سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :14

ھي دروازا موٽر گيراجن، نماءُ وارن ڪمرن (Show rooms)، دڪانن ۽ گودامن وغيره ۾ استعمال ڪيا ويندا.

(xiii) ڳتجندڙ دروازا

: (Collapsible doors) شڪل نمبر (v) ٣٠

        ھي دروازا لوھھ جا ٺھيل ھوندا آھن. ھن ۾ استعمال ٿيندڙ جوڙجڪ ۾ ٻنھي اڀن پاسن اندر ناليءَ وانگر خال ڇڏيل ھوندو آھي، جن سان اٽڪل  5/8 انچ کان ¾ انچ ويڪريون لوھھ جي پٽين جون ناليون (Channels)  ڳنڍيل ھونديون آھن. اھڙيءَ طرح انھن پٽين ۾ اتڪل اڌ انچ کان 5/8  انچ ويڪرو اڀو خال (Gap) ٺھي بيھندو آھي. اھڙي قسم جا ٽڪرا ھڪ ٻئي جي وچ کان اٽڪل 3 ¾ انچن جي مفاصلي تي ٺھي بيھندا آھن، جن کي ھڪ ٻئي سان لوھھ جي ڪيئنچيءَ جي انداز وارن لوھھ جي ٽڪرن (Cross Iron pieces) سان ڳنڍيو ويندو آھي. ھن قسم جي ٺھيل لوھھ جي پختن پٽين جي ٽڪرن سان ٺھيل خالن وارن تاڪن کي پاسن  طرف ڌڪي يا ڇڪي کوھي ۽ بند ڪري سگھبو آھي.

        ھن قسم جا دروازا ڪافي مضبوط ٿيندا آھن ۽ مارڪيٽ  ۾ داخل ٿيڻ وارن کليل حصن، گيراجن ۽ ٻين اھڙن ئي کليل ھنڌن تي استعمال ڪيا ويندا آھن.

8-6 دريون  : (Windows)

        جاءِ اندر مختلف ڪمرن جي نوعيت مطابق انھن کي ھر موسم آھر ھوا ۽ روشني پھچائڻ لاءِ درين جو لڳائن تمام ضروري آھي. اھي اھڙي انداز ۾ لڳائڻ گھرجن،، جيئن ھوا جو گذر انھيءَ جي رخ پٽاندڙ، بنا ڪنھن رنڊڪ جي ۽ صحيح طرح سان ٿئي. برٽش قائدن مطابق درين جي ايراضي ڪمري جي فرش جي ايراضيءَ (Carpet Areas) جو گھٽ ۾ گھٽ ڏھون (1/10) حصو ھئڻ گھرجي.

        درين جي مختلف قسمن جو مختصر تفصيل ھيٺ بيان ڪجي ٿو.

(i) پانيلن واري دري

: (Panelled or Casement Windows)

(شڪل نمبر  ٣٩ ۽ ٤٠)

        ھن قسم جون دريون، دروازن وانگر ھڪ تاڪ يا ٻن تاڪن جون ٿينديون آھن، جن کي ڪاٺ جي فريم سان انجيسن ذريعي لڳايو ويندو آھي ۽ ھن قسم جون دريون عام طرح سان استعمال ڪيون وينديون آھن، جن ۾ پانيلن اندر ڪاٺ جي پترن تختن کي گھربل نموني ۾ لڳايو ويندو آھي.

        انھيءَ کان سواءِ سمورن پانيلن اندر ڪاٺ جي سنھن تختن کان علاوھ ڪجھھ حصي تائين شيشا ۽ ڪجھھ حصي تائين ڪاٺ جا سنھا تختا لڳايا ويندا آھن. اھڙن ڪمرن ۾ جتي روشنيءَ جي گھڻي ضرورت ھوندي آھي تھ سڀيئي پانيل شيشي جا رکبا آھن. شيشن کي قابو ڪرڻ واسطي ڪاٺ جون سنھيون پٽيون استعمال ڪيون وينديون آھن، جن کي (Sash bars)  سڏيو ويندو آھي.

        ھن قسم جي درين جا تاڪ اندر يا ٻاھر کولي سگھبا آھن.

        ڪن حالتن ۾ درين لاءِ ڇڏيل خالن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويندو آھي، انھيءَ لاءِ چؤڪاٺي اندر اڪثر طور تي مٿان کان انھيءَ جي چوٿين حصي تائين ھڪ وڌيڪ سڌي پٽي لڳائي ويندي آھي ۽ مٿئين حصي ۾ شيشو لڳائي ڇڏبو آھي. دريءَ جو اھو حصو دائين بند رھندو آھي ۽ انھيءَ کي کولي ۽ بند ڪري نھ سگھبو آھي. اھڙي قسم جي شيشي جي حصي کي فئن لائيٽ (Fan Light)  سڏيو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح سان ھڪ تھ دري ۽ روشندان لاءِ الڳ الڳ لنٽيل ٺاھڻ جي ضرورت نھ پوندي آھي ۽ ٻيو تھ ڪاٺ جي بچت پڻ ٿيندي آھي. ھن قسم جو نظام دروازن سان گڏ پڻ ڪري سگھبو آھي. درين ۽ دروازن مٿان ھڪ کتل (Fixed)  روشندانن جي جاءِ تي کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ روشندان پڻ لڳائي سگھبا آھن. اھڙا ڪمرا جن ۾ عليحدھ طرح سان روشندان لڳائڻ جي گنجائش نھ ھوندي آھي تھ انھيءَ ھنڌ ھن قسم جو بندوبست ڪيو ويندو آھي.

