڳالھھ ”اعتقاد“ جا ٻھ قسم آھن. ھڪ اختياري ۽ ٻيو اضطراري يعني بي اختياري يا لاچار حالت وارو! ۽ بنھي لاءِ حڪم بھ جدا جدا آھي. اختياري تي مواخذه آھي ۽ اضطراري يعني بي اختياري تي مؤاخذه ڪونھي.

چوٿين ڳالھھ يعني فعل جو قصد ھو. انھيءَ تي مواخذه آھي. مگر جڏھن ڪم انھيءَ قصد کان پوءِ بھ نھ ڪيو ويو تھ پوءِ ھي ڏسڻ گھرجي تھ خدا تعاليٰ جي خوف ۽ پڇتاءَ جي ڪري نھ ڪيو ويو آھي يا ڪنھن ٻئي سبب کان. جيڪڏھن پھرين صورت آھي يعني خدا تعاليٰ جي خوف کان نھ ڪيو ويو آھي تھ ھڪ نيڪي لکي ويندي ۽ اھو انھيءَ ڪري جو شر جو ارادو ڪرڻ گناھھ آھي ۽ ھن کان باز اچڻ ۽ نفس تي مجاھدو ڪرڻ نيڪي آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ انسان جي طبع جي تقاضا کان ڪو ارادو ڪرڻ انھيءَ ڳالھھ جو دليل ناھي تھ ھو ڪو خدا تعاليٰ کان بلڪل غافل ٿي ويو آھي مگر نفس کي مجاھدي سان طبيعت جي ابتڙ ڪرڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ وڏي طاقت کپي. انھيءَ حالت ۾ ھن جيتري قدر ڪوشش فعل جي ارادي سببان شيطان جي متابعت ۾ ڪئي ھئي ان کان زياده ڪوشش ھن کي طبع جي خلاف ۽ خدا واسطي ڪرڻ ۾ ڪرڻي ٿي پوي. انھيءَ ڪري جو ھڪ نيڪيءَ جي لائق ٿو بڻجي.

ٻئي طرف جيڪڏھن ڪنھن رنڊڪ يا رڪاوٽ يا عذر ڪري انھيءَ فعل کان باز رھيو آھي تھ ھن تي ھڪ برائي لکي ويندي ڇاڪاڻ تھ ارادو ڪرڻ بھ قلب جو اختياري فعل آھي ۽ ھي حڪم جيڪي اسان تفصيل سان لکيا آھن اھي ساڳئي تفصيل سان حديث ۾ مذڪور آھين. حضور ﷺ جن فرمائين ٿا تھ ”فرشتن عليھم السلام چيو تھ خدايا فلاڻو تنھنجو بندو ارادو ٿو ڪري تھ برو ڪم ڪري حالانڪھ خدا تعاليٰ کي ھن جو حال وڌيڪ معلوم آھي. فرشتن کي حڪم ٿو ڏئي تھ ھن جي نگراني ڪندا رھو. جيڪڏھن اھو فعل ڪري تھ پوءِ جھڙو ڪري تھڙو لکي ڇڏجو مگر جيڪڏھن ترڪ ڪري ان کي تھ پوءِ لکجو ھن لاءِ ھڪ نيڪي، ڇاڪاڻ تھ ھن منھنجي سبب ئي ھن کي ترڪ ڪيو آھي. ٻئي روايت ۾ ”لم يعملھا“ جا لفظ آھن ۽ انھيءَ منجھان بھ ھيءَ ئي مراد آھي تھ خدا جي خوف ڪري ڇڏيو ھجيس مگر جيڪڏھن گناھھ جو ارادو ڪري ۽ پوءِ ڪنھن لاچاري عذر ڪري يا غفلت کان نھ ڪيو ھوندائين تھ انھيءَ صورت ۾ نيڪيءَ جو مستحق نھ رھندو ڇاڪاڻ جو حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”ماڻھو پنھنجن پنھنجن نيتن مطابق اٿاريا ويندا يا ڪٺا ڪيا ويندا.“ اھا ڳالھھ پڻ معلوم ھئڻ کپي تھ جيڪو شخص رات جو ھن ڳالھھ جو ارادو ڪري تھ صبح جو ڪنھن مسلمان کي قتل ڪندس يا ڪنھن عورت سان زنا ڪندس ۽ انھيءَ رات مري وڃي تھ پنھنجي ارادي تي اصرار ڪري مرندو ۽ انھيءَ نيت تي ھن جو حشر ٿيندو. حالانڪھ اھو ڪم ھن ڪيو ڪو نھ ھو. انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ مٿينءَ حديث ۾ ”لم يعمل“ منجھان مراد اھا ئي آھي تھ خدا تعاليٰ جي خوف کان ڇڏيائين.

نيت تي مواخذه ٿيڻ جي باري ۾ ھڪ قاطع دليل طور ھ حديث شريف آھي تھ جڏھن بھ مسلمان پنھنجون پنھنجون ترارون ڪڍي پاڻ ۾ اٽڪن تھ قاتل ۽ مقتول ٻئي دوزخ ۾ ويندا. ماڻھن عرض ڪيو تھ يا رسول الله قاتل تھ قتل ڪيو مگر مقتول ڇو دوزخ ۾ ويندو. پاڻ فرمايائون تھ انھيءَ ڪر جو ھن پنھنجي ساٿي مؤمن کي مارڻ جو ارادو ڪيو ھو.“ انھيءَ مان ٿابت ٿيو تھ فقط ارادي جي ڪري ھو دوزخي ٿيو باوجود انھيءَ جي جو ھو ظلم سان قتل ٿي ويو. ھاڻي جڏھن صريح نقل يعني چٽي حوالي سان معلوم ٿي ويو تھ پوءِ ھي گمان نٿو ٿي سگھي تھ خدا تعاليٰ نيت تي مواخذه نھ فرمائيندو بلڪھ جيڪو قصد آدمي جي اختيار کان ٿيندو ان تي مواخذه ٿيندو. مگر جيڪڏھن انھيءَ جو ڪفاره نيڪيءَ سان ڪندو تھ مواخذه کان پري ٿي ويندو.

ڄاڻڻ گھرجي تھ پنھنجي عزم، قصد يا ارادي کي ندامت يا پشيمانيءَ سبب فسخ ڪرڻ يا ڇڏي ڏيڻ ھڪ نيڪيءَ جو ڪم آھي انھيءَ ڪري ائين ڪندڙ ھڪ نيڪيءَ جو مستحق ٿو بڻجي مگر ڪن مجبوري وارين رنڊڪن ڪري ترڪ ڪرڻ ۾ ڪا بھ نيڪي ڪانھي. ان لاءِ ظاھر ظھور مواخذه آھي.

