سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :10

ھن قسم جي سطح ٺاھڻ لاءِ انھن سڀني ڳالھين جو خيال ڪيو ويندو آھي جيڪي موزائيڪ فلورنگ ۾ ڄاڻايون ويون آھن. اجڪلھھ جي رواج مطابق غسلخانن ۽ بورچيخانن کي ڇڏي ٻين سڀني ڪمرن وغيره ۾ موزائيڪ فلورنگ سان گڏ ان جھڙو ئي ڊئڊو ٣ انچن کان ٤ انچن تائين چئني ڀتين تي چاڙھيو ويندو آھي. انھيءَ طرح سان ڪمرا وغيرھ سھڻا بھ لڳندا آھن ۽ فرش ڌوئڻ وقت انھن ڪمرن جون ڀتيون پڻ خراب نھ ٿينديون آھن. جڏھن تھ بورچيخانن ۽ غسلخانن ۾ انھيءَ جي اوچائي اٽڪل ٦ فوٽن تائين رکي ويندي آھي. پلستر ڪيل ڀتين جا اھي حصا جن تي ھيءُ ڊئڊو چاڙھيو ويندو آھي اھي کھرا ڇڏيا ويندا آھن ۽ ڄاڻايل عمق مطابق انھن جي مٿان گھربل ڊئڊو ڪرڻ لاءِ سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو تھھ چاڙھي انھيءَ جي سيٽ ٿيڻ کان اڳ موزائيڪ جي داڻي ۽ سيمينٽ جو تھھ چاڙھيو ويندو آھي. داڻو (Chips) اڪثر ڪري 1 ½ نمبر جو استعمال ڪيو ويندو آھي. ٿورو ماربل پائوڊر ملائڻ سان انھيءَ کي گسائڻ ۾ آساني رھندي آھي انھيءَ ڪري فرش توڙي اسڪرٽنگ جي ڪم ۾ سيمينٽ ھڪ حصو، ماربل پائوڊر ½ حصو ۽ داڻو ٢ حصا ملائي مناسب قسم جي آميزش حاصل ڪري سگھجي ٿي. اسڪرٽنگ ۽ ڊئڊو سڌا، ليول ۽ ساھل ۾ ھئڻ گھرجن ۽ فرش سان چڱيءَ طرح مليل (Flush)  ھئڻ گھرجن.

        اھا ڳالھھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ فرش جو ڊئڊو ۽ ڀتين جي اسڪرٽنگ ۾ ڪٽائيءَ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٧٠ سيڪڙو داڻا ھڪ ڪرا ڦھليل ۽ ظاھر ھئن گھرجن.

7-2 :8 ٽيرازو ٽائيلن جا فرش ۽ ڊئڊو

: (Terrazzo Tile Floors and Dado)

        اعشاري نظام جي رائج ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ چؤنڪا 300 mm x 300 mm x 25 mm، (Tiles)  (يعني ڊيگھھ ۽ ويڪر ھر ھڪ 300 mm ۽ ٿولھھ 25 mm) ۾ ٺھڻ لڳا آھن. ھن قسم جي ٽائيلن کي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي بنياد تيار ڪرڻ کان پوءِ صاف سٿرو سيمينٽ لڳائي انھيءَ مٿان وڇايو ويندو آھي. ٽائيلن جي جوڙن ۾ گھربل رنگ جي سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ جي پٽڙيءَ پيسٽ جھڙو مسالو (Slurry)  ڀريو ويندو آھي.

        ھنن چؤنڪن کي استعمال ڪرڻ کان پھرين گھٽ ۾ گھٽ ٣٦ ڪلاڪن تائين پاڻيءَ اندر ٻوڙي رکڻ گھرجي.

        ھن قسم جي ٽائيلن جو مٿيون داڻي وارو تھھ ½ جي ٿولھھ کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي ۽ گھربل رنگ جو مقدار انھيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سيمينٽ، جيڪو گھڻو ڪري سيمينٽ ۽ داڻي جي حساب ۾ 1:2 جي تناسب سان استعمال ڪيو ويندو آھي، انھيءَ جي ڏھھ سيڪڙو کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھگرجي. اھي چؤنڪا (Tiles) گھٽ ۾ گھٽ ھر پائونڊ تي ٢٠٠٠ مربع انچ (2000 psi) واري سگھھ جو دٻاءُ سھڻ وارا ۽ ڪارخاني ۾ تيار ڪيل ھئڻ گھرجن.

