سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :12

ائسفالٽ جي چؤنڪن کي سخت بنياد مھيا ڪرڻ لاءِ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرش مٿان ھڪ ٻئي سان ڳنڍي ھن قسم جو فرض ٺاھيو ويندو آھي. پر جيڪڏھن ڪاٺ جي فرش مٿان ھن قسم جو فرش ٺاھڻو ھوندو آھي تھ انھيءَ صورت ۾ سڀني ڪاٺ جي پٽين ۽ تختن کي مضبوطيءَ سان ڪوڪن وغيرھ جي رستي جڪڙيو ويندو آھي. ٽائيلن وڇائڻ کان پھرين ڪاٺ جي سطح مٿان ائسفالٽ، بٽومين يا رچيل ائسفالٽ جي اوني ڪپڙي (Asphalt saturated felt)  جو اٽڪل 3/8 انچن جو ٿلھو تھھ پٿاريو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح ائسفالٽ ماسٽڪ فرش (Asphalt mastic floor)  ٺاھڻ واسطي انھيءَ کي گرم ڪري، ڪنھن ٺوٺ سطح، جھڙوڪ ڪاٺ يا سيمينٽ مٿان پٿاري ھن قسم جو فرش ٺاھيو ويندو آھي.

7-3    فرشن جي سنڀال ۽ مرمت

; (Maintenance and Repair of Floors)

        ھن قسم جي فرشن کي ڪوشش ڪري روزانو آلي پوچيءَ سان ڌوئڻ گھرجي. جڏھن اھو فرش تمام گھڻو گندو نظر اچي تھ انھيءَ کي نرم صابڻ ۽ پاڻيءَ سان ڏوتو وڃي. صابڻ جي تھھ کي فرش جي ڪنھن بھ ٽڪري تي بنا ڌيان جي ڇڏڻ نھ ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ تھ فرش ترڪڻو ٿي پوندو. انھيءَ کان سواءِ فرش جو اھو ٽڪرو جھڪو (Dull)  ٿي پوندو. فرش جي ڌوئڻ واسطي سوڍا کار يا ٻين اھڙين تيز شين استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

        مرمت ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن فرش جو ڪو بھ حصو ٽٽي يا ڪنھن بھ نموني مرمت طلب ھجي تھ انھيءَ صورت ۾ سمورو پانيل يا خانو (Panel)  ھيٺئين تھھ تائين ڪڍي، بنيادي ڪانڪريٽ کي سخت برش سان صاف ڪري، انھيءَ کي پاڻيءَ سان آلو رکي، ھڪ رات تائين ڇڏي ڏيڻ گھرجي. رات گذرڻ کان پوءِ بيٺل پاڻيءَ کي ڪڍي صاف ڪري، صاف سيمينٽ جو ھلڪو تھھ چاڙھو وڃي ۽ پوءِ انھيءَ مٿان گھربل ٿولھھ ۽ گھربل تناسب، جھڙوڪ 1:2:4  يا اھڙو ڪو ٻيو موزون تناسب واري سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ چاڙھيو وڃي. انھيءَ بعد ڪانڪريٽ کي دٻائي، پاسن واري فرش جي ٿولھھ برابر آندو وڃي، جيئن سموري فرش جي ليول ھڪ جھڙي ٿي وڃي. انھيءَ ڳالھھ جو بھ خيال ڪيو وڃي تھ جيئن پاسن وارن پانيلن جا ڇيڙا نھ ڀڄن. انھيءَ بعد نئين ٺاھيل پانيل کي ڏھن ڏينھن تائين تر رکيو وڃي.

7-3 :2 موزائيڪ يا ٽيرازو فرش

: (Mozaic or Terrazo Floors)

        ھن قسم جي فرشن ۾ پڻ ڪنھن بھ حصي جي خراب ٿيڻ سان انھيءَ کي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن وانگر پانيل جي شڪل ۾ ھيٺئين تھھ تائين ڪڍي ساڳئي رنگ ۽ داڻي جي ملاوٽ ۽ انھيءَ لڳ فرش جي ليول جي برابر رکڻ گھرجي.