خواطر ۽ ميل طبع جيڪي انسان جي وس ۾ ناھن جيڪڏھن انھن تي مواخذه ھجي تھ گويا جيڪا ڳالھھ انسان جي طاقت کان ٻاھر آھي. انھيءَ لاءِ ھن جو حڪم صادر ٿيو ۽ اھو ئي سبب آھي جو جڏھن ھيءَ آيت ”اِن تبدوا ما في انفسڪم او تخفوه يحاسبڪم بِه الله“ (۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪيو توڙي لڪايو تھ بھ الله توھان سان ان جو حساب ڪندو) لٿي تھ ڪي اصحابي رضي الله عنھم آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون تھ اسان تي حڪم الاھي انھيءَ ڳالھھ جو ٿيو آھي جيڪو اسان جي طاقت کان ٻاھر آھي. اسان منجھان ڪن کي دل ۾ اھڙيون ڳالھيون ٿيون گذرن جو اھو ڪنھن کي منظور ڪينھي تھ ڪو اھي دل ۾ رھن. پوءِ انھن تي بھ مواخذه ٿيندو ڇا؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو تھ شايد توھان بھ اھا ڳالھھ ٿا چئو جيڪا يھودين چئي ھئي يعني ”سمعنا عصينا“ (اسان ٻڌو ۽ اسان نافرماني ڪئي. اوھان چئو تھ سمعنا واطعنا. اسان ٻڌو ۽ اسان اطاعت ڪئي). پوءِ سڀني اصحابن اتي چيو سمعنا واطعنا (ھڪ سال کان پوءِ ڌڻي تعاليٰ اھا سختي رفع ڪئي ۽ ھيءَ آيت لاٿي ”لا يڪلف الله نفسا اِلاّ وسعھا“ (الله ڪنھن کي سندس وس کان ٻاھر تڪليف نھ ڏيندو آھي). پوءِ ظاھر ٿيو تھ جيڪا ڳالھھ قلب جي اعمالن جي بندي جي اختيار ۾ ناھي انھيءَ تي مواخذه بھ ناھي.

ھي آھي شافي يعني تسلي ڏيڻ وارو جواب انھيءَ مسئلي جو ۽ جيڪي ماڻھو ھي گمان ٿا رکن تھ جيڪا ڳالھھ بھ دل تي گذري ٿي اھا حديث نفس آھي ۽ انھن قسمن جي ڪا تفريق نٿا ڪن اھي بيشڪ غلطي تي آھن ۽ ڪھڙو سبب آھي جو قلب جي اعمالن تي مواخذه نھ ٿئي حالانڪھ ڪبر (وڏائي)، عجب (ٽانءُ)، رياءُ، منافقي ۽ حسد وغيره سبب قلب جي اعمالن منجھان ئي آھن. حقيقت ۾ ڳالھھ آھي تھ جيڪي اعمال، بندي جي حق ۾ آھن. خواه اک جا ھجن يا ڪن جا يا دل جا سڀ تي جو پڇاڻو ٿيندو. انھيءَ حد تائين جو جيڪڏھن اک بي اختيار ڪنھن غير محرم تي پئجي وڃي تھ ان تي بھ مواخذه ناھي. جيڪڏھن ٻيو دفعو ڄاڻي واڻي ڏسندو تھ ان تي مواخذه ٿيندو ۽ ساڳيو ئي حال آھي قلب جي خواطرن جو. مناسب بھ ائين آھي تھ مواخذه قلب کان ئي ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ انسان جي ساري بناوت ۾ اصلي ۽ بنيادي جزو تھ قلب ئي آھي. حديث شريف ۾ آھي تھ ”تقويٰ ھتي آھي“ يعني دل ڏانھن اشارو آھي ھن حديث جو. الله تعاليٰ بھ قرآن شريف ۾ فرمايو آھي تھ لن ينال الله لحومھا ولادماءُھا ولٰٰکن ينلاه التّقويٰ منڪم (نڪي انھن قربانين جا گوشت ۽ نڪي انھن جا رت الله کي پھچندا آھن پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي) ۽ ھڪ حديث ۾ آھي تھ ”گناھھ، فڪر يا انديشي يا تردد ۾ وجھندڙ آھي دلين کي“ ۽ ھي پڻ ارشاد نبوي ﷺ آھي تھ ”نيڪي اھا آھي جنھن منجھان دل کي اطمينان ٿئي“ اسان تھ بلڪل ھن حد تائين چوندا آھيون تھ جيڪڏھن متقيءَ جي دل ڪنھن شيءِ جي واجب ٿيڻ جي فتويٰ ڏئي ۽ ھو جيڪڏھن فرض محال غلطيءَ تي بھ ھجي تھ تڏھن بھ ھن کي ثواب ملندو. انھيءَ کان سواءِ عام طرح بھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڄاڻي ٿو تھ مان وضوءَ ان آھيان ۽ نماز پڙھي ٿو ۽ نماز کانپوءِ ھي خيال ٿو اچيس تھ مون کي وضو نھ ھو تھ ھن کي پھرين پڙھيل نماز جو ثواب ملندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪنھن کي پنھنجي طھارت جي دل ۾ پڪ آھي ۽ ھو نماز ڇڏي ٿو ڏئي تھ سزا جو مستحق ٿيندو پوءِ توڙي کڻي ياد بھ اچيس تھ واقعي مون کي وضو ڪو نھ ھو (ھن مان ثابت آھي تھ دل جي فتويٰ آخرين آھي چاھي غلط يا برابر). ٻيو مثال آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي بستري تي ڪا عورت ستل ڏٺي ۽ ھن سمجھيو تھ ھيءَ منھنجي نڪاح ٻڌي زال آھي ۽ ھن سان صحبت ڪيائين تھ ھن تي گناھھ نھ ٿيندو پوءِ توڙي اھا عورت نڪاح واري نھ ھجي. ٻي حالت ۾ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي پنھنجي زال ھجي ۽ ھ ان  کي اجنبي عورت سمجھي ٿو صحبت ڪري تھ گنھگار ٿيندو. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ سارو معاملو غلط يا صحيح دل تي ٻڌل آھي ۽ بدن يا عضون جو ھن ۾ ڪو بھ دخل ڪونھي.

 

بيان چوڏھون

ذڪر ڪرڻ وقت وسواس بلڪل

ختم ٿا ٿين يا نھ

واضح ھجي تھ جيڪي علماءَ دلين جي حال جا نگران آھن ۽ انھن جي صفتن ۽ اسرارن کي ڏسندا ٿا رھن انھن جا ھن مسئلي تي جملي پنج فرقا آھن.

ھڪ فرقي جو قول آھي تھ ذڪر الاھي سان وسوسو صفا منقطع ٿي ٿو وڃي ڇاڪاڻ تھ آنحضرت ﷺ فرمايو آھي تھ ”جڏھن خدا جو ذڪر ٿو ڪجي تھ شيطان ھٽي ٿو وڃي يا چپ ڪري ٿو وڃي.“ ھن حديث ۾ خنس جو لفظ ڪم آيل آھي جنھن جي معنيٰ آھي خاموشي يا چپ ٿي وڃڻ.

ٻئي فرقي جو قول آھي تھ وسوسو تھ نٿو وڃي مگر ان جو اثر ويندو ٿو رھي. انھيءَ جو سب ھي ٿا ڏين تھ جڏھن دل ذڪر الاھي سان ڀرجي ٿي وڃي تھ وسوسو تاثير نٿو ڪري سگھي. جھڙيءَ طرح ڪو ماڻھو سوچ ويچار ۽ لڳو پيو ھجي تھ بعض اوقات ڳالھھ نھ سمجھندو يا ٻڌندو آھي جيتوڻيڪ آواز ھن جي ڪن تي ضرور پھچندو رھندو آھي.

ٽئين فرقي جو چوڻ آھي تھ نڪي وسوسو ٿو وڃي نڪي ان جو اثر ٿو وڃي فقط ھن جو غلبو جھڪو ٿي ٿو وڃي. يعني وسواس تھ ٿئي ٿو مگر ضعيف يا اڻ لکو.