        اھي چؤنڪا 1 ½ انچ ٿولھھ جي 1:2:4 واري تناسب سان ٺھيل سيمينٽ ڪانڪريٽ مٿان 1:3 جي تناسب وارو سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو سراسري طور اڌ انچ ٿولھھ جو تھھ چاڙھي انھيءَ جي مٿان لڳايا وڃن.

        چؤنڪا لڳائي بس ڪرڻ کان پوءِ انھن جي جوڙن ۾ (جي 1 1/16 انچن جي ٿولھھ کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجن) گھربل رنگ جي سيمينٽ جو مسالو ڀريو وڃي ۽ انھيءَ لڳايل مٿاڇري کي ڇيڙڻ کان سواءِ اٽڪل ٻن ھفتن تائين پاڻيءَ سان تر رکيو وڃي. مٿاڇري جي سڪي وڃڻ کان پوءِ مٿي ڄاڻايل موزائيڪ فلورنگ وانگر انھيءَ کي چڱيءَ طرح چمڪائي پوءِ استعمال ڪيو وڃي.

7-2 :9 پٿر جا فرش

: (Stone or Flagged Flooring)

        ھن ۾ استعمال ٿيندڙ فرش جو بنيادي تھھ اڳ ۾ ڄاڻايل خاصيتن وارو ھئڻ گھرجي ۽ فرش اندر استعمال ٿيندڙ پٿر ھڪ ئي سائيز جا ڀلي نھ ھئڻ گھرجن، ليڪن انھن جي گھٽ ۾ گھٽ ٿولھھ ڏيڍ انچ، ويڪر ١٤ انچ ۽ ڊيگھھ اڍائي فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

        انھن پٿرن جو مٿاڇرو تمام سھڻي انداز ۾ گھڙيل، گول ٽڪرن ۽ ورن وڪڙن کان پاڪ ھئڻ گھرجي. انھن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ تائين پاڻيءَ جي حوض اندر ڀڄائي رکڻ گھرجي.

        انھن جي ھيٺان وڇايل بنياد (Base) بالڪل ھڪ ئي ليول ۾ ھئڻ گھرجي. انھن کي ھڪ ئي انداز جي ويڪر ۽ اھم لنگھھ (Main entrance) جي ديوار جي پور وڇوٽ ھئڻ گھرجن. انھن جي ھڪ قطار جا جوڙ ٻيءَ گڏو گڏ قطار جي مفاصلي کان گھٽ ۾ گھٽ ٨ انچن کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجن، جيئن ھڪ قطار جا جوڙ ٻيءَ قطار کان ٽٽل رھن.

        انھن جو بنياد سرن جي فرفش جي بنياد وانگر ھئڻ گھرجي ۽ انھن جا جوڙ عام طرح سان 1/8 انچن جي ٿولھھ جا ۽ 1:2 جي تناسب جي سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي گاري جا ھئڻ گھرجن. پٿر ھميشھ پختي تھھ، جيڪو مترڪي (Mallet)  جي ڌڪن ھئڻ سان جانچي سگھجي ٿو، مٿان لڳائڻ گھرجن ۽ ھيٺئين بنياد جي نرم حصن (Soft patches) کي ٻاھر ڪڍي ٻيھر مضبوط ٺاھڻ گھرجي. پٿر جي چؤنڪن (Slabs) جي ڪنارن کان گاري (Mortar) کي پکڙجڻ نھ ڏنو وڃي ۽ ٽيپ نھ ڪرڻ جي صورت ۾ جوڙن ۾ آيل مال کي ڪرنيءَ (Trowel) رستي فلش (Flush)  ڪيو وڃي.

        جيڪڏھن ٽيپ (Pointing) ڪرڻ مقصود ھجي تھ جوڙن کي ڪاٺ يا لوھھ جي ھڪ جھڙي ٿولھھ وارين پٽين رستي ¼ انچن کان گھٽ ويڪرو نھ رکيو وڃي.

        جڏھن ھر ھڪ پٿر جي چؤنڪن جي قطار لڳي وڃي تھ ڪاٺ يا لوھھ جي پٽين کي ڪڍي، جلد ئي جوڙن کي 1:1 جي تناسب واري سيمينٽ ۽ واريءَ جي گاري سان ڀريو وڃي ۽ انھيءَ کي پٿرن جي مٿاڇري کان 1/16 انچ ھيٺ ڪرنيءَ سان ٽڪي ٽيپ ڪئي وڃي.