        ھن قسم جي فرشن کي پڻ صاف پاڻيءَ ۽ پوچيءَ رستي ھر روز صاف ڪيو وڃي. پوچيءَ لاءِ پراڻا ان جا سوئيٽر پائيدار رھن ٿا ۽ انھن سان صفائي پڻ سٺي نموني ٿئي ٿي. اھڙا داغ جي پوچيءَ جي رستي صاف نھ ٿي سگھن، تھ انھن کي ھلڪي آگزئيلڪ ائسڊ (Dilute oxalic acid)  رستي ميساري آلي ڪپڙي سان صاف ڪري سڪڻ ڇڏي ڏنو وڃي. صفائيءَ واسطي ڪڏھن بھ سوڍا کار يا تکي تيزاب کي استعمال نھ ڪيو وڃي.

        گھڻي ٽائيم گذرڻ يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري موزائيڪ جو فرفش تمام گھڻو خراب ٿي وڃي تھ انھيءَ کي ڪنھن عمدي قسم جي پالش سان چٽو ۽ چمڪندر بڻايو وڃي. انھيءَ لاءِ سڀ کان پھرين ھلڪي آگزئيلڪ تيزاب سان فرش کي صاف ڪيو وڃي. تيزاب سان ڌوئڻ کان پوءِ انھيءَ کي آلي ڪپڙي جي پوچيءَ سان صاف ڪري پوءِ ڪنھن صاف نرم ڪپڙي سان چوھڻ رستي سڪايو وڃي. بعد ۾ عمدي قسم جي پالش کي صاف ريشمي سٽ يعني ڪاٽن ويسٽ سان فرش مٿان مھٽي انھيءَ کي چمڪايو وڃي. پالش ڪرڻ وقت فرش کي تمام گھڻو لسو ۽ سڻڀو رکڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن تِرڪڻ جو امڪان نھ رھي.

        موزائيڪ وجھڻ وقت ضرورت کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪرڻ سبب سڪڻ کان پوءِ فرش اندر سنھڙا ڏار (Hair Cracks)  پيدا ٿي پوندا آھن، جن جي مرمت ڏاڍي مشڪل ٿي پوندي آھي. بھرحال انھن ڏارن اندر ڪنھن بھ قسم جي دز، مٽي ۽ پاڻيءَ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ انھن کي صاف سيمينٽ جي ھلڪي ۽ عمدي ڪريم سان صاف پاڻيءَ رستي مھٽيو وڃي، جيئن انھيءَ ڪريم رستي اھي ڏار چڱيءَ طرح ڀرجي وڃن. انھيءَ بعد اٽڪل ڏھن ڏينھن تائين مرمت ڪيل حصن جي پاڻي رستي ترائي ڪئي وڃي.

7-3 :3  ڪاٺ جا فرش : (Wooden Floors)

        ھن قسم جي فرشن کي اڏوھي لڳڻ ۽ ڳرڻ کان ڪنھن سٺي اڏوھي مارڻ جي دوا ۽ موزون پالش رستي بچائي رکڻ گھرجي. خراب ٿيل يا ڳري ويل فرش جي ڪاٺ جي حصي کي ھڪدم ڪٽي ڪڍي انھيءَ جي جاءِ تي موزون ڪاٺ لڳايو وڃي ۽ انھيءَ کي رندي ذريعي ٻئي فرش جي ليول سان سڌو ڪيو وڃي، جيئن نئين ڪاٺ واري حصي ۽ پراڻي ڪاٺ واري حصي جي ليول ۾ ڪنھن بھ قسم جو فرق نھ رھي.