چوٿين فرقي جو چوڻ آھي تھ ذڪر ڪرڻ سان ٿوري دير وسوسو معدوم ٿئي ٿو وڃي ۽ جڏھن وري اچي ٿو تھ اوتري ئي دير ذڪر معدوم ٿي ٿو وڃي ۽ انھن جي ھڪٻئي جي پٺيان ۽ جلد جلد اچڻ ڪري ھڪ تار ٻڌجي ٿي وڃي ۽ ذڪر ۽ وسوسوي جي وچ ۾ ھجڻ يا نھ ھجڻ جي خبر ئي ڪا نھ ٿي پوي. انھن جو مثال اھڙيءَ طرح آھي، جھڙيءَ طرح ھڪ گول چڪري تي ڪي نقطا ٿوري ٿوري وٿيءَ تي چٽيل ھجن ۽ انھيءَ چڪري کي ڦيرايو وڃي تھ اھي جدا جدا نقطا ھڪ گول ليڪ جي شڪل ۾ نظر ايندا، ڇاڪاڻ تھ چرپر جي تيزيءَ جي ڪري ھڪٻئي سان اھي بلڪل مليل نظر ايندا. پنھنجي قول جي دليل ۾ چون ٿا تھ حديث شريف ۾ خنس يعني ھٽي وڃڻ مذڪور آھي مگر اسان کي ذڪر سان گڏ وسوسو بھ سجھي ٿو تنھنڪري انھن جو ھڪٻئي جي ملڻ سواءِ انھيءَ مثال جي ٻيءَ طرح ٿي نٿو سگھي.

پنجين فرقي جو چوڻ آھي تھ فڪر ۽ وسوسو دل تي ھميشه ھڪ ٻئي جي پٺيان ھلندا ٿا رھن ۽ منقطع نٿا ٿين جھڙيءَ طرح ڪو آدمي ھڪ ئي ساڳي حالت ۾ پنھنجي اک سان ٻھ شيون ڏسي تھڙي طرح دل بھ شين جي جاءِ ٿي وڃي ٿي. حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ھر ھڪ بندي کي چار اکيون آھن. ٻھ ھن کي مٿي ۾ آھن جن سان ھو پنھنجا دنيا جا ڪم ٿو ڏسي، ٻھ ھن جي قلب ۾ آھن جن سان دين جا ڪم ٿو ڏسي.

محاشبي رحھ جو اھو ئي مذھب آھي ۽ اسان جي نزديڪ اھي سڀ مذھب درست آھن مگر وسوسون جي قسمن جي حد ڪنھن ۾ بھ بيان نھ ڪئي آھي. ھر ڪنھن جيڪو وسوسو ڏٺو اھو بيان ڪيو تنھنڪري اسان ھاڻي وسوسون جا قسم ٿا لکون، وسوسا ٽن قسمن جا آھن.

پھريون تھ حق جي ڳالھھ کي مشتبه ڪرڻ سان شيطان وسوسو ڪري مثلا ھيئن سمجھائي تھ دنيا جي لذت نھ ڇڏڻ گھرجي. زندگيءَ ۾ ايترين خواھشن کي ايترن ڏينھن لاءِ روڪڻ وڏو عذاب آھي. پوءِ ان وقت جيڪڏھن بندو الله تعاليٰ جو حق ۽ قيامت جو وڏو ثواب ۽ عذاب ياد ڪندو ۽ پنھنجي نفس کي سمجھائيندو تھ خواھش کي روڪڻ تھ برابر ڏکيو آھي مگر دوزخ جي ڄر سھڻ بھ وڌيڪ ڏکي ۽ ايذاءُ ڏيندڙ آھي. ٻنھي منجھان ھڪ ئي ڪم حاصل ٿئي ٿو سگھي. جڏھن اھڙيءَ طرح واعدو وعيد ياد ڪري پنھنجي يقين کي نئون ۽ تازو ڪندو تھ شيطان ڀڄي ويندو. ڇاڪاڻ تھ اھا ڳالھھ ھو ھرگز نٿو چئي سگھي تھ دوزخ جي باھھ تي صبر ڪرڻ گناھن کان صبر ڪرڻ کان ھلڪو آھي ۽ نھ وري اھو ئي ٿو چئي سگھي تھ گناھھ جو بدلو دوزخ نھ آھي. پر جيڪڏھن ائين چوي بھ تھ بھ بندو الله تعاليٰ جي ڪتاب تي ايمان رکڻ کان پوءِ ڪيئن ٿو ھن جي اھڙي صلاح ٻڌي سگھي. بھرحال ھن جو وسوسو منقطع ٿي ويندو.

ساڳي طرھ جيڪڏھن عجب (ٽانءِ) جي واسي وسوسو وجھي، مثلا دل ۾ ھي ڳالھھ وجھي تھ اڄ تنھنجي مقابلي جو معرفت ۽ عبادت الاھيءَ ۾ ڪو بھ ڪونھي، تنھنجو رتبو خدا تعاليٰ وٽ تمام وڏو آھي. ھن وقت جيڪڏھن بندو اھا ڳالھھ ياد ڪري تھ منھنجي معرفت ۽ منھنجو اختيار. قلب ۽ عضوا جن سان مان ڄاڻان ٿو ۽ عمل ٿو ڪريان سڀئي الله تعاليٰ پيدا ڪيا آھن پوءِ عجب يا ٽانءِ ڇا تي ڪرڻ گھرجي تھ ان وقت بھ شيطان ٽري ويندو ڇاڪاڻ تھ ائين نٿو چئي سگھي تھ ھي سڀ الله تعاليٰ جي طرف کان ناھي. پر جيڪڏھن بي ايماني ڪري چوي بھ کڻي تھ ايمان وارو ھن جي اھا بڪواس ٻڌي ڇو ٿو. عرض تھ اھڙي قسم جا وسواس تھ بلڪل منقطع ٿئي ٿا وڃن، جيڪي ماڻھو عارف ۽ نور ايماني ۽ نور معرفت سان روشن ضمير آھن انھن وٽ اھڙا وسوسا نٿا رھن.

ٻيو وسوسوي جو قسم اھو آھي جيڪو شھوت کي حرڪت ۾ وجھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ حرڪت يا تھ اھڙي شيءِ جي طرف ھوندي جيڪا بندي کي يقيني طور معلوم ٿي وڃي تھ اھا شيءِ گناھھ آھي يا ان جي گناھھ ھجڻ ۾ رڳو ھن جو غالب گمان ھجي. يقين نھ ھجيس. يقيني ڄاڻڻ جي حالت ۾ شيطان شھوت کي ھيجان يعني جوش ڏيارڻ کان تھ باز ڪو نھ ايندو مگر اھڙو ھيجان يا جوش پيدا ڪري نھ سگھندو جنھن سان گناھھ ڪرڻ جي تحريڪ اچي وڃي. باقي گمان واري ڳالھھ ۾ شيطان گھڻو ڪري پنھنجو اثر ڄمائي ٿو وڃي. ايتري حد تائين جو انھيءَ کي ٽارڻ لاءِ مجاھدي ۽ رياضت جي ضرورت پئجي ٿي وڃي. ھن صورت ۾ بھ وسوسو نھ ھوندو آھي مگر رياضت سان دٻيو پيو ھوندو آھي.