        ڪم ھلندي ھنن فرشن جي ترائي جاري رکي وڃي ۽ ڪم پوري ٿيڻ کان پوءِ بھ ١٤ ڏينھن تائين ترائي ضرور ڪجي ۽ تيار ٿيل ففرش مٿان ڪنھن بھ قسم جا نشان ۽ گاري جا داغ ٿيڻ نھ ڏجن ۽ اھڙي قسم جا داغدار فرش ڪڏھن بھ قبول نھ ڪيا وڃن.

        فرش جي ڪنھن بھ حصي مٿان ٽن ڏينھن تائين ڪنھن کي بھ ھلڻ نھ ڏنو وڃي ۽ انھن مٿان ٧ ڏينھن تائين ڪنھن بھ وزنيءَ شيءِ کي آڻڻ نھ گھرجي.

7-2 :10 چينيءَ جي چؤنڪن جا فرش

: (Glazzed Tile Flooring)

        ھن قسم جي فرشن واسطي ھيٺيون تھھ (Base) سرن جي فرش وانگر ٺاھڻ گھرجي. چمڪدار چينيءَ جا چؤنڪا گھربل سائيز ۽ رنگ مطابق ھئڻ گھرجن. ٽائيلن لڳائڻ کان پھريائين ھيٺئين تھھ مٿان گھڻي سيمينٽ واري گارري کي پٿارڻ گھرجي. انھيءَ بعد چؤنڪن کي ڪاٺ جي ھٿوڙي ۽ گز جي مدد سان گھربل انداز ۽ گھربل سلاميءَ مطابق لڳائڻ گھرجي ۽ انھن کي لڳائڻ کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ ٣٦ ڪلاڪن تائين پاڻيءَ جي حوض اندر ٽٻائي رکڻ گھرجي.  ٽائيلن کي گاري مٿان رکي، ھٿوڙي جي مدد سان زور سان ائين لڳائن گھرجي، جيئن ھيٺيون مسالو جوڙن مان ٻاھر نڪري اچي. فالتو مال کي يڪدم آلي حالت ۾ ڪنھن ڀِڳل ڪپڙي سان اگھي صاف ڪرڻ کپي. بھتر تھ ائين آھي تھ ڪاٺ جي ويلڻ رستي ٽائيلن کي دٻايو وڃي، جيئن ٽائيلن جي مجموعي سطح ھموار رھي. ٽائيلن لڳائڻ کان ٢٤ ڪلاڪ گذرڻ بعد جوڙن ۾ ٽاٽ يا ڪنھن برش جي مدد سان سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي رٻڙي (Slurry) ڀرڻ گھرجي. ٽائيلن لڳائڻ کان پوءِ ٽن ڏينھن تائين انھن مٿان ڪنھن بھ وزني شيءِ کي ھلڻ يا رکڻ نھ ڏنو وڃي. انھيءَ بعد انھن مٿان پالش ڪري، انھن کي صابڻ سان صاف ڪرڻ گھرجي.

        ھن ۽ ٻين سڀني قسمن جي ٽائيلن جي فرش لاءِ ٽائيلن کي گھربل سائيز ۽ نموني ۾ ٽڪڻ جي حالت ۾ صرف ڪارائي استعمال ڪئي وڃي جيئن انھن جا ڪنارا تکا ۽ صاف رھن ۽ انھن جا جوڙ دلڪش رھن. جاءِ جي مڪمل ٿيڻ تائين ھن قسم جي فرشن کي ڪاٺ جي فالتو ٻوري يا ڪنھن ٻي شيءِ سان ڍڪي رکڻ گھرجي جيئن اھو جاءِ جي رنگ روغن ۽ ٻئي ڪنھن اھڙي شيءِ جي داغن وغيره کان صاف رھي.