(ii) ٻاھر نڪتل دري

: (Bay Window) شڪل نمبر (i) ٤١

        ھن قسم جي دري ڪمري جي ٻاھرين ديوار کان ٻاھر تي نڪتل ھوندي آھي. مطلب تھ ھي دريون صرف ڪمري جي ٻاھرين ديوارن ۾ لڳايون وينديون آھن ۽ اھي ٻاھرين ڀتين کان ٻاھر نڪتل ھونديون آھن.
 

 

شڪل نمبر ٣٩

(پانيلن واري دري)

 

 

شڪل نمبر ٤٠

(پانيلن واري دري)

        ھي دريون گھڻن ئي ڊؤلن جون ٿينديون آھن، جھڙوڪ، چؤڪور، گول ۽ گھڻ ڪنڊائتيون (Polygonal)  وغيره. ھن قسم جي درين جو ٻاھر نڪتل ڀاڱو (Projection)  دريءَ جي فرش واريءَ ليول کان يا فريم جي ھيٺئين سڌي پٽيءَ (Sill)  کان شروع ٿيندو آھي. ھن قسم جي درين لڳائڻ سا عمارتن جي خوبصورتي وڌي ٿي. ھنن جي لڳائڻ سان ڪمرا ھوادار، ڪشادا ۽ روشن رھن ٿا.

(iii) ڪنڊائتي دري

: (Corner Window) شڪل نمبر (ii) ٤١

        ھن قسم جون دريون ڪمرن جي ڪنڊ وٽ لڳايون وينديون آھن. انھن جي لڳائڻ سان ڪمرا ھوادار رھن ٿا ۽ عمارت جي خوبصورتي وڌي ٿي. ھن قسم جي دريءَ لڳائڻ سان چؤڪاٺي جي وچين ٻانھن ٻنھي طرفن جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اھڙيءَ طرح سان ھڪ ٻانھن جي بچت ٿئي ٿي.

(iv) روشندان

: (Clerestory Window or Ventilator)

شڪل نمبر (iii) ٤١

        ھن قسم جون دريون روشندان ڀر واري ورانڊي ۽ ڪمرن جي ڇتين جي مختلف اوچائيءَ سبب انھن جي وچ واري ديوار جي

شڪل نمبر ٤١

(ٻاھر نڪتل، ڪنڊائتي دري ۽ روشندان)

 

 


 

حصي ۾ مٿينءَ ڇت جي نزديڪ لڳايا ويندا آھن. ھيءُ تاڪ جي ٻاھرين اڀين پٽين کي ٻنھي پاسن کان مدارن يا ٽيڪن (Pivots)  تي ٽيڪي لڏڻ جي انداز ۾ لڳايون وينديون آھن ۽ تاڪ جي مٿئين ۽ ھيٺئين سڌي پٽيءَ جي پوري وچ تي ڇلا (Rings)  لڳائي، انھن ۾ رسين جو ھڪ ھڪ ڇيڙو ٻڌي ان جي ٻئي لٽڪيل ڇيڙي کي ڇڪ ڏيڻ سان انھن کي کولي ۽ بند ڪري سگھبو آھي.

        ساڳيءَ ليول وارن ڪمرن جي ڇت ۾ لڳائڻ واريءَ صورت ۾ انھن کي روشندان (Ventilators)  سڏيو وڃي ٿو جيڪي ڪمرن کي روشن رکڻ سان گڏ ڪمرن کي ھوادار پڻ بنائن ٿا.

(v) ڊارمر ونڊو

: (Dormer Window) شڪل نمبر (i) ٤٢

        ھن قسم جون دريون سلاميءَ وارين ڇتين جي سلاميءَ واري سطح (Slopping surface)  تي لڳايون وينديون آھن. اھي ٻن قسمن جون ٿينديون آھن، ھڪ گيبل ٽائيپ ۽ ٻيون ڇاپري ٽائيپ  (Gabel type and shade type). گيبل ٽائيپ دريون ڇتين جي مٿئين نوڪدار ڀاڱي تي لڳايون وينديون آھن ۽ ڇاپري ٽائيپ دريون چؤڪور اڀي حصي تي لڳائبيون آھن. اھڙيءَ طرح انھن جو انداز ڇتين جي قسم تي منحصر آھي.

(vi) لالٽين نما دري

: (Lantern Window) شڪل نمبر (ii) ٤٢

        ڊگھين ۽ مسلسل جاين ۾ آمھون سامھون ٺھيل ڪمرن جي وچ واري لنگھھ (Passage) کي روشن ۽ ھوادار بڻائڻ لاءِ ھن قسم جون دريون مھيا ڪيون وينديون آھن، جيڪي ھڪ ئي ليول وارين ڇتين مٿان اڀريل نموني لڳايون وينديون آھن ۽ انھن جي مٿي اڀريل پاسن کان روشني پھچائڻ واسطي انھن پاسن ۾ شيشا لڳايا ويندا آھن.