ٽيون وسوسي جو قسم آھي ”خواطر“ ۽ غائب شين کي ياد ڪرڻ، ھن حالت ۾ جڏھن دل ذڪر الاھي ۾ مشغول ٿيندي آھي تھ خواطر اچي ڪڙڪندا آھن ۽ ذڪر ٿورو جھڪو ٿي ويندو آھي وري زور وٺندو آھي ۽ وري جھڪو ٿي ويندو آھي. اھڙي طرح ذڪر ۽ وسوسو ھڪ ٻئي پٺيان اھڙي طرح ايندا آھن جو سمجھھ ۾ ائين پيو ايندو آھي تھ ڄڻ ٻنھي جو ھڪ سلسلو قائم ٿي ويو آھي. انھيءَ حد تاين جو ماڻھو قرآن شريف جي قرات ۽ تلاوت جي معنيٰ بھ ذھن ۾ ايندي آھي ۽ ان سان گڏ خواطر بھ اتي ئي موجود ھوندا آھن. گويا انھن ٻنھي شين کي دل ۾ جدا جدا رھڻ جي جاءِ ملي وئي آھي. ھن قسم جي وسوسي جو بلڪل منقطع ٿي وڃڻ ڏاڍو مشڪل آھي مگر محال يا ناممڪن ناھي. انھيءَ ڪر جو آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ جيڪو شخص بھ رڪعتون نماز اھڙي طرح پڙھي جو انھن ۾ ھن جو نفس ڪائي ڳالھھ دنيا جي نھ ڪري تھ ھن جا سڀ اڳلا گناھھ بخشيا وڃن“. جيڪڏھن اھا ڳالھھ يعني بلڪل منقطع ٿيڻ وسوسن جو محال يا ناممڪن ھجي ھا تھ حضور ﷺ جن اھڙو بيان نھ فرمائين ھا. ھا مگر اھو ٽرڻ انھيءَ دل ۾ ٿئي ٿو سگھي جنھن تي محبت الاھي حاوي ٿي وئي ھجي. ڇاڪاڻ تھ دل تي جنھن ڳالھھ جي مشغولي پوري پوري ھوندي آھي تنھن ڳالھھ کان سواءِ ٻي ڪا بھ ڳالھھ ھن کي نھ سجھندي آھي. جھڙي طرح عاشق جيڪڏھن محبت جي فڪر ۾ مستغرق ھوندو آھي تھ سواءِ محبوب جي ذڪر جي ٻي ڪا بھ ڳالھھ ھن جي دل ۾ نھ گذرندي آھي. يا وري جنھن دشمن جو ڀوت سوار ھوندو آھي، تھ بعض اوقات ٻن رڪعتن وقت جيترو يا ان کان بھ زياده عرصو اھڙو فڪر ۾ ٻڏو پيو ھوندو آھي جو سواءِ انھيءَ دشمن جي ڳالھھ جي ڪجھھ بھ دل تي نھ گذرندو اٿس. انھيءَ حد تائين جو انھيءَ عرصي اندر جيڪڏھن ڪو ھن جي ڀرسان لنگھي وڃي يا ڪجھھ چئي وڃي تھ ھن کي ڪو بھ پتو ڪو نھ پوندو آھي ڄڻ تھ ھن گذرڻ واري ماڻھوءَ تي ھن جي اک ئي ڪا نھ پئي آھي ھاڻي جڏھن ھيءَ ڳالھھ دنيا جي فڪرات ۾ ممڪن آھي تھ ڪنھن کي جيڪڏھن دوزخ جي خوف يا بھشت جي حرص جو استغراق نصيب ھجي تھ ڪھڙي بعيد ڳالھھ آھي. ھا مگر ايمان جي ضعيف ڪري اھڙيون حالتون البتھ ورلي ۽ شاذنادر آھن.

ھاڻي جڏھن وسوسن جي انھن س ني قسمن کي سوچبو تھ معلوم ٿيندو تھ مٿي ذڪر ڪيل مذھبن ۽ طريقن ۾ ھر ھڪ لاءِ ھڪ جدا سبب آھي مگر ھر ھڪ جي جاءِ مخصوص آھي. خلاصو ھي آھي تھ شيطان کان ڇوٽڪارو ھڪ لحضي يا ساعت لاءِ ناممڪن ڪينھي مگر عمر ڀر نجات ملڻ ڏاڍي مشڪل بلڪ محال يعني ناممڪلن آھي. جيڪڏھن ھيءَ ڳالھھ ٿيڻ جوڳي ھجي ھا تھ آنضرت ﷺ کي ڪڏھن بھ ڪنھن قسم جو وسوسو نھ ٿئي ھا حالانڪ وسوسو حضور ﷺ جن کي بھ ٿيو جھڙوڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ پاڻ نماز ۾ پنھنجن ڪپڙن جي نقشن تي نگاه وڌائون ۽سلام ورائي اھو ڪپڙو اڇلائي ڇڏيائين ۽ انھي جي باري ۾ فرمايائون تھ“ مونکي نماز ۾ روڪي ڇڏيائين”- ھڪ دفعي سون جي حرام ٿيڻ کان اڳ ۾ حضورﷺ جن جي ھٿ ۾ ھڪ سون جي منڊي ھئي. خطبو پڙھڻ ۾ جو ان تي نظر پين تھ ڪڍي کڻي اڇلائي ڇڏيائون ۽ فرمايائون تھ”ھڪ دفعو ھن کي ٿو ڏسان ۽ ھڪ دفٿو توھان کي يا ھڪڙي نظر ھن ڏي ٿو ڪريان ۽ ھڪڙي نظر توھان ڏي“ ھن حالت ۾ سون جي منڊي يا ڪپڙي جي نقش ڏي نگاه جي لذت کي حرڪت يا چر پر اھو وسوسي جو ڪم ھو. انھيءَ ڪري حضورﷺ جن ان کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.

ان منجھان معلوم ٿيو تھ وسوسو دنيا جي مال متاع ۽ نقد وغيره جو فقط تڏھن ئي منقطع ٿي ٿو سگھي جڏھن ان کي صفا الڳ ڪيو ويندو جيسين ھڪ روپيھ بھ ملڪيت ۾ ھوندو تھ نماز ۾ شيطان ان جو وسوسو وجھندو. ان کي ڪٿي لڪايو وڃي جو ڪنھن جي نظر نھ پويس ۽ انجي حفاظت ڪئي وڃي، ان کي خرچ ۾ ڪھڙي طرح ھن کي ظاھر ڪري ڪو نالو پيدا ڪجي. اھڙي طرح ھن کي اھڙي قسم جا ڪيئي وسوسا وجھندو آھي. پوءِ جيڪو دنيا ۾ کي ڦاسائي پوءِ گھري تھ مونکي شيطان کان نجات ملي ان جو مثال اھڙو آھي جيڪو ماڻھو ساري بدن کي ماکي ٿڦي پوءِ چوي تھ ھاڻي مون تي اصل مک ڪانھ ويھندي ۽ اھا ڳالھھ سڀڪو ڄاڻي سمجھي ٿو تھ ناممڪن آھي ھن جي بدن تي ھڪ مک تھ ٺھيو پر مکين جو لشڪر اچي ويھندو.