7-2 :11 بلوري پٿر يا سنگمرمر يا سنگ موسيٰ جا فرش

: (Marble or Black Marble Floors)

        ھن قسم جا فرش پٿر جھڙي سخت شيءِ جي سنگمرمر جي ھڪ جھڙن چؤنڪن يا تختن (Slabs)  استعمال ڪرڻ سان ٺاھيا ويندا آھن. ھن قسم جي فرشن وڇائڻ کان اڳ انھن جو ھيٺيون تھھ (Base) اڳ ۾ بيان ڪيل فرشن جي تھھ وانگر ٺاھيو ويندو آھي. ھنن کي ھيٺئين تھھ سان جوڙڻ واسطي 1:2 جي تناسب وارو چوني جو گچ يا سيمينٽ ۽ واريءَ جو گچ ¾ انچن جي ٿولھھ ۾ ھيٺئين تھھ مٿان پٿاريو ويندو آھي. ھنن جي جوڙن ۾ چوني جي لاپي (Lime putty) استعمال ڪئي ويندي آھي ۽ انھيءَ کي جوڙن اندر زور سان ڀريو ويندو آھي. انھن جوڙن کي بالڪل صاف ۽ خوبصورتيءَ سان ٺاھيو ويندو آھي ۽ انھن جوڙن جي ويڪر 1/16 انچن کان وڌيڪ نھ رکڻ ڏني ويندي آھي. پٿر جي سرن جي ٿولھھ ڪنھن بھ صورت ۾ ¾ انچ کان گھٽ نھ رکي ويندي آھي. انھي پٽيءَ جي نموني ۾ فرشبندي ڪرڻ واسطي ڪو بھ سنگمرمر جو ٽڪر ١٨ انچن کان گھٽ ڊگھو نھ رکڻ ڏنو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ ھيٺ ڄاڻايل ھدايتن جو پڻ خاص خيال رکيو ويندو آھي.

        (i) سنگمرمر جون سرون گھربل رنگ، قسم ۽ سائيز جون ھئڻ گھرجن. ڪن اٽليءَ جي سفيد ۽ آسماني ماربل جھڙين سرن استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ۽ گھربل انداز جي ڊزائن ۾ نھ ھئڻ جي صورت ۾ جيڪڏھن پالش ڪرڻ کان پوءِ انھن جو رنگ ساڳيو نھ بيھي تھ انھيءَ فرشبنديءَ کي خارج ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ھن قسم جي ماربل جي ٽڪرن جو رنگ پالش ڪرڻ بعد ئي اصلي صورت اختيار ڪندو آھي.

        (ii) ھي سنگمرمر جا ٽڪرا بالڪل صحيح طرح ڪارائيءَ رستي وڍيل، سڀني پاسن کان بالڪل چؤڪور، ھڪ ئي ٿولھھ ۾ ۽ ھڪ ئي سنوت ۾ ھئڻ گھرجن ۽ ڏاڪڻ، دروازن ۽ ورانڊن کان ٻاھر نڪتل ڪنارن جي صورت ۾ ھنن جا ڪنارا بُل نوز (Bul-nose) جي صورت ۾ ھئڻ گھرجن.

        (iii) اڀن جوڙن ۾ استعمال ٿيندڙ چوني جي پٽيءَ ۾ چوني جي مقدار جيترو کؤنر استعمال ڪرڻ گھرجي.

        (iv) ڪم ھلڻ دوران ۽ انھن ماربل جي ٽڪرن جي لڳائڻ کان پوءِ کين ١٠ ڏينھن تائين پاڻيءَ سان تر رکڻ گھرجي.

        (v)جڏھن فرش پوريءَ طرح ڄمي يعني سيٽ (Set)  ٿي وڃي تھ انھيءَ کي ڪاربورئنڊم پٿر (Carborandum Stone)، يا ڪنھن ٻئي سخت پٿر ۽ کھريءَ ريتيءَ ذريعي تمام گھڻو پاڻي جالاري گٺو وڃي ۽ انھيءَ لاءِ جيڪڏھن مشين استعمال ڪجي تھ نھايت ئي بھتر آھي. جوڙن جي پالش لاءِ نھايت ئي نرم (Soft) پٿر استعمال ڪجي. جڏھن کھرائپ ختم ٿي وڃي تھ واري ڌوئي مٿاڇري کي تمام سنھي ڪاربورئنڊم جي پٿر، سر يا ايمري پائوڊر سان گسائي لسو ڪيو وڃي.

        (vi) لسي ڪرڻ کان پوءِ فرش تي پٽي پائوڊر ھاري انھيءَ کي اوني ڪپڙي جي گدين (Felt pads) يا ناريل جي ڇلڪن جي کوپن رستي گھي، تمام جھجھي پاڻي سان پالش ڪيو وڃي ۽ جاءِ جي ڪم ھلڻ دوران ھن فرش کي داغن ۽ ٻئي نقصان کان بچائي رکڻ گھرجي.