7-3  :4  لينوليم ۽ رٻڙ جا فرش

: (Linoleum and Rubber Floors)

        ھن قسم جي فرشن جي سنڀال واسطي کين ڪنھن ھلڪي صابڻ ۽ آلي ڪپڙي سان صاف ڪبو رھجي ۽ انھن کي وقفي سان پالش ڪبو رھجي. صاف ڪرڻ واسطي گھڻي پاڻيءَ جي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن اھو ھيٺئين چنبڙائيندڙ مسالي جي تھھ تائين پھچي فرش کي نقصان نھ پھچائي. جڏھن ھن قسم جو فرش تمام گھڻو ميرو ٿي وڃي تھ انھيءَ کي ڪنھن عمدي صاف ڪندڙ (Cleanser) مرڪب رستي صاف ڪيو وڃي. ھن قسم جي فرش کي تيز صابن رستي زور سان ملي صاف ڪرڻ کان احتياط ڪيو وڃي.

        ھن فرش ۾ ھيٺا ڪاٺ جو بنياد ھئڻ جي صورت ۾ گھڻو ڪري ڏار پئجي ويندا آھن ۽ اھو ڪڏھن ڪڏھن ھيٺان اکڙجي پوندو آھي. اھڙن فرشن جي مرمت، ٿيل نقصان جي نوعيت تي مدار رکي ٿي.

7-3  :5  ائسفالٽ جا فرش : (Asphalt Floors)

        ھن قسم جي فرشن کي صاف ۽ پائيدار رکڻ لاءِ  کين گرم پاڻي ۽ ڪنھن عمدي نموني جي شيءِ (Detergent)  سان ڌوئڻ گھرجي. انھيءَ بعد کين آلي ڪپڙي سان، اگھي ھر ڪنھن قسم جي سڻڀ جي داغن جھڙوڪ تيل، گريس ۽ چرٻيءَ وغيره کان پاڪ ڪيو وڃي، جيئن انھن جي چيڙھھ سان مٽي ۽ ٻيو اھڙي قسم جو گند ڪچرو ڄمي خراب ۽ گدلو نظر نھ اچي.

        ھن قسم جي فرشن واسطي تمام گھڻو ڌيان رکڻو پوندو آھي، ڇاڪاڻ تھ اڪثر ڪري ھيٺئين فرش جي خراب ھئڻ جي صورت ۾ ائسفالٽ ڦنڊي پوندو آھي. انھيءَ صورت ۾ خراب حصي کي تمام گھڻي خيال سان ڪڍي انھيءَ جي جاءِ تي نئون ائسفالٽ وڇائي انھيءَ کي ٻئي پراڻي لڳل ڀر واري فرش جي سنوت ۾ آندو ويندو آھي.

 

باب اٺون

٨- دروازا ۽ دريون (Doors and Windows)

١-٦ تعارف  : (Introduction)

                جاءِ اندر داخل ٿيڻ ۽ انھيءَ جي مختلف اندرين حصن جو پاڻ ۾ رابطو رکڻ لاءِ دروازا لڳايا ويندا آھن. موسم آھر انھن کي کولي رکڻ سان جاءِ اندر روشني وڌندي آھي ۽ انھيءَ کان سواءِ ھوا جو گذر پڻ سٺيءَ طرح سان ٿيندو آھي. انھيءَ سان گڏ دروازن لڳائڻ سبب چوريءَ ٿيڻ جو انديشو گھٽ رھندو آھي ۽ گھر ۾ رھندڙ ڀاتين جي پوشيدگي (Privacy)  رھندي آھي.

        دريڻ ۽ روشندانن لڳائڻ سان ڪمرن اندر روشني ۽ ھوا جي گذر تي موسم آھر سٺو ضابطو رکي سگھجي ٿو. ڪاٺ جا ٻھ قسم ٿين ٿا، ھڪ سخت ڪاٺ (Hard wood)  ۽ ٻيو نرم ڪاٺ (Soft wood).

        (i) سخت ڪاٺ : (Hard wood) ھن قسم جي ڪاٺ ۾ ساڳ (Teak) ، ٽالھي يعني شيشم (Sisso)، ٻٻر (Babul)، توت (Mulberry)، اکروٽ (Walnut)  ۽ شاھھ بلوط (Oak) وغيره اچي وڃن ٿا.