مطلب تھ دنيا وسوسي جو ھڪ وڏو دروازو يا ڦاتڪ آھي ۽ ھن جو ھڪ رستو ناھي بلڪ تمام گھڻا رستا آھن. ھڪڙي سياڻي جو چوڻ آھي تھ شيطان بني آدم ڏي پھريائين گناھن جي پاسي کان ٿو حملو ڪري. جيڪڏھن اڳلو نٿو مڃيس تھ پوءِ وري نصيحت جي رستي ٿو پيش اچيس تھ ڪنھن نھ ڪنھن بدعت ۾ ڦاسايانس، جيڪڏھن اھو بھ ڪو نٿو ٻڏيس تھ پوءِ تنگي ۽ شدت ٿو استعمال ڪري ۽ جيڪا شيءِ حرام ناھي اھا بھ ھن کي حرام ڪري ٿو ڏيکاري. جيڪڏھن انھيءَ ۾ بھ ڪامياب نٿو ٿئي تھ وضو ۽نماز ۾ بھ شعبھ وجھي ٿو ڏي ۽انھن منجھان ڪنھن تي پورو يقين نھ ٿو بيھڻ ڏئي تھ ڪي ٻي درست ٿيا يا نھ. جيڪڏھن ھن منجھان ڪم نھ ٿو  نڪريس تھ نيڪ اعمالن کي ھن لاءِ آسان ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ جڏھن وري ماڻھو ھنکي متقي ۽ پرھيزگار ٿا ڏسن تھ ھن جي طرف راغب ٿا ٿين تھ اتي ھن کي عجب (ٽانءَ) يا غرور ۾ وجھي ھنکي تباه ٿو ڪري ڇڏي يعني ھر وقت ھن کي نقصان پھچائڻ جي انتظار ۾ ٿو رھي، ڇاڪاڻ تھ ھو ڄاڻي ٿو تھ جيڪڏھن ھاڻي انھيءَ حد تي ڦندي ۾ نھ آھيو تھ پوءِ سڌو جنت ۾ ھليو ويندو.

 

بيان پندرھون

قلب جو بدلجڻ

ھن کان اڳ اسان بيان ڪري چڪا آھيون تھ قلب تي اثر ۽ احوال جدا جدا طريقن ۽ رستن کان نظر ايندا ٿا رھن. ھن لحاظ کان قلب گوريا ھڪ گولي مار نشانو آھي جنھن تي چئني طرفن کان تير وسندا ٿا رھن. جڏھن ھڪري شي جو ھن تي اثر پوي ٿو تھ يڪدم بئي طرف کان ان اثر جي خلاف ڪائي شيءِ اچي ٿي ڪڙڪو ڪري ۽ نتيجو اھو ٿو نڪري جو قلب جي پھرين صفت بدلجي ٿي وڃي مثلا جيڪڏھن شيطان ھن کي نفسياتي ھوا يا خواھش جي طرف ڇڪيو تھ فرشتو ھن وٽ اچي ھن کي باز ٿو رکي. جيڪڏھن ھڪڙو شيطان ھڪڙو فرشتو ھڪڙي نيڪي ڏي ٿو اشارو ڏئيس تھ بيو فرشتو وري ٻيءَ نيڪي جي رغبت ڏئيس. اھڙي طرح ڪھن ٻنن فرشتن جي وچ ۾ يا ھڪ شيطان ۽ ھڪ فرشتي جي وچ ۾ قلب ھميشه پيو ٿو ڪشمڪش ۾ رھي. ڪنھن وقت  بھ انھيءَ ردبدل کان فارغ ناھي ۽ انھيءَ ڳالھھ ڏانھن اشارو آھي ھن آيت شريف ۾ تھ ”ونقلبُ افئدتھم و ابصارھم“ (۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسين).

جيئن جو قلب کي خداوند ڪريم ھڪ عيجب شيءِ ڪري بڻايو آھي ۽ ان ۾ ڪئي عجيب عجيب ڳالھيون ڀريون اٿس ۽ انھن عجائباتن جو انھن جو بدلجڻ کان آنحضرت  گھڻو ڪري قسم کڻندا ھئا تھ ”لا و مقلبِ القلوب“ يعني (نھ، قسم آھي دلين جي ڦيرائيندڙ جو) ۽ اڪثر ھيئن دعا گھرندا ھوا تھ ”يا مقلبَ القلوبِ ثبِت قلبي عليٰ دينڪ“ (يعني اي بدلائڻ وارا دلين جا منھنجي دل کي تون پنھنجي دين تي ثابت يا پختو رک) ماڻھن عرض ڪيو تھ يا رسول الله ڇا اوھان کي بھ پنھنجي قلب جو خوف آھي. پاڻ فرمايائون تھ ”ڪھڙي شيءِ مون کي بي خوف ٿي ڪري سگھي جو انسان جو قلب ”الرحمان“ جي آڱرين منجھان ٻن آڱرين جي وچ ۾ آھي ۽ ھو ھن کي جھڙيءَ طرح چاھي ٿو تھڙيءَ طرح ڦيرائي ٿو.“ ٻي روايت ۾ آھي تھ ”جيڪڏھن الله تعاليٰ چاھي تھ ھن کي سڌو رکي ۽ جي چاھي تھ ھن کي ڏنگو ڪري.“

ياد رکڻ گھرجي تھ حضور ﷺ جن قلب جا ٽي قسم فرمايا آھن. ھڪڙو فرمان آھي تھ ”مثال قلب جو جھرڪيءَ جھڙو آھي جو ھر گھڙي جھرڪيءَ وانگر بدلبو ٿو رھي.“ بيو فرمايائون تھ ”دل جو مثال بدلجڻ يا مڙڻ جي لحاظ کان ديڳ جھڙو آھي جنھن وقت ان کي خوب جوش ھوندو آھي (يعني جنھن وقت ديڳ اٻرندي آھي ۽ پاڻي ھيٺ مٿي ۽ ھيڏي ھوڏي پيو ڦرندو آھي).“ تيون فرمايائون تھ ”قلب جو مثال ھڪ کنڀ وانگر آھي جيڪو بيابان ۾ ھجي ۽ ھوائون ان کي ان جي چوٽيءَ تي ڦيرائينديون رھن.“ ھي دلين جو بدلجڻ ۽ الله تعاليٰ جون عجيب صفتون جيڪي دل جي باري ۾ آھن اھي سڀ اھڙيون ڳالھيون آھن جو سواءِ انھن ماڻھن جي جيڪي پنھنجي حال جا نگران ٿا ٿين ۽ مراقبي ۾ لڳا ٿا رھن ٻئي ڪنھن کي بھ معلوم نھ ٿيون ٿين ۽ قلب خير ۽ شر تي ثابت رھڻ يا انھن جي وچ ۾ مذبذب رھڻ جي لھاظ کان ٽن قسمن ۾ ورھايل آھن.