7-2 :12 سڪل سرن جي فرشبندي

: (Dry Brick Paving)

        ھن قسم جي فرشبندي ۾ پھرئين درجي جون ۽ ڪوشش ڪري ھر عليحدھ ۽ لڳاتار ٽڪري ۾ ھڪ جھڙي رنگ جون سرون استعمال ڪيون وينديون آھن. زمين جي مٿاڇري کي چڱيءَ طرح پاڻي ھاري ڌمڪ يا نھرو ڪندڙ مشين (Compactors) ذريعي وھاري نھرو ڪيو ويندو آھي ۽ انھيدءَ کي صحيح طرح سان گھربل سلاميءَ ۽ ڪئمبر (Camber)  ۾ رکيو ويندو آھي. انھيءَ جي مٿان اڌ انچ ٿلھو مٽيءَ جي گاري جو ليپو ڏيئي يا چئن انچن جو ڪاري واريءَ (River or pit sand) جو تھھ ڏيئي انھيءَ مٿان گھربل نموني ۾ سڪل سرون ڄمائي انھن جي فرشبندي ڪئي ويندي آھي. اھڙا مختلف نمونا شڪل نمبر (٩) ۾ ڏيکاريل آھن. ھن فرشبندي ۾ ڪوشش ڪري بالڪل باريڪ جوڙ رکيا وڃن ۽ ڪو بھ جوڙ ¼ انچ کان وڌيڪ ويڪرو نھ ھئڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ سرن کي ھڪ ٻئي سان جوڙڻ لاءِ ڪنھن بھ قسم جو مسالو استعمال نٿو ڪيو وڃي بلڪ انھن کي ھڪ ٻئي سان جوڙڻ لاءِ ڪنھن بھ قسم جو مسالو استعمال نٿو ڪيو وڃي بلڪ انھن کي ھڪ ٻئي سان زور سان جڪڙي قابو رکيو وڃي ٿو. فرشبندي ختم ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ مٿان ڪاري واري ھاري جوڙن کي انھيءَ واريءَ سان ڀريو ويندو آھي ۽ فرش مٿان بچيل فالتو واريءَ کي ٻھاري صاف ڪيو ويندو آھي، ھن قسم جي فرش ۾ سرن کي اڀي صورت ۾ رکيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن قسم جو فرش سڌين سرن جي فرشن کان مضبوط ٿيندو آھي.

        ڪن خاص حالتن ۾ سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ جو تمام پٽڙو گارو ھاري سرن جي جوڙن کي صرف مٿان جوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي اھو گارو سرن جي جي درزن ۾ مٿئين حصي منجھان داخل ٿيندو آھي.

        ھن قسم جي فرشبندي گودامن، رستن، اڱڻن، رستن ۽ چبوترن لاءِ ڪئي ويندي آھي.

7-2 :13 ڪاٺ جا فرش  : (Wooden Floors)

        ھن فرش تمام گھڻا مھانگا ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي تمام عمدي ڪاٺ جا ٺاھڻا ھوندا آھن. انھيءَ ڪري ھنن جو استعمال گھڻو ڪري جابلو علائقن (Hilly areas) جھڙوڪ مري وغيره جي اھڙن ھنڌن تي ڪيو ويندو آھي، جتي ڪاٺ تمام گھڻو ۽ سستو پوي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ڪن خاص حالتن (جتي سانت جي ضرورت ھوندي آھي) ۾ ھنن فرشن جي ضرورت پوندي آھي، جھڙوڪ ناچ خانھ (Dancing Halls) ۽ سماعت خانھ (Auditoriums) وغيره. ھن قسم جا فرش بالڪل پختا ۽ سخت ھئڻ گھرجن جيئن اھي وڌيڪ کان وڌيڪ بار کڻي سگھن. انھيءَ کان سواءِ ھن قسم جي فرشن کي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان نھايت ئي لسو ھئڻ گھرجي. جيئن تھ ڪاٺ ۾ مڙڻ جي نمايان خاصيت ٿيندي آھي، انھيءَ ڪري اھڙن فرشن ۾ ھر ھڪ فوٽ جي فاصلي (Span) تي 1/40 کان 1/30 انچن جي حساب سان اوچائي (Camber) ڏيڻ گھرجن.

        ڪاٺ جي فرشن جي قسمن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجو ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org