        (ii) نرم ڪاٺ : (Soft wood)  ھن قسم جي ڪاٺ ۾ ديال (Deodar) ، پرتل (Spruce) ، پين (Pine)  ۽ چيل (Chir)  وغيره اچي وڃن ٿا.

8-2  عام خاصيتون : (General Characteristics)

        درين ۽ دروازن ۾ استعمال ٿيندڙ ھر قسم جو ڪاٺ پوريءَ طرح اسريل وڻن جي گودي جو، ھڪ جھڙي مادي وارو، سڌين رڳن سان، سٺي گڻ جو، چڱيءَ طرح تيار ٿيل (Properly seasoned) ، ھر ڪنھن قسم جي ننڍين ۽ وڏين ڳنڍين (knots)  کان آجو ۽ ڀروسي وارو ھئڻ گھرجي. ھر ڪنھن قسم جي ڪاٺ جا استعمال ٿيندڙ سنھا ٿاڦا (Scantlings)  بلڪل صاف ۽ اجرا، سالم ۽ چوڪنڊا ھئڻ گھرجن. ڪاٺ ۾ موجود پاڻيٺ ڏھھ سيڪڙو کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

        ھر ڪنھن قسم جي ڪاٺ جي تيار ٿيل اسمن کي اڳتي ھلي لڳائڻ کان پھرين سري (Fungus)، اڏوھي (Termite) ۽ ٻين ڪاٺ کي نقصان پھچائڻ وارن جيتن کان بچائڻ واسطي، انھن جي حفاظت لاءِ کين ڪنھن موزون جيت مار تيل يا ليپ جو چڱيءَ طرح تھھ چاڙھڻ گھرجي.

8-3 لفظن جي لغت : (Glossary of Terms)

        دروازن ۽ درين جي ھنر (ڪاريگري) ۾ استعمال ٿيندڙ ڪن اصطلاحي ۽ ھنري لفظن جون وصفون ھيٺ بيان ڪجن ٿيون.

        (i) چؤنڪا : (Frame)  درين، دروازن ۽ روشندانن جي تاڪن کي سھارو ڏيڻ لاءِ ٺاھيل ڪاٺ جي بوتي کي ”فريم“ چئجي ٿو.

        (ii) سرو : (Head)  ڪاٺ جي فريم جي مٿينءَ سڌي پٽيءَ کي ”ھيڊ“ چئجي ٿو.

     (iii) چائنٺ : (Sill)  فريم جي ھيٺئينءَ سڌي پٽيءَ کي ”چائنٺ“ چئجي ٿو.

     (iv) ٻانھيون : (Posts)  فريم جي پاسن وارين اڀين پٽين کي ”ٻانھيون“ چئجي ٿو.

     (v) تاڪ : (Shutter)  ڪاٺ جي مختلف جزن سان جڙيل اھي تختا جي دروازن ۽ درين وغيره کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي ڪم اچن ٿا انھن کي ”تاڪ“ چئجي ٿو.

     (vi) ٻانھيون يا لرون : (Styles)  تاڪ جي ٻاھرين يعني پاسن وارين اڀين پٽين کي ”اسٽائيلس“ چئجي ٿو.
 

 

شڪل نمبر ٢٧

(دروازن جي مختلف حصن جو تفصيل)

     (vii) مٿين پٽي : (top rail)  تاڪ جي مٿئين سڌي پٽيءَ کي ”ٽاپ ريل“ چئجي ٿو.

     (viii) ٽالي واري پٽي : (Lock rail)  تاڪ جي وچئين سڌي پٽي، جنھن ۾ تالو لڳايو ويندو آھي، انھيءَ کي ”لاڪ ريل“ چئبو آھي.

     (ix) ھيٺين پٽي : (Bottom rail)  تاڪ جي بلڪل ھيٺئين سڌي پٽيءَ کي ”باٽم ريل“ چئجي ٿو.