ھڪرو قلب تھ اھو آھي جيڪو تقويٰ سان پر ھجي ۽ رياضت جي ذريعي ھن جو تزڪيھ ٿيو ھجي ۽ خبيث عادتن کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويو ھجي. اھڙي قلب ۾ خزانھ غيب ۽ ملڪوت جي طرف کان فقط خير جا خواطر ٿا وارد ٿين ۽ عقل رڳو انھن خواطر جي تفڪرن ۾ مصروف يا رڌل ھوندو آھي انھيءَ لاءِ تھ ھو انھن خواطرن جي نيڪين جي دقائق ۽ فائدن جي رازن کان ھر وقت مطلع رھي. پوءِ جڏھن بصيرت جي نور سان عقل کي ھر شيءِ جي ھقيقت معلوم ٿي ويندي آھي تھ عقل ٻڌائي ڏيندو آھي تھ ھن ڪم جو ڪرڻ ضروري آھي ۽ قلب کي انھيءَ ڪم جي ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو آھي. فرشتي جي نظر جو ھن قلب تي پوندي آھي تھ ڏسندو آھي تھ ھن جو جوھر صاف آھي ۽ ڏاھپ ۽ حڪمت جي نور سان سارو چمڪي رھيو آھي. تقويٰ سان آباد ۽ ڀرپور آھي ۽ شمع معرفت سان ”نور عليٰ نور“ آھي. ھيءَ جاءِ اسان جي رھڻ جي لائق آھي ۽ ھن جاءِ کي اسان جي رھڻ جي صلاھيت حاصل آھي. انھيءَ وقت فرشتو اھڙن لشڪرن سان ٿو ھن جي مدد ڪري جيڪي نظر ۽ سمجھھ ۾ ئي نھ ٿا اچن ۽ گھڻن نيڪ ڪمن ڏانھن ھادي ٿو ٿئي. پھريائين ھڪڙي نيڪي پوءِ ٻي نيڪي ۽ اھڙي طرح ٽين چوٿين نيڪيءَ جون ڳالھيون سڀ ھن لاءِ آسان ۽ سوليون ڪري ٿو ڇڏي. جھڙوڪ الله ٿو فرمائي ”فاما من اعطيٰ واستقيٰ وصدق باِلحسنيٰ فسنيسره لليسريٰ“ (پوءِ جنھن الله لاءِ ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي ۽ نيڪي يا چڱائيءَ کي سچ ڄاتائين تنھن کي نجات جو آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين).

اھڙي قسم جي دل ۾ ربوبيت جي آفاق منجھان اھو معرفت جو سج طلوع ٿو ڪري، جنھن جي روشنيءَ جي ڪرڻن ۽ شعائن کان ھن جي اڳيان شرڪ خفي بھ لڪل رھي نٿو سگھي. حالانڪھ اھو خفي يا پوشيده يا لڪل شرڪ انڌيريءَ رات ۾ ڪاري ڪول جي چال کان بھ وڌيڪ مخفي ۽ لڪل ھوندو آھي. اھڙي طرح ٻيون مخفي ڳالھيون بھ ھن جي اڳيان پوشيده نھ ٿيون رھن ۽ نھ مڪر شيطاني ڪارگر ٿئي ٿو سگھي بلڪھ شيطان کڙو ٿي ڏاڍيون خوشامد واريون ۽ دلفريب ڳالھيون دوکي ڏيڻ لاءِ شروع ڪري ٿو ڏئي. مگر دل ھن ڏانھن متوجھھ اصل ڪا نھ ٿي ٿئي. اھڙي قسم جي دل جڏھن مھلڪات کان پاڪ صاف ۽ منجيات سان ڀرپور ۽ آباد ٿي وڃي ٿي يعني شڪر، صبر، خوف، اميد، فقر، زھد، محبت، رضا، شوق، توڪل، تفڪر ۽ محاسبھ وغيره (جن جو اڳتي بيان ٿيندو) انھن جو گھر بڻجي ٿو وڃي. اھا ئي دل آھي جنھن ڏي فيض جي چشمي يعني خداوند ڪريم جو خاص توجھھ ٿو ٿئي ۽ مطمئن قلب انھيءَ دل جو نال آھي جنھن جي طرف ھنن ٻن آيتن ۾ ارشاد آھي ”الا بِذڪر الله تطمئن القلوبُ“ (خبردار! الله جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آھن) ۽ ”ياَٰيتھا النفس المطمئنته ارجِعي اِنيٰ ربِڪ“ (مؤمنن کي چئبو – اي آرام وٺڻ وارا جيءَ! تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي ھل).

ٻيو قلب پھرئين قلب جي بلڪل برعڪس (ابتڙ) آھي يعني ٻيو قسم طلب جو نفساني ھوائن يا خواھشن سان آباد ۽ ڀرپور ٿو رھي. خراب عادتن ۾ آلوده ٿو رھي. دروازا شيطان جا ھن جي طرف کليل ٿا رھن ۽ فرشتن جا دروازا بند ٿا رھن. اھڙي دل ۾ آغاز شر جو ھن طرح ٿيندو آھي. پھريائين ھڪ خطرو نفساني خواھشن جو ھن ۾ ايندو آھي ۽ اتي پيو کٽڪندو آھي. انھيءَ خواھش جي اصرار تي دل اھو ڪيس عقل ڏي رجوع ڪندي آھي ۽ ھن کان پڇندي آھي تھ ھن ۾ ڪھڙي مصلحت آھي. عقل ويچارو جيڪو اڳيئي ھن بندي جي حالت ۾ نفساني خواھشن جي خدمت گذاريءَ جو عادي ھوندو آھي ۽ ھميشه ھن جي لاءِ حيلا وسيلا ڳوليندو وتندو آھي ۽ ھن جي مرضي مطابق ڪم ڪندو آھي. اھو ھن معاملي ۾ بھ نفس جي مدد ٿو ڪري ۽ ھن جي فائدي ۾ جواب ٿو ڏئي. انھي عقل جي فتويٰ کان پوءِ نفساني خواھشن جا دروازا کلي ٿا وڃن ۽ انھن جو انڌيرو دل ۾ پکڙجڻ ٿو لڳي ۽ عقل جو لشڪر مظوب ٿيندو ٿو وڃي. شيطان کي بھ وارو لڳي ٿو وڃي ۽ خوب اچي ٿو ھٿ پير ھڻي. ظاھري زينت، فريب، ڊگھي اميد ۽ اھڙي قسم جي نمڪين ڳالھين جي ترغيب انھيءَ حد تائين ٿو ڪري جو ايمان جو بادشاھھ بلڪل ڪمزور ٿو ٿئي پوي ۽ يقين جو نور صفا گل ٿي ٿو وڃي يعني وعدي وعيد ۽ آخرت جي خوف ۾ يقين نٿو رھي. ڇاڪاڻ تھ نفساني خواھش منجھان ھڪڙو اھڙو دونھون ٿو نڪري جو قلب جي چئني طرفن ۾ پکڙجي ان جي نور کي وسائي ٿو ڇڏي. عقل جو حال ھن وقت اھڙو ٿو ٿئي جھڙو ڪنھن اک ۾ ڪڙو دونھون ڀريل ھجي ۽ ھوءَ ڏسي نھ سگھي. ھن جھڙو ئي حال قلب تي طاري ٿيندو آھي. جڏھن ھن تي شھوت جو غلبو ٿيندو آھي ۽ تامل (سمجھھ) ۽ استبصار (بصيرت) جو ذرو بھ نھ رھندو آھي. ھن حالت ۾ جيڪڏھن ڪو حق جي ڳالھھ وعظ رستي کڻي سمجھائي تھ بھ اھا سمجھھ ۾ نٿي ويھي ۽ ماڻھو انھيءَ کي ڪن ئي ڪو نھ ڏيندو آھي. جڏھن دل جو اھو حال ٿيندو آھي تھ شيطان جدا حملو ڪندو آھي تھ شھوت جدا جوش ڏياريندي آھي ۽ سڀ عضوا پنھنجي ليکي نفساني خواھشن مطابق چرپر ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن ۽ معصيت (گناھھ ڪرڻ) تقدير الاھي جي طرف کان پيئي ظاھر ٿيندي آھي. (پر ائين ھرگز ناھي) اھڙي ئي دل جي طرف اشارو آھي ھن آيت شريف جو تھ ”ارايت من اتخذ اِلٰھته ھواھءُ افانت تڪون عليه وڪيلا ھ ام تحسبُ ان اڪثرھم يسمعون او يعقلون اِن ھم اِلاّ ڪالانعام بَل ھم اضل سبِيلا“. (اي پيغمبر ﷺ! تو ان کي ڏٺو جنھن پنھنجي سڏ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو ۽ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا – ڀانيو اٿئي تھ منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا. ھي رڳو ڍورن وانگر آھن. بلڪھ اھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن) ۽ ھن آيت ۾ تھ ”لقد حق القول عليٰ اڪثرھم فھم لا يؤمنون“ ھ (بيشڪ انھن منجھان گھڻن تي عذاب جو قول لازم ٿيو آھي تنھنڪري اھي ايمان نھ آڻيندا).