(vii) روشندان يا اسڪاءِ لائيٽ

: (Sky Light) شڪل نمبر (iii)  ٤٢

        ھن قسم جا روشندان سلاميءَ وارين ڇتين ۾ اھڙي ريت لڳايا ويندا آھن تھ جيئن انھن جي چوٽي ڇت جي سطح سان پوروڇوٽ رھي.
 

 

شڪل نمبر ٤٢

(ڊارمر ۽ لئنٽرن ونڊو ۽ اسڪاءِ لائيٽ)

8-7 پي-ڊبليو-ڊيءَ جي معيار مطابق ڪاٺ جي دروازن ۽ درين بابت ھدايتون

(P.W.D specifications regarding wooden doors and windows)

(١) ڪاٺ ۽ ان جي جوڙڻ ۽ جڪڙڻ بابت ڪجھھ عام ھدايتون

        استعمال ٿيندڙ ڪاٺ گھٽ ۾ گھٽ ٻھ سال پراڻو چڱيءَ طرح سڪل ۽ تيار ٿيل، ھر ڪنھن قسم جي ننڍين وڏين ڳنڍين (knots) کان آجو، اسريل وڻن جي سخت گودي جو، ڪمزور ۽ سنھن ڇلرن يا تھن کان پاڪ ۽ سڌين رڳن وارو ھئڻ گھرجي. ھر ڪنھن قسم جو رد ٿيل ڪاٺ ڪم جي سائيٽ تان ھڪدم ھٽائي ڇڏڻ گھرجي.

        ھر قسم جو ڪاٺ صفائيءَ ۽ گھربل ماپ مطابق بالڪل صحيح ھئڻ گھرجي.

        ھر قسم جا جوڙ سادا ۽ سل ۽ چوڙ (Mortise and Tennon) وارا ھئن گھرجن، ۽ چٿوڙن جا ڇيڙا ٻاھر نظر اچڻ گھرجن. اھي صحيح طرح ۽ بالڪل پوريءَ طرح پاڻ ۾ اھڙي نموني فٽ ھئڻ گھرجن جيئن انھن جي وچ ۾ ذري جيترو بھ خال نھ رھي. خالن جي صورت ۾ انھن کي  چپرن يا ٻئي ڪنھن مادي سان ڀرڻ نھ ڏنو وڃي ۽ اھي ھڪدم رد ڪيا وڃن. تمام عمدي ڪاٺ جي ڪم جي صورت ۾ چٿوڙن جا ڇيڙا نظر نھ اچڻ گھرجن. فريمن جي مختلف حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ کان اڳ جوڙن جي داخل ٿيندڙ حصن مٿان چڱيءَ طرح اڇي يا ڳارھي پينٽ (White lead or Red lead) جو تھھ چاڙھيو وڃي.

        پيچن (Screws)  لڳائڻ کان پھرين صحيح جڳھھ تي صحيح سائيز جا سوراخ ڪڍڻ گھرجن ۽ اسڪرن کي تيل ۾ ٻوڙي پيچ ڪش ذريعي لڳائجي ۽ انھن کي لڳائڻ لاءِ ھٿوڙي جو استعمال بالڪل نھ ڪجي.

        ڪاٺ جي شين کي لڳائڻ کان پھرين چڱي طرح جاچي صحيح ھجڻ جي پڪ ڪري پوءِ لڳائجي ۽ لڳائڻ کان پوءِ ڪنھن بھ مرحلي تي انھن ۾ سوس يا ڪو ٻيو عيب نظر اچي تھ انھيءَ کي درست ڪرائجي،  درست جوڳي نھ ھئڻ جي صورت ۾ انھيءَ کي رد ڪري صحيح نموني جي شيءِ لڳائي وڃي.

        سرن جي اوساريءَ يا ڪانڪريٽ جي سطح سان لڳندڙ ڪاٺ جي جزن جي سطحن مٿان سٺي قسم جو ٻاھر جو ٺھيل ڪارو تيل (Solignum)  لڳائڻ گھرجي.

        ھر ڪنھن قسم جي اوساريءَ ۾ پورجندڙ ڪاٺ جي پٽين (Batten) جي پاسن کان ¼ انچن جو خال ڇڏڻ گھرجي.

        باھھ لڳڻ کان احتياط واسطي باھھ جي چلھين کان گھٽ ۾ گھٽ ١٢ انچن تائين ڪنھن بھ قسم جو ڪاٺ جو جزو نھ ھئڻ گھرجي.