     (x) ڪئيت : (Mullion or Mutin)  تاڪ جي وچين اڀي پٽيءَ کي ”ملين“ يا ”موٽن“ چئجي ٿو.

     (xi) پانيل يا تختو : (Panel)  تاڪن اندر پٽين سان جڪڙيل سڌن ۽ سنھن ننڍن تختن کي ”پئنل“ يا ”پانيل“ چئجي ٿو.

     (xii) منڍي جا ڇيڙا يا مڇ : (Horns)  چؤڪاٺن جي چوٽيءَ ۽ تري وٽ سڱن وانگر فريم کان ڪجھھ ٻاھر نڪتل سڌن ڪاٺ جي ڀاڱن کي جيڪي اوساريءَ ۾ فريمن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڇڏيا ويندا آھن، انھن کي ”ھارن“ چئجي ٿو.

     (xiii) جئمبس : (Jambs)  درين ۽ دروازن جي خانن جا اھي کليل حصا جيڪي چؤڪاٺي کي سھارو ڏيندا آھن، انھن کي ”جئمبس“ چئجي ٿو.

     (xiv) رويل : (Reveal)  دروازن ۽ درين جي خانن جا اھي حصا، جيڪي فريم کان ٻاھر ڀتين جي مھڙ طرف کليل ھوندا آھن، انھن کي ”رويل“ چئبو آھي.

     (xv) ھولڊ فاسٽ : (Hold Fasts)  چؤڪاٺين جي ٻنھي اڀين ٻانھين وٽ ڀتين سان چڱيءَ طرح جڪڙائڻ واسطي لڳايل لوھھ جي پٽين کي، جيڪي پنھنجن ڇيڙن وٽ Z جي شڪل ۾ ۽ عام طرح سان ٣ انچ ڊگھيون ھونديون آھن، انھن کي ”ھولڊ فاسٽ“چئبو آھي. ھيءُ ¼ انچ ٿلھا،  1 ¼ انچ ويڪرا ۽ 13 ½ انچ ڊگھا ٿيندا آھن.

     (xvi) تاڪن جا گز : (Sash bars)  درين ۽ دروازن جي جوڙ جڪ ۾ شيشي جي پانيلن کي، جن ھلڪين ڪاٺ جي پٽين ذريعي چڱيءَ طرح قابو ڪيو ويندو آھي، انھن کي ”سئش بارس“ چئبو آھي.

     (xvii) ٽرانسم : (Transom)  دريءَ يا دروازي جي فريم ۾ لڳايل سڌي پٽي، جيڪا انھن کي ٻن حصن ۾ ورھائيندي آھي، انھيءَ کي ”ٽرانسم“ چئبو آھي.

شڪل نمبر ٢٨

(فريم ۽ ھولڊ فاسٽ جو تفصيل)

        (xviii) لوور : (Louver)  فريم اندر لاڙو رکندڙ (Inclined)  ۽ کتل ڪاٺ جي پٽين کي ”لوور“ چئبو آھي.

     (xix) شو پٽي : (Architrave)  دروازن ۽ درين کي اوساريءَ جي مھڙ سان ملي اچڻ (Flush)  واسطي ۽ انھن کي پرڪشش بڻائڻ لاءِ فريمن جي چوڌاري لڳايل ڊولائتي ڪاٺ جي پٽي کي ”آرڪيٽِريو“ چئجي ٿو.

(xx) ”ربيٽ“ : (Rebate)  فريمن اندر تاڪن کي صحيح نموني ملائڻ واسطي وڍيل حصي کي ”ربيٽ“ چئجي ٿو.

     (xxi) اسٽاپس : (Stops)  درين يا دروازن جي خانن ۾ اڀن پاسن مٿان ڪيل پلستر (Plaster of Jambs)  جي بچاءُ واسطي ڪاٺ جي فريم جي ٻنھي پاسن وٽ لڳايل ڪاٺ جي سھڻي نموني ۾ گھڙيل ٽڪرن کي ”اسٽاپس“ چئبو آھي.