ڄاڻڻ گھرجي تھ ڪن دلين جو حال تھ سڀني شھوتن ۾ اھڙو ٿيندو آھي ۽ ڪن جو وري ڪن خاص شھوتن ۾ - مثلا ڪي ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جو ٻين سڀني گناھن کان پرھيز ڪندا آھن. مگر خوبصورت عورت ڏسندا آھن تھ انھيءَ کان پاڻ پلي نھ سگھندا آھن. عقل موڪلائي ويندو آھي ۽ دل کي ضبط ڪري نھ سگھندا آھن. ڪن جو وري اھو حال آھي جو حڪومت يا شان شوڪت يا فخر ۽ وڏائيءَ جي اسبابن تي نظر پوندي اٿن تھ ديوانا ٿي ويندا آھن. ڪي وري جيڪڏھن ڪا ٿوري ئي ڳالھھ پنھنجي عيب يا حقارت جي ٻڌندا آھن تھ ڪاوڙجي ڳاڙھا لعل ٿي ويندا آھن. ڪي وري دولت جي ھق ۾ پيسن وٺڻ وقت اھڙا ٿي ويندا آھن جو مروت ۽ تقويٰ جو ڪو بھ خيال نھ رکندا آھن. اھي سڀ ڳالھيون اھڙيون آھن جن ۾ نفساني خواھشن جو ڪارو دونھون قلب کي وڪوڙي ويندو آھي ۽ ان ۾ نور بصيرت ڪاراٽجي ويندو آھي. انھيءَ ڪري ھياِ ۽ ايمان کي بالائي طاق رکي ماڻھو ش:ظآڻ: ۾ڙڊ ھاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ٿا وڃن.

ٽيون قلب اھو آھي جنھن ۾ خير ۽ شر جي وچ ۾ ھڪ دائمي رساڪشي جاري رھي ٿي. ڪنھن وقت نفساني خواھشن جي ”خاطر“ ظاھر ٿئي ٿي ۽ ھن کي شر جي طرف ڇڪي ٿي. انھيءَ وقت ايمان جي ”خاطر“ اچي ٿي وڃي ۽ ھن کي خير جي طرف سڏي ٿي وٺي. نفس ھميشه شھوت پرست ”خاطر“ جي طرفداريءَ لاءِ تيار ھوندو آھي. تنھن ڪري شھوت کي ڪجھھ غلبو ھوندو آھي. مزي ۽ لذت واريون شيون انسان کي چڱيون ٿيون لڳن. اتي عقل اچي خير جي ”خاطر“ جي طرفداري ۽ پاسخاطري شروع ڪندو آھي ۽ شھوت جي برائي بيان ڪندو آھي ۽ چوندو آھي تھ ھي ڪم ناداني جو آھي. ھي ڍورن ۽ ڪتن بگھرن جو ڪم آھي جن کي ڪنھن بھ ڪم جي نتيجي جي ڪا پرواھھ ڪا نھ ھوندي آھي ۽ زوريءَ بڇڙائيءَ ۾ ڪاھي پوندا آھن. اھا نصيحت ٻڌي نفس ڪجھھ خير جي طرف رغبت ڪندو آھي. انھيءَ وقت شيطان اچي در تي عقل تي حملو ڪندو آھي ۽ نفساني خواھشن کي ڀرتي پھچائيندو آھي. ھو چوندو آھي تھ ھي خشڪ زھد ڪھڙي قسم جو آھي، تون پنھنجي خواھش ۾ ڇو ٿو گھٻرائين دنيا ۾ ٻيو بھ ڪو آھي جو پنھنجو مطلب ڇڏي ٿو ڏي. ڇا دنيا جون لذتون رڳو ٻين جي حصي ۾ آھن ۽ تنھنجي نصيب ۾ رڳو بدبختي، رنج، مصيبت ۽ نراسائي کانسواءِ ڪجھھ بنھ ناھي. متان ماڻھو توتي کلون ڪن. ڏس فلاڻي ماڻھوءَ ھيئن ڪيو ۽ ھاڻي ھو ڪھڙو نھ فرحت ۽ آسائش ۾ ٿو گذاري. تون انھيءَ کان بھ وڌيڪ درجو ۽ رتبو ڇو نھ ٿو حاصل ڪرين. فلاڻو شخص عالم بھ تھ اھي ساڳيا ڪم ٿو ڪري ۽ ڪائي بھ پرھيز ڪا نھ ٿو ڪري. جيڪڏھن انھيءَ جي منع ھجي ھا تھ ھو اھا ڳالھھ ڪيئن ڪري ھا. اھو بحث مباحثو ٻڌي نفس شيطان گيري جي طرف لاڙو ٿو کائي انھيءَ وقت فرشتو نفس جي مٿان چڙھي ٿو اچي ۽ سمجھائيس ٿو تھ بابا! جيڪو شخص لذت جي اتباع يا فرمانبرداري ٿو ڪري ۽ انجام ۽ نتيجي ڏي ڌيان نٿو ڌري اھو جلد تباھھ ٿي ٿو وڃي. ڇا ھن چند روز جي عيش تي راضي ٿي ھشت جي ھميشه ھميشه واري لذت کي ڇڏي ٿو ڏين. شھوت کان پاڻ پلڻ جي مصيبت نٿو برداشت ڪري سگھين باقي دوزخ جي عذاب کي شايد ھلڪو ڪري ٿو سمجھين. ٻين ماڻھن جي شھوتن ۾ بھري وٺڻ ۽ شيطان جي اطاعت ڪرڻ کي ڏسي تون بھ پنھنجي نفس کان غافل ٿيندو ٿو وڃين. ھي وڏو دوکو آھي. ٻين جو گناھھ ڪرڻ تنھنجي گناھھ کي ھلڪو ڪو نھ ڪندو. جيڪڏھن فرض ڪيو تھ چيٽ ۽ سانوڻ جي ڏينھن ۾ ٻيا ماڻھو پيا اس ۾ سڙن ۽ توکي ڪائي ٿڌڪار واري جاءِ ھٿ اچي تھ تون ٻين ماڻھن سان وڃي اس ۾ شريڪ ٿيندين يا پنھنجو اس کان بچڻ غنيمت سمجھندين. جڏھن اس ۾ ٻين سان بيھڻ ۾ توکي ڀؤ ٿو ٿئي تھ دوزخ ۾ ٻين سان گڏجي وڃڻ جو خوف توکي ڇو نھ ٿو ٿئي. ھن نصيحت تي نفس فرشتي جي طرف ڪجھھ مائل ٿو ٿئي. ۽ اھڙي قسم جي ٻنھي ڌرين جي رساڪشيءَ ۾ ٿو رھي. جيڪڏھن دل تي شيطاني صفتون ٿيون غالب ٿينس تھ انھيءَ طرف ٿو وڃي ۽ شيطان جو مددگار ۽ ڀرجھلو ٿي رحماني گروھ کان صفا منھن  موڙي ٿو وڇي ۽ ھن جي عضون کان ازلي تقدير ھيٺ اھي ڪم جاري ٿيندا جيڪي الله تعاليٰ کان پري رکڻ جا سبب ٿيندا. ٻئي طرف وري جيڪڏھن ھن تي فرشتن وارين صفتن جو غلبو ٿيندو تھ شيطان جي ڀلائڻ يا بد راھ ڪرڻ ۽ ھن جي ترغيب کي ھيچ سمجھندو. فاني دنيا کي ھرگز ترجيح نھ ڏيندو ۽ آخرت جي ڪم ۾ سستي جي طرف بلڪل مائل نھ ٿيندو. بلڪھ رحماني گروھ جي اطاعت قبول ڪندو ۽ عضون کان اھي ئي ڪم صادر ٿيندس جيڪي رضا الاھي جا سبب بڻبا ۽ ھي بھ ھڪ تقدير جو مقابلو آھي ڇاڪاڻ تھ ”مؤمن جو قلب رحمان جي آڱرين جي وچ ۾ آھي“ يعني انھن ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ ھر وقت ڪشمڪش جاري آھي ۽ ھيڏي ھوڏي پيو ٿو ڦري. ھڪ گروھھ ڏي ڄمي بيھڻ تمام ٿورو ٿو رھيس. ياد رکڻ گھرجي تھ فرمانبرداري يا نافرماني جيڪا بھ غيب جي خزاني منجھان عالم ظھور ۾ اچي ٿي اھا قلب جي رستي ٿي اچي. ڇاڪاڻ تھ قلب ملڪوت جي خزانن منجھان آھي ۽ انھن جي ظھور منجھان ئي ارباب قلب قضاءِ الاھي سمجھي يا سڃاڻي ويندا آھن. يعني جيڪ جنت لاءِ پيدا ٿيو آھي انھيءَ لاءِ فرمانبرداريءَ وارا اسباب آسان ۽ سولا ڪيا ويندا آھن ۽ جيڪو دوزخ لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي ان لاءِ نافرماني جون سڀ ضروري شيون مھيا ٿي ٿيون وڃن. اھڙي ماڻھوءَ کي صحبت بھ اھڙي ٿي ملي وڃي. شيطان جو حڪم دل ۾ کپي ٿو وڃيس. ڇاڪاڻ تھ ھو ويھن حڪمتن سان بيوقوفن کي فريب ٿو چوي ڏئي ۽ چوي ٿو تھ تنھنجو رب غفور ۽ رحيم آھي. تون پيالا پيندو رھ، لائي پرواھ نھ ڪر سڀ ماڻھو بھ خدا کان ڪونھ ٿا ڊڄن، انھن جي خلاف نھ ٿيڻ گھرجي. اڃا ڪافي زندگي پيئي آھي، سڀاڻي توبھ کڻي ڪجاءِ.                                                          يعدھم و يمنيھم وما يعدھم الشيطان اِلاّ غرورا – (شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سڌن ۾ وجھندو آھي ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ ٻيو انجام نھ ڏيندو اٿن) يعني توبھ جو وعدو ڏئي ٿو ۽ مغفرت يا بخشش جي تمنا دل ۾ وجھي ٿو. انھيءَ لاءِ تھ اھڙي قسم جي ھيلن ۽ بھانن سان ماڻھوءَ کي تباھھ ڪري. ماڻھو ويچارو دوکي ۾اچي ھن جي ڳالھھ مڃي ٿو ۽ الله تعاليٰ جو حڪم بھ اڳيئي اھڙي قسم جو صادر ٿو ٿئي فمن يرد الله ان يھديه يشرح صدره للاِشلام ومن يرد ان يضله يجمل صدره ضيقا حرجا ڪالما يصمد في السمآءِ - (پوءِ الله جنھن کي گھرندو آھي تھ ھدايت ڪري، تنھنجو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي ۽ جنھن کي ڀلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت ۽ سوڙھو ڪندو جو ڄڻ آسمان تي چڙھي ٿو) اِن ينصرڪم الله فلا غالبَ لڪم و اِن يخدذلڪم فمن ذالذي ينصرکم من بَعده - (جيڪڏھن الله توھان کي مدد ڏيندو تھ اوھان تي ڪو غالب نھ ٿيڻو آھي ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نھ ڏيندو تھ ان کانپوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو).