        کليل حالت ۾ ڪاٺ جون ڪامون يا پٽيون اڀريل پٿر يا ڪانڪريت جي بنياد مٿان بلٽن (Holding down bolts)  رستي جڪڙيون وينديون آھن. چوڙن کي ٻاھر تي ڪڍڻ (Projecting) ۽ انھن کي پٿر يا ڪانڪريٽ جي بنياد تي رکڻ کان ھميشھ پاسو ڪيو ويندو آھي. جھلڻ وارن بلٽن، جيڪي گھٽ ۾ گھٽ 5/8 انچ جي قطر جا ٿيندا آھن، انھن کي پٿر جي تري کان گھٽ ۾ گھٽ 10 ½ انچ ھيٺ پلنٿ ۾ پوريل واشر سان قابو ڪيو ويندو آھي. بلٽ کي ھميشھ بنياد (Base)  مان لنگھايو وڃي جيڪو ٿوڻيءَ جي تري کان گھٽ ۾ گھٽ ٩ انچ ٻاھر نڪرڻ گھرجي، جنھن کي پاسي واري خال مان پختيءَ طرح سان ڪڍي ٻنجو (Plug)  ڏيڻ گھرجي.

(٢) دروازن ۽ درين بابت ڪجھھ خاص ھدايتون

: (Doors or Windows)

(i)                ھنن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺ مٿي ڄاڻايل خاصيتن جو ھئڻ گھرجي.

(ii)             اندريان دروازا، 2-9 ويڪر 6-6 ڊيگھھ، واري سائيز کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. ٿلھي ليکي ويڪر = (Wide) اوچائي 4-(Height) فوٽ، جي فارمولا رستي دروازن جي ماپ جو تعين ڪيو وڃي.

درين جي ماپ ڪمرن جي استعمال جي طريقي تي مدار رکي ٿي، ٿلھي ليکي انھن جي ماپ ھيٺ ڄاڻايل قاعدي مطابق رکي سگھجي ٿي؛

        دريءَ جي ويڪر 1/8 =  (ڪمري جي ويڪر + ڪمري جي اوچائي) i.e. Breadth of Window=1/8 (Width of room + Height of room) گالٽن (Galton) مطابق رھائشي گھرن لاءِ درين جي خالن جو مٿاڇرو ڪمرن جي ١٠٠ ڪعب فوٽ مقدار کان ١٢٥ ڪعب فوٽن پويان ھڪ مربع فوٽ ھئڻ گھرجي ۽ اسپتالن لاءِ اھو ٥٠ ڪعب فوٽن کان ٥٥ ڪعب فوٽن پويان ھڪ مربع فوٽ ھئڻ گھرجي.

        دروازن، درين ۽ انھن جي چوڪاٺن وغيره جي ماپ ۽ انھن ۾ لڳندڙ سامان جو تفصيل چارٽ نمبر ١ مطابق ھئڻ گھرجي.

        (Rebate) ½ انچ اونھي ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ جي ويڪر تاڪن جي پاسن وارين اڀين پٽين جيتري ھئڻ گھرجي.

        چؤڪال لڳائڻ کان پھرين چڱيءَ طرح جانچي ڏسڻ گھرجي ۽ اھي جاءِ جي ڪم جي پلنٿ ليول تائين پھچڻ کان پھرين تيار ھئڻ گھرجن جيئن وڌيڪ ڪم ھلڻ دوران انھن کي پختيءَ طرح ۽ صحيح نموني لڳائي سگھجي. انھن جي اوساريءَ سان لڳندڙ پاسي مٿان کين لڳائڻ کان پھرين ڏامر يا ڪنھن اوچي قسم جي ڪاري تيل (Solignum) جو تھھ ضرور لڳائڻ گھرجي جيئن انھن کي اڏوھيءَ جي کاڄ کان بچائي سگھجي ۽ انھن چوڪاٺن جي ٻين سڀني سطحن مٿان پرائيمر (Primer)  لڳائڻ گھرجي جيئن ڪم ھلڻ دوران پاڻي لڳڻ ۽ گرمي سرديءَ سبب اھي خراب نھ ٿين.

        چوڪاٺن کي اوساريءَ سان مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ واسطي ھولڊ فاسٽ (Hold fasts)  تاڪيد سان لڳائڻ گھرجن. ائين نھ ڪرڻ سان ڪم ھلندڙ عرصي يا پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪنھن بھ وقت انھن جي استعمال دوران اھي ڍرا ٿي نڪري سگھن ٿا ۽ انھن کي انھيءَ حالت ۾ قابو ڪرڻ تمام گھڻو ڏکيو آھي.

        ھولڊ فاسٽ لوھھ جي 1 ½ in.x ¼ in. سائيز جي سڌي پتيءَ جا ھئڻ گھرجن. انھن کي ٻنھي ڇيڙن کان ھڪ ٻئي جي مخالف رخ ۾ ائين موڙيو وڃي جيئن انھن ڇيڙن جي وچ وارو صاف مفاصلو 13 ¾ in.  رھي. ھڪ ڇيڙي کي ڀت اندر 1:5 جي تناسب واري سيمينٽ جي گاري سان لڳايو وڃي ۽ ٻئي ڇيڙي تي ½ in. جي قطر جي پيچن وارا سوراخ (Screwed holes)  ڪڍي چوڪاٺي جي ٻاھرينءَ اڀي سائيڊ مٿان ½ انچ جي قطر جي بلٽن رستي اھڙيءَ طرح جڪڙيو وڃي جيئن بلٽ جي ٽوپي (Head of the bolt) چوڪاٺي اندر پيھجي وڃي ۽ سوراخ ڪاٺ جي ٻوچن سان پوري ڇڏجن. ھر ھڪ چوڪاٺي ۾ لڳندڙ ھولڊ فاسٽن جو تعداد چارٽ نمبر ٢ مطابق ھئڻ گھرجي. چائنٺ نھ لڳائڻ جي صورت ۾ چؤڪاٺي جي ٻنھي پاسن کان ھڪ وڌيڪ ھولڊ فاسٽ لڳائڻ گھرجي.