     (xxii) چپڙيون : (Cleats of Chocks)  درن ۽ درين جي تاڪن کي ھوا جي زور تي بند ٿيڻ کان بچاءُ واسطي انجيسن (Hinges)  سان تاڪ ۽ فريم جي پاتام ۾ لڳايل ڪاٺ جي ٽڪرن کي ”ڪليٽس يا چوڪس“ چئبو آھي.

8-4  درن ۽ درين جا قبضھ ۽ ڪلف ڪڙا

: (Door and Window fittings)

        درين ۽ دروازن کي لڳائڻ ۽ انھن اندر مختلف جزن ذريعي ڳانڍاپو رکڻ واسطي ھيٺين قسمن جي قبضن ۽ ڪلف ڪڙن جي ضرورت پوندي آھي.

8-4 :1 انجيسون يا قبضھ : (Hinges)

دروازن ۽ درين جي نوعيت مطابق عام طرح سان ھيٺ ڄاڻايل قسم جون انجيسون استعمال ڪيون وينديون آھن.

(i)             بُٽ ھنجِس يا ڪتابي انجيسون

: (Butt Hinges)  شڪل نمبر (i) ٢٩

        ھن قسم جون انجيسون عام طرح سان استعمال ڪيون وينديون آھن. انھن جو ھڪ حصو تاڪ جي پاسي ۾ ۽ ٻيو حصو چوڪاٺي جي پاتام ۾ اسڪرن ذريعي لڳايو ويندو آھي. انجيسن لڳائڻ وقت اسڪرن يا پيچن کي ھٿوڙيءَ سان ٺوڪي نھ لڳائجي ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ سان ڪجھھ وقت کان پوءِ اھي ڍرا ٿي نڪري ايندا آھن. انھيءَ ڪري انھن کي اسڪرو ڊرائيور يعني پيچ ڪش سان لڳائڻ گھرجي.

(ii) ٽي – انجيسون يا پڇر انجيسون

: (T- Hinges)  شڪل نمبر (ii) ٢٩

         ھي ھڪ قسم جو گھاڙو لوھھ (Wrought iron)  جون فتيلون آھن، ھنن جي ڊگھي ٻانھن وارو حصو تاڪ جي افقيءَ پٽيءَ ۾ اسڪرن سان لڳايو ويندو آھي ۽ ٻيو ڌاتيءَ جي پٽيءَ وارو حصو چوڪاٺي ۾ جڙيو ويندو آھي. ھن قسم جون انجيسون معمولي قسم جي دروازن لاءِ ٺيڪ آھن ۽ کين ڳرن ۽ سٺي قسم جي دروازن ۾ استعمال نھ ڪرڻ گھرجي.

(iii) ٻن طرفن واريون انجيسون

: (Back flap Hinges) شڪل نمبر (iii) ٢٩

        ھن قسم جون ٻھ طرفيون انجيسون اھڙن ھنڌن تي استعمال ڪبيون آھن، جتي اھڙا تھ سنھا تاڪ لڳائبا آھن جو سادين انجيسن جو لڳائڻ ممڪن نھ ھوندو آھي.

(iv) ڪوڪن واريون انجيسون

: (Pin Hinges) شڪل نمبر (iv) ٢٩

        جڏھن تاڪن جو وزن ايترو ڳرو ھوندو آھي جو ٻين قسمن جي انجيسن سان انھن کي نھ لڳائي سگھبو آھي تھ اھڙيءَ حالت ۾ ھن قسم جون ڪلين واريون انجيسون لڳائبيون آھن.

8-4  :2 بلٽ ۽ ڪلف ڪڙا  : (Bolts and Locks)

        عام طرح سان ھيٺ ڄاڻايل قسمن جا بلٽ ۽ ڪلف ڪڙا استعمال ڪيا ويندا آھن.