ھن منجھان معلوم ٿيو تھ ھدايت ۽ لالت (گمراھي) انھي مالڪ سائينءَ جي ھٿ ۾ آھي ”يفعل مايشاءُ ويحڪم ما يريد“ (ڪري ٿو جيڪي ھو چاھي ٿو ۽ حڪم ٿو ڪري جيڪي وڻيس ٿو). نھ ھن جي حڪم کي ڪوئي ٽاري ٿو سگھي ۽ نھ ھن جي قضا ۾ ڪوئي دير وجھي ٿو سگھي. انھيءَ مالڪ حقيقي بھشت بنايو ۽ انھيءَ لاءِ ڪي ماڻھو پيدا ڪيا ۽ انھن کي اھڙن ئي ڪمن ۾ لڳايو. ساڳيءَ طرح دوزخ پيدا ڪيو ان جي لاءِ ڪي ماڻھو بڻايا ۽ انھن کي اھڙن ئي ڪمن ۾ لڳايو. مگر ماڻھن کي نشان ٻنھي قسمن جو ٻڌائي ڇڏيو. فرمايائن تھ ”اِن الا برار لفي لعيم ھ واِن الفجار لفي جحِيم ھ“ (بيشڪ ڀلارا بھشت جي نعمتن ۾ ھوندا ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا). پنھنجي رسول ڪريم ﷺ جي زبان منجھان بھ اھو فرمان جاري ڪرايائين تھ ”ھي ماڻھو جنت ۾ آھن ۽ مون کي ڪا پرواھھ ڪانھي ۽ ھي ماڻھو دوزخ ۾ آھن ۽ مون کي ڪائي پرواھھ ڪانھي.“

مطلب تھ ھي مقابلو تمام وڏو آھي ”لا يسئل عما يفعل وھم يسئلون“ (الله تعاليٰ جيڪي ڪرڻ فرمائي ٿو تنھن بابت ھن کان ڪو بھ سوال ڪو نھ ڪندو باقي ٻين کان سوال ڪيا ويندا).

ھاڻي اسان عجائبات قلبي جي ھن ٿوري مقدار تي ڪفايت ٿا ڪريون. ھن جو سمورو مڪمل بيان علم معاملات جي لاءِ گھربل ناھي، فقط ايتري قدر بيان ڪيو اٿئون جنھن جي علم معاملات جي باريڪ ڳالھين ۽ اسرارن معلوم ڪرڻ ۾ ضرورت پوندي آھي ڇاڪاڻ تھ ڪن ماڻھن کي ظاھري بيان منجھان ڍؤ نھ ٿيندو آھي اھي ڪجھھ باريڪيون بھ معلوم ڪرڻ جا مشتاق ھوندا آھن. بس ايتري بيان منجھان انھن کي انشاءَ الله تعاليٰ اطمينان ۽ فائدو پھچي ويندو. الله تعاليٰ جي توفيق سان قلب جون عجيب ڳالھيون پوريون ٿيون. ھاڻي رياضت نفس ۽ تھذيب اخلاق جو ذڪر ايندو. والسلام عليٰ من اتبَع الھديٰ والحمد لله اولا واخرا“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org