        جاءِ جي ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ جيترو جلدي ٿي سگھي جاءِ جا تاڪ ٺاھي انھن کي ڇانو واري ھنڌ تي سٿي رکڻ گھرجي. انھن کي گھٽ ۾ گھٽ چئن مھينن تائين چپرون يا ٻي ڪا ڳنڍيندڙ (Glue) شيءِ نھ لڳائڻ گھرجي ۽ جتي ڪم کي جلدي پوري ڪرڻ يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري ائين ڪرڻ ممڪن نھ ھجي تھ انھن کي چوڪاٺي مٿان چاڙھڻ وقت چپرن يا گلوءِ سان ڳنڍڻ گھرجي ۽ انھيءَ ٽائيم  تي تاڪن جي ھر ڪنھن قسم جي نقص کي درست ڪرڻ گھرجي.

        تاڪن جي سڀني اڀين ۽ سڌين پٽين (Styles and rails) کي بالڪل صحيح طرح چوڙن ۽ سلن (Tennon and mortise) رستي جڪڙيو وڃي. چوڙ (Tennon) جي ٿولھھ تختن جي ٿولھھ جي ¼  حصي کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي ۽ ويڪر ٿولھھ کان ٥ دفعن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي. ٧ انچن کان وڌيڪ ٿلھين سڌين پٽين (Rails) ۾ بھ چوڙون ڪڍڻ گھرجن. سڀيئي چوڙون اڀين پٽين جي ٻاھرئين پاسي تائين چڱيءَ طرح گھڙيل ھئڻ گھرجن ۽ انھن کي ڪوڪن سان نھ پر سخت قسم جي ڪاٺ يا بانس (Bamboo)  جي 3/8 انچ قطر جي تيلين (Pins)  سان مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ گھرجي.

        سڀني سڌين پٽين ۾ تختن ڳنڍڻ واسطي گھربل گھرائيءَ تائين کانچا ڪڍڻ گھرجن.

        دروازن جي آخري جوڙجڪ وقت  چوڙن ۾ ضرور مطابق گلو يا گلو لڳل چپرن سان انھن کي پختو ڪرڻ گھرجي ۽ ائين ڪرڻ کان پوءِ ستت ئي انھن کي گلوءَ جي سيٽ (Set)  ٿيڻ تائين اشڪنجي سان جڪڙي قابو ڪرڻ گھرجي.

        تاڪ جي اڀي پٽيءَ ۽ چوڪاٺي ۾ انجيسن لڳائڻ کان پھرين انجيس جي سائيز ۽ ٿولھھ جيتري کڏ (Recess) ڇڏي وڃي ۽ ٥ کان ٦ انچن واري انجيس واسطي ٢ انچن جا اسڪرو ۽ انھيءَ کان ننڍي سائيز جي انجيس واسطي ڏيڍ انچن جا پيچ استعمال ڪرڻ گھرجن.

        دروازن ۾ لڳندڙ سمورو سامان چارٽ نمبر ١ مطابق ھئڻ گھرجي.

        ساڳ جي ڪاٺ (Teak wood)  ۽ ٻئي ھر عمدي قسم جي ڪاٺ جي دروازن ۽ درين ۾ ضرورت مطابق ڪنھن خاص قسم جي اھڙي سامان (Fittings)  لڳائڻ واسطي، جيڪو چارٽ ۾ ڄاڻايل سامان کان مختلف ھجي، تھ سرڪاري دستورن کي ۾ نظر ۾ رکندي، اھو سامان بازار مان خريدي پوءِ ٻنھي قسمن جي سامان جي قيمتن جي تفاوت مطابق ملائي بيھارڻ گھرجي. وڌيڪ مھانگي ھئڻ جي صورت ۾ وڌيل رقم ٺيڪيدار کي ڏيڻ گھرجي ۽ ساڳيءَ طرح سستي ھئڻ جي صورت ۾ ٺيڪيدار کان وصول ڪرڻ گھرجي.

/*(٣) ڪاٺ جي تختن ۽ شيشي جي چادرن وارن دروازن واسطي خاص ھدايتون

: (Panelled and Glazed Doors and Windows)

        مٿي ڄاڻايل عام ھدايتن سان گڏو گڏ، ھيٺ ڄاڻايل ڪجھھ وڌيڪ ھدايتن جو خيال رکڻ گھرجي.

        مٿيان چار پانيل يا سڀيئي پانيل شيشي جي چادر جا ھئڻ گھرجن. اڀين ۽ سڌين پٽين ۾ ھن قسم جي پانيلن ڦاسائڻ واسطي اڌ انچ جا (Rebates)  ٺاھڻ گھرجن.