(i) ٽاور بلٽ

: (Tower Bolt) شڪل نمبر (v) ٢٩

        جاءِ جي درين ۽ دروازن کي اندران بند ڪرڻ لاءِ ھن قسم جا بلٽ استعمال ڪيا ويندا آھن. ھي لوھھ، پتل يا بنگار (Bronze)  قسم جي ڌاتن جا ھوندا آھن ۽ انھن کي تاڪن جي اندرئين طرف مٿئين ۽ ھيٺئين حصن تي يا ڪڏھن ھڪ تاڪ جي دروازي لاءِ وچ ۾ پڻ لڳايو ويندو آھي.

(ii) ڪڙا ڪنڍا، الڊراپ يا تاڙيون

: (Aldrops) شڪل نمبر (vi)  ٢٩

        ھي مختلف قسمن جا ۽ عام طرح سان لوھھ ۽ پتل جا ٺھيل ھوندا آھن ۽ دروازن جي ٻاھرئين طرف لڳايا ويندا آھن.

(iii)  ڇپڪو ۽ ڪنڍو

: (Hasp and staple) شڪل نمبر (vii) ٢٨

        ھن کي عام طرح سان ڇپڪو ۽ ڪنڍو پڻ چوندا آھن ۽ ھيءُ ھلڪي قسم جي دروازن، درين ۽ المارين ۾ لڳايو ويندو آھي. ھيءُ ڪڙا لوھھ يا پتل جا ٺھيل ھوندا آھن.

(iv) دستي قلف

: (Pad Lock) شڪل نمبر (viii) ٢٩

        چوريءَ جي ڪنھن حد تائين بچاءُ خاطر ھن قسم جا تالا استعمال ڪيا ويندا آھن، ڪڙن ۽ ڪنڍن وارن درن ۽ ڪٻٽن ۾ ڪتب ٿيندا آھن، ٻھراڙيءَ ۾ ھن قسم جا ڪلف تمام گھڻو ڪم آڻبا آھن جڏھن تھ شھرن ۾ ٻاھرين لوھھ جي دروازن کي بند ڪرڻ لاءِ پڻ گھڻي قدر استعمال ڪيا ويندا آھن.

(v) کانچي وارا تالا

: (Mortise Locks) شڪل نمبر (ix) ٢٩

        ھن قسم جا تالا درن جي تاڪن جي وچين سڌي پٽيءَ ۽ انھيءَ سان لڳندڙ چوڪاٺي ۾ تالي جي ڊزائن مطابق کانچو ڪڍي انھيءَ ۾ لڳايا ويندا آھن ۽ تاڪن اندر کتل ھئڻ سبب سھڻا لڳندا آھن ۽ ڪلف جي ڪم کان علاوھ ھٿيئي (Handle)  جو ڪم بھ ڏيندا آھن.

(vi) رم لاڪ : (Rim Lock)  شڪل نمبر (x) ٢٩

        ھن قسم جا تالا سنھن تاڪن وارن دروازن لاءِ موزون آھن، ھنن کي تاڪن جي ڪناري تي لڳايو ويندو آھي ۽ ٻين تالن وانگر تالي واريءَ پٽيءَ (Lockrail)  تي لڳايا ويندا آھن.

(vii) ڪٻٽن وارا تالا

: (Cupboard Lock) شڪل نمبر (xi)  ٢٩

        ھن قسم جا تالا ميز جي خانن، شو ڪيسن، رنڌڻن جي ڪئبينيٽن ۽ الماڙين وغيره اندر رکيل شين جي سلامتيءَ واسطي ڪم ايندا آھن.

(viii) ھٿيا : (Handles) شڪل نمبر (xii) ٢٩

        ھيءُ دروازن،، درين ۽ ڪٻٽن جي تاڪن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن.

شڪل نمبر ٢٩

(دروازن ۽ درين جا قبضھ ۽ ڪلف ڪڙا)

8-5 دروازا  : (Doors)

        جديد دور جي عمارتن ۾ گھڻو ڪري ڪاٺ جا دروازا استعمال ڪيا وڃن ٿا. تاڪن جي حساب سان اھي ھڪ تاڪ وارا (Single-leaf doors)  ۽ ٻن تاڪن وارا (Double-leaf doors) ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org