        پانيل ھڪ ئي ٽڪر جا ھئڻ گھرجن ۽ انھن ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڳنڍ نھ ھئڻ گھرجي. ديال جي پانيلن جي صورت ۾ انھن جي ڊيگھھ يا ويڪر ھڪ ئي ٽڪر واري ۽ گھٽ ۾ گھٽ ١٢ انچن تائين ھئڻ گھرجي، جڏھن تھ ساڳ جي ڪاٺ (Teak wood)  جي حالت ۾ اھا گھٽ ۾ گھٽ ١٨ انچ ھئڻ گھرجي. وڏيءَ ماپ جي صورت ۾ اھڙي سائيز جا تختا ڪم آڻجن جيئن پانيلن ۾ گھٽ جوڙ رھن ۽ انھن کي گلوءَ سان پختيءَ طرح ڳنڍجي، جيئن استعمال دوران جوڙن کلڻ جو انديشو بلڪل نھ رھي.

        پانيلن کي رندي ذريعي اھڙو تھ عمديءَ طرح سان صاف ۽ لسو گھڙجي، جيئن انھن مٿان ھلڪي ۾ ھلڪو نشان بھ نھ رھي. شيشي کي پختيءَ طرح جڪڙڻ واريون  ڪاٺ جون پٽيون (Sash bars)  ڪم ايندڙ تاڪن جيتريون ٿلھيون ۽ ھڪ انچ کان سوا انچ ويڪريون ھئڻ گھرجن ۽ اھي سادي قسم جي سانچي ذريعي گھٽ ۾ گھٽ ٻھ دفعا گھڙيل ۽ فريمن اندر صحيح نموني ۾ ملايل ھئڻ گھرجن.

        (Rebates) جي سائيز ½ in. x 3/8 in. ھئڻ گھرجي، جيئن شيشي کي صحيح نموني ۾ ماپائي ۽ مضبوطيءَ سان جڪڙي سگھجي. شيشي لڳائڻ لاءِ اڳتي ھلي ڄاڻايل ھدايتن جو خاص خيال رکڻ گھرجي.

(٤) شيشي لڳائڻ لاءِ ھدايتون : (Glazing)

        شيشي لڳائڻ بابت پي-ڊبليو-ڊيءَ جي ڄاڻايل ھيٺين ھدايتن تي عمل ڪرڻ گھرجي.

        شيشو بلڪل چڱيءَ طرح سڌو ۽ لسو ھئڻ گھرجي، جنھن ۾ تر جيتري بھ اڻ برابري نھ ھجي.

        مختلف ماپن مطابق ھر مربع فوٽ لاءِ شيشي جو وزن ھيٺئين ريت ھئڻ گھرجي.

سائيز يعني ماپ

وزن

(ھر مربع فوٽ تي)

ٿولھھ

(ھر مربع فوٽ تي)

12x14 ماپ تائين

12x14 کان وڌ ۽ 24x24 تائين

24x24 کان وڌ ۽ 30x30 تائين

30x30 کان وڌ ۽ 36x36 تائين

36x36 کان وڌيڪ

١٦ آئونس

٢١ آئونس

٢٦ آئونس

٣٢ آئونس

پليٽ گلاس

اتڪل 1/14 انچ

1/10 انچ

1/9 انچ

1/7 انچ

¼ انچ

 

        شيشو ڦوڪڻن (Bubbles)، ڦوٽ، ڏارن، ڦڏائيءَ ۽ ٻيءَ ھر قسم جي خاميءَ کان آجو ھئڻ گھرجي. اھو اھڙي نموني ڪاٽجي جيئن (Rebates) ۾ چڱيءَ طرح ماپڻ کان پوءِ پانيل جي چوڌاري شيشي جي ڇيڙن (Edges)  ۽ ربيٽ جي وچ ۾ 1/16 انچن جي ھڪ جھڙي وٿي رھي.

        لاپي ٺاھڻ واسطي استعمال ٿيندڙ خالص ۽ عمدو چاڪ پائوڊر ايترو تھ سنھو پيٺل ھجي جيئن اھو ھڪ مربع انچ تي 45x45  خانن واري ڇاڻي مان ڇڻي وڃي ۽ ملائڻ واسطي ڪچو السيءَ جو تيل (Raw Linseed Oil)  استعمال ڪرڻ گھرجي. انھن ٻنھي کي ھٿن سان اٽي وانگر ڳوھي سخت قسم جي لئي (Paste)  ٺاھجي. بعد ۾ انھيءَ کي ١٢ ڪلاڪن کان پوءِ ننڍن ننڍن چاڻن جي صورت ۾ چڱيءَ طرح ڳوھي بالڪل لسو بنائڻ گھرجي. لاپي (Putty)  اگر سڪي وڃي تھ انھيءَ کي گرم ڪري چڱيءَ طرھ ڳوھي استعمال جوڳو بنايو وڃي. سنھي ربيٽ (Rebate)  جي حالت ۾ پٽي ٺاھڻ واسطي انھيءَ ۾ ٿورو سفيدو ملائڻ گھرجي. وڏن پانيلن ۾ شيشي جي تختن لڳائڻ ۽ پليٽ گلاس لڳائڻ لاءِ پٽيءَ ۾ ڪچي السيءَ جي تيل ۽ تمام سٺي قسم جي بالڪل باريڪ ۽ خالص پائوڊر سان گڏو گڏ انھيءَ ۾ پگھريل چرٻي يا وھھ (Tallow)  ملائڻ گھرجي جيئن اھا ملائم ۽ لچڪ واري رھڻ سبب شيشي جي پسرڻ جو مقابلو ڪري سگھي. ضرورت مطابق انھيءَ ۾ رنگ بھ ملائي سگھجي ٿو.

        ربيٽن (Rebates) کي پينٽ ڪرڻ کان اڳ اٻريل السيءَ جي تيل جو بنيادي تھھ چاڙھڻ گھرجي جيئن اھي پٽيءَ مان تيل چوھي نھ سگھن. ڪاٺ جي ڪم جي رنگ ڪرڻ سان گڏو گڏ پٽيءَ تي رنگ چاڙھبو وڃجي.

        شيشي جي تختن (Glass Panes)  کي موزون اسپرنگن وسيلي چئني پاسن کان پٽيءَ جي ٿلھي تھھ، جنھن کي “Back Putty”  چوندا آھن، مٿان صحيح پوزيشن ۾ بيھارجي، بعد ۾ انھن جي چئني پاسن مٿان ربيٽن (Rebates)  جي ٿولھھ برابر لاھيندو (Chamfered) تھھ چاڙھجي.

        ساڳ جي ڪاٺ (Teak wood) جي دروازن ۽ درين ۽ ١٢ انچن کان وڌيڪ ڊگھن شيشي جي پانيلن ۾ پٽي ھرگز استعمال نھ ڪرڻ گھرجي ۽ کين ڪاٺ جي سنھين پٽين (Fillets)  ذريعي قابو بيھارجي. سرڪاري ڪمن جي صورت ۾ ھن قسم جي وڌيڪ يا عليحدھ قيمت ھرگز ادا نھ ڪجي. اھي پٽيون دروازي جي نموني مطابق ساديون يا نموني واريون ۽ گھربل ٿولھھ جون ھئڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ شيشي کي ڪاٺ سان ڇھڻ کان روڪڻ واسطي شيشي جي چئني ڪنڊن ۽ ڪاٺ جي ڪنارن جي وچ ۾ چمڙي جا ننڍا واشر يا چرٻيءَ مليل پٽي استعمال ڪرڻ گھرجي.

        ڌنڌلي يا اونداھي شيشي (Blind or frosted glass) جي صورت ۾ ڌنڌلو پاسو ۽ پٽي ھڪ ٻئي کان پري ھئڻ گھرجن ۽ انھيءَ لاءِ ڪا بھ مزدوريءَ جي الڳ اجرت ادا نھ ڪجي.

        ٺيڪي ۾ ڄاڻايل مدي دوران شيشي جي ڍرائي ۽ ٻئي ھر قسم جي نقص کي بنا ڪنھن عليحدھ اجرت ادا ڪرڻ کان سواءِ واسطيدار ٺيڪيدار کان يا انھيءَ جي انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ انھيءَ جي خرچ تي صحيح ڪرائجي.

        سيشي جي ڪم کي تيستائين مڪمل نھ سمجھيو وڃي جيستائين اھو بالڪل صاف ۽ شفاف نھ ڪيو وڃي. کين اخبارن جي ڀِڳل ڪاغذ جي سٿين وسيلي صاف ڪري ڪنھن نرم قسم جي ڪپڙي لڳائڻ سان سڪايو وڃي. انھن کي صاف ڪرڻ لاءِ ھڪ ئي وقت شيشي جي ٻنھي طرفن کان الڳ الڳ ماڻھوءَ کي لڳايو وڃي.

        سرڪاري ڪمن جي صورت ۾ ½ انچ کان گھٽ وارن ماپ جي حصن کي ڪڍي ڇڏڻ گھرجي ۽ انھيءَ کان مٿي وارن حصن کي ١ انچ ڪري وٺجي. ربيٽ ھيٺان لڪل پاسن کي ماپ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. ڏنگن ۽ ڦڏن شبيھھ وارن حصن جي ماپ انھن اندر ٺھندڙ چؤڪنڊن مطابق ورتي وڃي.

(٥) ڄاريءَ جي دروازن بابت ھدايتون

: (Wire Gauzed Doors)

        جيستائين ڪي خاص ھدايتون نھ مليل ھجن تھ انھيءَ صورت ۾ ڄاريءَ جي دروازن جا تاڪ ديال جي ڪاٺ جا ھئڻ گھرجن، چاھي ساڳئي چوڪاٺ ۾ لڳل سالم ڪاٺ جا ٻيا دروازا ڪھڙي بھ قسم جي ڪاٺ جا ھجن.

        جيڪڏھن ڄاريءَ جي دروازن لاءِ الڳ چؤڪاٺو لڳائڻو پوي تھ انھيءَ چؤڪاٺي جي قيمت عليحدھ ادا ڪرڻ گھرجي.

        استعمال ٿيندڙ ڄاري ٢٢ گيج جي قلعيءَ چڙھيل ملمعي واري لوھھ جي ھئڻ گھرجي. اھا پختگيءَ سان ۽ ھڪ ئي انداز ۾ اڻيل ھجي ۽ انھيءَ ۾ ھڪ مربع انچ اندر 12x12 خانا ھئڻ گھرجن. ڄاريءَ ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڳنڍ ھئڻ نھ گھرجي ۽ اھا ھڪ ئي حصي يا ٽڪر ۾ ھجي.

        ڄاري بلڪل ٽاٽ ۽ سڌي پٿارجي، جيئن انھيءَ ۾ ذري جيترو بھ گھنج يا ڍرائي نھ ھجي. انھيءَ جا چارئي ڇيڙا (Rebate)  اندر چڱيءَ طرح سان داخل ھئڻ گھرجن. انھيءَ کي قابو ڪرڻ وارا پيچ (Screws)  سوا انچ کان گھٽ ڊگھا نھ ھئڻ گھرجن ۽ اھي وڌ ۾ وڌ ١٥ انچن جي مفاصلي تي لڳائڻ گھرجن. پٽين جا کليل پاسا سھڻي انداز ۾ گھڙيل ۽ لسا ھئڻ گھرجن.

        انھن کي خود بخود بند ٿيڻ واسطي عمدي قسم جي لوھھ جا اسپرنگ لڳائڻ گھرجن.

        ٻن تاڪن وارا ڄاريءَ جا دروازا اھڙي نموني ٺاھڻ گھرجن، جيئن ٻنھي تاڪن جي ھڪ ٻئي سان ملڻ واري وچ تي انھن جي ٻنھي اڀين پٽين ۾ سنھي چير جيترو بھ خال نھ رھي. تاڪ ايتري حد تائين بند ٿيڻ گھرجي، جيئن تاڪ جي ھر فوٽ جي ويڪر پويان چوڪاٺي جي ڳانڍاپي وٽ تاڪ ھڪ انچ نڪري ۽ وڏي بيھي. چوڪاٺي جي مٿين ٻانھين ۽ چائنٺ وٽ پڻ اھي انھيءَ انداز ۾ وڌائڻ گھرجن.

        جيڪڏھن ڪنھن خاص نموني جي تاڪ لاءِ تاڪيد ڪيل نھ ھجي تھ ڄاريءَ واري تاڪ جون سڌيون پٽيون، جھڙوڪ مٿين سڌي پٽي (Top rail) ۽ وچين سڌي پٽي (Lock rail) ، انھيءَ ساڳئي چوڪاٺ مٿان چڙھيل ٻئي درجي تاڪ جي پٽين جي ويڪر ۽ پوزيشن مطابق لڳائڻ گھرجن.

(٦) ڄاريءَ جي درين بابت ھدايتون

: (Wire Gauzed Windows)

        انجيسن ذريعي لڳل کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ (Moveable)  درين واسطي ڄاريءَ جي درن وارين ڄاڻايل ھدايتن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انھيءَ سان گڏو گڏ ھيٺ ڄاڻايل ڦير گھير (Modifications)  کي پڻ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي.

        (i) تاڪن مٿان خودبخود بند ٿيڻ واسطي اسپرنگ نھ لڳايا وڃن.

        (ii) ٻن تاڪن وارين درين جي بند ڪرڻ سان پاڻ ۾ وچ تي ملندڙ اڀين پٽين (Meeting styles)  کي دروازن وانگر ڪجھھ وڌي اچڻ نھ گھرجي ۽ ٻاھريون ٻئي اڀيون پٽيون چؤڪاٺي سان ملي اچڻ (Flush) گھرجن.

        (iii) درين جي تاڪن کي ھوا يا ڪنھن ٻئي زور تي بنا ضرورت جي بند ٿيڻ کان روڪڻ واسطي چؤڪاٺي ۾ انجيسن سان لڳل چپڙيون (Hinged Chocks)  استعمال ڪيون وڃن ۽ چؤڪاٺي جي ٻنھي اندرين اڀن پاسن مٿان ڪاٺ جا گٽڪا (Stops)  لڳايا وڃن، جيئن ڀتين جي پاسن جو پلستر نھ ٽٽي.

(٧) کتل ڄاريءَ بابت ھدايتون

: (Fixed Wire Gauze)

        ھنن ۾ استعمال ٿيندڙ ڄاري مٿي ڄاڻايل ڄاريءَ جي خاصيتن واري ھئڻ گھرجي ۽ سڀئي خانا ڄاريءَ جي ھڪ ئي ٽڪر جا، بلڪل سڌا ۽ ٽاٽ ھئڻ گھرجن ۽ انھن ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڳنڍ ۽ ڍرائي نھ ھئڻ گھرجي. اھا ڄاري چؤڪاٺي جي پوري ويڪر تائين ھجي، جنھن کي ڪوڪن سان چؤڪاٺي جي چئني پاسن مٿان ڪوڪن رستي صحيح پوزيشن ۾ قابو ڪيو وڃي. بعد ۾ انھن چئني پاسن مٿان چؤڪاٺي جي ويڪر جيتري ¾ انچ ٿلھي پٽي سوا انچ وارن اسڪرن وسيلي اھڙيءَ طرح لڳائي وڃي، جيئن چؤڪاٺي جو ڪجھھ حصو ظاھر رھي ۽ ھر ٻن اسڪرن جي وچ ۾ ٩ انچن کان مٿي مفاصلو نھ رھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org